سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:10 

”تڏهن مون کي خبر پئي ته غلام علي الانا نالي هڪڙو نوجوان برطانيه مان اهڙي تعليم ۽ تربيت وٺي آيو آهي. هن سان ڪو لاڳاپو قائم ٿئي، تنهن کان اڳ هن جا هڪ اڌ مضمون رسالن ۾ شايع ٿيا، جن نه رڳو مون کي مطمئن نه ڪيو، پر مايوس ڪيو. اهڙو اظهار ’نئين زندگي‘ جي ڪنهن پرچي ۾ به مون ڪيو هو. قصو ڪوتاهه ته مون کي مجبوراً هڻ تڻ ڪري، سنڌي ٻوليءَ تي ڪتاب لکڻو پيو، جيڪو ’سنڌي ٻولي‘ جي نالي سان 1964ع ۾ شايع ٿيو، ۽ بدقسمتيءَ سان ميدان ۾ ٻيو ڪو ڪتاب نه هجڻ ڪري پاڪستان ۾ يونيورسٽيءَ جي سطح تائين تقريباً درسي ڪتاب طور استعمال ٿيڻ لڳو. تازو منهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين هندستان وئي هئي، اُتي خبر پيس ته هندستان ۾ به يونيورسٽي سطح تي اُن کي درستي ڪتاب طور استعمال ڪيو ٿو وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ڪتابن جي کوٽ ۽ بدبختي اها آهي ته منهنجي اُن غير سائنسي طرح لکيل ڪتاب کي اها اهميت ملي، جنهن جو اهو لائق ئي ڪونهي. جيتوڻيڪ اُن ڪتاب کي هڪڙي شابس ضرور ڏيڻي پوندي ته اهو ڪتاب ’ککر ۾ کڙو‘ ثابت ٿيو ۽ سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ بابت غلط مفروضن کي رد ڪرڻ جو تدارڪ پيدا ٿيو، ۽ سنڌيءَ جي وجود، قدامت، تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ۽ رواج پيو.

”اهو ئي ڊاڪٽر غلام علي الانا، اڄ سنڌ جو هڪ محترم اُستاد ۽ عالم آهي. هن ڊاڪٽريٽ به ڪري ورتي ۽ هري هري سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف پهلوئن تي ريسرچ ڪندو ۽ ڇپائيندو رهيو آهي. پهريون ڀيرو اهڙو شخص سنڌي ٻوليءَ تي لکڻ لڳو آهي، جنهن کي لسانيات جي قديم ۽ جديد اڀياس تي مڪمل قدرت حاصل آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن کي ريسرچ ڪرڻ جو ڏانءُ به آهي ۽ کيس خدا ٻوليءَ تي سائنسي انداز ۾ لکڻ جي ڏات به ڏني آهي. سندس مکيه ڪتاب ’سنڌي زبان جا لهجا ۽ انهن جو اڀياس‘ (1964ع)، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ (1974ع)، ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ (1987ع)، ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘ ۽ ’سنڌي صورتخطي‘ (1993ع) سندس ذهني ۽ علمي ارتقا جا مظهر آهن.

”انهن سڀني ڪتابن جي مقابلي ۾ زير نظر ڪتاب، تحقيق ۽ ريسرچ جو نهايت عمدو مثال آهي. پويون ڀيرو اسان کي سنڌي زبان جي اوسر ۽ ارتقا جي باري ۾ سائنسي ڄاڻ، درجي بدرجي، سمورن ضروري حوالن سان، تفصيلي بيان جي صورت ۾ حاصل ٿي آهي، جيڪا منهنجي هميشه کان ذاتي خواهش رهي آهي ته اهڙو ڪو ڪتاب لکجي، جو سنڌ ۽ هن جي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ درسي ڪتاب جو درجو حاصل ڪري. مون کي خوشي آهي ته اهڙو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.

”البت ڪٿي ڪٿي اوهان کي مون وانگر تشنگي ضرور محسوس ٿيندي، پر مون کي اُميد آهي ته ايندڙ ايڊيشن ۾ اهي ’سقم‘، جيڪي سقم گهٽ، اختصار جون اوڻايون وڌيڪ آهن، سي ڊاڪٽر صاحب درست ڪري ڏيندو. مثلاً سندس پهريون ۽ ٻيو باب ’زبان، معاشرو، انسان ۽ ثقافت‘ ۽ ’ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر‘ بنهه مختصر آهن. ان ڪري تشنگي پيدا ٿئي ٿي. مثلاً انهيءَ ئي باب ۾، انسان جي ارتقا ۾ ٻوليءَ جو ڪيترو حصو آهي ۽ انساني فلسفي ۾ ٻوليءَ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهي ٻئي خشڪ مضمون آهن، پر هن ڪتاب ۾ اُنهن جو ذڪر ضروري هو. نوم چامسڪي (Noam Chomsky) پنهنجي معرڪة آرا ڪتاب ’ٻوليءَ بابت ڪي ويچار‘ (Reflections on Languages)- )1975ع( ۾، انهن کي ٻوليءَ جا اسرار (Mysteries of Languages) سڏيو آهي، جن جو سڌو سنئون تعلق انساني دماغ (Mind) سان آهي. چامسڪي اُنهن اسرارن کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي: هڪڙو عام شين (Objects) لاءِ، انسان جي عقيدن ۽ توقعات جو سرشتو ۽ ٻيو اُنهن سان ڀرپور وڇوٽيءَ تي موجود ٻوليءَ جو سرشتو. ڇا موجوده انساني ٻوليون، پهرئين سرشتي سان هم آهنگ آهن؟ جيڪڏهن نه ته اُن لاءِ اسين ڇا ڪريون؟ ڇا عقيدن کي بدلائڻ جي ضرورت آهي يا زبان جي سرشتي ۾ تبديليون آڻڻ گهرجن؟

