سراج
جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار
نصير اعجاز
منهنجي اهڙي حيثيت ڪانهي جو ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’مرڻ
مون سين آءُ‘ ۽ ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ جهڙن
ناولن جي خالق ۽ ’سنڌي ٻولي‘ ۽ ’اقتصاديات‘ جي
تحقيق ڪندڙ ۽ اهڙن ڪتابن جي ليکڪ سائين سراج صاحب
تي ڪجهه لکي سگهان. مون کيس هڪ ايڊيٽر، قانوندان،
بهترين منتظم ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سنڌي اخبار کي
مڪمل اداري جي شڪل ڏيڻ واري جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ ذري
گهٽ پوڻا ٻه سال سندس ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪيو. ان ٿوري
عرصي ۾ ماڻيل مشاهدو سراج صاحب لاءِ ڀيٽا طور پيش
آهي.
ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ مون اڃا پير ئي ڪونه پاتو
هو ته سائين سراج الحق ميمڻ جو نالو سنڌي ادب ۽
صحافت جي افق تي روشن مناري جيان اُڀريل هو. سندن
وڏو نالو هو ۽ سنڌ جي انهن شخصيتن ۾ ڳڻيو ويندو
هو، جن سنڌ جي نوجوانن کي نه رڳو اُتساهه ڏنو، پر
اسان جهڙن بانبڙا پائيندڙن کي انهيءَ دڳ تي هلڻ
سيکاريو.
اهو 1972ع جو زمانو هو، جڏهن مان اڃا انٽر ڪامرس
جو شاگرد هئس. اخبارون ۽ رسالا خريد ڪرڻ منهنجي وس
۾ ڪونه هئا، پر تڏهن به لطيف آباد کان گهران سچل
ڪاليج ايندي ويندي اسٽالن تي يا ميونسپلٽيءَ جي
لائبريرين ۾ نه رڳو اخبارون ۽ رسالا پڙهي وٺندو
هوس، پر ڪڏهن ڪڏهن کيسي خرچي بچائي اخبار يا رسالو
خريد ڪري وٺندو هوس. منهنجي ذهن تي هڪ اخبار ۽ ٽن
رسالن ايترو ته اثر وڌو هو، جو مون ڪامرس پڙهڻ
باوجود صحافت کي پنهنجو مستقبل بڻائڻ جو فيصلو ڪري
ورتو هو. اها اخبار هئي ’هلال پاڪستان‘ ۽ رسالا
هئا ’سهڻي‘،
’برسات‘ ۽ ’سوجهرو‘، انهن چئني جي اشاعت سنڌي ادب
۽ صحافت ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو هو.
مرحوم طارق اشرف جو رسالو ’سهڻي‘، سنڌ جي ناليوارن
اديبن ۽ شاعرن کي گڏ کڻي انقلابي ادب جي سرواڻ طور
اڳتي وڌي رهيو هو، جنهن ۾ امر جليل جو ’سرد لاش جو
سفر‘ جهڙيون ڪهاڻيون، رجعت پسند سماج توڙي حڪمران
طبقي کي ڌوڏي ڇڏينديون هيون ته ٻئي پاسي يوسف
شاهين ’برسات‘ رسالي جي ابتدا ڪري اردو جي ’اخبار
جهان‘ رسالي کي مات ڏئي ڇڏي هئي. تاج بلوچ ۽ ٻين
اديبن جي سٿ وري ’سوجهرو‘ جهڙو خوبصورت رسالو شروع
ڪيو هو. برسات ۽ ’سوجهرو‘ ڪراچيءَ مان ۽ ’سهڻي‘
حيدرآباد مان شايع ٿيندا هئا.
