سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:2 

رات ستارن هاڻي...

ستين عرش تي پهچي، اسرافيل، عزرائيل کي چيو ته عزرائيل، تون ته روحن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڪتاب ٻڌائي آجو ٿي ويندين، پر جڏهن منهنجو وارو آيو، تڏهن مون کي اها ڳڻتي ورائي وئي آهي ته منهنجو بيان ٻڌي، مون جيڪي ڏٺو آهي، اُن جو ذڪر ٻڌي الله سائين لڙڪ نه لاڙي وجهي!

(نئين لوڪ ڪهاڻي)

تُون به....

 (هڪ ڏينهن جي ڳالهه)

آءٌ پنهنجي آفيس ۾ ڪجهه ڪم ڪري رهيو هوس. هڪ ٻڍڙي، ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۾، هڪ ننڍڙي هڙ ڪڇ ۾ ڪيو، ڇوهه مان اندر لنگهي آئي. آءٌ هن متعلق ڪجهه سوچيان، تنهن کان اڳ، هن ڏسڻي آڱر مون ڏانهن کڻندي زور سان چيو: ”تون به مون وٽ پڙهيو هئين .... ها تون به مون وٽ پڙهيو هئين!“ آءٌ حيران ٿي هن ڏانهن نهارڻ لڳس. هن جي اکين ۾ عجيب احساس ڀريل هئا: ڊپ، ڪاوڙ ۽ ڪشمڪش جا گڏيل احساس، سندس جهونين ۽ جهور اکين جي گهراين ۾ تري رهيا هئا. هن جي چهري تي مايوسين ۽ يادگيرين جا هزارين گهنج هئا. هن جا گهنجيل ۽ چپڙيل هٿ ڏڪي رهيا هئا. مون کي رحم جي جذبي سان گڏ ڪجهه وحشت ٿيڻ لڳي. مون آفيس جي پٽيوالي طرف ڏٺو، جو پريان بيهي کِلي رهيو هو. شايد هو کيس سڃاڻندو هو. هن وڌي اچي مائيءَ کي ٻانهن کان ورتو، ۽ ميز تي رکيل پئسن مان هڪ آنو کڻي کيس ڏيندي چيائين: ”مائي، بابا، ٻاهر هل!“

هوءَ ڪجهه وقت انهيءَ آنڪ کي ڏسندي رهي- ۽ پوءِ وري پٽيوالي کي گُهوريندي چيائين: ”تون به مون وٽ پڙهيو هئين.... ها، تون به مون وٽ پڙهيو هئين!“- ائين چئي هوءَ تڪڙي تڪڙي ٻاهر نڪري ويئي. آءٌ اڃا تائين حيرت ۾ هئس. پٽيوالو اڃا تائين کِلي رهيو هو. جڏهن مون کانئس هن بابت پڇيو، تڏهن چيائين: ”ها سائين، آءٌ انهيءَ مائيءَ کي سڃاڻان.... اسان جي پاڙي جي آهي. ڪجهه ڏينهن کان ويچاريءَ جو دماغ جاءِ نه آهي.... پنجٽيهه سال سنڌي اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي. جڏهن ملڪ جو ورهاڱو ٿيو، تڏهن مٽن مائٽن مٿس هندوستان هلڻ لاءِ ڏاڍو زور رکيو، پر هن سڀني کي اهو جواب ڏيئي ماٺ ڪرائي ڇڏي ته ”جيڪو سنڌ جا وڻ ڇڏيندو، سو ڪڏهن سائو ڪين ٿيندو- سنڌ اسان جو ساهه آهي. اسين پنهنجي ساهه کان ڪيئن جدا ٿيون؟“ سندس ٻه پٽ ۽ نياڻي هندستان هليا ويا. هيءَ هتي نوڪري ڪندي رهي. ٿوري ئي وقت کان پوءِ رٽائر ڪيائين. ٽي سال پينشن جي پويان ڊوڙي. ويچاري ٻڍڙي هرهڪ آفيسر جي در تي ويئي، پر رڳو ٺلها دلاسا پئي مليس. وٽس جيڪا ميڙي چونڊي هوندي هئي، چون ٿا ته اٽڪل 500 روپيا کن هئس، سا هڪ هڙڙيءَ ۾، ڪپڙن ۽ مانيءَ سان گڏ، کڻي نڪرندي هئي، ۽ سڄو ڏينهن آفيسن جا چڪر ڪاٽي، شام جو ٿڪي ٽُٽي اچي گهر ڀيڙي ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن ڪنهن کيس صلاح ڏني ته فلاڻي ماڻهوءَ جي گهر وڃي، سندس زالن جي منٿ خوشامد ڪر ته تنهنجو ڪم ڪرائي ڏينديون. هوءَ دستور موجب پنهنجي هڙ ساڻ ڪري ڏسيل گهر ۾ لنگهي ويئي. گهر جي زالن کيس چڱا دلاسا ڏنا، کيس مانيءَ ڀور کارائڻ لاءِ کٽ تي ويهاريائون. هوءَ هڙ پاسي ۾ رکي ماني کائڻ ۾ جنبي ويئي. ماني کائي جڏهن موڪلايائين، ته هڙ سندس پاسي ۾ ڪانه هئي! ويچاريءَ ٻڍڙيءَ گهڻيون ئي رڙيون ڪُوڪون ڪيون، پر ڪنهن به سڏ نه اونايس. گهر جون زالون صفا الي ويون ته ڪا کين هڙ جي خبر هئي. روئي پٽي ٻڍڙي پنهنجي گهر پهتي. ڪجهه ڏينهن ته گهر ۾ پئي رهي. آخر شايد بک کان لاچار ٿي ٻاهر نڪتي ۽ هاڻي اسين کيس روزانو رستن تي پنندو ڏسندا آهيون. سندس وات تي بس اهي ئي لفظ آهن: ”تون به مون وٽ پڙهيو هئين....... ها تون به مون وٽ پڙهيو  هئين......!“

