سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:13 

سائين سراج صاحب هڪ ناميارو قانوندان هو، ان حيثيت ۾ به سائينءَ قانوني طور ڪيترن نوڪرين ۽ ڪوٽا جي مسئلن ۾ رهنمائي ڪئي. شريعت بينچ ڪوٽا سسٽم خلاف هڪ ”شرعي“ فيصلو ڏنو جنهن مطابق ڪوٽا سسٽم کي غير شرعي قرار ڏئي، ان کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان حڪم جي خلاف سنڌ جي مجاهد علماء ڪرام جو هڪ وفد ڪراچيءَ آيو. سائين سراج صاحب جي صلاح سان ان فيصلي خلاف شرعي بنيادن تي سپريم ڪورٽ جي سامهون اپيل داخل ڪئي وئي، ان ڪري في الحال شرعي ڪورٽ جو فيصلو رڪجي ويو. پر ڪيس جو اڃا به فيصلو نه ٿيو آهي.

سراج صاحب ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ شفيق مهربان دوست ۽ پرجوش سنڌ جو عاشق هو. سندن قلمي پورهيو ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعل راهه رهندو، پر اڄ جي دور ۾ پڻ سندس لکڻين کي وري پڙهڻ سان سنڌ جي محبتن جو هڪ نئون حوالو جاڳي سگهي ٿو. سندن سماجي- قانوني ڪردار پڻ قابلِ تحسين آهي.

انسان مختصر حياتي ماڻي ٿو، پر سندس حياتيءَ جي ڪيل هن جدوجهد جو لاڀ پويان ماڻين ٿا. سراج صاحب جي محبتن ۽ محنتن جي سڳنڌ سدا سنڌ کي سرهاڻ بخشيندي رهندي.

عشق سلامت سنڌ سلامت!
 

سراج سان لاڳاپيل يادگيريون

عبدالحميد آخوند

جن کيس سڃاتو، مٿس موهت ٿي پيا. جن هن بابت ڄاتو، تن تي سندس شخصيت جو رعب ڇانئجي ويو. سراج هڪ نهايت متاثر ڪندڙ شخصيت هو ، هو اکين جو ٺار ۽ ذهنن کي تازو توانو ڪندڙ هو. پڪي پختي توريل تڪيل ڳالهه ڪرڻ وارو ۽ عملي شخصيت هو ، سندس حقيقي قد ڪاٺ ۽ وزن سندس خيالن ۾ آهي. هن ڪڏهن به غير معقول جذبات نه ڌاريا. سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ ٻوليءَ لاءِ سندس پيار  لفاظي نه هو، پر هن سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجي ڪتاب جي صورت ۾ ان کي سدا بهار ياد گار ڏنو، سراج انهيءَ مشن کي پنهنجي وطن جي هڪ ذميواري ڪري هٿن ۾ کنيو، انهيءَ ميدان ۾ اُن جي بانيءَ واري حيثيت رکندي ، هو نوجوان نسل لاءِ اُتساهه جو ذريعو هو، ڪراچيءَ جي سنڌ فري ميسن لاج جي هڪ ڪمري ۾ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار دوران سراج مون کي تقرير پويان تقرير ٺاهيندي نظر آيو. اهي تقريرون، انهن ڪيترن ماڻهن کي ڪرڻيون هيون، جيڪي مختلف سيشنن جي صدارت لاءِ آيل هئا، پر ڪنهن به موضوع بابت ڄاڻ گھٽ نه هئي، مون کيس اهڙي ڪمانڊ سان تقريرون ٺاهيندي ڏٺو، جيڪا مون ٻين ۾ تمام گھٽ ڏٺي آهي. اسان مان گھڻن جي ابتڙ هو جهڙو تهڙو اجايو ڳالھائڻ، يا منافقت ۾ وقت ضايع نه ڪندو هو، پر سدائين هاڪاري ۽ همٿائيندڙ هوندو هو، سراج ڪنهن جي گلا ۾ يقين نه رکندو هو، ڪنهن جي بدناميءَ ۾ دلچسپي نه وٺندو هو، اسان  سڀ کيس سندس سڄڻائپ، عقلمندي ۽ علم سبب عزت ڏيون ٿا. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ تي سندس بنيادي ڪم 40 سال اڳ لکيل ڪتاب آهي، هن وقت تائين اُن ميدان ۾ گهڻي تحقيق نه ڪئي وئي آهي، سندس دل ۾ ابراهيم جويي لاءِ گھڻي نرمي هئي ۽ هو سندس سڄي زندگي عزت ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته هن هڪ ڀيري هڪ عجيب درخواست ڪئي ۽ جڏهن مون  سندس ڌيان ڇڪايو ته هن ٻڌايو ته هو مون کي اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ جويي جي احترام جي ڪري چئي رهيو آهي، اها ڳالهه مان 1990 جي وچ جي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته تنهن وقت سنڌ جي گورنر، سراج کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا هن تنهن وقت جي علمي ادارن جي ماحول سبب قبول نه ڪئي. الائي ڪڏهن اسان انهيءَ اداري کي امن سان هلائينداسين.

