سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:18 

سنڌي لسانيات جي ماهر سراج کي سلام

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

انگريزي ٻوليءَ جي لفظن Language ۽ Linguistics جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ عام طور تي هڪ ئي يعني ”ٻولي“ ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته انهن لفظن جون ڌار ڌار معنائون آهن، لينگئيج جي معنيٰ ٻولي زبان، ڀاشا، 1: ماڻهن جي وچ ۾ صوتي ۽ تحريري اشارن ۽ آوازن ذريعي رابطو 2: رابطي جي ڪا به صورت، نشانن جو ڪمپيوٽر ۽ خاص طرح وارو استعمال ٿيندڙ لاڙو يا طريقو 3: ڪنهن قوم جي مخصوص ٻولي، 4. ڪنهن ماڻهو، گروهه يا ڪنهن ڌنڌي جي خاص ٻولي يا لهجو وغيره.

لنگسٽڪس جي معنيٰ آهي لسانيات. 1: ٻوليءَ جو علم يا سائنس، 2: ڪنهن خاص ٻوليءَ جو اڀياس (سنڌيڪا ڊڪشنري).

سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار آهي، ٻوليءَ جي ماهرن ۾ به شاهوڪار آهي، پر لسانيات جي ماهرن ۾ ڏاڍي غريب آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا لسانيات جا ماهر آهن، انهن ماهرن جي جيڪڏهن تاريخ ڏسنداسين ته گهڻي ڀاڱي انگريزن کان شروع ٿيندي، انگريزن کان جيڪڏهن ڳڻپ ڪجي ٿي ته انگريز عالمن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، آفتاب ابڙو ۽ شايد ڪجهه ٻيا شامل آهن، انهن سڀني ۾ رڳو ٽي عالم اهڙا آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجا نظريا ڏنا آهن، انهن عالمن ۾ ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سراج الحق ميمڻ اچي وڃن ٿا.

سراج الحق ميمڻ کان اڳ ۾ جيڪي نظريا آيا، اُهي هئا:

1. سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنسڪرت ڄائي آهي، (ڀيرومل مهر چند آڏواڻي)

2. سنڌي ٻولي سامي سٿ جي ٻولين مان ڦٽي نڪتي، ٻين لفظن ۾ سنڌي ٻولي عربي، عبراني ۽ ٻين ٻولين مان ڄائي. (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

انهن ٻنهن نظرين جي حق ۾ مختلف عالمن جا رايا دليل ۽ حوالا ڏنا ويا آهن، سراج صاحب اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن انهن ٻنهي نظرين سان اختلاف ڪندي پنهنجي تحقيق وسيلي ثابت ڪيو ته سنڌي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي  ڄائي ناهي، اها پاڻ هڪ مڪمل ٻولي آهي، ان تي سامي سٿ، سنسڪرتي ٻولين ۽ ٻين ٻولين جا گهرا اثر آهن، هنن ٻولين هڪ ٻئي کي لفظ ڏنا ۽ ورتا آهن، ان حوالي سان هن وڏي کوجنا ڪري مختلف مثال ڏنا آهن.

سراج صاحب جي ان نظريي کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ مڃتا ملي، خاص طور تي جڏهن اسان دعوا ڪندا آهيون ته هزارين سال قديم تهذيب جا وارث آهيون، ماضيءَ ۾ سنڌي قوم تمام گهڻي قابل، مهذب، ترقي يافته ۽ عظيم هئي، وغيره وغيره. ثابتيءَ لاءِ موهن جي دڙي جو مثال ڏيندا آهيون، موهن جي دڙي جي آثارن مان اسان کي جديد نظام جون اهي سموريون سهولتون ۽ رٿابنديون مليون آهن، جيڪي اسريل ملڪن ۾ هن وقت رائج آهن، ڊرينج سسٽم، آبهوا مطابق اڏاوت، مارڪيٽ، تعليمي ادارا، عبادتگاهون، ڦيٿو (گاڏي) وغيره وغيره. پنج ڇهه هزار سال پهريان سنڌ جي دنيا ۾ اها حيثيت هئي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪيڏو عروج هوندو ؟ ان لاءِ تاريخون خاموش آهن، موهن جي دڙي مان مليل نشانيون، مهرون، ٺپا وغيره پنڊ پهڻ لڳا پيا آهن، انهن کي دنيا وارا پڙهي نه پيا سگهن. سرجان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري اسان جي تهذيب کي مڃتا ڏياري، جڏهن ته سراج ميمڻ ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پنهنجو نظريو ڏئي، سنڌي ٻوليءَ کي اها مڃتا بخشي ته جيئن سنڌو تهذيب ڪنهن ٻيءَ تهذيب مان ڦٽي نه نڪتي آهي، تيئن سنڌي ٻولي به ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي ڪک مان نه نڪتي آهي.

