سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:19 

سنڌ کي غير معمولي ناول ڏيندڙ سراج

رکيل مورائي

سنڌ جي تاريخ کي، سنڌين جي ڌارين هٿان ٿيل قتلن کي، ۽ مسلسل سنڌ جي آجپي لاءِ وڙهندڙ سنڌي سورمن کي، پنهنجي سنڌ جي تاريخ تي لکيل پهرئين ڪتاب ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾، فڪشنائيز ڪندڙ سنڌ جي محب وطن، سنڌ جي حقن لاءِ الڳ محاذن تان پنهنجو آواز سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ اٿاريندڙ، سراج الحق ميمڻ، ۽ ادبي دنيا ۾ فقط ”سراج“ لکندڙ اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ٻوليءَ کي پهريون ڀيرو سنسڪرت کان به قديم ٻوليءَ سمجهندڙ ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙو جديد ڪتاب لکندڙ سراج ڪلهه اوڻاسي ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ جي حوالي ڪري پاڻ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو، ۽ اهو آرام، اهڙو آهي، جيڪو هر اُن شيءِ لاءِ ضروري طئه ڪيل آهي، جيڪا ساهه کڻي ٿي. ائين سراج صاحب به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پنهنجو آخري ساهه کنيو، جو سندس دل شايد ساڻس ان ڪري بيوفائي ڪري وئي، جو هن اها دل ڪنهن آفاقي قوت جي بجاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان لڳائي هئي، دلين جون ادائون به عجيب آهن. شايد سراج جي دل اهو قبول نه ڪيو هوندو، ۽ سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. پر اهو پڪ سان سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهو توڙي سنڌي ادب سندس نالي ۽ سندس تخليقن سان پيار  ابد تائين ڪندو رهندو، جيستائين آخري سنڌي به هن ڪائنات ۾ هوندو سراج صاحب سنڌي ادب ۾ زندهه رهندو. اهڙيون سندس تخليقون ضمانت ڏين ٿيون.

سراج صاحب پنهنجو غير معمولي تاريخي ناول”پڙاڏو سوئي سنڌ“  لکيو. ۽ اُن ۾ جيڪي ڪردار تخليق ڪيا. اڄ اهي ڪردار تخليق توڙي عمل جي روپ ۾ تاريخ جو حصو آهن. ستر واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سراج صاحب  جو لکيل هيءُ ناول ” پڙاڏو سوئي سڏ“ آهي، جنهن ۾ اُن وقت تائين سنڌ جي ويڙهه جي سموري تاريخ اينٽي ون يونٽ جي تحريڪ تائين سندس آڏو هئي ۽ جڏهن هي ناول ڇپيو ته اُن کي اهڙي دلچسپيءَ سان پڙهيو ويو، جو گمان ٿيندو آهي ته شايد ئي ڪو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هن کان اڳ اهڙو ڇپيو هجي، جنهن کي نوجوانن ايڏي دلچسپيءَ سان پڙهيو هجي، خاص طور شاگردن جي حصي ۾ هيءُ اهڙو ناول پڙهڻ لاءِ آيو، جنهن هنن ۾ هڪ بيحد ئي ويڙهاڪ وطن دوستيءَ وارو جذبو پيدا ڪيو ۽ حيرت جي حد تائين هيءُ ناول 1983ع جي تحريڪ وقت پنهنجو عملي روپ ظاهر ڪري بيٺو. اڄ تائين ائين محسوس ٿئي ٿو ته ”پڙاڏو سوئي سنڌ“ ناول ڄڻ ٽياسيءَ جي تحريڪ جو مينيفيسٽو هو. سنڌي ماڻهو جنهن حڪمت عمليءَ ۽ بهادريءَ سان وڙهيو، ان جو مثال ويجهي سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. هن ناول سنڌي پڙهندڙن کي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي سموري تاريخ گڏ ڪري ڏني. ائين هيءُ ناول سنڌ جي تاريخ جو هڪ باب آهي، جيڪو هن ناول جي روپ ۾ اسان کي سراج صاحب ڏنو. سراج صاحب ٻيو اهم ناول سنڌي ٻوليءَ کي”مرڻ مون سين آءُ“  جي نالي سان ڏنو. جيڪو گهڻي حد تائين شاهه عنايت جي ويڙهه واري پسمنظر ۾ آهي، هيءُ ناول به تاريخ جي هڪ دور کي پاڻ ۾ سمائي بيٺو آهي. جنهن ۾ هيروازم گهٽ، ويچار اڳئين ناول کان وڌيڪ آهي. سنجيدگي وڌيڪ آهي، ٻوليءَ جي گهرائي وڌيڪ آهي، مان سمجهان ائين ٿو ته هيءُ ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ کان ڪيتريون وکون اڳتي وڌي آيل آهي تخليقي طور ۽ تاريخي طور به ائين هي ٻئي ناول اسان کي پنهنجي تاريخ جي لڳ ڀڳ ٻن صدين کان واقف ته ڪري ويا، پر هڪ حوصلو به ڏئي ويا، جنهن کان پوءِ سراج صاحب اسان کي هڪ خوبصورت ٽريالاجي ڏني، جيڪا به پنهنجو  مثال پاڻ آهي، جيتوڻيڪ هن ٽريالاجيءَ کي مٿين ناولن کان  وڌيڪ ادبي مرتبو ڏيڻ جي حق ۾ نه آهيان، پر هيءَ ٽريالاجي اهو طئه آهي ته سنڌي ادب ۾ پهرئين ناول جي ٽريالاجي آهي، جنهن تي تفصيل سان لکي سگهجي ٿو، ۽ هنن سڀني ناولن جي وچ ۾ اهي ڪهاڻيون به آهن، جيڪي الڳ الڳ وقتن تي سراج صاحب جي قلم مان سرجي نڪتيون، انهن جو هڪ ڪتاب نيو فيلڊس پاران، ”اٺون ماڻهو“ جي نالي سان شايع ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپو هجڻ وقت سراج صاحب آمريڪي ناميارن ليکڪن جون ڪجهه ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون، جيڪي اڳتي هلي، هڪ ٻئي نامياري ڪهاڻيڪار غلام رباني آگري صاحب جي ترجمو ڪيل آمريڪي ڪهاڻين سان گڏ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيون. هن ڪتاب جو نالو ”چونڊ آمريڪي افسانا“ آهي. پر اهو وڏو سچ آهي ته سراج صاحب ادب ۾ هڪ اعليٰ ناول نويس وارو مرتبو ئي رکي ٿو. تحقيق ۾ سندس ڪتاب ” سنڌي ٻولي“ پهريون ڪتاب هو، جنهن ۾ سراج صاحب اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌي ٻولي هتان جي آس پاس ڳالهائجندڙ ٻولين جي سلسلي جي ٻولي آهي، جنهن جو سامي نسل جي ٻولين سان واسطو گهٽ آهي، ۽ ائين سراج صاحب جي ان ڳالهه سنڌي ٻوليءَ جي کوج لاءِ نه رڳو هڪ نئين بحث جي شروعات ڪئي، پر تحقيق لاءِ نوان دروازا به کوليا، جنهن کان پوءِ ايندڙ محققن ڪي ٻيا طرف به ڏسڻ شروع ڪيا، جيڪي اڳ ۾ ڏسڻ لاءِ نه مليا هئا. سراج صاحب جو منهنجي آڏو اهو ادبي سلسلو به آهي، جيڪو سندس روح جو اظهار هو، جنهن کي هن گهڻي عرصي تائين ’جاڳو اخبار‘ ۾ ’رتيءَ جي رهاڻ‘ نالي سان هلايو. هونئن شاهه سائينءَ جي ٻولي سندس ناولن جي به  سونهن بڻي آهي، پر هنن ڪالمن جي سلسلي ۾ جيڪا ٻولي هن استعمال ڪئي آهي، ان جو مثال شايد ئي ملي، آغا سليم صاحب جي ناولن کان سواءِ!