سراج مهوٽا پيلس ميوزم لاءِ ”ٽرسٽ ڊيڊ“ جو مسودو ٺاهڻ ۾ حيلو وسيلو هو ۽ هو اُن جي باني ٽرسٽيز مان هڪ هو.

سندس بيماريءَ دوران جيڪا کيس دهليءَ وٺي وئي، سندس جذبا جوان هئا ۽ هو هر صورتحال لاءِ تيار هو؛ ڇو ته هن هڪ ڀرپور زندگي گهاري هئي ۽ مطمئن هو. هو پنهنجي ڊگهي بيماريءَ دوران به پراُميد هو. پر آخرڪار لڳو پئي ته هو (زندگيءَ جي ) قيد کان ٿڪجي پيو هو ۽ اُميد جو ڪرڻو گم ٿي چڪو هو. ساڻس آخري گفتگوءَ ۾ هن مون کي چيو هو ته امر جليل کي سندس تازي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ياد ڏياريان ۽ ساڳئي وقت افسوس ڪيائين ته سندس صحت وڃي ٿي ڪِرندي.

سراج هيءَ دنيا اُن حالت ۾ ڇڏي، جو هن پنهنجي ڌرتي، عوام ۽ پنهنجي ڪٽنب جي خدمت ڪئي هئي ۽ کيس اطمينان هو. سندس روانگي شخصي نقصان آهي ۽ مون کي اُميد آهي ته سندس خاندان ۽ دوست ريسرچ اسٽڊيز جو هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪري کيس ڦل ڏيندا. رڳو نانءَ جي صورت ۾ نه، پر آدرشن کي بلند ڪرڻ جي صورت ۾ به.

 

سون جهڙو ماڻهو: سراج

 

غلام نبي مغل

سنڌي علم ۽ ادب جي هڪ ٻي مشعل اجهامي وئي، فيبروري جي 2 تاريخ تي جيڪو سج لٿو ۽ اُڀ ۽ ڌرتيءَ تي جيڪا اوندهه ڦهلجي وئي، سا اسان سنڌ وارن لاءِ ۽ سندن مجموعي ڏاهپ لاءِ اهڙو نقصان آهي، جيڪو شايد صدين ۾ به پورو ٿئي ته وڏي ڳالهه آهي. سراج الحق ميمڻ  اسان منجهان ويو هليو. هو ساٿين جو سائين هو. علم ادب جو مخدوم هو، ڏاهپ جو ڏيئو هو- روشن ڏيئو!

