سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:8 

سائين! جڏهن منهنجا خط ڇپجڻ لڳا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويي، نذير ميمڻ، ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻي ۽ مرزا غالب کي لکيل منهنجا خط پڙهيا ويا ته پيارن پڙهندڙن ۽ دوستن پاران انهن خطن تي وڏو فيڊ بئڪ ملڻ شروع ٿيو. ٻين ڪيترين ئي نين صلاحن سان گڏ هڪ صلاح اها ملي ته جن شخصيتن ۽ ڪردارن کي خط لکي رهيو آهيان، انهن مان جن سان منهنجي گهڻي ڏيٺ ويٺ ناهي ته انهن بابت اهڙن دوستن سان حال احوال ڪريان، جيڪي انهن کي ويجها هجن ۽ انهن وٽ ڄاڻ هجي يا آءٌ انهن بابت ڪتاب پڙهان.

سائين! مون کي اها راءِ ٻڌي کِل آئي ۽ آءٌ سوچڻ لڳس، ته نه آءٌ ڪا بايوگرافي لکي رهيو آهيان ۽ نه ئي ڪو خاڪو (پروفائيل)، جنهن لاءِ مون کي ڪا ماڻهن جي ڄاڻ گهرجي. آءٌ جن ماڻهن جي شخصيت، ڪم ۽ دوستيءَ کان متاثر آهيان، انهن کي ٻه اکر لکڻ جو مزو وٺي رهيو آهيان. ضروري ناهي ته اوهين جنهن کي خط لکي رهيا هجو، اُنهيءَ بابت اوهان کي تفصيلي ڄاڻ هجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن اديب، شاعر، سياستدان، مفڪر يا عالم کي ڪو عام پڙهندڙ يا پوئلڳ به ڪنهن موضوع تي خط لکي سگهي ٿو.

سائين! مثال طور ”مرڻ مون سين آءُ“ منهنجي محبوب ترين ڪتابن ۾ شامل آهي، ته ڇا هاڻ جيڪر آءٌ هڪ پڙهندڙ طور اوهان جي اُن لکڻيءَ کان متاثر ٿي اوهان کي ڪو خط لکڻ چاهيان ته ان لاءِ اهو ضروري آهي ته مون کي اوهان جي پوري بايوڊيٽا جي ڄاڻ هجي. اها ته سائين ڪا کِل جوڳي ڳالهه آهي، جي اها اضافي ڄاڻ آهي ته ڀلي ڳالهه، جيڪڏهن ناهي ته ڪا پابندي ڪونهي.

سائين! مون اوهان کي خط لکڻ مهل پنهنجي قلم کي ائين محسوس ڪيو آهي ته خط به خوشبوءِ ۽ عاشقيءَ وانگر انوکي نوعيت جو معاملو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته خط ذريعي لکيل لفظن کي ۽ گهڻو وقت خوشبوءِ ۽ عاشقيءَ وانگر لڪائي نه ٿو سگهجي ۽ مون محسوس ڪيو ته اوهان جهڙن کي لکيل خط رڳو اوهان ڏانهن پوسٽ ڪرڻ بدران پوريءَ سنڌ سان شيئر ڪجي، سنڌ جي لوڪ ۽ مٽيءَ سان محبت ڪندڙ ماڻهن تائين پهچائجي. سنڌ سان محبت ۽ ڪمٽمينٽ جي ڏهاڪن جي خوشبوءِ کي جيئن اوهين لوڪ کان لڪائي نه سگهيا، تيئن اهڙي خوشبوءِ، عشق ۽ سڪ مان لکيل هي سٽون ڪيئن ٿيون لڪائي سگهجن:

عـــشـــق ’اســـــتــاد‘ اعـــلان آهـــي،

لوڪ سمجهي، تون ڇو ٿو لڪائين،

ڳالهه دل جي هلي، ڄڻ ته خوشبو گهلي،

ڪابـــه خوشـبــو ۾ ناهــي خرابـــي.

(بخاري)

سائين! آءٌ هونئن به ’ڪاپي رائيٽ‘ جهڙي دقيانوسي خيالن جو منڪر آهيان. حق واسطا محفوظ رکڻ جي عوام دشمن پاليسي دراصل اڄوڪي بدترين سرمائيداراڻي نظام جي ڪک مان جنم ورتو آهي، جتي هر غريب کي ڄاڻ جي ’رسائي‘ يا ’پهچ‘ کان پري رکڻ لاءِ ڪاپي رائيٽ يا حق واسطا محفوظ رکڻ جهڙا قانون آندا وڃن ٿا.

