مئين شاھه عنات جا وڏا ڇھين صدي ھجريءَ ۾ بکر ۾ اچي سڪونت پذير
ٿيا. اٽڪل ٽن صدين گذرڻ کان پوءِ ھڪ پاڙو لڏي
نصرپور آيو. جنهن جي مبارڪ پوٽا شاخ مان شاھه عنات
ڄائو(١٢). سندن اصل تعلق امام موسيٰ رضا جي اولاد
مان سيد ابوالمڪارم زيد سان آھي، جيڪو ھڪ زاھد ۽
عابد ھو ۽ مڪي شريف ۾ وڏي حيثيت ۽ اثر وارو ھو. ان
جو فرزند سيد قاسم اول جو اولاد سنڌ ڏانهن
آيو(١٣). ھي خاندان شيخ شھاب الدين سھرورديءَ جي
عقيدت سبب سھروردي طريقي جو پوءِ لڳ ھو. سيد محمد
شجاع، شيخ شھاب الدين جي نياڻي پرڻيون. ان مان سيد
محمد مڪي ڄائو، جيڪو پوءِ سنڌ ۾ سڪونت پذير
ٿيو(١٤). ھن خاندان جي مختلف پاڙن ۽ شجرن جا تفصيل
ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي تاليف مئين شاھه عنايت جو ڪلام
۾ ڏنا آھن(ڏسو ص ٢٢ کان ٢٩). اولادي ٿيڻ کان پوءِ
ميون شاھه عنات ويجھو ٻئي ڳوٺ شاھه پور ۾ اچي
ويٺو.
مئين شاھه عنات جو والد شاھه نصرالدين ھڪ نيڪ سيرت ۽ عابد زاھد
ھو. ٽي شاديون ڪري چڪو ھو. انهن مان کيس ھڪ فرزند
سيد احمد ۽ ٥ نياڻيون ٿيون. ارادت ڪري شاھه خير
الدين ڏانهن سکر ويو. جنهن جي حڪم سان چوٿين شادي
ڪيائين. جنهن مان کيس عنايت سائين ڄائو، جيڪو اسان
جي شاعر ميون شاھه عنات جي نيڪ نالي سان مشھور ٿيو
)١٥).
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خيال موجب
ميون عنات جي ولادت اندازا ١٠٣٠-١٠٣٥ع واري عرصي ۾
ٿي. سندس ابتدائي تعليم بابت ڪو اعتبار جوڳو احوال
ڪو نه ٿو ملي(١٦). ڊاڪٽر صاحب ان باري ۾ وڌيڪ لکن
ٿا: ”وقت جي دستور موجب شاھه عنات جو مڪتب ويھڻ ۽
ابتدائي تعليم پرائڻ فرينقياس نظر اچي ٿو: پر
غالبا مدرسي جي تعليم حاصل ڪا نه ڪيائين. نصرپور
جي رضوي ساداتن ۾ فارسي تعليم عام ھئي. شاھه عنات
ڏھن ٻارھن سالن جو مس ھو جو غالبا سندس والد شاھه
نصرالدين وفات ڪئي. جنهن ڪري شاھه عنات جي تعليم
تي پڻ اثر پيو. والد جي وفات بعد شاھه عنات جي
سنڀال وڏي ڀاءُ مئين احمد شاھه ڪئي. خاندان روايت
مان گمان نڪري ٿو ته ميون شاھه عنات ننڍي ھوندي
قدري خود خيال ۽ رسمي پابندين کان آزاد ھو. کيس
راڳ ٻڌڻ جو شوق ھو ۽ آزاديءَ سان عام ڪچھرين ۾ اٿڻ
ويھڻ لڳو. شروع ۾ وڏي ڀاءُ مئين احمد شاھه کيس
تنبيھه ڪئي، پر آخر بيوس ٿي پنهنجو پاڻ
پليائين(١٧)”.
ھي ڳالھيون ڪنهن جي شخصيت جي ابتدائي خاڪي جي نشاندھي
ڪن ٿيون. راڳ ۽ ساز شاعريءَ جي ھڪ جز مثال آھن.
جوانيءَ جي دؤر جي شروعات ۾ پنهنجو منڊل مچايائين.
ھاليپوٽا ۽ دل قوم مان يڪي بعد ديگري ٽي شاديون
ٿيون. اعيال ۽ اولاد وارو ٿيو(١٨). کيس گھوڙن جو
شوق ھو، خاص طور ڀليون گھوڙيون رکيائين. ڀلن گھوڙن
جي تعريف ۾ سندس ھي بيت مشھور آھي.
رنگ روجھو رھوار، قد پورو ڪاسو چري،
منهن ميٺو نه آکـُري، سنئون تيز سچار،
ھينڙو ٿئي قرار، اھڙي اسب عنات چئي.(١٩)
ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ موجب ھي شوق اڃا به سندن خاندان ۾
ھليو اچي(ص ٣٤). ان شوق کان سواءِ زندگيءَ جا ٻيا
پھلو ۽ لاھا چاڙھا مئين عنات جي زندگيءَ ۾ آيا.
جوانيءَ جي موٽ ۽ فقيري ڏي لاڙو، وري پيري. اھي
حياتيءَ جا ڀرپور دؤر ھڪ انسان لاءِ خود وڏا سبق
آھن. ھن جي زندگيءَ ۾ انقلاب اچن ٿا. ھو ٻين واسطي
دارن ۽ عام انسانن سان لھه وچڙ ۾ اچڻ سان وڌيڪ
تجربيڪار ٿئي ٿو. مئين عنايت پنهنجي مطالعي ۽
مشاھدي مان جيڪو سکيو. ان جو ھڪ پھلو شاعري آھي.
