ويهين صديءَ جي سنڌ ۽ ستر جو ڏهاڪو:
ٽالسٽاءِ کي لاڏاڻو ڪندي اڌ صدي لنگهي وئي هئي.
سنڌي ادب، قدامت پرست سياست ۽ سماج جا لوڙها
لتاڙي، هڪ نئين سنڌ جي اڏاوت لاءِ ميڙا چونڊ ڪري
رهيو هو. انهيءَ ساڳي دور ۾ سنڌ جي سياست ۽ سماج
کي ڌارين جو طفيلي، مهذب ۽ سڌريل ڄاڻائڻ لاءِ مدي
خارج تشريحن ۽ تاويلن سان ڪتابن جا انبار لکجي نه،
پر سٿجي رهيا هئا. ان حد تائين جو سنڌي ٻوليءَ کي
پڻ ٻاهرين ٻولين جو مرهون منت ۽ ڳيجهو بنايو پئي
ويو. انهيءَ خفت ۽ سوداءَ کي کوجنا ۽ اڀياس جا
ابتا سبتا ليڪا ڪڍي حرف آخر ڄاڻايو پئي ويو. اهڙي
اڳڀرائيءَ جو مهندار ڪو عام رواجي ماڻهو نه، پر
سنڌ جو هاڪارو اديب ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
هو. ان ۾ ڪوبه وهم گمان ڪونهي ته ڊاڪٽر بلوچ جو
سنڌي ادب ۾ هڪ اهم مقام آهي ۽ سنڌ سندس پگهر ۽
پورهئي کي وساري نه سگهندي، پر ڊاڪٽر بلوچ کي اهو
ڪولمبس سمجهڻ گهرجي، جيڪو سنڌ جي ڳولا ۾ ته نڪتو،
پر اُن کي خيالن ۽ تصوراتي دنيا جي تشريحن ۾ حاصل
ڪري ورتو. ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ٻوليءَ بابت راءِ ڏني
ته سنڌيءَ جون پاڙون سطحي طور تي سنڌ ۾ کتل
رهنديون آيون آهن، پر ان جي واڌ ۽ ويجهه ۾ ڌارين
ٻولين ۽ خاص ڪري عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو هٿ آهي. يا
وري ڪجهه ٻوليءَ جي عالمن سنڌيءَ کي مورڳو ڪنهن
دراوڙي ٻوليءَ جهڙوڪ تامل سان لِڇُ ملڻ جي راءِ
ڏني. ان کان سواءِ ڪجهه هندوستاني ٻولين تي دسترس
رکندڙ عالمن جي دعويٰ هئي ته سنڌيءَ جو سنسڪرت،
پالي يا ڪنهن آڳاٽي زبان سان واسطو آهي.
بهرحال ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي راءِ جو لکت جي صورت ۾
اظهار ٽماهي ’مهراڻ‘، 1959ع جي ڇاپي ۾ ڪيو، سندس
دليلن ۽ دعوائن کي جنهن ماڻهوءَ رد ڪيو، سو هماليه
جي پيرن ۾ بيٺل ڄڻ ته هڪ جيتامڙو هو. اُن جيتامڙي
جو نانءُ آهي سراج الحق ميمڻ/سراج،
جنهن ”سنڌي ٻوليءَ“ نالي هڪ شاهڪار ڪتاب لکي، انهن
سڀني غير علمي روايتن ۽ مفروضن کي رَد ڪيو ته
”سنڌي ٻولي ۽ تمدن هڪ خيرات ۾ مليل ۽ اڌارو ورتل
سازو سامان آهي.“ ان جي برعڪس سراج، کوجنا، اڀياس
۽ منطق وسيلي سنڌوءَ جي آڳاٽي رسم الخط جي گهاڙيٽن
سان ثابت ڪيو ته هتان جي تهذيب سنڌ ڄائي هئي، ان
ڪري زبان به سنڌ ڄائي هوندي.“
ائين سراج، سنڌي ٻولي بابت ديومالائي ڪٿائن جي
ڪوڙڪيءَ کي پرزا پرزا ڪري، سچائيءَ ۽ حقيقت کي
پڌري پٽ ڪري بيهاريو. سنڌي
ٻولي ۽ تمدن کي ديس ڄاول ثابت ڪرڻ کان پوءِ به
سندس قلم بيهجي ڪونه ويو. هن جي شعور ۽ فڪر جي
روشني ’هلال پاڪستان‘ جي
وسيلي سُهائي ڪندي رهي. سراج جي اُنهن ايڊيٽوريلن
صحافت جي سنسار ۾ جدت جا دروازا کولي ڇڏيا. ان کان
سواءِ سندس ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين
آءُ“، ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ (ٽريالاجي) پڻ سنڌ
۽ سنڌ واسين سان محض محبت نه، پر لافاني محبت جو
ثبوت آهن.