سائين! آءٌ ته چوان ٿو ته اسان جو لکيل هر هڪ لفظ، ڪتاب ۽ خيال، جيڪڏهن ماڻهن لاءِ آهي. سياسي ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ آهي ته پوءِ حق ۽ واسطا به ته ماڻهن جا ٿيا. پوءِ اخلاقي ۽ قانوني طور ڪاپي رائيٽ جو حق به رڳو عوام کي آهي. اسين ڪير ٿيندا آهيون، حقن تي ڪنٽرول ڪرڻ وارا!

سو سائين! اوهان سان ڳالهه پئي ڪيم ته منهنجن ڇپيل خطن تي دوستن ۽ پڙهندڙن پاران فيڊ بئڪ مليو، جڏهن انهن اوهان جو نالو پڻ لسٽ ۾ پڙهيو ته ڪيترن ئي دوستن اوهان بابت ڪيترائي قصا بيان ڪيا. ڪنهن چيو ته سراج صاحب جو فلاڻو ڪم اهم آهي، ان جو سنڌي ادب جي فلاڻي صنف تي وڏو اثر آهي. ڪنهن وري ٻڌايو ته سراج ميمڻ جي سموري زندگيءَ جو نچوڙ هيءُ قصو آهي. ان جو سنڌ جي سماجي اوسر جي ميدان ۾ فلاڻو ڪم وڏو ڪنٽريبيوشن آهي. ڪنهن ڪهڙا قصا ٻڌايا ته ڪنهن وري پنهنجا احوال ڏنا. آءٌ سائين ٻڌندو رهيس، پر هڪڙي شيءِ اڳ ۾ ئي طئه ڪري چڪو هئس ته معاملا اهي ئي لکبا، جن تي آءٌ ڪليئر هجان ۽ مون سواءِ ڪنهن اضافي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي بس رڳو اهو ئي لکڻ گهربو ٿي، جنهن جي مون کي خبر آهي. جيڪڏهن پڇائون ڪري لکيوسين ته پوءِ اهو خط بدران مضمون ٿي ويندو.

سائين! مون کي اهو ڏسي به حيرت ٿي ته اوهان جي جيڪا منفرد خوبي مون کي وڻندي آهي، انهيءَ بابت ته ڪير ڳالهائي ئي نٿو، جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته ان اهم خوبيءَ تي اڃا ويچاريو ئي نه ويو آهي. اوهان به سوچيندا هوندا ته ذوالفقار رڳو ڊيگهه پيو ڪري، ٻڌائي ته ڪونه ٿو ته اها خوبي ڪهڙي آهي.

سائين! آءٌ سمجهان ٿو ته سنڌي سماج لاءِ اوهان جي وڏي ۾ وڏي خدمت اها آهي ته اوهان ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ سنڌي ماڻهن بابت مفروضن تي ٻڌل منفي راين ۽ انهن جي آڌار تي سنڌين لاءِ جوڙيل هٿ ٺوڪين تصورن ۽ دقيانوسي سوچ خلاف وڏو جهاد ڪيو آهي.

جهوريان جهونا ڪوڙ، الو ميان، ڪوٽ سوين ڪيرايان وو!

ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان، وو!

ڪافر مومن ناهيان، وو!“ (اياز)

 

دعاگو

ذوالفقار هاليپوٽو

منيزاز A/15،

لطيف آباد نمبر 3، حيدرآباد.

08.11.2010

(روزاني سنڌ ايڪسپريس تان ورتل)

 

سراج ميمڻ جي ناول نگاري

 

مختيار احمد ملاح

سراج الحق ميمڻ جو سنڌي ادب ۾ تمام وڏو مقام آهي، خاص ڪري سنڌي ادب ۾ معياري ناول لکندڙن ۾ هن جو نالو سر فهرست آهي. سراج سنڌي زبان جو اهو بيباڪ ليکڪ هو، جنهن جي نس نس ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي زبان لاءِ اجهل ڇڪ، پيار ۽ اڪير موجود هئي. سراج جا ناول سنڌ جي تاريخي، سماجي، معاشي ۽ رومانوي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. سندس ناولن ۾ ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ (ترجمو 1952ع)، ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ (1970ع)، ’مرڻ مون سين آءُ‘ (1988ع)، ۽ ناولن جي ٽريالاجي ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘ (1988ع)، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ (1989ع) ۽ ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘ (1990ع) شامل آهن، جيڪا ٽريالاجي گڏيل صورت ۾ ’پياسي ڌرتي، رمندا بادل‘ نالي سان ڇپجي چڪي آهي. ان کان سواءِ سراج صاحب جا ٻيا ڪتاب، ڪهاڻيون، اقتصاديات، لسانيات وغيره جي موضوعن تي ڇپجي چڪا آهن. هو روزاني هلال پاڪستان اخبار جو به ڪيترا سال ايڊيٽر رهي چڪو آهي. هتي آءٌ سراج جي ناولن جو مختصر جائزو پيش ڪريان ٿو:

ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري:

1952ع ۾ سراج ڀارت جي مهان اديب ڪرشن چندر جي ناول ’جب صبح هوتي هي‘ جو ترجمو ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ جي عنوان سان ڪيو. هي سراج جو پهريون (ترجمو ٿيل) ناول هو، جيڪو محمد عثمان ڏيپلائي صاحب ڇيپو هو. هن ناول جو ٻيو ڇاپو، سچائي اشاعت گهر دڙي طرفان 1984ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول جو موضوع انگريز دور ۾ انقلابي ۽ ان دور جي ملڪي سياسي حالتن جي پسمنظر ۾ آهي. ناول جو ترجمو شاندار آهي. هڪ هنڌ ليکڪ جي خيالن جو سنڌي ترجمو مطالعو ڪريو.