مئين عنايت ١١٢٠-١١٢٥ ھه ڌاري وفات ڪئي. اندازا اھو دؤر
١٧١٣ يا ١٧١٤ع ٿي سگھي ٿو. جي مئين عنات، شاھه
لطيف کي ڏٺو ھوندو ته شاھه صاحب ڦوه جوانيءَ ۾ ٢٤
سالن جو ھوندو. مئين عنات جا پنجاه کان مٿي بيت
شاھه جي رسالي جي پراڻن نسخن ۾ اچي ويا. عام خلق ۾
اھي ڳالھيون به مشھور ٿيون ته مئين عنات پھرين
سسئيءَ بابت بيت ڪو نه چيا ھئا. پوءِ شاھه لطيف
کان کيس ترغيب حاصل ٿي. مئين عنايت جي اولاد ۾ ٻيا
به شاعر پيدا ٿيا: جن ۾ شاھه شريف، ان جو پٽ بلال
شاھه ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. مئين عنات جي معيار کي ڪو
به نه رسيو. سندس رسالو، ابتدائي رسالن مان ھڪ
آھي. مقدار جي لحاظ کان به اول رسالو آھي. مئين
عنات جي ڪلام ۾ توحيد، تصوف، اخلاق، نيم تاريخي
داستانن ۽ ثقافتي اھڃاڻن جا عڪس ملن ٿا.
رسالي(ڪلام) ۾ ٢٢ سـُر آھن. جي ھي آھن: ڪلياڻ،
جمن، کنڀات، سري راڳ، رامڪلي، مارئي، پرڀات،
ڌناسري، جيتسري، پورب، ليلا، آسا، ڪاپائتي، ڏھر،
مومل راڻو، بلاول، ديسي، سورٺ، سارنگ، توڏي، ڪاموڏ
۽ ڪارائيڙو.
ميون شاھه عنات ھڪ صوفي شاعر ھو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مئين
عنات جي ڪلام جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”مئين شاھه
عنات قالب گھڙيا ته ڀٽائي صاحب اھي سوڌي سنواري
ڀريا. مئين شاھه عنات ديوارون کنيون ته ڀٽائي
عمارتون اڏيون ۽ مئين شاھه صورتون ايجاد ڪيون ته
ڀٽائي صاحب اھي روح ڦوڪي جاڳايون، ميون شاھه عنات
ڄڻ ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ اڳواڻ بنجي آيو(٢٠).“
اھو بلڪل صحيح آھي ته شاھه ڀٽائي، مئين شاھه عنات ۽
پنهنجن ٻين پيشرو شاعرن، جن ۾ شاھه ڪريم به اچي
وڃي ٿو، مان فن ۽ موضوعن ۾ گھڻو پرايو. بيشڪ مئين
عنات جو ڪلام اثر وارو ھو جو ڀٽ ڌڻيءَ جھڙو عظيم
شاعر به ان کان متاثر ٿيو. شاھه جي رسالي ۾ اھڙو
اثر نمايان آھي. اھو ٻنهي شاعرن جي ملاقاتن ۽
شاعرانه ڪچھرين جي سبب ٿيو.
ميون عنات پنهنجن موضوعن ۽ ٻوليءَ جي ڪري ھڪ شاھوڪار
شاعر آھي. وٽس شاعريءَ جي ڪنهن به پھلوءَ ۾ وکر جي
ڪمي ناھي. سنڌيءَ ۾ بيتن سان گڏ جيڪي وايون ھٿ
آيون آھن، اھي به مئين عنات جي ڪلام ۾ آھن.
سـُر ڪلياڻ ۾ صاحب جي ساراه ۽ لست جي اقرار بابت چوي
ٿو:
الست ارواحن کي، جڏھن جاڳايو جبار،
رڙھي رھبر رسيا، سي سـُل مون نبي يار،
مـُلڪين فـفلڪين پڌرا، آگي ڪيا اظھار،
ساڪن ڪيا ستار، اوڏا سي عنات چئي.
مئين عنات جو ناصحانه انداز نهايت موثر آھي:
اڻ چوندن ڪيم چو، چوندن چيو وسار،
اٺئي پھر عنات چئي، پر اِھائي پار،
پايو منهن مونن ۾، غريبت ساڻ گذار،
مفتي منجھه وھار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين.
ڌڻي سڳوري ڪھڙا ڀلال ڀلايا آھن، قادر جي قدرت جو ڪو
سنڌو سيڙھو ڪونهي، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ سڄي ڪائنات جي
پرک ۽ پروڙ ڪير ڪري سگھي:
سائر لھريون ريج وڻ، جئن سي پکين پک،
وڏا وڻ ويڙھين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪک،
اونهون ڏيھه عظيم جو، پييم تان نه پرک،
تهان مٿي لک، آءٌ ڀال ڀلي جا ڀانئيان.
مئين عنات جو ڪلام به سـُر وار رسالي جو ھڪ مثال
آھي. سـُر رامڪليءَ ۾ ويرناٿ جوڳيءَ جو حوالو
ڏيندي چو ٿو:
جوڳي ٿئين ته ويرناٿ ٿي، نا ته نالو ڳنهه م جوڳ،
ادب ڪر عنات چئي، ڇڏي ريائون روڳ،
اندر عظمت روڳ، ته ناٿ نظاري سين ٿئين.
پورب ۾ پرين لاءِ ڪانگ ااڏائيندي، کيس ياد ڪندي چوي ٿو:
پورب پرين سندام، آھين الاباس ۾،
اڏايان عنات چئي، ڪالھون ڪي ڪانگ،
خبر سڀ ڏيندام، جي ماءُ مالـَو آئيا.
