ذوالفقار علي ڀُٽي جي انيڪ فيصلن مان هڪ فيصلو هو
سنڌيءَ ۾ انگريزي اخبار ’ڊان‘ جهڙي اخبار ڪڍڻ. مقصد
ساڳيو هو، سنڌ جي ماڻهن ۾ آگاهي آڻڻ، چٽا ڀيٽيءَ
واري دور ۾ اڳتي وڌي اچڻ جو جذبو جاڳائڻ لاءِ ٽرسٽ
ٺاهيائين. پاڻ سربراهه ٿيو. اخبار جو نالو ’هلال
پاڪستان‘ رکيائين. تجربيڪار ۽ پراڻا ايڊيٽر ڇڏي،
سراج کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. سراج سنڌي
ٻوليءَ جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ هو. هڪدم ها
ڪرڻ بدران هن ڪجهه شرط ٽرسٽ آڏو رکيا. انهن شرطن ۾
هڪ شرط هو اخبار هلائڻ ۾ سندس مڪمل آزادي ۽ وزيرن،
ميمبرن، ڪارڪنن ۽ ڪامورن طرفان اخبار هلائڻ ۾ ڪنهن
به قسم جي دخل اندازي نه ڪرڻ جي ضمانت. سراج جا
سمورا شرط مڃيا ويا.
سراج اخبار لاءِ ٽيم گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ويو ماڻهن
سان ملندو. چونڊي چونڊي ماڻهو کڻندو، اسٽنٽ
ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، رپورٽر۽
نمائندا کڻندو ويو. جڏهن مون کي ملڻ جو سڏ
موڪليائين، تڏهن ڳالهه مون کي بنهه سمجهه ۾ نه آئي
هئي. هڪ ته صحافي ٿيڻ جو مون ۾ ڏانءُ نه هو، نه اڄ
تائين پيدا ٿيو آهي. ٻيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي
چٽا ڀيٽيءَ ۾ چونڊجي مان ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري
ڪري رهيو هوس. بهرحال، منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو،
جو سراج مون کي چانهه جي دعوت ڏيئي لکڻ پڙهڻ جهڙي
موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ گهرايو هو.
صدر ۾ شيزان ريسٽورينٽ، عبدالله هارون روڊ تي بي
وي ايس پارسي اسڪول جي سامهون هوندي هئي. هينئر
اتي اليڪٽرانڪ سامان ۽ موبائيل فونن جا دڪان آهن.
پيهه ايڏي ڄڻ مال مفت ۾ پيو وراهجي. پاڪستان ٺهڻ
کان پوءِ به اهو پاڪستان 1947 وارو هجي يا 1971ع
وارو، سنڌ پنهنجي سڃاڻپ کان، شناخت کان محروم ٿي
ويئي آهي، ڪاڏي ويئي ٻولي! ڪاڏي ويئي تهذيب! ڪاڏي
ويو تمدن؟ آئيني ۾ ڏسون، ته ڪنهن اوپري، اجنبيءَ
جي بگڙيل شڪل ٿي نظر اچي. علم ۽ آگاهيءَ جا ڀنڊار
هوندا آهن ڪتاب. يارن ڪتابن جي جنس مٽائي، ڪتابن
کي مذڪر مان ڦيرائي مونث ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ڪتاب
منهنجو هوندو هو، هينئر منهنجي ڪتاب ٿي پيو آهي.
بدنيتيءَ واري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦير گهير ۾
ايئن ٿيندو آهي. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي
ڇڏينديون آهن.
مان شيزان ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿيس. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو
هيڏانهن هوڏانهن ويٺا هئا. آخريءَ دري وٽ سراج
ويٺو هو، هميشه وانگر وهنتل سهنتل ۽ هينڊسم. هڪ ته
شخصيت ۾ نمايان، مٿان جو ٺهڪندڙ ڪپڙا پائيندو هو
ته هزارن ۾ هڪ لڳندو هو. جيتوڻيڪ هن ڳالهه کي
چاليهارو ورهيه گذري ويا آهن، پر سراج سان پهرين
ملاقات، پهرين تجربي ۽ پهرين آزمائش وانگر مون کي
اڄ به ياد آهي. سراج ريسٽورينٽ جي سڀ کان پرينءَ
دريءَ وٽ ٽنگ ٽنگ تي رکي ويٺو هو. هڪ هٿ ۾ ڪو
انگريزي ڪتاب ۽ ٻئي ۾ پائيپ هوس. ڪتاب پڙهندي،
پائيپ مان سوٽو هڻي پئي ورتائين.
مان وڃي سامهون بيٺومانس. ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن
ڏٺائين، مُنهن تي مرڪ تري آيس. ڪتاب رکي، اُٿي مون
کي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پاتائين، ٻئي هٿ ۾ پائيپ
هوس، کلي چيائين: ”وقت جو ڏاڍو پابند ٿو لڳين.“
چيم: ”ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري جو ڪريان ٿو.“
”ويهه“ مون کي پنهنجي سامهون صوفي تي ويهڻ لاءِ
چيائين.
اڳوڻي وڪٽوريا روڊ ۽ هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ طرف
کلندڙ شيزان ريسٽورينٽ جي درين ڀرسان صوفا رکيل
هوندا هئا، مان ويهي رهيس.
پڇيائين، ”ڇا پيئندين؟“
چيم، ”چانهه.“
منهنجي لاءِ چانهه ۽ پنهنجي لاءِ ڪافي گهرايائين.
ان وچ ۾ ويٽر پيٽيس، پيسٽريز ۽ سينڊوچز جي ٽري رکي
هليو ويو. پُڇيائين، ”ڇا پيو پڙهين، اڄ ڪلهه؟“
ٻڌائيندي هٻڪ ٿي. پر ٻڌائي ڇڏيومانس، ”پنج ڇهه
ڪتاب پيو پڙهان.“
”پنج ڇهه ڪتاب!“ منهن تي مرڪ اچي ويس.
الاءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن کان مون کي هڪ مهل چار پنج ڪتاب
پڙهڻ جي عادت پئجي ويئي هئي ۽ هن عمر تائين هلندي
اچي. ٻڌائيندي مون کي پشيماني محسوس ٿيندي آهي.
چانهه آئي، ڪافي آئي. سراج کي مون اجائي سجائي
ڳالهه ڪندي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. سپريئر سروسز جي آفيسر
۽ وڏي وڪيل وانگر ٽودي پوائنٽ to
the point سڌي
سنئين ڳالهه ڪندو آهي. مقصد جي ڳالهه ڦيرائي
گهيرائي نه ڪندو آهي.