”هتي آءٌ سنڌيءَ مان مثال ڏيان ٿو. مون پنهنجي ڪتاب ۾ هڪڙو نئون نظريو پيش ڪيو هو، جيڪو منهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ‘ ۾ ڏنل آهي ۽ مختصراً اُن کي هنن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو ته: ’ٻولي مرڪب آهي، قدرتي آوازن ۽ انساني محسوساست جو، ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ ردعمل طور نون آوازن ۽ گهاڙيٽن جو. انهن ۾ ڪابه ڳالهه ماورائي يا مابعد الطبعياتي ڪانهي. جيڪڏهن ڪنهن قدرتي آواز ڏانهن ڪنهن قوم يا گروهه جو محسوساتي ردعمل معلوم ڪري سگهجي ٿو ته اُن زبان جو صوتياتي نظام به معلوم ٿي سگهندو. صوتياتي نظام معلوم ٿي وڃي ته اُن جي وياڪرڻ ۽ گرامر کان تعين ڪرڻ ڏکيو ڪونه ٿيندو.‘ جيڪڏهن الانا صاحب جهڙو سائنسي طرح تربيت يافته لساني ماهر سنڌيءَ جي ان اندروني جوڙجڪ ۽ فلسفي تي لکي ها ته هي ٻيو باب وڌيڪ معلوماتي ۽ وقيع ٿي پوي ها! ڊاڪٽر صاحب ’ڊنگ ڊانگ‘ واري نظريي ۾، منهنجي نظريي جو ذڪر ۽ حوالو ضرور ڏنو آهي، پر اُن تي ماهرانه نظر ڪانه وڌي اٿس، ۽ نه هن سمورا نظريا بيان ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو ڪو نظريو يا سندس ڪنهن نظريي بابت ترجيح جو ذڪر ڪيو آهي. اها اهڙي تشنگي آهي، جنهن تي هن کي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.“

سراج صاحب اڳتي لکي ٿو:

”ٽيون باب ’سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر‘ نه رڳو ڪافي تفصيلي آهي، پر جامع پڻ آهي. سنڌيءَ جي بڻ بنياد بابت هن وقت تائين جيڪي به نظريا آيا آهن، گهڻو تڻو سڀ جا سڀ ڊاڪٽر صاحب بيان ڪيا آهن، ۽ پنهنجي نظريي جو به حوالو ڏنو اٿس، جيڪي هن جي اڳين ٻن ڪتابن ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ ۽ انگريزي ڪتاب Origin and Growth of Sindhi Language ۾ تفصيل سان ڏنل آهي. مون اڳي به هڪ مضمون ۾ انهن ڪتابن کي ساراهيو هو، البت مون کيس گذارش ڪئي هئي ته آرين جي حوالي سان اختيار ڪيل لفظ ’سئنڌوئي‘ (Saindhui) تي کيس ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪن قديم ليکڪن سنڌ کي ’سئنڌوا‘ يا ’سياند‘ يا اهڙي ڪنهن ٻئي غلط اُچار سان اُچاريو آهي، جنهن کي ٽرنر (Turner) جهڙن لغت نويسن پنهنجي هند آريائي ٻولين جي لغت (A Dictionary of Indo-Aryan Languages) ۾ اختيار ڪيو آهي ته ضروري ڪونهي ته اسين سنڌ ۽ سنڌيءَ جي محض قدامت ثابت ڪرڻ لاءِ، اهو ئي غلط اُچار ۽ اُن جي ناگري لکت کي قبول ڪندا اچون. ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌي‘ تمام قديم لفظ آهن، جن جو اُچار اهو ئي هو، جهڙو اڄ آهي؛ اُنهن جو ثبوت پهلوي ڪتبن ۾ صاف ملي ٿو، جنهن مان ايترو چئي سگهجي ٿو ته اَوستا جي وقت کان چوويهه سؤ ورهيه اڳ اهي ٻئي لفظ اُن ساڳئي اُچار سان اُچاريا ويندا هئا، بلڪ جڏهن ’س‘ ۽ ’هه‘ جي غلط ملط ٿيڻ سان سنڌ کي هند ڪري پڙهيو ويو، تڏهن به اُن کي ’هندوئي‘ ڪري ڪونه پڙهيو ويو، بلڪ الادريسيءَ کان البيرونيءَ تائين سڀني اُن کي هند ۽ هندي سڏڻ جي غلطي ڪئي ۽ نه ’هئندو‘ يا ’هئندوئي‘ جي. ان ڪري ڊاڪٽر صاحب کي ان مغالطي کي درست ڪرڻ گهرجي.“