هلال پاڪستان اخبار هئي ته پاڪستان کان اڳ جي ۽
تحريڪ پاڪستان جي حوالي سان سندس ڪردار رهيو هو،
پر آزاديءَ کان پوءِ بس اها اخبار ائين ئي روايتي
نموني ڇپجندي رهي هئي. ڪو وقت اها اخبار حيدرآباد
جي منشي خاندان جي ملڪيت رهي. هن اخبار جي قسمت
تڏهن بدلي، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پيپلز
پارٽيءَ جو بنياد وجهڻ کان پوءِ هلال پاڪستان کي
خريد ڪيو. شروع ۾ اها حيدرآباد ۾ ئي پراڻي نموني
شايع ٿيندي رهي، پر شهيد ڀٽي اُن کي جديد زماني جي
جديد اخبار ٺاهڻ ٿي گهريو، تنهن ڪري ان کي
حيدرآباد کان ڪراچي آندو ويو.
مئي 1972ع ۾ هلال پاڪستان سنڌين جي جديد ۽ نمائنده
اخبار طور ڪراچيءَ مان شايع ٿيڻ شروع ٿي. هاڻي هن
اخبار جو ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ هو، جنهن پنهنجي
محنت ۽ ذهانت سان اخبار کي اوج تي پهچايو. جديد
ڇپائيءَ لاءِ وڏي قيمتي پرنٽنگ پريس لڳائي وئي.
ٻارن، عورتن ۽ نوجوانن لاءِ هفتيوار رنگين صفحا ۽
رسالا شروع ڪيا ويا. سراج صاحب حيدرآباد مان
تجربيڪار صحافين جي ٽيم کي آڻي ٿوري وقت ۾ ئي هلال
پاڪستان کي ايترو ته مقبول ڪري ڇڏيو هو، جو هر
ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اها اخبار نظر ايندي هئي. پيپلز
پارٽيءَ جي ترجمان اخبار سڏجڻ جي باوجود، هلال
پاڪستان ۾ سرڪاري ڇاپ نظر ڪانه ايندي هئي، ڇو ته
سراج صاحب جي ايڊيٽوريلن، امر جليل جي ڪالمن، قمر
شهباز ۽ آغا سليم
۽ اهڙن ٻين ناليوارن اديبن جي لکڻين، نوجوانن،
عورتن ۽ ٻارن سان گڏ سنڌ جي فنڪارن کي ملندڙ
نمائندگيءَ، هن اخبار کي منفرد رنگ ڏئي ڇڏيو هو.
اخبار جي مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان ڪري
سگهجي ٿو ته مرحوم سائين حفيظ قريشي (سينيئر) ڪڏهن
ڪڏهن جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي ڪاوڙ وچان چوندو هو:
”توهان ته ’هلال پاڪستان‘ کي ايترو ٿا پڙهو، جو
صفا چوپاڙي ٿا وڃوس!“
مون کي خبر ڪانه هئي ته مان اڳتي هلي انهيءَ اخبار
جو هڪ ادنيٰ ڪارڪن بڻجي ويندس. مون ڪامرس پڙهندي
مرحوم طارق اشرف جي رسالي ۾ انگريزي ادب مان
ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڏيڻ شروع ڪيون هيون. 1975ع
تائين اهو سلسلو هلندو رهيو. جڏهن نومبر ڌاري
بي.ڪام جو امتحان ڏئي فارغ ٿيس ته نوڪريءَ جي ڳولا
شروع ڪيم. هڪ ڏينهن هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي
نوڪريءَ جو اشتهار ڏٺم ته درخواست موڪلي ڇڏيم، پر
ساڳئي وقت الائيڊ بينڪ ۾ سيڪنڊ آفيسر جي پوسٽ لاءِ
به درخواست ڏنم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هلال پاڪستان
مان انٽرويو ليٽر اچي پهتو. ڊسمبر 1975ع جي ڪنهن
تاريخ تي انٽرويو رکيل هو. ڪراچي منهنجي لاءِ نئون
شهر هو، پر پُڇائون ڪندو وڃي پهتس. بندر روڊ تي
سٽي ڪورٽ جي سامهون ڪورٽ وِيو بلڊنگ (اڳوڻي بينڪ
آف انڊيا بلڊنگ) جي ٻه ماڙ تي هلال پاڪستان جي
آفيس هئي، جتي ڪنهن زماني ۾ شهيد ڀٽي جي وڪالت
واري آفيس هئي.