اڄ سراج جي ڏسيل واٽ تي ڪيترائي عالم ۽ اسڪالر
پنهنجون ذهني ۽ فڪري محنتون ڪري رهيا آهن. انهن
مان محترم عطا محمد ڀنڀرو پڻ هڪ آهي، جيڪو آڳاٽي
سنڌي رسم الخط جي تري تائين پهچڻ جي دعويٰ ڪري
رهيو آهي. عطا محمد جي انهيءَ تحقيق جو ذڪر ايلس
البينيا پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جون سلطنتون“ (The
Indus Empires) ۾
پڻ ڪيو آهي ته ڪيئن ڀنڀري سان موهن جي دڙي واري،
رسم الخط جو ذڪر ٿي رهيو هو. سندس چواڻي ته پاڻ ان
وقت تپرس ۾ پئجي وئي، جڏهن هُن منهنجو نالو موهن
جي دڙي واري رسم الخط ۾ لکي ڏيکاريو.
بهرحال پاڻ چون ٿا ته کنيل موضوع جي مد ۾ سراج جي
راءِ ۽ مام ڏانهن ان جا ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا:
(1) هر هڪ منش کي پنهنجي پورهئي لاءِ، پوءِ ڇو نه
لکت جي شڪل ۾ هجي، قدر ۽ قدردان گهربل هوندا.
(2) ليکڪ جي لکڻي جيڪڏهن شاهڪار آهي ته ان کي ڏيهه
کان ٻاهر پرڏيهه ۾ ڪيتري مڃتا ۽ مان مليو آهي.
جيتوڻيڪ سراج کي سنڌ ۾ هزارين قدردان مليا آهن.
سندس پورهئي ”سنڌي ٻولي“ کي هُن جي لائق فرزند
امجد سراج، انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، سندس خواهش جو
پڻ ازالو ڪيو آهي، پر پوءِ به سراج انگريزيءَ ۾
لکڻ تي بضد ڇو آهي؟ ڇا ائين ته ڪونهي ته پاڻ
موجوده سنڌي رسم الخط کي عالمي
سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي نمائندگيءَ لاءِ اڻ پورو
سمجهي ٿو. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل سنڌي جيڪي سنڌي
ٻولي ڳالهائي سگهن ٿا، پر پڙهي ۽ لکي ڪونه ٿا
سگهن، انهن کي هڪ مالها ۾ پوئڻ جو سپنو سراج جي
اکين ۾ وراڪا ڏئي رهيو آهي.
لاشڪ ٽالسٽاءِ ۽ سراج علم، بغاوت ۽ انڪار جي صف ۾
بيٺل آهن.
