سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:1

سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

تاج جويو

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي ساڃهه وند ۽ برک اديبن، شاعرن ۽ فنونِ لطيفه سان وابسته اعليٰ شخصيتن بابت اينٿالاجيز شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي نامور عالم، اسڪالر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نويس ۽ لسانيات جي ماهر سراج الحق ميمڻ بابت هيءَ اينٿالاجي پڻ اُن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ۽ هيءُ اهم ڪم سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري محترم تاج جويو صاحب کي سونپيو ويو‏ هو. جنهن مختصر وقت اندر هيءُ اينٿالاجي مڪمل ڪري بورڊ جي حوالي ڪئي، جنهن لاءِ ادارو سندن ٿورائتو آهي.

سراج ميمڻ سنڌ جي هڪ قدآور شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن لسانيات ۽ افسانوي ادب جي ميدان ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. ان کان سواءِ اها بورڊ جي خوشنصيبي آهي، جو سراج ميمڻ، سنڌي ادبي بورڊ جي اُنهن اوائلي خدمتگذارن مان آهي، جن 1950ع کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بُڪ اسٽال تي انچارج ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪم آنديون. ان کان علاوه رسالي ٽماهي ”مهراڻ“ جا شمارا اِن ڳالهه جا شاهد آهن ته سراج صاحب، جناب محمد ابراهيم جويي جو ساٿي بڻجي، سندس رهنمائيءَ هيٺ، نه رڳو ٽماهي ’مهراڻ‘ کي معياري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڪيترا ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪري ڏنا، جن ۾ ايس پي ڇٻلاڻي جو ڪتاب ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ۽ ”دنيا جا عظيم افسانا“ وغيره اچي وڃن ٿا.

محترم تاج جويي، سراج الحق ميمڻ جي زندگي، اُن جي شخصيت، ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل قلمي ۽ ادبي پورهيي بابت سندس زندگيءَ ۾ توڙي وفات کانپوءِ اديبن، عالمن ۽ صحافين جا لکيل مضمون توڙي محترم سراج ميمڻ جا مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪا، ڪجهه ڪهاڻيون ۽ شاعري شامل ڪري، هن اينٿالاجيءَ کي تيار ڪيو آهي.

سراج ميمڻ جي قدرشناسيءَ طور، تاج جويي جي سهيڙيل اينٿالاجيءَ کي، آءٌ پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ شايع ڪري فخر محسوس ڪريان ٿو. اُن لاءِ آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي عزت مآب چيئرمن قبلا مخدوم جميل الزمان صاحب جو نهايت احسانمند آهيان، جنهن پنهنجن مفيد مشورن سان نوازي هن اشاعتي مرحلي کي آسان بنايو.

اُميد ته سنڌي ادبي بورڊ پاران شروع ڪيل ’اينٿالاجي‘ جوڙي ۽ شايع ڪرڻ جو هيءُ سلسلو سنڌ جي ادبي حلقي ۽ عام پڙهندڙن کي پسند ايندو.

15 آگسٽ 2013ع

الهڏتو وگهيو

سيڪريٽري

 

سراج: سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت

 

(مهاڳ)

 

آءٌ، جديد سنڌي ادب جي حوالي سان، جن شخصيتن کان حد کان وڌيڪ متاثر رهيو آهيان، ۽ جن جي ٻوليءَ، فڪر فهم، ڊڪشن ۽ اسلوب، سچائيءَ ۽ سُچيتائيءَ، مون تي سڀ کان وڌيڪ اثر ڪيو آهي، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ سراج ميمڻ شامل آهن.

سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ دانشورَ، ڪهاڻيڪارَ، ناول نگارَ، محقق، مترجم، قانوندانَ ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. سراج 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو هو. سندس والد محمد يعقوب ’نياز‘، پنهنجي وقت جو بهترين تعليم دان ۽ علم ادب سان اٿاهه چاهه رکندڙ هڪ عالم شخص هو، جنهن جو ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘، سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. هن مختصر ڪتاب ۾ محمد يعقوب صاحب نه رڳو فارسي زبان جي اعليٰ پايي جي شاعر حافظ شيرازيءَ جي جامع سوانح عمري ڏني آهي، پر سندس غزلن جي سامهون سنڌي شائسته نثر ۾ اُنهن جو ترجمو به ڏنو آهي، هن غزلن جي ترجمي  سان گڏ غزلن ۾ ڪتب آيل لفظن جي معنيٰ به ڏني آهي. جنهن ڪري حافظ شيرازيءَ جي غزلن کي سمجهڻ ۾ وڏي سهوليت پيدا ٿي پئي آهي. محمد يعقوب ميمڻ، ٻوليءَ سان گڏ گرامر جو به وڏو ڄاڻو هو. سراج جي زندگيءَ جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته مٿس پنهنجي والد جي مزاج ۽ علميت جو گهرو اثر هو. سراج جو شروع کان وٺي لکڻ پڙهڻ سان گهرو واسطو رهيو. پرائمري تعليم دوران ئي سندس والد هن جي من ۾ پنهنجي ماءُ ٻولي سنڌيءَ جو لازوال عشق پيدا ڪري ڇڏيو هو. سراج، پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ (1964ع) جي انتسابَ ۾ اُن ڳالهه جو جنهن محبت سان ذڪر ڪيو آهي، سو پڙهڻ وٽان آهي. دل چاهي ٿي ته اُهو سڄي جو سڄو انتساب هتي نقل ڪري ڇڏيان ته جيئن سندس والد توڙي سنڌي ٻوليءَ سان سراج جي عشق جو پسمنظر پڙهندڙن جي اکين آڏو اُڀري اچي:

”مون کي ٻولين جو عشق، هڪ طرح سان ورثي ۾ مليو آهي. منهنجي پهرئين اُستاد اُن ورثي کي سنوارڻ ۽ سنئين دڳ لڳائڻ جو هڪ عجيب دل لُڀائيندڙ طريقو ڪم آندو هو. سنڌي الف- بي سيکارڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان شيشي جي فريم سان هڪ بند پيتي ٺاهيائين، بلڪل ’پئنڊورا جي پيتيءَ‘ جهڙي، جنهن جي ٻن پاسن مان آرپار ٻه ڪاٺ جون نَڙانڊيون، ڦرموٽيءَ وانگر ٿي ڦِريون. اُنهن ٻن نڙانڊين تي ٿلهو ڊرائنگ ڪاغذ ويڙهيل هو. اُن ڪاغذ ۾ ٻه ڪالم هئا: هڪ ڪالم ۾ سندس هٿ سان ڪڍيل رنگين تصويرون هيون ۽ انهن جي سامهون ٻئي ڪالم ۾ الف- بي جا موزون اکر. هڪ نڙانڊيءَ کي هٿ سان ڦيرائڻ سان تصويرون ٻيءَ نڙانڊيءَ تان ڊوڙنديون، پهرينءَ تي ويڙهجنديون وينديون هيون، ۽ جڏهن ڪاغذ جو اُهو ويڙهو پورو ٿيندو هو ته وري ٻي نڙانڊيءَ کي ڦيرائڻ سان تصويرون اُن پاسي ڊوڙڻ لڳنديون هيون..... ۽ آءٌ حيرت مان سڄو ڏينهن اُن جادوءَ جي شيشي ۾ اکيون پايو ويٺو هوندو هوس. اهو هو منهنجو سنڌي ٻاراڻو! اِن پئنڊورا جي پيتيءَ، منهنجي ذهن ۾ هميشه لاءِ تجسس ۽ ڳولا (curiosity) جو اُمنگ پيدا ڪيو.

اُهو پهريون مڪمل ۽ شفيق اُستاد آهي، منهنجو بهترين دوست ۽ والد محمد يعقوب ’نياز‘، پر اُستاد جي سبق جو مواد وري منهنجي ماءُ جي عطا ڪيل مٺڙي ٻولي هئي. اُن ڪري هي ڪتاب، منسوب ڪريان ٿو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي نالي، جن زندگيءَ ۽ ٻين بخششن کان سواءِ مون کي سنڌي ٻولي به عطا ڪئي:

”سوَ سرن پائي، جي تند برابر توريان،

اٽل اوڏاهين ٿئي، جِت ٻيجل ٻُرائي!“

---

اهڙيءَ ريت سراجَ ابتدائي تَعليم ڳوٺ ۾ والد کان ورتي ۽ چوٿين انگريزيءَ تائين اُتي پڙهڻ کان پوءِ، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان مئٽرڪ ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ مئٽرڪ لاءِ به يونيورسٽي امتحان وٺندي هئي، ۽ سراجُ مئٽرڪ ۾ سڄي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيو ۽ کيس ٽيهه روپيا اسڪالرشپ ملي. هن جو خيال سائنس پڙهڻ جو هو ۽ سندس اندر ۾ فزڪس ۾ اسپيشلائيزيشن ڪري، سائنسدان بنجڻ جي خواهش ڪَر موڙي رهي هئي؛ پر سندس پيءُ وٽ پئسا ڪونه هئا، اُن ڪري سائنس پڙهي نه سگهيو. هن پارٽ ٽائيم نوڪريون ڪيون ۽ ماستري به ڪئي. هن انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ڏنو، اُن لاءِ به سراج هڪ انٽرويوءَ ۾ اظهار ڪيو آهي ته پهرئين ڏينهن داخلا لاءِ ويو ۽ وري ٻيهر امتحان وقت ويو، ۽ هوشيار هئڻ ڪري امتحان پاس ڪري ورتائين. ائين بي.اي (آنرس) به نوڪري ڪندي ئي ڏنائين.

جڏهن سراجُ اڃا بي.اي جو شاگرد هو، يعني 1951ع ڌاري، ته هن سنڌ جي برک ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ’اداره انسانيت‘ ۾ پروف پڙهڻ، وِيپيون ڪرڻ، انگريزي ۽ اُردوءَ مان ڪتابن ترجمن ڪرڻ جو ڪم ڪيو، جنهن لاءِ کيس هڪ روپيو روزانو اُجرت ملندي هئي. 52-1951 وارو زمانو هو. جو هن ڏيپلائيءَ جي پريس ۽ اداري ۾ ويهي ڪرشنچندر جو ناول ’سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري‘، ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘ ۽ ’انسان ۽ انسانيت جي تاريخ‘ وغيره ترجما ڪيا، جيڪي ڏيپلائي صاحب ئي ڇپايا هئا. اُتي ئي ڏيپلائي صاحب جي پريس تي، سِراج جي سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم انسان ۽ اديب محمد ابراهيم جويي سان ملاقات ٿي، جيڪو ڏيپلائي صاحب جو گهاٽو دوست هو ۽ اڪثر قرآن پريس ۾ ايندو رهندو هو. ڏيپلائي صاحبَ کيس سراج جا ترجما ڏيکاريا، جيڪي ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ هو جڏهن به پريس تي ايندو هو ته سراج کان نون ترجمن جو ضرور پُڇندو هو. اُن ئي زماني ۾ جويي صاحب، سراج کي پنهنجو ڪتاب ‘Save Sindh, Save the Continent’ پڙهڻ جي لاءِ ڏنو. سراج هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اُن ڪتاب، منهنجي ذهني ماحول ۾ هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏيو ۽ مون نه ڪا ڪئي هم نه ڪا تم، هفتي ڏهن ڏينهن ۾ راتيون جاڳي، اهو ڪتاب ترجمو ڪري، اصل ڪتاب سان گڏ کيس موٽائي ڏنم. هو ڪا گهڙي ته عجيب نظرن سان گهوريندو رهيو، پوءِ هڪ مُرڪ سان چيائين: ”چريا! هي ڪتاب ته ضبط ٿيل آهي!“ افسوس اهو ترجمو، شايد جويي صاحب کان پنن ۾ هيٺ مٿي ٿي ويو، ۽ اڄ تائين ڇپجي نه سگهيو.

جويي صاحب سان شناسائي، سراج کي 1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڇڪي  وٺي آئي، جتي هن اچي بورڊ جو ڪتاب گهر سنڀاليو،  ۽ ان کان پوءِ، 1955ع کان 1957ع تائين ڪراچي آفيس ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري به ٿي رهيو. ان ئي دوران هن ايم.اي (اڪانامڪس) ۽ ايل. ايل. بيءَ ۾ داخلا ورتي، ۽ انهيءَ سان گڏ 1957ع ۾، سي.ايس.ايس جي امتحان ۾ به ويٺو ۽ ڪواليفاءِ ڪيائين. ان ئي عرصي ۾ سراج صاحب ون يونٽ جي مخالفت واري مهم ۾ ڀتين تي پوسٽر هڻندي، گرفتار به ٿيو هو ۽ سورهن سترهن ڏينهن جيل جي هوا به کاڌي هئائين.