”ٻي ڳالهه جنهن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، سا آهي دراوڙي يا پروٽو دراوڙي بڻ بنياد وارو نظريو. آءٌ اهو اعتراف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته آءٌ به شروع شروع ۾ ان نظريي کي مڃڻ لڳو هئس، پر پوءِ جڏهن فادر هيرئس (Father Heras) ۽ هرازني (Hirozani) کان وٺي ڊاڪٽر آسڪو پرپولا (Asko Parpola) تائين وڌيڪ ڳوڙهو اڀياس ڪيم، تڏهن اُن نتيجي تي پهتس ته اهو نظريو نظرثاني گهري ٿو. آءٌ ان حد تائين آسڪو پرپولا وارن سان اڄ تائين متفق آهيان ته اُن لاءِ تصويري متبادل سرشتي (Rebus Principle) سان موهن جي دڙي جي مهرن کي شايد پڙهي سگهجي ته شڪ ناهي. ان سرشتي موجب ڪنهن به شڪل يا تصوير ۾ جيڪا شيءِ نظر اچي، ان جي نالي سان ملندڙ هوبهو ٻيءَ ڪنهن معنيٰ جو لفظ استعمال ٿئي؛ مثلاً جيڪڏهن ڪا شڪل مڇيءَ (fish) جي آهي، جنهن لاءِ پروٽو دراوڙيءَ ۾ لفظ ’مين‘ آهي ۽ اُن لفظ جي ٻي معنيٰ آهي ’تارو‘ (star) ته پوءِ اهو لفظ تارو ئي اختيار ڪبو.

اهو اصول ته پرپولا وارن لاڳو ڪيو، پر ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح هنن سنڌ جي حوالي کان سواءِ دراوڙي ٻولين جا متبادل لفظ ڳولڻ شروع ڪيا، تڏهن ئي هنن پاڻ کي ڀنڀلائي ڇڏيو. هنن کي ياد رکڻ گهرجي ها ته اهي نشانيون سنڌو ماٿر جي علائقن مان لڌيون ويون آهن، ان ڪري انهن علائقن جي طبعي حوالي کان سواءِ اصليت تائين پهچڻ ممڪن نه آهي. مون ذاتي طرح ۽ تحريري طرح پرپولا وارن کي قائل ڪيو ته سندن ملهه ڪڏهن به صحيح نه بيهندا، جيسين سنڌ يا سنڌو ماٿر جي طبعي حوالن کي سامهون نه رکيو ويندو. اها ڳالهه هن قبول به ڪئي آهي. هاڻ جڏهن ڪمپيوٽرن جو دور آهي ته پوءِ انهن ملهن جي ڀڃڻي ڳولي لهڻ ڏکيو نه ٿيڻ گهرجي. اُميد ته ڊاڪٽر الانا صاحب هن اعتراض تي ڌيان ڏيندو ۽ پنهنجي ريسرچ کي سنئين دڳ لائيندو.

”جيتري قدر سنڌيءَ جو ناگر اپڀرنش سان رشتي جو سوال آهي، الانا صاحب اُن تي نهايت عالمانه بحث ڪيو آهي ۽ ڊاڪٽر چئٽرجي ۽ ڊاڪٽر جيٽلي جي پڙهڻين مان صحيح نتيجا اخذ ڪيا آهن. مون کي الائي ڇو هن باب ۾ ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته ڪاش الانا صاحب پنهنجي پيش ڪيل ’ٿيسز‘ (Thesis) لاءِ ته آهي دوها اُن زماني جي اڀرندي سنڌي لهجي جا آهن، جنهن کي مقامي طرح ناگر اپڀرنش سڏيو ويندو هو، ٿورو وڌيڪ تفصيل ۽ اپڀرنش جي ورهاست ۽ جاگرافيائي پکيڙ جو چارٽ ڏئي ۽ ساڳئي وقت انهن دوهن جي پڙهڻين جي مٿان ناگريءَ ۾ اصل دوها به لکي ها، پر بهرحال هن باب جي ان حصي تي الانا صاحب قابل قدر ريسرچ ڪئي آهي.

”باب چوٿون ’عربن جي سنڌ تي حڪومت جي ابتدائي دؤر ۾ سنڌي زبان جي حيثيت‘ به ڊاڪٽر الانا جي محنت ۽ زبان شناسيءَ جو نهايت عمدو مثال آهي. هن باب کي الانا صاحب صحيح طرح سان فني ۽ سائنسي دليلن سان لکيو آهي. شايد ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ سندس ايم.اي جي ٿيسز ئي اها هئي يعني The Arabic Element in Sindhi، پر منهنجي خيال ۾ ان جامعيت ۽ علمي عمدگيءَ جي باوجود هڪڙي ڪمي رهجي وئي آهي، سا آهي جيڪڏهن الانا صاحب ’اخامينين‘ (Achaemenian) يعني پهلوي دور ۾ سائرس پهرئين (Cyrus- 1) تائين يعني 330 کان 535 ق.م تائين واري دور ۾ سنڌيءَ بابت صورتحال کي بيان ڪري ها ۽ پوءِ اُن کي عرب حملن کان پوءِ واري لساني صورتحال سان ڀيٽي ها ته اها سندس وڏي خدمت ۽ ريسرچ هجي ها، ڇاڪاڻ ته اهو ئي هڪڙو دور آهي، جنهن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي، ۽ اسان جي تاريخ جي راءِ گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. زند اوستا جي زبان بابت هندستان ۽ پاڪستان جي پارسي شهرين جي پنڊتن وٽ وڏو علمي ذخيرو آهي، جنهن مان ڳچ جيترو ڇپيل به آهي. اوستا جي زبان جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته ضميري پڇاڙين جو جيڪو نظام پهلوي ۽ جديد پارسيءَ ۾ آهي، اُن جي سنڌيءَ جي ضميري پڇاڙين سان ڀيٽ هڪ نهايت نتيجي خيز اڀياس ٿي سگهي ٿو. الانا صاحب جيڪڏهن ان دؤر کي بحث هيٺ آڻي ها ۽ خاص ڪري ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، ته نه رڳو هي ڪتاب وڌيڪ جامع ۽ همه گير ٿي پوي ها، پر ڪو نوجوان ان دور کي بنياد بڻائي، ضميري پڇاڙين بابت ريسرچ ڪري ڪا وزني تصنيف اسان کي ڏئي ها. بهرحال اهو رڳو منهنجي خواهش جو اظهار هو، ۽ ڪنهن به طرح سان الانا صاحب تي ان لاءِ ڪو حرف ڪونه ٿو اچي.

”منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر الانا سڀ کان وڌيڪ محنت ۽ جانفشانيءَ سان تحقيق جو حق، باب پنجين کان ستين يعني ’سنڌي ٻوليءَ جي معياري حيثيت‘ ۾ ادا ڪيو آهي. سومرن، سمن ۽ ڪلهوڙن تائين واري دؤر تي اڳ ڪو اهڙو جامع ڪم ٿيل ڪونه هو. ان ڪري ڊاڪٽر صاحب کي جس هجي، جو هن سنڌ جي مقامي ماڻهن جي پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي وجود جي بچاءَ ۽ پرورش لاءِ ڪوششن کي هڪ ئي هنڌ عمدگيءَ سان سهيڙيو آهي، ۽ اُن لاءِ تاريخ ۽ ادب ۾ جيڪي به حوالا هن کي ملي سگهيا آهن، اهي گڏ ڪيا اٿس ۽ هر هڪ پهلوءَ کي نهايت اونهائيءَ سان تجزياتي انداز ۾ سمجهي، پُرجهي، اڀياس هيٺ آندو اٿس،. ۽ اُن کان پوءِ ئي پنهنجي راءِ ڏني اٿس. ڊاڪٽر صاحب جيئن ته پاڻ به اسماعيلي عقيدي سان لاڳاپيل آهي ۽ سومرن- سمن جي دؤر ۾، اسماعيلي عقيدي وارن نه رڳو حڪومت ڪئي، پر هنن پنهنجي عقيدي جي دعوت به ڦهلائي، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي هندو ذاتيون مسلمان ٿيون. عقيدي جي تصور کي ڦهلائڻ لاءِ هنن سنڌيءَ ۽ ٻين مقامي ٻولين کي استعمال ڪيو، ۽ اُن حوالي سان سندن گنان، سنڌي ادب ۾ هڪ قابل قدر ذخيرو آهن ۽ جنهن کي اڄ تائين ايتري اهميت نه ڏني وئي هئي. الانا صاحب انهن گنانن جي ٽيڪنيڪي حيثيت کان وٺي انهن جي لساني اهميت تي سخت محنت ڪري نه رڳو ڪي نوان گوشا سامهون آندا آهن، پر ٻوليءَ لاءِ غلط مفروضن کي ريٽڻ لاءِ به چڱو خاصو مواد ڪٺو ڪيو اٿس. قاضي قادن، مخدوم اسماعيل سومري، لطف الله قادريءَ، شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح وغيره جي ٻوليءَ جي مثالن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي ڳچ وقت کان پنهنجي ڳالهائيندڙن جون نه رڳو روحاني ضرورتون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آئي هئي، پر دنيوي ضرورتن: وڻج واپار، ذاتي ۽ واپاري لکپڙهه توڙي تعليم ۽ تدريس لاءِ اعليٰ نثر ۽ نظم جو ايترو ته ذخيرو وٽس هو، جو دنيا جي ڪنهن به زبان سان اُن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ خاص ڪري ان ڳالهه ڏانهن الانا صاحب جو اشارو بنهه موزون آهي ته اهو سڀ ڪجهه ته اسان عربي- پارسي صورتخطيءَ ۾ لکيل نسخن مان کنيو آهي، پر سنڌ ۽ هند بلڪ دنيا جي لائبررين ۾ ناگرڪ ۽ ٻين صورتخطين ۾ الائي ڪيترا سنڌي ڪتاب پيا آهن، جن کي منظرعام تي آڻڻ نهايت ضروري آهي.

”باب ستين کان وٺي موجوده علم ادب بابت بابن ۾ به ڊاڪٽر صاحب وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. شاهه لطيف وارو باب (ستون) آءٌ سمجهان ٿو ته ان لائق آهي ته ان کي الڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته لطيف جي ٻوليءَ کي مونجهارن مان آزاد ڪري الانا صاحب هن جي تهذيبي ۽ ثقافتي عنصرن کي ايترو ته چٽو ۽ واضح ڪيو آهي، جو اها هڪ نئين سوغات آهي. منهنجي کيس گذارش آهي ته ان باب کي ڪجهه وڌائي ۽ سندس همعصر شاعرن يا متقدمين جي ٻوليءَ سان ڀيٽي الڳ ڪتاب تيار ڪري ته سندس اسان تي ٿورو ٿيندو.“

حاصل مطلب ته سراج صاحب جهڙي گهڻ- پهلو دانشور لاءِ هن مختصر مضمون ۾ تفصيل سان لکي نٿو سگهجي.
 

