سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:25 

ليجنڊ سراج کي سرخ سلام

(رسالن ۽ اخبارن جا ايڊيٽوريل)

اڄ پڻ چڪيم چاڪَ، وَنهين ويڙهيچن جا،

سُورن اچي ســومرا، انـــدر ڪِــي اوطاقَ،

ماروءَ جي فــراقَ، هـــڏَ مُنهنجا ڪَـپِئا!

(شاهه)

سراج کي سنڌ جو سرخ سلام!

02 فيبروري 2013ع جي صبح صادق مهل باک جهڙو اجرو، سڄ جهڙو روشن، ٻار وانگر حساس، رچي ريٽي ٿيل عاشق وانگر باوقار، ترقي پسند ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ايڊيٽر، لسانيات، لطيفي فڪر ۽ لغات جو عالم، سراج (سراج الحق ميمڻ) طبعي زندگيءَ جا اوڻاسي سال گذاري، سنڌ جي سورج مکي شهر ڪراچيءَ جي هنج ۾ ابد تائين آرامي ٿيو.

سراج جي گهڻ رخي ۽ هڪ لحاظ کان مڪمل شخصيت بابت ٿورن لفظن ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته هو پنهنجي وجود ۾ قومي ساڃاهه جو ادارو (National Institute of Intellectualism) هو، جنهن جو بنيادي آدرش وطن جو آجپو هو. اُن مقصد لاءِ زندگيءَ ۾ هُن جيڪي به اظهار جا رستا اختيار ڪيا، جيڪو به لکيو، سوچيو، ڳالهايو ۽ عمل ڪيو، ان جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ سنڌ هميشه موجود رهي. اڄ جي ننڊاکن ناکئن کي چتاءُ هجي ته سراج جو هڪ پل به سنڌ جي غفلت واري ڪفر ۾ نه گذريو، تنهن ڪري هن جي فڪر ۽ شعور جي ٻيڙي سدا ترندي رهي. هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ نه ڪڏهن هڪ قدم به پٺتي هٽيو. ممتاز مرزا اسٽوڊيو ۾ جلاوطن سنڌي اديبن جي آجياڻي واري ميڙاڪي ۾ مون سنڌ جي هن بهادر انسان جي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا هئا. تقريب ۾ سراج صاحب تمام ٿورو ڳالهايو. آخر ۾ هٿ ٻڌي، ائين چئي موڪلايو هئائين: ”نوجوانو سنڌ جي پارت اٿوَ..!!“

سراج، جنهن جي چهري تي مرڪ به اجازت کان سواءِ نه ايندي هئي. هُن جي اکين ۾ بي اختيار لڙڪ هئا ۽ فقط اُن لاءِ هئا ته کيس سنڌ وطن جو بيحد اونو هو، پر سندس سامهون ڊگهي اونداهي رات هئي، بي معنيٰ تبديلين ۽ اقتداري هوس جا تماشا هئا ۽ ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهائجندڙ سنڌ جو عوام ڀٽڪي رهيو هو. پوءِ به هو نااُميد نه هو، هن کي پنهنجي سڏ جي پڙاڏي ۾ بيحد يقين هو.

دنيا جهان ڏٺو ته سراج جو منهن مهانڊو زندگيءَ جي آخري پل تائين، ڪنهن به تبديليءَ کان سوا ٻهڪندو رهيو، ۽ سندس هٿ ۾ قلم کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه ڏٺي وئي، جنهن جو هو ورد ڪندو هجي. شعور جي اهڙي سوڀ ماڻڻ اڄوڪي ’مولوي سنڌ‘ ۾ ڪيڏو جوکم جو ڪم آهي. اهو ڪامريڊ ڄام ساقي ٻڌائي سگهي ٿو يا سنڌ جو قومي راڳي بيدل مسرور يا وري نئين ٽهيءَ جو شاعر جمن سوهو!

سراج جون تخليقي، تحقيقي، صحافتي ۽ سماجي خدمتون لڳ ڀڳ 60 سالن تي محيط آهن. سراج هر شعبي ۾ پنهنجي تخليقي ذهن جا ايترا ته نشانبر اهڃاڻ ڇڏيا آهن، جو انهن مان هر هڪ تي ڊاڪٽريٽ جي مقالي لکڻ جي گنجائش موجود آهي. خاص ڪري سراج جي ڪهاڻين ۽ ناولن جي فن، فڪر، جماليات، مزاحمت ۽ تاريخي پسمنظر ۽ سنسڪرت، سامي صفت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي دراوڙي نظريي جي تقابلي اڀياس بابت ڪانفرنسن ۽ تحقيقي سيمينارن جي اشد ضرورت آهي.

تخليق ۽ تحقيق جي عالمي فضا ۾ سنڌيءَ جي جينئيس اديب سراج جي خوشبوءِ جي ڦهلاءَ جي معنيٰ سنڌ جي حسن جو ڦهلاءُ آهي. سنڌ جي يونيورسٽين، سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ٻين علمي ادبي ادارن جي منتظمين کي پنهنجن انتظامي جهنجهٽن ۽ فقط ڪتابن ڇپائڻ واري مصروفيت مان ڪجهه وقت ڪڍي هن اهم ڪم طرف ڌيان ضرور ڏيڻ گهرجي. اُهو ڪم جتي ادارن جي علمي ساک کي هٿي ڏيندو، اتي سنڌ جي تاريخي وجود جي جوهر کي به سامهون آڻيندو. سنڌ جي تاريخي وجود کي دنيا جهان آڏو آڻڻ ۽ مڃائڻ اڄوڪي وقت جي اهم تقاضا آهي. اڄوڪي وحشي دور جا ڏند اڃا ٿورو ڍڪيل آهن، پر نه وسارڻ گهرجي ته اهي ڏند ڪنهن احسان فراموش مرونءَ جا ئي آهن.

