سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:18 

تاريخ جي گهڻي اُٿل پاٿل بعد پاڪستان ٿيڻ وقت جھام غلام قادر لس جو آخري حڪمران هو. سو پوءِ بلوچستان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر، وزير ۽ پوءِ وزيراعليٰ ٿيو.

هن موضوع جو ماخذ ”ٻيلاين جا ٻول“ ، خاص طور ٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم ۽ سنڌ مان مارڪي لاءِ ويندڙ ڪبير شاهه جي ڪلام، سندن خاندان جي شاعرن ۽ ٻيلي جي ٻين شاعرن جي ڪلام جي باري ۾ آهي.

شيخ خاندان جي پهرين اهم شخصيت شيخ حمر آهي، جيڪو شيخ ابراهيم جو والد هو ۽ خود به سٺو شاعر هو. سندس ڪلام جو مثال هي آهي:

مجلس محبوبن جي مون وٽ اڌيءَ رات اچي،

مون جو جيءُ جياريو، تن پرين پاٻوهي،

حمر هڏ نه وسريا، جاني گڏيام جي،

سي ٻيو ڀيرو ٻاجهه پئي، من پاڻ پسائين سي،

تن منجهه تنين کي، گهڻو گهوري آهيان.

-

خاڪ تنهنجو تڪيو، خاڪ تنهنجو گهر،

ڪن هالاڻو هير ڪيو، ڪي پانڌي هليا پر،

نه سو جوت جباه ڪيو، نه سو ٻانهين ٻر،

ويندياءِ ساه سرير مان، ٿيندين مٽيءَ مر،

هت جو اڏيوءِ جهوپڙو، سو ڀورا ڀانءِ م گهر،

ويلو اٿئي وچ ۾، چؤماسو ۽ چر،

ساميانو سمر، هتان کڻج حمر چئي.

        ڊاڪٽر بلوچ صاحب، شيخ حمر جو ڪلام عنوانن ۽ سُرن هيٺ ترتيب ڏيئي رکيو آهي(14). شيخ حمر، شاهه عبداللطيف جو همعصر هو(15) اندازاً 1750ع کان 1776ع واري عرصي ۾ وفات ڪيائين. سندس فرزند شيخ ابراهيم اٽڪل 1730ع ڌاري ڄائو.

        ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”شيخ ابراهيم جا ٻيا به ٻه ڀائر هئا. نور محمد ۽ سائينداد. سندن  والد شيخ حمر کي پنهنجو مڪتب هو ۽ هي ٽئي ڀائر پنهنجي والد جا شاگرد رهيا (16).“ شيخ ابراهيم کي ڄام مير خان اول قاضي مقرر ڪيو ۽ سَندَون ڏنيون. جن مان پهرين سَنَندَ 1790ع ۾ حاصل ٿيس. اندازو آهي تهشيخ ابراهيم، عبداللطيف جي وفات واري زماني جي قريب جھائو هوندو. هو تعليم دوران ئي شعر چوڻ لڳو. پيءُ کي به ٻڌايائين ۽ اُن سان بيتن جي ڏي وٺ به ٿيس، حمر چيو؛

جوڳ ڪڍيائون جيئن، تيئن مهنجا سناسي سزا،

پتنگ پوي جيئن اڳ ۾، پنهنجو تن پڪايائون تيئن،

جيءَ سان جوڳيئڙن جي، عادت آهي ايئن،

ههڙي حال حمر چئي، هَئي هَئي ڏٺام هيئن،

سا سوٺائون سيئن، جنهن نِيئي ملايا محبوب کي.

ابراهيم جواب ڏنو:

جوڳ ڪڍيائون جيئن، تيئن منهنجا سناسي سزا،

ڪُٺل ڪُٺا ڪينري، وڍيل وڍيا نينهن،

رتل رتا رب سين، اچي موسم وٺا مينهن،

انهيءَ باب ابراهم چئي، هي ناٿ نهوڙيا نينهن،

سا سوٺائون سيئن، جنهن نيئي ملايا محبوب کي.