(عوامي آواز، سنڊي مئگزين، آچر، 27 نومبر 2011ع)
سراج جي
لکڻين جو فڪري پسمنظر
ڊاڪٽر غفور ميمڻ
سراج جي ڪهاڻين ۾ جديد دور جي ڪهاڻين جي عالمگير
سوچ جو احساس سمايل آهي، جنهن ۾ اهڙي معاشري جي
شديد خواهش آهي، جنهن ۾ استحصال نه هجي، ناانصافي
نه هجي، ضمير ۽ ذهن جي آزادي هجي. سراج جي ڪهاڻين
۾ مقامي رنگ سان گڏ جديد دور جي بدلجندڙ فڪر مطابق
نوجوانن جو اهو شديد اظهار به موجود آهي، جيڪي
ڪائنات تسخير ڪرڻ چاهين ٿا. ڪهاڻين ۾ نوان رنگ ۽
نوان ڍنگ موجود آهن. سندس ڪهاڻي ”اي درد هلي آءُ“
اهڙو احساس رکي ٿي، جنهن ۾ جديد تهذيب ۽ قدرن وچ ۾
جاگيرداريءَ وارا رويا زير بحث اچن ٿا. ڪهاڻيءَ جي
شروعات هڪ پارٽيءَ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ شفيق ۽ شمي
ٻه مرڪزي ڪردار آهن، جن جو پارٽيءَ ۾ عورت ۽ مرد
بابت بحث ڇڙيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ الميو اُن وقت شروع
ٿئي ٿو، جڏهن شمي محفل ۾ وڄندڙ موسيقيءَ تي بي
اختيار ٿي پنهنجا ماضيءَ جا ورق اٿلائي ٿي. اُن
وقت شفيق، جنهن جي پارٽيءَ ۾ انا جي تعمير ٿي رهي
هئي، انهيءَ کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ کيس خبر پوي ٿي ته
سندس زال جو ڪو ٻيو چاهيندڙ هو، جنهن اُن جي محبت
۾ جان قربان ڪري ڇڏي. اُن وقت سندس ذهن، شعور ۽
جذبات جي ڪيفيت کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ پوءِ هو آفاقي قدرن
۾ انسانيت ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ شميءَ کي پيار ڪري
ٿو. مجموعي طور هن ڪهاڻيءَ ۾ مٿئين طبقي ۾ بدلجندڙ
قدرن جي ٽوڙ ڦوڙ جو فڪر موجود آهي، جنهن تي روشن
خياليءَ جو اثر آهي.
سندس ٻي ڪهاڻي ”فراڊ“ آهي. هن ۾ جنس جهڙي اهم
موضوع کي ڇُهيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي
نُڪتو اهو آهي ته عورت ۽ مرد جو بنيادي ۽ فطري
تعلق جنسي آهي، جيڪو سماجي قدرن ۽ دٻاءَ ۾ دٻيل
آهي، تنهن ڪري منافقت پيدا ٿئي ٿي. خاص طور سان
انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته مرد جي نفسيات ۾
عورت جي جسم جي وڏي اهميت آهي. سندس ظاهري رک
رکاءُ، شريفاڻو سلوڪ سڀ منافقت آهي، فراڊ آهي، هڪ
حسين ۽ خوبصورت عورت جي اڪيلائي ۽ ويجهائپ ملندي
ئي مرد پنهنجي اصليت تي اچي ويندو آهي. ڪهاڻيءَ جي
پلاٽ ۾ هڪ نرس شنيلا، جيڪا پنهنجي نوڪريءَ دوران
مريضن ۽ انهن جي ملاقاتين جا رويا ۽ سندن نظرن جي
باري ۾ ٻڌائي ٿي. دراصل روايتي قدرن ۽ مذهبي ۽
سماجي اخلاق جي گُهٽ، مرد ۽ عورت جا ويڇا، اهڙين
روايتن ۽ منافقتن کي جنم ڏين ٿا. فرق ايترو آهي ته
عورت انهيءَ معاملي ۾ ايتري آزاد ناهي. مٿس لڳل
سماجي اخلاقيات جا پهرا کيس دٻائي رکن ٿا، پر مرد
انهيءَ جو اظهار ڪري ٿو ويهي، جنهن کي اسان فراڊ
يا مرد جي فطرت نٿا چئي سگهون. ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن
روين ۽ احساسن جو ردعمل آهي. ڪهاڻي ”چنڊ گرهڻ“ به
اهڙي موضوع تي لکيل آهي، جنهن ۾ اها ڳالهه واضح
آهي ته غير آسوده جنسي زندگيءَ جا سماجي زندگيءَ
تي ڪهڙا اثر پون ٿا.
سنڌي ڪهاڻيءَ تي مغربي فن ۽ موضوعن جا تجربا ۽
ديومالائن کي علامت طور کڻي انساني الميي کي پيش
ڪرڻ جو تجربو، سراج شروع ڪيو، جنهن ۾ سندس ٻه
ڪهاڻيون قابل ذڪر آهن: هڪ ”پاتال“ ۽ ٻي ”انسان ۽
ديوتا“، ڪهاڻي ”پاتال“ ۾ سراج طبقاتي سماج جي
حقيقت کي علامتي انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾
محسوس ٿئي ٿو ته ديوتائن جو عذاب ۽ ڏک سندن اذيت
ايتري ناهي، جيتري انساني طبقاتي سماج ۾ انسان پل
پل ۾ ڀوڳي ٿو. تمثيلي انداز ۾ ديوتائن جي واتان
غير طبقاتي سماج جي نظرئي جو پرچار ڏاڍي خوبصورت
انداز سان ٿيل آهي.