جيتوڻيڪ سراج جي ادبي سفر جي شروعات ڪهاڻيءَ سان ٿي هئي، پر سندس من ۾ متل قومي احساس ناول جي روپ ۾ ظاهر ٿيو ۽ ان جي ابتدا ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جهڙي جرئتمند ناول سان ٿي. هن ناول جو ٻيو ڇاپو بربريت واري سال 1970ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن ملڪ جون نابين فوجون سنڌ جي مقدس ۽ باوفا سرزمين جي ساڃاهه وند ۽ پرامن ماڻهن کي لانگ بوٽن، ڪنداقن ۽ رائفلن جي زور تي چٿي رهيون هيون. سنڌين کي ڳاٽ کڻي هلڻ ۽ ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ جي سزا ۾ تيل ڪڙهائين ۾ ڪاڙهي ڇڏيندا هئا. ضياء وارا ڪارا يارنهن سال سنڌ تي ارغونن جي بربريت جي تسلسل جا ئي سال هئا. سراج پنهنجي پهرين ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾ ارغونن جي بربريت کي تمثيلي نوعيت ۾ اظهاري ضيا جي آمريت کي للڪاريو. ناول ۾ سمايل جدوجهد ۽ اتحاد جي پيغام سنڌ جي نوجوان نسل کي لازوال حوصلو ۽ اتساهه عطا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر گهر ۾ مخدوم بلاول جو جنم ٿيو، جنهن جو مقصد آزاديءَ ۽ قومي غيرت سان جيئڻ هو، جنهن لاءِ هو غلامي قبولڻ جي بدران گهاڻي ۾ پيڙجڻ لاءِ بيقرار هو.

سراج جي طبعي وڇوڙي تائين سندس حياتي اسان جي ڪل سپنن جو جوهر آهي. ان کي هڪ سوال بڻائي اسان مان هر فرد کي پنهنجو جواب ڏيڻو آهي، ته هو جيڪڏهن اديب آهي ته هو سنڌ کي ڇا ڏيڻ چاهي ٿو ۽ اديب جي حيثيت ۾ هن جي پيرن جو سفر سرڪار جي غلاميءَ طرف آهي يا سنڌ جي صدين کان بيقرار سنڌين جي ان تاريخي حق طرف آهي، جنهن کي آزادي چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو وطن جي آزاديءَ طرف آهي ته اڄوڪي ذهني خباثت واري دور ۾ اها سراج لاءِ وڏي ڀيٽا آهي.

(اياز جاني: ايڊيٽر ’همرچو‘)

سوچ ويچار

سنڌي ٻوليءَ جو عالم، اديب، لسانيات جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس سراج الحق ميمڻ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 79 سال هئي. سراج صاحب واري ٽهي هڪ هڪ ٿي اوڏانهن وڃي رهي آهي، جتان ڪنهن به انسان کي واپس نه ورڻو آهي. اسان ڳوڙهن جي ڀيٽا ڏيندي پنهنجي بزرگن کي هميشه لاءِ الوداع ڪريون ٿا. ائين ڄڻ پنهنجو پاڻ کي الوداع ڪرڻ جي ويجهو پهچون ٿا. جو به انسان هن فاني دنيا ۾ آيو آهي، کيس هڪ ڏينهن واپس وڃڻو آهي، ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته هڪ عالم ۽ ڏاهي جو موت پنهنجي پوري ٽهيءَ تي اثر ڇڏي ٿو. ائين اسان شيخ اياز، نياز همايوني، تاجل بيوس، شمشيرالحيدري ۽ ٻين انيڪ دوستن ۽ عالمن کي پنهنجي هٿن سان لحد ۾ لاٿو ۽ سندن کلندڙ چهرا اسان جي آڏو آهن. ائين هڪ ڏينهن اسان کي به مٽيءَ ۾ وڃڻو آهي. سندن يادون اسان جو وڏو سرمايو آهن، جن کي اسان هميشه پنهنجي دل ۽ اکين ۾ سانڍي رکون ٿا. اهو سنڌي ٻوليءَ جو ڪمال آهي، جو هن ننڍڙي خطي وڏا ماڻهو پيدا ڪيا، جنهن ۾ سائين جي.ايم.سيد، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي ۽ ٻيا، پر بدقسمتي اها آهي، جو ملڪ جي ٺهڻ سان سنڌ جي ماڻهن سان پاڪستان ۽ ان جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندڙن هميشه هن قوم جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ سان گڏ هتان جي ماڻهن کي به عتاب هيٺ رکيو آهي.

سراج صاحب هميشه پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ سان پيار ڪيو. سندس پيار جو دائرو تمام گهڻو وسيع هو. جڏهن به ٻولي توڙي هن ديس تي ڏکيا ڏينهن آيا ته هن پنهنجي قلم سان ان ويڙهه کي جاري رکيو. جڏهن ڪهاڻي/ افساني جي ضرورت هئي، تڏهن هن پنهنجي قلم مان شاهڪار افسانا ۽ ڪهاڻيون لکيون ۽ جڏهن ناولن جي کوٽ محسوس ڪئي، تڏهن هنن ان صنف کي پنهنجي قلم سان مالامال ڪيو. ائين سراج صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ 1985ع ۾ شايع ٿيو ۽ پڙهندڙن وٽان ڪافي ناماچاري ماڻي. ان کان پوءِ ناولن ۾ سندن ٽريالاجي ۽ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ 1970ع ۾ ڇپيو. هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪيو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ 1988ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. ائين سراج صاحب هڪ مترجم جي حيثيت سان ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ امريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ پڻ ترجمو ڪيا. ان کان سواءِ سراج صاحب صحافت جي مورچي ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کان سواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ‘ ۽ ’ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج صاحب شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو.