’رتيءَ جي رهاڻ‘ ۾ سراج صاحب  جو جيءُ جڏهن کان سنڌ ۽ سنڌي ادب توڙي ماڻهن سان اڙيو ته اهو ناتو هن آخري ساهه کڻڻ تائين پنهنجي پوري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان نڀايو. هن ڪٿي به ان ۾ڪامپرومائيز نه ڪيو. هو پنهنجي شخص ۾ جيڏو قدآوار ۽ با وقار هو، ادب ۾ اوتروئي قد ۽ باوقار رهيو. ادب کان سواءِ هن سنڌ  کي ڇا ڏنو، اهو به ڊگهو داستان آهي، جنهن لاءِ ڪو ڪتاب گهرجي.

عملي طور سراج صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي پهرين نوڪريءَ کان شروعات ڪئي ۽ هڪ اعليٰ قانوندان طور ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. ادب، صحافت ۽ وڪالت، هن جي زندگيءَ جا ٽي الڳ الڳ پهلو آهن،  جن مان هر هڪ پهلوءَ تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ لکيا به ويندا، هلال پاڪستان اخبار سندس ذڪر کان سواءِ اڻپوري رهندي، ائين ڪيئي ادارا سندس ذڪر کان سواءِ اڻپورا رهندا ۽ اڄ کان پوءِ شايد ميڊم فهميده حسين، ڊاڪٽر امجد سراج، ارشد سراج ۽ نويد سراج به دلي طور اڻپورا آهن، ڇو ته منجهن هاڻ سراج صاحب موجود نه رهيو آهي، ٻيءَ طرح سنڌي ادب پڻ سندس کوٽ محسوس ڪندو، جيتوڻيڪ هو پوئينءَ عمر ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجهه لکي نه سگهيو هو، پر سنڌ جي مسئلن بابت گهڻي عرصي کان هو انگريزيءَ ۾ لکندو رهندو هو، ’سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ‘ پاران نڪرندڙ انگريزي سنڌ ڪواٽرلي مئگزن ۾ اهي لکڻيون پڙهي سگهجن ٿيون، نه رڳو پڙهي سگهجن ٿيون، پر انهن کي گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ به آڻڻ کپي، سراج صاحب انگريزيءَ توڙي سنڌيءَ ۾ ڪجهه به لکڻ کان سواءِ پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ به اڃا اڻپوري آهي جنهن کي پورو ٿيڻو آهي. سراج صاحب 24 آڪٽوبر 1933ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو ۽ 2 فيبروري 2013ع تي سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻوڪيو. هن  پڙاڏو سوئي سڏ (ناول)، ’مرڻ مون سين آءُ‘ (ناول)، ’سنڌي ٻولي‘ (تحقيق) سنڌي ۽ انگريزي ءَ ۾، اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون)، پياسي ڌرتي رمندا بادل (ناول ٽريالاجي)، چونڊ آمريڪي افسانا (ترجمو) ۽ اڻ ڳڻيا مضمون، مقالا ۽ ليک سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا آهن.

 

راول رهي نه رات، جيڏيون!

ضراب حيدر

فنڪار يا آرٽسٽ لاءِ سچ ۽ وابستگي ئي اُهو عنصر آهي، جيڪو کيس سدا حيات بڻائي ٿو. آءٌ ته ائين چوندس ته فنڪار يا آرٽسٽ نالو ئي وابستگيءَ جو آهي، جيڪا سچ کان سواءِ ڪنهن سان به جُڙي نه سگهندي آهي، جيڪي ماڻهو سچ سان جُڙيل هوندا آهن ۽ سچ جن ماڻهن سان جُڙيل هوندو آهي، اهِڙن ماڻهن کي ’سِراج‘ چئبو آهي. جيتوڻيڪ سنڌي لغت ۾ سِراج جي معنيٰ ’ڏيئو‘ يا ’چراغ‘ ٻڌائي وئي آهي، پر اردو لغت سِراج کي ’سورج‘ يا ’روشني‘ جي وضاحت سان پيش ڪري ٿي.

سراج الحق اڄ اسان سڀني جي وچ ۾ ناهي رهيو!

هڪ لمحي لاءِ دل افسرده ٿيو وڃي، جنهن رات وڳڙي ۾ سراج بنا موڪلائڻ جي اسان کان رخصت ٿي هليو، ان رات لاءِ لطيف سرڪار جون هي سٽون من ۾ لهيو اچن ته:

”راول رهي نه رات، جيڏيون منهنجو راول رهي رات“

ڇنڇر رات، آڌيءَ ويلي، سراج جڏهن بنا موڪلائي حق واري اُڏام ڪئي ته اها خبر شايد ننڊ ستل سنڌ جي جنتا کي ڪانه هئي... ڀلا ائين به ڪو اويلي وڃبو آهي ڇا!

اِها ميار به سراج کي ڏئي نٿي سگهجي، جو هو محبوب ماڻهو هو، پر سندس ان بنا موڪلاڻيءَ واري رخصتيءَ جي پروڙ سندس محبوبا ’ڪهاڻي‘ کي ضرور پئجي وئي هئي. اهو شايد منهنجو گمان هجي يا وري سچ هجي! ڇوته آءٌ اڪثر رات جو دير تائين خاص ڪري ٻئي ڏينهن موڪل واري رات سُجهندي تائين لِکندو پڙهندو آهيان، ڪڏهن لفظن ۽ جملن جا رٿ ڳوليندو آهيان ته ڪڏهن وري ڪهاڻيءَ جا اوسيئڙا ڪندو آهيان، اڪثر منهنجي جاڳ ۾ ڪٿان نه ڪٿان ڪهاڻي ليئو پائي ضرور ويندي آهي. پر هيءَ رات عجيب هئي، جو ڪهاڻي سُڏڪندي منهنجي خيال مان گذرندي وئي. ڪهاڻي، جنهن کي مون ڀانت ڀانت جي روپن ۾ ڏٺو آهي، ان جو اُهو روپ اڳ ۾ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هئم. ائين پئي لڳو ته ڄڻ ڪهاڻي سوءَ ۾ هئي. کيس شاهه لطيف جي راڳي فقيرن واري ڪاري پوشاڪ اوڍيل هئي ۽ هوءَ تمراڻي لهجي ۾ ڪجهه سُڏڪندي هلي وئي....