”ديوتائن جو سراپ ايترو چيچلائيندڙ نه هو، جيترو
منهنجي پنهنجي دنياوي ماڻهن جو سراپ چيچلائيندڙ
آهي. منجهن پنهنجي ڪئي کان شرم لڪائڻ لاءِ آءٌ هي
گلا جو گهانگو تيسين پيو گهليندس، جيسين هي ماڻهو
پنهنجو پاڻ کان، پرمار کان آجا ٿي، وري ونڊي ورڇي
نه کائيندا، پيار ۽ پورهئي جو امر مثال قائم نه
ڪندا.“
سراج هڪ ئي وقت جديد دور جي گهڻن پاسن کي کڻي ٿو،
جنهن ۾ سرمائيداريءَ جي بدلجندڙ قدرن ۾ انساني
رويا ۽ انهن جو نفسياتي اثر، روشن خياليءَ جي
بنياد تي جديد علمي بحث ۽ انهن جا اثر ۽ ساڳئي وقت
سرمائيداريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي گهوٽالو، پورهيت
جي زندگيءَ جو الميو، ساڻس ٿيندڙ غيرانساني سلوڪ ۽
سماج کي تبديل ڪندڙ فڪر، پورهيتن جي جدوجهد سڀئي
موضوع، سراج ڏاڍي فنڪاريءَ سان ۽ فڪري گهرائيءَ
سان کڻي ٿو، خاص طور سان سندس ڪهاڻيون ’زندگيءَ جي
ڪنارن تائين‘، ’ٻهڻي‘، ’هڪ سج ۽ ٻه پاڇا‘، ’اوندهه
جو وڻ‘، ’انسان ۽ ديوتا‘، ’هڪ مرد ٽي لاشا‘،
طبقاتي سماج ۾ انسان سان ٿيندڙ هاڃا ڏيکارين ٿيون،
جنهن ۾ پورهيت جي زندگي چيچلائيندڙ نظر اچي ٿي.
سندس ڪهاڻي ’زندگيءَ جي ڪنارن تائين‘ ۾ هڪ پورهيت
ڪردار، جيڪو جرم ۽ پورهئي جي ڪشمڪش ۾ الجهي ٿو.
پهريائين ڏوهاري آهي، ڏوهه ڪري ٿو، پر هڪ موڙ تي
کيس احساس ٿئي ٿو ته هو سندس بيمار ماءُ، ڀائرن ۽
ڀينرن کي ڪجهه نه ڏئي سگهيو آهي. کين زندگيءَ جون
بنيادي ضرورتون به نه ملي سگهيون آهن. تنهن ڪري
ڏوهه ڪرڻ ڇڏي هو سنجيده ٿي، ڪارخاني ۾ مزدوري ڪرڻ
شروع ڪري ٿو، پر رات ڏينهن سخت محنت ڪرڻ کان پوءِ
به کيس پگهار ايترو نٿو ملي، جو ضرورتن کي منهن
ڏئي سگهي. سوچيندي چوي ٿو:
”ٻارنهن ڪلاڪ باهه مٿان بيهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ به
هنن کي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نٿيون ملن.“
- ۽ مزدورن جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو ته:
”سڀني جي منهن تي اهڙي ويراني ڇانيل هوندي آهي، ڄڻ
ته زنده لاش آهن، جي مرڻ کان پوءِ به بک جو تاثير
ياد ڪري ڪفن ڦاڙي اچي مزدوري ڪرڻ لڳا آهن. ائين ٿو
محسوس ٿئي، ڄڻ زندگي مزدورن لاءِ بدنصيبيءَ جو
گهنج بڻجي رهجي وئي آهي.“
- ۽ اهي مزدور جڏهن زهر جهڙي زندگيءَ مان ڇوٽڪاري
جي لاءِ پنهنجي حقن جي جدوجهد ڪن ٿا ۽ ڪارخاني ۾
هڙتال ڪن ٿا ته ناڪام ٿي وڃن ٿا ۽ کين نوڪريءَ مان
ڪڍيو وڃي ٿو. آخر هو موٽي اُن دنيا ۾ وڃي ٿو، جتي
انسان چور آهي، ڌاڙيل آهي، خوني آهي.