لسانيات جو شعبو هڪ گوناگون شعبو آهي، جنهن ۾ سندن ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ 1964ع ۾ ڇپيو، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب: History of Sindhi Language ۽ ٻيو پنهنجي آتم ڪهاڻي Biography of an Unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. سندن زندگي هڪ مورچي ۾ بيٺل سپاهيءَ وانگر گذري. هن سنڌي ادب کي عالمي معيارن مطابق لکڻ واري ترغيب ڏني. ادب ۽ فن سندن زندگيءَ جو مقصد رهيا. توڙي جو هو عام ماڻهوءَ سان ميل جول ۾ نه رهيو، پر هن پنهنجي زندگيءَ جو پل پل سجايو ڪيو. هونئن به جي ماڻهو وتي ڪچهريون ڪندو ته ڪم ڪٿان ڪري سگهندو. سراج صاحب به اياز جيان ماڻهن کان هڪ پاسي بيهي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏنو. اهڙا انسان جي پنهنجي حياتيءَ کي سجايو ڪرڻ لاءِ هميشه پنهنجي ذات جا ذميوار هجن ٿا ۽ ائين هن صاحب به ڪيو. پاڻ گهڻو وقت اڳ هندستان جي معروف اديب نراد سي چوڌريءَ جي ڪتاب The Autobiography of an Unknown Indian جو ذڪر ڪندا رهيا ۽ ان حوالي سان پاڻThe Autobiography of an Unknown Sindhi لکيائون. ان ڏس ۾ منهنجي سنڌي ادارن جي سربراهن کي گذارش آهي ته سندن باقي رهيل ڪم کي شايع ڪرائين ته جيئن عام سنڌي پڙهندڙ اُن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. ان کان سواءِ سندن رهيل ڪم کي به شايع ڪرايو وڃي. سراج صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، جنهن هر فيلڊ ۾ محنت ڪئي ۽ ڪمٽمينٽ سان محنت ڪري پنهنجي ديس جو نالو روشن ڪيو.

جڏهن هلال پاڪستان حيدرآباد کان ڪراچيءَ ۾ منتقل ٿي، تڏهن پاڻ ان جا ايڊيٽر بڻيا. ايڊيٽريءَ جو منصب ماڻڻ ايترو اهم ناهي، پر سراج صاحب هن فيلڊ ۾ به اهم تبديليون آنديون. جڏهن پاڻ اخبار جا ايڊيٽر بڻيا، تڏهن ڪيترن ئي نون ليکڪن کي متعارف ڪرايائون، جنهن ۾ امر جليل جهڙو ارڏو ليکڪ به اچي وڃي ٿو. جڏهن ته سڀني کي خبر آهي ته ’هلال پاڪستان‘ پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هئي، پر ان جي سٽاءَ مان لڳندو ئي ڪونه هو ته ڪا هيءَ اخبار پيپلز پارٽيءَ جي اخبار آهي. يعني هن مرد مجاهد جي ذات جو ڪرشمو هو، جو هر ڪم ۾ ’ڊسيپلين ۽ مهارت‘ سندن ذات جي اهم ترجيح هئي. ائين پاڻ ناولن ۾ به سنڌ جي سڄي تاريخ کي فڪشن ۾ ڪتب آڻي سنڌي ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ اهم مٽيريل ميسر ڪري ڏنو، خاص طور ارغونن ۽ ترخانن جي قهري ڪلورن کي هن پنهنجي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾ ته ائين پيش ڪيو آهي، جو ان مان لڳي ٿو ته اهي سڀ واقعا ۽ حادثا اسان جي سامهون ٿيندا هجن. اهو ناول هر سياسي پارٽيءَ جو گائيڊ بوڪ طور مشهور هو. سراج سان اختلاف ٿي ٿا سگهن ۽ اختلاف رکڻ جو سڀني کي حق به هئڻ گهرجي، پر سراج جو ڪم تمام گهڻو عاليشان آهي. اهو هاڻ اسان واري ٽهيءَ جي مٿان آهي ته هو پنهنجي اڳين پيڙهيءَ جي ڪم کان ڪيترو ٿا اڳتي نڪرن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ائين عملي طور ٿيو ناهي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي ٿا سگهن، اسان واري ٽهي انڪري به خوش نصيب آهي، جو کين اڳين پيڙهيءَ کان گهڻو ڪجهه مليو، خاص طور شاعري ۽ ڪهاڻيءَ ۾. ان جي برعڪس افسانو، ناول توڙي شاعر، جنهن نموني تخليق ٿيڻ گهرجي ها، اها ان انداز سان تخليق نه ٿي سگهي آهي. يعني اسان واري پيڙهيءَ کي ٻه وکون اڳتي وڌڻ گهرجي ها، پر اها ڏهه وکون پوئتي آهي. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان واري پيڙهيءَ کي ادب ۽ فن سان سلهاڙجڻ سان گڏوگڏ ان جي معيار کي به سامهون رکڻو پوندو. اسان جي مٿان اها به ذميواري آهي ته اسان جي بزرگن ۽ عالمن جيڪي معيار سنڌي ادب لاءِ ٺاهيا آهن، انهن جي پيروي ڪرڻ اسان جو فرض هئڻ گهرجي. اسان جي محنت ئي سراج صاحب سان انصاف ڪري سگهندي. ائين 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊي ڄام ۾ جنم وٺندڙ ۽ 02 فيبروري 2013ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات پائيندڙ هي يگانو عالم، اديب ۽ ٻوليءَ جو ماهر هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويو، پر سندن علمي پورهيو اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندو رهندو.