هن موهن جي دڙي مان مليل مهرن کي پڙهڻ جي به وڏي ڪوشش ڪئي، لڌل نشانين جون پڙهڻيون به مقرر ڪيون، هو سڄي زندگي، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهيو، هڪ طرف ته هو تحقيقي ڪم ڪندو رهيو، جيڪو مختلف ڪتابن ۽ مقالن جي صورت ۾ عوام تائين پهچندو رهيو، سندس اهو پورهيو ادب جي مختلف صفحن جهڙوڪ : تحقيق، ناول، ڪهاڻي، مضمون، مقالي ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ آهي.

ٻئي طرف هو نوجوانن کي خاص طور تي لسانيات جي شعبي ۾ تحقيق لاءِ همٿائيندو رهيو، مون کي ياد آهي ته سراج صاحب هڪ ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو نوجوان سنڌي لسانيات ۽ موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهڻ لاءِ تحقيق جو ڪم شروع ڪندو ته آءٌ ان کي اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ تيار  آهيان، پر بدقسمتيءَ سان نوجوان انهن موضوعن کان پري ڀڄن ٿا، اسان جي تعليمي ادارن جهڙو ڪ: سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي لسانيات ۾ ايم اي نه ڪرائي ويندي آهي، لسانيات هڪ سائنسي علم آهي، جنهن لاءِ ليبارٽري به ضروري هوندي آهي، يونيورسٽين جي سنڌي شعبن وٽ ان قسم جي ڪا به سهولت ناهي، نتيجي ۾ لسانيات تي جيڪو ٿورو ڪم ٿئي به ٿو ته اهو گهڻي ڀاڱي غير سائنسي بنيادن تي ٿئي ٿو، تنهن کان سواءِ يونيورسٽين ۾ لسانيات جي ماهرن جي به کوٽ آهي.

سراج صاحب جي ڪيل ڪم مان سکڻ ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ سڀني ادارن کي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، سراج صاحب جو وڇوڙو سنڌي لسانيات لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهي، خدا ڪري ته اسان سراج صاحب کي خراج پيش ڪرڻ ۽ افسوس ڪرڻ کان سواءِ سنڌي لسانيات لاءِ به ڪجهه ڪري سگهون.

 

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول

عمر قاضي

سنڌي ساهت ۽ صحافت جي ڪارونجهر جهڙي انسان سراج ميمڻ جي موت جي خبر کي ٽي.ويءَ جي ان ٽِڪر وڌيڪ افسوس جوڳو بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ لکيل هو ته ’سُڌ سماءُ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چاچو ۽ سنڌي دانشور سراج ميمڻ گذاري ويو.“

جي ها! هن وقت اسان اهڙي دور ۾ جيئڻ جي سزا مان گذري رهيا آهيون، جنهن ۾ ادب ۽ دانش کان وڌيڪ اهميت اُن سياست جي آهي، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ اقتداري سياست يعني Power Politics ڪوٺيو ويندو آهي، پر سراج ميمڻ پاور پاليٽڪس جي پُرڪشش ڄار جو قيدي شخص نه هو. هن جي دل اُن سنڌ سان اڙجي وئي هئي، جيڪا صدين کان وٺي غلام رهي آهي. هو سنڌ سان ائين محبت ڪندو هو، جيئن ڪوئي باغي پنهنجي قيدي محبوبا سان ڪندو هجي. ان تصوراتي محبت جي طلسماتي ڪيفيت ۾ رهندي، هُن جيڪو به لکيو سو اُن دور جي پڙهندڙن جي دلين تي چِٽجي ويو. هن سنڌ سان پيار ڪرڻ جي سفر ۾ صرف هن ديس جي تاريخ جا طوفانن ۾ اڏامي ويل ورق تلاش ڪري نه پڙهيا، پر هن موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي به پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن سنڌ جو سياسي ماحول هُن جي تصور سان تال ميل کائڻ جهڙو نه هو ته هن پنهنجي لاءِ الڳ دل جي دنيا جوڙي. اها دنيا جيڪا هن جي ناولن ۾ آهي. هي وقت نه آهي، جو مان سندس ناولن جي فني ۽ فڪري پهلوئن تي بحث ڪريان، پر ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ڪندو ته سراج جيڪو ڪجهه به لکيو، سو مڃتا جي لاءِ نه، پر سنڌ سان محبت جي لاءِ لکيو. هن جا اهي ناول جيڪي سنڌ جي تاريخ کي موجوده دور ۾ منفرد انداز سان پيش ڪري رهيا هئا، تن تي جيڪڏهن ڊراما ٺاهيا وڃن ته ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جهڙو سنڌ جو ڪيس ڪافي حد تائين سِير تي اچي سگهي ٿو. پر سوال آهي ته اهو ڪم ڪير ڪري؟ اسان جي سنڌي چينلن جي مالڪن کي پنهنجي شهرت حاصل ڪرڻ مان فرصت ڪانهي، پر اهو ڪم ”هم ٽي.وي“ جي مالڪ سلطانه صديقي به ته نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته هوءَ اها سنڌي خاتون آهي، جنهن جي دل ۾ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ هڪ احساس محسوس ٿيندو آهي ۽ هن جو چينل آهي به ڊراما چينل! ان ڳالهه جو ذڪر مان اُن ڪري ٿو ڪريان ته منهنجي خيال ۾ سراج ميمڻ کي ان کان وڌيڪ ڀرپور ڀيٽا ٻي ڪابه نه ٿي ڏئي سگهجي، جو هن جا ناول ڊراماٽائيز ڪيا وڃن.