سراج 1957ع ۾ سي.ايس.ايس جو امتحان پاس ڪري، بورڊ جي نوڪري ڇڏي، انڪم ٽئڪس آفيسر طور ٽريننگ لاءِ لاهور ويو ۽ پٺيان سندس جاءِ تي شمشيرالحيدري بورڊ ۾ آيو. ٽريننگ واري دور جون يادون دهرائيندي، سراج، پنهنجي ترجمي جي پورهئي جو ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو: ”ان زماني ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ (عبدالحق) کي ٽي.بي ٿي پئي. اُن ئي زماني ۾ ٽي.بيءَ جي علاج لاءِ نيون دوائون ميدان تي آيون هيون، جن سان هن موذي مرض جو مڪمل علاج ٿِي ٿي سگهيو. پر دوائون ڏاڍيون مهانگيون هيون ۽ گهڻي مقدار ۾ کائڻيون هيون. ابراهيم کي منهنجي مالي حالتن جي خبر هئي، سو بورڊ جي طرفان ڪجهه ڪتابن جي ترت ترجمي لاءِ ليٽر ڏياري موڪليائين. ڏينهن رات هڪ ڪري ٽي ڪتاب ترجمو ڪري ڏنامانس. انهن مان هڪڙو ڪتاب شايد آمريڪي آکاڻين (’چونڊ آمريڪي افسانا‘) جو هو، ۽ ٻيو She Stoops to Conquer ۽ ٽيون شايد School Scandal هو. انهن ڪتابن جي پئسن مون کي ڀاءُ جي علاج ڪرائڻ ۾ وڏي مدد ڏني.“

سراج صاحب، محمد ابراهيم جويي جو رفيق ڪار، دوست ۽ وڏو معترف رهيو آهي. جنهن جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو:

”1955ع کان 1957ع تائين بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مون هن سان گڏجي، ۽ هن جو زيردست ٿي، ڪم ڪيو آهي. ان کان اڳ به ٻه سال بورڊ جي بڪ اسٽال تي مئنيجر طور رهي، سندس زيردستي ڪئي اٿم. انهن چئن سالن ۾ مون هن شخص جي بنهه ويجهو رهي، سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن کي ڏٺو ۽ جاچيو آهي. سندس محنتون، سندس پورهيا ۽ سندس مقصد سان چُهٽي رهڻ جا ڪرشما ڏٺا اٿم- ۽ نتيجي طور هڪ اهڙو انسان سامهون ڏٺو اٿم، جيڪو حد درجي جو وطن پرست آهي، پر جنهن جي وطن پرستي، هڪ عجيب، نئين وطن پرستي آهي. اُن کي هيئن سمجهو ته اُن وطن پرستيءَ کي پنهنجو هڪ جسم آهي، هڪ روح آهي ۽ هڪ اخلاق آهي، جيڪا ساهواري آهي، جنهن کي ڏسي ۽ ٻُڌي سگهجي ٿو، جنهن کي هٿ لائي محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪا هٿ ڊگهيري اوهان کي ڇُهي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڇهاءُ نه به ٿئي، تڏهن به پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائي ٿي.“

سراج، انڪم ٽئڪس آفيسر طور پنهنجي صلاحيتن موجب پاڻ کي انڪم ٽئڪس جي معاملن ۾ مڃايو. جڏهن جنرل يحيٰ خان، 1970ع ۾، ملڪ جي پهرينءَ صف جي 303 آفيسرن کي فارغ ڪيو ته اُنهن ۾ سراج ميمڻ جو نالو به شامل هو، جنهن کي جبري طور رٽائر ڪيو ويو، ڇو جو سندس خلاف الزامن ۾ مکيه الزام سرڪاري ملازمت ۾ هوندي، قومپرست- ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قومپرستيءَ جي موضوع تي لکڻ هو. آمريتي دور ۾ لکڻ واقعي’ڏوهه‘ هوندو آهي، ڇو ته سچن ليکڪن جو لکيل ’سچ‘، آمرن کي ڏکيو لڳندو آهي، ۽ سراج سان به ائين ئي ٿيو. سراج پنهنجن ناولن جي ٽريالاجيءَ ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي پيش لفظ ۾ پنهنجي’لکڻ‘ واري ’ڏوهه‘، ۽ اُن جي پاداش ۾ نوڪري وڃڻ جو پسمنظر ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي:

”مولوي عبدالواحد ]ايڊيٽر ’نئين زندگي‘[ جي

’زوراوريءَ‘ ۽ شمشير ]شمشيرالحيدري، جوائنٽ ايڊيٽر[ جي ’اُرهه زورائيءَ‘ تي کين هڪ ڪهاڻي ’نئين زندگي‘

[۾ اشاعت] لاءِ ڏنم. ڪهاڻي جنگ جي موضوع تي هئي. پر اها ڳالهه وسري ويم ته ’نئين زندگي‘ سرڪاري پرچو هو. شمشير جي به مجبوري سمجهان ٿو. جيڪڏهن ڪهاڻي نه ڇپي ها ته ساڻس شڪايت ڪونه ڪريان ها... هن ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي (ٻه جملا) بدلائي ڇڏي. ڪهاڻي مري ويئي. سڄو امپئڪٽ ختم ٿي ويو. ڪهاڻي لکڻ تان ارواح کڄي ويو. آءٌ ماٺ ٿي ويس. ڳچ عرصو ته لکڻ تي دل نه ٿي ٿي......

ڪجهه وقت کان پوءِ بيمار ٿي پيس. علاج ڪرائڻ لاءِ لنڊن پهتس. اُتي خبر پئي ته نئين زندگيءَ واري ڪهاڻي (جيڪا شمشير بي ضرر بڻائي ڇڏي هئي) ۽ منهنجين ٻين ڪهاڻين ۽ مضمونن جي سرڪاري سطح تي ڇنڊ ڇاڻ پئي ٿئي. فائيل جو پيٽ ڀرجي ڦاٽڻ تي هو. اُن فائيل ۾ اُهي قسطوار مضمون به هئا، جيڪي ’ڪاروان‘ ۽ ’مهراڻ‘ (روزانه اخبارن) ۾ ڇپجندا رهيا هئا... اُن سان گڏ اردوءَ ۾ جيڪي جُلهون ٿينديون رهيون، سي به فائيل جو پيٽ ڀرينديون ويون. (ڪجهه سالن کان پوءِ اُن فائيل جو ’ديدار‘ نصيب ٿيو، تڏهن سڀ حقيقتون سامهون آيون!) خير! جڏهن موٽي آيس ته اُن فائيل جي طفيل 303 ۾ نالو اچي ويو. ڏاڍي ڪاوڙ آيم... اُن ڪاوڙ ۾ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ [ناول] لکڻ لڳس. هيڏانهن 303 واري انڪوائري هلندي رهي، هوڏانهن روز صفحن جا صفحا لکندو رهيس. اهو به عجيب اتفاق ٿيو، جو جنهن ڏينهن (03 اپريل 1970ع) تي ناول لکي پورو ڪيم، اُن ساڳئي ڏينهن تي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ جو پروانو مليو. (ناول نومبر 1970ع ۾ شايع ٿيو هو).“

نوڪريءَ مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ سراج ڪجهه وقت وڪالت ڪئي ۽ پنهنجي وقت جو ڪامياب وڪيل ٿي رهيو.

ون يونٽ جي خاتمي ۽ سنڌ جي صوبائي حيثيت جي بحاليءَ کان پوءِ، 1971ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اقتدار ۾ آئي. ته اُن منشي عبدالشڪور وڪيل کان روزاني هلال پاڪستان اخبار خريد ڪري، ’پيپلز پبليڪيشن ڪمپني‘ جي هٿ هيٺ ڪراچيءَ مان جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذوالفقار علي ڀُٽي (شهيد)، سراج کي گهرائي، اخبار جو ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ چيو، ۽ سراج پنهنجي شرطن تي، مڪمل آزاديءَ سان، ايڊيٽر ٿيڻ قبول ڪيو.

01 اپريل 1972ع کان سراج روزاني هلال پاڪستان جي ايڊيٽر طور نه رڳو واڳ اچي سنڀالي، پر هن، هلال پاڪستان اخبار ذريعي جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا به آندا، ۽ علي احمد بروهيءَ جي لفظن ۾: ”سراج صاحب نه فقط اخبار کي چمڪايو، پر سندس ساک ۽ سرڪيوليشن ٻنهي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيائين.“ سراج صاحب، اخبار لاءِ جديد ترين ’چار ڪلر يونٽ‘ واري پريس لڳرائي، اخباري اسٽاف کي ’ويج بورڊ‘ موجب پگهار ڏنا، اخباري ملازمن کي عيد بونس ڏيڻ جي شروعات ڪئي، ٻن هاڪر ڀائرن کي اخبار جي ورهاست ۽ وڪري جو ڪم سونپيائين، جن جي ’مشتاق نيوز ايجنسي‘ اڄ اخباري دنيا جي معروف ايجنسيءَ طور ڪم ڪري رهي آهي؛ اخبار جا 60 کان 100 صفحن تائين ايڊيشن به ڪڍيائين. ساڳيءَ طرح اهو ڪريڊٽ به سراج صاحب ڏي وڃي ٿو ته هن نصير اعجاز، فقير محمد لاشاري، اسلم آزاد، رئوف نظاماڻي، جي. اين. مغل، هدايت منگي ۽ ٻين کي صحافت جي ميدان ۾ متعارف ڪرايو، جيڪي پنهنجي دور جا بيباڪ صحافي ثابت ٿيا. خود امر جليل تسليم ڪيو آهي ته کيس ڪالم نگاريءَ جي ميدان ۾ سراج ئي وٺي آيو. اُن حوالي سان سراج کي جديد سنڌي صحافت کي ’نئون جنم ڏياريندڙ‘ يا ’جديد سنڌي صحافت جو باني‘ سڏڻ وڌاءُ نه ٿيندو.

 1977ع ۾ جڏهن ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق، ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت تي راتاهو هڻي اُن جو تختو اونڌو ڪيو ته سراج ڪنهن ڊڪٽيٽر جي ڊڪٽيشن وٺڻ بدران هلال پاڪستان جي ايڊيٽرشپ تان ئي استعيفا ڏئي ڇڏي، ۽ واپس اچي وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل ٿي رهيو. انڪم ٽئڪس قانون تي سندس مهارت ڏسي، کيس اُن مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ سڏيو ويندو هو.

سراج، سنڌي ادب جي گهڻ پاسائين شخصيت ٿي رهيو. هو بهترين ڪهاڻيڪار هو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ 1985ع ۾ شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ۽ تاريخي ناول لکيا، ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ هو، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان ’سنڌي ناولن جي پهرين ٽريالاجي‘ لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري، سنڌي نوجوانن ۾ سنڌ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. جن ماڻهن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ نه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ ئي سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ نومبر 1970ع ۾ ڇپيو. هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ 1988ع ۾ ڇپيو، جيڪو ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي توسيع (extension) سمجهڻ گهرجي. اُن کان سواءِ ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ۽ ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن، ۽ جيڪي ٽئي ناول ڌار ڌار توڙي ٽريالاجيءَ جي صورت ۾ ڪيترائي ڇاپا ڇپجي، بيحد مقبوليت ماڻي چڪا آهن. سراج ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا، ۽ ’اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن‘ عنوان وارو ڊرامو هن انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ مرزا قليچ بيگ ۽ ارجن شاد کان پوءِ، ۽ شيخ اياز کان اڳ منظوم ڊرامو/ سنگيت ناٽڪ ’تنهنجي تند تنوار...‘ عنوان سان سراج ئي لکيو. سندس ڊرامن پنهنجي دور ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. اُن کان سواءِ سراج ’معاشيات‘ بابت به هڪ ڪتاب 1964ع ۾ لکيو هو، جيڪو بي.اي (ايڪانامڪس) جي شاگردن جي نصاب تي رکيل هو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو سراج صاحب ’علم معاشيات‘ جا سادا سنڌي اصطلاح متعارف ڪرايا هئا.

هڪ سُٺي مترجم جي حيثيت سان سراج ڪيترا ئي ڪتاب ترجما ڪيا، جن ۾ ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ (ڪرشنچندر جو ناول) ۽ ڊاڪٽر ايس.پي ڇٻلاڻيءَ جي مشهور ڪتاب Economic Conditions in Sindh 1595-1984 جو ترجمو ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ اچي وڃن ٿا. ان کان سواءِ هن محمد سرور، اي. ڪي. بروهي ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ عالمن جا ڪيترائي علمي ۽ ادبي مضمون پڻ ترجما ڪيا، جن جي علمي ادبي دنيا ۾ وڏي اهميت رهي آهي.