سراج ميمڻ: هڪ ٻهڳڻي شخصيت

 

هيرو ٺڪر

سراج الحق ميمڻ صاحب جي وفات جي خبر بيحد ڌڌڪو ڏيندڙ خبر هئي، جنهن جيءَ کي جهوري ڇڏيو. ڪي گهڙيون ته ان ڳالهه تي اعتبار ئي ڪونه پئي آيو ۽ سندس پياريون پياريون يادون من تي ڇانئجنديون رهيون. سندس تندرستيءَ جي علالت جي ڄاڻ هئم. صحت جو مسئلو کيس ڪافي وقت کان رهندو پئي آيو هو. پاڻ خود به سنڀال وارو شخص هو ۽ سندس ڪٽنب/ پريوار وارا، خاص طور منهنجي ڀاڀي سيما ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر امجد سراج، ڀيڻ فهميده حسين ۽ ٻيا گهر جا ننڍا وڏا ڀاتي پوريءَ طرح سندن سار سنڀال لهي رهيا هئا، اُن ڪري اهڙو انديشو مُور نه هو ته هيئن ويٺي ويٺي هٿ کَس ٿي ويندي.

سنڌ ۽ هند جي سنڌين جو اهو دُرڀاڳُ آهي، جو تازو گذريل وقت ۾ اسان جا ڪيترائي پيارا ۽ مهان اديب اسان کان وڇڙندا رهيا آهن. بين الاقوامي حيثيت واري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نوجوان تخليقي اديبن حسن درس ۽ طارق عالم ابڙي، عظيم شاعرن: شمشيرالحيدري ۽ پرڀو ’وفا‘ ۽ ٻين ڪِن اديبن جي وڇوڙي جا ڦٽ اڃا مڙيا ئي ڪونه آهن، جو مٿان وري پنهنجي پياري اديب سراج الحق ميمڻ جي وڇوڙي جو ڏهاڳ اسان کي مليو آهي

سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻهومکي شخصيت هو. هُو هڪ بيحد معياري تخليقي ليکڪ، بيباڪ ۽ جاکوڙي صحافي، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيات جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل، نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هُو سنڌ جي عظمت تي بجا طور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استحڪامت ۽ سنڌين جي آزادگيءَ ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.

سراج صاحب جي نالي سان منهنجي واقفيت سال 65-1964ع ڌاري ٿي. اُنهن ڏينهن ۾ سراج صاحب جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ شايع ٿيو هو ۽ سندس نالو وڄندڙ هو. ڀارت جي به سنڌي ادبي کيتر ۾، خاص طور لسانيات ۾ چاهه رکندڙن ۾ ڪافي چؤٻولو متل هو. ”سنڌي ٻولي“ جي اشاعت کان اڳُ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت مکيه طرح ٻه رايا مروج هئا: پهريون ۽ جيڪو گهڻائيءَ ۾ عالمن ۾ مقبول هو، سو اهو ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتل آهي ۽ ٻيو اهو ته سنڌي ٻولي سامي (Sometic) سَٿ واري ٻولي آهي. دراوڙي ٻولين سان سنڌيءَ جي وابستگيءَ وارو نظريو اُن وقت تائين اڃا مروج نه بڻيو هو ۽ عام طرح اهو ئي مڃيو ويندو هو ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ٻولي آهي، پر سراج صاحب اِن رواجي ڍنگ سان وهندڙ پاڻيءَ ۾ جيڪو سِروٽو اُڇليو ته اُلٽو سنسڪرت سنڌيءَ مان نڪتل آهي، تنهن سبب وڏو ڌماڪو ٿيو.

”سنڌي ٻولي“ ڪتاب جون ڀارت ۾ ڪي ٿورڙيون ئي ڪاپيون پهتل هيون ۽ هر ڪو اديب اُن ڪتاب ۾ درج ٿيل اُن انقلابي سوچ ۽ نظريي کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ منتظر هو. مان تِن ڏينهن اُلهاس نگر (ڪئمپ) ۾ رهندو هئس ۽ هڪ پراڻي اسي کن ورهين جي عمر واري اديب ۽ ٻوليءَ ۾ گهرو چاهه رکندڙ چوهڙ مل هندوجا ۽ پنهنجي بزرگ متر نارائڻ ڀارتيءَ سان منهنجو نيازمنديءَ وارو رستو هو. اُنهن مڙيئي وڏي لگن سان ڪٿان اهو ڪتاب هٿ ڪيو هو ۽ منهنجي عرض ڪرڻ تي مون کي به ڪتاب پڙهڻ جو موقعو ڏنائون. مون تازو ئي هنديءَ جو وڏي ۾ وڏو امتحان ”ساهتيه رتن“ پاس ڪيو هو ۽سنسڪرت سان به ڪجهه شناسائي هئم، تنهن ڪري انهن ٻولين ڏانهن منهنجي ڪافي رغبت هئي. مون کي اهو به قبول ڪرڻ گهرجي ته اُن وقت علم لسانيات جو مون کي گهڻو علم نه هو. اهڙين حالتن ۾ مون جڏهن اهو ڪتاب پڙهيو ته سراج صاحب وارو نئون نظريو ته ”سنسڪرت، سنڌيءَ مان نڪتل آهي، سو ته مون کي مطمئن ڪري نه سگهيو. جيڪو، بهرحال، ٻين پڙهندڙن جو به خيال هو، پر سراج صاحب ڪتاب لکڻ کان اڳُ، جيڪو حد درجي جو مطالعو ڪيو هو، جنهن جو پرماڻ ڪتاب اندر ڏنل دليلن ۽ حوالن جي صورت ۾ موجود هو ۽ جنهن ڍنگائتي نموني هن پنهنجي نظريي کي پيش ڪيو هو، تنهن جي مدنظر، هن جي علميت اڳيان منهنجو سِر جهڪي ويو ۽ مون سبق به حاصل ڪيو ته ريسرچ جي ڪم ۾ ڪيتريءَ نه جاکوڙ ۽ اڀياس جي ضرورت ٿئي ٿي.