ڪراچيءَ ۾ نئون، صحافت جو تجربو به ڪونه ۽ مٿان
وري بي.ڪام جي رزلٽ به اڃا ڪانه نڪتي هئي. سو ڪنهن
حد تائين هيسيل هيس. اهو ذهن ۾ هو ته سراج الحق
ميمڻ جهڙو وڏو اديب انٽرويو وٺندو. مون سميت ڏهه
اميدوار هئا، جن مان ڪي ايم.اي پاس ته ڪي
ايل.ايل.بي هئا. اهي جڏهن سراج صاحب وٽان داٻا
کائي ٻاهر ٿي نڪتا ته مون پاڻ کي انٽرويو کان اڳ
ئي رد سمجهي ورتو هو. اسان کي انٽرويو لاءِ گهرائڻ
کان اڳ انگريزي رسالن- ٽائيم ۽ نيوز ويڪ مان ترجمو
ڪرايو ويو هو ۽ اهو ترجمو سراج صاحب جي آڏو رکيل
هو. مان جڏهن سندس آفيس ۾ گهڙيس ته هن هڪ نظر مون
تي وجهي مون کي ويهڻ لاءِ چيو ۽ منهنجي ڪيل ترجمي
کي ڏسندي چيو: ”توهان پهرين جنوري 1976ع تي اچي
نوڪريءَ تي چڙهو. ٽپال ذريعي نوڪريءَ جو آرڊر
توهان کي موڪلبو، پر ٽپال نه پهچي، ته به هليا
اچجو.“ ڏهن اميدوارن مان هن مون کي چونڊيو، جنهن
تي ٻيا اميدوار توڙي مان پاڻ حيران هوس.
سراج صاحب سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي. انڪم
ٽيڪس کاتي ۾ اعليٰ عهدي تي رهڻ سبب سندس انداز
ڪامورڪو ضرور هو، پر نهايت سنجيده ۽ متاثر ڪندڙ
شخصيت جو مالڪ هو. مون کي شايد ’سهڻي‘ رسالي لاءِ
ڪهاڻين جي ترجمي وارو تجربو ڪم اچي ويو ۽ ائين
سراج صاحب ’ميرٽ‘ ۾ منهنجي ايمان کي تازو ڪري
ڇڏيو.
سندس چوڻ موجب مون کي ’هلال پاڪستان‘ ۾ نوڪريءَ جو
آرڊر حيدرآباد ۾ گهر جي ايڊريس تي پهچي ويو ۽ حيرت
جي ڳالهه ته الائيڊ بينڪ جو آفر ليٽر به اچي پهتو.
ٻئي ليٽر منهنجي هٿ ۾ هئا. هلال پاڪستان ۾ سب
ايڊيٽر طور پگهار 755 رپيا ۽ بينڪ ۾ سورهين گريڊ
جي سيڪنڊ آفيسر طور 625 رپيا آڇيا ويا هئا. فيصلو
مون کي ڪرڻو هو. بينڪ جي پگهار گهٽ، پر مستقبل
روشن هو، جڏهن ته هلال پاڪستان جي پگهار وڌيڪ ۽
مستقبل جي ڪابه خبر ڪانه هئي. سواءِ انهيءَ جي ته
مان پنهنجي پسند جي شعبي ۾ وڃي رهيو هوس. مون هلال
پاڪستان جي آڇ کي ئي قبول ڪيو ۽ پهرين جنوري 1976ع
تي وڃي نوڪريءَ تي چڙهيس.