سراج سائين ويهين صديءَ جو پوئين اڌ جو اُهو اُسريل انسان هو، جنهن کي پنهنجي زماني ۽ مستقبل جي علمي ۽ ادبي گُھرجن جي ڄاڻ هئي. سراج سائين نئين ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا ڪندڙن ۾ شامل هو.سندس ڪهاڻيون جديد سنڌ جي ادبي اڏاوت ۾ پيڙهه جو پٿر هيون.سندس ڪهاڻيون نه رڳو جديد، پر بين الاقوامي ادب جي معيار مطابق هيون. وٽس ڪي مسخرا ۽ ٽوٽڪائي ڪردار نظر نه آيا. سراج سائينءَ جو تخليق ڪيل ادب، وقت جي گھرج هو ۽ سنجيدو هو. سندس پهرئين ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ تي جيتوڻيڪ ڪجهه حلقن طرفان تنقيد ٿي، پر اِهو ناول نه رڳو  Larger than life هو، پر وقت جي هلندڙ قومي تحريڪن لاءِ هٿي هو.سندس ٻيا ناول پڻ سنڌي ادب جا شاهڪار ناول هئا.

سراج سائينءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي بنياد  ۽ ارتقا بابت تحقيق، علم جي شاگردن لاءِ هڪ نئون فڪر ۽ املهه کوجنا هئي ۽ عالمن لاءِ سنڌي ٻوليءَ بابت وڌيڪ کوجنا ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي دعوت هئي. سراج سائين سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ هڪ نئون معيار مقرر ڪيو، جيڪو ٻين عالمن لاءِ پڻ هڪ سوچ جو گس آهي. ’هلال پاڪستان‘ اخبار سنڌي زبان جي اڌ مئي صحافت جي نشان هئي. پر سال 1972ع ۾ جڏهن سراج سائين انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ته سنڌي صحافت ۾ جديد دنيا جو ساهه پيو ۽ سنڌي صحافت جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين ترقي ڪندو اچي. اخبار ۾ خبرون ۽ تجزيا نئين دور جي طور طريقي ۾ اچڻ لڳا. سراج سائين جڏهن سياسي تجزيا نگاري ڪئي ۽ ’سياسي منظرنامو‘ لکڻ شروع ڪيو ته اسان جي اخباري طريقن ۾ نئين جدت ۽ زماني مطابق معاملا شروع ٿيا، جيڪا جديد صحافت جي تقاضا هئي. جي. اين. مغل اسان جي صحافت جو وڏو نالو آهي، 1973ع ۾ مون مغل کي هلال پاڪستان جي آفيس ۾ سراج سائينءَ سان ملايو ۽ ٻڌايم ته هن ۾ سٺي صحافي ٿيڻ جا اهڃاڻ موجود آهن.سراج سائينءَ جي. اين. مغل جي ٿورڙي پرک ڪئي ۽ پوءِ پاڻ وٽ  سب ايڊيٽر ڪري رکيائينس. قابليت پاڻ ڳالهائيندي آهي ۽ اڄ مغل پاڪستان جي سينيئر اعليٰ صحافين منجهان آهي.

سراج صاحب ٿور ڳالهائو ۽ نهايت سنجيده شخص هو، جنهن پلازا ۾ آءٌ رهندو هئس، اُت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪنهن دوست سان ملڻ ايندو هو، پر مون وٽ اچڻ لاءِ تيار نه هو، مون هڪ دفعي چيومانس ته ڪڏهن مون وٽ به ايندا ڪريو. جواب مليو ته تو ڪڏهن سڏيو ئي ڪونه. پوءِ هر هفتي ايندو هو. وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون.شيخ اياز، علي احمد بروهي، سليمان شيخ به انهيءَ پلازه ۾ رهندا هئا. اهي ڪچهريون مون کي ياد آهن. سندس شخصيت کي به مون کي ويجهو ٿي پرکڻ جو موقعو مليو.آءٌ سراج سائينءَ جو ادب جي ميدان ۾ همعصر ته هئس، پر گھڻو جونيئر هئس.