        شيخ حمر محسوس ڪيو ته سندس پٽ ۾ اهليت آهي اُن ڪري خوشيءَ سان کيس اجازت ڏنائين ته ڀلي بيت چوي. شيخ ابراهيم جا والدين خدا وارا هئا. وڏا عبادت گذار هئا(17). شاعريءَ جي والد کان شاباس ملڻ کان پوءِ شيخ ابراهيم جو شاعرانه ملڪو وڌيڪ ظاهر ٿيو. لڳي ٿو والد سان بيتن جي چڱي ڏي وٺ ٿي اٿس. ڪيترو ئي ڪلام چيائين. ڪي قصا منظوم ڪيائين. مدح، صفت، ڏور، معما ۽ ٻين صنفن توڙي عام قصن، توڙي محبت ۽ مجاز بابت بيت جوڙيائين. مومل راڻي جي قص ۾ همير سومري جو بيان ڪندي چوي ٿو:

سندو سنڌ همير هو، سومرو سردار،

سو ڪامل دل قو هو، وير عقل وينجهار،

هڪ ڪمي هيس ڪا نه ڪا، ٻيو دل وڏيءَ دلدار،

قابل در ڪمان جو، سُورهيه سلحدار،

يارن سندو يار، تنهن جو شوق شڪارسين.

        همير ۽ سندس ساٿين کي رستي ۾ هڪ سامي ملي ٿو، جيڪو مومل ۽ سندس سهيلين جي ٺاهه ٺوهه ۽ حسن جو بيان ڪندي چوي ٿو:

سبزي گُلَ گلاب جا، سبزاي ويس سندان،

سبزي کٽون کٽلا، سبزي وڇاڻان،

سبزي ڀتيون بنگلا، سبزي مُناران

سبزي ارٽ اُن جا، سبزي دبوسان،

سبزي ٻانهيون ٻانُهن ۾، سبزي ٻانهوٽان،

سبزي سبز صندوقئين، جڙيا جنهوارن،

سبزي باغ براهم چئي، ميوا موڪ پڪان،

سڻ تاڪي تعريفان، جي ٿيون ڪَتن ڪنوايون ڪاڪ ۾.

محبت ۽ مجاز جي موضوعتي به شيخ ابراهيم سهڻو ۽ معياري ڪلام چيو آهي. اُن باري ۾ محبت جي اظهار سان گڏ حسن جي حقيقت به بيان ڪري ٿو:

سُتي ڏٺم سپرين، اندر خواب خمار،

جان جاڳان تان جيڪي ٿيو، عجب پريان پار،

تلاه تلن تن سين، رُپي کان رنگدار،

جهڙي صورت اعليٰ سجھڻين، تهڙي مُرت نه مروار،

نه سان جوت جمرود جي، نه سي هيرا هار،

درد مک دندان دعوتي، دوست پرين دلدار،

بره ڪٽ براهم چئي، وحدتي وينجهار،

مون وس محب نه اچڻا، تون جانب ميڙ جبار،

وساريان نه وسرن، دم نه دليان ڌار،

من مٺي محبوب جي، خوش طبع خنڪار،

جئن سان بُوند بهار، تئن وسن ٿا وجود ۾.

        رسالي جي سُر ڪلياڻ جا مضمون، ”سُر ڀُوري“ ۾ بيان ڪيا اٿس. ڦَڪين ٻُڪين ۽ ڊڀن جي ڳالهه هيئن ڪري ٿو:

ٻُڪيون مڙيئي ٻار، جي گڏيون گوريون جوڙئين،

اها وجھا ويڙهي ڪ تون، سَل م ڪين سيکار،

پَها پيون پانهنا، مون کي ڏي م ڪي ڏيکار،

هوءَ جا پر پريان جي، تون ڪري نه جھاڻين ڪار،

ونءُ بي گن ويڄ براهم چئي، اڳ مُين کي م مار،

نس ڏس نار نهار، ته هيءَ لنوَ لنَ لالڻ لئه وجھي.