”اخبار پيا ڪڍون“، پڇيائين، ”خبر اٿئي؟“
چيم، ”ها.“
هڪدم چيائين، ”تون اخبار لاءِ ڪالم لک.“
”ڪالم!“ مان هٻڪيس.
چيائين، ”ڊيلي ڪالم روزانو هڪ، هفتي ۾ ڇهه دفعا،
هڪ ڏينهن موڪل.“
مون کي تعجب ٿيو. ڪالم لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه
هئي ۽ سو به روزانو ۽ هفتي ۾ ڇهه دفعا!“
ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، چيائين ”ته پوءِ
فيصلو ٿيو ته هفتي ۾ ڇهه ڪالم لکندين، ايئن؟“
هٻڪندي هٻڪندي منجهندي، ”پر“ مس چيم، جو فيصلو
ڪندڙ لهجي ۾ چيائين: ”ڪهاڻيون لکجانءِ، گشا
لکجانءِ، جيڪي وڻِئي لکجان، توتي ڪا پابندي
ڪانهي.“
پهرئين مئي 1972 تي اخبار جو افتتاحي اجراءُ ٿيو ۽
منهنجي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل نئين تجربي جو. سراج
پنهنجي واعدي کي توڙ تائين نڀايو. مون طارق اشرف
وٽ به مڪمل آزادي ۽ بنا ڪنهن جهل پل جي لکيو هو،
پر هيءَ آزادي ان کان به ڪجهه سرس هئي. سرس ان ڪري
هئي، جو هلال پاڪستان، پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هئي
۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جي روپ ۾ وڏيرن،
جاگيردارن، پيرن، ميرن، سيدن ۽ سردارن جي يلغار
هئي. اسيمبلين جا ميمبر هئا، وزير هئا، صلاحڪار
هئا، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا هئا.
مان وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ جاگيردان کي سنڌ
جو ويري سمجهندو آهيان. هو علم، آگاهي، سائنس،
سجاڳي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا دشمن آهن. اڻپڙهيل ۽
نادان، هاري ناري ۽ ڳوٺاڻن جي رعيت سندن مضبوط ووٽ
بينڪ آهي، جيڪا کين اسيمبلين تائين پهچائيندي آهي
۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ اقتدار جي ايوان ۾
حاڪمن آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهندا آهن. هلال پاڪستان
لاءِ ڪالمن ۾ لکيل ڪهاڻيون، اهڙن ڪردارن کي واڙي
کڻي اينديون هيون ۽ سندن روين ۽ نيتن جو ايڪسري ۽
الٽرا سائونڊ ڪنديون هيون. سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڃي
ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهچندو هو.
ٻاهرين ملڪن جي دوري لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ
سان چونڊ ايڊيٽرن جو جٿو کڻي نڪرندو هو. اُن
ڊيليگيشن ۾ سراج ضرور شامل هوندو هو. سفر دوران
هوائي جهاز ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس سڏائي پاڻ وٽ
ويهاريندو هو ۽ اخبار جي باري ۾ حال احوال وٺندو
هو. کيس خبر هئي ته هلال پاڪستان سنڌ ۾ هڻي وڃي
هنڌ ڪيو هو. ڳالهين ٻولهين دوران ڀٽو صاحب سراج
سان پيرن، ميرن ۽ سردارن جي شڪايتن ۽ احتجاجن جو
ذڪر ڪندي منهنجي باري ۾ پڇندو هو: ڪير آهي جنهن کي
تو ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي؟
سراج کيس سمجهائيندو هو، قبلا پهرين اکر کان آخري
اکر تائين اخبار پارٽي ۽ پارٽي ميمبرن جي خبرن ۽
ڪارنامن سان ڀريل هوندي آهي. اُن ۾ جيڪڏهن هڪ شخص
کي اختلاف راءِ جو حق ڏجي ته اخبار جا جمهوري حق
پورا ٿيندا. سراج جا اهڙا وضاحتي جواب ٻڌي
ذوالفقار علي ڀٽو کِلي چپ ٿي ويندو هو.
هلال پاڪستان لاءِ لکندي منهنجو سڌو سنئون رابطو
سراج سان هوندو هو. پهرين شماري کان ضيا الحق جي
مارشلا ۽ ذوالفقار علي ڀٽيءَ جي گرفتاريءَ تائين،
سراج مون سان توڙ نڀايو. اهڙي ڏکئي وقت ۾ منهنجو
ساٿ ڏنو هئائين، جنهن جو فقط تصور ڪري سگهجي ٿو.
منهنجي خلاف اسلام آباد ۾ ملڪ دروهي ۽ بلاسفيميءَ
جون انڪوائريون هليون، تڏهن به سراج مون کي اخبار
مان نه ڪڍيو. بلڪه اڃا به وڌيڪ پذيرائيءَ سان
منهنجيون ڪهاڻيون شايع ڪندو هو ۽ پارٽيءَ جو ڏمر
سهندو هو.
هلال پاڪستان ۾ شامل قصا ۽ ڪهاڻيون، 1972 کان 1977
واري دور جون آهن. سمجهو کڻي ته پنجٽيهه سال پراڻا
قصا ۽ پنجٽيهه سال پراڻيون ڪهاڻيون آهن. پر پروف
پڙهندي مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اڄ جون ڪهاڻيون آهن،
سواءِ قيمتن جي واڌ جي. توهان کي هاڻي اهو سڀ ڪجهه
پڙهندي ڳالهه اوپري اتي محسوس ٿيندي، جڏهن ڏهين
رپئي واري سٺي قميص ۽ پنجويهين رپئي واري عاليشان
بوٽ جو ذڪر ايندو. سٺي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ
ويهه رپيا بل ۽ بيري کي هڪ رپيو ٽپِ ڏيئي ڄڻ حاتم
جي قبر کي لت هڻبي هئي. باقي معاشري جي زوال
پذيريءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. سياسي پيداگيري اڳ
وانگر عام آهي. راڄ ۽ ڪاڄ ۾ داداگيري اڳ وانگر جام
آهي. قدر اڳ وانگر بيقدرن جي ور چڙهي ويا آهن. اڳ
وانگر چور ڀاڳيا ۽ ڀاڳيا چور ٿي پيا آهن. نه کوٽي
جي خبر، نه کري جي خبر!. اڳ وانگر سڪي جا ٻيئي
پاسا هڪجهڙا ٿي پيا آهن. پاڪستان ۾ انڊر ورلڊ ان
لاءِ ڪانهي، جو انڊر ورلڊ جا ڊان اپر ورلڊ تي حاوي
ٿي ويا آهن ۽ ملڪ جو وهنوار ۽ ڪاروبار بندوق جي
زور تي يتيم حڪمرانن جي سامهون روبرو هلائي رهيا
آهن. سموري ملڪ جو اقتصادي ڍانچو هٿيار، هيروئن ۽
قيمتي گاڏين جا سمگلر، ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي سنڀالي
بيٺا آهن. هنن جي ڪاروبار ۾ شامل آهن بينڪر ۽ غير
ملڪي ناڻي جا واپاري.