مجاز جو رنگ مئين عنايت جي ڪلام ۾ پنهنجي مخصوص انداز ۾
آھي. محبوب کي چوي ٿو ته اچ اکين ۾، تارن ۾ اوتارا
اچي ڪر، نيڻ تولاءِ ڄڻ وڇاڻو آھي:
تارا او تارا، ونيون وڇاڻو پرينءَ جو،
سيئي اڱڻ آئيا، جي جيءَ جا جيارا،
پـَسي پيارا، اکين آسون پنيون.
مئين شاھه عنات جي ڪلام جي سـُر وار ۽ موضوع وار تقسيم
ڏسي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھي سرشوت ان کان
وڌيڪ پختي بنياد تي بيٺل ھو، جنهن جا اھڃاڻ مخدوم
نوح، شاھه ڪري، قاضي قادن ۽ ٻين آڳاٽن شاعرن جي
ڪلام ۾ ملن ٿا. اڳ ۾ به سنڌ جي نيم تاريخي داستانن
جي عنوانن تي بيت ملن ٿا، جن ۾ خاص طور شاھه ڪريم
جو ڪلام ڌيان ڇڪائي ٿو. اڻھيءَ پس منظر ۾ ڏسبو ته
مئين شاھه عنات جي ڪلام جي سـُر وار تقسيم نسبتا
پختي پايي تي آھي. سورمين وارن سـُرن سان گڏ موضوع
وار سـُر جھڙوڪ: جيتسري، ڪاپائتي، کنڀات ۽ رامڪلي
ناميان آھن. ڪاپائتيءَ جو سـُر ڪتڻ وتڻ ۽ سجاڳ رھڻ
جو سبق سيکاري ٿو. ميون عنات ھن سـُر ۾ خيالات جو
اظھار سھڻي نموني ڪري ٿو:
ٻيون سڀ ڪتن رات، مون ننڊائي نه لھي،
اوگھٽو عنات چئي، پـُڇن سـُٽ پرڀات،
سنهون جني ساٿ، مرڪي اوءِ مٽينديون.
-
تاڃي ڍيرئون ڍير، اڄندي عنات چئي،
تنهن ۾ ڪھڙو سير، اڻڻ ۾ اوکو ٿيو.
سـُر ديسي سسئيءَ جي بيان ۾ آيو آھي، پوءِ شاھه جي
رسالي ۾ سسئيءَ جي بيان ۾ پنجن سرن مان ھڪ سـُر ٿي
آيو. سسئيءَ جو بيان مئين عنات جي ڪلام ۾ جذبات جي
فراوانيءَ ۽ وڇوڙي جي غم کي پوري جوش سان ظاھر ڪري
ٿو.
گولي بندي ڏاه، زر خريد جتن جي،
آجپڻ عنات چئي، ھٿ آريچن آه،
سو مان سڏ سھاءِ، جئن ٻانهي ڪوٺين ٻاجھه سين.
-
انهان ونهان گھاٽيون، جـِت آڏا جاڏا لڪ،
زھري بحري باز برن ۾، چلئو پائن چڪ،
نـِيـُون نڪون نونڌڙا، جت اڙالون آما اڪ،
منجھان اڪنڊ عنات چئي، ھلي ڪارڻ حق،
جـِت جھولا لڳن جـَھڪ، ات ڦيرج واڳ فقير تي.
ميون عنات ڪنهن به موضوع جا تفصيل بيان ڪرڻ ۾ به برجستو
آھي، مثال طور جانورن ۽ وڻن ٽڻن جو ذڪر ڪرڻو آھي
ته چوي ٿو: راڪس، ريڪس، گڍ، گورکر، گوگينورلڪ لس-
يا: لـِٺ ڪـَھـُو، نم، نيٽ، نڙ، جت ورک وسيھڙ ويڙ.
سسئيءَ کي غفلت ڇڏڻ ۽ ستي ٿي سندرو ٻڌڻ لاءِ ھيئن
ھمت ڏياري ٿو:
تتي ڪوسي ڪاه، ڪانهي ويل وھڻ جي،
اٿ سسئي ٻڌ سندرو، تنهنجو پنڌ پرانهون آه،
عش آري ڄام جو، چقمق جيئن چھٽاءِ،
اکين مان عنات چئي، پاڻي پنبڻين واه،
ڪانهي ان اونداھ، جن ڏٺو پير پنهونءَ جو.
سارنگ سائي سٽ، جھڙي لالي لاک جي- سانرگ سـُڪار کڻي
آيو. ھي رحمت جو ريلو عالم کي آباد ڪرڻ آيو. مڪي
وٺو ته ملتان نه وٺو. عمرڪوٽ تي به ولھار وٺا.
ميون عنات فرمائي ٿو.
ڪيائون ميران سندو مـُجرو، جر ڪيون سي جيلان،
وري غوث بهاءُ الدين وٽ، مـَرڪيون ۾ ملتان،
کـِوي خـُراسان، سک وسايئون سنڌڙي.
-
کويون خراسان، ڊھا دلھيءَ ڏينديون،
اچي اچ اکتيـُون، مـَڪريون منجھه ملتان،
رات وھائن”ريل“ ۾، سر”ڀي ڀوٽي“ڀان،
رئا پـَٽ پـُراڻ، ڀر ونگي وڌايو.