سراج جي ناولن ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گهڻي اهميت جا حامل رهيا آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کان سواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ‘ ۽ ’ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن س. م. لاهوتيءَ جي نالي سان به ڪافي مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري پڻ ڪئي، ’بسمل‘ سندس تخلص هو. هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو هو، سندس ڪجهه گيت، نظم، آزاد نظم ۽ منظوم ترجما ملن ٿا، جن تي تفصيلي طرح ڌار لکڻ جي ضرورت آهي. سراج، ٻارن ۽ جوانن لاءِ مهتاب اڪبر راشديءَ جي چوڻ تي ’ذوالفقار علي ڀُٽي‘ بابت هڪ ڪتابڙو به لکيو هو، جيڪو ثقافت ۽ سياحت کاتي، 1990ع ۾ شايع ڪيو هو. سراج ڪڏهن به پنهنجو ڪو ڪتاب ڪنهن سرڪاري اداري پاران نه ڇپرايو هو، اُن ڪري، هن ڪتاب جي ٻن اکرن ۾ ڪَڙو سچ بيان ڪندي لکيو آهي ته:

”جڏهن ادي مهتاب اڪبر راشديءَ، مون کي جناب ذوالفقار علي ڀُٽي تي، ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ ڪتاب لکڻ لاءِ چيو ته آءٌ ذهني طرح پاڻ کي هڪدم ان لاءِ تيار نه ڪري سگهيس. اُن جا ٻه سبب هئا: هڪڙو ته اُهو ڪتاب، حڪومت طرفان شايع ٿيڻو هو، ۽ جيڪو ڪتاب حڪومت طرفان ڇپجي، سو هونئن ئي پنهنجي سَند ۽ افاديت وڃائي ويهندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُن کي حڪومتي پروپئگنڊا جو حصو سمجهي، نظرانداز ڪرڻ هاڻ هڪ معمول ۽ هڪ حد تائين صحيح معمول بڻجي ويو آهي. ٻي ڳالهه ته مرحوم ڀُٽي سان منهنجا ناتا 1956ع کان 1979ع تائين، ڪجهه اهڙا رهيا آهن، جو انهن کي بيان ڪرڻ ۾ غير جانبدار رهڻ ممڪن ڪونهي، هڪڙو ننڍڙو مثال وٺو، آءٌ سنڌ جي ڳالهه ڪندو هوس؛ ۽ هو پاڪستان جي ڳالهه ڪندو هو ۽ سنڌ جي غلاميءَ جي سببن جي ڳالهه ڪندو هو. آءٌ هن کي سندس حوالي سان سنڌي هجڻ جي جوکم جو چتاءُ ڏيندو هوس، ۽ هو مون کي سنڌي هجڻ جي حوالي سان، ٻين جي ڀيٽ ۾ ‘A small man of smaller province’ جو ويڻ ڏيندو هو! اُن معنيٰ ۾ آءٌ ننڍو ماڻهو هوس. آءٌ هن سان بي حجاب ٿيڻ جو سوچي به نٿي سگهيس ۽ هو مون کي بي حجاب مخاطب ٿي، چئي ڏيندو هو: ‘I have Sindh without apostrophe of Napier!...’

هي عجيب ماڻهو هو، جيڪو ’سنڌ صدين کان‘ سيمينار بابت پيار علي الانا کي چوڻ لڳو ته: ”سيمينار نه به ٿيو، ته به تنهنجي نوڪري سلامت رهندي، پر جيڪڏهن سيمينار ٿيو ۽ سنڌ جي مان مرتبي مطابق نه ٿيو ته پوءِ تنهنجي نوڪريءَ جي خاطري نه ٿو ڏئي سگهان.‘

اهڙي شخص تي لکڻ ئي جوکم کان خالي نه آهي، ۽ خاص ڪري مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ، جنهن لاءِ سنڌ، ڪائنات جي وجودن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو وجود آهي، ۽ جيڪو پنهنجي ذاتي خالص ذاتي بنيادن تي اهو چوندو رهيو ته جناب ڀٽو جيڪڏهن سنڌي نه هجي ها ته کيس ڦاهي ڪڏهن به نه چاڙهين ها! اُهو سنڌي هو، اُن ڪري ڦاهي چڙهي ويو، کڻي هن خود ڦاهي ڏيندڙن لاءِ، پنهنجي سموري زندگي وقف ڪري ڇڏي هجي! نراڙ تي اِهي ٻه ٽي ليڪون، جيڪي سنڌي هجڻ جو برملا اعلان ڪنديون آهن، زبان جي اُها ادائگي، جيڪا ڪنهن جي سنڌي هجڻ جي چغلي هڻندي هجي، ڦاهيءَ جو وڏيءَ ۾ وڏو جواز، بلڪ استحقاق آهي!

اهي آهن چند مونجهارا، جن مون کي ادي مهتاب جي چوڻ کي موٽائڻ تي آڀاريو هو، پر پوءِ هن هڪ ٻي ڳالهه ڪئي، جنهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو: ”آءٌ سنڌ حڪومت پاران ايترو نه، جيترو پنهنجي پاران ٿي چوان! ۽ هي ڪتاب مون لکيو....“

لسانيات جي حوالي سان سراجَ جي اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ 1964ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙي ڇڏيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي وڏن عالمن سان اختلاف ڪندي، سنڌي ٻوليءَ کي ’سنسڪرت مان نڪتل زبان‘، ’دراوڙي ڪُل جي زبان‘ ۽ ’سامي سٿ‘ جي زبان وارن نظرين ۽ مفروضن کي رد ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو. سندس راءِ کي شروع ۾ جن عالمن قبول نه ڪيو هو، تن به ڪافي تحقيق کان پوءِ، آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي، جيڪا ڳالهه سراج جي علمي ڄاڻ جي مڃتا جو وڏو ثبوت آهي. سراج جي هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو هو، ۽ 2009ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو آهي، جيڪو سندس فرزند امجد سراج ڪيو آهي، ۽ ان کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايو آهي.

سراج، زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ٻه انگريزي ڪتاب لکي مڪمل ڪيا:

1.       (Hi) story of Sindh and Sindhi Language

2.      Biography of an Unknown Sindhi

سنڌ جي هن عاشق ۽ باوقار اديب 02 فيبروري 2013ع تي اسُر ويل، دل جي دوري سبب نيشنل ميڊيڪل سينٽر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس 04 فيبروريءَ تي گِزري قبرستان، ڊفينس- ڪراچيءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

-----

سراج جي لکڻين سان ابتدا کان وٺي مون کي عشق جي حد تائين چاهه رهيو آهي. جڏهن پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد، خط لکي، مون کي سراج تي 150 صفحن جو ڪتاب لکڻ لاءِ چيو هو ته مون هڪدم ڪتاب لکي ڏيڻ جي هام ڀري ورتي هئي، مٿان وري ڊاڪٽر فهميده حسين به مون کي اُتساهيو هو- ۽ پوءِ مون سراج بابت ۽ سراج جو ڇپيل مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو؛ پر افسوس جو سندس زندگيءَ ۾، مٿس ڪتاب لکڻ جي سعادت حاصل نه ڪري سگهيو هئس، ۽ سراج اسان کان موڪلائي، هڪ اهڙي ڏيهه هليو ويو، جتان، لطيف سائينءَ جي لفظن ۾:

’نه خبر، نه خواب، نه ڪو اوٺي آئيو!‘

سراج جي لاڏاڻي کان پوءِ، مون کي اِحساس ٿيو ته مون جيڪا ڪوتاهي ڪئي آهي، اُن جو ازالو ٿيڻ گهرجي، ۽ ائين ادي فهميده حسين ۽ پاڻ وٽ گڏ ڪيل موادُ، ۽ سراج جي وڇوڙي کان پوءِ رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس بابت ڇپيل مواد سهيڙڻ شروع ڪيم. ڊاڪٽر فهميده حسين ڪراچيءَ واري گهر تان مختلف ’اخباري ڪَترون‘ (Cuttings)، وٽس موجود سراج بابت مواد، سراج جو ڇپيل مواد، نئين زندگي رسالا ۽ اخبارن جا جلد- بند بنڊل کڻي آئي. سراج جا ڪالم، ’رتيءَ جي رهاڻ‘، ’ملان جي ڊوڙ‘ ۽ ’سياسي منظر نامو‘ ته منهنجي دوست اياز عالم ابڙي پنن تي ڪٽي پيسٽ ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ مون سراج بابت توڙي سراج جا لکيل مضمون، ڪهاڻيون، ڊراما، شاعري، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل/ ڇپيل مواد گڏ ڪرڻ ۽ فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ شروع ڪيو ته مون وٽ سراج جا هيٺينءَ ريت ڪتاب تيار ٿي ويا:

1- سراج بابت اڳ ڇپيل ۽ وفات کان پوءِ ڇپيل، مضمونن، ڪالمن، تاثرن، اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽوريلن تي ٻڌل    ڪتاب

2- سراج ۽ سنڌي ٻولي (سنڌي ٻوليءَ بابت سراج جي لکيل     مضمونن ۽ مٿس ٿيل تنقيدي مضمونن جو ڪتاب)

3- سراج جي ادبي ۽ تنقيدي مضمونن، مهاڳن ۽ خاڪن    جو ڪتاب

4- سراج جي ناٽڪن تي مشتمل ڪتاب

5- سراج جي شاعريءَ جو ڪتاب

6- سراج جي انگريزي مضمونن جو ڪتاب

7- رتيءَ جي رهاڻ (ڪالمن جو ڪتاب)

8-’سياسي منظرنامو‘ (ڪالمن جو ڪتاب)

9- ’ملان جي ڊوڙ‘ ۽ ٻين ڪالمن جو ڪتاب

ان وچ ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميه مون کي سراج تي ’انٿالاجي‘ تيار ڪرڻ لاءِ خط لکيو، ۽ مون ”سنڌ جو ديومالائي ڪردار: سراج“ عنوان سان هڪ ’انٿالاجي‘ تيار ڪري، ان کي ڪتابي صورت ڏني آهي، جنهن ۾ هيٺيون مواد شامل ڪيو اٿم:

1. ماڻهو ميگهه ملهار: سنڌ جي مختلف شخصيتن- پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويي، مخدوم طالب الموليٰ، غلام محمد گرامي ۽ طارق اشرف بابت خاڪا.

2. رات ستارن هاڻي: سراج جون ٽي ننڍڙيون ڪهاڻيون:
تون به.... (هڪ ڏينهن جي ڳالهه)، رات ستارن هاڻي... ۽ نئين لوڪ ڪهاڻي.

3. شاعري: سراج جا ٻه نظم (1) پريم پارڪ ۾...! (2) ڪراچي

4. مهان ڏات ڌڻي: سراج بابت سندس زندگيءَ ۾ لکيل   مضمون/ تاثر ۽ مختلف تقريبن ۾ پڙهيل مضمونَ.

5. وڏي وٿ هئام: سراج جي وفات بعد ڇپيل مضمون.

6. ويو وڻجارو اوهري: سراج بابت تاثرات (تڏي تي لکيل ۽ ڇپيل)

7. ليجنڊ سراج کي سلام: سراج بابت رسالن ۽ اخبارن ۾        ڇپيل ايڊيٽوريل ۽ نوٽ.

هي ڪتاب، مون سراج جو قرضُ ۽ پاڻ تي فرضُ سمجهي سهيڙيو آهي، جيڪڏهن منهنجي پيارَ جو هي پورهيو، سنڌ وٽ ثاب پيو ته آءٌ پاڻ کي ڀاڳوند سمجهندس.

هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري قومي شاعر، نياز همايونيءَ جي فرزند پرويز نياز ڪئي آهي، جنهن لاءِ آءٌ سندس نهايت ٿورائتو آهيان.

آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميه ۽ خاص ڪري سيڪريٽري الهڏتي وگهيي صاحب جو به ٿورائتو آهيان، جن مون کي سنڌ جي نامياري اسڪالر سراج ميمڻ جي شخصيت ۽ علمي پورهيي تي اينٿالاجي تيار ڪرڻ جو ڪم ڏنو. اُميد ته هن اينٿالاجيءَ ذريعي سنڌ واسي ، سنڌ جي قدآور عالم سراج ميمڻ جي علمي ۽ ادبي پورهيي کان چڱيءَ ريت واقف ٿيندا ۽ هي ڪتاب سنڌ جي نئين نسل لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.