”اڄ ٽريچور اسٽيشن تي خوب پيهه هئي. اٽڪل ڏيڍ سؤ والنٽيئر ڳاڙها ٻلا لڳائي بيٺا هئا. ڪن ماڻهن مون کي سڃاڻي ورتو ۽ منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ نعرا لڳايائون. فضا ۾ هر طرف ’انقلاب زنده باد‘ جي صدا گونجڻ لڳي. هيٺ لهندي مون پنهنجي هم سفر امير سائينءَ ڏانهن هڪ دفعو نهاريو، جنهن هينئر مون ڏانهن تمام حيرت وچان پئي نهاريو. هيٺ لهندي لهندي مون ٻڌو، ننڍو ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي چئي رهيو هو: ”هي به انهن مان ئي آهي!“ ائين چئي هنن گاڏيءَ جي ڳڙکي بند ڪري ڇڏي ۽ اسان ڏانهن پٺ ڏيئي ويهي رهيا. مگر انقلابي نعرا طوفاني جهٽڪن مثل برابر گاڏيءَ اندر پهچندا رهيا.

’انقلاب زنده باد!‘

’انجمن ترقي پسند مصنفين زنده باد!‘

’مزدورن ۽ اديبن جو اتحاد زنده باد!‘

سڄو ناول انقلاب ۽ آزاديءَ جي موضوع تي آهي. ان کان سواءِ ناول مان هندستان ۾ مزدورن ۽ اديبن جي جدوجهد جي بهترين ڄاڻ ملي ٿي.

پڙاڏو سوئي سڏ:

سراج جو پهريون اصلوڪو ناول، ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ۽ تاريخي ناول آهي، جيڪو 1970ع ۾ شايع ٿيو. ناول جو تعارف لکندي محترم رسول بخش پليجو لکي ٿو ته: ”تازو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ شايع ٿيو آهي. اهو ناول سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو هڪڙو بيمثال شاهڪار آهي ۽ سنڌي قوم جو عظيم الشان قوميداستان آهي. اهڙو ناول فقط سراج جهڙو هر فن مولا، انقلابي وطن دوست سنڌي اديب ئي لکي سگهي ٿو، جيڪو ساڳئي وقت ڪهاڻي، شاعريءَ، ناٽڪ، ٻوليءَ جي علم ۽ تاريخي تحقيق جي علم جي ميدانن جو مهندار آهي. هن داستان لکڻ لاءِ انهن سڀني ڄاڻن ۽ هنرمندن جون گهرجون هيون، جي هن ڀليءَ ڀت پوريون ڪيون آهن. ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ سنڌي ٻوليءَ ۽ قوم جي حبدارن جي دليلن ۽ دماغن ۾ هڪڙي نئين ڄاڻ، نئين سمجهه، نئين احساس، نئين جذبي ۽ نئين تڙپ جي لاٽ روشن ڪريو ڇڏي.“

(نئين زندگي، مئي: 1971ع)

’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ناول ۾، سنڌ ۾ ترخانن جي دور جي ظلمن ۽ سنڌ جي جوڌن جي بهادريءَ کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ناول جي پسمنظر ۾ اسان ڏسي سگهون ٿا ته سموريءَ سنڌ ۾ هڪ طرف ظلم، زبردستي ۽ ڏاڍ مڙسي عروج تي هئي ته ٻئي طرف حاڪمن جي فوج جا گهوڙا ٺٽي کان سکر تائين ۽ شڪارپور کان ٿرپارڪر جي وارياسن پٽن تائين سجاڳ سنڌين کي پنهنجي مضبوط ۽ ڳرن سُنبن هيٺ لتاڙيندا ۽ چيڀاٽيندا رهيا. سراج صاحب سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ موجوده حالتن جو گهرو مطالعو ڪري، پوءِ هي ناول لکيو آهي ۽ ان ذريعي ان دور جي هر پهلوءَ کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڳوٺاڻي ڪچهري هجي يا ترخاني حاڪمن جون ذاتي محفلون، مڪتب جا ميڙ هجن يا ڪردارن جون انفرادي ڪيفيتون، ترخانن جا حملا هجن يا سنڌين جا راتاها، ليکڪ هر واقعي ۽ ڪيفيت کي فنڪاراڻي انداز ۽ اثرائتن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.