پر سراج صرف اديب نه هو. هن جو سڀ کان وڏو ڪنٽريبيوشن بلڪ هڪ حد تائين هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو صحافت جي کيتر ۾ هڪ سرڪاري اخبار کي سڀ کان مٿي کڻي اچڻ هو، جنهن وقت سراج ميمڻ ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر ٿيو، تنهن وقت ۾ اها اخبار پيپلز پارٽيءَ جي ملڪيت هئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي دور اقتدار ۾ هن پنهنجي صحافت کي ايترو ته متوازن رکيو، جو اڄ ڏينهن تائين ان اخبار جو تذڪرو ٿيندو رهندو آهي، جنهن اخبار جو انتظار سنڌي ماڻهو پنهنجي شهرن جي اسٽيشنن تي بيهي ڪندا هئا، ڇو ته ان دور ۾ ٽيڪنالاجيءَ ايتري ترقي نه ڪئي هئي ۽ هلال پاڪستان ڪراچيءَ مان شايع ٿيندي هئي ۽ اها اُن ريل رستي ايندي هئي، جيڪا سانجهيءَ جو سنڌ جي مٿانهن علائقن ۾ پهچندي هئي، پر اها اخبار ٻي ڏينهن تائين پراڻي نه سمجهي ويندي هئي، ڇو ته ان اخبار ۾ اهڙا مضمون شايع ٿيندا هئا، جن کي پڙهي سنڌي ماڻهو عالمي معاملن کان آگاهه ٿنيدا هئا. اها اخبار سنڌي ماڻهن جي ذهني تعليم ۽ تربيت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي هئي. ان اخبار ۾ امر جليل جا اهي ڪالم به هوندا هئا، جن کي سنڌ جا نوجوان اعجاز منگيءَ جي ڪالمن وانگر عشق سان ڀريل دل واري ديد سان پڙهندا هئا. هاڻي به سنڌ ۾ اهو نسل موجود آهي، جنهن کي ”تنهنجيون منهنجيون ڳالهيون“، پنهنجي روح مان نڪتل رڙين وانگر محسوس ٿينديون هيون. اهي ڪالم اخبار مان ڪٽي سنڌي نوجوان پنهنجي ڊائرين ۾ سنڀالي رکندا هئا ۽ پنهنجين محبوبائن کي پيار سان پڙهائيندا هئا. ان اخبار ۾ سراج ميمڻ جيڪي ايڊيٽوريل لکندو هو، انهن ۾ هن خاص طور تي سنڌ جي غريب ماڻهن جا درد بيان ڪيا ۽ اسان ان دور م پهريون ڀيرو مظلوم قوم جي انساني حقن جو شعور حاصل ڪيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ هڪ ماڻهوءَ جا هٿ وڍيا ويا هئا، ان تي سراج ميمڻ جو لکيل ايڊيٽوريل ’ارتقا جي سفر ۾ انساني هٿن جو ڪردار‘ جهڙي انداز سان پيش ڪيل هو، تنهن جو مثال اڄ ڏينهن تائين حاصل ڪري نه ٿو سگهجي. ان دور ۾ ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سراج ميمڻ پنهنجا لفظ دل جي گهري سمنڊ مان موتين وانگر ڪڍي سٽن ۾ پوئيندو ويندو هو.

اڄ اسان وٽ سراج ميمڻ نه آهي، پر صرف ۽ صرف هن جي لفظن جا پڙاڏا آهن. هو جنهن ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جهڙو ناول لکي سنڌ جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو سراج ميمڻ جنهن ڪيترن ئي سنڌي ليکڪن کي اتساهيو ۽ هن جي لفظن ڪيترن ئي قلم ڪارن کي جنم ڏنو. هو پوري دور جو وڏو ليکڪ هو. هن کي يقين هو ته اها سنڌ ضرور اکيون کوليندي، جنهن کي ’غلاميءَ جي ڪوما‘ ۾ ڌڪيو ويو آهي. هن پنهنجي ديس کي دل سان پڪاريو ۽ سنڌ ۾ هن وقت جيتري به سجاڳي آهي، ان ۾ سراج ميمڻ جي حصي کي فراموش ڪرڻ هڪ تمام وڏو ڏوهه هوندو: ڇو ته سراج ميمڻ هڪ دور جو سڀ کان وڏي واڪي سچ هو. هو جڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکندو هو. تڏهن اسان جي ذهنن ۾ پوري عالمي ادب جا ڪتب خانا کلي پوندا هئا. سنڌ سان اهو هڪ وڏو هاڃو رهيو آهي ته سنڌ ۾ تمام ٿورڙا اديب گهڻو پڙهيل رهيا آهن. سراج ميمڻ انهن مان هڪ هو. هن جو ذوق تمام بلند ۽ هن جو مطالعو تمام وسيع هوندو هو. هن جي خواهش هئي ته سنڌي ادب جو معيار عالمي معيار کي رسي ۽ ان سلسلي ۾ هن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. هو جنهن به نوجوان سان ملندو هو، تنهن کي انگريزي ادب پڙهڻ تي اتساهيندو هو ۽ مون کي ياد آهي ته اهڙا انسان سنڌ ۾ صرف ٻه هئا: هڪ اياز ۽ ٻيو سراج. انهن جي ڪري سنڌي نوجوانن عالمي ادب کي پڙهيو ۽ انهن جي ذهنن ۾ تمام گهڻي ڪشادگي آئي.