”هڪ مرد ٽي لاشا“ به اهڙن ڪردارن جي ڪهاڻي آهي،
جيڪي مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، پر سندن هڪ ئي ناسور
آهي، اها آهي ’غربت!‘ غربت جي پيڙا ۾ سفر ڪندڙ
پوڙهو مسافر هجي يا اسپتال ٻاهر تڙپي جان ڏيندڙ،
پر سندن الميو هڪ آهي.
غربت ۾ پورهيت طبقي جي نوجوانن جي ڀٽڪي وڃڻ جي هڪ
ڪهاڻي ’هڪ سج ۽ هزار پاڇا‘ آهي، جنهن ۾ اهو الميو
ڏيکاريل آهي ته غريب طبقي جا مائٽ ٻهراڙيءَ جي هڪ
نوجوان کي ڪشالا ڪڍي پڙهائين ٿا. هو نوڪريءَ لاءِ
شهر وڃي ٿو، پر اتي شهر جي رنگينين ۾ گم ٿي وڃي
ٿو، پنهنجي والدين جي اميدن ۽ ارمانن جو زنده لاش
بڻجي ڳوٺ موٽي ٿو. ’ٻهڻي‘ به هڪ اهڙي غريب طبقي جي
ڪهاڻي اهي، جنهن ۾ گهٽ پگهاردار طبقي جي ڪشمڪش
ڏيکاريل آهي ته محدود آمدنيءَ واري طبقي جو هن دور
۾ ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ ڪيڏو ڏکيو ۽ ناممڪن
ڳالهه آهي.
ڪهاڻي ’اوندهه جو وڻ‘ ۽ ’رات ستارن هاڻي‘ به اهڙي
زندگيءَ جي الجهن جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو اصل سبب
غربت آهي. طبقاتي سماج جي اوڻاين کي ظاهر ڪندي،
سراج جا ڪردار ۽ موضوع آهستي آهستي هڪ تسلسل ۾
ارتقائي مرحلن مان گذرن ٿا ۽ سماج جي جديد قدرن ۽
طبقاتي ڪشمڪش کان ٿيندا، پنهنجي وجود ۾ قومي درد
به سموهي ڇڏين ٿا، تڏهن ’ناچڻي‘ ۽ ’ڪارونجهر جا
مور‘ جهڙيون ڪهاڻيون سرجن ٿيون. اهي ڪردار صرف
چيچلائيندي مصيبتن ۾ ويچارگيءَ جي زندگي گذاري مري
نٿا وڃن، پر جدوجهد به ڪن ٿا ۽ فاشي قوتن سان
مهاڏو به اٽڪائين ٿا، رياست جو جبر ۽ اذيتون به
سهن ٿا: جيئن ’اٺون ماڻهو‘ سراج جي شاهڪار ڪهاڻي
آهي، جيڪا انهيءَ پسمنظر ۾ لکيل آهي.
مجموعي طور هنن ڪهاڻين جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو
ته سراج سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ روشن خيال فڪر ۽ ترقي
پسنديءَ جي تقاضائن کي ڏاڍو فني، پيرائتي ۽ جديد
انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪردار نه ته نعري
بازي ڪن ٿا، نه نظرئي جو پرچار بلڪ سندن معاشرتي ۽
نفسياتي زندگيءَ جا پهلو اهڙيءَ طرح پيش ڪيل آهن،
جو پڙهندڙ خود بخود طبقاتي سماج جي روپ کان نفرت
ڪرڻ لڳي ٿو، ۽ پراڻين روايتن، قدرن ۽ جديد دور جي
تقاضائن کي سمجهڻ لڳي ٿو.