هن ناول ۾ ڪيترائي تاريخي ڪردار تخليق ڪيا ويا آهن، جن ۾ سوڍل، سنگهار، دادن، جانڻ اهم آهن. جڏهن ته آخوند صالح ۽ آخوند نور محمد انهن جا ڀرجهلو ڪردار آهن. ٻئي طرف امير خان ۽ مرزا باقي خان مکيه ڪردار آهن. ناول جو گهڻو حصو ڌارين جي ظلم ۽ سنڌ جي جوڌن جي وچ ۾ معرڪن تي مبني آهي. سنڌي جوانن کي غلاميءَ جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر ٿو لڳي. اهي ان وقت ائين نٿا چون ته ٻيا ساٿ نٿا ڏين، پوءِ اسين ڇو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايون؟ هو سمجهن ٿا ته مهاڏو فقط اُهي اٽڪائيندا، جن کي ٻين لاءِ جيئڻو آهي. سراج ميمڻ اهڙن ئي سورمن ۽ سورمين جي تاريخ جا اڻ مٽندڙ نقش چٽيا آهن. سراج جي نظر ماضيءَ جي ڪيترن صدين تائين وڃي پهتي آهي.

ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي پڄاڻيءَ ۾ ايترو زور نه آهي، جهڙو شروعات ۾ آهي. ناول تي تنقيدي راءِ ڏيندي غلام حسين پٺاڻ، ششماهي ’سنڌي ادب‘ ۾ پنهنجي مقالي ’ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سراج صاحب جي تاريخي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾ ترخانن جي زماني جي تاريخي واقعن کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ ناول پڙهندي جوش ۾ اچيو وڃي. ناول جي منظر نگاري تمام خوبصورت بيان ڪئي وئي آهي، پر سندس ڪردار ائين لڳن ٿا، جهڙا هر من يا رستم پهلوان، ناول جو خاتمو اهڙو ڇرڪائيندڙ ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جهڙو ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ حالتن کي ڏيکاريو ويو آهي. بهرحال هي ناول جذبات نگاريءَ جو بهترين شاهڪار چئي سگهجي ٿو.“

(ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو، ششماهي سنڌي ادب، 1986ع)

مرڻ مون سين آءُ:

سراج صاحب جو هي ناول، 1988ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. هي ناول درحقيقت ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جو ٻيو حصو آهي. هن ناول ۾ به ارغونن جي ظلم ۽ بربريت سان گڏوگڏ مغلن جي ظلمن جو داستان موجود آهي. ’مرڻ مون سين آءُ‘ جو مرڪزي ڪردار به اهو ئي آهي، جيڪو ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾ سوڍل، سنگهار ۽ دادن جو ڀائيٽو هو، جنهن کي سانول سڏيندا هئا، پر هن ناول ۾ کيس سانوڻ جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو آهي.

هن ناول جي ڪهاڻي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ سانوڻ جي سنڌ ۽ سنڌين سان محبت آهي. هو ڌاڙا هڻي ٿو يا ڪو ٻيو ڪم ڪري ٿو، اهو سڀ سنڌ لاءِ ڪري ٿو. هو پنهنجي ساٿين سان گڏجي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ راهه هموار ڪري ٿو. ٻئي طرف سنڌ جي ڪنيز نوريءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا غلام بڻجي حڪمرانن جي محل ۾ رهي ٿي. وريام، جيڪو ناول جو ٻيو اهم ڪردار آهي، ان کي اتي ڏسي ٿو ۽ ساڻس عشق ڪري ويهي ٿو. هو پنهنجي ساٿين سان گڏجي ان کي آزاد ڪرائي ٿو، پر ڪنيز زهر کائي مري وڃي ٿي. هن ناول ۾ ان دور جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي عڪاسي بهترين نموني ڪئي ويئي آهي. ڌارين جون يلغارون، ظلم، ستم، مذهبي استحصال، معاشي قتل جا انيڪ مثال، هن ناول ۾ موجود آهن.

جيئن ته هي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي ٻي ڪڙي آهي، ان ڪري هن ناول ۾ به اهي ئي خوبيون آهن. ناول منظر نگاري، جذبات نگاري، سهڻي ٻولي ۽ مڪالمن سان ڀرپور آهي. هي ناول به سنڌي ناول جي تاريخ ۾ اهم ناول آهي.