اهڙي ملڪ ۽ معاشري کان علم، آگاهي ۽ روحانيت رُسي
ويندي آهي. اهڙي ملڪ ۾ معاشري ۾ ذلت جهڙي زندگي
گذارڻ اسان جي مقدر ۾ لکجي ويئي آهي. اهڙي ملڪ ۽
معاشري ۾ مون فقط توائي ڪهاڻيون لکيون آهن، گذريل
پنجاهه سالن کان.
سراج
هڪ عظيم انسان
ماهتاب محبوب
سِنڌي ٻولي، اُن جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت سان بي
اِنتها لڳاءُ ۽ جذباتي وابستگي رکندڙ، سراج الحق
ميمڻ، اَديب، صحافي، قانوندان، دانشور، محقق،
مترجم، نقاد ۽ ٻوليءَ جو پارکو هئڻ جي حوالي سان
ته وڏو نالو آهي ئي، پر هڪ انسان جي حوالي سان پڻ
هو بهترين اِنسان هو؛ جنهن جي شاهدي هُن جون ڪُل
ڪاوشون آهن، جيڪي هُن جي دِل ۽ رُوح جي سَچاين کي
پڙهندڙ جي سامهون آڻين ٿيون.
اِها منهنجي بَدقسمتي، جو هن علم جي ڀنڊار اِنسان
سان، هڪ اَڌ اَدبي خط جي لِکپڙهه کان سواءِ منهنجي
ڪڏهن به ڪا رُوبرو ملاقات يا ڳالهه ٻولهه نه ٿي
سگهي.... البت هڪ ٻه ڀيرو اِسلام آباد يا ڪنهن
ادبي محفل ۾ سَرسري طور سلام دعا ٿي هوندي، پر
هاڻي ته اِها به خوشنصيبي ڀائيندسِ، جو مان سندس
شاندار ۽ روبيسٽ شخصيت کي ڏسي سگهي هئس؛ هونئن به
سندس قلمي ڪاوشون سدائين منهنجي ڌيان جو مرڪز
رهيون آهن، جن کي مون هميشه وڏي چاههَ مان پڙهيو
آهي. هن جو سمورو قلمي پورهيو لاشڪ ته سِنڌي
ٻوليءَ ۽ ادب جو مانُ آهي، جنهن تي سنڌ جيترو ناز
ڪري، سو گهٽ آهي. جيئن ته هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت
هو، ته هُن جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي ڳالهائڻ لاءِ
وڏي نظر ۽ گهِري سوچ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو هو هڪ
ڪميٽيڊ ليکڪ هو؛ جنهن هر حوالي سان سنڌ جي تاريخ،
تهذيب، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ کان وسان
ڪين گهٽايو، ڄڻ هُن تي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جو ڪو قرض
هو، جنهن کي هُن لاشڪ ته پاڻ تي وڏو فرض سمجهي
پورو ڪيو ۽ خوشيءَ جهڙي ڳالهه اِها به آهي ته سراج
ڪڏهن به ناقدريءَ ۽ نظراندازيءَ جي وَر نه چڙهيو،
بلڪ زندگيءَ ۾ ئي هن پنهنجي سچائي، بُردباري، نيڪ
نيتي ۽ اصول پرستيءَ وسيلي پاڻ مڃرائي ورتو...
اڄ اسين هن عظيم انسان کان محروم ٿي ويا آهيون، پر
سندس لکڻيون سدائين اَمر رهنديون. خدا سندس ڪٽنب ۽
سموريءَ سِنڌ کي هي ناقابل برداشت صدمو سهڻ جي
توفيق ڏي...!
(ثقافت کاتي ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي سهڪار سان،
ممتاز مرزا آڊيٽوريم، حيدرآباد ۾ ’سنڌي ٻولي ۽
سراج‘
سيمينار ۾ 21.02.2013 تي پڙهيل)
آيـل ڪـريان ڪيئن!
ڊاڪٽر فهميده حسين
نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪا تاريون،
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي!
گذريل ٻن ڏينهن کان ڪاڳر ۽ قلم کڻي ويٺي ڪجهه لکڻ
لاءِ جتن ڪيم، پر جھڙوڪر نه هٿن ۾ ساهُه آهي، نه
قلم ۾ مسُ. . . گھڻي ڪوشش ڪرڻ تي جي هٿ هليو به ٿي
ته ڀٽائيءَ چواڻي هَرَ هَرَ:
لڙڪ لکڻ نه ڏِينِ، ڪِريو پون قلم تي.. واري ڪار
هئي.
پاڻ کي ڏاڍو پرڀائڻ جي ڪوشش ڪيم... ’ادا‘ جو آخري
مُرڪ سَجيل چهرو اکين اڳيان ڦريو اَچي... تمام
مطمئن ۽ پرسُڪون ماڻهوءَ واري مُرڪ سندس چپن جي
ڪُنڊن تي اچي اَسان کي دلداري ڏيئي رهي هئي. ڄڻ
چئي رهيو هجي: ”رو ڇو ٿا، بابلا! مُون ڀرپور زندگي
گذاري، سنڌ سان سَچو رهيس، ماءُ، پيءُ، ڀائرن،
ڀيڻن ۽ زال جا فرض پورا ڪيم، پٽن پوٽن ۽ پوٽين جي
ننڍڙين ننڍڙين خوشين ۽ ڪاميابين کي ماڻيم ۽ موٽَ ۾
مون سڀني جي اٿاهه محبت ۽ عزت حاصل ڪئي“... پر اُن
مهل مون کي سندس مُرڪَ ۾ هلڪو هلڪو دردُ جھلڪندو
ڏسڻ ۾ آيو. اُهو درد ته اسان سڀني کي ڏاجَ ۾ مليو
آهي، هُن جي ذات ۽ ڪٽنب جي لاءِ اطمينان واري مُرڪ
جي ته ڪا حيثيت ئي ڪانهي، هو پنهنجي سُکيي ستابي،
خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ واري خواب جي ساڀيان نه
ڏسي سگھيو. سنڌ جي هيڻي حال ۽ غير يقيني آئيندي جو
دردُ، هن جي چهري تي اسان کي هميشه جيان چئي رهيو
هو: ”ٻيلي سنڌ جي پارت اٿوَ“!