آءٌ هڪ ڪهاڻيڪار آهيان ۽ ڪهاڻيءَ جو ازلي پياڪ ۽ چاهيندڙ آهيان، مون ڪهاڻيءَ کي ائين اڳ ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو، جيئن اها ڇنڇر رات ٻي فيبروريءَ تي هئي. مون کي سوين وهم گمان ويڙهي ويا هئا، جنهنڪري منهن ويڙهي سمهي رهيو هوس. رات جو چوٿون ۽ آخري پهر جيتوڻيڪ آخري پساهن ۾ هو، منهنجي اک کلي هئي ته ڏينهن جو ٻيو پهر گذرڻ وارو هو، پوءِ به الائي ڇو رات جو آخري پهر منهنجي اعصابن تي ڇانيل رهيو. ڪهاڻيءَ جي اهڙيءَ اُداس روپ واري ڳجهارت منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي، ها پر ايترو، سو ضرور ادراڪ هو ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ سراج طبيعت جي ناسازيءَ سبب اسپتال ۾ داخل ٿيو آهي. شايد منهنجي لاشعور، منهنجي روح ۾ اها ڇڪ آهي. جنهنڪري مون ڪهاڻيءَ کي اداس ۽ سوڳوار محسوس ڪيو آهي يا سچ پچ ڏٺو آهي.

ٻئي لمحي جڏهن موبائل کڻي نهاريم ته منهنجون اکيون ڄڻ ته آگمجي ويون، موبائيل فون جي مختصر اسڪرين تان نظرون وڃي ٽي.وي اسڪرين تي رسيون ۽ پوءِ ڪن پهرن تائين اکيون ڇلڪنديون رهيون.

سِراج ويو هليو...!!

نه نه ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، هو بنا موڪلائي ڪيئن ڪهندو ڀلا...!؟ ٻئي لمحي دل گواهي ڏني، نه نه.... سراج ڪيڏانهن به ڪونهي ويو، سراج هتي ئي آهي... ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي سڏن پڙاڏن ۾ هو هينئر به للڪاري رهيو آهي، هو هاڻي به ارغوني ۽ ترخاني ٽولن کي هڪلون ڪري رهيو آهي. اهڙيون زندهه ۽ واضح هڪلون، جو ايندڙ ڪيترين صدين تائين پٺاڻي ٽولا سراج جي هڪلن کان ٽهندا رهندا.

خبر ناهي هيءَ ڪهڙي ڪيفيت هئي، جنهن ۾ مون وٽ ماڻ ۽ ماپا ڪاهي پيا ۽ اکين آڏو هڪ تصوراتي تارازي اچي وئي، جنهن جي هڪ پڙ ۾ ڀڳوان ايس. گداواڻيءَ جو جڳ  مشهور ڪتاب ’رٽرن آف آرينس‘ نظر اچڻ لڳو ته ٻئي پڙ ۾ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ وزن سان جهولڻ لڳو، افسانوي تاريخ جو هي ڪمال، جيڪو سراج پنهنجي لکڻيءَ ۾ ڪيو، ان کي سوچيان ٿو ته ڪهڙو نانءُ ڏيان. ان کي تبليغ ڪوٺيان يا پرچار چوان، ’هڪ پڙاڏو سوئي سڏ‘ هو، جنهن سنڌي ماڻهن کي تاريخ/ اتهاس جي پڙاڏن ۾ گونجائي ڇڏيو، هڪ ناول سنڌي ماڻهن کي تاريخ پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اتهاسي ڇڏيو.... ها ... اڄ به ’پڙڏاو سوئي سڏ‘ جڳ مشهور ناول ’رٽرن آف آرينس‘ کان اِن ڪري به مٿانهون آهي، جو ان جا شعاع اڳتي هلي ڪنهن ٻئي رنگ ۾ گدواڻيءَ جي کوجنائن کان مٿيرا نڪتا. ها، ها، اهو سراج هتي ئي ڪٿي آهي، ڪنهن نه ڪنهن دل، ڪنهن نه ڪنهن هِردي ۾.... جنهن درد کي سڏي وڏي واڪي ’اي درد هلي آءُ‘ چئي پنهنجي اندر ۾ وسائي، بدلي ۾ ان ڪهاڻيءَ کي ڳاڙهي پوشاڪ اوڍائي هميشه لاءِ ڪنوار بڻائي ڇڏيو هو، جيڪا اڳ ۾ بيواهن وانگي اجڙيل ۽ وکريل هئي. هن ’اي درد هلي آءٌ‘ لکي، ڪهاڻيءَ جو ڪاڄ مچائي ڇڏيو.

سراج ’اٺين ماڻهوءَ‘ جي روپ ۾ جيڪي ڪجهه ٻڌايو ۽ سڻايو، سو آمرن جي هضم ٿيڻ کان ڳرو هو. پر اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي سچ ته اهو آهي، سِراج اُهو پهريون سنڌي ماڻهو آهي، جنهن مهين جي دڙي واري نڪ ڀڳل بادشاهه جو ڀڳل نڪ علامتي انداز ۾ سڌو ۽ مڪمل ڪيو ۽ شرمنده قوم ۽ ماڻهن کي ٻڌايائين ته:

”جهڙا سنڌي نج آهن، تهڙي سنڌي ٻولي نج آهي“، اها نه ڪنهن جي ڀيڻ آهي، نه ڪنهن جي زال آهي، نه وري ڪنهن جي سهيلي آهي.

سنڌي ٻولي ماءُ آهي ۽ مادر ٻولي آهي، جنهن جو مٽ ۽ ثاني ڪوئي به ڪونهي. سراج ڀُليل ۽ منجهيل ماڻهن کي، جيڪي سنسڪرت جا ڪلما پڙهندا هئا، تن کي سنڌي ٻوليءَ جو نعرو هڻي ٻڌايو ۽ اهو ويدانتي نعرو، پوءِ ڏيهه پرڏيهه انفراديت سان گونجڻ لڳو: ”سنڌي ٻولي، پهرين ٻولي، سنڌي ٻولي، مادر ٻولي“.

سو تنهن ڪري لطيف سائينءَ واري راول واري ڳالهه به درست ٿيو وڃي ته وري مٿان سراج واري معنيٰ به نج نڪريون پوي. سراج سنڌ جو اهڙو سورج هو، جيڪو بهرحال سُجهندي ۾ ڪڏهن به نه لٿو هو ته الهي ويو آڌيءَ رات جو، ٽنڊي ڄام ۽ نصرپور جي اتر کان ڪراچيءَ جي ڏکڻ اولهه ۾.... پر پوءِ به سندس پيرا سنڌ جي اوڀر ڏکڻ ۾ کنڀاتي ڀر کان ٽيڙن جي قطار ۾ وائکا آهن. سنڌ جي ٻن ڇيڙن لطيف سائينءَ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي وچ واري وٿيءَ ۾، جڏهن سراج جو سچ گڏجي ٿو ته سنڌ جو ٽيڙو به وائکو ٿيو بيهو رهي.