- تاج جويو

05 آگسٽ، 2013ع

حيدرآباد، سنڌ.

ماڻهو ميگهه ملهار

 

سـدا سُهڻي ســنڌڙي، ماڻهو ميـگهه ملار،

تنين سندي سارَ، مُندون مهڪائي ڇڏيون!

(تاج)

 

نينا! سنڌ بنا چين ڪهان؟ (پير حسام الدين راشدي)

هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن اڃا سنڌ اخلاقي، سماجي ۽ شعوري شعبن ۾ ڀڙڀانگ ۽ بيابان ڪانه ٿي هئي. ڪي ماڻهو هئا، جن جي ڪري سنڌ اڃا آباد سمجهي ويندي هئي. اکئين ڏٺوسين پئي ته جيڪو ڏينهن ٿي گذريو، زندگي وڌيڪ سنيارجندي وئي: بلڪل ائين جيئن ٺٽي جون زمينون ڪلر جي ڪري ڏينهون ڏينهن ڀينگ ٿينديون ٿي ويون: جتي سنڌ جي جوڀن جهڙن ڏينهڙن ۾ باغ ۽ بستان، چمن ۽ گلزار ٻڌبا هئا، اتي سواءِ ٿوهرن، ٽُوهن ۽ اَڪن جي ڪجهه ڪونه هو. ٺٽي ويندا هئاسون ته اداس ٿي ويندا هئاسون.

”يَرَ هي پَٽ ڏسي، هينئون لوڻ ٿيڻ ٿو لڳي!“ هو چوندو هو. اسين چُپُ. هن جو درد اسان کي ڇُهڻ لڳندو هو: ”او هتان کان مڪليءَ تائين گلقند ٺاهڻ جا ڪارخانا هوندا هئا، ۽ جڏهن قافلا ايندا هئا، ته هتي گهڙيءَ لاءِ ڊاٻو ڪندا هئا ته جيئن اُن جي خوشبوءِ سان واسجي سندن ٿڪ لهي وڃي! ۽ پوءِ پاڻ جهلي نه سگهندا هئا، ۽ عطر، شربت ۽ گلقند سان ڀريل صراحيون ۽ سونگا خريد ڪرڻ کان رهي نه سگهندا هئا..!“

”اهي سنڌي صراحيون مون تاشقند جي ميوزيم ۾ ڏٺيون آهن. اصفهان ۾ هڪڙو ڪتب فروش هڪڙي اهڙي صراحي لک رپين ۾ به ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿيو. ان جو ڌاتو ئي عجيب هو: سون ڪونه هو، پر ڏيکائي سون جي ٿي ڏٺائين؛ ان تي جيڪي نقش نگار هئا، سي بيان ئي نٿا ڪري سگهجن ۽ انهن ۾ جيڪي رنگ ڀريل هئا، نيرو، پيازي ۽ قرمزي، سي ڪنهن اهڙي شيءِ مان پگهاري ڀريا ويا هئا، ڄڻ ته هيرن جواهرن جو پاڻي مٿن ڀريل هو. شيشو به نه هو، پٿر به نه هو، ڪنهن مرڪب (Synthetic) ٺاهڻ جي ڪاريگريءَ جو اهڙو ڪرشمو هو، جو مون کي يورپ ۽ روس جي فقط ڪن عجائب گهرن ۾ نظر آيو آهي...!“

هو ماٺ ٿي ويو، سندس عينڪ جا هلڪا ناسي شيشا ڪنهن ڪوهيڙي کان ڌنڌلا ٿي ويا. الا، اهي ڪهڙا نه سچا آبدار موتي ها!

”اڄ اُهي ڪاريگر ڪٿي، اُهي ڪيميادان ڪٿي، اُهي عطرفروش ڪٿي، اُهي گلقند ٺاهڻ وارا حڪيم ڪٿي! اهي گل ۽ گلزار ڪٿي: اڄ ڏسو ته چؤطرف ڀينگ پئي واڪا ڪري! غلامي اسان جو هر جوهر، هر ڏات ٻُهاري ويئي آهي! هي ڏسو، هتي خانخانان، تانسين ۽ هندستان جي عظيم ڳائڻن کي وٺي آيو هو. انهن جي مقابلي ۾ هڪڙي سنڌي ڳائڻي، خانخانان جي هڪڙي هندي دوهي جو سنڌي ترجمو راڳ روپڪَليءَ ۾ ڳايو هو:

نينا ساجن بنا چين ڪهان؟

تانسين پنهنجي مسند تان اُٿي، هن کي پيرين پئي مليو هو! جڏهن خانخانان هن کي مغل درٻار ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي، تڏهن هن ورندي ڏني هئي:

نينا سنڌ بنا چين ڪهان؟“

هو اسان کي روئاڙيندو رهيو: اسين چپ. هن شخص کي ڏسندا رهياسون، جنهن سنڌ کي تاريخ ۾ ڏٺو هو، سنڌ کي تاريخ ۾ سڃاتو هو: هو ته الائجي ڪيترو رُنو هوندو!

اڄ اهو شخص خاموش، مڪليءَ جي هڪڙي ڪنڊ ۾ آرامي آهي. اهو شخص، اسان کي بي آرام ڪرڻ وارو شخص هو پير حسام الدين راشدي!

(’رتيءَ جي رهاڻ‘: ڪالم)

 

ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو (محمد ابراهيم جويو)

چچنامي ۾ هڪڙي حڪايت پڙهي هيم ته چچ جڏهن پنهنجي راڄ جون سرحدون مضبوط ڪرڻ لاءِ نڪتو، تڏهن برهمڻ آباد جي هڪ ٻوڌي پروهت پنهنجي قلم ذريعي سندس مخالفت شروع ڪري ڏني. چچ کي سخت ڪاوڙ لڳي، ۽ پڪو پهه ڪيائين ته اُن پروهت کي جوڳي سيکت ڏيندو. جڏهن پنهنجن سمورن مخالفن کي ماري مڃائڻ کان واندو ٿيو، تڏهن جلادن جو هڪ جٿو ساڻ ڪري، پروهت جي مَٺ ڏانهن روانو ٿيو. جلادن کي سمجهائي ڇڏيائين ته ”آءٌ هن کي ڳالهين ۾ مصروف رکندي، جڏهن اشارو ڏيان، تڏهن سندس سِسي لاهي ڇڏجو!“ پوءِ جڏهن مَٺ ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڏٺائين ته پروهت چيڪي مٽي ڳوهي پنڊا ٺاهي ڳوهيندو ٿي ويو، ۽ پهڻ جو هڪڙو ٽڪر، هر پنڊي تي هڻندو ٿي ويو. اُن پهڻ لڳڻ سان مٽيءَ جي هر چاڻي تي مهاتما ٻڌ جي تشبيهه اُڀري ٿي آئي. جڏهن چچ پنهنجي جٿي سان ڌوڪيندي اندر آيو، تڏهن پروهت، پنهنجي ڪِرت مان ڪنڌ مٿي کڻي مٿي ڪين نهاريو. ڪا گهڙي چچ ششدر ٿي، هن کي ڏسندو رهيو. سنڌ جي بادشاهه کي پنهنجو رعب ۽ دٻدٻو وسري ويو. هن جي بدن ۾ ڪنبڻي پئجي ويئي، ۽ هن هٻڪندي پروهت کي عرض ڪيو ته هو حڪومت کي پنهنجي صلاح مشوري سان نوازي. پروهت ڪنڌ مٿي کڻڻ بنا ئي جواب ڏنو: ”اي سيلائج جا پٽ، اسان کي دنيا جي ڪاروبار سان ڪو واسطو نه آهي. جيڪڏهن پنهنجي عاقبت سنوارڻ چاهين ٿو ته پنهنجي وطن جي ماڻهن جي حياتيءَ ۾ ڪو سک، ڪو سهنج آڻڻ جو جتن ڪر!“ ۽ چچ سندس آشيرواد وٺي ٻاهر نڪري آيو. ساڻس گڏ هڪ وزير پڇيس ته ”حضور، اوهان هن جي سِسي لاهڻ جو ته اشارو ڏنوئي ڪونه؟“ چچ پنهنجي پيشانيءَ تان پگهر اگهندي چيو: ”هن ڄاڻ جي ديو اڳيان مون کي پنهنجي سِر جي اچي لڳي هئي: هن جي ڏيا ۽ حشمت منهنجا هوش ئي خطا ڪري ڇڏيا!“

ائين ٿو لڳي ته اهي علم ۽ ڄاڻ جا پروهت جوڻ مٽائي، هر دور ۾ ابراهيم جويي جهڙا ماڻهو بڻجيو پون. (اهو به ڀانيان ٿو ته ابراهيم جويو ڪنهن اڳئين جنم ۾ پڪ ئي پڪ ڪو ٻوڌي پروهت يا شمن هو: هن ۾ ٻڌ ڌرم جا اهڃاڻ چٽا ۽ پڌرا اڄ به محسوس ڪري سگهجن ٿا).

هنن جي زندگيءَ جو هڪڙو ئي مقصد ۽ محور آهي! سو اهو ته پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ علم ۽ ڄاڻ جي روشني ڦهلائڻ لاءِ جتن ڪندي پساهه پورا ٿين ته حياتي سجائي چئبي. هيءَ مختصر حياتي، جيڪا انسان کي ملي آهي، ان کي بامقصد بنائڻ ئي انسان کي ٻين ساهوارن کان اتم ۽ اعليٰ بنائي ٿو: ۽ اهو مقصد آهي پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماڻهن لاءِ ڏاهپ جا موتي ميڙي، ڄاڻ جا خزانا ونڊي ورهائي، کين ٻه قدم اڳتي وٺي وڃجي. ٻڌ ڌرم جي حوالي سان، اهو ئي هنن جو نرواڻ آهي.

اڄ جو ابراهيم جويو هونئن ته بنهه ضعيف، سنهڙو، سيپڪڙو  ننڍي قد جو هڪ پريو مڙس آهي، پر جيڪڏهن سندس ڄاڻ ۽ ڪم جي همه گير پهلوئن کي خيال ۾ آڻجي ته هو هڪ سگهارو، قداور ۽ جواڻ جماڻ ذهن آهي، جنهن جي گهڻ- ڏِسي شخصيت جو احاطو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جڏهن سندس ڦوهه جواني هئي، تڏهن وري هن جو ذهن تجربي ۽ مطالعي جي لحاظ کان پيرسن ۽ پريو مڙس هو، جيڪو پنهنجي هڪ جيڏن ۽ پاڻان ننڍن جي رهبري ڪندو هو. ناظم حڪمت، ترڪيءَ جي ڪنهن ڏاهي لاءِ هڪ هنڌ چيو هو ته جڏهن جوان هو ته اشاري سان صحيح منزل ڏانهن رهنمائي ڪندو هو، جڏهن پيرسن ٿيو ته هٿ کان جهلي صحيح منزل تي پهچائي ايندو هو. ابراهيم جويي سان به اها ڪار آهي. جڏهن ننڍو نيٽو هو ته لاتعداد اشارن سان سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي صحيح منزلن جي نشاندهي ڪندو رهيو. جڏهن پيرسن ٿيو ته ڪيترن ئي واٽهڙن کي دڳ لائڻ ڪاڻ عملي طرح اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريائين، جيڪو خود هڪ منزل جي حيثيت رکي ٿو. ان کي هيئن سمجهو ته جڏهن اڃا جوانيءَ جو پُور شروع ڪيو هئائين ته ‘Save Sindh Save the Continent’ لکي، اهڃاڻ ۽ پارپتا ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن رٽائر ٿيو ته ”شاهه، سچل ۽ سامي“ لکي ڏيکاريائين. هن جي اِن ذهني سفر کي سمجهڻ لاءِ ايشيا کان سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ تاريخ کي هڪ ’وطن پرست‘ احساس جي حوالي سان سمجهڻو پوندو. آءٌ جڏهن ’وطن پرست‘ جو فقرو ڪتب ٿو آڻيان، تڏهن محض هڪ خوبصورت اصطلاح استعمال ڪونه ٿو ڪريان، پر ان جي اکري معنيٰ ڏانهن اشارو ٿو ڪريان. ابراهيم لاءِ وطن پرستي، پرستش جي حد تائين اونهو ۽ روحاني تجربو آهي: ساڳئي وقت اها حد درجي جي جانبداريءَ جي ’پوزيشن‘ پڻ آهي، جيڪا اقبال جي وطن کي ’ڪوڙو خدا‘ سڏڻ جي منفي روايت کي رد ڪري، شاهه جي ’واجهائي وطن کي... ڪج پنوهارن پاس‘ واري مثبت روايت اختيار ڪرڻ جي ’پوزيشن‘ آهي. وطن هن لاءِ پارس به آهي ته ڪسوٽي به. جماليات جو معيار به اهو ئي آهي ته روحانيت جو حوالو پڻ اهو ئي آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته سندري اتمچنداڻي سنڌ گهمڻ آئي هئي، ۽ هڪ شام، ابراهيم، اياز، رباني ۽ آءٌ، سندريءَ ۽ اتم سان گڏجي، ڪلفٽن تي سمنڊ جي ڪناري گهمڻ آياسون. روحانيت تي بحث ڇڙي پيو هو. اياز تصوف ۽ ويدانت جي روايت سان روحانيت جي تعلق تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ چئي رهيو هو ته ان معنيٰ ۾ هو پنهنجي روحانيت جو قائل آهي. ابراهيم به سندس حمايت ڪندي چيو هو ته روحانيت کي هروڀرو ڪا تنگ معنيٰ ڏيڻ نه گهرجي. ان وقت ڪونجن جي هڪ ڊگهي قطار هڪ ڪڪريءَ وٽان نڪري شفق جي لالاڻ ۾ گم ٿيڻ لڳي. سندريءَ ان نظاري ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو. واقعي منظر اهڙو ته دل کي جهوٻو ڏيندڙ هو، جو ڀانيان ٿو ته اسان سڀني جون دليون گائون مائون ٿيڻ لڳيون. سڀ ماٺ ٿي وياسون. مون ڏٺو ته ابراهيم جويي جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، ۽ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”الا، سنڌ جو آسمان ڪيڏو نه سهڻو آهي!“ ۽ پوءِ پنهنجي لڙڪن کان پريشان ٿيندي، ڳالهه لنوائڻ لاءِ ٽهڪن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين: ”اسان جي روحانيت ته اجهو اها آهي!“