هن سنڌ کي پنهنجو ضَميرُ ڪري سمجھيو هو. اهڙو
ضمير، جنهن سان هميشه سچو رهڻو آهي، سنڌ سان ڪو به
دوکو ۽ دولاب پنهنجي ضمير سان دوکو ۽ دولاب
سمجھيائين.... ادا آخري ڏينهن ۾ به اُميد ۽ آسَ کي
هٿان نه ڇڏيو هو ۽ اسان کي ڪڏهن سڌيءَ طرح ته ڪڏهن
اَڻ سڌيءَ طرح اهڙا درس ڏيندو رهندو هو.
هو اسان جي ڪٽنب لاءِ ٻڌيءَ جي علامت هو، هر آچر
تي سندس حڪم جي بجا آوري ڪندي سڀ اچي وٽس مِڙندا
هئاسين ۽ آءٌ آنڌي هجي يا طوفان، حيدرآباد کان صرف
۽ صرف سندس قرب لاءِ ڪراچيءَ پڄندي هئسِ....
سوچيان ٿي ته هاڻي ڪيئن ڪندسِ! سندس صالح پُٽَ،
سندس گُڻن جا وارث پٽ، انهيءَ روايت کي جاري رکڻ
جو چون ٿا... اسين آچر تي سڀ مِڙون به پيا، پر ادا
ناهي ته ڪجهه به ته ساڳيو ناهي. سندس ڪَمي ڏاڍي ٿي
محسوس ٿئي. هو اهڙو محبت جو مَچُ هو، جنهن تي اسين
سڀ پتنگن وانگر اچي مڙندا هئاسين:
”پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ.“
هاڻي اهو مَچُ ڪيرُ مچائيندو؟ آخري ڏينهن ۾ پاڻ
ٺيڪ نه هو ۽ آءٌ آچر تي اچي جڏهن کانئس طبيعت جو
حال پڇندي هئس ته مُرڪندي چوندو هو: ”بابلا،
بس.... هلڻ هارا سپرين، وڃڻ وايون ڪن“؛ يا وري
هيءَ سٽ ورجائيندو هو ته:
پيئي کڻي پساهه، ڏُکي ڏيئي وَٽِ جيئن!
وري موضوع بدلائي ڪوڙي ڪاوڙ سان اسان ڀيڻن کي
چوندو هو:
”ڇوڪريون، ڏاڍي دير ڪري ٿيون اچو، اصل بُکَ ۾
ساهُه ٿو نڪري، هاڻي اُٿو هلي ماني کائون“....
هاڻي ڀلا ڪير اسان کي ائين دڙڪا ڏيندو، ڪير اَسان
جو انتظار ڪندو! بس هاڻي ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ته:
پسيو رُونِ پنهونءَ جا، اکيون اوتارا،
مون ڀانيو مون وٽ، هوندا سڀ ڄمارا،
ساٿين سوارا، ڪيو ڪيچ اکين ۾!
(10 فيبروريءَ 2013ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾
ٿيل ادبي ريفرينس ۾ پڙهيو ويو)
منهنجو اَدا وڏو...
ڊاڪٽر فهميده حسين
اڄ اسين جنهن شخصيت بابت ڳالهائڻ لاءِ گڏ ٿيا
آهيون، اُهو هڪ ئي وقت اعليٰ پائي جو افسانه نگار،
ناول نگار، نقاد، عالم، لِسانيات جو ماهر، صحافي،
وڪيل ته هو ئي، پر سندس اُهي سمورا رخ يا پهلو، هڪ
ئي حوالو رکن ٿا، سو آهي سنڌ سان عشق جو حوالو.
سندس گھڻ رُخي شخصيت تي اڄ هتي آيل اسان جا معزز
اديب ۽ عالم ڳالهائيندا، جن مان ڪي سندس پراڻا
ساٿي ۽ دوست به آهن....
اداري جي چيئرپرسن هئڻ ناتي، آءٌ اوهان سڀني کي
ڀليڪار چوندَسِ، پر سنڌي ادب جي سراجَ بابت ڪانه
ڳالهائيندَسِ. اڄ هتي صرف ۽ صرف پنهنجي ”ادا وڏي“
تي ڳالهائيندَسِ، جيڪو اسان جو اَبو، امان هو،
جنهن اسان کي بابا ۽ امان جي وفات کانپوءِ به يتيم
ٿيڻ نه ڏنو هو؛ جنهن جي دم سان اسان جو پيڪاڻو يا
مائِٽاڻو گھر هو. . . جنهن زندگيءَ ۾ صرف ڏيڻ
سِکيو هو ۽ موٽَ ۾ سڀني جو اَڻ ميو، اڻکٽ پيار
پاتو، عزت ڪمائي ۽ احترام ماڻيو. اڄ هو اَسان سان
ڪونهي ۽ کيس وِئي اڄ ٻارهون ڏينهن آهي؛ پر جھڙوڪر
اڃا به دل کي اعتبار نٿو اچي ته ’ادا وڏو‘ هاڻي
ڪونهي رهيو، اڄ به لڳيمِ ٿو ته فونِ جي گھنٽي
وڄندي ۽ ادا چوندو: ”فهمي، بابلا! منهنجي ڪتابَ کي
ڏسي وٺين ته امر جليل کي ‘Foreword’ لاءِ
ڏياري موڪلجان....“ سندس ڪهڙا ڳُڻ ڳائي ڪهڙا
ڳايان.... صرف ڀٽائي منهنجي دل جي ترجماني ڪري
سگھي ٿو ته:
ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪوهه ڄاڻان ڪهڙا پرين!
ولين جيئن وريام، ڳالهيون ڳُڻ پرينِ جا!