مان ڪيئن مڃان ته سراج هليو ويو، هو هاڻي ڪونهي موجود..!!

جتي علم ۽ روشني رهندي، جتي به سچ ۽ حق رهندو، اتي سنڌ جو ٽيڙو پيو ٽمڪندو. ٽيڙو، جيڪو سنڌ جي ابتدا ۽ انتها جو ساکي آهي، اهو ٽيڙو، جيڪو سنڌ جي سچائيءَ جو ثبوت آهي. سراج جي ’پياسي ڌرتي، رمندا بادل‘ واري ناول (ٽريالاجي) جيئن سنڌ جي تاريخي بابن جيان آهي، ائين ئي خود سراج سنڌ جي ٽڪنڊي اتهاس جي هڪڙي درخشان ڪنڊ آهي، جيتوڻيڪ اسان ۽ توهان سڀ اِهو ويساهه رکون ٿا ته سدا حيات ماڻهو، دنيا جي عارضي جهان مان گذري ضرور ويندا آهن، پر هو جيڪي راهگذر جوڙي ۽ ٺاهي ويندا آهن، سي نت نوان سوجهرا هوندا آهن. سدا حيات ماڻهو هڪ اهڙي واٽ، اهڙو گس ڏئي ويندا آهن، جنهن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ، سنوارڻ ۽ ٺاهڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ اها ڳالهه به هينئر سوڌو چٽي رهي آهي ته انهن گسن تي هلڻ ۽ کين سڌارن سنوارڻ وارا گهٽ هوندا آهن، پوءِ سنڌ جي سڄاڻ حلقي ۽ نئين ٽهيءَ مان اميدون لاهي نه ٿيون سگهجن، جيڪي اڳتي هلي ضرور سراج جي ٻاريل مشعل کي روشن ڪندا.

ميرو ئي محبوب، اسان مارو من ۾!

ضراب حيدر

ٽين ايج  (Teen age) ميڊونا جي ناچ ۽ ادائن جيان بيباڪ هوندي، پر جڏهن اُن تي عشق يا اُنس واسو ڪندو آهي ته ٽين ايجرس)ڳڀروئن( جو تن وسامي ويندو آهي ۽ من ڪنهن کي ڏيکارڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. جيتوڻيڪ اهڙي من جي روشني ڏور ڏور تائين ڦهلجي ويندي آهي ۽ پنهنجي شعاع سان تاريڪين کي روشن ڪري رکندي آهي.

محبت، جنهن جا کوڙ سارا مفهوم ۽ معنائون آهن، سا نه ته ڪنهن هڪ پل جي محتاج آهي ۽ نه وري ڪنهن خاص ڏينهن جو اظهار.

 مرشد لطيف سرڪار چيو آهي ته:

ماڻهو گُھرن مال، آءٌ سڀ ڏينهن گُھران سپرين،

دنيا تنهن دوست تان، فِدا ڪريان في الحال،

ڪـيـس نـام نـهــال، پــسـڻ تـان پـــري ٿـيو.

سوچيان ٿو ته ٻارهوئي نفسا نفسي ۽ نفرتن جي آڌار تي جيئندڙ ماڻهو ڪيئن نه پيا محبتن جو هڪ ڏينهن چونڊين، اُنهن سڀني ڏهاڙن جيان، جيڪي هڪ عالمي اِداري جي چارٽ ۾ لکيا ويا آهن.

 محبت بهرحال نه ڪو اعلان آهي ۽ نه ئي وري ڪو مقرر ڪيل اظهار، نه ئي وري اُها ڪنهن چارٽ موجب ڪئي ويندي آهي، محبت هڪڙو گيان آهي، جنهن جي گهرائيءَ ۾ لهڻ کانپوءِ ئي عرفان ملندو آهي، عرفان يا معراج ماڻهوءَ جي پنهنجي نيت ۽ ولوڙ تي مبني آهي ۽ اُها هڪ اهڙي منزل آهي، جنهن ۾ باقي سموري ولوڙ ختم ٿي ويندي آهي. من شانت ۽ روح لاجواب ٿي پوندو آهي. ڪيترن ڏينهن کان ڪيترائي نوجوان ٽين ايجر، چاهيندڙ ۽ دوست ميسيجز ۽ فون ڪندا رهيا ته آءٌ ويلنٽائن ڊي لاءِ ڪجھه لکان.

نوابشاهه جي ڳڀرو ساگر جماليءَ روئيندي چيو ته: ”هيل آءٌ پرينءَ بنا ويلنٽائن ڊي ملهائيندس، اکين ۾ ڳوڙها هوندا ۽ سموريون ميڻ بتيون اجھاڻيل هونديون.“ شڪارپور مان ٻئي نوجوان جمشيد چيو ته: ”محبتون هاڻي رهيون ئي ڪٿي آهن، جو ويهي اُنهن تي ناز ڪجي يا وري محبتن جا ڏهاڙا ملهائجن....“

منهنجون هن وقت به جيتوڻيڪ سموريون همدرديون اُنهن نوجوانن ۽ ٽين ايجرس سان آهن، پر کين ڪيئن سمجھايان ته محبت ماڻهوءَ جي پنهنجي اندر ۾ هوندي آهي ۽ اُها ته پرتوو هوندي آهي، پنهنجي ئي احساسن ۽ جذبن جو، جنهن جي موٽ لاءِ ڪڏهن به طلبگار نه ٿيڻ گھرجي.... محبت جو ٻوٽو، جڏهن وڌي وڻ ٿيندو آهي ته ماڻهوءَ کي ڇانورو بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ اهڙو نعرهِ مستانه هڻي ڇڏيندي آهي، جو پنهنجي ذات، صفات، فطرت يا قدرت بڻجي پوندي آهي، ڪروڌ ۽ تمنا جي پاڙ وجود مان ئي پٽجي ويندي آهي.پوءِ به هر نوجوان، هر ڳڀروءَ جي احساسن کي اڄوڪي ڏينهن لاءِ آزاد ڇڏيندي، بس هڪ دعا ڪريان ٿو ته شل ويڙها وَسيل هُجن، شل جوڙيون آباد هجن!

جن محبتون ماڻيون آهن، سي محبتون نڀائي سگھن ۽ جن محبتون ناهن ماڻيون، سي محبتون ماڻي سگھن.