(ڇپيل: مهراڻ، 4- 1966ع)

رات ستارن هاڻي.... (ڪهاڻي)

”.... سمهي رهيؤ؟“

”نه، جاڳان پيو، چئو.“

”... ڪجهه نه، ائين ئي پڇيم ٿي.....!“

”اُن پڇا جو مطلب؟“

”پڇا رڳو مطلب جي ته نه ٿيندي آهي....!“

”تڏهن به؟“

”هلو ته ٻاهر سمهون... هت گرمي آهي.“

”پر ٻاهر ته چاچو ۽ چاچي سُتا پيا آهن.“

”آهستي ڳالهايو.... جاڳن پيا!“

”جاڳن پيا ته ڇا ٿيو؟.... هون!“

”سمجهندا ته اسين اڃا جاڳون پيا....“

”هت ته نه جاڳڻ جي اجازت، نه سمهڻ جي...“

”ته سُمهي رهو نه...“

”هن گرميءَ ۾ ننڊ ڪيئن ايندي؟“

”گنجي لاهي ڇڏيو....“

”تون به چولو لاهي ڇڏ...“

”شرم ڪريو...“

”ڇا جو شرم...؟“

”چيومانوَ ته آهستي ڳالهايو.... چاچيءَ جن جاڳن پيا.“

”ڪيئن سمجهيهءِ؟“

”......!“

”ڇا چيهءِ؟“

”ڪجهه به نه....!“

”هون....!“

”هون ڇا؟“

”سمجهيم ته تو ڪيئن سمجهيو ته جاڳن پيا!“

”ڇڏيو مسخري....“

”ان ۾ ڪهڙي مسخري....“

”شرم ڪريو....“

”وري به شرم ڪريو“.... هت اندر تندور ۾ پيا پچون، تڏهن به شرم ڪريون.... هون!“

”ته پوءِ هلو، ٻاهر...“

”چاچو ۽ چاچي؟“

”هاڻ سمهي رهيا هوندا....“

”ڪيئن سمجهيهءِ؟“

”چاچي پاسو ورايو آهي...“

”۽ چاچي کونگهرا پئي هڻي...“

”.....!“

”تون ٻاهر هل آءٌ اچان ٿو...“

”نه، اوهين ٻاهر هلو ته آءٌ پويان اچان ٿي...“

.....   .....  .....