سراج ميمڻ کي زندگيءَ جي پوئين دور ۾ ان ڳالهه جو احساس ٿيو هو ته جيڪڏهن سنڌ کي جيئارڻو آهي ته پوءِ سنڌ ۾ بهترين تعليم جو بنياد رکڻو پوندو. ان سلسلي ۾ هن بنگال جي عظيم شاعر ٽئگور وانگر هڪ مثالي نوعيت جو تعليمي ادارو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن محمد ابراهيم جويي کي پنهنجي پاران حيدرآباد ۾ هڪ عمارت به ڏني ۽ ڏوڪڙ به ڏنا ته هو اهڙو ادارو ٺاهي، پر ادارن جي پويان صرف انساني ڪاوشون هونديون آهن. جيڪڏهن ادارا صرف پئسن ۽ جڳهن سان ٺهن ها ته پوري دنيا ۾ لکين مثالي تعليمي ادارا موجود هجن ها. ان ڪري سراج ميمڻ جي تمام گهڻي آرزوءَ جي باوجود به اهو تعليمي ادارو ٺهي نه سگهيو. مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته جيڪڏهن اهو ڪم سراج ميمڻ پنهنجن هٿن ۾ کڻي ها ۽ اهو تعليمي ادارو پاڻ ٺاهي ها ته اسان وٽ تعليم جي حوالي سان ’شانتي نڪيتن‘ جهڙو ادارو هجي ها.

سراج ميمڻ جي دل جي دنيا ۾ شعور ۽ احساس جا سمورا رنگ ڀرپور انداز سان موجود هوندا هئا. اهي سمورا رنگ ڪالهه رُسي ويا ۽ سنڌ کي روح جي رنگن سان رڱيندڙ آرٽسٽ اسان کي ان دنيا ۾ ڇڏي ويو، جيڪا دنيا اسان کي هن جي لاڏاڻي جو اطلاع به ائين ٿي ڏئي ته، ”سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چامو ۽ سنڌي دانشور سراج ميمڻ گذاري ويو!“

(روزاني عبرت، 04 فيبروري 2013ع)

 

سنڌي ٻولي ۽ سراج الحق ميمڻ

نواز ڀُٽو

پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ جو اونو انهن کي هوندو آهي، جيڪي پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ سان چرين وانگر عشق ڪندا آهن. اهي جڏهن ڳالهائيندا آهن ته انهن مان ڪڏهن مارئي ڳالهائيندي آهي ته ڪڏهن سسئيءَ جا سور نظر ايندا آهن ته ڪڏهن حق موجود، مي رقصم ۽ انا الحق جون صدائون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. انهن جون نگاهون آئيندي کي ڏسي رهيون هونديون آهن، جنهن ڪري انهن جي پيشانيءَ تي هميشه گهنج ڏسڻ ۾ ايندا آهن: ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت جي چنتا، انهن کي اندران ئي اندران کائي رهي هوندي آهي. مون جڏهن ’مرڻ مون سين آءُ‘ پڙهيو ته سراج الحق ميمڻ سان ملڻ جو چاهه پيدا ٿيو، جڏهن سراج سان ملاقات ٿي ته ساڻس ڳالهائڻ لاءِ نه، ته مون وٽ لفظ هئا ۽ نه سوال! سڀ ڪجهه ائين گم ٿي ويو، ڄڻ ريلوي استيشن تان ڪنهن مسافر جو سامان کڄي ويو هجي. سراج پائيپ کي دُکايو ۽ ڪش هنيو ته تماڪ جي خوشبوءِ هر پاسي ڇائنجي ويئي. سراج الحق ميمڻ پڇيو ته ”جي بابا! چئو ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“ مون وراڻيو ته ”سائين، اوهان جي شخصيت ئي اهڙي آهي، جو سڀ ڪجهه وسري ويو. توهان ڪم ٿا پڇو ۽ مان اتي پاڻ وڃائي ويٺو آهيان.“ جنهن تي سراج مُرڪيو. ائين ئي پهرين ملاقات جا عجيب تاثرات کڻي اتان هليو آيس، پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته جنهن سان ڳالهائڻ جي سگهه نه ٿو ساري سگهان، اُنهن جي رهنمائيءَ ۾ ڪنهن اخبار ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. مون سراج کي سمجهڻ لاءِ ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ترجمو)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون)،
’سنڌي ٻولي‘ (تحقيق)، ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ (ناول)، ’مرڻ مون سين آءُ‘ (ناول)، ’اٺون ماڻهو‘ (ڪهاڻيون)، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘
 