هن سڄي تمهيد جو اهو ٻڌائڻ جو مطلب آهي ته ڪهڙيءَ
طرح مان ان اداري ۾ پهتس، جيڪو جديد سنڌي صحافت جو
علمبردار هو ۽ جيڪو سنڌي صحافت جو پهريون ۽ آخري
ادارو هو، جنهن کي ٺاهڻ جو سمورو ڪريڊٽ سراج صاحب
کي وڃي ٿو. مان هلال پاڪستان کي هڪ ادارو انهيءَ
ڪري سڏيو، جو ان کان اڳ توڙي پوءِ قائم ٿيل سنڌي
اخبارون وڏيري جي اوطاق کان سواءِ ٻي ڪابه حيثيت
نه ٿيون رکن.
مون کي ڪنهن اخبار ۾ نوڪريءَ ڪرڻ جو تجربو اڳي
ڪونه هو، پر هلال پاڪستان ۾ رهڻ کان پوءِ خبر پئي
ته اهو واحد سنڌي ادارو هو، جنهن کي سراج صاحب
باقاعدي، قاعدي ۽ قانون تحت هلائي رهيو هو.
پارٽيءَ جي اخبار هئڻ سبب هو ڪنهن به سفارشي
ماڻهوءَ کي ملازم رکي سگهيو ٿي، پر هن اشتهار
ذريعي درخواستون گهرائي ٽيسٽ ۽ انٽرويو ذريعي
سليڪشن ڪئي. ٻي ڳالهه ته هر ملازم جو سروس رڪارڊ
رکيو ويو هو ۽ اپائنٽمينٽ آرڊر جاري ڪيو ٿي ويو،
جيڪو ان کان اڳ يا پوءِ ڪنهن به سنڌي اخبار ۾ اڄ
تائين نه ٿيو. هر ملازم جو جنرل پراويڊنٽ فنڊ (جي
پي فنڊ) ڪٽبو هو ته جيئن رٽائرمينٽ تي يا نوڪري
ڇڏڻ مهل ملازم کي اهي پئسا ملي سگهن. ان سان گڏ
گريچوئٽي به ملندي هئي ته گروپ انشورنس به متعارف
ڪرايل هو. اتفاقي موڪلن کان سواءِ ڪمايل موڪل (Earned
Leave) هڪ
سال ۾ هڪ مهينو ملازم جو حق هو ۽ ان تي ڇڏيل هو ته
موڪل وٺي يا موڪل بدلي پئسا وٺي.
تن ڏينهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي اخباري
ملازمن لاءِ پهريون ويج بورڊ ايوارڊ لاڳو ڪيو هو ۽
هلال پاڪستان واحد سنڌي اخبار هئي، جنهن ۾ سراج
صاحب ان ايوارڊ تي باقاعدگيءَ سان عمل ڪيو هو. هتي
هڪ ڀيرو وري چوڻو ٿو پوي ته اڄ تائين ٻي ڪنهن به
سنڌي اخبار ان ايوارڊ تي عمل نه ڪيو آهي ۽ ڪي سنڌي
اخبارون سال ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائڻ جي باوجود قانون
جي خلاف ورزي ڪندي، اخباري ڪارڪنن جا حق ماري
رهيون آهن.
شهيد ڀٽي جي ڏنل ويج بورڊ ايوارڊ تحت اخبار جي سب
ايڊيٽر جي پوسٽ سترهين گريڊ جي آفيسر جي برابر هئي
۽ انهيءَ ڪري مون کي يا ٻين سب ايڊيٽرن، رپورٽرن،
سينيئر سب ايڊيٽرن، شفٽ انچارجن، نيوز ايڊيٽرن ۽
ڪمپازيٽرن کي گريڊن تحت پگهار ملي رهي هئي، جنهن ۾
ساليانو انڪريمينٽ لڳندي هئي.