سراج صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عالم هو،

سراج صاحب وچولي طبقي جو وڏو ۽ اعليٰ شخص هو.

سراج صاحب پنهنجين عادتن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ پختو شخص هو.

هن صدي ۾ اسان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کانپوءِ ڪهڙو نه املهه ماڻڪ شخص وڃائي ويٺا آهيون.

آخر ۾ مون کي سندس هڪ جملو هميشه ياد ايندو رهندو آهي: ته”غلام نبي، تنهنجو ناول ’اوڙاهه‘ پڙهي مون کي خواهش ٿي ته اهو ناول آءٌ لکان ها!“

اهو جملو ۽ اُهو شخص مون کي هميشه ياد رهندو.

 

سراج: اعليٰ اديب ۽ قداور شخصيت

بيدل مسرور

جڏهن روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچيءَ طرفان 2002ع ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب جي اڻهترهين جنم ڏينهن جي سلسلي ۾ خاص صفحو شايع ٿيو ته ان ۾ ڪيترن ئي ناليوارن اديبن جا ليک شامل هئا، پر منهنجو ليک يا ته منهنجي ميل باڪس ۾ رهجي ويو هو يا عوامي آواز اخبار جي ميل باڪس ۾! جنهن کان پوءِ سراج صاحب متعلق منهنجو هڪ طويل ڪالم 26 آڪٽوبر 2007 تي شايع ٿيو. ان ڪالم ۾ مون مٿس ڪافي تفصيل سان لکيو هو.

اها خبر ته هر ڪنهن کي آهي ته سراج صاحب جو نالو سنڌ جي مڃيل ڪهاڻيڪارن/ ناول نگارن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘، ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’پياسي ڌرتي، رمندا بادل‘ (ٽريالاجي) يا سندس ماسٽرپيس ڪهاڻيون: ’ٻهڻي‘، ’انسان ۽ ديوتا‘، ’هڪ مرد ٽي لاشا‘ يا سندس ڪهاڻين جا مجموعا: ’اي درد هلي آءُ‘ ۽ ’اٺون ماڻهو‘ پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيا آهن.

ترجمي جي حوالي سان به سراج صاحب جو ڪافي معياري ڪم ڪيل آهي. مون کي پوريءَ طرح ياد ناهي. بس ايترو ياد آهي ته ’نئين زندگيءَ‘ جي ڪنهن آڳاٽي پرچي ۾ سندس هڪ ترجمو ٿيل ناٽڪ شايع ٿيو هو، جيڪو ٻن قيدين جي وچ ۾ گفتگو تي ٻڌل هو. ان کان علاوه هڪ ناول ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ (1952ع)، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘ ۽ ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ (1958ع) ترجمي جي ڏس ۾ سندس يادگار ڪارناما آهن. مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته سراج صاحب جي ڪهاڻي ’اي درد هلي آءُ‘ به جيمس جوائس جي ڪهاڻي ‘The Dead’ جو ترجمو آهي ۽ سندس ڪهاڻي ’پاتال‘ غالباً البرٽڪامئو جي ڪنهن ادب پاري تان ترجمو ٿيل آهي، جنهن جو نالو ڪهاڻيءَ جي شروع ۾ ورتل آهي. منهنجي خيال ۾ اهي اشارا شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي ٿيسز ۾ لکيا آهن. گڏوگڏ عرساڻي صاحب سندس ٻين ڪهاڻين- ’فراڊ‘ ۽ ’دل جا پاڇولا‘ جي لاءِ به اها راءِ ڏني آهي ته شايد اهي به ترجمو ٿيل ڪهاڻيون آهن.

شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي پي.ايڇ.ڊي واري شايع ٿيل مقالي: ’آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر‘ ۾ سراج صاحب لاءِ لکيو آهي ته:

”سراج الحق ۽ غلام رباني ٻنهي جي ذهني اوسر، تربيت ۽ ماحول ۾ ڪيترائي قدر مشترڪ شامل آهن. تعليم ۽ ملازمت جا کين ساڳيا ئي ابتدائي موقعا هٿ لڳا ۽ هنن ٻنهي گڏوگڏ، سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار بيٺڪن ۾ شرڪت ڪندي هنن ۾ ادب لاءِ قلمي رغبت پيدا ٿي ۽ جتان ٻئي ميدان ۾ لٿا. فڪري باليدگيءَ ۽ ادبي مطالعي جي وسعتن ۾ به، گهڻن ئي زاوين جي لحاظ کان ٻنهي ۾ يڪسانيت محسوس ٿئي ٿي. سندن فڪري پرورش ۽ ادبي ذوق به شروعات ۾ محترم محمد ابراهيم جويي جهڙي ڪهنه مشق اديب ۽ يگاني عالم جي سنگ ۾ پروان چڙهيو. ان شخصي تقلق ۽ رفاقت جي سنگ ميل جو عڪس ڪي قدر ٻنهي فنڪارن جي ڪهاڻين ۾ به نظر اچي ٿو. غلام رباني توڙي سراج جي مختصر ڪهاڻين ۾ مغربي فن جو استفادو ۽ ان جا متفرق تجربا خلط ملط نظر اچن ٿا. استحصال کان پاڪ معاشري جي خواهش آهن ۽ ضمير جي آزادگيءَ جي عالمگير سوچ جو هڪ احساس، ٻنهي فنڪارن جي ڪهاڻين جو اڪثر خاصو بڻيل آهي. ٻنهي فنڪارن جي تخليقي ماپي تي هڪ انفرادي رنگ چڙهيل آهي. هو ٻئي هڪ ئي منزل جا پانڌيئڙا معلوم ٿين ٿا، ليڪن واٽون ٻنهي جون جدا جدا آهن.

جتي ٻين ڪهاڻيڪارن وٽ مقاميت جو زوردار رنگ جهلڪا ڏئي رهيو آهي، اُتي سراج جي ڪهاڻين ۾ وري پنهنجي ڌرتيءَ جي مسئلن جي شعور سان گڏ، هاڻوڪي دور جي پڙهيل ڪڙهيل نوجوان جو شديد ردعمل جو اظهار به ملي ٿو ته هو بين الاقوامي فڪري رجحانن کان متاثر ٿي ڇا سوچي رهيو آهي؟ غلام رباني ۽ جمال ابڙي سماجي زندگيءَ جا عڪس هوبهو پيش ڪيا آهن، ليڪن سراج جي اسٽائيل مان وري اهو گمان ٿئي ٿو ته هن سچي پچي زندگيءَ جي ڄڻ ته رومانيت جي فضا جي مصوري ڪئي آهي.“

پنهنجي تجزيي سان گڏ عرساڻي صاحب ڪجهه ٻين ليکڪن جا تجزيا به ان ٿيسز ۾ شامل ڪيا آهن، جهڙوڪ:

شيخ اياز لکي ٿو ته: ”سراج جا ڪردار فقط انسان نه آهن، پر ادبي ڪردار به آهن. هنن جي نگارش ۾ نه فقط زندگيءَ جي معاشرتي ۽ نفسياتي پهلوءَ جي هم آهنگي آهي، پر اُن هن فن جو هڪ مخصوص رنگ روپ به ڏنو آهي، جو پنهنجي تخليق جي انفراديت جو ثبوت ڏئي ٿو.’چنڊ گرهڻ‘، ’ٻهڻي‘ ۽ ’اونده جو وڻ‘ هن جا ادبي شهپارا آهن.“

ثميره زرين لکيو آهي ته ”محترم سراج جو ’ٻهڻي‘ سندس شاهڪار افسانو آهي. هن افساني ۾ او هينريءَ جي ڪامياب ٽيڪنڪ جي جهلڪ نظر اچي ٿي.“

ناولن ۾ جيئن سندس ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ کي تمام گهڻي پذيرائي ملي، تيئن سندس ترجمو ڪيل ’چونڊ آمريڪي افسانن‘ به پڙهندڙن کي تمام گهڻو اُتساهيو. خاص طور اُن ڪتاب مون کي ايترو ته فيسينيٽ ڪيو هو، جو ٽي.وي تي ان ناول کي ڊرامائي شڪل ۾ پيش ڪرڻ جي وڏي ڪوشش به ورتيسي، پر حالتن ۽ پابندين جي ڪري اها خواهش پوري ٿي ڪانه سگهي.