ابراهيم جويي سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ، واقفيتون ۽ لاڳاپا مختلف حيثيتن ۽ مختلف سطحن جا آهن. هڪڙي حيثيت ۽ سطح ته اها آهي، جنهن تي هو هر نئين لکندڙ کي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ همٿائيندو آهي، رهبري ۽ رهنمائي ڪندو آهي. 1952ع جو زمانو هو، ۽ آءٌ مرحوم ڏيپلائيءَ صاحب وٽ ملازم هوس، ترجما ڪندو هوس، پروف پڙهندو هوس ۽ ڪتاب ويپيون ڪندو هوس. ان ئي زماني ۾ ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“، ”چين ۾ هارين کي زمين ڪيئن ملي“ ۽ ”انسان ۽ انسانيت جي تاريخ“ ترجمو ڪيا هئم ۽ ڏيپلائي صاحب ڇپايا هئا. جويو صاحب ڏيپلائي صاحب جو گهاٽو دوست هو، ۽ اڪثر قرآن پريس ۾ ايندو هو. منهنجي واقفيت ساڻس اُتي ٿي. ڏيپلائي صاحب مرحوم منهنجا ڪجهه ترجما کيس ڏيکاريا. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پوءِ جڏهن به ايندو هو ته ور ور ڪري پڇندو هو ته ”سراج، ڪا نئين شيءِ ترجمو ڪئي اٿئي؟“ هي کلڻو جوان، جنهن جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ هوندي هئي، مون کان پندرهن ويهه سال وڏو هو، پر جڏهن مون سان ڳالهائيندو هو ته منهنجي سطح تي، ۽ هڪ اهڙيءَ پنهنجائپ سان، جيڪا فقط خيالن جي هم آهنگيءَ مان پيدا ٿيندي آهي. ان ئي زماني ۾ هن مون کي پنهنجو ڪتاب ‘Save Sindh Save the Continent’ پڙهڻ لاءِ ڏنو. ان ڪتاب منهنجي ذهني ماحول ۾ هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏيو ۽ مون نڪا ڪئي هم نڪا تم، هفتي ڏهن ڏينهن ۾ راتيون جاڳي، اهو ڪتاب ترجمو ڪري، اصل ڪتاب سان گڏ کيس ڏنم. هو ڪا گهڙي ته مون کي عجيب نظرن سان گهوريندو رهيو، پوءِ هڪ مرڪ سان چيائين: ”چريا، هي ڪتاب ته ضبط ٿيل آهي!“ اهو ترجمو اڃا وٽس، ڪن پراڻن ڪاغذن ۾ موجود هوندو. ترجمن تان ڳالهه ياد آئي ته آزاديءَ کان اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمي جو فن ڏاڍي اوج تي هو. سنڌيءَ جي هر اهم اديب ۽ عالم اهو پئي محسوس ڪيو ته جيسين سنڌيءَ ۾ اصلوڪو ادب پيدا ٿئي، تيسين ترجمن ذريعي سنڌيءَ ۾ ٻين زبانن جو بهترين ادب ۽ علم اُلٿائڻ هڪ ضرور هجڻ سان گڏ سنڌيءَ جي مخلص ترين خدمت به آهي. ان ڏس ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو سرفهرست آهي. هن سوين ڪتاب سنڌيءَ ۾ اُلٿائي وڌا. مرزا قليچ بيگ جي هم عمر اديبن مان هر ڪنهن، هڪ قرض سمجهي، ڪو نه ڪو ڪتاب ترجمو ڪري سنڌيءَ جي جهول ۾ وڌو. انگريزي، هندي، بينگالي، اردو، مرهٽي ۽ گجراتيءَ جا بيشمار ڪتاب اُن دور ۾ ترجمو ٿيا. آزاديءَ کان پوءِ ترجمي جي اهميت، جيڪڏهن ڪنهن محسوس ڪئي ۽ ڪرائي، سو ابراهيم جويو هو. هن کي پاڻ به ترجمي جو فن ايترو ته مٿاهين معيار تي کڻي ويو آهي، جو هن جا ترجما اصلوڪيون ۽ طبعزاد تحريرون ٿيون ڀانئجن، پوءِ اهو تعليم تي ”ايميلي“ هجي يا سندس تازا ترجما، جن ۾ ”ٻارن جو مسيح“ ۽ ٻيا اهم ڪتاب شامل آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ هن ڏينهن رات ڪوشش ڪري، ادبي بورڊ جي ترجمن جي اسڪيم کي اڳتي وڌايو. ان اسڪيم ۾ دنيا جي علم ۽ ادب جا بهترين ڪتاب چونڊيل هئا. جن اديبن ۽ عالمن کي بورڊ طرفان ڪو ڪتاب ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو ٿي ويو، انهن جي پويان ذاتي طرح ابراهيم جويو جنسي پويان پئجي ٿي ويو. هن جا ذاتي لاڳاپا سڀني عالمن ۽ اديبن سان هئا، ان ڪري هو هلي وٽن ويندو هو، ۽ کين منٿون ڪندو ته ٻيلي، ڏاها ٿيو، ڪتاب ترت ترجمو ڪري ڏيو ته ڇپايون. رڳو ايستائين محدود نه رهندو هو، پر جڏهن ترجمو پهچندو هو ته ان کي ادبي معيار ڏيڻ لاءِ، ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندو هو. مون کي ذاتي طرح سان ان جو تجربو ۽ مشاهدو آهي، ڇاڪاڻ ته 1955ع کان 1957ع تائين آءٌ بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور هن سان ڪراچيءَ واري آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪي ڪي ترجما ته اهڙا معيار کان ڪريل هوندا هئا، جو انهن کي سڌاريندي سڌاريندي، هو بلڪل نئون ترجمو ڪري وڃي پار پوندو هو. ان سٺي ترجمي جو ”ڪريڊٽ“ به ترجمي ڪندڙ کي ملندو هو. ائين سوين ڪتاب ترجمو ٿيا، ۽ ابراهيم جي قلم انهن جي نوڪ پلڪ کي درست ڪيو يا ماڳهين نئين سر ترجمو ڪيو. اسان جي هڪ دوست (مرحوم تي الله جي مغفرت هجي) رسڪن جي هڪ ڪتاب جو ترجمو ڪيو. ان جو مسودو شايد اڄ به بورڊ جي رڪارڊ ۾ هوندو. اهو ترجمو اهڙو لفظي ترجمو هو، جو جيڪڏهن ائين ئي ڇپجي ها ته رسڪن جو روح ريهون ڪري ها. ابراهيم جويي جي قلم ان ڪتاب کي شاهڪار بنائي ڇڏيو ۽ اهو مثال اڪيلو نه آهي، پر سوين ترجمن سان لاڳو آهي. ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل آهي، ۽ اهو فڪر هو ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو سنڌي ادب ۾ اضافو آڻين، پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾، ٻه قدم اڳتي نين. ادبي بورد جا ڪرايل ترجما ان جو وڏو ثبوت آهن. انهن ۾ اوهان کي ڪوبه اهڙو ڪتاب نه ملندو، جنهن ۾ محض ۽ صرف ادب جي چاشني هجي. ڪتاب اهڙو چونڊيندو، جنهن ۾ ڪنهن ماڳ، ڪنهن منزل جا نشان چٽا ملندا هجن. اها مقصديت(Motivation) رڳو بورڊ جي ڪتاب تائين محدود نه هئي. پنهنجي سنگتين ساٿين کي، ڳالهين ڪندي ڪندي، اهڙن ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ لاءِ چوندو، جيڪي پاڻ ۽ هنن گڏجي پڙهيا هجن، ۽ جن جي مقصديت لاءِ ڪنهن کي به شڪ شبهو نه هوندو. سندس رغبت ڏيارڻ جو انداز به اهڙو دل لڀائيندڙ هوندو آهي، جو ماڻهو سوچيندو ته هن کي جواب ڏيڻ سان هن جي دل ٽٽي پوندي. ڪن حالتن ۾ وري کيس اهو احساس ٿيندو هو ته سندس ڪن دوستن ۾ لکڻ جي صلاحيت آهي ۽ محض سستيءَ ڪري نه ٿا لکن ته انهن سان حجت ڪري کانئن لکائيندو يا ترجما ڪرائيندو. ڳالهين ڳالهين ۾ اهڙي حجت ڪري ويهندو، جنهن کي ٽارڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو. اسان جي دوست سرڪيءَ کان لکائڻ ۽ ترجما ڪرائڻ لاءِ هن اها ئي کيڏ استعمال ڪئي. ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ائين ترجمو ٿيو. ساڳي کيڏ سرڪيءَ جي گهرواريءَ ڀيڻ شمس تي آزمايائين ۽ ڪامياب ٿيو.

ڪن حالتن ۾ وري ضرورتمند اديبن کان ترجما ڪرائي، سندن مالي مدد ڪرڻ جي اهڙي روايت قائم ڪيائين، جو آءٌ اڄ به ان ڳالهه جو قائل آهيان ته سنڌي ادب ۾ صحيح اجوري جي روايت به ابراهيم جويي شروع ڪئي، جيڪا اڳتي هلي ان منزل تي پهتي، جو ڪو اهڙو به وقت آيو، جڏهن سنڌي اديبن اهو فيصلو ڪيو ته اجورو (پوءِ ٿورو يا گهڻو) نه ملندو ته ڪنهن جي لاءِ به نه لکندا. جڳ مشهور ڪتاب Golden Bough جو ترجمو ’جادو ۽ سائنس‘ ائين ٿيو. هتي وري به هڪ ذاتي واقعو ياد ٿو پويم. 1957ع ۾ سي.ايس.ايس جو امتحان (جنهن کي عام طرح سي.ايس.پي آفيسرن جو امتحان سڏيو ويندو آهي) پاس ڪيم ۽ بورڊ جي نوڪري ڇڏي، ٽريننگ لاءِ لاهور ويس. ان زماني ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ کي ٽي.بي ٿي پئي. ان ئي زماني ۾ ٽي.بيءَ جي علاج لاءِ نيون دوائون ميدان تي آيون هيون، جن مان هن موذي مرض جو مڪمل علاج ٿي ٿي سگهيو، پر دوائون ڏاڍيون مهانگيون هيون ۽ گهڻي مقدار ۾ کائڻيون هيون. ابراهيم کي منهنجي مالي حالتن جي خبر هئي. سو بورڊ جي طرفان ڪجهه ڪتابن جي ترت ترجمي لاءِ ليٽر ڏياري موڪليائين. ڏينهن رات هڪ ڪري ٽي ڪتاب ترجمو ڪري ڏنامانس. انهن مان هڪڙو ڪتاب شايد آمريڪي آکاڻين جو هو، ۽ ٻيو She Stoops to Conquer ۽ ٽيون شايد School Seandal هو. انهن ڪتابن جي پئسن مون کي ڀاءُ جي علاج ڪرائڻ ۾ وڏي مدد ڏني. ان واقعي منهنجي ذهن تي ڪي پائيدار اثر ڇڏيا، ۽ اهي ئي اثر هئا، جن تحت مون ’هلال پاڪستان‘ ۾ لکندڙن کي معاوضي ڏيڻ جي روايت قائم ڪئي. سنڌ جو اديب گهڻو تڻو ڏتڙيل طبقي سان تعلق رکي ٿو، ۽ جيڪڏهن ادبي ڪم جي عيوض کيس مناسب اجورو ملي ته ڪهڙي اربعا خطا ٿيندي؟

جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته 1955ع کان 1957ع تائين بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مون هن سان گڏجي، هن جو زيردست ٿي، ڪم ڪيو آهي. ان کان اڳ به ٻه سال بورڊ جي بڪ اسٽال تي مئنيجر طور رهي، سندس زيردستي ڪئي اٿم. انهن چئن سالن ۾ مون هن شخص جي بنهه ويجهو رهي، سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن کي ڏٺو ۽ جاچيو آهي. سندس محنتون، سندس پورهيا، ۽ سندس مقصد سان چهٽي رهڻ جا ڪرشما ڏٺا اٿم. ۽ نتيجي طور هڪ اهڙو انسان سامهون ڏٺو اٿم، جيڪو حد درجي جو وطن پرست آهي، پر جنهن جي وطن پرستي هڪ عجيب ۽ نئين وطن پرستي آهي. ان کي هيئن سمجهو ته ان وطن پرستيءَ کي پنهنجو هڪ جسم آهي، هڪ روح آهي، هڪ اخلاق آهي ۽ جيڪا ساهواري آهي، جنهن کي ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن کي هٿ لائي محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪا هٿ ڊگهيري اوهان کي ڇُهي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڇهاءُ نه به ٿئي، تڏهن به پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائي ٿي. هڪ انگريز وطن پرست جي ’پئٽرياٽزم‘ لاءِ چيو ويندو آهي ته ”انگلنڊ، منهنجو انگلنڊ، برو يا ڀلو، منهنجو انگلنڊ!“ پر ابراهيم جويي جي وطن پرستي پنهنجي وطن لاءِ ’بري‘ يا ’ڀلي‘ جي چونڊ نه ٿي ڪري. هن کي يقين آهي ته منهنجو وطن، منهنجي سنڌ ”بري“ ته ٿي ئي نه ٿي سگهي. برائيءَ جي امڪان جو به تصور نه ٿي ڪري. ٻيءَ دنيا کي سنڌ ۾ ڪا برائي نظر اچي ته اهو هنن جي اکين جو ڦير آهي، پنهنجي Prejudice آهي. نه ته سنڌ ۾ ڪا برائي نه آهي، ڪا منفي شيءِ نه آهي. ان کي هيئن به چئي سگهجي ٿو ته جيئن محبوب کي چنڊ سان مشابهت ڏجي، پوءِ ڀلي سائنسدانن جي نگاهه ۾ چنڊ تي غارن ۽ جبلن جي ڪري داغ ڇو نه هجن. سنڌ ان وطن پرستيءَ جو محبوب آهي، جنهن محبوب جي مڪمل حسن هجڻ ۾ ٻه رايا ٿي نه ٿا سگهن. ان ڪري اٿندي وهندي، سمهندي جاڳندي، ان محبوب جو خيال دل ۾ وسندو رهي. اها وطن پرستي ابراهيم جويي جو مذهب آهي، ۽ مذهبن ۾ ’شرڪ‘ ڪبيرو گناهه آهي.

پوءِ اُن مذهب جا ڪي ضروري فرض آهن، ڪي سنتون آهن، ڪي ارڪان آهن، جن جو محور اهو آهي ته ماڻهو پاڻ کي اُن محبوب جو اهل ثابت ڪري. ۽ اها اهليت تڏهن ثابت ٿيندي، جڏهن ان محبوب جي ذات ۽ صفات لاءِ وحدت الوجود جي فلسفي ۽ فڪر تي عمل ڪندو رهجي، ۽ ’فنا في الوطن‘ جي معراج ماڻجي. ان جي عملي شڪل اها آهي ته وطن جون روايتون، پنهنجون روايتون بڻجن، وطن جا خدو خال پنهنجا خدو خال بڻجن، وطن جو اخلاق پنهنجو اخلاق بڻجي. ان معنيٰ ۾ سوچيو ته سنڌ ڇا آهي؟ سنڌ جي روايت آهي ماڻهپو، ڪنهن کي نه رنجائڻ، پنهنجن کي پيار ڏيڻ، ڪنهن سان به نفرت نه ڪرڻ، نهٺائي ۽ خودسپردگي. اهي سموريون خصلتون ۽ وصفون اوهان کي ابراهيم جويي ۾ ملنديون. انساني سطح تي هو پنهنجي اولاد جو نهايت محبت ڪندڙ پيءُ آهي (۽ هاڻ ڏاڏو ۽ نانو پڻ)، دوستن جو نهايت پيارو ۽ پيار ڪندڙ دوست آهي. آءٌ نٿو سمجهان ته هن ڪنهن کي، ارادي سان، رنجايو هوندو. نهٺو ايترو، جو جبل هوندي به ترائيءَ جي ڏيکائي ڏي. سندس هڪ آمريڪي دوست، بارڊيءَ هن لاءِ چيو ته Mr. Joyo’s humility is out of this world. اها Humility يا نهٺائي عظمتن جو استعارو آهي. ميوي سان جهنجهيل وڻ ئي جهڪيل هوندو آهي. مقصد ڏانهن خودسپردگي ابراهيم جويي جي اهڙي خصلت آهي، جنهن ۾ مون کي سندس ثاني ٻيو ڪونه سجهي. ڪو مقصد مقرر ڪندو ته پوءِ اهو ئي هن جو محور بڻجي ويندو، ۽ مجال آهي جو هيڏانهن هوڏانهن جون فروعي ڳالهيون، کيس لحظي لاءِ به ان کان بي پرواهه ٿيڻ ڏين. ٻيا جي بي پرواهه ٿين ته شڪايت جو اهڙو رخ اختيار ڪندو، جو ماڻهو پيو کِکو وِکو ٿيندو. جڏهن بورڊ جو سيڪريٽري هو، ۽ ’مهراڻ‘ جو مواد سهيڙيندو، صاف ڪندو، تڏهن جو هڪڙو واقعو ياد ٿو اچيم. هڪڙو ناٽڪ پڙهيائين ’A Day in Akbar’s Life‘ ناٽڪ اهڙو سٺو هو، جو مون کي چيائين ته ترجمو ڪر ته ’مهراڻ‘ ۾ هلايون. مون به ’هائو‘ ڪئي، پر پوءِ ڳالهه وسري ويم. مواد پريس ۾ ڏيڻ وقت ڏٺم ته ڏاڍو رنجيدو هو. پڇيومانس ته چيائين: ”تو ناٽڪ ترجمو نه ڪيو: اجايو پرچي جي مواد کي ترسايم!“ ۽ پوءِ سندس اکين ۾ جيڪو ڏوراپو ڏٺم، تنهن کان ککو وکو ٿي ويس، ۽ رات جاڳي ٻئي ڏينهن کيس ترجمو آڻي ڏنم ته کڻي ڀاڪر پاتائين.

سنڌ پنهنجي حيثيت ۾ هڪ مڪمل ترين وطن آهي، ان ۾ هر اها ڳالهه آهي، جيڪا ڪنهن وطن لاءِ تصور ۾ آڻي سگهجي ٿي. سمنڊ به آهي ته درياهه به آهن، ڪارونجهر ۽ هالار جهڙا جبل آهن ته ٿر جهڙو ريگستان به منجهس موجود آهي. واديون آهن، ڇپر آهن، ڇانورا آهن، حسين صبح آهن ته سحرانگيز شامون به آهن. سنڌ جي اها همه گير شخصيت سنڌواسين کان ”همه گيريت ۽ مڪمليت“ Perfectionism ٿي گهري. ابراهيم جويي جهڙو Perfectionist اوهان کي گهٽ ملندو: پوءِ سندس لکڻ هجي يا ڪنهن ڪتاب ڇپائڻ جو فن. سنڌي ادب کي بيهڪ جي نشانين سان سينگارڻ ۽ سيبتو بنائڻ ۾ به هن جي Perfectionism کي دخل آهي. جيڪي ڪتاب سندس دور ۾ ادبي بورڊ طرفان ڇپيا، انهن جي ڇپائي، مواد جي بيهڪ، گيٽ اپ ۾ اوهان کي ابراهيم جويو صاف نظر ايندو. ’مهراڻ‘ لاءِ ايندڙ مضمونن ۾ اسان جا اديب دوست بيهڪ جي نشانين جو خيال ڪونه رکندا هئا. هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته بيهڪ جي نشانين جي اهميت تي مضمون لک. اهو مضمون مهراڻ ۾ ڇپيو ته اديب  دوستن پنهنجي تحريرن ۾ بيهڪ جون نشانيون ڏيڻ شروع ڪيون. جيڪڏهن بيهڪ جي نشانين جي ڏانوَ، صحت ۽ ضرورت کي ڏسڻو هجيوَ ته ادبي بورڊ پاران ڇپايل ’جامع سنڌي لغات‘ جو پهريون جلد ڏسو ته سندس محنت ۽ Perfectionism جو اندازو ٿي سگهندو. هي تمام ننڍا مثال آهن، پر اهي هن جي شخصيت ڏانهن واضح اشارو ڪن ٿا.

ابراهيم جويو منهنجو ادبي استاد، منهنجو مربي ۽ منهنجو دوست آهي. ٿي سگهي ٿو ته منهنجي هن مضمون مان هن جي شخصيت مڪمل طرح اڀري نه سگهي هجي، ڇاڪاڻ ته ابراهيم جويو هڪ دور آهي، هڪ تاريخ آهي، هڪ وهندڙ درياءُ آهي، جنهن کي مڪمل طرح بيان ڪرڻ لاءِ ڪي ئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هن سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي گهيري ۾ آڻڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. ان ڪري فقط ايترو چوندس ته ابراهيم جويي پنهنجي وطن پرستيءَ جو اهو حق ادا ڪيو آهي، جيڪو منفرد آهي ۽ لازوال پڻ.

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي!

(ادبي گڏجاڻي، س.ا.س ڪراچي ۾،

31 ڊسمبر 1981ع ۾ پڙهيل)

 

اڱڻ ٻهاريان، واٽون نهاريان

(مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ)

 

رونا ليليٰ اها ڪافي اهڙي درد سان ڳائي آهي، جيڪو درد فقط تاريخ جي چيڀاٽيل ۽ چيٿاڙيل قومن جي ڳائڻن جي روح ۽ آواز ۾ اوتجي ايندو آهي. رونا بنگالڻ هئي، ۽ هن جي روح ۾ بنگال جي پٽياليءَ جي گونج، پنهنجي سمورن گوندرن سميت موجود هئي، ۽ ان ڪافيءَ جا ٻول وري هڪڙي سنڌيءَ جي روح ۾ وارد ٿيا هئا، جن ۾ به اهو درد نُمايان هو، جيڪو اهڙين قومن جو ورثو آهي، ۽ اهو روح ٽيون ڏينهن هي جهان ڇڏي ويو!

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌ جي انهن ماڻهن مان هو، جنهن جي شخصيت جا ڪيترائي پاسا هئا. هو سجاده نشين هو، پنهنجي سروري جماعت جو سربراهه هو ۽ سندس لکين مريد هئا. ان حوالي سان هو نه رڳو روحاني طرح سنڌ جي ڳچ ماڻهن سان روحاني ناتي سان ڳنڍيل هو، پر ان ئي حوالي سان سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ هڪ بااثر ماڻهو هو. هن جي اڳين سياست ڪهڙي به رهي هجي، پر جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي شهيد، پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي، تڏهن کان ثابت قدميءَ سان، مرڻ گھڙيءَ تائين ان پارٽيءَ سان ساٿ نباهيندو آيو. ڏکئي سکئي وقت ۾ هو مرحوم ڀٽي ۽ پوءِ محترمه بينظير صاحبه سان گڏ رهيو. سجاده نشينن جي لڏي ۾ اهڙي ثابت قدميءَ، مخدوم صاحب جي عزت، سنڌ جي عام ماڻهوءَ ۾ به قائم ڪري ڇڏي.