سراج صاحب سان منهنجي وڌيڪ واٽ تڏهن جُڙي، جڏهن هُن ’مهراڻ‘ 1979ع جي 4-3 شماري ۾ مون ڏانهن هڪ کليل خط ’قاضي قادن جو ڪلام‘ ڪتاب جي حوالي سان لکيو. خط ۾ هن منهنجي ڪم جي دل کولي ساراهه ڪئي هئي ۽ لکيو هو ته ”اوهان جيڪا محنت ڪئي آهي، تنهن لاءِ هند سنڌ جا سنڌي ۽ خاص طور ادب جا ڳولائو اوهان جا ٿورائتا رهندا ۽ اڄ جي زماني ۾ جڏهن عربي ئي اسان لاءِ اهم بڻي آهي، تڏهن قاضي قاضن جي نالي کي واقع ئي نهال ڪري پاڻ کي ’سنڌي ادب جو هيرو ثابت ڪيو آهي.‘(مهراڻ 1979، شمارو 4-3)

بهرحال، ايتريءَ ساراهه جي باوجود به هُن کي ڪتاب ۾ ڄاڻايل جيڪي ڳالهيون قابلِ اختلاف لڳيون، تن ڏانهن پنهنجي ليک ۾ چِٽيءَ طرح اختلاف به ظاهر ڪيائين. سندس ان ليک مان سندس علميت چِٽي طرح پيئي بکي، ڇو جو اُن ليک ۾ هُن برٽش ميوزيم ۾ وڃي، اُتان حاصل ڪيل سنڌي بيتن جو ۽ ميوزيم ۾ موجود ڪِن مراٺي ڪتابن ۾ آيل سنڌي شاعريءَ وارن حوالن جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي، سو ڏيکاري ٿو ته هُو ڪيڏو نه وڏو عالم ۽ جاکوڙي هو.

سراج صاحب صرف لسانياتي ماهر ۽ محقق ئي نه هو، پر دنيا جي تاريخ، خاص طور سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ معاشي حالتن تي پوري نظر ۽ پوري دسترس رکندڙ هو. هن پنهنجي اِن ڄاڻ ۽ سنڌ ڌرتيءَ ڏانهن پنهنجي آدر ۽ محبت کي مؤثر نموني لوڪن تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي تخليقيت ۽ افسانه نويسيءَ واري فن تي پنهنجي مهارت کان ڪم ورتو. ان ڏس ۾ هُن جون ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، ’مرڻ مون سين آءُ‘، ۽ ناولن جي ٽِريالاجي- ’پياسي ڌرتي، رمندا بادل‘ واريون تصنيفون، هڪ يگاني حيثيت رکن ٿيون.

دعوتن ۽ ڪچهرين جو به ڪوڏيو هو. جڏهن به سنڌ اچبو هو ته سندس شاندار دعوتن جو لطف ماڻڻ جو موقعو ملندو هو، جتي يادگار ڪچهريون به ٿينديون هيون. هڪ ڀيري اهڙي ڪچهريءَ ۾ سرڳواسي هري موٽواڻيءَ سان گڏ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي صحبت ماڻڻ جو به موقعو مليو. تازو جڏهن جنوري 2012ع ۾ سنڌ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 268ئين عرس جي موقعي تي، مان، ومي سدارنگاڻي، اِندرا شبنم وغيره اتي آياسين ته هڪ شاهي دعوت پنهنجي بنگلي تي رکيائون، جنهن ۾ سندن سمورو راڄُ پريوار به شامل هو، جن سان ملي ڏاڍي گهڻي خوشي ٿي. اُن دعوت ۽ ڪچهريءَ کي اسين سڀ ڏاڍو ياد ڪندا آهيون.