        عشق عقل جي پاڻ ۾ جنگ محبت جي ميدان ۾ آهي. حقيقت هجي يا مجاز هيءُ جنگ جاري آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

عشق عقل جي لڳي لڙائي

جنگ عشق کٽي عقل هارائي.

        جھڻ فيصلو ٿي ويو، پر ٻنهي ڌرين جا دليل ٻُڌڻ جهڙا آهن. سچل سرمست ”وصلت نامه“ ۾ عشق عقل جي جنگ جو نتيجو هي ڪڍيو آهي ته عقل گهر کي آباد رکي ٿو ۽ عشق گهر کي ويران ڪري ڇڏي ٿو. ڇو جو عقل هر وقت جهان جي ڪمن کي ٺاهڻ ۾ لڳو رهي ٿو ۽ عشق هن جهان کان بي نياز آهي:

عقل اندر ڪارسازيءَ جهان،

عشق اندر بي نيازيءَ جهان،

عقل هر دم خانه آبادان ڪُند

عشق هر دم خانه ويران ڪُند.

شيخ ابراهيم به هيءَ جنگ ڇيڙي ويٺو آهي، مختصر ته:

عقل چئي عشق کي، تان ڪي صبر سک،

ماڙهو ڏينداءِ مهڻا، لجھ پسي تون لِڪ،

هُو جو ملوڪن مَرڪ، سو عشق اندازي اوڏڙو.

-

عشق چئي آرام، ڪهڙو قريبن ري،

وهان تان نه وندران، من ۾ مُحب مدام،

معشوقن مقام، سدا ديرو دل ۾.

        ان ڪلام کان سواءِ سسئي گندري ۽ مارئي سُرن ۾ به شيخ ابراهيم جو ڪلام موجود آهي. جنهن ۾ زبان ۽ بيان جو چڱو زور ۽ بلاغت آهي.

        هن خاندان ۾ جئن شيخ حمر، شيخ بکر ۽ ابراهيم شاعر ۽ سگهڙ ٿيا. تئين ڪي ٻيا به شاعر ٿيا. اُنهن ۾ شيخ سائينداد، شيخ الهڏنو، شيخ سنگر، شيخ مٺو، شيخ عثمان ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

        سيد ڪبير شاهه : لس ٻيلي جي مشهور ادبي معرڪي جو شيخ ابراهيم سان گڏ جيڪو ٻيو سُجھاڻ آهي، سو ڪبير شاهه آهي. هن جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي تاليف بينظير ۾ رقم طراز آهي ته : ”ڪبير شاهه مٽياري سيدن جي ڳاڙهيا پاڙي مان هو. چون ٿا ته سندن وڏي سان حضرت شاهه صدر جي ڀلائي ٿي ۽ اُتان رَتا، جنهن ڪري ڳاڙهيا سڏجڻ لڳا. ٻي روايت موجب سندن وڏي سيد جعفر شاهه کي پهرين ٻن شادين مان اولاد ڪو نه ٿيو. پوءِ ٽين شادي ڪري گهوٽ واري ڳاڙهي لباس ۾، ڦاڙهي جي ران پچائي ڪنو کير جو مٿي تي رکي شيخ ريحان وٽ دعا لاءِ آيو. هن درويش پري کان ڏسي چيس ته :