”الا، ڪهڙي نه ٿڌڙي هير پئي لڳي...“

”آهستي ڳالهاءِ، جاڳي نه پون...“

”هون...!“

”هون ڇا!“

”پنهنجي جاءِ ڇو نه ٿا وٺو؟“

”هون...“

”هون ڇا؟“

”پنهنجي جاءِ.... پنهنجو گهر، يا نصيب!“

”پوءِ ائين ڪيترا ڏينهن رهبو...“

”يا نصيب!“

”هو ڏسو.... چنڊ ڪَني ڪڍي آهي...“

”.... ۽ هيءَ رات .... تارا ائين پيا جهرمر ڪن، جيئن تنهنجي چُنيءَ ۾ چٽ....!“

”ڪيتري نه نيراڻ آهي آسمان ۾....!“

”تنهنجي ٻانهن ڏس ته چنيءَ مان اهڙي ئي نيري ٿي لڳي....“

”ائين ڇو آهي؟“

”تنهنجي چُنيءَ جا چٽ.... ۽ ستارن ڀري رات: هڪ مان تنهنجو جسم پيو ليئا پائي، ته ٻئي مان ڪنهن تخليق جي ديويءَ جو ڪارسرو جسم..... ٻنهي ۾ ڪيتري نه پنهنجائي، ڪيتري نه مٺي سانت..... ۽ ڪيترو نه سُڪون آهي...!“

”الائي ڇا پيا چئو....“

”ٿورو سري اوري ٿي ته سمجهايانءِ...!“

”..... ڇڏيو..... پاسو ورائي سمهي رهو؛ چاچو ۽ چاچي جاڳن پيا....!“

”... هون....!“

(ماهنامه ’نئين زندگي‘، مارچ 1964ع)

 

هڪ نئين لوڪ ڪهاڻي (ڪهاڻي)

 

وڏڙن ٿي ڳالهه ڪئي ته هنن جي وڏڙن هنن سان ذڪر ڪيو ته هڪڙي ڏينهن الله سائينءَ جي ڪچهريءَ ۾ سمورا فرشتا حاضر هئا، حڪم ٿيو ته هر فرشتو پنهنجي ڪار گذاري بيان ڪري.

سڀ کان پهرين حضرت جبرئيل عليه السلام عرض ڪيو ته يا الاهي، اوهان مون تي پيغام پهچائڻ جو ڪم رکيو هو، سو سڀ کان آخري پيغام اوهان جي سڀ کان پياري رسول حضرت محمد ڪارڻي صلي الله عليه وسلم کي پهچائي آيس، تڏهن کان فرصت ئي فرصت آهي. ان فرصت ۽ اوهان جي عبادت ۾ مصروف آهيان، هاڻ جيڪو اَمُر هجي ته حاضر آهيان.

جڏهن حضرت اسرافيل عليه السلام جو وارو آيو، تڏهن هن چيو ته ورهين کان مانسروور کان سنڌوءَ تائين ۽ سنڌوءَ کان سنڌي سمنڊ تائين سڀ درياهه، نديون، نالا، ڍنڍون، ڍورا سُڪي ٻڙهه ٿي ويا هئا، اوهان جي حڪم تي هڪڙي ئي ڦوڪ ڏني اٿم ته مانسروور کان سنڌوءَ تائين ۽ سنڌوءَ کان سنڌي سمنڊ تائين سڀ درياهه، نديون نالا ۽ ڍنڍون ڍورا تارو تار ٿي اٿلي پيا آ هن، پر ويچارن سنڌين جا جھڳا جھڻ ٿي ويا آهن ۽ سندن الهه تلهه ٻهارجي ويو آهي.

ٿوري دير ماٺ ٿي وئي ۽ پوءِ حضرت عزرائيل عليه السلام هيئن بيان شروع ڪيو: مولا، توهان جن جو لکيو مقرر ڪيو هو، تن سمورن جا روح ته قبض ڪري ڇڏيم، پر حضرت اسرافيل جيڪا ڦوڪ ڏني، ان جي ڪري الاهي سارا اڻ لکيا روح به اڏامي آيا ۽ منهنجي حساب کان چڙهي ويا آهن، جنهن لاءِ آءٌ هٿ ادب جا ٻڌي معافيءَ جو طلبگار آهيان.

ستين آسمان تان آواز آيو ته اسرافيل ۽ عزرائيل سنڌ ويندا ۽ اتي جي سموري صورتحال معلوم ڪري اچي بيان ڪندا.