هڪ بهترين منتظم جي حيثيت ۾ سراج صاحب ملازمن کي
حق ڏيڻ، کين خوش رکڻ سان ڪم جا سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ
ڄاڻندو هو. اهو ئي سبب هو، جو هن هلال پاڪستان ۾
بونس ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو، جيڪو سنڌ جي تاريخ
۾ ڪنهن به سنڌي اخبار ۾ اڳي نه ڪڏهن ٿيو ۽ نه ئي
وري ٿيڻ جي ڪا اميد آهي. ڪير يقين ڪندو ته سراج
صاحب جي زماني ۾ هلال پاڪستان جي هر ملازم کي چار
بونس يعني چار مڪمل پگهارون بونس ڏنيون وينديون
هيون. اڄ اهي سڀ ڳالهيون خواب لڳن ٿيون، ڇو ته اڄ
اها هلال پاڪستان اخبار ئي نه رهي آهي.
قاعدي قانون تي عمل ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ هئڻ
جي باوجود ڪن ’شرپسندن‘ اتي ورڪرس يونين جو بنياد
رکيو، پر ان وقت صحافي ليڊر منهاج برنا ۽ سندس
ساٿين، پنهنجي ليڊري چمڪائڻ خاطر ڪجهه ماڻهن کي
(جن جا نالا ڏيڻ نه ٿو چاهيان) هُشيون ڏئي اها
يونين ٺهرائي هئي، جنهن ذريعي اخبار جي انتظاميه
تي اجايو دٻاءُ وڌو ويندو هو. يونين جا عهديدار
ڪمپازيٽرن مان هوندا هئا ۽ سندن پٺيان منهاج برنا
جا هڪ اڌ ڇاڙتا صحافي. سراج صاحب ان هوندي به ڪنهن
يونين عهديدار جي خلاف ڪو قدم نه کنيو. سندس اصولي
۽ قدآور شخصيت جو ئي نتيجو هو، جو اڳتي هلي جنرل
ضياءَ جي مارشل لا دوران بحرانن ۾ سمورا ملازم
سراج صاحب سان سهڪاري هئا.
ٻاهران اخروٽ وانگر نظر ايندڙ سراج صاحب اندر ۾
نرم ۽ ٻين جو احساس رکندڙ ۽ همٿائيندڙ انسان هو.
ڳنڀيرتا جي پيڪر هن شخص وٽ ڪمري ۾ وڃڻ کان هر ڪو
لنوائيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي گهرائي ته اهو ڏڪي
ويندو هو ته خدا خير ڪري، اسسٽنٽ ايڊيٽر محمود
يوسفاڻي ۽ ڏينهن واري شفٽ جي انچارج هاشم ميمڻ
ذريعي اسٽاف کي هدايتون ملنديون هيون. مون کي به
سڄو سارو هڪ سال ٿي ويو هو، جو سراج صاحب جي شڪل
وري نه ڏٺي. نيٺ ڊسمبر جي مهيني ۾ مون کي سڏ ٿيو.
مان پريشان ٿي ويس. مون کي اڪثر ڀٽي صاحب جون
تقريرون يا چيني اڳواڻ مائوزيتنگ ۽ چُو. اين. لاءِ
جي تقريرن کي ترجمو ڪرڻ جو ڪم ملندو هو. سو سوچيم
ته پڪ ڪا غلطي ٿي هوندي. سندس آفيس ۾ ويس ته سراج
صاحب مون کي ويهڻ جو اشارو ڪري چيو، ”مان تنهنجي
ڪم مان ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. مان چاهيان ٿو ته تون
هاڻ رپورٽنگ ڪر. شروعات ۾ پي پي ليڊرن جا انٽرويو
ڪري اچ ته سالياني خاص اشاعت ۾ هلايون. خرچ جو فڪر
نه ڪجانءِ، جيڪو به ڀاڙو لڳي، توکي ڏنو ويندو.“
منهنجي پيٽ ۾ ساهه پئجي ويو ۽ خوش ٿي ٻاهر نڪتس.