ائين سـُر توڏي، سھڻيءَ جي جذبات جو آئينو آھي. سھڻيءَ
جو ذڪر ھن ريت آھي:
گھڙڻ منهنجي وس، مڙڻ ھٿ ٻين جي،
ساھڙ سڪندين جي، مـَڇڻ پوءِ عڪس،
تن جو باب نه بس، پرين جنهن جو پار ۾.
اونداھي رات ۾ نه وسيلو نه سيڻاه ساڻ سڪ وندين لاءِ ڪو
حليو ڪونهي. ان صورتحال ۾ شاعر چوي ٿو:
رات اونداھي ري گھڙي، نه ڪا سيڻھه ساڻ،
وجھي ويرم نه ڪري، پريان ڪارڻ پاڻ،
محبت کي مھراڻ، سـُڪـِي سڀوئي پٽ ٿيو.
سھڻي سڪ وندي آھي ته نوري عجز،
انڪساري، نهٺائي ۽ نماڻائيءَ جو مجسمو ۽ جيئرو
جاڳندو مثال آھي. اصل کي اصل نٿي وساري. راڻي ٿي
ته به ماضيءَ جي غاريبي گذران کي نه وساريائين.
جنهن مٿان ڄام خود مورڇل ٿي ھنيو. تنهن جي
نهٺائيءَ جي ڪا حد ھئي؟ تخت بخت به ھو. سڀ نوريءَ
اڳيان ٿي نميا، پر نوري ڇا ٿي سوچيو؟ شاعر چوي ٿو:
تخت بخت تڙ تماچي، نوريءَ سڀ نـَون،
نانءُ نيابت گندري، سڀني سونهن سـَمن،
لکين لياڪا ڪيا، ساري رات سـَڀـَن َ
ٻايون دادون تنهن کي، اچيو پير پـُڄـَن َ،
ڪامڻ ڪام عنات چئي، تنهن کي آھي منجھه اکين،
ڏنيس ڏيھه ڌڻين، معافيءَ جي مھر ڪري.
مئين عنات جي ڪلام ۾ بيتن سان گڏ وايون به آھن. انهن جا
موضوع سـُرن موجب آھن. مثلا سـُر ڌناسريءَ ۾ بزرگن
جي ثنا آھ. انهن جا نالا وٺي کين ياد ڪيو ويو آھي.
تنهنجي ڀاون ساه ڀلائي، سـُڄي سڀئي ڏيس ۾،
وھر ودودي جي ضياءُ الدين، اڱڻ ھون الاھي،
تنهنجي ڀاون شاھ ڀلائي
سـُريندن کي رسي سگھوئي، محمد باقر ڀائي،
تنهنجي ڀاون ساه ڀلائي.
مارئيءَ جي سـُر ۾ چوي ٿو:
ٿرٿاريلن ساڻ، يا الاھي مون ڳجھي آھي ڳالھڙي،
تو مـُل تڪيا تو شڪون، تون عمر سلطان،
مون کٿا سـَٿا کـِھه جا، تن ويڙھيچن وڇاڻ،
پئي م عمرڪوٽ ۾، تنهن کٿيريءَ کرجاڻ،
يا الاھي مون ڳجھي آھي ڳالھڙي(٢١).
نه رڳو پنهنجي دؤر تي مئين عنات ڀرپور اثر ڇڏيو، پر
سندس پويان ايندڙ دؤر جنهن ۾ شاھه عبداللطيف ڀٽائي
۽ سندس ھمعصر به ھئا؛ انهن تي مئين عنات جو اثر
بلڪل واضح بيٺو آھي.
احسان فقير لانگاه(١١-١٢ صدي ھجري)
جن شاعرن جو ڪلام شاھه جي رسالي ۾ اچي ويو آھي، انهن
لاءِ ايئن سمجھي سگھجي ٿو ته اھي وڏا ھمعصر يا
آڳاٽا شاعر آھن. مئين عنات رضويءَ وانگر شاھه صاحب
کان ٤٠-٥٠ سال وڏا ھئا. انهن لاءِ اھو اندازو
لڳائجي ٿو ته يارھين صديءَ جي اڌ يا آخر ۾ ڄاوا ۽
ممڪن آھي، ٻارھين صدي ھجري جي ابتدائي ڏھاڪن ۾
گذاري ويا. احسان فقير لانگاه ھالائي٤ لاءِ به
اھو خيال آھي.
احسان فقير ھالن جو ھو. مخدوم سائين محمد صالح ڀٽي
ھالائيءَ سندس چيل ڪيڏاري جي باري ۾ بحث شروع ڪيو،
جو بعد ۾ سندس ڪتاب ”ڪيڏارو جامع ۽ محقق“ جي صورت
۾ محمد يوسف برادرس حيدراباد ڇپايو. پروفيسر محبوب
علي چنه لکي ٿو ته: ”ڪيڏاري جي بحث جو پھريون محرڪ
مخدوم محمد صالح ڀٽي ھو(٢٢).“
احسان فقير جي سوانح عمري ۽ ذاتي احوال ڏي ڪو خاص اشارو
ڪو نه ٿو ملي. سندس ڪيڏاري ۽ شاھه عبداللطيف جي
رسالي واري ڪيڏاري جي بنسبت بحث جي حوالي سان
مشھور ٿيو آھي. پروفيسر چنه جنهن ڳالھه ڏانهن
اشارو ڪيو آھي. ان ڪيڏاري جي بحث جي ابتدا پھرين
مخدوم صاحب ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي ١٨-١٩١٩ع وارن
مخزن ۾ ڪئي. ان کان پوءِ ٢٠ مارچ ١٩٢٠ع تي مرزا
قليچ بيگ ڏانهن پنهنجو سمسودو احسان فقير جو
ڪيڏارو خط سان ڏياري موڪليائين. مسودو تصحيح لاءِ
موڪليائين. جنهن ۾ ٤٣ بيت احسان فقير جا ھئا. ان
بحث کي جملي ٻين روايتن سان مولانا دين محمد
وفائيءَ پنهنجي ڪتاب لطف اللطيف ۾ آندو. ھونئن
احسان فقير جي ڪيڏاري بابت دليل مخدوم صاحب سنڌ
مسلم ادبي سوسائٽي جي ٣٣-١٩٣٤ع واري اجلاس ۾ ڏيئي
چڪو ھو. سوسائٽيءَ جي ڪارروائي”ادبي تحفو“ ۾ ھي
بحث شايع ٿيو ھو.