سندس هڪڙو ٻيو حوالو سندس علم-دوستي ۽ شاعري آهي. اها خصلت ۽ خوبي به سجاده نشينن جي لڏي ۾ ورلي ملندي آهي. پر مخدوم صاحب پنهنجي وڏن ۽ خاص ڪري مخدوم نوح عليه رحمة جي ان وراثت کي به سانڍيندو آيو، ۽ اها وراثت هن پنهنجي اولاد کي به ورهائي ڏني آهي. اهو ئي سبب آهي، جو نه رڳو سندس پُٽَ پر پوٽا به پاڻ کي شاعريءَ جي پنڌ جا پانڌيئڙا سڏائيندا آهن. سياست ۽ شاعريءَ جو اهو ورثو، اڄ ڪلهه جي سياسي شعبديبازي ۽ گھمنڊ جي جھنگلي جيوت ۾، هنن کي نياز ۽ نئڙت جون چڱائيون ڏيندو آيو آهي!

مخدوم صاحب سان منهنجي نيازمنديءَ جا ٻه اهم دور آهن: جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ هوس ۽ جڏهن هلال پاڪستان اخبار شروع ڪئي هئم. ادبي بورڊ واري زماني ۾ علم ادب جي حوالي سان ڪيتريون ڪچهريون ٿيون. منهنجو هڪڙو دوست، مرحوم اسد الله شاهه ٽکڙائي، جيڪو نور محمد هاءِ اسڪول ۾ منهنجو هم ڪلاسي ۽ هم جماعت هو، سو هميشه گڏ هوندو هو، مون سان گڏ هلندو هو. ڏاڍو ڀوڳائي دلبر ماڻهو هو. هن تي وري ٻئي ڪالم ۾ لکندس، ڇاڪاڻ ته هن جو اهو قرض اڃا مون تي رهيل آهي! اسد الله شاهه، مخدوم صاحب کي اها پٻي ٻڌائي ته سراج کي چئو ته سندن تحقيقي ڪتاب ’ڪافيءَ‘ جو انگريزي ترجمو ڪريان. مخدوم صاحب جي حڪم تي مون ڪجهه حصا ترجمو به ڪيا، جيڪي کين موڪلي ڏنم. پر پوءِ اهڙن کاسارن ۾ ڦاسندو ويس، جو وري هٿ نه وجھي سگھيس. مخدوم صاحب ٻه چار خط شڪوي شڪايت جا به لکيا، ۽ آءٌ اڃا تائين شرمندو آهيان ته اهو ڪم پورو نه ڪري سگھيس! سندن آخري خط ان ڪالم بابت مليو هوم، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ۽ محبوب سروريءَ جي بي قاعدگين تي لکيو هوم. ان خط منجھان اندازو ٿيو ته ڪيئن نه محبوب سروري جھڙن ماڻهن مخدوم صاحب جي نالي، سادگيءَ ۽ شرافت مان غلط فائدا ٿي ورتا!

هلال پاڪستان جي زماني ۾ ته مخدوم صاحب همت افزائيءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو. هر هفتي جيڪي ڪالم ’رتيءَ جي رهاڻ‘ جي عنوان سان لکندو هوس، تن منجھان جيڪو به ڪالم پسند ايندو هونِ ته مهرباني ڪري ٻه اکر ساراهه جا ضرور لکندا هئا. انهن مان ڪجهه خط ته اهڙا ادبي اهميت جا هئا، جو سندن اجازت بنا ئي ڇاپي ڇڏيا هئم!

سنڌ هڪڙي نامور شخص کان محروم ٿي وئي آهي. ان تي روايتي تعزيتون ڪهڙيون ڪجن. رڳو مخدوم امين فهيم، خليق ۽ رفيق کي هي ٻه اکر چوندس ته هن ڏک ۾ آءٌ اوهان سان شريڪ آهيان. الله سائين شل! اوهان کي هيءُ ڏک جو بار برداشت ڪرڻ جي سگھه ڏي، ۽ اها به توفيق ڏي ته سنڌ لاءِ مخدوم صاحب جي دل ۾ جيڪا محبت هئي، ان ورثي کي اوهين ان عقيدت سان سانڍي، هن غريب الوطن ۽ بدبخت قوم سان سڻائي ۽ سڄڻپو نباهيندا اچو...!

(رتيءَ جي رهاڻ)

ساڃهه تن سامين جي... (غلام محمد گرامي)

اسان جو يار گرامي گذاري ويو. انسان پنهنجي نهايت عزيز مائٽن، حبيبن ۽ دوستن لاءِ گھڙيءَ لاءِ به سوچڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي ته ڪو انهن مان ائين ڌار ٿي ويندو، ۽ پوءِ جڏهن ائين ٿيندو آهي ته ذهن تي ڏک بدران ڇرڪ طاري ٿي ويندو آهي، ۽ رفته رفته صدمو، ڏک ۽ ڪرب پنهنجا ڪارا پاڇولا وجھڻ لڳندو آهي. گرامي صاحب ڀيري به ائين ئي ٿيو. خبر ٻڌڻ سان ڍڪرجي ويس! ڇا ائين به ٿي سگھي ٿو ته هاڻ گرامي صاحب جي نوراني صورت، سندس شرير مرڪ، سندس لفظ ’بي ايمان‘ چوڻ جو دلپسند ڍنگ، سندس بار بار عينڪ کي وچين آڱر سان مٿي سِرڪائيندو رهڻ، تقرير وقت سندس جاهه و جلال، شعر پڙهڻ وقت سندس سوز و گداز، لکڻ وقت سندس غرق ٿيڻ جو عالم، سندس علم ۽ دانش جا اولڙا- اهي سمورا رنگ، اهي سمورا انداز، هاڻ پسي ڪونه سگھبا؟ پوءِ جڏهن حقيقت پاڙون هڻڻ لڳي، تڏهن اکين ۾ مِرچ پوڻ لڳا، نڙيءَ ۾ ڳنڍ ٻڌجي ويئي، ۽ دل مان شوڪارو نڪري ويو:

اڄ نه اوطاقن ۾، جوڳيان سندي ذات،

ڏينهان ڏورڻ ڏک سين، روئڻ سڄائي رات،

تن جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا!

گرامي ۽ مون گھڻو وقت گڏ گذاريو آهي: ان وقت کان جڏهن ادب ۾ اڃا بانبڙا پائيندو هوس ۽ گرامي اڳي ئي هڪ قداور شخصيت هو، پر هن ڪڏهن به اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته هو ڪو ايڏو قداور آهي، ۽ آءٌ ايڏو پتڪڙو. هو منهنجي سطح تي لهي ايندو هو. ائين هن جي شخصيت، هن جي علم، هن جي انسانيت کي گھرائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليم. اسين سنڌي ادبي بورڊ جي حيدرآباد آفيس ۾ ٻه ورهيه گڏ ويٺاسون. ڪرسي ميز به گڏ هئي. منجھند جي ماني به گڏ کائيندا هئاسون. کل ڀوڳ ۾ به هن جو ڪو ثاني نه هو، پر مذاق هميشه صاف سٿرو ۽ اڇو اُجرو هوندو هوس. اسين کيس چيڙائيندا هئاسون ته ٻين مُلن کان مختلف ته آهيو، پر هڪ ڳالهه سندن اوهان ۾ ساڳي آهي: پيٽ ڦاٽڻ تائين کائيندو رهڻ! کِلي چوندو هو: ”بابا، ان جي باوجود، هنن ۾ پيٽ ڀرائي آهي، ۽ اسين قلندر کائون تڏهن به رازق رب جو شڪرانو ڪريون، نه کائون تڏهن به سندس احسان ڳڻيون!“

ان کانپوءِ منهنجي بدلي ڪراچيءَ ٿي، پر بورڊ جي ملازمت جي دوران ۽ پوءِ، جڏهن به حيدرآباد ويندو هوس ته پهريون سلام گرامي صاحب جو ڀربو هو. هن جي صحبت ۾ ماڻهو چار ڳالهيون سکي ايندو، وڃائيندو ڪڏهن به نه. قرب ايترو، جو ڪنهن دفعي دل جمعيءَ سان رهاڻ نه ٿي ته پويان خط لکي موڪليندو ته هن ڀيري رهاڻ ڪانه ٿي، اهو قرض ايندڙ دفعي اچي لاهجانءِ. سندس طبيعت ۾ نهٺائي ۽ نئڙت ايتري، جو ڪڏهن سندس واتان ”مان هيئن، مان هونئن. . .“ نه ٻڌم. محض کيس ڇيڙڻ لاءِ اسين هروڀرو ڪو نزاعي معاملو کڻندا هئاسون. (اسان جي ان وقت جي سنگت ۾ هڪ ڪهاڻيڪار حسن علي نذير به هوندو هو، جيڪو هاڻ ڪٿي ڪو مختيارڪار آهي، سو گرامي صاحب کي گھڻو ڇيڙيندو هو ته جيئن گرامي صاحب مسئلن تي کُلي ڳالهائي). پوءِ ته گرامي صاحب دريا وانگر پلٽجي پوندو هو. قرآن مجيد ۽ اسلامي فقھ تي کيس وڏو عبور هو، پر يوناني فسلفي تي به سندس وڏي نظر هئي. مسئلي جو علمي ڇيد ڪري، ابن العربي، ابن رشد، ابن خلدون، شاهه ولي الله، مولانا رومي، مولانا عبيد الله سنڌي، مولانا ابوالڪلام، مولانا شبليءَ جھڙن عالمن جا قول ورجائيندي، سقراط، افلاطون، ارسطوءَ تائين پهچندو هو ۽ پوءِ چوندو هو ته هاڻ ان نظر سان مسئلي کي ڏسو ته ان جو حل صاف ٿي ويندو. اسين حيرت مان کيس تڪيندا رهندا هئاسون. پر پوءِ به کيس وڌيڪ ڇيڙڻ لاءِ چونداسون ته ”گرامي صاحب، ڳالهه اڃا به مغز ۾ نه ويٺي!“ هڪدم سمجھي ويندو ۽ نهايت دلفريب مرڪ سان چوندو هو، ”بي ايمان، اٺ مغز آهيو ته پوءِ منهنجو مغز ڇو کائڻ آيا آهيو: اڙي بابا، اِسو (ان وقت هڪ پٽيوالو هوندو هو)، ڪو چانهه چُڪو پيار، ته مغز جاءِ ٿئي!“ الا، اهي محفلون، اهي مجلسون ڪيئن وسرنديون.

هڪڙي ڀيري شعر تي اچي ڇيڙيوسونسِ، بس پوءِ ته سمنڊ اٿلي پيو: عربي، فارسي، اردو، هندي، سنڌي شاعرن جا اهڙا شعر پڙهندو ويو، جو سندس حافظي تي عجب ٿي لڳو. اسان کيس پوءِ به نه ڇڏيو، ۽ چيوسونسِ ته اُن روايتي شاعريءَ کي ڪير ٿو پڇي، اهي ”گونزل“ (غزل) اسان جي زبان جي مزاج سان ئي نٿا ٺهڪن: ڪو نظم ٿي وڃي. بس سائين، حڪم ڪيائين ته کڻو ڪاغذ ۽ قلم، ۽ پوءِ اتي جو اتي هڪ نهايت پيارو نظم في البديهه چوندو ويو.

اي پدمڻي، هيري ڪڻي . . . !

اهو ڊگھو نظم پوءِ اسان جي زور ڀرڻ تي مهراڻ ۾ به شايع ٿيو. اسين لکندي ٿڪجي پياسين، پر گرامي صاحب شعر چوندي نه ٿڪو. اڄ به سندس اهو ڊگھو نظم سنڌيءَ جي نهايت اهم ۽ حسين نظمن ۾ شمار ٿئي ٿو. گرامي صاحب شعر ۽ موسيقيءَ ۾ عجب بلندين تي هو. سندس شعر ۾ ميٺاج ۽ پختگي ان ڪري هئي، جو هو سنگيت جو به وڏو ڄاڻو هو. ان ڪري هن کي ترنم يا لئي، آهنگ يا سُر تار جي پدن تي لفظن کي تورڻ تڪڻ جو وڏو ڏانءُ هو. هن جمعيت الشعرائي قسم جي شاعريءَ تي به تجربا ڪيا هئا، پر وقت گذرڻ سان هن کي گل ۽ بلبل، سرو ۽ سنبل، زلف ۽ گيسو واري گونزل شاعريءَ کان بڇان اچڻ لڳي. ان سان گڏوگڏ جديد علم ۽ ادب جي تقاضائن تي وسيع مطالعي هن کي سنڌ جي نئين ادب سان گھرو لڳاءُ پيدا ڪيو. هن سوين نوان اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا، انهن جي همت افزائي ڪيائين ۽ کين هڪ ئي ڳالهه چوندو هو ته سنڌ جي ڪلاسيڪي روايت جي خزاني کي هنئين سان هنڊايو ۽ ان روايت کي ساڻ کڻي نئين فڪر ۽ جديد حقيقت پسنديءَ کي آزمايو. ان جي امتزاج منجھان ئي اوهين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اهو ڪجهه ڏيئي سگھو ٿا، جيڪو انهن جو حق آهي.