(ايڊيٽوريل: ماهوار پرک جنوري- فيبروري 2013ع) 

سراج، تاريخ ساز شخصيت جي الوداعي

ڪنهن به ٻوليءَ جي بقا يا زنده/ جاويد رهڻ جو هڪ سبب ان جا ڏاها، شاعر، عالم ۽ اديب به هوندا آهن، جيڪڏهن ان ٻوليءَ سان واسطو رکندڙ وڏا عالم، شاعر ۽ اديب پيدا ٿيندا رهن ته اها ٻولي مضبوط ٿيندي ۽ پنهنجو مقام طئي ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي محبت ۾ محو، سنڌ جي دانشور، نقاد، شاعر سنڌي افسانوي ادب جي لکاري، سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪندڙ، لسانيات جي عالم ۽ وڪيل سراج الحق ميمڻ جي موڪلاڻي به سنڌ جي لاءِ هڪ وڏو ڌچڪو آهي، ڇو ته سراج جهڙا ڪميٽيڊ انسان تمام گهٽ ۽ گهڻي وقت کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. سراج حال حيات پنهنجي تحريرن جي ذريعي جيڪو قومپرستيءَ جو شعور ڏنو، اهڙو بنهه گهٽ لکارين جي لکڻين ۾ اظهاريل آهي. سراج ٻوليءَ، ثقافت، ادب ۽ پنهنجي پيشي وڪالت جي ذريعي سنڌي ماڻهن جي جيڪا خدمت ڪئي، اها نه وسرندڙ ۽ بنا ڪنهن لالچ جي هئي. سراج جهڙي ڏات ۽ ڏانءَ شل سنڌ کي نصيب ٿئي. اسان وٽ هميشه ائين ٿيندو آهي ته جڏهن ڪو عظيم انسان اسان کان دور ٿيندو آهي ته پوءِ ئي ان کي پڙهڻ/ ڌيان ڏيڻ شروع ڪندا آهيون. هاڻي ته سراج اسان وٽ نه رهيو آهي ته ان جي قومپرستي ۽ قوميت واري سمجهي، سهي معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. سڀني سنڌين کي سراج وانگر ديوانگيءَ سان پنهنجي ماءُ جو فرض نڀائڻ گهرجي، سراج سنڌ جو املهه قومي هيرو آهي ۽ سنڌ سندس ڪيل عالمانه خدمتن تي کيس هميشه ياد رکندي. 

(ايڊيٽوريل: ماهوار ’سڦلتا‘ حيدرآباد، فيبروري 2013ع)

سراج الحق ميمڻ جو لاڏاڻو

سنڌ جوگهڻ رخو ڏات ڌڻي سراج ميمڻ اڄ اسان ۾ ناهي رهيو، جنهن جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سڏڪي رهي آهي، ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اتساهه جو ذريعو بڻيل سراج ميمڻ، ناچاڪيءَ سبب ڪجهه ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هن ڪالهه وڏي اسر ڌاري دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ ريت ڄڻ ته صحافت، ٻولي ۽ مزاحمت جو هڪ باب بند ٿي ويو.

سراج ميمڻ جي شخصيت جا ڪيترائي پاسا اهڙا آهن، جن تي جيترو لکجي ايترو گهٽ هوندو. ”ڪي ماڻهو شخصيت ۾ هڪ ادارو هوندا آهن“ وارو پهاڪو صرف سراج ميمڻ جهڙن گهڻ پاسائين شخصيت رکندڙ ماڻهن لاءِ ئي ’رزرو‘ ٿيل آهي، هن هڪ ئي وقت ناليوارو ليکڪ، اديب، ٻوليءَ جو ماهر، ناول نويس، ڪالم نويس، افسانه نويس، ڪهاڻيڪار قانوندان صحافي ۽ دانشور طور ڄاڻايل سڀني ميدانن ۾ پاڻ ملهايو ۽ پاڻ مڃرايو.

سراج املهه خوبين توڙي انيڪ صلاحيت جو مالڪ پنهنجي دور جو هڪ اهڙو جرڪندڙ آئينو ليکيو ويندو هو، جنهن ۾ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي اندر جو عڪس نظر آيو، جيڪڏهن هيئن چئجي ته سراج ميمڻ جي لکڻين ستل شعور کي جاڳائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.

سڀئي ڄاڻن ٿا ته سراج جي لکڻيءَ ۾ افسانوي فڪشن هجڻ جي ڪري مشڪل ۽ مبهم مضمون به سولا ۽ سهنجا ٿي پوندا هئا، جن کي ننڍي سطح وارو پڙهندڙ به دلچسپيءَ سان پڙهندو هو، سندس هر لکڻي عام به ان ڪري ئي ٿي ته خاص مقام به ان ڪري ئي حاصل ڪيائين 1983ع واري آمريتي دور ۾ شروع ڪيل موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (ايم آر ڊي) ۾ به سراج جي ناولن جي ڪردارن جي جهلڪ ملندي هئي.