ھيڏانهن ١٩٦٠ع ڌاري مون جڏھن ھن موضوع جو مطالعو پيش
ڪيو ۽ انهيءَ بحث جو جائزو پئي ورتم ته ڇا رسالي
وارو ڪيڏارو شاھه جو آھي يا احسان فقير جو؟ ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي رسالي بابت لکندي بحث ھيٺ اچڻو پيو.
ان وقت دوست محترم محمد سومار شيخ کي بدين تعلقي
جي سيراڻي شھر مان سيد مٺو شاھه کان شاھه جي رسالي
جو ھڪ قلمي نسخو مليو. ھن ۾ ڪيڏارو احسان فقير جو
به ھو. محمد سومار مون کي به ھي قلمي نسخو
ڏيکاريو. مون ڀيٽان ڀيٽي ڪري پنهنجو
ڪتاب”ڪنزاللطيف“ مڪمل ڪيو جو ١٩٦١ع ۾ شايع ٿيو.
مون ھن مطالعي مان جيڪي نتيجا ڪڍي پنهنجي مذڪوره
ڪتاب ۾ ڏنا اھي ھي آھن:
مولانا وفائي پنهنجي ڪتاب ”لطف اللطيف“ ۾ مرزا قليچ بيگ
جي حوالي سان بحث ڪيو ۽ سانگيءَ جي ڪتاب لطائف
ليطيفي جي سـَنـَد َ تي چيو ته ”ڪيڏارو شاھه جو
آھي. پر فصل ڇھون فتح فقير جو آھي“. ١٨٨٧ع ۾ قليچ
بيگ ڪيڏاري کي شاھه جو چيو پر ١٩٢٠ع ۾ ھو خود ان
بابت مونجھاري ۾ پئجي ويو. مولانا وفائي، شاھه جي
رسالي واري ڪيڏاري جا ٤٣ بيت احسان جي تصنيف ٻڌائي
ٿو ۽ چوي ٿو ته رسالي ۾ ڪيڏاري جا ڪـُل ٧٠ بيت
آھن. وفائي صاحب ٧٠ مان ٤٣ ڪاٽي ٿو. باقي بچيا ٢٧
بيت، فتح فقير ج حوالو ڏنل ١٩ بيت ڪاٽبا ته ٨ بيت
بچندا. مخدوم محمد صالح ١٢ بيت صادق فقير جا
ڄاڻائي ٿو. حسان موجب ٨ مان ١٢ ڪٽي نه سگھبا. ھن
مان لڳي ٿو ته ڏنل دليلن ۽ حوالن مان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ
غلط آھي.
ٻيو ته زبان ۽ بيان جي لحاظ کان به شاھه جو رسالي وارو
ڪيڏارو مختلف آھي. مخدوم صاحب وارو احسان فقير جو
ڪيڏارو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ھيڏانهن اھوئي مٺو شاھه
واري قلمي رسالي ۾ موجود آھي. ڪل ١٤ بيت آھن. ھر
بيت ۾ تخلص آڻي ٿو. شاھه صاحب ڪيڏاري ۾ الاھي
اسرار سڏي ٿو ۽ آسان زبان ۾ امامن جي شاھدت تي
روشني وجھي ٿو. احسان جي زبان سخت آھي. مثال طور:
عليءَ جي اولاد سين، سرڪش ٿي م شديد،
ڇڏ ارڏائي احسان چئي، نابينا نا ديد،
ايءَ پڻ ڳالھه بعيد، جئن طاعت مڃين تنهنجي.
-
فائق ھلي فرات تي، آيو علي عباس،
پاڻيءَ کان پياسو، تن ۾ ڪري تپاس،
آءٌ ڪيئن پيان امام ري، مو مون وڃن ساس،
راه پٺيان راس، احسان چئي امام کي
احسان فقير پنهنجي ڪلام ۾ تخلص طور احسان چئي، چوي ٿو ۽
ڪٿي به ”احسان سين“ نه آندو اٿس. مٿي ھڪ دليل جي
ڳالھه ڪيم پر معيار جي لحاظ کان ڏسجي ته شاھه جي
رسالي وارو ڪيڏارو احسان فقير جو ھرگز نه آھي. ڪي
بيت ڪن ٻين شاعرن جا ھجن ته ٿي سگھي ٿو- نه ته ھي
مونجھارو حل ٿيڻ مشڪل آھي.
سـُر ڪيڏارو جا حواللو ڏنل ٤٣ بيت مونجھاري جو خاص سبب
آھن. ھڪڙو حوالو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ھي آھي ته
احسان فقير، ھالن جي آڳاٽي بزرگ سيد عبداللطيف
قادريءَ (وفا ٧٥١٠ھه) جو مريد ھو. ان جي ترغيب سان
ڪيڏارو ڳايو ويو جو پوءِ شاھه جي رسالي ۾ اچي ويو.