ٻئي فرشتا اڏاڻا ۽ گھڙيءَ ۾ سنڌوءَ جي ڪپ تي اچي لٿا. جيئن جيئن هلندا ويا. پاڻيءَ جيڪي راڱا ڪيا هئا، ان منظر هنن جون دليون دهلائي ڇڏيون، هر طرف تباهي بربادي هئي. زمين هيٺ هلي وئي هئي ۽ هر طرف پاڻي ۽ پاڻي هو، جنهن ۾ انسانن، ڍورن ۽ ويندي پکين جا لاشا پئي لڙهيا. عزرائيل سُڏڪڻ لڳو ۽ اسرافيل اوڇنگارون ڏيڻ لڳو.

سڄي پٽ ۾ سُڪو ٽُڪُر خير ڪو هو، گھر تڙ، مسجدون ۽ منارا، مدرسا ۽ شفا خانا، مڙهيون ۽ مندر، ڪليسائون ۽ ڪاليج، اوطاقون ۽ مسافرخانا، هوٽلون ۽ تندورخانا، سوين ڪتاب ۽ رسالا، ٻارن جون پٽيون ۽ تختيون، قلم ۽ مسُ ڪپڙيون، ڪلر باڪس ۽ ٻارڙن جون ٺهيل تصويرون، ڦٽين جا ڪارخانا ۽ آڏاڻا، بسڪوٽ ۽ چاڪليٽ، کٽمٺڙا ۽ آئيس ڪريمون، ماڻهن ۽ جانورن جي لاشن سان گڏ لڙهنديون ٿي ويون، هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، جتان ٿي اڏاڻا ٻنهي فرشتن کي اهڙا اهڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا، جن هنن جون دليون سُسائي ٿي ڇڏيون، سڏڪا ۽ شوڪارا ڀريندي ٿي لنگھيا، هنن سڄي سنڌ گھمي ڏٺي، جتي جتي ٻوڏ آئي هئي، اتي اهڙا ڀيانڪ منظر ٿي ڏٺائون، هر هنڌ ڪاريءَ وارا ڪکَ هئا. زمين ويران ۽ ڀڙڀانگ، پاڻيءَ کي ٿي ڏوراپا ڏنا. ڳوٺ ۽ شهر ڪنهن جنگ جي بمباريءَ جو منظر بڻجي ويا هئا. انسان اهو سڀ ڪجهه ڏسندي اڌ چريا ٿي پيا هئا ۽ مٿي نهاري الله کي دانهن ڏيندا نظر آيا، هنن کي پنهنجي ٻچن جا لاش ڏسي، پاڻ سان قدرت جي ويساهه گھاتيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪارڻ به نظر نٿي آيو، جڏهن فرشتن جي دل ٿي ڦاٽي، هي ته ويچارا انسان هئا! هو ميار ڏين به ته ڪنهن کي!

عزرائيل ڪجهه سامت ۾ آيو، تڏهن اسرافيل کي چيائين ته مون کي اهي روح ڳڻڻا ۽ شمار ڪرڻا آهن، جن جو موت لوح محفوط تي لکيل ڪونهي. هاڻ هيئن ٿا ڪريون ته سڀ قبرستان گھمي ٿا ڏسون، اتي تازين قبرن منجھان روح شمار ڪرڻ سولو ٿيندو.

جڏهن سمورا قبرستان ڏسي ورتائون، تڏهن آخري قبرستان جي ٻاهر هڪڙيءَ قبر تي هڪڙي ننڍڙي ٻارڙي ڀاڪر پائي سُتي پئي هئي. کنڀڙاٽين جي آواز تي جاڳي پئي.

عزرائيل پڇيل ’بابلي، نالو ڇا اٿئي‘؟

نينگريءَ کنڀڙاٽيون پهريل فرشتا ڏسي حيران ٿي ويئي، آهستي چيائين ”سنڌو“.

پُٽَ هيءَ قبر ڪنهن جي آهي؟

”منهنجي مارن جي!“ هن مختصر جواب ڏنو.