ضياءُ الحق جي آمريتي دور ۾ ڪوٺايل هر اهل قلم ڪانفرنس ۾ سنڌ جي سمورن اديبن ليکڪن ۽ دانشورن کي شرڪت ڪرڻ جي ڪوٺ ڏني ويندي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي گهڻگهرو سڏائيندڙ ڪيترين ئي چوٽيءَ وارين شخصيتن شرڪت جي هامي ڀري هئي، پر تڏهوڪي ڪڙي امتحان واري وقت ۾ اهڙي هٿ ٺوڪي ڪانفرنس جي شرمناڪ ڪوٺ کي للڪاريندي، جن ماڻهن کليو کلايو انڪار ڪيو، تن ۾ سراج نه رڳو شامل هو، بلڪه هن انهي سموري سٿ جي سرواڻي ڪئي.

سراج ميمڻ ڪهاڻيون ته کڻي ڪافي وقت کانپوءِ لکڻ شروع ڪيون، پر ان کان اڳ هن پنهنجي اوائلي دور يعني 1953ع ۽ 1958ع ڌاري ڪجهه ڪتابن جا ترجما ڪيا، مثال طور ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“ ۽ ”علم معاشيات“ انهن کي پڙهڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس شروعات ئي ڪيڏي نه جاندار ۽ وزندار هئي اسان يقين سان چئي سگهون ٿا ته تنهن دور ۾ جن ”سينئرن“ سراج کي پڙهيو هوندو، تن ضرور هيءَ ڳالهه لکي هوندي ته ”هي ڇوڪرو لڳي ٿو اڳتي هلي گهڻن کان اڳتي نڪري ويندو“ ۽ ٿيو به ائين ئي، هن کان اڳ ۾ صرف محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي سگهارن ليکڪن طور ليکيا ويندا هئا، پر ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ڪتاب اچڻ کانپوءِ سراج انهن کان به اڳتي نڪري ويو، اها ٻي ڳالهه آهي ته محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تخليقي پورهئي جي مڃتا کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.

سراج ميمڻ جي ٻولي، ادب ۽ صحافت ۾ ڏاهپ ڀرئي نقطه نظر هڪ اهڙي جدت آندي، جهڙي هڪ بيٺل تلاءَ ۾ پٿر اڇلائي هلچل پيدا ٿيندي آهي. هو نهايت، بيباڪ، خوددار ۽ ايماندار ماڻهو هو، جنهن هر شعبي ۾ ڪمٽمينٽ (وجود جي سچائيءَ) سان ڪم ڪيو. شايد اهو ئي سبب هو، جو هو سرڪاري ادارن جي لاءِ ناقابل برداشت رهيو. سنڌي ٻوليءَ تي لکيل سندس تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۽ 1988ع ۾ لکيل ڪهاڻين جو ڳٽڪو به اهڙي ئي بيٺل تلاءَ ۾ اڇلايل پٿر ثابت ٿيا، جن کي تاريخي حيثيت ملي چڪي آهي، انهن ڪتابن کان پوءِ ڇڙيل بحث ۾ سراج ڪيترائي مضمون به لکيا، جيڪي اڄ به تڏهوڪن ”مهراڻ ۽ ”نئين زندگي“ رسالن جو حصو بڻيل آهن، جن ذريعي سراج هي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان پيدا نه ٿي آهي، بلڪه اها پاڻ ان جي ماءُ آهي ساڳئي وقت هن هي به چيو ته سنڌي ٻولي موهن جي دڙي واري دور جي ٻولي آهي، جنهن به ماڻهو يا اداري کي سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت پوندي، اسان سمجهون ٿا ته سراج جو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻ کانسواءِ اها تحقيق اڻپوري ليکي ويندي.

سراج ميمڻ صحافت ۾ به ادب سميت ٻين شعبن وانگر نمايان نظر آيو، روزاني هلال پاڪستان جي ايڊيٽر ٿيڻ کانپوءِ هن صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، جيڪي اڄ به اختيار ڪيا وڃن پيا، اهو دور سنڌي صحافت جو سونهري دور ليکيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سراج جي ئي اثر ۽ صحبت هيٺ رهي صحافين جي جيڪا کيپ پيدا ٿي، اهي اڄ به صحافت ۾ هڪ الڳ ٿلڳ حيثيت رکن ٿا، سراج سنڌي صحافت جي ذريعي هڪ اهڙو مورچو بڻايو، جنهن جي آڌار سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ڪيس وڙهڻ واري روايت قائم ٿي ۽ ان سان گڏ صحافت جو سنڌي ماڻهن سان ڪمٽمينٽ جو ماحول پيدا ڪيو.

هن صحافت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ جدت آندي، جنهن کان پوءِ صحافت ۾ ادب وارو عنصر نظر اچڻ لڳو. سراج ڌارين ٻولين جا ڪيترائي اهڙا لفظ صحافت مان خارج ڪري ڇڏيا، جيڪي اڳ ۾ مروج هئا. سراج ئي صحافت ۾ ”پرو پيپل“ وارو لاڙو آندو، جنهن کانپوءِ صحافتي ٻولي وڌيڪ پختي مضبوط ۽ معياري بڻجي وئي، هيئن کڻي چئون ته سراج ئي صحافت ۽ ادب ۾ پل بڻيو، جڏهن به مزاحمتي ادب ۽ صحافت ۾ نون لاڙن جو ذڪر نڪرندو ته سراج ميمڻ جو نالو نمايان نظر ايندو.