ھي ڪيڏارو احسان فقير جي پڙ تي ھالن پراڻن ۾ ڳائڻ
جو سلسلو رھيو(ڏسو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا
ڪتاٻ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ (١٩٧٨ع) ص ص
٣٠١-٣٠٣ ۽ ”شاھه جو رسالو- رسالي جو ڪلام (١٩٩٦ع ص
ص ٢٦-٢٧ ۽ ٢٨ مقدمو).
احسان فقير لانگاه جي مشھور خاص طور سـُر ڪيڏاري جي ڪري
ئي آھي. ھـُن جو ٻيو ڪلام ادبي تاريخن ۾ نه آيو
آھي، نه ان جي ڪا مشھوري آھي.
ڪيترائي ٻيا شاعر آھن، جن جا ڪجھه بيت ڪتابن ۾، ادبي
تاريخن ۾ آھن ۽ عام ماڻھن جي زبان تي به آھن. ڪي
واقعاتي بيت به آھن. ڇو جو انهنجا ڪي مڪمل رسالا،
مجموعا اڃا ظاھر نه ٿيا آھن، تنهن ڪري انهن کي ھن
ادبي تاريخ ۾ شامل نه ڪيو ويو آھي.
١-
موضوع ٢- صنفون ۽ وزن
١- موضوع
ھن جلد جي پھرئين دؤر جو دائرو سنڌي شاعري٤ جي ابتدا
کان وٺي لطيف دؤر کان اڳ جي شاعرن تائينآھي. ٻين
لفظن۾ ھي سنڌي شاعريءَ جو بلڪل قديم دؤر آھي جو
اندازا يارھين صدي عيسويءَ کان وٺي سترھين صدي
عيسويءَ جي خاتمي يا چند سال وڌيڪ تائين اچي ٿو.
ھن دؤر جا شاعر ڳاھن سان ڳالھين، سومرن ۽ سمن جي
دؤر جي بيتن ۽ پير صدر الدين جي گنانن کان ھليا
۽شيخ حماد، اسحاق آھنگو، ماموئي، قاضي قادن، مخدوم
نوح، شاھه ڪريم، دادو ديال، پراڻناٿ، ميون عيسو،
ميون عنات ۽ احسان فقير تائين آيا.
ھنن جا موضوع عام طور مذھبي نوعيت جا رھيا. توحيد،
رسالت کان ٿيندا، تصوف ۽ طريقت تائين آيا. ضميمي
طور ڪي بيت سنڌ جي نيم تاريخي داستان جي حوالي سان
به چيا ويا. انهن ۾ شاھه ڪريم ۽مئين شاھه عنات
رضويءَ جو ڪلام ڇانيل رھيو. قاضي قادن جو وڌيڪ
ڪلام، دادو ديال ۽ پراڻناٿ جو ڪلام ھٿ آيو ته تصوف
سان گڏ جوڳ ۽ ڀڳتيءَ جا رنگ به پڌرا ٿيا.
ھن سڄي دؤر جو بس اھو ئي رنگ رھيو. پراڻناٿ جي ڪري ڀڳتي
۽ مذھبي يڪجھتيءَ جا موضوع به نمايان ٿيا. اھي ئي
موضوع بي تعصبيءَ جي حوالي سان تصوف جا به رھيا.
مئين شاھه عنات وٽ خاص طور حقيقت سان گڏ مجاز جو به رنگ
موجود آھي. ھو نيم تاريخي داستانن جي حوالي سان
خاص طور مجاز جي مام ۾ ڳلھه ڪري ٿو.
٢- صنفون ۽ وزن
ھن جلد ۾ جيڪي شاعر شامل آھن، انهن جي ڪلام ۾ گنان،
ڳالھون يا بيت ۽ وايون شامل آھن. ڪافي يا وائي
بابت شيخ لاڏ جيئي جو نالو اچي ٿو، پر ڪلام موجود
نه آھي، ان ڪري ھت شامل نه ڪيو ويو آھي.
گنان پير صدر الدين جا آھن. انهن مان اڪثر جي ھيئت
وائيءَ جھڙي آھي. ٻين اسماعيلي داعين جي ڪلام جو
به حوالو ڏنو ويو آھي. انهن سنڌي ڪلام نه مليو
آھي. ان ڪري شامل نه ڪيل آھي، گنانن سان گ ڏ ھڪ
صنف وينتي جو به ذڪر محترم گلشن خاڪي ۽ ٻين
اسماعيلي محققن ڪيو آھي. وينتي ۾ فرق گائڪيءَ جو
آھي. ان تي اڃا وڌيڪ تحقيق نه ٿي سگھي آھي. وزن
ماترڪ ڇند تي آھي. جيڪو سنڌي بيت جو به وزن آھي.
وزن جي ھن سرشتي تي سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ڪمل ٿيو
آھي. ھاڻي اردوءَ ۾ ڊاڪٽر الياس مشقيءَ جي دوھن جي
ڪتاب”دوھا ھزاري“ ۾ به ڪي رھنمائيءَ جھڙيون
ڳالھيون آيون آھن.