هن جي خميرَ ۾ خُلوص هو، نيڪ نيتي هئي ۽ سڀ کان
وڏي ڳالهه ته ’وفا‘ هئي. اُها وفا، جھڙي هن پنهنجي
رَت جي رشتن سان نڀائي، اهڙي يا شايد اُن کان به
وڌيڪ هن پنهنجي مٽيءَ، پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ سان
نباهي. هو سنڌ، سنڌي ماڻهن، سنڌي ٻوليءَ سان غير
مشروط محبت ڪرڻ وارو هو. اُن جي محروميءَ ۽ ڏک تي
ڏکوئجي ويندو هو، اصل روئي ڏيندو هو. حال ۾ سنڌ
سان ٿيندڙ ويساهه گھاتين کي تاريخ ۾ ٿيل هاڃن سان relateڪري
اهڙو ”سڏ“ ڏنائين، جو اڄ ڏينهن تائين ”پڙاڏو“ بنجي
گونجي رهيو آهي. جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري
وفاق جي حوالي ڪيائون ته اُن جي رد عمل ۾ 1956ع ۾،
مهراڻ ۾ ”ڪراچيءَ“ نالي نظم لکي، ان کي own ڪيائين،
اُن جي مالڪي ڪيائين:
اي ڪراچي، سنڌ جا سينگارَ، اي روحِ وطن
تنهنجي ماضيءَ کي سلام!
تنهنجي ماضيءَ- منهنجي ماضيءَ- کي سلام
ها، اُهو ماضي، جو بيحد روشن ۽ تابان هيو!
... اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن!
اي ستارن جي زمين، اي اپسرائن جا وطنَ!
اَدا اُها مالڪي صرف زباني ڪانه ڪئي هئي، بلڪه
پنهنجو اِهو حق هٿ ڪرڻ لاءِ هميشه لاءِ ڪراچيءَ جو
ٿي ويو ۽ ڪراچيءَ جو ڊوميسائيل ٺهرايائين...
ڪراچيءَ جي اُن مالڪي ڪرڻ بابت هڪ ننڍڙو واقعو
توهان کي ٻڌايان ٿي:
اٽڪل ٽيهارو کن سال اڳ سندس ٻن وڏن پُٽن ساڳئي سال
سُٺن نمبرن سان انٽر سائنس ڪئي، هڪڙي کي انجينئرنگ
۾ داخلا وٺڻي هئي، ٻئي کي ميڊيڪل ۾. جڏهن داخلا
فارم ڀريا ويا ته خبر پئي ته ڪراچيءَ جي ڊوميسائيل
تي صرف هڪڙي کي داخلا ملي ٿي سگھي، پر ٻئي جون
مارڪون ٿوريون گھٽ آهن. تڏهن آءٌ ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ هئس ۽ NED انجينئرنگ
يونيورسٽيءَ جو سنڌي رجسٽرار منهنجو واقف هو،
انهيءَ مون کي صلاح ڏني ته ’ادي، سراج صاحب کي چئو
ته ڪراچيءَ جو ڊوميسائيل سرينڊر ڪري واپس ٽنڊي ڄام
جو رُورل ڊوميسائيل ٺهرائي وٺي ته سندس ٻنهي پُٽن
کي ميڊيڪل
۽ انجينئرنگ ۾ سيٽون ملي پونديون‘، مون اچي ادا
سان ڳالهه
ڪئي. هو ماڳهين مون تي ڪاوڙجي پيو ۽ چوڻ لڳو ته
”هڪڙو ته ڪراچيءَ تان هٿ کڻون ۽ ٻيو وري پنهنجي ئي
ڳوٺ جي ڪنهن غريبَ جي ٻارَ جو حق به ماريون...
اهڙين حرڪتن ته ڪوٽا سسٽم کي بدنام ڪيو آهي.
پنهنجا ٻارَ ته ڪراچيءَ جي سٺن اسڪولن ۾ پڙهي ڪوبه
مقابلي جو امتحان پاس ڪري پنهنجو ڪئريئر ٺاهي
سگھندا، ڳوٺَ جي سرڪاري اسڪول مان پڙهيل غريب ٻارَ
وٽ ته اُهو ئي هڪڙو سهارو آهي، اُهو انهن کان ڦرڻ
جو سوچڻ به گناهه آهي! “
هن هڪ پٽ جي داخلا وڃائي، پر ڪنهن جو حقُ نه
ماريو. اسان وٽ اڄ به اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي بهترين پرائيويٽ اسڪولن مان
ٻارَ پڙهائي، داخلائون ۽ نوڪريون ڳوٺَ جي
ڊوميسائيل تي حاصل ڪندا آهن ۽ اُتان جي غريب ٻارن
جي حق تي ڌاڙو هڻندا آهن.
ادا ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪرڻ خاطر ئي 1984ع ۾ بابا
کي ۽ 2005ع ۾ ننڍي ڀاءُ انعام کي ڪراچيءَ ۾ دفنائڻ
جو فيصلو ڪيو، ۽ پاڻ به اُتي ئي آرامي آهي. چوندو
هو: ”جيستائين اسين ڪراچيءَ ۾ پنهنجا مُقام نه
جوڙينداسين، تيسين ڪراچي به اسان کي پنهنجو ڪانه
ڪندي“. اهڙو هو منهنجي ادا جو ويزن (vision).