(روزاني عوامي آواز، 03 فيبروري 2013ع)

سراج، ادبي آسمان تان ٽُٽل هڪ تارو

زندگي مسلسل سفر آهي، جنهن ۾ هڪڙا مسافر شامل ٿين ٿا ته ٻيا وڇڙندا رهن ٿا ۽ اهو سلسلو صدين کان هلندو پيو اچي. هڪ پاسي ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ابدي سفر ڏانهن ويندي پنهنجو نانءُ نشان به نٿا ڇڏي وڃن ته ٻيا اهو ڪي ڪري ٿا وڃن، جو وقت سندن آڏو بيوس بڻجي ٿو وڃي. اڄ جڏهن لطيف کي پڙهجي ٿو ته اڍائي ٽن صدين وارو وقت هڪ لمحي ۾ ويڙهجندي محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ۽ ائين ٿو ڀاسجي ته ڄڻ لطيف ڪو گهڻو اڳ جو نه، پر هن ئي دور جو شاعر هجي، جنهن حالتن کي پنهنجي اکين سان پسي، انهن جو مشاهدو ڪري لکيو هجي. اُن حوالي سان سنڌ نهايت ئي ڀاڳ واري ڌرتي رهي آهي، جنهن پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙن شاعرن ۽ اديبن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن نه رڳو پنهنجي وقت ۽ حالتن جي عڪاسي پئي ڪئي آهي، پر انهن ڏاڍ ۽ ڏمر سان پڻ اهڙو ته مهاڏو اٽڪايو آهي، جو ايندڙ ڪئين نسل مٿس ناز ڪندا رهندا. جيڪي ڀل ته جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويا هجن، پر سندن لکڻيون ۽ پورهيو سدائين لاءِ ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندو رهندو. اهڙن ئي وڏن ماڻهن مان سراج به آهي، جنهن لاءِ ’هو‘ لفظ لکڻ مناسب نه ٿيندو، جيڪو ڪالهه رات مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. سندس قلمي پورهيي ۽ ٻوليءَ جي خدمت کي تاريخ ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندي. سنڌي ٻوليءَ سان عشق رکندڙ هن ڏاهي، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ لسانيات جي ماهر 24 آڪٽوبر 1933ع ڌاري ٽنڊي ڄام ۾ محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ اک کولي. هو 1955ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1957ع ۾ انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو ۽ گهڻي وقت کان پوءِ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر بڻيو.

شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي حڪومت دوران جڏهن به ٻاهرين ملڪن لاءِ اُسهندو هو ته سراج کي ايڊيٽر طور پنهنجي وفد ۾ نه رڳو ساڻ کڻندو هو، پر جهاز ۾ هميشه کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندو هو. سراج سموري زندگي علمي پورهيو ڪندي گذاري. هُن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، ناول ۽ ناٽڪ لکيا. سندس تصنيفن ۾ ’ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري‘،

’اي درد هلي آءُ‘، ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’مرڻ مون سين آءُ‘، ’اٺون ماڻهو‘،

’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘،

’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘ کان علاوه ترجما ۽ دنيا جا چونڊ افسانا سنڌي پڙهندڙن کي سهيڙي ڏنا.

سراج پنهنجي اکين ۾ سدائين سنڌ جي خوشحالي ۽ خودمختياريءَ جا خواب سجائي رکيا. هو آمريتن آڏو آڻ نه مڃڻ وارو بهادر ايڊيٽر هو. هُن صحافت جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو، جنهن جو ثبوت سندس اهو مقبول ’سياسي منظرنامو‘ جي عنوان سان ڪالمي سلسلو هو، جنهن ۾ هو حالتن جي بيرحميءَ کي وڏي جرئتمنداڻي انداز ۾ بيان ڪندو هو. سندس وڇوڙي تي پوري سنڌ سوڳوار آهي، توڙي جو آخري ڏهاڙن ۾ هُن گوشه نشيني اختيار ڪري رکي هئي ۽ هو ادبي محفلن کان پاسيرو ٿي ويٺل هو، پر سنڌ ۽ سنڌي ادب کيس هميشه ياد رکيو ۽ ايندڙ ڪيترين صدين تائين کيس ياد رکيو ويندو. اسين سندس وڇوڙي تي پوريءَ سنڌ سميت سندس ڪٽنب جي سوڳ ۾ پاڻ کي شريڪ سمجهون ٿا ۽ ڌڻيءَ در دعاگو آهيون ته خدا کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي.

(روزاني عبرت، 03 فيبروري 2013ع)

سراج: سيبتو سرجڻهار

موت جي بيرحم عقاب وري جهڙپ ڏئي سنڌ مان سيبتي سرجڻهار ’سراج‘ جي ساهه جو پاريهر جهٽي ورتو آهي. سراج جو وڇوڙو سنڌي ادب، صحافت، لسانيات لاءِ وڏو نقصان آهي. ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ناول جو خالق سراج، ڪالهه ورنائڻ لاءِ ڪيئي سڏ ڇڏي پاڻ پڙاڏو بڻجي ويو، جيڪو ابد تائين تاريخ جي گنبذن ۾ گونجندو رهندو.

سنڌي ادب ۾ عمر ۽ تخليقي معيار جي حوالي سان جيڪي سينيئر اديب وڃي بچيا آهن، انهن مان سراج پڻ هڪ هو. هو ڪراڙ جي ڪويءَ جي سنڌ جي ورد ورود جي تسبيح جي اهڙي املهه مڻيي مثل هو، جيڪو سِري وڃڻ کان پوءِ وري وري انهن سنڌ خلاف سرچاءَ کان انڪار لاءِ اُڀي ٿيل آڱرين جي لمس جو سرور وٺڻ لاءِ موٽي ايندو آهي. ائين سراج به سنڌ جي خدمتن لاءِ وري وري ٿي موٽيو. ڪڏهن ادبي بورڊ جي حوالي پنهنجو خدمتون ٿي ڪيائين ته جيئن سنڌي ادب جي اشاعت ۽ ترقي ٿئي ته ڪڏهن سنڌي صحافت جي ساڻي وجود ۾ پنهنجا ساهه ٿي ڦوڪيائين. هن سنڌي صحافت ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرايا. سنڌي صحافت جي ان حسنين هيڪل، پنهنجي قلم جي نوڪ سان ديو هيڪل بت ڊاٺا. هن وقت جي جديد صحافت ۾ سراج جي پيار واري پورهئي جو پرتوو نظر اچي ٿو. هن مُهين جي دڙي واري ٻوليءَ/ صورتخطيءَ کي پڙهيو هو ۽ ان تي زبردست تحقيق پڻ ڪئي هئي. هن سنڌو ماٿر جي قديم ٻوليءَ ۽ موجوده سنڌي ٻوليءَ ۾ تعلق جي ڳنڍ ڳولي لڌي هئي.