هن کي علم جي سکڻن ڪُنن کان سخت نفرت هئي. جڏهن ڪن نام نهاد ’دانشورن‘ نئين سنڌي ادب تي جُلهون ڪيون- ابراهيم جويي، اياز، رباني ۽ مون سميت ڪيترن لکندڙن کي اخبارن، پئمفليٽن ۽ تقريرن ۾ لوئڻ شروع ڪيو ويو ته گرامي صاحب جو قلم پنهنجي پوري جاهه و جلال سان جاڳي اٿيو: ۽ سنڌي شاعريءَ جي نون لاڙن تي ٽي سؤ صفحن جو معرڪة الآرا مضمون لکيائين ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي قديم ۽ جديد مثالن ڏيڻ کانسواءِ هن شعر جي صنفن، فڪر ۽ فلسفي تي سمورو ’اوريئنٽل‘ ادب آڻي گڏ ڪيو. جاهلن کي اهو جواب مليو ته ائين ماٺ ٿي ويا، ڄڻ سراپجي ويا هئا. گرامي صاحب کي گاريون ڏيڻ لڳا، پر ان جي جواب ۾ هڪ اکر به لکي نه سگھيا. سردار علي شاهه ’ذاڪر‘ ۽ ڊاڪٽر ابراهيم ’خليل‘ وٽس ميڙ کڻي ويا ته هو لکڻ بند ڪري، پر گرامي صاحب کين اهڙيون ٻڌايون، جو ٻه ڪن، ٽيون نڪ کڻي گولي ٿي ويا. پوءِ گرامي صاحب تي به الحاد ۽ ڪفر جون فتوائون شروع ٿي ويون، پر گرامي صاحب، جنهن جو هر ساهه اسلامي فڪر ۽ فلسفي سان معطر هو، سو جاهلن جي جلهن کي ٻڌندو رهيو، ڏسندو رهيو، مرڪندو ۽ لکندو رهيو.

اسان جو يار گرامي واقعي قلندر هو. هو انهن عظيم عالمن جي سٿ جو آخري همسفر هو، جن شاهه ولي الله ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر کي رهنما بڻايو هو. مولانا دين محمد وفائي مرحوم کانپوءِ مولانا گرامي انهيءَ فڪر جو آخري قداور مبلغ هو، ۽ اهي سڀ جا سڀ قلندر هئا، ۽ پنهنجي سموري زندگي خاموش علمي خدمت ۾ گذاري ويا. پنهنجو ڪجهه به نه ٺاهيائون. ڪنهن کان ڪجهه به نه گھريائون. گرامي صاحب جي ته مون کي ذاتي طرح خبر آهي: هن سموري زندگي مفلسي ۽ مسڪينيءَ ۾ گذاري، پر ڪڏهن به ڪنهن اڳيان هٿ نه ٽنگيائين. سنڌي ادبي بورڊ ۾ پنجويهه سال گذاري ڇڏيائين. ’مهراڻ‘ جھڙي علمي رسالي جي ادارت جو ڪم ڪو سولو ڪم نه آهي. هو خاموشيءَ سان علم ادب جي دنيا ۾ مسڪينيءَ جي زندگي گذاريندو رهيو. مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جن سان خاص ياري ۽ محبت هيس. مخدوم صاحب بورڊ جو چيئرمئن به آهي ته حڪومت وٽ به سندس گھڻي هلندي پڄندي آهي. سرڪاري دستور موجب نوڪريءَ جي دوران وفات ڪرڻ ڪري، سندس پوين کي پنج سال پينشن به ملڻي آهي، پر ادبي بورڊ کي هن جي خدمتن جو ان کان به وڌيڪ قدر ڪرڻ گهرجي. اميد ته مخدوم صاحب ان ڏس ۾ پاڻ ملهائيندو. سنڌ سرڪار تي به اهو زور آڻڻو پوندو ته سنڌي زبان، اسلامي فڪر ۽ فلسفي جي ههڙي عالم جي خدمتن جو قدر ڪري، سندس پوين لاءِ ڪو وظيفو مقرر ڪري ته جيئن هنن جا ڏکيا ڏينهن ڪجهه قدر آسان ٿي سگھن.

اسين مردي پرست قوم آهيون: مرڻ کانپوءِ ئي انسانن جو قدر ڪندا آهيون. پر رڳو اها روايت به قائم رکون ته غنيمت آهي. اڄ دل ڏاڍي اداس آهي، قلم ۾ به اها ڳوراڻ محسوس ڪريان ٿو. گرامي صاحب جي وڃڻ سان نه رڳو سنڌي ادب ۽ علم جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي، پر اسان جي دلين ۾ هڪ وڏو خال محسوس ٿئي ٿو، جنهن جاءِ جو ڀرجڻ ممڪن نه آهي. ههڙا عظيم عالم، خطيب، شاعر ۽ اديب روز روز ٿورو ئي پيدا ٿيندا آهن ۽ گرامي صاحب ته انهن خوبين سان گڏ هڪ عظيم انسان به هو. سندس اها ساڃهه، سندس اها سونهن ئي سڀ کي ياد رهندي.

ساڃهه تن سامين جي، ساريان سڀ ڄمار!

 

(روزانه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي،’رتيءَ جي رهاڻ‘: 19-

 

سهڻو ماڻهو، موتيءَ داڻو (طارق اشرف)

سهڻو ماڻهو، تنوير جي لفظن ۾ ’موتيءَ داڻو‘، سنڌ ۽ سنڌين کي ’سهڻي‘· سوغات ڏيئي، هليو ويو. اسين سنڌي ماڻهو صحيح معنيٰ ۾ هاڻ لاوارث ٿي چڪا آهيون. اهڙي يتيميءَ جي حالت ۾ جيڪڏهن طارق اشرف جھڙا مربي ۽ محب موڪلائي وڃن ته پوءِ ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ سڏڪو ڀرڻ ئي نصيب ۾ لکيل آهي:

اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳَــرُ جوڳين جو،

ساريو سنياسين کي، رُوندين تان رو،

پَسُ پاريان تو، لاهوتي لڏي ويا!

اهو ٿو سوچيان ته طارق اشرف شل اسان کان رُسي وڃڻ کان اڳ، اسان کي جيڪي ڪجهه ڏيئي ويو آهي، ان ساڃاهه کي سانڍي به سگھنداسون الائي نه! في الحال ته هو اسان وٽ پنهنجو سنيهو ۽ سَنک ڇڏي ويو آهي. شايد هن ڀٽائيءَ جو هي بيت پڙهي اهو فيصلو ڪيو هو ته ٻيو نه ته پنهنجو سنک ته سنڌ کي ڏيئي وڃان:

اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پَٿر ڪَکَ،

آديسي اُٿي ويا، پيئي اڏامي رک،

سامي کڻي سَنک، وڄائي واٽ ٿيا!

هن کي مون سان ڏاڍي شڪايت هئي ته مون هن کي ’سهڻيءَ‘ لاءِ ڪا ڪهاڻي نه لکي ڏني. هر خط ۾ اهو لکندو هو ته جيسين ڪهاڻي نه موڪليندين، تيسين پيو خط لکندوسانءِ؛ من ڪو مرم پويئي! اياز تي خاص نمبر ڪڍڻ ڀيري مون وٽ گھر هلي آيو. چانهن گھرايم ته نه پيتائين.

”تيسين تنهنجو  پاڻِي به ڪونه پيئندس، جيسين اياز نمبر ۾ ساٿ ڏيڻ جو وَچَنُ نه ڏيندين!“

انهن ڏينهن ۾ منهنجو دماغ جائيتو ڪونه هو. روايتي بهاني وارو ’ڊپريشن‘ جو مرض هو. ڊاڪٽر الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون گوريون کارائيندا هئا. کيس ٻڌايم نه مڃيائين.

”ايڏو ذهني عياش ٿي ويو آهين، سو توکي نيبهه هجي، پر توکي مون سان ساٿ ڏيڻو پوندو، نه ته . . . !“

هن کي مون ڪڏهن ڪاوڙيل ڪونه ڏٺو هو. سمجھي ويس- ههڙي مِٺي ۽ سچي ماڻهوءَ کي به مون تي ڪاوڙ اچي. اُن جي معنيٰ اها هئي ته هاڻ واقعي آءٌ بنهه ڇسپائيءَ جون سرحدون ڇُهڻ لڳو هوس. ”ها“ ڪيم، تڏهن وڃي، اها لازوال مُرڪ چپن تي آيس.

اياز جي نمبر جي مهورت تي دانيال سان ملايائين. چيومانس:

”خُدا ڪري هُو تو جھڙو ٿئي!“

چيائين: ”اهڙي پاراتي جو حقدار ڪونهي!“

هن سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن لا ڇا ڇا نه سٺو هو. پنهنجو الهه تلهه اُن ۾ ڳاري ڇڏيائين. جيل ياترا ڀوڳڻي پيس. دهشتگردن ذري گھٽ کيس ماريو هو. مائي بينظير وزيراعظم ٿي، تڏهن دانشورن سان مشورو ڪرڻ جي الائي کيس ڪنهن صلاح ڏني. اردو ۽ سنڌي ’دانشورن‘ کي دعوت ڏيئي گھرايائين. طارق چيو ته اسين هنن سان، هنن جي سامهون ڇا ڳالهايون. تڏهن وڃي فيصلو ٿيو ته اها ملاقات هنن سان الڳ، ۽ اسان سان الڳ ٿيندي. ان ملاقات ۾ اسين سڀ ميسڻا ويٺا هئاسون، پر طارق اشرف سڄي صورتحال مائيءَ کي سربستي ڪري ٻڌائي ته حيدرآباد ۾ سنڌين تي ڪهڙي ڪاري قيامت آئي هئي، پر پوليس ۽ ايجنسيون بجاءِ سنڌين کي ڪو ڏڍُ ڏين، ۽ سندن حفاظت ڪن: ان جي ابتڙ گرفتاريون به سنڌين جون ئي پئي ٿيون. ليسن وارا هٿيار به کسي ويا ته انهن مان امن امان کي خطرو ٿيندو! ٻين لفظن ۾ ماريا پيا وڃون، تڏهن به پنهنجي حفاظت جو حق به اسان کان کسيو پيو وڃي! هن انگ اکر، پوليس آفيسرن جا نالا، ۽ ڏس پتا ڏنا ته آءِ جي صاحب به گھٻرائجي ويو.

”ها، برابر ڪجهه ايئن ٿيو آهي، پر اسين جاچ ڪريون پيا. ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪنداسون!“

اهو ’ڪجهه نه ڪجهه‘ اڃا به ٿئي پيو. سنڌي بي گھر ٿيندا ٿا وڃن. ڪڏهن ڇوٽڪي گھٽيءَ ۾ ته ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ شانتي نگر ۾! اسين پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿيندا وڃون، ۽ ”هو“ اهو ئي پيا چون ته فڪر نه ڪريو: اسين ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسون!

الا، طارق اشرف جھڙا ماڻهو اسين ڪٿان آڻينداسون، جيڪي سڀ ڪجهه تريءَ تي رکي، رڳو سنڌ جي نالي تان صدقي ٿيندا رهن ٿا! ’سهڻيءَ‘ سان عشق ۾ هن دل جو مرض ۽ بلڊ پريشر جو مرض پرايو. يار دوست سندس بلڊ پريشر جي درجي جو ٻڌي ئي ڊڄي ويندا هئا، پر هو بنهه بي پرواهه ٿي ڪم ڪندو هو: ڄڻ ته اهو سوچيندو هجي ته بيماريءَ جي ڪري ڪم روڪبو ته ڪٿي بنهه ئي روڪجي نه وڃي!- ۽ ائين هو ’سهڻيءَ‘ جي سينگار ۾ پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻي ويهي رهيو!

سوچيان پيو ته طارق اشرف جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪنهن سان ڪريان، سندس گھر وارن سان، دانيال سان، يا سموريءَ سنڌ سان، سمورن سنڌين سان يا پنهنجي پاڻ سان؟!!

(روزانو جاڳو: 22 اپريل 1992ع)


· 11 جنوري 1993ع

· ’سُهڻي‘: سنڌي ادب جو شاهڪار رسالو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org