 آئون وِش ڪريان ٿو اڄوڪو ڏينهن اُنهن نوجوان ۽ سُهڻين دِلين کي، جِن کي اڃا زماني جو زنگُ ناهي لڳو، اُنهن جي اکين ۾ جيڪي سپنا ۽ اوسيئڙا آهن ۽ من ۾ جيڪي به مُکڙيون ٽڙيل آهن، شل سڀ ساڀيان ماڻين ۽ هميشه ٽِڙنديون رهن، وش ڪريان ٿو هي ڏهاڙو اُنهن حُسناڪ ڇوڪرين کي به، جيڪي پل ۾ کِلي ۽ پل ۾ روئي پونديون آهن، سندن اکين جا اوسيئڙا جيتوڻيڪ چشمن ۾ لڪي ضرور ويندا آهن، پر دلين ۾ وڏي رِدم سان ڌڙڪندا رهندا آهن، ظاهري طور تي پوپٽن ۽ ڀنڀورين جھڙيون اُهي ڇوڪريون، اندران ڦٽيل ۽ زخمي پاريهرن جھڙيون هونديون آهن.

آءٌ اڄوڪو ڏينهن وِش ڪريان ٿو. سڀ کان اول اُن رسالي کي، جيڪو محبتن جو ساکي ۽ عشق جو منشور آهي، جنهن جا ورق ڇُهندي آءٌ سراپا محبت بڻجي پيو آهيان، منهنجي اندر مان ڪروڌ ۽ حرص لڏي لاڏاڻو ڪري ويو آهي ۽ هڪ اهڙي جذبي، اهڙي نظر نهار خيما کوڙيا آهن، جو هر چهرو، هر اک ۽ هر نظارو رڳو محبت ٿي لڳي، اِهڙي محبت، جنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي ٿانيڪو ۽ محفوظ پيو ڀانيان. وِش ڪريان ٿو هي ڏينهن سفيد گنبذ واري سخي شهزادي شاهه لطيف سرڪار کي، جيڪو عالم انسان کي محبت جو منشور ڏيندي، اِهڙي دعا سان سدائين مُرڪندو رهي ٿو ته:

سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،

دوست مِٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

اڄ مون کي خوشي اِن ڳالهه جي به آهي ته منهنجي محبت جي عمر به هاڻي وڏي ٿي وئي آهي ۽ آءٌ گھٽ ۾ گھٽ اِن لائق بڻجي ويو آهيان ته سنڌ کي سُڪار ڪندڙن کي پنهنجي محبتن سان وِش ڪري سگھان، ڇو ته منهنجون محبتون سنڌ آهن، سنڌ سان لاڳاپيل آهن، جن ۾ ڪينجھر کي هندورو ڪرڻ وارو واءُ هُلي ٿو.

حَسن درس جي جواني جھمپير مان موٽ کاڌي ته منهنجي جوانيءَ ڪراڙ تي دنگ ڪيو ۽ پوءِ هر وستي، هر واهڻ ۾ درازن جو دان وٺي، دراز ٿيندي رهي. اُها جواني، جنهن ڪراڙ تي دنگُ ڪيو هو، سا پنهنجون سرحدون پار ڪري سچل جي سِٽ جيان ته ’عشق ڪڏهن به ٻڍو/پوڙهو ناهي ٿيندو وارو فقرو کڻي، اڃا سوڌو پئي رولاڪيون ڪري ۽ سراج جي اِن جملي وارو مفهوم ڳوليندي اَنت کان بي انت جي حسرت ۾ آهي ته ”شل سنڌ کي پرچئون....!“

سراج ته وڃي رب کي پرتو، سنڌ کي پرتو ۽ سنڌ توڙي سنڌ سان محبت جو سراج بڻجي ويو. هُن پنهنجي وِرد ۽ ورکا سان مِٽيءَ وڏو مانُ بـ لهي ورتو.

وِش ته منهنجي محبتن جي سَن واري سائينءَ کي به آهي، جنهن سنڌ سان محبت جو، پنهنجي پيشانيءَ تي اِهڙو محراب، اِهڙي پڻي ٺاهي ڇڏي، جنهن جي شعاعن مان هِن ڌرتيءَ تي ٽانڊاڻا ئي ٽانڊاڻا جَرڪي نڪتا، اهڙو ئي هڪڙو ٽانڊاڻو، جنهن کي تاريڪين ڪيتروئي اجھائڻ چاهيو، پر هو سنڌ سان ’رتيءَ جي رهاڻ‘ ۾ هميشه لاءِ پرچي ويو، سندس مُرڪون اڄ به رتيديري جي مٽيءَ مان سُڳند جو ويس مٽائي سموري سنڌ ۾ مهِڪن ٿيون.

وِش ڪريان ٿو اڄوڪو ڏينهن اُنهن سنڌ پرتلن کي، جن جي آخري سفر ۾ ڌرتيءَ جي گيتن جي گونجار سان گڏ آلين اکين جي وسڪار هئي، هڪڙو اياز، جنهن کي لطيف سرڪار پنهنجي پيرانديءَ، ڪراڙ ڪناري ويڙهي ورتو  تـ ٻيو نجم پنهنجي ڪَلا جو قمر اُڀاري اَويلي پنڌ تي سُتو.

وِش ڪريان ٿو اڄوڪو ڏينهن اُن عاشق پرينءَ کي، جيڪو ”منهنجو نالو لِکو“ جا اُچار ورجائيندي، پنهنجو پاڻ، سنڌ سان پرچائي ويو ۽ دادوءَ جي ڏيهه ۾ پنهنجي عاشقي ۽ اُستادي مڃائي ويو. وِش ڪريان ٿو هي ڏهاڙو شمشير، سرويچ، مُنشيءَ ۽ تاجل کي به جيڪي واھ جو سنڌ کي پرتا جو سنڌ ٿورو مُرڪي، ٿورو سُڏڪي ڏنو.

اڄوڪو ڏينهن شيئر ڪريان ٿو، وِش ڪريان ٿو انهن سمورن سنڌ جي ماڻهن کي، جيڪي مارن جي ريت جياريندا اچن ۽ تصوير بڻيل آهن اِن ڳالهه جي ته ”جڏهن به ضمير جي سودي جي ڳالهه اچي ته قائم رهو حسينعه جي انڪار وانگي.“ تنهنڪري آءٌ اِهو به چوڻ چاهيندس ته عشق يا محبت ماڻهوءَ جي ضمير کان ٻاهر ڪانهي، سو اڄوڪو هي ڏينهن باضمير ماڻهن کي به وِش ڪريان ٿو، جن جي زندگين ۾ جيتوڻيڪ زهر اوتيل آهي، پوءِ به سندن دليون ۽ روح امرت بڻيل آهن، جن سان هو انسان ۽ انسانيت کي فيضياب ڪندا رهن ٿا. پَکن جي پريت ماڙين سين نٿا مٽين، نه ئي وري سنڌ سان ڪُريت جو ڪڏهن سوچين ٿا. اِهڙيون شخصيتون ۽ ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جن پنهنجي محنت سان، قلم سان، پنهنجي منصب ۽ وِت سان، سنڌ کي پرچڻ لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ڏنو آهي/ڪيو آهي. سنڌ محبتن ۽ پريت جي سَرزمين آهي، جنهن ۾ نفرت ۽ فساد جي ڪابه گُنجائش ڪانهي، هتان جي ماڻهن جي محبتن ۽ امُن پسنديءَ جون شاهد ڪيتريون ئي تاريخون ۽ زمانا آهن. خود ضمير ۽ انسانيت جو علمبردار حضرت امام حسين عليه السلام نينوا جي سرزمين تي اِهو چئي:  ”مون کي ڇڏيو ته آءُ سنڌ وڃان....“ ثابت ڪري ڇڏيو تـ اُن دؤر ۾ هڪ سنڌ ئي اهڙو خِطو هئي، جتي امُن ۽ پيار هو، سو سنڌ جي پريت ڀرين، محبتي ماڻهن کي به وِش ڪريان ٿو اڄوڪو ڏهاڙو، جيڪو اسان جهڙن ماڻهن جي مک تي  ٻارهو ئي ساڳيءَ سونهن ۽ سوڀيا سان موجود هوندو آهي،اُن لاءِ اسان وٽ ڪو خاص ڏينهن مقرر ناهي.