سراج جي وڇوڙي تي سنڌ اداس آهي. هر دل ۾ سراج جي سوڳ جو تڏو وڇايل آهي، سو اسان ڪنهن ڪنهن سان تعزيت ڪريون! بهار جي اُڀار کان اڳ ئي وڇڙيل سراج جي وڇوڙي تي اسان سنڌ سان تعزيت ٿا ڪريون، جو سنڌ سوڳوار آهي.

(ايڊيٽوريل، روزانه ڪاوش، 03 فيبروري 2013ع)

 

سراج! صدين تائين گونجندڙ آواز

ڪالهه اسان جي سنڌ جو اهو برک اديب، صحافي ۽ ناول نگار گذاري ويو آهي، جنهن کي اسين سراج جي نالي سان سڃاڻون ٿا. اهو سراج ميمڻ، جنهن پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌي ماڻهن جو آواز دنيا تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سنڌ جي درد جي نه فقط پروڙ هئي، پر هو هر وقت انهيءَ جو درمان ڪرڻ لاءِ به جاکوڙيندو رهيو. سراج جي ڪردار ۽ سندس عمل کان شايد ئي سنڌ جو ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جيڪو بي خبر هجي. اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڌرتي واسين جي ڏکن کي محسوس ڪندي ڪم سان لڳا پيا هوندا آهن.

هن نه فقط پنهنجو پاڻ کي بحيثيت صحافيءَ جي هڪ بهترين ۽ سنڌ دوست صحافي ثابت ڪيو، بلڪ هڪ بهترين وڪيل ۽ انهي کان به وڌيڪ هڪ بهترين ناول نگار هو. سندس ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ اسان جون ئي ڪٿائون آهن، جن کي هن پنهنجي اندر مان اوتيو آهي، جيڪي سنڌ جي ذهن تي اڄ به چٽيل آهن. سراج هڪ اهڙو ذهن هو، جنهن وٽ سنڌ کي خوشحال ڏسڻ جا خواب هئا. هو هر وقت انهيءَ جستجوءَ ۾ رهيو ته سنڌ کي اهڙو دڳ ڏجي، جتان اها دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهي ۽ پاڻ کي دنيا جي آڏو ائين پيش ڪري سگهي، جو انهيءَ تي اسان جا ايندڙ نسل فخر محسوس ڪري سگهن. پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ هن پنهنجي قلم کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. اهو ئي سبب هو، جو اڄ به سندس لکڻين کي ماڻهو وڏو مان ڏين ٿا. هو سنڌ جو اهڙو اديب هو، جيڪو نه ڪنهن تڪرار ۾ پيو ۽ نه ئي ڪو سندس ڪردار تي آڱر کڻڻ جي همت ڪري ٿو. هن جنهن ڏکئي دور ۾ ضيائي آمريت خلاف آواز اٿاريو، اهو به اسين وساري نه ٿا سگهون. سراج جا اسان جي سنڌ تي ايترا ته ٿورا آهن، جو انهن کي ڪنهن به ريت وساري نه ٿو سگهجي. پنهنجي سيني ۾ سنڌ جو سور سانڍيندڙ سراج اسان جي سنڌ جو اهو روشن خيال ڪردار آهي، جنهن وٽ خيالن جا اهڙا ته املهه ماڻڪ هئا، جيڪي هن سموريءَ سنڌ کي آڇيا هئا. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪو ڪردار نڀايو، اهو تمام شاندار آهي: کڻي جو هاڻ هو هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، پر هو هڪ اهڙو سگهارو آواز هو، جيڪو صدين تائين سنڌ ۾ گونجندو رهيو.

(روزاني سنڌ ايڪسپريس، 03 فيبروري 2013ع)

 

ليجنڊ سراج الحق ميمڻ کي سرخ سلام

زندگي ته هر ماڻهوءَ کي ملي ٿي، پر زندگيءَ کي ملهائي ڏيکاريندڙ ڪنهن ڪنهن جي ئي وس جي ڳالهه هوندي آهي.

سراج ميمڻ به انهن شخصيتن مان هڪ آهي، جن پنهنجي زندگيءَ کي ملهائي ڏيکاريو ۽ سنڌي ادب، لسانيات ۽ صحافت جي تاريخ جو هڪ روشن باب بڻجي ويو آهي.

مٿي ڄاڻايل انهن شعبن جهڙوڪ، ادب، صحافت ۽ تحقيق ۾ هن جيڪا جُدت آندي ۽ جيڪي ’بريڪ ٿرو‘ ڏنا، تن سراج کي شخصيت جي قالب مان ڪڍي، هڪ تمام وڏو انسٽيٽيوٽ بڻائي ڇڏيو.