پياسي ڌرتي رمندا بادل (ٽرائلاجي):

هي سراج صاحب جي ناولن جي ٽرائلاجي آهي. هي ٽئي ناول نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدراباد طرفان هڪ ٻئي پٺيان شايع ٿيا. ٽئي ناول مختلف دورن ۾ سنڌ جي سياسي، تاريخي ۽ سماجي حالتن جي نمائندگي ڪن ٿا. اڳين ناولن ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۽ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ وانگر سراج صاحب هن ٽرائلاجيءَ ۾ به هيروز ٺاهڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي، جن وٽ پنهنجي سماجي ۽ تاريخي روايتن جو شعور موجود آهي ۽ جن جي اندر ۾ موجود سماجي ٻنڌڻن ۽ ڏاڍ خلاف بغاوت جي چڻنگ دکندي ۽ ڌڳندي رهي ٿي. هن ٽرائلاجيءَ ۾ سنڌ جي نيم تاريخي حالتن جا ڪيئي اهم پهلو بحث هيٺ آيل آهن. جيتوڻيڪ هنن ٽنهي ناولن ۾ ٽيڪنڪ تي موضوع حاوي نظر اچي ٿو.

(i) منهنجي دنيا هيڪل وياڪل (1988): هي ٽرائلاجيءَ جو پهريون حصو ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘ آهي. هي هڪ سماجي ۽ معاشي مسئلن تي مشتمل ناول آهي. هن ناول ۾ ’نورل‘ جي اهم ڪردار ۾ جنهن سماجي مسئلي کي کنيو ويو آهي. اهو آهي، پورهيت کان سندس پورهيي جي ڦرلٽ سان گڏ سندس عزت جي عدم سلامتي. هن ناول ۾ ’مهرو‘ جي ڪردار ۾ مظلوم ۽ شريف ۽ قدرت طرفان هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏيکاري وئي آهي.

هن ناول لاءِ فيض جوڻيجي لکيو آهي ته: ”هن ناول ۾ ناول نگار، جنهن سماجي مسئلي کي کنيو آهي. اهو پورهيت کان سندس پورهيو ته وڏيرو ڦريو ٿي وڃي، پر هن مسڪين جي عزت به محفوظ نه آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي نياڻين کي ظلم کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هي ظالم هن کان اها عزت به ڦري ٿا وڃن، پر وچ ۾ ڪا رڪاوٽ اچي ٿي ته هو اُن جو سر به ڪپي ٿا وڃن. مطلب ته هن سماج ۾ لوڪن جي سر جي قيمت سستي آهي ۽ لوفر لفنگي جو مان مٿاهون آهي. پوليس به انهن جي پاسي آهي. اهو مسئلو هن ناول جو مکيه موضوع آهي.“ (ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول، ص 104)

(ii) تنهنجي دنيا سـڀ رنـگ ســانول (1989): ٽـرائلاجيءَ جو ٻـيو حصو ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ آهي. هن ناول جا مرڪزي ڪردار انور ۽ مهرو ئي آهن. هي ناول ڳوٺ کان وڌيڪ شهري ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ناول ۾ پروفيسر رشيد جي ڪردار ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف رومانيت جو عنصر به هن ناول ۾ غالب آهي. هن ناول لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکيو آهي ته: ”هن ناول جي منظر نگاري ۽ ڪردار نگاري، اسلوب بيان ۽ ٻولي وغيره شاندار طريقي سان پيش ڪيل آهن. ناول جي هن حصي جو مرڪزي ڪردار انور وڏيري گلڻ جو پٽ آهي. هو پيءَ جي نسبت پڙهيل ۽ قوم پرست آهي. پروفيسر رشيد جو ساٿ ڏئي ٿو، جيڪو سنڌ جي مسئلن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس ڪردار جو ٻيو پاسو اهو آهي ته مهرو جيڪا نورل جي محبت هئي، ان کي پيءُ جي قيد مان آزاد ڪرائي خود شادي ڪري ويهي ٿو.“

(حوالو: پائي پٽ ڪڻا، ص 413)

(iii) منهنجي دنيا مرگهه ترشنا (1990): هي ٽرائلاجيءَ جو ٽيون حصو ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘ آهي. هن ناول ۾ انور مرڪزي ڪردار ۾ نمودار ٿئي ٿو. هي ناول سنڌ جي شهري ماحول جي پسمنظر ۾ آهي، جنهن ۾ مافيا ۽ انهن جي ڪرتوتن کي موضوع بنايو ويو آهي.

هن ناول ۾ به سنڌ جون موجوده حالتون بيان ڪيل آهن. هن ناول ۾ سنڌي قوم جي حالت، سنڌ جي وڏيرن جي عياشين، فضول خرچين، علم جي گهٽتائي، شعور جي ڪمي، اٻوجهائي ۽ سادگيءَ جي حالت بيان ڪيل آهي. ناول جو هيرو انور آهي. هو ڳوٺ مان شهر اچي ٿو. جڏهن انور شهر آيو ته اتي اچي ڪجهه گينگسٽرن جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ وڏو بدمعاش ٿئي ٿو. هن ڪردار ذريعي ناول نگار شهرن ۾ ٿيندڙ ڦرين، چورين، دهشتگردين، ڌاڙن، قتلن، مافيا جي ڪمن ۽ رازن، ملڪي دشمنن جي حرڪتن وغيره کي بي نقاب ڪيو آهي.