سندس همٿائڻ تي مان اڳتي هلندو رهيس. 1977ع سياسي
بحرانن جو سال هو. پهريان مهينا چونڊ مهم جون
سرگرميون هيون ۽ چونڊن کان پوءِ مخالف پارٽين جي
اتحاد تحريڪون شروع ڪري ڇڏيون. اهڙي غير يقينيءَ
واري ماحول ۾ به هلال پاڪستان سراج صاحب جي
سرواڻيءَ ۾ وڏي ذميواريءَ سان ڪردار نڀايو. هي اهو
زمانو هو، جو پيپلز پارٽيءَ جي سويلين حڪومت هوندي
به فوج سرگرم هئي. اها خبر شايد ڪن ٿورن ئي ماڻهن
کي هوندي ته ان وقت به حڪومتي اخبار هوندي. هلال
پاڪستان جي ڪن خبرن کي فوج وٽان ڪليئر ڪرائي، پوءِ
شايع ڪرائڻو پوندو هو.
ممتاز علي ڀٽو تڏهن وفاقي وزير هو ۽ شهيد ذوالفقار
علي ڀٽي جو ڀروسي جوڳو ساٿي ۽ سؤٽ هئڻ ڪري، مخالفن
کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ جلسن جلوسن تي نڪتل
هو. ان زماني ۾ جوشيلين تقريرن ۾ ممتاز ڀٽي ”دمادم
مست قلندر“ جو نعرو هنيو هو. فوج کي سندس تقرير تي
اعتراض هو ۽ هلال پاڪستان کي حڪم ڏنو ويو ته سندس
تقريرون ڪليئر ڪرائڻ کان پوءِ ڇاپيون وڃن. سراج
صاحب ان جون ذميواريون مون تي رکيون هيون. سندس
هدايتن تحت مان روزانو رات جو ممتاز علي ڀٽي جون
تقريرون کڻي فوجي ڪور هيڊ ڪواٽر ويندو هئس ۽ فوجي
آفيسرن کي سنڌيءَ مان ترجمو ڪري ٻڌائيندو هئس.
گهڻو وقت ڪونه گذريو، جو فوج راتاهو هنيو ۽ آمر
ضياءَ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. هلال پاڪستان لاءِ
نهايت مختلف ۽ اهم دور شروع ٿي ويو. رات جي پيٽ ۾
حالتون بدلجڻ ڪري اها حڪومت بجاءِ حڪومت مخالف بلڪ
مارشل لا مخالف اخبار ٿي اڀري. ان مهل به سراج
صاحب هڪ مدبر اصول پرست اديب ۽ صحافيءَ جو ڪردار
ادا ڪرڻ شروع ڪيو. هلال پاڪستان سڄي سنڌ جو آواز
ٿي اڀري ۽ سندس اشاعت ايترو ته وڌي وئي، جو آرڊر
وٺڻ ۽ پورو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو هو. اخبارون ڍوئيندڙ
وڏي وئن هيٺان مٿان بنڊلن سان سٿجي اندروني سنڌ
رواني ٿيندي هئي ۽ هر شهر ۾ ساجهر ئي اسٽالن تي
ماڻهن جي قطار اخبار وٺڻ جي انتظار ۾ هوندي هئي.
اسان پنهنجي قومي فرض ۽ سراج صاحب سان ساٿ نڀائڻ
لاءِ رات جو پوئين پهر ڊيوٽي ڪندا هئاسين. اخبار
وٺڻ تي رش جي ڪري اڪثر لٺبازيءَ جا اطلاع ملندا
هئا. سراج صاحب جي سرواڻيءَ ۾ هلال پاڪستان سڄي
سنڌ ۾ مارشل لا خلاف باهه ڀڙڪائي ڇڏي هئي، تنهن
ڪري اها آمرن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀجڻ لڳي. ڪجهه
مهينن اندر ئي فوجي حڪومت اخبار کي پنهنجي ڪنٽرول
۾ وٺي ڇڏيو. هڪ رات جڏهن اخبار جي ڪاپي کڻي شيخ
زيد بن سلطان ٽرسٽ بلڊنگ ۾ واقع پريس تي پهتاسين
ته وردي پوش هٿياربند پريس تي قبضو ڪري چڪا هئا.