اُن دعوت ۾ سراج صاحب سڀني مهمانن جو شخصي طرح اونو رکندڙ رهيو. هر ڪنهن کي چوي ڀلا هي کائي ڏسو، ڀلا هي ٽيسٽ ڪئي اٿو، ڪچهري به ڪيائين ۽ حال احوال ڏنائين ۽ ورتائين. اُن ئي دعوت جي پڇاڙيءَ واري وقت سندس فرزند ڊاڪٽر امجد صاحب مون کي پاڻ سان پاسيرو وهاري ٻڌايو ته بابا جن جي ڦڦڙن جو پرابلم مڙيئي ڪجهه وڌيل آهي ۽ اسان ٻڌو آهي ۽ Net تي معلومات حاصل ڪئي آهي ته دهلي (اِنڊيا) ۾ ان جو سُٺيرو علاج ميسر آهي. ان ڏس ۾ مون کان به راءِ پڇيائون ۽ مون کيس ٻڌايو ته برابر دهليءَ جي بلڪل ويجهو گڙگانءُ ۾ ”ميدانتا اسپتال“ ۾ اِن جي specialization آهي ۽ دنيا ڀر مان ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا ۽ کين به ان جو ضرور فائدو وٺڻ گهرجي. مون کين چيو ته مان دهليءَ ۾ رهان ٿو ۽ مون کي ڪنهن به قسم جي مدد ڪرڻ ۾ فقط خوشي ئي حاصل ٿيندي، پر منهنجن هنن ڀائرن مون کي ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ موقعو نه ڏنو، ڪا به تڪليف ڏيڻ واجب نه سمجهيائون ۽ اوچتو هڪ ڏينهن امجد صاحب جو فون آيو ته بابا جن ميدانتا ۾ علاج ڪرائي رهيا آهن ۽ ٺيڪ طرح سڀ ڪجهه هلي رهيو آهي. خير، مان ٻئي ڏينهن صبح جو ئي ميدانتا اسپتال ۾ پهچي ويس ۽ حالي احوالي ٿياسين. اُتي ٻن ٽن هفتن جي علاج بعد هو مطمئن ٿيا ۽ مون به کين پنهنجي غريب خاني ۾ پڌارجڻ جي دعوت ڏني. هڪ ٻن ڏينهن بعد مون کي ٻڌايائون ته سڀاڻي صبح جو ڪجهه وقت لاءِ تو وٽ اچي رهيا آهيون.

مون لاءِ اها ڏاڍي خوشي جي ڳالهه هئي ته منهنجو وڏو ڀاءُ خوش چڱو ڀلو ٿي، مون وٽ ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي. مون پڻ سراج صاحب جي ٻين ڪِن دوستن- ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، لڇمڻ ڀاٽيه ڪومل، موهن همٿاڻي، ’دل سنڌ‘ جي ايڊيٽر مهيش ڇاٻڙيا، آنند کيماڻي وغيره کي مانيءَ جي دعوت ڏني. پنج ڇهه ڪلاڪ ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. سڀ دوست سراج صاحب ۽ امجد صاحب جي صحبت ماڻي دلي طرح خوش ٿيا. اُهو اڳئين سال فيبروريءَ جي آخر وارو سمو هو. ان دوران معلوم ٿيو ته ٻئي ڄڻا علاج مان مطمئن هئا ۽ اسان کي به دلي سڪون رسيو ته ڀاءُ چاڪ چڱو ڀلو ٿي واپس گهر ويندو.

تنهن کان ٻن ٽن ڏينهن بعد ئي هنن جي ڪراچيءَ ڏانهن روانگي هئي ۽ هن ڪراچي پهچي، چڱڀلائيءَ جو اطلاع ڏنو هو.

سراج ميمڻ دوست، منهنجو ڀاءُ

 

امر جليل

مون کي ٺيڪ سان ياد ناهي ته اپريل 1972ع جي اها ڪهڙي تاريخ هئي، سراج مون کي چورائي موڪليو هو ته سڀاڻي شام جو ستين لڳي شيزان ۾ اچ، چانهه پئينداسين ۽ لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين.

مون کي اچرج ٿيو هو، اچرج اُن ڪري ٿيو هو، جو دوستن هُلائي ڇڏيو هو ته سراج مخصوص دوستن جي دائري کان ٻاهر نه ڪنهن سان ملندو آهي ۽ نه ڳالهائيندو آهي. ڪنهن سان به ڊيگهه نه ڪندو آهي، سندن دوستيءَ جي  دائري ۾ شامل هوندا هئا، گڙنگ ليکڪ ۽ شاعر- رشيد ڀٽي، جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، رشيد آخوند، ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري ۽ نورالدين سرڪي وغيره. تنهنڪري منهنجو اچرج اجايو نه هو. ادب ۾ منهنجو نالو معتبر نه هو. يارن دوستن مشهور ڪري ڇڏيو ته مان ملحد هوس، منڪر هوس، نظريه پاڪستان جي بنيادي ٻه قومي ٿيئريءَ جو مخالف هوس، دين ڌرم کان آجو هوس. سندن راين ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه هو. ان وقت تائين مون نج تصوف جي تڏي تي هميشه لاءِ سر جهڪائي ڇڏيو هو....

مون پهرين ڪهاڻي 1956ع ۾ لکي هئي ۽ ان کان پوءِ لاڳيتو چار پنج سال وساري ڇڏيو هيم ته ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به لکي هيم. اندر ۾ ڏاڍي اڻتڻ هئي. بيچيني هئي. زندگي، موت، مجبوري، بيوسي، بغاوت، ويڙهه ۽ حالتن سان ٺاهه نه ڪرڻ جهڙا انيڪ ويچار ۽ رويا مون کي اڪيلو ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي هئا.

ورهين جا ورهيه اڪيلائين ۾ ڀٽڪندي هڪ انوکي دڳ جا در منهنجي لاءِ کلندا ويا. هڪ راهه مان هزارين نڪرندڙ راهن مون کي نه مُنجهايو. هڪ راهه تي اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ موٽڻ ممڪن لڳندو آهي. پر راهن مان نڪرندڙ انيڪ راهن جي راهي ٿيڻ کان پوءِ موٽڻ امڪان کان ٻاهر هوندو آهي. انهن راهن تي هلندي مون موٽي وڃڻ جي امڪان بابت ڪڏهن ڪونه سوچيو ۽ نه اڄ تائين سوچيو آهي. مون کي موٽي اچڻو ناهي، مان موٽي نه ايندس.

راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مان لاڳيتو لکندو رهيس. مسلسل لکندو رهيس. جيڪي وڻيو، جيئن وڻيو، تيئن لکندو رهيس. اندر جي اظهار لاءِ اهڙي قسم جو رويو مون کي راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مليو آهي. امان جي اُسهڻ کان پوءِ مان لاڳيتو لکندو رهيس. ڪنهن کي وڻيو، ڪنهن کي نه وڻيو. ڪنهن دعا ڏني، ڪنهن بددعا ڏني. ڪنهن گاريون ڏنيون، ڪنهن گل ڏنا. ڪنهن کڏ کوٽي، ڪنهن مان ڏنو. ڪنهن ڀر ۾ ويهاريو، ڪنهن ڀر مان اُٿاري ڇڏيو.

اهڙي نيم پاڳل ليکڪ کي سراج چوائي موڪليو، ته فلاڻي تاريخ شام جو صدر واري شيزان ۾ ملنداسين، لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين.

تاريخ مون کي ياد ناهي. مهينو اپريل جو هو ۽ سال هو 1972ع . اُن دور ۾ سنڌي ادب تي اياز، جمال، سراج، رباني ۽ رشيد جي هيبت ويٺل هوندي هئي. اُنهن مان ڪنهن سان به منهنجي ڪا خاص ڏيٺ ويٺ نه هوندي هئي. بس اوچتو ڪٿي ڪٿي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي. سراج جي باري ۾ مشهور هو ۽ اڃا به اهو ساڳيو تاثر برقرار آهي ته تمام سختگير طبيعت جو مالڪ آهي. کلندو ته اصل ڪونهي. مرڪي پوي ته وڏي ڳالهه. سپيرئر سروسز جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ اڳ نڪري ويو هو ۽ وڃي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو هو. ٻڌائيندا آهن ته آفيسريءَ دوران منسٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو هو. سندس رعب تاب اهڙو، جو ڪو به جهڙو تهڙو، اثر رسوخ وارو شخص ساڻس کشٽ ڪري نه سگهندو هو.

ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيو. اهڙا ته لاها چاڙها آيا، جو لکپتي ڀنواٽيون کائي ڪکپتي ٿي ويا ۽ ڪي ڪکپتي ڦري گهري لکپتي ٿي پيا. سرڪاري ڪامورن لاءِ رڻ ٻري پيو. پڪڙ ٿي. ڇنڊڇاڻ ٿي. سراج واندو ٿي وڃي وڪالت سان لڳو. انڪم ٽيڪس جي ڪيسن ۾ اسپيشلائيز ڪيائين. ذهين بي انتها هو، وڃي سپريم ڪورٽ جي ايوانن تائين پهتو.

الاءِ ڪٿي ۽ ڪيئن ذوالفقار علي ڀُٽي جي دوربين نگاهن ۾ اچي ويو ۽ هو پيپلز پارٽيءَ جو ٿي ويو. سن هو 1972ع. مولانا ابوالڪلام آزاد جي پيشنگوئيءَ مطابق وجود ۾ اچڻ کان چوويهين سال پاڪستان 1971ع ۾ اڌ ٿي چڪو هو. مشرقي پاڪستان ٿي پيو هو بنگلاديش ۽ رهيل حصي مغربي پاڪستان کي ذوالفقار علي ڀٽي ڦيرائي پاڪستان ڪيو. هن وقت اوهين جنهن پاڪستان ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو، سو پاڪستان 1971ع کان اڳ مغربي پاڪستان هو. موجوده پاڪستان جو ڪو وجود نه هو. موجوده پاڪستان 1971ع ۾ ٺاهيو ويو. اصل ۾ پاڪستان نالو هو پنجن صوبن جي فيڊريشن جو. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ مشرقي پاڪستان. 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان علحيدگي اختيار ڪئي ۽ مشرقي پاڪستان مان ڦري بنگلاديش ٿي پيو. مشرقي پاڪستانين وانگر مغربي پاڪستان کي نئون نالو ڏيڻ بدران ذوالفقار علي ڀٽي 1947ع ۾ پنجن صوبن جي فيڊريشن واري ملڪ کي پاڪستان جو نالو ڏنو. اصل ۾ چئن صوبن واري موجوده پاڪستان جي عمر 37 سال آهي. 61 سال ناهي. ها! پنجن صوبن وارو پاڪستان وجود ۾ هجي ها ته اُن جي عمر 61 ورهيه هجي ها.

1971ع ۾ وجود ۾ آيل چئن صوبن واري پاڪستان کي شاڪ مان ڪڍڻ لاءِ، وري پيرن تي بيهارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ويو فيصلن مٿان انقلابي فيصلا ڪندو. انهن فيصلن جو وڏي ۾ وڏو مقصد هو ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ، آگاهي آڻڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ. ملڪ فقط تڏهن ابتر حالتن مان اڀري سگهندو آهي، جڏهن ماڻهن ۾ خودداريءَ جو احساس پيدا ٿي پوندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org