هاڻي جي خبر ناهي، البت سراج صاحب جو 1964ع ڌاري ’سنڌي ٻوليءَ‘ بابت ڇپيل ايم.اي سنڌيءَ جي ڪورس لاءِ رڪمنڊ ٿيل آهي يا نه، پر اسان 1974ع ڌاري پيپرن ۾ سراج صاحب جي ڪتاب جا ئي حوالا ڏئي آيا هئاسي: ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ متعلق سراج صاحب جو اتساهيندڙ دليل اهو هو ته ”سنڌي آريائي ۽ ويدن جي دور کان اڳ جي زبان آهي.“ ۽ جنهن اسان جي دل وڏي ڪري ڇڏي هئي. ساڳئي سال 1964ع ۾ سندس ’علم معاشيات‘ متعلق به ڪتاب شايع ٿيو هو.

مون جيسيتائين کيس روبرو نه ڏٺو هو ته منهنجي ذهن ۾ سندس خاڪو هڪ برجستي ليکڪ ۽ سنجيده شخصيت جو ئي جڙيل هو، ۽ جڏهن 19 نومبر 1972ع تي ٿيندڙ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد تنظيم ’مهراڻ ميڊيڪوز‘ پاران ملهايل ’سنڌي شام‘ ۾ قومي گيت ڳائڻ لاءِ آيو هوس ته واقعي سراج الحق ميمڻ صاحب نهايت پروقار شخصيت جو مالڪ نظر آيو.

ان پروگرام کان پوءِ ڪراچيءَ جي شاعرن، اديبن پنهنجو منڊل مچايو ته ان لاءِ مون کي روڪي ورتائون، جنهن ڏينهن فش هاربر تي بلالي صاحب جي دعوت هئي ته مون کي جهانگير ڪوارٽر تان پنهنجي موٽرڪار تي کڻي وڃڻ جو ذمو به سراج صاحب کنيو هو. هُو پنهنجي موٽرڪار تي مون کي وٺڻ آيو هو ته مشتاق احمد شوري حيرت وچان معصوم صورت ٺاهيندي چيو هو: ”يار سراج صاحب ته چڱي ڀلي کي لفٽ ئي نه ڪرائيندو آهي. سخت مغرور ماڻهو آهي، توکي پنهنجي ڪار تي ڪيئن وٺڻ آيو آهي!“

واقعي ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته سراج صاحب جيترو ذهين ماڻهو هو، اوترو سنجيده به هوندو هو. هر معاملي ۾ حصو نه وٺندو هو، ۽ نه ئي اجايو بحث ڪندو هو. ڪنهن اهم معاملي تي به پنهنجي راءِ ڏئي خاموش ٿي ويهندو هو. مون کي اهو وقت به ياد آهي ته جڏهن پاڪستان ٽيليوزن لاءِ پروڊيوسرن جون ويڪنسيون انائونس ٿيون هيون ته مون کي شيخ اياز مرحوم چيو ته ”ڪراچيءَ ۾ سراج سان ملجانءِ، ذوالفقار علي ڀٽي هن کي پنهنجي اخبار جو ايڊيٽر ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته ’طلوع‘ رسالي جي ايڊيٽر اشتياق اظهر سان هن جا ڪافي گهرا تعلقات آهن. اشتياق اظهر شايد اسلم اظهر جو ڀاءُ آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org