سنڌ ۾ اھو خيال ويٺل ھو ته وزن معنيٰ علم عروض، باقي سڀ
ڪلام غير موزون آھي. ان ۾ شاھه ڪريم ۽ شاھه لطيف
جا بيت به غير موزون ڄاتا ويا. اھڙو پھريون حوالو
مرزا قليچ بيگ جو اچي ٿو، جنهن پنهنجي ھڪ مقالي/
تقرير ۾ ١٩١٤ع م سنڌي قديم شعر (بيت) کي جھنگلي
شعر سڏي(٢٣). اھو ان ڪري ڄاتو ويو جو علم عروض
وانگر بيت جي وزن”ڇند“جي ڪنهن ڄاڻ نه ڏني. ھن باري
۾ ڇند بابت جيڪو پھريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپيو
سو”ھنڌي پنگل“ آھي ۽ آسانند ڇتارام گياناڻيءَ جو
لکيل آھي. ھي ڪتاب ١٩٣٧ع ۾ ڇپيو ١٨ صفحن جي ھن
ڪتاب ۾ آسانند ھندي پنگل يعني ڇند واري وزن جي
اصولن بابت بنيادي معلومات ڏني آھي. ان وقت ھو
ڪراچيءَ ۾ ائڊووڪيٽ ھو. ان تي به ڪنهن محقق جو
ڌيان نه ويو ۽ ڄاتو ويو ته سنڌي بيت بس سنڌي زبان
جي مخصوص ڍار، طرز يا ڳائڻ واري جي ”الو ميان چوڻ“
سان موزون ٿيل ھجي. متان نه به ھجي! بهرحال ٻيو
محقق پروفيسر جھمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي(ائڊووڪيٽ)
ھو، جنهن ١٩٥٣ع ۾ ڀوپال مان ڪتاب ”ڇند سڳند“ شايع
ڪيو. عطر عروض، ڍولامارو، ائٽ جي اوٽ ۽ ڪي ٻيا
ڪتاب به لکيا اٿس. ھن ٻڌايو ته سنڌي بيت ھندي دوھي
واري وزن”ڇند“ تي موزون ٿيل آھي. ھن ڪتاب ۾ ھـُن
دوھي، سورٺي، دڪپال ڇند، چندرايڻ، ات بروا ۽ مت
وغيره جو بيان ڪيو، جيڪي ماترائن جي گھاٽي واڌ سبب
مختلف آھن، بيت جي ٻن سٽن ۾ جي قافيو ٻئي ۽ چوٿين
پد(اڌ) وٽ آھي ۽ وزن جو نقشو ۽ مثال ھي آھن ته
دوھو ٿيو:
11,
13
X
11,
13
X
نينهن نياپي نه ٿئي، سنڌين سيڻ نه ھون
ڪاريين رائين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون.
(ڪريم)
ان جي ابتڙ ڪبو ۽ پويان پند اڳيان آيا ته سورٺو ٿيو. ان
جو نقشو ۽ مثال ھي آھي:
13
11
X
13
11
X
نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين.
سڙي سارو ڏينهن، ٻاھر ٻاڦ نه نڪري.
ماترائن جي ڳڻپ ساڳي عروض واري آھي، يعني ساڪن آواز
لاءِ ھڪ ۽ متحرڪ آواز لاءِ ٻھ ماترائون. ساڳيو
ڊگھي ۽ ڇوٽي آواز وانگر آھي.
جھمٽ مل ٻن سٽن واري بيت ۾ ھڪ سٽ دوھي جي ۽ ھڪ سورٺي جي
سٽاءَ کي خاص سنڌي قابليت سڏيو. ڊاڪٽر موتي لعل
جوتواڻي جنهن دھلي يونيورسٽيءَ مان شاھه لطيف تي
پي ايڇ ڊي ڪئي. ھيءَ ٿيسز ساڳي يونيورسٽيءَ ١٩٧٥ع
۾ شايع ڪئي. ڊاڪٽر جوتواڻي،جھمٽ مل جي قائمڪيل
راءِ ۾ واڌارو ڪيو. ھـُن راجسٿان ۽ گجرات جي ٻولين
جي حوالي سان ڪن دوھن جي دريافت بعد لکيو ته دوھي
سورٺي جي ھڪ ھڪ سٽ جو ميل ذڪر ڪيل ٻولين جي ٻن
ھيئتن
(forms)
۾ ملي ٿو. اھي آھن بڙو دوھو ۽ تونبيري (آءٌ اڳ ۾
ڪٿي تڻويري لکي ويو آھيان) دوھو. مثال ھي آھن:
بڙودوھو
13
11
X
11
13
X
سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙيئي،
ھيڪائي ھيڪ ٿيو، ويئي سڀ جـِھت،
(قاضي قادن)
تونبيري دوھو
11
13
X
13
11
X
پاڻيھاري سر ٻھڙو، جـَر تي پکي جئن،
اسان سڄڻ تئن، رھيو آھي روح ۾.
مختلف جيڪي ھيئتون آھن، انهن جي صاف سمجھاڻي ھنديءَ جي
مھا ڪوين ۽ سـُڄاڻن ڏنيون آھن. مثال طور دوھي ۽
سورٺي ۾ ڪھڙو فرق آھي، ان لاءِ عبدالرحيم خان چوي
ٿو:
دوھا الٽا جان،
اور بات دوجي نهي،
پنگل ڪرت کان، ڇند سورٺا ھوت ھي.
دوھي، سورٺي ۽ ان کان پوءِ بڙي دوھي ۽ تونبيري دوھي جا
مثال ڏيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر جوتواڻي سنڌي بيت جي ٻن
سٽن کان وڌڻ ۽ آخري سٽن جو فاقيو لازما سٽ جي اڌ ۾
اچڻ کي خاص سنڌي قابليت سڏي ٿو. ھي اسان جي سنڌي
بيت جي وزن جو مامرو آھي. ھن کان اڳ منهنجا وزن
بابت مقالا شايع ٿيا جيڪي ھاڻي منهنجي مقالن جي
مجموعي ڪٺمال ۾ وري ڇپيا آھن. تفصيل اتي آھن.