(ناول)، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ (ناول) پڙهي لاٿا، پر سمجهه ۾ پوءِ به ڪجهه نه آيو، پر جيئن جيئن ملاقاتن سان سلسلا وڌيا، هاءِ ڪورٽ ۾ ڪچهريون ٿيڻ لڳيون، تڏهن سمجهه ۾ آيو ته شايد مان سمنڊ جو ٻيو ڪنارو ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان يا شايد سمنڊ جو انت. سراج پنهنجي ٻوليءَ جي باري ۾ انتهائي حساس هو. هن جو چوڻ هو ته سنڌي صحافت سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جو اهم ڪارڻ آهي. غير تربيت يافته، مطالعي کان خالي، ڀٽائيءَ ۽ سچل کان اڻواقف سرڪاري نوڪر صحافي ٿي ويا آهن ته پوءِ اُن جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي پوڻ کان ڪير به نه ٿو روڪي سگهي. ان لاءِ سنڌ سرڪار کي واضح پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، پر لڳي نه ٿو حڪومت ڪو قدم کڻندي. ڇاڪاڻ ته شايد سرڪار پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو زوال چاهي ٿي. ڪو دور هو جو سنڌي اخبار ۾ سنگل ڪالم جي خبر شايع ٿيڻ تي به طوفان مچي ويندو هو، پر هاڻي سڄي اخبار ڀري ڇڏڻ سان به ڪو فرق نه ٿو پوي. پوندو به ڪيئن، اسان جي اسيمبلي قرارداد پاس ٿي ڪري ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيو ۽ سرڪار اُن قرارداد کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ٿي ڇڏي.

سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ اڳ ۾ قائم دليلن کي رد قرار ڏيندي، پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ۾ هڪ نئون نظريو پيش ڪيو. اُن ڪتاب ۾ ٻوليءَ بابت هن جي راءِ هئي ته سنڌي ٻولي ڪنهن تي به انحصار نٿي ڪري. جڏهن ته سنسڪرت تي سنڌي ٻوليءَ جا ٿورا آهن، ڇو ته اها اڄ تائين به سنڌي ٻوليءَ جي ڄائي تصور ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته سراج الحق ميمڻ پنهنجي ئي ڪتاب ۾ آرين جي وجود کان ئي انڪار ڪيو آهي. ان ۾ سندس چوڻ هو ته آرين جو وجود ئي نه هو، اُن ڪري انهن جو ’سپت سنڌو‘ ۾ موجود هجڻ يا نه هجڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. آءٌ آرين جي وجود کان انڪاري آهيان. سنڌي ٻوليءَ بابت هن جو نظريو هو ته سنسڪرت نه بلڪ سنڌي ٻوليءَ جو بنياد سنڌي تمدن ۽ موهن جو دڙو آهن. هن پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مقام متعين ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي اندرين ۽ ٻاهرين شاهدين تي انحصار ڪيو آهي، پر تنهن باوجود ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج جو اهو نظريو قبول نه ڪيو ۽ ان جي جواب ۾ هڪ مضمون لکيائين، جنهن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي راءِ هئي ته اهو نظريو ڪو نئون ناهي. اهڙي ئي راءِ ڀيرومل ۽ گنگارام سمراٽ پيش ڪري چڪا آهن. هن جو چوڻ هو ته سراج طرفان اهڙا جواز پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته موجوده سنڌي، سنسڪرت کان آڳاٽي سنڌو ماٿر جي قديم زبان آهي، جنهن مان سنسڪرت نڪتي آهي. اهو ئي سبب هو، جو غلام علي الانا جي سراج الحق ميمڻ بار بار ترديد ڪندو رهيو ۽ آرين جي وجود کان انڪاري رهيو. الانا صاحب توڙي الانا صاحب جي همعصرن جي تنقيد جي باوجود به هو پنهنجي موقف تان رتيءَ برابر نه هٽيو. ان مان صاف ظاهر آهي ته سراج پنهنجي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ان جي تاريخي اهميت کان چڱيءَ ريت واقف هو، جنهن ڪري هو سخت موقف اختيار ڪرڻ کان به نه مڙندو هو. جيئن هو افسانه نگار ڪمال جو هو، تيئن هن صحافت جي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو. هن هميشه قلم جي عصمت کي پنهنجي ذات کان مٿانهون رکيو. هن جا لکيل ايڊيٽوريل توڙي ڪالم انتهائي سخت پر مدلل هوندا هئا. هو دليل کان سواءِ ڪڏهن به ڪا ڳالهه نه ڪندو هو. توڙي جو سراج گهٽ ڳالهائيندڙ طبعيت جو مالڪ هو، پر هن جي زبان کي لفظن جي مفهوم توڙي گهرائيءَ جي خبر هئي. سراج جي هميشه ڪوشش رهي ته هن جي واتان ڪو اهڙو لفظ نه نڪري، جيڪو ڪنهن ٻئي جي لاءِ اذيت جو ڪارڻ بڻجي. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري منهنجي هڪ رپورٽ شايع ٿي. ٻئي ڏينهن هاءِ ڪورٽ ۾ جڏهن ملاقات ٿي ته انهن مون کي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته چيف جسٽس تنهنجي اُن خبر جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي. تون رجسٽرار سان ملي وٺ ۽ تنهنجي اُن رپورٽ تي مون کي بي پناهه خوشي ٿي آهي. سراج ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مهربان دوست، استاد ۽ رهنما جيان نظر ايندو هو. جيڪڏهن پيار ۽ رهنمائي ڪندو هو ته هو دڙڪا به ڏيندو هو. اڄ سراج الحق ميمڻ اسان ۾ ناهي ۽ ائين ٿو لڳي ته سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ اهم مورچي جو محافظ مورچو خالي ڪري هليو ويو هجي ۽ هن مورچي کي سنڀاليندڙ پري پري تائين ڪو نظر نه ٿو اچي. سنڌ کان اُن پٽ موڪلايو آهي، جيڪو سندس مان ۽ مرتبي جي تحفظ لاءِ هر ميدان تي قلم کي هٿيار بڻائي، جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو.