اچو ميان سيد ڳاڙهيا، هٿ ۾ ڦاڙها،

مٿي تي پارا، پنجن پٽن وارا(18).“

        هن خاندان جو شجرو حضرت امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو. هي خاندان سن ۾ سڪونت رکندڙ هو. ڪبير شاهه به سن ۾ جھائو. وڏو ٿيو ته لڏي ڪوٽڙيءَ ۾ آيو، سندس آڪهه بيٺل هئي ۽ مالوند هئا. عشق جي شادي ڪلهوڙن مان ڪيائين ۽ خاندان جي ناراضگيءَ سبب لس ٻيلي ڏانهن لڏي ويو(19). کانئس اڳ سندس ڀاءُ سيد احمد شاهه به لڏي اُٿل(لس ٻيل) ۾ آيو هو. اُتي هنن جي مريديءَ جو سلسلو به شروع ٿيو(20). ڊاڪٽر بلوچ اندازو لڳايو آهي ته اٽڪل 1776ع کان پوءِ ڪبير شاهه ٻيلي ۾ آيو هوندو (21). ڄام مير خان وڏي کان مقرر رقم وظيفي طور مليس. شيخ ابراهيم سان ڪبير شاهه جو بيتن جو معرڪو ٿيو. (ذڪر اڳتي ايندو). ڪبير شاهه جي زبان نج سنڌي، بلاغت، فصاحت ۽ سلاست جو نمونو آهي. هن اندازاً 13 هين صدي هجريءَ جي ابتدا ۾ وفات ڪئي. ڪبير شاهه جي قبر اُٿل جي ڏکڻ ۾ ويجهو ئي اهي.

        ڪبير شاهه جا ڊگها بيت، ننڍا بيت، سينگار جا بيت توڙي مختلف سُرن جا بيت نهايت جڙاءَ دار آهن، سسئيءَ جو پنڌ ڪيترو اڙانگو آهي. اُن جا پار پتا جهڙا شاهه جي رسالي ۾ آهن، اهڙا ڪٿي لڀن؟ ڏونگر ڏورڻ جو هڪڙو انداز ڪبير شاهه جي لفظن ۽ جزبن ۾ هي آهي:

ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، آءُ چاڙه مڙئي چَڙهندياس،

منهنجو ٻول ٻروچ سان، آءُ پيرين پنڌ ڪندياس،

پيرين پنڌ ڦٽو ڪيو، آءٌ ٽنگن سين ٽُرندياس،

ٽنگن ٽُرڻ ڇڏيو، آءٌ گوڏن ڀر گسندياس،

گوڏن گسڻ ڇڏيو، آءٌ چيلهه ڀر چُرندياس،

چيلهه چُرڻ ڇڏيو، آءٌ سيني ڀر سُرندياس

سيني سُرڻ ڇڏيو،آءٌ ٻانهن ڀر ٻرندياس،

ٻانهن ٻرڻ ڇڏيو، آءٌ هٿن سان هلندياس،

هٿن هلڻ ڇڏيو، آءٌ سسيءَ ڀر سُرندياس،

سسيءَ سُرڻ ڇڏيو،آءءٌ چوٽيءَ ڀر چورندياس،

چوٽيءَ چُرڻ ڇڏيو، آءٌ اکين سان ايندياس،

بيمانت جي بڦر ۾، باس نه باسيندياس،

پکين ۾ پکي ٿي، واهڻ ووڙيندياس،

مُرن ۾ مرون ٿي، سر ه سوجهيندياس،

ماڻهن ۾ ماڻهو ٿي، گهر گهر ڳوليندياس،

ڪيچين لاءِ ڪبير شاهه چئي، وندر ووڙيندياس،

چوڻ اهو چوندياس، آهيان گهوري گهوٽ پنهل جي.