 مون کي اِها خبر ته ڪانهي ته عشق ڪڏهن پيدا ٿيو؟! شايد ازل کان ِاهو موجود هو، فطرت ۽ قدرت جي اِشارن ۾ يا اِرادن ۾، پر جڏهن اِهو عشق هن سَر زمين، هن ڌرتيءَ تي وارِد ٿيو ته  پهريون سجدو سنڌ ڌرتي تي ئي ڏِنائين، اِهو ئي ڪارڻ هو جو دنيا جي قديم ترين تهذيبن کان به قديم تهذيب سنڌ ڌرتيءَ جي آهي، منهنجو اِهو ايمان آهي تـ عشق هُجي يا محبت، اُها ئي تهذيبون سماج ۽ معاشرا جوڙِيندي آهي. اِها محبت ۽ عشق ئي آهي، جيڪو جوڙون جوڙڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، باقي نفرت ۽ نفاق ڪٿي به هجي، محبت جو ڀائيوار نٿو ٿي سگھي. آءٌ اڄوڪو ڏينهن  ِوش ڪرڻ گُھران ٿو اُنهن ماڻهن کي به، جيڪي نفرت ۽ نفاق ۾ ڀريا پيا آهن ۽ فِتنو فساد برپا ڪري رهيا آهن، هڪ دفعو اُهي پنهنجي دِل ۾ محبت پائي ۽ اکين ۾ عشق اٽڪائي ڏسن ته کين ماڻهو پيارا ۽ نظارا نيارا نظر ايندا.

ها بلڪل اُنهن دوستن ۽ ساٿين کي گُذارِش ڪريان ٿو ته پنهنجي سنڌ يا سنڌي ماڻهن کي صرف پيار جي نگاھ سان نهاريو، هر وقت پنهنجن لاءِ ڪات ڪُهاڙا تِکا ڪريون وتو، نه ئي وري پنهنجن اِدارن يا مڪتبن سان ڪُريت ڪريو، پنهنجن کي جيءَ ۾ جايون ڏيو ته سنڌ توهان کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندي، توهان سان پرچي پوندي ۽ پنهنجي اِتهاس ۾ توهان کي چِٽي ڇڏيندي. نه ئي وري ننڍين ننڍين ڳالهين تي پنهنجن ماڻهن ۽ اِدارن مان ڏنگ ڪڍو، ٻيو نه ته لطيف سائين جي ئي ڳالهه مڃو ته:

”ميرو ئي محبوب اسان مارو من ۾“.

ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي!

ضراب حيدر

هماليه کان گڙگاٽ ڪندو هي جو وهندو اچي مهراڻ.

اُچين برفيلين چوٽين جي سينن، شڪمن (پيٽن) گوڏن ۽ پيرن تان سرڪندي، لڏندي، نچندي سُريلا گيت ڳائيندي هيءَ جا وهندي اچي سنڌو ندي،

تنهن جي تهذيب، اُن عميق ۾ ڪٺي ٿيل آهي، جيڪو عميق علم آهي، علم جي دنيا ۾ سنڌ صدين کان روشن آهي. سنڌو سڀيتا، انڊس ويلي، جنهن جون سرحدون جيتوڻيڪ رٻڙ جيان سوڙهيون ڪيون ويون آهن، پر اُن جي ڇڪ ۽ ڪشش لامحدود آهي. سنڌو، جيڪا اروڙ جي ارمانن کي صدين کان کنيو ساڌ ٻيلي جو پرنام ڪندي، سکر، بکر، رُڪ جا وڪڙ ڦيرا ڪٽيندي لاڙڪاڻي جي ور کان وارو وڄائي، مُهين جي گھاٽ تي ٿڌو ساهه کڻي ٿي، اُن ساهه جو شوڪارو، آچر، سومر، اڱارو ئي آهي.

هر ويل سنڌوءَ جو اهڙو سانگهارو (وهڪرو) بس اِهائي وراڻي ڏئي ٿو، جنهن جو انت يا ڇيهه مرشد لطيف سرڪار لهندي بس ايترو ئي چيو ته:

”ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي....“

مون مٿي جيڪو آچر، سومر، اڱاري جو ذڪر ڪيو، سو ڪنهن به حوالي سان فضول ڪونهي، آڏت وار، سوم وار، اڱارو هجي يا هي سنڌ ديس پيارو هجي، سي بنهه پراچين آهن. مطلب ته جهڙو لفظ سنڌ قديم آهي، تهڙي ئي سندس ٻولي قديم آهي. ايئن ئي هن ٻوليءَ جا لفظ بـ قديم آهن. اِهو احساس مون کي ويتر تڏهن گھڻو ٿئي ٿو، جڏهن مُهين جي دڙي جي ڪڙ تي ويهي، آءٌ ڏور ڏور ڦهليل سنڌوءَ ۾ نهارن تائين ڦهليل آڪاش کي ڏسان ٿو.....

ٻولي، جيڪا منهنجي روح ۾، منهنجي سُتيءَ ۾ مونکي ڏني وئي آهي، اُن جو جهڙو اُچار اُجرو آهي، تهڙو ترنم سُريلو آهي. گھاٽ مُهين جي دڙي جو هجي يا وري سسئيءَ واري ڀنڀور جو هجي، اُتي جيڪو به گَڏو ڌوتو ويو، سو ٻانڀڻ ئي ڌوتو آهي.

اُهو ٻانڀڻ ڪو پروهت قديم هجي يا آرين جو ڀيم هجي.

اُهوٽڦلي اجرڪ اوڍيل سنڌ ڄائوهُجي يا وري سسئيءَ جو برهمڻ بابو هُجي.