 

اچو ته سراج صاحب جي زندگيءَ کي ملهايون

ڊاڪٽر ايوب شيخ

24 آڪٽوبر 1933ع کان 02 فبروري 2013ع تائين جا 79 ورهيه، جيڪي سنڌ جي محنتي، سڄاڻ ۽ سنڌ دوست دانشور ۽ ٻوليءَ جي ماهر ۽ ايڊيٽر محترم سراج الحق ميمڻ گذاريا آهن ،سي   قيمتي ۽ املهه آهن، انهن ۾ ندامت ۽ پريشاني ڪانهي، انهن ۾ اورچائي۽ مڙس ٿي بيهڻ جي ڳالهه موجود آهي. انهن ورهين ۾ سندن پاران جيڪا محنت ڪئي ويئي، جيڪي ڪتاب لکيا ويا، جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ويا، يا جيئن هن ”هلالِ پاڪستان“ جي ايڊيٽري ڪئي، ڪالم لکيا، ڪيئي اديب پيدا ڪيا، ڪيترن کي سهارو ڏنو ۽ انهن ڳالهين سان گڏ وڏي ڳالهه ته روشن خيال، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ۽ جمهوريت پسند  دانشور  طور پنهنجي زندگي گذاري ۽ آخري دم تائين ايمان جي حد تائين روشن خياليءَ کي پُٺي نه ڏني ته اهڙي املهه ماڻڪ جي حياتيءَ کانپوءِ ڏُک بدران اهڙي حياتي گذارڻ تي خوشي ڪجي ۽ اهڙي سورمي جي حياتيءَ کي ملهائڻ گهرجي.

سراج صاحب ٽنڊي ڄام ۾ ڄائو ته وقت جي جوتشين ان دور جي پوليس وارن، ميرن ۽ پيرن کي خبردار ڪيو هو ته سندن علائقي ۾ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهي، جيڪو عورتن جي تعليم جو حامي آهي، جيڪو سندن ڪُند ذهن روايتن جو مخالف آهي، جيڪو انگريزن ۽ انهن جي آپيشاهين جي خلاف آهي. اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ انگريزن توڙي بمبئيءَ وٽ گروي ٿيل هئي، ٽندوڄام هڪڙو ڳوٺ هو. جناب سراج اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو هو، جتي علم بدران جوتشين وسيلي زندگيءَ جا دڳ ڳوليا ويندا هئا. پر هن جي لاءِ وڏو سهارو سندس والد جناب محمد يعقوب ميمڻ هو، جيڪو پاڻ تعليمي شعبي سان واڳيل هجڻ ڪري فارسي جو ماهر هو ۽ هن پاڻ ايران جي مشهور شاعر خواجه شمس الدين محمد حافظ شيرازي (ڄم: 1325 ۽ وفات 1389) جيڪو ”حافظ شيرازي“ جي نالي سان مشهور هو، تنهن جي ڪُل دانش ۽ مايا ”ديوانِ حافظ“ جو ترجمو ڪيو هو. سراج صاحب ننڍي هوندي والد جي تربيت ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن پنهنجو تخلص رکيو ”بسمل“ (اڌ ڪٺل) ان تخلص يا قلمي نالي مان ئي اُن زماني جي تصوير جا نقش سندس ذهن تي موجود ڏسي سگهجن ٿا. سراج صاحب 19 ورهين جي ڄمار ۾ ننڍي کنڊ جي مشهور ناولسٽ ڪرشن چندر جو ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“ جو ترجمو، جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي چوڻ تي ڪيو هو. ان ڪتاب تي پڻ سنڌيڪار جو نالو ”سراج الحق ”بسمل“ لکيل آهي. هڪ ڏينهن سراج صاحب جي تخلص تي سندس والد صاحب اعتراض واريندي چيو هو ته ”جيئرن کي ڪٺل نه هجڻ گهرجي“.