سراج جي تمام وڏن ۽ يادگار ڪارنامن ۾ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق آهي، جنهن ۾ هن ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ مان پيدا ناهي ٿي، پر اُها پنهنجي جوهر ۾ نج ٻولي رهي آهي، جنهن جون پاڙون مهين جي دڙي جي ٻوليءَ ۾ کُتل ملن ٿيون.

ناول لکيائين ته ان صنف ۾ تاريخي، سياسي ۽ مزاحمتي رنگ اوتي ڇڏيائين ۽ ائين سنڌي ناول کي هڪ نئون لهجو ڏنائين.

’هلال پاڪستان اخبار‘ ۾ ايڊيٽر بڻيو ته سنڌي صحافت کي اوج تي رسائي ڏيکاريائين. سندس ان صحافتي دور کي جديد سنڌي صحافت جي بانيڪاريءَ وارو ۽ ’سنهري دور‘ سمجهيو ۽ ڄاتو ويندو آهي.

جديد سنڌي صحافت، اڄ جن نت نون لاڙن وارن ٿنڀن تي بيٺل نظر اچي ٿي، سي سڀ جا سڀ ٿنڀ سراج جا ئي کوڙيل هئا.

ڌرتيءَ ۽ ماڻهن سان ڪميٽڊ، درست ۽ ٺيٺ سنڌي ٻولي ڏيڻ، اشوز جي صحافت، تحقيقي رپورٽنگ ۽ ايڊيٽوريل جهڙي مردار صنف ۾ جان وجهڻ ۽ اُن ڍانچي مان حڪمرانن جي ثنا خوانيءَ کي ڪڍي سندن اکين ۾ اکيون وجهي ايڊيٽوريل لکڻ، سراج ميمڻ جو ئي صحافتي اسڪول آف ٿاٽ‘ آهي.

سراج پنهنجي ايڊيٽر شپ واري دور ۾ سنڌي صحافت کي جي. اين. مغل، انور پيرزادي، دستگير ڀٽي، اسلم آزاد، فقير محمد لاشاري، راز ناٿن شاهي، نصير اعجاز، محمود يوسفاڻي، عبدالرحمان نقاش ۽ هدايت منگيءَ وغيره جهڙا صحافي دريافت ڪري ڏنا.

- ۽ ائين سراج ان دور ۾ پنهنجي اخبار ۾ چوٽيءَ جي اديبن جهڙوڪ امر جليل، علي بابا ۽ قمر شهباز وغيره کان ڪالم لکائي، صحافت ۽ ادب وچ ۾ ”پُل“ بڻيو.

پيشيوراڻي ڪرت جيڪڏهن وڪالت هيس ته انڪم ٽيڪس جو هيءُ مُلڪي سطح جو تمام وڏو وڪيل هو ۽ ان شعبي ۾ به هيءُ وڪيلن لاءِ رول ماڊل رهيو.

سراج الحق جي صلاحيتن مان جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي ذهين سياستدان ڪافي فائدو ورتو، پر سراج پوءِ به ڪڏهن پنهنجي ضمير ۽ اصول تي ڪا سوديبازي نه ڪئي.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ سوديبازيءَ کان بچڻ لاءِ ۽ پاڻ کي سرخرو رکڻ لاءِ ئي هن تمام صلاحيتن هئڻ ۽ موقعن ملڻ باوجود، شعوري طور تي ڪا سرڪاري نوڪري نه ڪئي.

(نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون، زرار پيرزادو، روزاني عوامي آواز)

 

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

عيسيٰ ميمڻ

سراج سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو مختلف پهلوئن تي ڪم ڪيو آهي، اهو ڪڏهن به فراموش ڪرڻ جهڙو نه آهي. سراج جا گهڻا حوالا آهن، جيڪي روشن سج جيان عيان آهن. سراج جو سڀ کان وڏو ڪم ’سنڌي ٻوليءَ‘ کي جديد ۽ تاريخي دليلن جي روشنيءَ ۾ هڪ نئون بحث کولڻ آهي، جنهن کان پوءِ سنڌ جا اڪثر اڪابر ۽ ڏاها سراج جي ڏنل دليلن کان منهن موڙي ئي نه سگهيا. ٻيو سندس وڏو ڪم ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۽ ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘  آهن، جيڪي سنڌ جي نوجوانن ۾ قومي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪتابن جي حيثيت رکن ٿا. سنڌ ۾ جتي سائين جي.ايم.سيد جو فڪري پورهيو ۽ شيخ اياز جي انقلابي شاعري پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، اتي سراج جا مٿيان ناول پڻ اهم جڳهه والارين ٿا. ٽيون سراج جو وڏو ۽ اهم ڪم آهي صحافت جي دنيا ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ. هن 1972ع کان 1977ع جي قليل عرصي ۾ ’هلال پاڪستان‘ اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ جيڪي رنڊا روڙيا آهن؛ اهي قابلِ فخر، قابل داد ۽ قابل رشڪ آهن. انهن مڙني ڪمن کان وڌيڪ سندس محبت ۽ نفرت جو مرڪز سنڌ وارو نقطو هميشه ياد رهندو. هن جڏهن آخري خطاب ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچيءَ ۾ ڪندي چيو هو ته: ”نوجوانو! سنڌ جي پارت اٿوَ“، تڏهن سندس اکين ۾ ڇلڪندڙ محبت وارو جذبو ڏسي، نوجوانن ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو هو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سن جي سيد واري ڇڏيل فڪري ڪم ۽ محبت کي سراج ڪيئن نه خاموش نموني پايه تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشان هو!

(سروستي ساهت گهر، ڏوڪري، لاڙڪاڻو. 04 آپريل، 2013ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org