سراج صاحب هڪ ڀيرو وري اصولي فيصلو ڪيو. مارشل لا
جي ماتحت اخبار جي ايڊيٽري قبول نه ڪئي ۽ استعيفا
ڏئي ڇڏي. شهيد ڀٽي پنهنجي اقتدار وارن ڏينهن ۾
دورانديشيءَ کان ڪم وٺندي پنهنجي دوست عرب امارات
جي حڪمران شيخ زيد بن سلطان النهيان کان مليل فنڊن
مان شيخ سلطان ٽرسٽ قائم ڪري هلال پاڪستان اخبار ۽
پرنٽنگ پريس کي اُن جو حصو بڻائي ڇڏيو هو ته جيئن
اخبار کي ڪڏهن به مالي نقصان نه ٿئي ۽ نه ئي ڪارڪن
بيروزگار ٿين. جيئن ئي مارشل لا اختيارين هلال
پاڪستان ۽ شيخ سلطان ٽرسٽ تي قبضو ڪيو ته کين
اخبار جو شفٽ انچارج هاشم ميمڻ ئي ايڊيٽر طور بهتر
نظر آيو، جيڪو بظاهر شريف ماڻهو هو، پر فوجين جي
حڪمن تي هلڻ لاءِ تيار هو. هاشم ميمڻ ”منهن ۾ ملان
۽ اندر ابليس“ ثابت ٿيو. سندس ڪا خاص اهليت ڪانه
هئي ۽ سراج صاحب جي جتيءَ برابر به ڪونه هو. هن
اخبار کي مارشل لا جو ترجمان ڪري هلائڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر نيوز ايڊيٽر اسلم آزاد، مون ۽ ڪجهه ٻين
ساٿين سندس حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڀيري ته
اسان کيس ايڊيٽر واري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو.
فوجي حڪومت اچڻ شرط علي احمد بروهي (مرحوم) کي
سندس ڀٽي دشمنيءَ سبب سنڌ اطلاعات کاتي جو
سيڪريٽري مقرر ڪيو هو ۽ سال ٻن اندر اتان رٽائر
ٿيڻ تي شيخ سلطان ٽرسٽ جو ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر ڪري
رکيو. مرحوم بروهي صاحب هونئن ڀلو ماڻهو هو، پر
هلال پاڪستان اخبار لاءِ سٺو ثابت نه ٿيو. هن
ورڪرس يونين جي ذريعي (ان کي استعمال ڪري) ان
اداري کي تباهه ڪيو، جنهن کي سراج صاحب وڏي محبت
سان ٺاهيو هو. اڄ هلال پاڪستان ڊمي اخبار جي شڪل ۾
موجود آهي، پر منهنجو اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته: اڄ
نه سراج صاحب حيات ۽ نه ئي اها هلال پاڪستان آهي،
ٻئي تاريخ جو اڻمٽ حصو بڻجي چڪا آهن. سراج صاحب
کان پوءِ جهوني صحافي ۽ مدبر شيخ عبدالرحيم مرحوم
جي شڪل ۾ هلال پاڪستان کي هڪ بهترين ايڊيٽر مليو
هو، جنهن ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ تي اخبار جي مهاڙ
واري صفحي تي ڪاري بارڊر سان ۽ هلال پاڪستان جو
لوگو تري ۾ رکي ڇاپيو ۽ غم جو اظهار ڪيو هو. سراج
صاحب جي استعيفا کان پوءِ وارو دور به هڪ مڪمل
تاريخ آهي، جنهن تي لکڻ سان گهڻائي مهانڊا وائکا
ٿيندا.
(پندرهن وار ’افيئر‘ ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيل،
27-15 فيبروري 2013ع |