مسٽر يعقوب ميمڻ صاحب کي ڇهه پٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون. گهر ۾ مسئلو پٽن جو نه، پر نياڻين جي تعليم جو پيدا ٿيو. مائٽن ۾ شور اٿيو. راويتن جا ”امين“ ۽ ”روايت شڪن“ اٽڪي پيا. محمد يعقوب ميمڻ سراج صاحب جي تعليم کي ڳوٺ ۾ پورو ڪرائي پنهنجي پنجن نياڻين جي تعليم جو جهنڊو اوچو ڪيو. چوڌاري رڙ پئجي ويئي. هڪ ڏينهن سراج صاحب پنهنجين ڀينرن سان گڏجي، نياڻين ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجي جنم ڀومي ، ڳوٺ ۽ لڳ لاڳاپا ٽوڙي حيدرآباد پهتو. انهن نياڻين مان ٻن کان اوهان واقف آهيو، جن ۾ هڪ ادي ڊاڪٽر فهميده حسين آهي ۽ ٻي انيس حسين آهي.

نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. اها تعليم پڙهي هن  سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهرين نوڪري 1953ع ۾ ڪئي. اتي ئي ٻن سالن کانپوءِ 1955ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ”ون يونٽ“ جي ڪري سنڌ جو هاڪارو رسالو ”مهراڻ“ وڏي ڏچي ۾ اچي ويو . اهڙين حالتن ۾ هن وڌيڪ پڙهڻ جو خيال ڪيو .

1957ع ۾ سي.ايس.ايس جي امتحان ۾ سندس زباني امتحان دوارن هڪ ڄڻي کانئس پڇيو هيو ته ”سرڪار ماڻهن کي ڪنهن جلوس خلاف ڇڙوڇڙ ڪري ته هو انهن تي ايڪشن کڻندو؟“ تنهن جي جواب ۾ هن چيو هو ته ’هو سنڌ خلاف ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندو.“ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. جنرل يحيٰ جي زماني ۾ هن جي ”سراسري هلت“ ون يونٽ انتظاميا جي حق ۾ نه هئي، تنهن ڪري هو 303 آفيسرن جي لاٽ ۾ جبري طور رٽائر ڪيو ويو. سنڌ جا آفيسر مختلف ڪچهرين ۾ اُن ايڪشن کي آفيسر Three knot Three (303) جي اصطلاح سان ياد ڪندا آهن. وري اچي ساڳي ڊگريءَ سان انڪم ٽئڪس جي وڪالت شروع ڪيائين.

سراج صاحب جي زبردست زندگيءَ جو هڪ نئون باب جناب ذوالفقار علي ڀٽي پاران جاري ڪيل اخبار ”هلال پاڪستان“ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ هو پاڻ ايڊيٽر هو. صحافت جي ان دور ۾ هن ”اخبار“ کي ”عوام“ سان ڳنڍي عوام جي حالتن، فتحن، شڪستن، ترقين ۽ شعور جي زبردست تصوير پيش ڪئي. هن پنهنجي ڀائٽيي (اڄڪلهه آفيسر) غفران ميمڻ جيڪو ننڍي هوندي ”غفران عاقلاڻي“ سڏائيندو هو تنهن کان سنڌي ٻارڙن لاءِ شاندار رسالو ” گلن جهڙا ٻارڙا“ جاري ڪرايو هو. ان رسالي جي ڪري سنڌ ۾ قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جو هڪ وڏو لشڪر تيار ٿيو هيو. ڪتابن پڙهڻ، تقريرن ڪرڻ ۽ مقابلي جو لاڙو وڌيو هو.

1977ع ۾ جنرل ضيا پنهنجي پوري آب تاب سان ڪاهي آيو. جمهوريت جا تختا اونڌا ڪري هن جناب ڀٽي پاران جيڪا به شعوري واڌ ٿي هئي، جيڪو به درسي ۽ غيرتدريسي علم وڌيو هو، تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اخبارن، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ تي بندشوجهي ڇڏي. جنرل ضياالحق اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي حمايت ۾ اهي جٿا تيار ڪيا، جيڪي جمهوريت، يونيورسٽين، سياست ۽ سوچڻ جي خلاف هئا. ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ  جي شاگرد تنظيمن، جتي ”مقابلي ۽ دليل“ جو ميدان حاوي هوندو هو، اتي ”جهيڙن“ ۽ ”غنڊه گرديءَ“ واسو ڪيو. عوام پاڻ ۾ وڙهيل هجي ته آمريت جي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي خدمت ٿي سگهي ٿي. اهڙيءَ حالت ۾ سراج صاحب فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ وري ساڳي ڊگريءَ سان واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي آخري دم تائين ان سان واڳيل رهيو.