هن ۾ ڪير پوريل  آهن ۽ اوهان ڪير آهيون؟

اسين ٻيڙياتا آهيون، هن قبر ۾ منهنجو ابو، منهنجي امان، منهنجون ڀينر ۽ ڀائر آهن. درياهه هنن کي ٻوڙي ڇڏيو، رڳو آءٌ بچي ويس، مان هر هڪ لاش کي ريڙهي. هن بند تي آندو ۽ پوءِ سڀني کي سڌو سمهاري، لپن ۾ گپ ۽ گارو کڻي هنن جي مٿان وڌو ۽ صبح کان شام تائين قبر ٺهي وئي! پر اوهين ڪير آهيو؟

”اسين ٻئي الله جا فرشتا آهيون!“ اسرافيل پاٻوهه مان چيو.

”پوءِ توهان کي ته خبر هوندي ته هن ڪاري قيامت کانپوءِ وڏي قيامت ڪڏهن ايندي؟“ نينگريءَ نهايت معصوميت مان سوال ڪيو.

”اسان کي به خبر ڪانهي، پر تون قيامت جو ڇو پئي پڇين؟“ عزرائيل سوال ڪيو.

گھڙي پل لاءِ نينگري ماٺ ٿي وئي، پوءِ هڪ وڏو ساهه کڻي چيائين: ”جيئن ڀٽائيءَ به چيو هو، ”درياهه تو تي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي“ تيئن آءٌ به قيامت ڏينهن درياهه تي دانهن ڏيندس.“

ٻئي فرشتا ڄڻ بُت بڻجي ويا، هنن کي پنهنجي کنڀڙاٽين ۾ باهه جو تئُه محسوس ٿيو ۽ وٺي اڏاڻا.

ستين عرش تي پهچي، اسرافيل، عزرائيل کي چيو ته عزرائيل تون ته روحن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ٻڌائي آ جو ٿي ويندين، پر جڏهن منهنجو وارو آيو، تڏهن مون کي اها ڳڻتي ورائي وئي آهي ته منهنجو بيان ٻڌي، مون جيڪي ڏٺو آهي، ان جو ذڪر ٻڌي الله سائين لڙڪ نه لاڙي وجھي!

(ڇپيل: عوامي آواز، 17 سيپٽمبر 2010ع

شاعري

 

ذهن ۾ اُڀريا چنڊ ستارا-

ماڪ ڀري ڪا مُکڙي،

ڄڻ ته کِلي ڪُو مائي!

تنهنجي ياد جو آئي

 

پريم پارڪ ۾...!

(آزاد نظم)

رات، آءٌ سوچيندو رهيس، چُپ چاپ،

- ڪيڏي عظمت آ چنڊ تارن ۾!

دل چيو ته پَر لڳائي اُڏامجي،

نِيلگون آسمانَ جي اڱڻ ۾،

چنڊ تارن سان گڏجي رقصُ ڪجي!

راتِ جي دلنواز دوشيزه،

جڏهن سنواري دراز زلفن کي؛

- مان، سحر جي شعاعِ نُور سان گڏجي،

گُل جي سيني ۾ جذب ٿي وڃان!

۽ پنهنجي ذِي حيات خوشبوءِ سان،

حسنِ تخليق کي بخشيان اهڙي سُڳنڌ،

جا منهنجي معصوم لُڙڪن سان واسجي،

ڪائنات جي عظيم وسعتن ۾،

زندگيءَ جي اُداس ويرانين کي،

- ڪا نئين حيات بخشي...!

- ۽ جيڪڏهن،

”هوءَ“، ڪٿي نظر جي سامهون،

رقص ڪندي ۽ مُرڪندي اچي،

- هُن جي نرم ۽ گَداز سيني ۾،

دائمي خوابُ بنجي سُمهي رهان!

پر هن ڪارِگاهه هستيءَ ۾،

ايڏي فُرصت ڪٿي، جو ڪو ڏسي سگهي،

- پنهنجي خُوابن جو هيءَ حسين تعبير!

ڪاري رات ۽ پريم پارڪ ۾،

آءٌ زندگيءَ جي ساز تي نغمه گُو،

خاموشين جي سيني ۾ جذب ٿي،

سوچيندو رهيس، چُپ چاپ-

اڄ به پيرن ۾ آهي اُها ئي زنجير،

اُهي ئي پابنديون، اُهو ئي دستور،

- چند جابر- ۽ هزارها مجبور....!!

(سماهي مهراڻ، بهار- 1955ع)

 

”ڪراچي“

- اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي رُوحِ وطن،

تنهنجي ’ماضي‘ کي سلام!