ناول جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ آهي. ٽنهي ناولن جي ڪردارن کي پاڻ ۾ ملايو ويو آهي. ”سامهون ئي سامهون هن جي ماءُ جي ڪلهن ۾ ٻانهن وجهي، مسٽر انور، رئيس انور کيس سنڀاليندو پئي آيو. هن جي ماءُ جون اکيون پري هوندي به هن کي پنهنجي دل وانگر بيابان لڳيون ۽ پري هجڻ ڪري انهن جي پٺيان مسز انور مهرو هئي، جنهن سان گڏ چترڪار سليم هو. ائين پئي ڀانيو ڄڻ ته مسز انور، انسان نه هئي. سليم جي ڪا پينٽنگ هئي، جنهن م ساهه پئجي ويو هو يا ائين به ٿي سگهيو ته خود سليم مسز انور جي تخليق جو ڪو پاڇو هو! ۽ سڀ کان آخر ۾ هن پروفيسر رشيد کي ڏٺو، جنهن سان گڏ سورٺ هئي!“

سراج جي ناولن جي مقصديت لاءِ اڪبر لغاري لکي ٿو ته: ”سراج صاحب ادب براءِ ادب جو قائل نه آهي، هو واضح مقصد تحت قلم کڻي ٿو. مقصديت سندس ناولن تي ايترو ته حاوي آهي، جو ڪٿي ڪٿي اسلوب ۾ جذباتيت به اچي ٿي وڃي ۽ ناول نگار فني نقطن کي مدنظر نٿو رکي. اهو مقصد آهي ’سنڌ‘. هو سنڌ لاءِ ئي سڀ ڪجهه لکي ٿو. سنڌين جي بهادري، شجاعت ۽ ڏاهپ کان علاوه انهن جي مسئلن ۽ نفسياتي پهلوئن کي زير بحث آڻي ٿو. هو سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ تي لکڻ چاهي ٿو.“ (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ص 81)

سراج جي ناولن جي خاص خوبي اها آهي ته انهن جي ٻولي، اسلوب، رواني ۽ عڪاسي بهترين هوندي آهي. هن جي ناولن جا موضوع پنهنجو مٽ پاڻ هوندا آهن. ناول پڙهندي ئي پڙهندڙن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ پڙهندڙ پوريءَ طرح پاڻ کي ناول جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. سراج پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اوائلي تاريخ کي اجاگر ڪيو آهي. هن اهو ڏيکاريو آهي ته جڏهن ڌارين سنڌ تي يلغارون ڪيون هيون ته ڪيئن سنڌي جوڌن، انهن سان مقابلو ڪيو هو. هن انهن مسئلن جي نه صرف نشاندهي ڪئي آهي، بلڪ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڏس به ڏنا آهن.

سراج جي سڀني ناولن ۾ جذبات نگاريءَ جو عنصر غالب آهي. هو پڙهندڙ جي جذبات کي به اڀاري ٿو. هو ائين محسوس ٿا ڪن ته سندن ئي جذبن جي عڪاسي ٿي رهي آهي. سندس ناولن جي ٻولي، رواني توڙي وسعت جي لحاظ کان اعليٰ درجي جي آهي، هو جيڪو به خيال بين تائين پهچائڻ چاهي ٿو، ٻولي سندس ڀرپور ساٿ ڏئي ٿي. سندس ٻولي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي جمالياتي ذوق کي ڀرپور تسڪين به ڏئي ٿي.

 

سـراج

 

يوسف سنڌي

سراج جو نالو هڪ ئي وقت لسانيات، سنڌي ڪهاڻي، ناول ۽ ڪالم نگاريءَ جي ميدان ۾ سرموڙ ليکڪ جي حيثيت سان ڳڻي سگهجي ٿو، ۽ سنڌي ناول جو ڪوبه تذڪرو ’سراج‘ جي ناولن جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو چئبو. نه رڳو اهو، پر صحافت جي شعبي ۾ پڻ سراج جو نالو وڏي اهميت ۽ حيثيت ٿو رکي.

سوانح:

سراج، حيدرآباد جي ڀرسان ٽنڊي ڄام ۾، 24 آڪٽوبر 1933ع تي جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل هو ۽ انهيءَ سان گڏ علم و ادب سان به دلچسپي هيس، سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي سندس لکڻ پڙهڻ سان گهاٽو واسطو رهيو. تعليم جي پورائيءَ کان پوءِ سراج ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سول سروس ۾ گهڙيو، جتان کيس 03 نومبر 1970ع تي زوريءَ رٽائر ڪيو ويو. اڳتي هلي سراج صحافت، ادب ۽ وڪالت جي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻيون ۽ ملڪ جي چوٽيءَ جي وڪيلن ۾ ڳڻجڻ لڳو.