ادبي خدمتون

سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو، 1961ع ۾، ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘، 1985ع ۾ شايع ٿيو. ”اٺون ماڻهو“ ايم آرڊي جي پس منظر ۾ هڪ شاندار لکي ويندڙ ڪهاڻي آهي. هن جو پهريون ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ 1970ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ضيا دور ۾ اچڻ ڪري، پرڏيهي قبضن جي ڳالهه هوندي به ان جو اثر مڪاني پيو هو. اصل ۾ هن ناول ۾ سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي لکيو ويو آهي. ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ 1988ع ۾ ڇپيو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘،

’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. ٻوليءَ جي حوالي سان سندس اهم ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ 1964ع ۾ ڇپيو.

جديد سنڌي ادب ۾ سراج صاحب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. هڪ سنڌيڪار جي حيثيت ۾ مٿي ڪرشن چندر جي ناول جو ذڪر آيو آهي. ان کانسواءِ هن ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ۽ ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. هن ’رتيءَ جي رهاڻ“ ۽ ”ملان جي ڊوڙ“‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو. سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ٻه ڪتاب: (1) History of Sindhi Language ۽ (2) پنهنجي آٽوگرافي  Biography of an Unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا.

ڪجهه يادون:

اسان سراج صاحب کي 1980ع ۾ روبرو ڏٺو هو، جڏهن هن قمبر ۾ ”جشن لطيف“ جي پروگرام ۾ صدارت ڪئي هئي. هن شاهه لطيف تي پنهنجي عاليشان تقرير ڪئي هئي. هن عورتن جي سجاڳيءَ تي خاص ڳالهيون ڪيون هيون.

محترمه بينظير ڀٽو صاحبه (پنهنجي آخري جلاوطنيءَ کان اڳ) آخري اجلاس، سراج صاحب جي گهر ۾ ڪيو هو، جنهن ۾ ناميارا ماڻهو موجود هئا. انهن ۾، جناب ايم ايڇ پنهور، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، آپا شمس، محترم محمد ابراهيم جويو، سيد نويد قمر، سراج صاحب، اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هئا. محترمه مون کي حاضرين ۾ موجود سڀ کان ننڍي عمر وارو هجڻ جي ڪري هدايت ڪئي هئي ته سنڌ جي مسئلن جو ٻن جملن ۾ حل ٻڌايان. مون هڪ جملي ۾ چيو هو ” تعليم، تعليم ۽ تعليم“. محترمه اهو ٻڌي سيد غلام مصطفيٰ شاهه مرحوم کان پڇيو ته ” اوهان ان جواب کي ڪيئن ٿا سمجهيو؟“ تنهن تي شاهه صاحب چيو هو: ”سنڌ جو اهم ۽ اصل مسئلو اهو آهي، باقي سڀ اتان نڪرن ٿا ۽ ان وسيلي دفن ٿي ويندا.“

سراج صاحب پنهنجي ڄمار جي آخري شرڪت آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾، 31 جولاءِ 2012ع تي سنڌ جي هڪ ٻئي يگاني اديب شمشيرالحيدريءَ جي مرتئي تي ”ادبي ريفرنس“ ۾ صدارت طور ڪئي هئي. هن کي صدارتي خطبو ڏيڻو هو، پر شمشير جي ياد ۾ هن جو هانءُ هن سان گڏ نه هلي سگهيو. مون کي اسٽيج تي سڏيندي چيائين: ” آءٌ ڳالهائي نه سگهندس، ڳالهائيندس ته روئي پوندس، روئڻ نه ٿو چاهيان، آءٌ بس شمشير تي ماڻهن جا رايا ٻڌي رهيو آهيان“

گذريل سال فبروري 2012ع ۾ جاويد سومرو ۽ مان سراج صاحب جي آفيس ۾ وياسين. جاويد کين پنهنجو نالو ”فاتح مرڪ“ ڏيئي عرض ڪيو ته هو اچن ۽ ان تي پنهنجي راءِ ڏين. ان وچ ۾ ڦڦڙ جي ڪئنسر سبب سراج صاحب کي انڊيا وڃڻو پيو، جنهن ڪري هو نه اچي سگهيا.

ٻه مهينا اڳ، آءٌ سندن گهر ملڻ ويس. مون کي ڪرشن چندر جو اهو ساڳيو 1952ع ۾ شايع ٿيل ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جي فوٽوڪاپي ڏنائون. ان ۾ سنڌيڪار جو نالو سراج الحق ’بسمل‘ لکيل هو. ايشيا جي ڏکڻ ۾، پاڪستان جي ڏاکڻين علائقي سنڌ ۾ سراج صاحب پنهنجي سڄي زندگي ”بسمل“ جي خلاف گذاري. هن محنت ، علم، تعليم ۽ جمهوريت توڙي روشن خياليءَ جو جهنڊو بلند ڪيو.

(همرچو، فيبروري 2013ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org