تنهنجي ماضيءَ- منهنجي ماضيءَ- کي سلام!

ها، اُهو ماضي جو بيحد روشن و تابان هيو-

جنهن ۾ روشن ها اُميدن جا چراغ؛

آرزوئن جا هزارين چنڊ اُڀريا ۽ اُميدن جا ستارا جاڳيا؛

اَمن و آزاديءَ سندي آڪاشَ تي!

ڪلپنائن ۽ اُمنگن جي ٿڌيءَ چانڊاڻ ۾،

هلڪي هلڪيءَ جوتِ جي مانڊاڻ ۾،

مٺڙا مٺڙا گيت ٿي مُرڪيا هتي-

ڄڻڪ هي ڪو ديسُ ئي گيتن جو هو،

گيتن ۽ نغمن جو ديس!

گيت اهڙا جن ۾ هو

ڪنهن سهاڳڻ سُندريءَ جي نرگسي نيڻن جو ڪيف-

ڇلڪندڙ آبِ حيات!

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

اي ستارن جي زمين، اي اَپسرائن جا وطن،

تنهنجي مٽيءَ جي مٿان

اڄ به آهن چمڪندر ماضيءَ جا نقش:

تنهنجي مِٽيءَ مان اچي ٿي جا سُڳنڌ،

سا ٻڌائي ٿي هزارين داستان:

اڄ به تنهنجون ’بلڊنگون‘ ٿيون ساکَ ڏين،

اڄ به تنهنجا ’گُلڪدا‘ ٿا ڏَڪندي ڏَڪندي چون:

(جن جي بنيادن تي بيٺل هي ’تجارت گاهه‘ ٿا

کوکلي تهذيب جي چُغلي هڻن!)

سنڌ جي ماضيءَ جي عظمت تون هُئينءَ،

تون هئينءَ سنڌ جي تهذيب جو سُورج مکي:

ڄڻ هئينءَ تون ’شاهه‘ جي هڪ سورمي!

مذهبي ويڇن کان دور،

تو ۾ هو ڄڻ امنِ عالم جو مثال-

زندگِيءَ جي عزم جي تابندگي،

آدميت جو سُهاڳ!

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

اڳ به تون سوداگرن جو شهر هُئينءَ،

اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-

پر ٻنهي ’سوداگرن‘ ۾ فرق آهه!

اڳ جا سوداگر ڪندا ها صرف هڪ سوداگري-

سِرُ ڏئي پنهنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳِنهندا هئا:

اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن،

’ڪڻڪَ جي مُٺِ‘ تي وِڪامي ٿو ’بهشت‘!

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

تنهنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آهي اجنبي!

تنهنجو ساگر ڪيترو مايوسُ آهه!

هر گهٽيءَ ۾ لُٽجي پيو ٿو آدميّت جو سُهاڳ-

سون چانديءَ جي سجايل ’جانڊهن‘ ۾،

اندران ئي اندران ڏِس زندگيءَ پسجي پئي؛

آبرو لُٽجي پئي،

امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور!

’غير‘ ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند،

ڪيترو مضبوط آ هِت سامراج!

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

تنهنجي رنگينيءَ جي پردي ۾ لڪل

ڏسجي ٿو ڪو انقلاب!

وقت جون واڳون ورڻ لاءِ بيقرار!

تنهنجي رستن مان اچي ٿي سرمدي رَت جي پُڪار-

گلشنن جا گل ٿا ڏسجن خُونچڪان،

تنهنجي خاموشين ۾ شايد ٿو هُري سُڏڪن جو سازا

ڪيستائين رهندو آخر هي فريب:

مدتن کان آ زمانو منتظر،

ڪَر ٿو موڙي هت نئون ڪو دَور ڏس-

ڏس ته ڏورانهين اُفق تي پِرهه آ جاڳڻ لڳي،

چاڪ ٿيندو ظلمتن جو پردهء تاريڪ تر،

هر طرف روشن ’حقيقت‘ ٻهڪندي،

سر بلند ٿيندو وري هت لوڪ راج،

سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج!

هڪ ٿي ويندينءَ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون،

روح پنهنجي جسم سان ملندو وري!

اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار اي روحِ وطن،

اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن!

(سماهي مهراڻ، 3- 1956ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org