ادبي سفر:

سراج جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾، ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ 1985ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سراج جون ست ڪهاڻيون شامل هيون. انهيءَ ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻي ’اٺون ماڻهو‘ آمريتي دور ۾ ماڻهن سان ٿيل عقوبتن جي چٽي عڪاسي ٿي ڪري ۽ دنيا جي علامتي ۽ مزاحمتي ادب جي شاهڪار ڪهاڻي آهي. پنهنجي ڪهاڻين جي سفر جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:

”ڪهاڻيون مون اڳي به لکيون آهن، ڪهاڻيون اڄ به لکان پيو، انهن مان به ڪي ڇپجن ٿيون، ڪي ڪو نه ٿو ڇپايان. ان لاءِ ڪي ئي سبب آهن، گهڻو ڪري اهي سبب سڀ جذباتي آهن. انهن جو وقت آيو ته وضاحت به ڪندس.“

ناول نگاري:

جديد سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سراج ئي اُهو ليکڪ آهي، جنهن سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا آهن، ۽ سراج اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي، رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي آهي.

سراج سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق ڏياريو، جن سنڌ جي تاريخ اڳي ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ 1970ع ۾ ڇپيو. هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ٿو ڪري. انهيءَ ناول ۾ پيش ڪيل ڪهاڻيءَ جي وضاحت ڪندي ليکڪ لکي ٿو:

”جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ تي قبضو ڄمايو، تڏهن هن ايترا ظلم ڪيا، جو ڪنهن شاعر اُن وقت حملي جي تاريخ ’خرابي سنڌ‘ مان ڪڍي هئي. ترخانن ۾ مرزا باقيءَ جو دور سڀ کان اونداهو ۽ سڀ کان روشن دور آهي. سڀ کان اونداهو انهيءَ ڪري جو هن کان وڌيڪ ظالم ٻيو حاڪم نه ٿيو، ۽ سڀ کان روشن ان ڪري، جو ان ظلم خلاف سنڌي قوم منظم ٿي بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جو تاريخن ۾ اُن بغاوت ڪرڻ جي يڪي ۽ سربستي ڪهاڻي لکيل ڪانهي، پر مختلف تاريخن ۾، مختلف شاعرن جي شعرن ۾ ننڍا ننڍا واقعا بيان ٿيل آهن. جن ۾ مون کي هڪ عظيم سلسلو ٿو نظر اچي. انهن ئي واقعن جي هيءَ ڪهاڻي آهي.“

مٿين ڳالهه جي روشنيءَ ۾ ڪتاب جي مهاڳ ۾ جمال ابڙي لکيو آهي:

”سراج انهن سڀني مسئلن کي، ننڍي ناول دوران سُلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس سمجهو ۽ دور رس نگاهه، ماضي، حال ۽ مستقبل کي يڪجاءِ ڪري، تاريخي پس منظر ۾ حقائق کي بي نقاب ڪيو آهي.“

سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ 1988ع ۾ ڇپيو، جيڪو پڻ تاريخي پس منظر ۾ لکيل ۽ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جو ٻيو ڀاڱو سمجهڻ کپي.

سراج جي ٽريالاجي ’پياسي ڌرتي، رمندا بادل‘ جي نالي سان ڇپي، جيڪا ٽن ڌار ڌار ناولن تي ٻڌل آهي. انهيءَ جو ذڪر ڪندي سراج لکي ٿو:

”’سنڌي ٻولي‘ 1964ع ڌاري ڇپيو. تڏهن منهنجي دوست پبلشر ان نالي جو اعلان به ڪري ڇڏيو، پر ان کان پوءِ 1965ع واري جنگ لڳارائي ويئي. منهنجي هنيانءُ ڇڄي ويو. ناول ڇپائڻ تان ارواح کڄي ويم. هي ناول ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ٽن ناولن تي مشتمل آهي، ٽريالاجي آهي.“

سراج جي انهن ناولن سنڌي ادب ۾ وڏي اٿل پٿل آندي ۽ آمريتي دور (88-1977ع) ۾ ڇپجڻ جي ڪري قومي ۽ سياسي ڪارڪنن کي وڏو حوصلو مليو. انهن ناولن پڙهڻ سان سنڌي قوم، سنڌ جي صورتحال ۽ ڌارين جا ظلم فلم جيان نظر اچن ٿا. سراج جا اهي ناول سنڌ جي تاريخ جي ترتيبوار بابن جيان آهن.