سراج
الحق ميمڻ جون ادبي خدمتون
ڊاڪٽر نور افروز خواجه
سراج الحق ميمڻ، ناول، ڊراما، افسانا، مضمون ۽
لسانيات جي موضوع تي، ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. ان
کان سواءِ هن ڪيترائي افسانا ترجمو پڻ ڪيا آهن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:
(1) ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ (ناول)، (2) ’منهنجي دنيا
مرگهه ترشنا‘ (ناول)، (3) ’منهنجي دنيا هيڪل
وياڪل‘ (ناول)، (4) ’مرڻ مون سين آءُ‘ (ناول)، (5)
’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ (ناول)، (6) ’پياسي
ڌرتي رمندا بادل‘ (ناولن جي ٽريالاجي، گڏ ڇپيل)،
(7) ’اي درد هلي آءُ‘ (ڪهاڻيون)، (8) ’اٺون ماڻهو‘
(ڪهاڻيون)، (9) ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ (ترجمو)،
(10) ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ (ناول: ترجمو)، (11)
’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (ترجمو)، (12) ’سنڌي
ٻولي‘، (13) ’علم معاشيات‘ وغيره.
انهيءَ کان علاوه سراج، ’اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ
ڏينهن‘ عنوان وارو
انگريزيءَ مان ناٽڪ به ترجمو ڪيو. هن ڪيترا ڪالم
’ملان جي ڊوڙ‘، ’رتيءَ جي رهاڻ‘، ’سياسي منظرنامو‘
وغيره عنوانن سان لکيا. هن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون
به لکيا، جن ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جا چند مسئلا‘، ’اسان
جو نقاذ‘، ’لطيف ۽ وحدت الوجود‘ وغيره خاص آهن ۽
مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن.
انهن ڪتابن، مضمونن، ڊرامن، افسانن ۽ ڪالمن کان
سواءِ، سراج ڪيترن ادبي ڪتابن تي مهاڳ ۽ مقدما به
لکيا. هو صحافت جو به تجربو رکي ٿو. ’هلال
پاڪستان‘ اخبار جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي.
سراج الحق ميمڻ شاعري به ڪئي آهي، جيڪا ’مهراڻ‘ ۽
ٻين رسالن ۾ ڇپيل آهي. ان کان سواءِ ’نئين زندگي‘،
’ادا‘، ’شاعر‘، ’لطيف ڊائجسٽ‘، ’روح رهاڻ‘ ۽
’مهراڻ‘ رسالن ۾ سندس ڪيترائي مضمون، تبصرا ۽
تنقيدون شايع ٿيل آهن.
سراج الحق ميمڻ جون ڪهاڻيون ۽ ناول گهڻي مقبوليت
حاصل ڪري چڪا آهن. انهن ناولن ۽ ڪهاڻين ۾، تاريخي
پس منظر کان سواءِ قوميت جي رنگ، مقامي رنگ ۽
ٻهراڙيءَ جي ٺيٺ سنڌي ماحول جو عڪس گهڻو نمايان
آهي. هن سنڌي قوميت جي تهذيبي، تمدني، سماجي ۽
نفسياتي مسئلن کي ئي موضوع بنائي لکيو آهي.
سندس ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ رومانوي پهلو به چٽو نظر
اچي ٿو. هن، رومانيت کي نئون رنگ ڏيئي، ان ۾ وسعت
آندي آهي. رومانوي فڪر ۽ نفسيات جا نوان زاويا پيش
ڪيا آهن، جنهن ڪري سنڌي ادب ۾ جديديت جي تحريڪ
اُڀارڻ ۾ سراج جو وڏو هٿ مڃيو ويو آهي.
هيٺ سراج جي ناولن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:
1) پڙاڏو سوئي سڏ:
سراج جو هيءُ ناول 1970ع ۾ ڇپيو، جيڪو سنڌ جي
تاريخ تي لکيل آهي. سنڌ جي تاريخ، هر مظلوم قوم جي
تاريخ وانگر، ظلم جي داستانن سان ڀري پئي آهي، پر
ارغونن ۽ ترخانن جو دور بدترين دور آهي، جنهن ۾
شاهه بيگ ارغون سنڌ تي قبضو ڪري، سنڌين سان تمام
گهڻا ظلم ڪيا.