ھاڻي تازو مشھور شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جو
ڪتاب دوھا ھزاري(٢٠٠٣ع) شايع ٿيو. عشقي صاحب
منهنجو مھربان دوست ۽ اردو، سنڌي، ھندي ۽ٻين ٻولين
جو وڏو محقق آھي. ھو ھن وقت لطيف آباد حيدرآباد ۾
رھي ٿو. اصل جئپور راجسٿان جو باسي آھي. شاعريءَ ۽
سنگيت تي پوري گرفت رکي ٿو. پاڻ مھرباني ڪري
مذڪوره ڪتاب عنايت ڪيائين ۽ جون ٢٠٠٣ع ۾ منهنجن ڪن
مونجھارن جي ٻن خطن ۾ دوھن جي مثالن سان سمجھاڻي
به ڏنائين. ھونئن به خطن ۽ فون ذريعي منهنجي مدد
ڪندو رھندو آھي.
الياس عشقيءَ جي ھن دوھن جي مجموعي ۾ ڪي ٻيون ھيئتون به
آھن. انهن ۾ ڪي مستزاد وارا دوھا به آھن. ھڪ صنف
کرو دوھو به آھي. جو راجسٿان ۾ عام آھي. اھو ھيئن
آھي ته ان جي ھيئت دوھي جي به سورٺي جي با يعني ٻھ
ھيئتون ھڪ ئي وقت ھڪ شعر ۾ اھن. عشقي صاحب کرا
دوھا جي سمجھاڻي ھن ريت ڏني آھي:
دوھي کان دوھا رھي، اور سورٺا ھوئي،
اسي کرا دوھا ڪھي، جاني ڀيد جو ڪوئي.
عشقي صاحب مختلف ھيئتن جا دوھا چيا آھن. انهن ۾ شاھه جي
بيتن کان خوبصورت انداز اختيار ڪيو اٿس. مثال طور:
سوئي سي سيکھي چلن، سيوا ڪريني ڪا ڪوئي،
ڍانپ ڪي وه سب ڪا بدن، عريان ڪي عريان رھي.
(پاڇاھ نه پاڙيان-الخ)
مون انهيءَ طرز کي سمجھڻ لاءِ ڪاوش ڪئي ان مان ٻھ کرا
دوھا ھي آھن:
جيون ھڪ انعام، ڪو پروڙي ڀيد،
نه ڪو خاص نه عام، ڪري ڏس ته ڇيد.
-
اچي ٿئي مھمان، جي دل گھـُريو ٻيھر،
ڪھڙو ڪريان دان، گھوريان کڻي گھر.
عشقي صاحب ڪي ٻيون صنفون به بيان ڪيون آھن. کري دوھي يا
انهن ٻين صنفن جا مثال اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ نه آھن.
باقي دوھي، سورٺي، بڙي دوھي، تونبيري دوھي ۽ انهن
مان وڌيل سٽن وارا بيت سنڌيءَ ۾ موجود آھن. ھي بيت
ابتدا ۾ سومرن جي دؤر جي ڳاھن کان وٺي احسان فقير
جي بيتن تائين، ھن ئي سٽاءَ ۾ ڇند جي وزن تي جوڙيل
آھن ۽ نهايت موزون آھن.
حوالا
١. دائود پوٽو، عمر بن محمد (ڊاڪٽر). مقالو، شاھه کان اڳ جا
شاعر، نئين زندگي، جنوري ١٩٥١ع ۽ مقالو: مئين عيسي
جي تربت جي تلاش ۾، نئين زندگي، جنوري ١٩٥٢ع.
٢. دائود پوٽو، مضمون ۽ مقالا، شاھه عبداللطيف ثقافتي مرڪز
١٩٧٨ع، ص ٣١.
٣. ايضا - ص ٢٩.
٤. ايضا – ص ٣١.
٥. ايضا – ص ٦١
٦. ايضا- ص ٢٩
٧. ايضا –ص ٣١
٨. ممتاز مرزا، مئين عيسي جا سنڌي بيت، شاھه عبداللطيف ثقافتي
مرڪز ١٩٩٣ع ص ٦٦
٩. مضمون ۽ مقالا، ص ص ٣٣ کان ٣٨
١٠. بيت ممتاز مرزا جي تاليف”مئين عيسيٰ جا سنڌي بيت“ تان ورتل.
١١. تذڪره لطيفي، ج اول، ص ٣١٥.
١٢. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر). مئين شاھه عنات جو ڪلام، سنڌي
ادبي بورڊ، ١٩٦٣ع. ص ٢٢(مقدمو)
١٣. ايضا - ص ٢٢(مقدمو)
١٤. ايضا- ص ٢٥ (مقدمو)
١٥. ايضا- ص ص ٢٩-٣٠(مقدمو)
١٦. ايضا- ص ٣٢(مقدمو)
١٧. ايضا- ص ٣٢(مقدمو)
١٨. ايضا- ص ٣٤(مقدمو)
١٩. ايضا- ص ٣٥(مقدمو)
٢٠. ايضا- ص ٩٠(مقدمو)
٢١. مئين عنات جو ڪلام جا مثال ڊاڪٽر بلوچ جي مٿين تاليف تان
ٿورن سان ورتل آھن.
٢٢. چنه محبوب علي. مقالو: شاھه صاحب جي رسالي ۾ سندس ھمعصرن
ڏانهن اشارا. مخزن نذر لطيف، محڪھ اطلاعات مغربي
پاڪستان ص ٨٣.
٢٣. مرزا قليچ بيگ، تحريرون ۽ تقريرون، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٧٠ع،
ص ص ٧٣٢-٢٣٨ ۽ ٢٣٩ |