هن پنهنجي ڪٽنب لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو. بابا هڪ
پرائمري استاد هو، عام زبان ۾ ’غريب ماستر‘، اهو
پنهنجن ٻارن کي صرف سٺي تعليم ڏئي ٿي سگھيو. هن
شروع ۾ ادا سراج ۽ ٻين ڀائرن کي پڙهايو، پر پوءِ
جڏهن اسان ڀينرن ۽ ننڍن ڀائرن جو وارو آيو ته ادا
سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ٻئي ڄڻا، ٻه ٻه نوڪريون
ڪري، پريسن ۽ اخبارن ۾ سب ايڊيٽنگ، پروف ريڊنگ،
ترجما ۽ ٻيا پورهيا ڪري، اسان جي پڙهاين کي جاري
رکيائون ۽ بابا جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سڄو بار ادا
پنهنجي مٿان کڻي بيٺو... اڄ ماشاءَ الله سڀئي
پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪامياب آهن يا ڪاميابيءَ سان
رٽائر ٿيل آهن. ڀينرن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص
ڌيان ڏيڻ جي ڪري سڀئي اعليٰ تعليم يافته ۽
پروفيشنل آهن. اهو ادا سراج جي ’رول ماڊل‘ جھڙي
ڪردار جو ڪمال آهي، جو جيئن پاڻ صالح پٽُ بنجي،
بابا جي آخري وقت تائين سنڀال ڪيائين، تيئن سندس
پٽ به آخري گھڙيءَ تائين سندس سيرانديءَ ۽
پيرانديءَ بيٺا هئا ۽ امجد ته ڊاڪٽر هُئڻ ڪري
چوويهه ڪلاڪ سندس سارَ لهندو هو ۽ اڄ به ڄڻ چوندو
هجي ته:
”هُئين ته ويڄن وٽ، تون ڪيئن جيءَ جڏو ٿئين!“
اها سندس ئي تعليم ۽ تربيت آهي، جو اهي ميرٽ تي
پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ٽاپ تي پهتا آهن. هڪڙو هاءِ
ڪورٽ جو جسٽس ٿيو، ٻيو سرجريءَ جو پروفيسر آهي ۽
ٽيون هڪ وڏي I.T ڪمپنيءَ
جو سموري سائوٿ ايشيا جو سربراهه آهي، ۽ انهن ادا
جي مِشن کي اڳتي هلائڻ جو عزم ڪيو آهي، سنڌ سان
عشق، جو خمير ۾ اٿن!
منهنجو ’ادا وڏو‘ هر لحاظ کان هڪ آئيڊيل انسان هو.
مون هتي سڀ رشتا ڳڻايا، پر هڪ رشتو، جيڪو سندس
جيون ڀر جو سڱُ ساٿي هو، اُن جو ذڪر نه ڪيم ته
ڳالهه اڻپوري رهجي ويندي. اسان جي سماج ۾ ننڍپڻ ۾
ڪنهن گھٽ پڙهيل يا اڻ پڙهيل سوٽ ماساتِ سان شادي
ڪرائي ڇڏڻ جو رواج آهي، پر اُن سان گڏ اهو به رواج
آهي ته اُنهن مان جڏهن ڪو سياستدان، اديب ۽ عالم
ڪئريئر جي عروج تي پهچندو آهي ته ڪڏهن ذهني هم
آهنگيءَ جي نالي ۾ ته ڪڏهن ’سوشل اسٽيٽس‘ جي ڪري
انهيءَ سوٽِ ماساتِ مٿان پهاڄ آڻي، اُن عورت کي
ڏُهاڳ ڏئي ڇڏيندو آهي، ايتريقدر جو اُن مان ٿيل
پنهنجا ٻچا به وساري ڇڏيندو آهي، پوءِ به ترقي
پسند ۽ روشن خيال سڏبو آهي. ادا سراجُ، 19 سالن جي
عمر ۾ شادي ٿيڻ کانپوءِ، 79 سالن جي ڄمار تائين
پنهنجيءَ انهيءَ ماسات سان نباهيو، جيڪا ان وقت
صرف 14 سالن جي هئي ۽ ذهني هم آهنگيءَ يا سوشل
اسٽيٽس جي لحاظ کان منجھس جيڪا کوٽ هئي، اُن کي
پورو ڪرڻ لاءِ هن سندس ذهني تربيت ڪئي، ساٿ ڏنو،
اهڙو ماحول ڏنو، جو پوءِ ڄڻ ڪا ڪمي نه رهي. اسان
جي ڀاڄائيءَ کي سڏيندو ئي هو ”ماساتِ، مٺي ذات!“
سچ ته رِشتا نباهڻ ڪو هن کان سِکي .! هڪ ڀيڻ جي
حيثيت ۾ خواهش ڪندسِ ته شل هر جنم ۾ آءٌ ’ادا وڏي‘
جي ننڍي ڀيڻ، سندس ”فهمي“ ٿي جنم وٺان!
سي ڪيئن وڃنمِ وسري، جي جيءَ اندر ميتِ،
رُٺـا ڪهــڙيءَ ريــت، پــرچندا پَـــر ڪنهين!
(16 فبروريءَ تي، سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ۾ ٿيل ريفرنس
۾ پڙهيل)
سـنڌي
ٻولي ۽ سراج
ڊاڪٽر فهميده حسين
ڪهڙو نه عجيب حُسن اتفاق آهي، جو اڄ ’مادري ٻولين
جي عالمي ڏينهن‘ تي سراج جو ڏينهن پيو ملهائجي ۽
ڪيئن نه ’سنڌي ٻوليءَ ۽ سراجَ‘ جو عنوان ٺهڪي آيو
آهي: ٻن حوالن سان اهو عنوان اهم آهي هڪ ته سنڌي
ٻوليءَ سان سراج صاحب جو عشق، جنهن اُن جي عظمت ۽
قدامت کي سائنسي انداز ۾ دليلن ۽ ثبوتن سان پيش
ڪيو ۽ اُن جي ادب ۽ صحافت کي شاهوڪارُ ۽ مالا مال
ڪرڻ لاءِ سدائين پاڻ پتوڙيو، ۽ ٻيو اُن مِحنت ۽
مُحبت جو ثبوت ڏيندي هن جيڪو نظريو پيش ڪيو، اهو
سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي سڀ کان آڳاٽي ’ماءُ ٻولي‘
ثابت ڪرڻ لاءِ هو. اُن ڪتاب جو نالو ئي ”سنڌي
ٻولي“ آهي- جنهن جي ڪري اهي ٻه نالا گذريل اڌ
صديءَ کان پاڻ ۾ سلهاڙيا پيا آهن ”سنڌي ٻولي“ ۽
”سراج“، ۽ سدائين هڪ ٻئي جو حوالو بڻبا رهندا.