لسانيات:

لسانيات جي موضوع تي ’سنڌي ٻولي‘ جي نالي سان سراج جو ڪتاب 1964ع ۾ ڇپيو، جنهن تي تمام گهڻو لکيو ويو ۽ گهڻي ڏي وٺ ٿي. هن ڪتاب ۾ سراج وڏي محنت سان تحقيق ڪري، عالمي ماهرن جي دليلن ۽ پختي يقين سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ’سنڌي ٻولي‘ سنڌ جي اصلوڪي ٻولي آهي ۽ ان جا وارث سنڌ جا قديم باشندا ئي آهن. ڪتاب جو نچوڙ بيان ڪندي سراج لکي ٿو:

”جڏهن چار سال کن ٻولين جي تاريخ، سنڌي تمدن ۽ موهن جي دڙي متعلق ڪجهه مطالعو ڪيم ته حيرت انگيز ڳالهيون نظر آيون. سڀ کان اهم ڳالهه ته اها آئي ته ٻوليءَ جي ماهرن ۽ تاريخدانن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تمدن سان بلڪل ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ پئي ڪيو آهي. ٻي ڳالهه هيءَ ته سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو مائٽاڻو لاڳاپو ته آهي، پر ائين نه جيئن اسان وٽ زبان زد آهي. دراصل ڳالهه ته مرڳوئي اُبتي آهي. سنڌي جيڪڏهن ڪن سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو اُن کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آهي، سڌيءَ طرح نه سهي ته اڻسڌيءَ طرح سهي. اهو هڪ اهڙو احساس ۽ خيال هو، جنهن لاءِ مون سمجهيو ته دنيا مون کي پاڳل سمجهندي.“

ڪتاب جي مهاڳ ۾ محترم محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:

”لائق مصنف هن ڳالهه مڃڻ کان به انڪاري آهي ته سنڌي ڪا سنسڪرت ڄائي آهي. ان باري ۾ سندس راءِ آهي ته (هاڻوڪي) سنڌي توڙي سنسڪرت (۽ ٻيون اڪثر هند، پاڪستاني ٻوليون) سڀئي هڪڙي ساڳي (اوائلي) ٻوليءَ مان نڪتل آهن، جنهن کي پڻ هو ’سنڌي‘ سڏي ٿو، پر جنهن لاءِ هو شايد پروٽو سنڌي ۽ يا پروٽو انڊڪ (يا پروٽو هند يورپي) لفظ استعمال ڪرڻ وڌيڪ مناسب سمجهندو.“

هن ڪتاب کي ’رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ 2009ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ ڇپيو. مٿئين ڪتاب کان سواءِ سراج ’علم معاشيات‘ ڪتاب پڻ لکيو، جنهن ۾ معاشي مسئلن بابت ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آهي.

صحافت:

1971ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو ته هن ’سراج‘ کي پنهنجي اخبار ’هلال پاڪستان‘ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، جتي هن پنهنجي صحافتي ڪردار کي مڃايو ۽ اخبار ۾ صحافتي حوالي سان نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا. اڳتي هلي جڏهن فقير محمد لاشاري ’جاڳو‘ اخبار جو اجراءُ ڪيو ته انهيءَ جي پويان پڻ ’سراج‘ جو ئي ذهن هو. انهن اخبارن ۾ پاڻ ان دور جي اهم مسئلن تي ڀرپور ايڊيٽوريل لکڻ کان سواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ‘ ۽ ’سياسي منظرنامو‘ سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيائين، جن جي پڻ هڪ ڌار حيثيت آهي. هن ’س. م. لاهوتيءَ‘ جي نالي سان پڻ ڪيترائي اهم مضمون لکيا.

تنهن کان سواءِ سراج، شاهه لطيف جي حوالي سان پڻ مقالا لکيا. خاص ڪري شاهه سائينءَ جي سياسي ۽ مزاحمتي شاعريءَ تي هن آمريتي ڏينهن ۾ جرئت سان قلم کڻي، شاهه جي ٻوليءَ ۾ سنڌي قوم کي مزاحمتي جنگ جو پيغام ڏنو.

لسانيات، ڪهاڻي، ناول نگاري ۽ صحافت کان سواءِ سراج ڪيترن ئي ڪتاب جا ترجما پڻ ڪيا، جن ۾ ڪرشن چندر جي رپورتاز ڏکڻ مان سج ٿو اُڀري (1953ع)، چونڊ امريڪي افسانا (1958ع) ۽ سنڌ جي اقتصادي تاريخ (1958ع) اهم آهن. شروعاتي دور ۾ سراج شاعري پڻ ڪئي. نئين زندگيءَ ۽ مهراڻ ۾ ڇپيل سندس نظم، نثري نظم جي صنف ۾ شاهڪار نظم آهن، جن مان هڪ نظم ’ڪراچي‘ يادگار نظم آهي.

سراج جي مٿين ڪمن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سراج ’سنڌي ادب جو آل رائونڊر (گهڻ رخو)‘ ليکڪ آهي.

(يوسف سنڌيءَ جي ڪتاب ’سنڌي ادب‘ (2011ع) تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org