        ڊاڪٽر بلوچ صاحب بيتن کي عنوانن هيٺ ڏئي رکيو آهي، نصيحت بابت هڪ بيت ۾ ڪبير شاهه چوي ٿو ته نادان تي نصيحت ڪو اثر ڪو نه ڪندي، اُن کان پري ڀَجھ. نه ته اجهو هي مثال هئين سان هنڊائجن ته بهتر:

نصيحت تنهن نادان کي ڪر ڪيرن اثر،

ڪلر مان ڪين ٿئي، توڙي جام پيارينس جر،

شيدي ڳورو نه ٿئي، توڙي مهٽي لاهينس مر،

اڪ آمون نه ٿئي، توڙي ڦُٽي ڪڍي ڦر،

کٿو چاڙهئين کُنڀَ تي، ته به مور نه ڇڏي مر،

مون ڌارائين مينهن کي، ته به سندو سوئر ڦر،

ڪڻڪ کارائين ڪُتي کي، ته به کيس چُني سين چر،

پر پنهنجو نه ٿئي، توڙي لٽي ڏئينس گهر،

ڪميڻو اشراف نه ٿئي، توڙي دليون هجي دلبر،

تنهن کان ڏوران بيٺو ڏر، جنهن کان پوءِ لڳي پشيمان ٿين.

        سينگار ي بيت ۾ ڪبير شاهه ڌاڪو جھمايو، مڪمل فني انداز ۾ نباهيو اٿس. چوي ٿو:

جب ڳوري ڳهڻا ڪري، نَوَ ست نرمل نار،

اَٺَ رکي اغماز سين، ٻئا، چڱا چئنچل چار،

مَهندان محبوبن جي، چَلڻت آه چه ڪار؟

اُڏڻت اولي سين پيار، پُري پريان کون پار،

ڦُول پَڪا ڪيا سجھڻين، ڦُل ڦاٽي ٿيار ڦار،

اهي سڀ نظر ساڻ نڪار، ڪيا ڪامڻ ڪبير شاهه چئي،

-

جب ڳوري گهڻا ڪري، سيلا سر سنگين،

ڪيل برق قربان ڪيا، مٿان بئنسر بين،

ڪَنچن بيضا ڪم ٿيا، ديکي جُلِبُ جَبين،

سسُ سَسيهرَ سُسئا، پيا مرگهه ملحظي مين،

دَادر دُبيَن ڀُلايون، سنگ صديق تان چين،

ڌاران عشق نه ڌار ٿيا، ٻولي ٻولن ٻي نه،

اهڙا مُحب مَهين، منهنجا قابل ڪبير شاهه چئي.

-

جب ڳوري گهڻا ڪري، زيور ذاتيون ذات،

ويس وڳا واسينگ ڪيا، بادل ۾ برسات،

پنگم روءِ پريان جو، جلوو وڌ جَبات،

ڪَنجل هنجهه ڪنبي ويا، مُڙي ڪري مصلات،

ڪن سَرو سلامان سجھڻين، نمن نميو نخلات،

ديهي پسي ڌم ڇپي، ڀُڻي ورسي منجهه ولات،

شمس قمر صورت سان، محبوبن ڪيا مات،

مور ڪَٺي مُک مين جئن، سچ سونهن سقلات،

ڏوڏر دڇن دهان ۾، لب لالي لال لغات،

پسي انف عجيب جو، سوئيءَ لڳي سڪرات،

نَواڙو تنهن نرمل کي، پوجھي ٿو پرڀات،

ڪوئل ڪبير شاهه چئي، چُپ ڪي وائي وات،

تنهن فهميدي فرحات، دلبر ڏينم دل کي،

        مختلف سُرن مان مومل جو بيان ڪندي به حسن جي حديث موجود آهي:

مومل مشرو ماڙيين، هئي نانگڻ ڀري ناز،

زاد هئا تنهن زال کي، سڀ اوڍڻ جا به انداز،

پڙهي هئي ڪنهن پرت مان، باري بره بياض،

هئا ايئن نڪا تنهن ناز جا، جئن گليلن جا گاز،

سا ڪنڌي نه ڦيري ڪيترا، اُن جي نظر کان به نياز،

سي سڀ راڻا راوَ همير هئا، دولت منجهه دراز،

تن ڀي پنهنجا وس وڏا ڪيا، جان ڪي عقل جا ايلاز،

تان هن بحري وانگڻ باز، سٽيو ساهُو سي وڌا.