آهي سنڌي ئي، صديون اڳ ۾ نه ڪو ڦنڌ ڦير سنڌيءَ ۾ هو، نه وري اُن جي ٻوليءَ ۾ هو، جيڪا سنڌوءَ جھڙي اُجري آهي، نه وري اڄ ڪو اُن ٻوليءَ ۾ ڦند ڦير آهي. مون کي هن لمحي سچ پچ انهن عظيم استادن جون  چٽيون، ڌنڌليون تصويرون پنهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ تحليل ٿيل مِلن ٿيون، جن پنهنجي ٻوليءَ جي چٽن ۽ عڪسن کي وائکو ڪرڻ لاءِ پينڊورا جون پيتيون ٺاهيون. ڪي ڀنڀور جي ٺڪرين تي ’بجرهيدر‘ جهڙا لفظ اُڪاري ويا ته ڪن وري مُهين جي ٿانون تي پنهنجا نالا لکيا، ڪِن ابوالحسن سنڌي بڻجي لِپيءَ جا ورَ کولي ڇڏيا تـ ڪِن استاد محمد يعقوب ’نياز‘ بڻجي، پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ تجسس جا در کولي ڇڏيا.

هي تاريخ جو اڻ ٽٽ سلسلو ايڏو ته وڻندڙ ۽ دل لُڀائيندڙ آهي، جو اُن جا جيترا به تهه کولجن ٿا، اوترو ئي ٻوليءَ سان پيار ٿئي ٿو ۽ اُن پيار جو اظهار ڪڏهن لطيف سرڪار پنهنجي رسالي جي حرف حرف اکر اکر ۾ ڪري ٿو ته ٻيا وري پنهنجي رياضتِن ۽ رولاڪين ۾ ڪن ٿا. پروڙ جي هِن جهان ۾ اِهل دل، اِهل ضمير ماڻهو، اُن سڏ پڙاڏي جي پويان آهن، جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سرمايو آهي.

ها مون ڳالهه پئي ڪئي مُهين جي دڙي جي، جنهن جي ڪڙ تي ويهي آءٌ اکيون پوري ڇڏيندو آهيان، ۽ اُهي ڇيرين جا ڇڻڪار ٻڌندو آهيان، جيڪي ناچڻيءَ جي نرت سان هڪ تخليقڪار جو تصور پيش ڪندا هئا، ناچڻيءَ جو روپ قديم لوڪ شناسن تخليق ڪندڙ ديويءَ جو روپ به ڄاڻايو آهي. آءٌ انهن ڇيرين جي ڇڻڪارن، آوازن ۽ پازيبن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا اُچار سُڻندو آهيان، جيڪا منهنجي وڏڙن هڪ نياري لِپيءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏي، جيڪا لِپي (صورتخطي) جُڳن کان ڪنهن لَٽ ۾ اوراٽِجي وئي هئي، ائين جيئن لطيف سرڪار جا لڳي لڳي واءُ انگڙا ڍڪجي ويا هئا ۽ پوءِ هڪ سڏ پڙاڏي تي اِهو آواز پِڻ آيو هوتـ،

”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.....“

مرشد لطيف سرڪار پرين پَسِيو ته اسان کي به ساڃاهه ملي ۽ پوءِ خبر ناهي ڪيترا پتنگڙا، اُن پرينءَ، اُن پساهه تي اچي ڪٺا ٿيا، جن آهستي آهستي انهيءَ لِپيءَ جي اکرن کي لٽ مان کوٽي ڪڍيو، ڪن وري اُن پينڊورا پيتيءَ جو دروازو کوليو، جيڪو تجسُسُ جي ڌارا ۾ حقيقت کي ويجھو ٿيڻ لڳو.

جيڪا حقيقت اڄ ظاهر ظهور بيٺي آهي تـ هيءَ ٻولي ڪنهن جي بـ گولِي ڪانهي، جنهن تهذيب کي اِرتقا ڏني، جنهن جيوت کي چُرڻ پُرڻ سيکاريو، اُن تهذيب کي لِپي (صورتخطي) به ڏنائين!

اِهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي تـ ڪنهن قوم کي شاهڪار، شاندار۽ شاهوڪارتهذيب تـ هجي، پر پنهنجي ٻولي نـ هُجي!

اِهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگھي تـ جيڪي ماڻهو دنيا جهان کي ترقيءَ جون واٽون ڏسين، سي پاڻ وري جاهِل هُجن، جن وٽ ارٽَ، هُرلي ۽ ڦيٿي جي پهرين ايجاد ڪيل هجي، سي يا تـ گونگا هجن يا وري ڳالهائين تـ ٻولي وري ٻين کان اُڌاري وٺي اچن! نڪو اِها ڳالهه سمجهه کان بنهه گھڻي  ڏور آهي!!

(اِهو ان لاءِ بـ چوڻو پيو، جو اڪثر سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين سان جوڙيو ۽ ڳنڍيو وڃي ٿو، جيڪو حماقت کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي).

لطيف سائين جڏهن لڳي لڳي واءُ واري ڪيفيت ۾ پرين پَسِيو ۽ اک کولي اُن پرينءَ جي سڏ پڙاڏي پويان رولاڪ بڻجي، جهرجهنگُ جھاڳيائين ۽ پنهنجي رولاڪين کي اِهڙو ته درسگاهه، اِهڙو ته اِدارو بڻائي ڇڏيائين، جنهن جي سونهن ۽ سِکيا ۾ هڪ طرف جي.ايم.سيد موهجي پيو ته ٻئي طرف سِراج، اُن پِرولي ڀڃڻ لاءِ سندرو ٻڌو. پوءِ ته ڳالهه صفا نياري بڻجي پئي. ٻانڀڻن جيڪي به گَڏا، جتي به جيئن به ڌوتا هئا، تن جي سَٽڪن مان اِهي آواز ايندا ويا ته

”ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي الا........“

ائين ئي اسان جي سادي سولي سنڌي ٻولي، زماني جي دَزَ ۽ اوراٽيل لَٽَ مان نروار ٿي پئي، جيئن سُورج اُڀرندي کان نروار ٿيندو آهي، جيئن آب مان حيات نروار ٿي.

هاءِ هاءِ دل کي قرار اچي ويو (هڪ لمحي لاءِ اکيون پُوري محسوس ڪجي ٿو تـ ازلي آواز ۽ ويڙهيچن وارو وچن بـ ياد اچيو وڃي).

دل چوي ٿي ته هڪ لمحي لاءِ بيهي ڌمال هڻجي. مون کي پڪ آهي ته اسان جي ڌمال تي هڪ پل لاءِ مُهين جي ناچڻيءَ جو روح وري موٽي ايندو، هوءَ هڪ ڀيرو وري مُهين جي اِسٽوپا تـي وڏيون هنبوڇِيون هڻندي ،ڌمال هڻندي ۽ پڪ سان اُنهن راڪشن کي پنهنجو ٽانڊُوناچ (برباديءَ جو ناچ) ڪرڻو پوندو، جن سنڌيءَ کي ڌارئي پِڙ تي اُڇلائڻ چاهيو ۽ غيرن جي کاتي ۾ لِکڻ چاهيو.