اهڙيءَ ريت ترخانن ۾ مرزا باقيءَ جو دور سڀ کان
اونداهو ۽ سڀ کان روشن دور هو. اونداهو انهيءَ
ڪري، جو ترخان حاڪمن ۾ هن کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪو به
ڪو نه ٿيو ۽ روشن دور انهيءَ ڪري، جو هن دور ۾ اُن
ظلم خلاف سنڌي قوم منظم ٿي، بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي.
مرزا باقيءَ ڪيترائي بيگناهه سنڌي قتل ڪرايا،
ڪيترائي ماڻهو، هاٿيءَ جي پيرن هيٺان لتاڙائي
مارايا ۽ ڪيترين عورتن سان ظلم ڪيو. سنڌين انهن
ظلمن خلاف بغاوت ڪئي. سنڌ جي تاريخ ۾ انهيءَ بغاوت
جي سربستي ڪهاڻي لکيل ڪانهي، پر مختلف واقعا بيان
ٿيل آهن، پر هن ناول ۾ سراج انهن واقعن جو مڪمل ۽
تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. سراج لکي ٿو:
”انهن ظلمن جي ردعمل طور سنڌين ڪئين شورشون ڪيون،
جن جو هڪ ئي مقصد هو، هڪ ئي آدرش هو. ان آدرش کي
اُجاگر ڪرڻ لاءِ ئي مون، ان کي ناول جي صورت ڏني.“
هن ناول ۾ سراج سنڌي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ، ريتن
رسمن، تهذيب ۽ ڪلچر جي عڪاسي، سنڌي قوم جي بهادري
۽ سورهيائيءَ جا واقعا، سنڌي عورتن جو پنهنجن
(مڙسن) لاءِ اوسيئڙو ۽ انتظار، هندن ۽ مسلمانن جو
گڏجي رهڻ، زوريءَ مڙهت ۽ ان خلاف احتجاج، مذهبي
ڪٽرپڻي جا ڪرتوت، ارغونن ۽ ترخانن جي درٻار جي
ماحول جي عڪاسي سهڻي طريقي سان پيش ڪئي آهي.
سراج صاحب جي هن ناول جو پس منظر قوم پرستيءَ تي
ٻڌل آهي، جنهن کي هن سنڌي قوم کي يڪجا ڪرڻ ۽ ڏاڍ
جي مقابلي ڪرڻ جو مقصد آڏو رکيو آهي. سندس هن ناول
بابت ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ پنهنجيءَ ٿيسز ۾ لکي ٿو
ته:
”هن ناول ۾ ترخانن جي زماني جي تاريخي واقعن کي
اهڙي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ ناول
پڙهندي جوش ۾ اچيو وڃي. هن ناول کي جذبات نگاريءَ
جو بهترين شاهڪار چئي سگهجي ٿو.“
مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته سراج جو هيءُ ناول، هڪ
تاريخي ۽ قومي رنگ ۾ رنڱيل ڪامياب ناول آهي.
2) تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول:
سراج صاحب جو هي ناول به سنڌ جي آزاديءَ، دولتمند
طبقي، زمينداريءَ ۽ سيٺين جي ظلم وغيره جي موضوع
تي لکيل آهي. هن ناول ۾ سنڌ جي عام ماڻهن، غريبن،
مسڪينن، هارين نارين ۽ مزدورن کي، ظلم کان آزادي
حاصل ڪرڻ جا طريقا ڄاڻايا ويا آهن. ناول موضوع
توڙي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان نئون ۽ دلچسپ آهي. هن ناول
پڙهڻ سان من ۾ جوش، ولولو ۽ قربانيءَ جو جذبو ۽
خاص طور تي سنڌيت جو جذبو وڌيڪ نمايان ٿئي ٿو.
ناول مان هڪ ٽڪرو نموني طور پيش ڪجي ٿو:
”ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪهڙا پرين... ڪيڏو سور آهي
انهن لفظن ۾ ڪيڏي نه ڀنڀلائيندڙ حقيقت! منهنجو
ماضي پرديسي پرينءَ جهڙو ته نه هو ۽ منهنجو حال
ڪنهن ديسي سيڻ جهڙو آهي.“
3) منهنجي دنيا هيڪل وياڪل:
سراج الحق جو هي ناول، 1988ع ۾، نيو فيلڊس
پبليڪيشن، حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ناول جو
موضوع به سنڌي معاشرو آهي، جنهن ۾ وڏيرا شاهيءَ جي
ظلمن ۾ پيڙيل غريب هارين ۽ ڪڙمين جي مظلوميت جي
عڪاسي ڪيل آهي.