سراج صاحب جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“، هونئن ته 1964ع ۾
ڇپيو، پر اُن تي ڪم جي شروعات انهن مضمونن کان ٿي
هئي، جيڪي پاڻ پنجاهه جي ڏهاڪي جي آخر ۾ (1959ع)،
محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکيل ڪن مضمونن جي
جواب ۾ لکيا هئائين؛ جن ۾ هن هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ
جي ’سنسڪرت‘ مان نڪرڻ ۽ اُن جي آريائي ٻولي هئڻ کي
رد ڪيو هو ۽ ٻئي طرف انهيءَ جي ’سامي سٿ‘ سان نسبت
واري مفروضي سان اختلاف ڪيو هو. اُنهن مضمونن سنڌ
۾ هڪ لاڳيتي بحث کي جنم ڏنو. اُهو بحث شروع ڪرڻ
وقت سراج صاحب جي عمر 26-27 سال هئي، ون يونٽ جو
زمانو هو، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جون نالو وٺڻ
ڄڻ ته گناهه هو. اُن زماني ۾ سنڌ تان اهو طوق لاهڻ
لاءِ، ۽ اُن کي پنهنجي شناخت واپس ڏيارڻ لاءِ سنڌي
اديبن ۽ عالمن سائين محمد ابراهيم جويي جي
سرواڻيءَ ۾ ’اينٽي ون يونٽ تحريڪ‘ پئي هلائي. اُن
زماني ۾ سنڌي ماڻهن ۾ هڪ قسم جو احساس محرومي ۽
احساس ڪمتري هو، جنهن کي دور ڪرڻ جي ضرورت هئي،
موهن جي دڙي کي مئلن يا ”مُئن جو دڙو“ چئي ڪنهن
اهڙي مئل/ مري
ويل تهذيب ۽ تمدن جو اُهڃاڻ پئي چيو ويو، جيڪا
ڪافرن جي تهذيب هئي، جنهن کي اسلامي جمهوريه
پاڪستان جو ورثو قرار ڏيڻ معيوب ۽ ’باب الاسلام
سنڌ‘ سان نسبت ڏيڻ ممنوع هو. اُن مان لڌل مهرن تي
موجود ٻوليءَ بابت به اهڙو ئي خيال هو ته اها
ڪافرن جي ٻولي هئي، جنهن تي اجايو مٿو هڻڻ جي
ضرورت ڪا نه هئي. اُن دور جي اديبن مان قوم پرست
ترقي پسندن ۽ رجعت پسندن جو جهيڙو ته گهڻو ئي
ورجايو ويو آهي ۽ رجعت پسندن طرفان اسلام ۽
پاڪستان کي خطري ۾ ڄاڻائي، ترقي پسندن خلاف هلايل
مُهَم جو به ڪتابن ۾ رڪارڊ آهي.. پر انهن ٻن
انتهائن جي وِچ تي ڪي عالم ۽ اديب اهڙا هئا، جن
سنڌ جي قدامت ۽ عظمت تان هٿ کڻڻ بدران انهيءَ
قدامت ۽ عظمت کي مقدس ۽ پاڪ ۽ پوتر ڄاڻائي، سنڌ
مخالف ڌرين کي سنڌ سان بهتر رويو رکڻ جو اَڻ سڌو
جواز پئي مهيا ڪيو. انهن مان ٻه نالا وٺندَسِ.
اهڙن عالمن ۽ اديبن مان هڪ طرف اهڙو موقف مشرقي
علمن تي دسترس رکندڙ عالم مولانا گراميءَ جي مقالي
’مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات‘ ۾ ۽ ٻين
تحريرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ ٻئي طرف سنڌ جي اهم برک
عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ طرفان سنڌ کي
باب الاسلام جي حيثيت ۾ اسلامي تهذيب جي ساٿاري ۽
سنڌي ٻوليءَ کي عربي ٻوليءَ واري ساڳئي سامي
خاندان مان ثابت ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪرڻ تي ڌيان ڏنو
ويو ۽ اهڙا مضمون ۽ ڪتاب وغيره لکيا ويا.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي اهڙي
ئي ڪنهن جذبي تحت سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برتريءَ جو
حوالو آرين ۽ سنسڪرت کي بنائي چُڪو هو، جيڪو اُن
وقت انگريزن طرفان اڳئي زير بحث هو. اُنهن ٻنهي
قسم جي عالمن جي نيڪ نيتيءَ تي ڪو ذرو شڪ نٿو ڪري
سگهجي. هنن پنهنجي پنهنجي عقيدي جي روشنيءَ ۾،
سنڌي ٻوليءَ کي ڌرمي ۽ مذهبي ٻولين جي ڪٽنب ۾ پئي
شامل ڪيو ته جيئن ماڻهو اُنهن تي فخر ڪن. اُن وقت
جيڪي نوجوان اديب ۽ عالم سنڌ جي تشخص، اُن جي
تهذيب ۽ ٻوليءَ جي عظمت ۽ قدامت ۾ يقين رکندڙ هئا،
اُنهن کي اُهي ٻئي ڳالهيون نه آئڙيون. اُهي ته
سنڌيءَ کي هن ڌرتيءَ سنڌ جي ٻولي مڃيو ويٺا هئا.
اُنهن لاءِ سنڌيءَ جو خمير نه آريائي هو، نه
سامي، ڇو جو اُهي هن سر زمين کان ٻاهريون ڌاريون
تهذيبون هيون ۽ سنڌو تهذيب اُنهن کان آڳاٽي هئي ۽
سنڌي ٻولي به پڪ سان انهن کان اڳي هوندي ۽ اها
ڳالهه قديم سنڌو تهذيب ۽ سنڌو لکت جي موهن جي دڙي
مان ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ثابت به ٿي چُڪي هئي. محترم
ابراهيم جويي جي ترغيب تي ۽ شيخ ايازَ، تنوير
عباسيءَ، مولاناگرامي، شمشيرالحيدري، غلام ربانيءَ
۽ رشيد ڀٽيءَ جهڙن دوستن جي اصرار تي سراج محض 25
- 26 سالن جي عمر ۾ اُهي
مضمون لکيا ۽ ڪجهه وقت تحقيق ۽ مطالعو ڪرڻ کانپوءِ
30- 31 سالن جي عمر ۾ پنهنجو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“
ڇپايو. انهيءَ
پس منظر کي ذهن ۾ رکي پوءِ هڪ نوجوان محقق جي ڏنل
نظريي کي سمجهيو وڃي ته اُن دور ۾، اُن جي ڌَڪ ۽
ڇِرڪ (impact) کي
سمجهي سگهبو. هن لکيو هو ته؛