اسان جي ڌمال جيتوڻيڪ ڀلي ڪنهن کي جنون لڳي، پر پڪ اٿم ته ڀنڀور جي سرزمين هڪ لمحي لاءِ ڌڙڪي پوندي ۽ اتان وٿيرڪو ٿي ويل سنڌوءَ جو گھاٽ هڪ لمحي لاءِ جَرڪي پوندو ۽ پڪ سان ٻانڀياڻي ٻوليءَ وارا ٻول اُچاريندي، سسئي جاڳي پوندي، اُن جدوجھد جي روپ ۾ جيڪا لطيف سرڪار، سائين جي.ايم.سيد، سِراج ۽ ٻين جي تسلسل ۾ هلندي اچي.

ٻولي، جيڪا اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جي ارتقا آهي، ٻولي ئي هر ماڻهوءَ جي جذبن جو اظهار آهي، سُک هجي يا ڏُک اُن جو اظهار، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن ۽ سولو آهي. سو اِهڙي ٻولي، جيڪا بنهه سادي ۽ سولي آهي ۽ اسان جي دردن جو داروُن آهي، تنهن جي واٽ کي ڇڏي اسان کي ڪنهن به اوڀڙ اوجھڙ ۾ ڦاسڻ نه گھرجي.

منهنجو اِهو به ايمان ۽ عقيدو آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جي سمجھه هوندي، تڏهن ئي ڪنهن ٻي ٻوليءَ تي دسترس حاصل ڪري سگھبي. ڇو ته هر ماڻهو سوچيندو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي آهي. سوچ جيڪا ماڻهوءَ جي دل ۽ روح مان نِسرندي آهي، اُن تي ڪوبه ڌاريو ليپ ڏئي نه سگھبو آهي، تنهنڪري اسان کي ڪنهن به حالت ۾ ڀلجڻ نه گھرجي، نه ئي وري پنهنجي ايندڙ نسل کي ڀلائڻ گھرجي. ٻاتن ٻولن کان وٺي پڪن شبدن تائين اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جا گيت، ترانا ۽ ڪلما پڙهڻ گُھرجن ۽ اِها به پڪ ڄاڻڻ گھرجي ته جيڪڏهن اسان جي ٻولي ثابت ۽ سلامت آهي، ته اسين به سدائين سلامت رهنداسين، ڇو جو تهذيب جي زندگي، صرف ۽ صرف ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن جي ساک ۽ ثابتي تاريخ مان پڌري ٿي چڪي آهي. اڃا به جيڪڏهن ڪنهن کي ويساهه ڪرڻو هجي ته علم ۽ ڪتاب اُٿلائين، کين وڌيڪ ثابتيون مِلي وينديون. دنيا جي ڪنهن به تاريخ يا قوم جو دليل ڏيڻ کانسواءِ بس ايتري وينتي آهي ته مُهين کان ڀِٽ تائين جو جيڪو به تاريخي تسلسل آهي، سو ڪنهن به مفروضيءَ تي ٻڌل ڪونهي، اُن ۾ هڪ ئي حقيقت نمايان آهي، جيڪا تنبوري جي تار سان وڄي ٿي ته،

”سنڌي ٻولي نج ۽ پراچين آهي، جنهن جو لبادو ڀلي ٻين ٻولين پاتو هجي، پر سنڌي ٻوليءَ ڪنهن جو به ويس نه پاتو آهي. نـ ڪو ڌاريو شبد چورايو آهي.

بس رڳو ٻولين جي جدت ۽ فصاحت آهر لفطن کي پنهنجي رنگ ۾ اُتاريو اٿائين، پنهنجي لِپي، صورتخطي ۽ صورت گريءَ ۾ هنڍايو اٿائين.“

پرينءَ جي پساهه واري مچ تي جيڪي پتنگڙا اچي ڪٺا ٿيا ۽ لَٽ اوراٽيل لپيءَ ۽ لِسان کي کوٽي ڪڍيائون، اُنهن ۾ سنڌ مان شخصِ اول جيتوڻيڪ سِراج ئي آهي، جنهن پراڻين روايتن، ڳالهين ۽ چوڻين جو دٻلو بند ڪري ڇڏيو ۽ نئين راھ ڏسي، جنهن جي شعاع، نوان دڳ ۽ رستا کولي ڇڏيا. جنهن جي آڌار تي ٻين پڻ وارا وڄايا. ٻوليءَ جي ڪم ۽ تسلسل ۾ ڀترن، ٺڪرين ۽ چٽيل نقشن ۾ جِن به پنهنجي سوچ ۽ سمجھه کي سيڙايو، تن به انمول موتي ماڻيا. ڊاڪٽر بلوچ هُجي يا ابراهيم جويو، ڊاڪٽر الانا هجي يا ايم.ايڇ پنهور، عطا محمد ڀنڀرو هُجي يا ڊاڪٽر فهميده حسين، محبت ٻُرڙو هجي يا وري تاج جويو، قاسم ٻگھيو هجي يا وري هدايت پريم، سڀني ڀليءَ ڀت پاڻ ملهايو آهي ۽ اِهڙو ڪم ڪيو اٿائون، جو سندن پورهئي تي سچ پچ ڏاڍو پيار اچي ٿو.

منهنجي فطرت ۾ اِهو شامل رهيو آهي ته آءٌ دعائون ڳوليندو، تلاش ڪندو ۽ گُھرندو رهندو آهيان: ”شال! سنڌ وسي، سنڌي ٻولي وسي!“ واري دُعا سان گڏوگڏ لطيف سائينءَ جي انيڪ دُعائن کي ياد ڪندي هي ورق، اڄوڪو ڪالم ارپيان ٿو سِراج جي اُن ارپنا سان، سنڌ ۽ سنڌ واسين کي، جن جي پڪن شبدن ۽ ٻاتن ٻولن ۾ صرف سنڌ آهي، سِراج جي اُها ارپنا، جيڪا هن پنهنجي پيءُ ماءُ سان منسوب ڪندي چيو هو ته:

شل سدائين حيات هجن اُهي،جن زندگيءَ جي ٻين بخششن کانسواءِ مون کي سنڌي ٻولي به عطا ڪئي.

ڪيڏي نـ وڏي دُعا ۽ ڪيڏي نـ وڏي ارپنا آهي، جنهن ۾ رڳو زندگي ئي زندگي آهي. اسين سنڌي ماڻهو ڪيڏا نـ خوش نصيب آهيون، جو جيڏي عظيم اسان کي ٻولي نصيب ٿي، ايڏا ئي اُن کي سنڀاليندڙ مهان ماڻهو مليا: جن ٻوليءَ جي سونهن ۽ حرف حرف کي اُچاري ڳالهائي بچائي ورتو، نه ته ڪيتريون اِهڙيون ٻوليون هُيون، جن جو نانءُ نشان ئي دنيا تان مِٽجي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org