سراج صاحب هن ناول لکڻ جو مقصد، سنڌ جي اُن ماحول
کان آگاهه ڪرڻ ۽ جدا جدا شخصيتن سان متعارف ڪرائڻ
آهي، جيڪي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ نظر اچن ٿيون. هن
ناول ۾ نوجوان نسل جي نمائندگي ڀرپور نموني ڪيل
آهي، جيڪي معاشري ۾ انقلاب آڻين ٿا. غلط ريتن
رسمن، طور طريقن، ڏاڍاين ۽ ظلمن خلاف آواز اُٿارين
ٿا ۽ تڪليفون برداشت ڪن ٿا.
سراج جي هن ناول ۾ وڏيرن جي بگڙيل نظام، غريبن جي
رت جي پورهئي، هندو ۽ مسلمانن ۾ محبت ۽ ڀائيچاري
وڌائڻ ۽ انگريزن جي غلاميءَ کان نفرت ڪرڻ ۽ سنڌ کي
آزاد ۽ سکيو ستابو ڏسڻ وغيره کي سهڻي طريقي سان
پيش ڪيو آهي.
هن ناول ۾ اڄوڪي سنڌ جي مڪمل عڪاسي آهي ۽ هي ناول
سنڌيءَ جو هڪ ڪامياب ناول ليکيو وڃي ٿو.
4) منهنجي دنيا مرگهه ترشنا:
سراج صاحب جي هن ناول ۾ سنڌ جون موجوده حالتون،
سنڌي قوم جي حيثيت، سنڌي وڏيرن جي عياشين، فضول
خرچين، علم جي گهٽتائي، شعور جي ڪمي، اٻوجهائي ۽
سادگي بيان ڪيل آهي. هن ناول ۾ سراج هڪ هنڌ لکي
ٿو:
”مون کي ڊپ آهي ته اهو وقت پري ڪونهي، جڏهن پان
جون مانڊڻيون، جتي چرس جو زهر ٿو وڪامي، سنڌي قوم
جي وجود کي اڏوهيءَ وانگر کائي کوکلو ڪري، تاريخ
جي ’اگالدان ۾ اُڇلي ڇڏينديون‘؛ ان کي بچائڻ وارو
ڪوبه ڪونه هوندو. وڏيرا اڳي ئي هنن جي مقرر ڪيل
صوبيدارن ۽ ڊپٽين جي کيسن ۾ پيا هوندا. چوندن ته
اٿي بيهو ته اٿي بيهندا، چوندن ته ويهي رهو ته
ويهي رهندا! انهن جو هنن ٻيو به بندوبست ڪيو آهي
ته پنهنجيءَ زال ۽ سريتن سان گڏ، کين هيرامنڊيءَ
جي معشوقن جي اهڙي هير وڌي اٿن، جو اسان جي چڱن
چڱن معتبرن، هنن کي لاهور ۾ بنگلا وٺي ڏنا ۽
باقاعدي هنن کي ماهوار خرچ پيا ڏين.“
هن ناول ۾ سنڌين جي حالت جو بيان هُن، هيٺينءَ ريت
ڪيو آهي:
”سنڌي، شهرن مان بي دخل ٿي رهيا آهن. سندن ڳوٺن جو
رت چوسي کين چيٿاڙي مريض بڻائي ڇڏيو آهي. پنهنجي
شناخت ته پري رهي، سنڌ ۽ سنڌين جو وجود به اهڙي
جوکم ۾ آهي، جو مون کي سموري تاريخ ۾ اهڙو دور نظر
ڪونه ٿو اچي. سنڌ جو رت شايد ڏاڍو مٺو آهي، جو هر
ڄؤر اُن کي چهٽي پئي آهي. جڏهن ته ڄؤرن مان ئي
پنهنجي جند آزاد نٿا ڪري سگهون.“
سراج صاحب پنهنجي هن ناول ۾ سنڌ جي سماجي، معاشي،
اقتصادي ۽ سياسي حالتن جي عڪاسي پيش ڪري ٿو. |