”عربي اسان جي مذهب جي زبان آهي، سو اُن دائري ۾
اسان جي اکين تي، پر جيڪڏهن ڪو چاهي ته اُن ڪري
اسين سنڌي زبان جي اصليت ۽ شاهوڪاريءَ کان انڪار
ڪريون ته اِها محض مذهب جي نالي ۾ اَسان تي ڌارين
جي فوقيت ۽ برتريءَ کي مڙهڻ جي بيجا ڪوشش چئبي“. (ص
110 – ’سنڌي ٻولي‘، 2009) وري
اڳتي لکيائين ته:
”سنڌي هڪ مهان ۽ عظيم ٻولي آهي جنهن مان شايد اڌ
دنيا جون ٻوليون کيرُ پي وڏيون ٿيون آهن. اُن ناتي
سان سنڌي ٻوليءَ کي ايترو حق ضرور آهي ته اُن جي
حيثيت جي مٿڀري نه، ته به بنيادي ٻولين جي صف ۾
ضرور تسليم ڪئي وڃي. (ص
186 – ’سنڌي ٻولي‘، 2009)
سنڌو لکت کي پڙهڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ
لکيائين ته ”جيئن ته موهن جي دڙي جو رسم الخط،
قديم ترين رسم الخطن مان آهي ۽
دنيا جي ڪيترن رسم الخطن جو منبع پڻ آهي، اُن کي
حل نه ڪري سگهڻ جو هڪ ئي سبب رهجي وڃي ٿو ته ڪنهن
به ماهر اِن ڳالهه کي خيال ۾ نه آندو ته هيءُ رسم
الخط جيئن ته سنڌ ۾ ڄائو نپنو، سنڌ جا قديم رهواسي
اُن کي ڪتب آڻيندا هئا، ان ڪري ممڪن آهي ته سنڌيءَ
جي ڪا پراڻي صورت اُن ۾ مضمر هجي“. (ص
163- ’سنڌي ٻولي‘، 2009)
اُن وقت جي نوجون سراجَ، جڏهن اهو ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي ته سنڌي، سنڌو ماٿريءَ جي هڪ قديم،
شاهوڪار، اصولوڪي، بُڻائتي ٻولي آهي، جنهن جو
پنهنجو رسم الخط آهي، اُها نه سنسڪرت مان نڪتي
آهي، نه سامي سَٿ جي آهي، بلڪ اڻ سڌي طرح اهو به
چيائين ته مرڳو اُهي ٻوليون سنڌيءَ جون مرهون منت
آهن ته نتيجي ۾ کيس ”وات ڳاڙهو ڇوڪرو“ چئي، اُن
مفروضي کي سراسر رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اُهو هڪ
مفروضو ئي ته هو! اُن کي تحقيق سان رد ڪري پئي
سگهيا، پر اصل عالمن بدران ٻيا لُڙ ۾ مزو وٺڻ
وارا وِچ ۾ ڪاهي پيا، جن اُن علمي بحث کي ”جهيڙو “
ڪري پيش ڪيو. جڏهن ته جيئن گل محمد عمراڻيءَ،
گذريل هفتي واري تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ چيو هو ته ”هڪ
طرف سراج صاحب جي طرفان آخري عمر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ جي پيرن تي هٿ رکي سَلام ڏيڻ واري ڳالهه مان
سندس علميت جو اعترافُ ۽ احترام ظاهر ٿئي ٿو؛ تيئن
ٻئي طرف ڊاڪٽر صاحب طرفان پنهنجو نظريو ترڪُ ڪري
سراج جي نظريي کي قبول ڪرڻ پڻ سندس قابليت کي مڃڻ
برابر چئي سگهجي ٿو“.
سراج پنهنجي مشاهدي، مطالعي ۽ مغربي ۽ مشرقي عالمن
جي ڏنل مفروضن کي سامهون رکي، سائنسي انداز ۾
دليلَ، منطق ۽ بحث ذريعي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو،
اِن ڏس ۾ پوءِ سنڌ مان ڊاڪٽر غلام علي الانا
پنهنجي تحقيق جاري رکي. جنهن جي نتيجي ۾ ٿيڻ ته
اِهو کپندو هو ته ’جديد ڪپيوٽيشنل لنگئسٽڪس‘ جي
علم ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي لکت کي پڙهيو يا decipher ڪيو
وڃي ها، پر افسوس ته اڄ اُن جديد ٽيڪنالاجيءَ جي
مدد سان تجربا ڪندڙ مغربي توڙي مشرقي عالم اُن ۾
آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ بدران ’پروٽو دراوڙي‘ ۽ ’پروٽو
پراڪرتون‘ ڳولي رهيا آهن. الائجي ڪڏهن وري ڪو
25-26 سالن جو ’وات ڳاڙهو ڇوڪرو‘ يا ’ڇوڪري‘ اُٿي
پنهنجي ’ماءُ ٻوليءَ- سنڌي ٻوليءَ‘ کي جديد کوجنا
جي اصولن تي اصلوڪي ۽ بُڻائتي ٻولي ثابت ڪري، ان
جو مان مٿانهون ڪندا.
اڄ ڀلي هڪ ’هندو سنڌي ناول نگار‘ ‘Return
of the Aryans’ ذريعي
اِهو ثابت ڪري ته آريا اصل ۾ سنڌ مان نِڪتا هئا ۽
وري واپس هندستان آيا ۽ سڄي دنيا کي علم سيکاري
موٽيا ۽ پاڻ سان نئين سڌريل صورت ۾ آريائي ٻولي
سنسڪرت آندائون ۽ ٻئي طرف ڀلي ته ابوجلال ندوي اها
دعوي ڪري ته سنڌ جا ماڻهو ئي هئا، جن وڃي سُمير ۽
بابل وسايوهو ۽ انهن کي جيڪا ٻولي ڏني، اُها ئي
اصل سامي ٻولين جو بنياد آهي، ڇو ته اُها پاڻ به
سامي گروهه جي ٻولي هئي. پر سراج صاحب ”سنڌي
ٻولي“ ڪتاب ۾، 1964 ۾ اِهو ئي چيو هو ته سنڌي
قبيلا هتان جي تهذيب ۽ ٻولي کڻي نِڪتا. هئا ۽ وڃي
دنيا جي مختلف خطن ۾ پنهنجي تهذيب ۽ ٻولي
ڦهلايائون- اُنهن پنهنجي پنهنجي علائقي جا اثر
قبول ڪري مڪاني روپ اختيار ڪيا، پر بنيادي طرح سان
اُنهن جو سرچشمو اسان جي اصلوڪي ٻولي ”سنڌي“ هئي،
جيڪا نه آريائي هئي، نه سامي هئي، پر ”پروٽو سنڌي“
هئي.
(ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي
سهڪار سان، ممتاز مرزا آڊيٽوريم، حيدرآباد ۾،
”سنڌي ٻولي ۽ سراج“ سيمينار ۾، 21.02.2013 تي
پڙهيل) |