        اهڙي طرح نوري ۽ سسئيءَ جا بيت به اصل ۾ ڪبير شاهه جي سورن جو سمر آهن. سندس ڪٽنب ۾ سندس ڀاءُ محمد شاهه جي زندان مان احمد شاهه شاعر ٿيو. اُن جي شاعريءَ جو انداز ڪبير شاهه وارو آهي. هُن وٽ به اُها زبان ۽ اهو بيان آهي، جيڪو ڪبير شاهه جو آهي، سندس ڪلام گهڻو هو، پر تحرير هيٺ نه آيو، سسئيءَ جو بيان هيئن ڪري ٿو:

ڏور ڏکي جَت ڏونگرين، اُٿي تاءُ منهنجا تڪڙي،

ٻانڀڻ ٻاروچل جو، توتي حرف ٿيو حق ڙي،

پر منجهه ارڏي احمد شاهه چوي، مت ٿين ڪانڌ بنا ڪڪ ڙي،

جهل تون پارس پانڌ پنهونءَ جو، پهڻن ۾ پڪ ڙي،

ته پاڻ لنگهائي پٻ جو، توکي لال وٺي لڪ ڙي،

رهي جهوڪون جهڪ جهڙي، توتان منزل مير معاف ڪندو.

        لس ٻيلي جي ٻين ڪٽنبن مان به شاعر ٿيا جن ۾ نم مڱڻهار شاعر ٿيو. هن جو راجھن شاهه سان بيتن جو مارڪو(معرڪو) ٿيو. ائين سناسياڻي خاندان مان سنياسي ۽ صدقي شاعر ٿيا. رونجهن مان ولي محمد رونجهو شاعر هو جو شيخ ابراهيم جو شاگرد هو.

        اهڙي ريت برديا،  باکڙا، موندرا ڪٽنبن جا شاعر ۽ سگهڙ لس ٻيلي جي ادبي تاريخ جو سينگار وڌائن ٿا. اُن کان سواءِ ڪيترا ٻيا شاعر ۽ سگهڙ آهن. جن جي ڪلام سج جي روشني نه ڏٺي هجي، ائين ممڪن آهي. لس ٻيلي جي شاعريءَ جي تاريخ جو وڏو ۽ اهم مارڪو (Event) شيخ ابراهيم 7 سيد ڪبير شاهه جو رڪارڊ تي اچي چڪو آهي، نه رڳو دلچسپ آهي، پر ٻيلي جي شاعرانه روايت ۾ نشانبر آهي.

مارڪو

        ڊاڪٽر بلوچ صاحب، راوين کان مليل هن مارڪي جو ذڪر نهايت وڻندڙ ۽ دلچسپ انداز ۾ ڪيو آهي. ملاقات جو احوال هيئن آهي: ”سنڌ جي روايت موجب، سنگهڙ حامد خان رند خبر ڪئي ته ڪبير شاهه، لس ٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم جي هاڪ ٻڌي هتان سنڌ مان سندس مارڪ ۽ مقابلي لاءِ سنڀري نڪتو. هُو هتان گهوڙي پلاڻي چڙهيو ۽ آخرڪار پڇائي وڃي لس ۾ شيخن جي ڳوٺ جي نزديڪ پهتو. اتفاق سان اُتي پهريائين ٻاهران جهنگ ۾ شخي ابراهيم کيس منهن ۾ ملي ويو. ڪبير شاهه سلام روايو. شيخ ابراهيم سلام جو جواب ڏنو. کيس کينڪاريائين ۽ خبرون پڇيائين. سيد چيو سنڌ جو ويٺل آهيان ۽ شيخ ابراهيم سان مارڪي لاءِ نڪتو آهيان. شيخ خبرون ڏنيون ته آءٌ شيخ آهيان. شيخ ابراهيم جي اوطاق هوءَ آهي، جتي توکي ملندو. ڪبير شاهه وڃي اوطاق تي لٿو ۽ شيخ ابراهيم به ڪم ڪار سولو ڪري، ڪپڙا پائي اچي اوطاق تي ڪبير شاهه کي گڏيو. سيد گڏجڻ سان شيخ سڃاتو(22).“ بيت ڏنائين:

بعضي بازارين ۾، بعضي اُن جا ٿر منجهه ٿاڻا ٿاڪ،

بعضي محل هندورا ماڙيون، بعضي ڪا نه اڦڏين اوطاق،

بعضي اڏين ڌوڌا ڌوڙ جا، بعضي پٽ پاڪيزا پاڪ،

بعضي ميرا مر مٿي سين، بعضي هونداسي هُشناڪ،

بعضي بک ڏک بيراڳن کي، بعضي کيڻ کنڊون خوراڪ،

بعضي دنيا دولت ڌن سين، بعضي ماس لئه مشتاق،

بعضي پُرن پيادا پٽ تي، بعضي آڻيندا ڪيراق-الخ.

هن بيت جو جواب شيخ ابراهيم هيئن ڏنو:

يا وت مليو مشڪ ملين، يا وت اوتن ڇتن ڇائين،

يا وت اوتن زين ادب سين، يا وت لڪ لڱڻ لائين،

يا وت تريا طعام ڪيو، يا وت تن کي تسيا ڏين،

يا وت شاعر ڀڻن شهر ۾، يا وت هت هُت هونگارين،

يا وت رام ڪرين رب کي ويو، يا وت جهنگن جهونگرين،

بابو بر براهم چئي، اُت به کليو کينڪارين،

جي ماريو من مارين، اُن کي پنڌ پورب جو نه ٿئي،

        ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته: وڌيڪ مارڪو ٻيلي ۾ جھام مير خان جي ڪچهريءَ ۾ ٿيو، جھاموٽ سردارن ٻنهي کي ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ڏنو ته : شاعريءَ ۾ شيخ بادشاهه ۽ سيد وزير آهي، ڪبير شاهه ناراض ٿيو)23). هي بيت ڏنائين؛

نانگڻ ڪر م ناز، گسٽ م گاروڙين سين،

آهه جنين جي اکين ۾، صورت مُرلي ساز،

مڻ به اُن جي مٿي ۾، هڻنداءِ منڊ مجاز،

جوڳين هٿ زهر جو، ڪو اپر آهي علاز،

ڪن ٿا ڪبير شاهه چئي، نانگ به اُن جو ناز،

تون رک تنين جو راز، متان پورينئي پنڊيءَ ۾.

شيخ ابراهيم جو جواب هو:

نانگڻ ناز ڪياءِ، ٿي گهمين گس گاروڙين جي،

گاروڙي سي گس تان، ويساهي وٺنداءِ،

ڪين ڏٺي تو ڪڏهن، ڪا سندي جوڳين جاءِ

هو لڙ ڪائيندءِ لفظ سين، جڏهن اچي موالي ملنداءِ،

سي سامي سڀئي ڪر، ڇلر ڇلر ڇلنداءِ،

تون پوندين موالين جي مامري، جي گاروڙي گڏباءِ،

اُن جي اسم جي ابراهم چئي، توکي ڪا نه ڪاءِ،

هاڻي ڪرنڊيءَ ڪنڌ م پاءِ، نه ته پوندين ماڙهو سڀ مشاهدي.

        اُن کان پوءِ انهيءَ موصوع تي ٻي به ڏي وٺ ٿي آهي. حضرت نبي ڪريم  صه جي شان ۾ ٻنهي سڄاڻن جي نذر عقيدت تي هي عنوان خاتمي کي رسي ٿو.

شيخ ابراهيم چيو:

من موهن منهنجا پرين آهن حورنکئون به حسين ميان،

سُسن سال صنوبر سيد اڳيان، سينو سيني برابر سين ميان،

ملڪ ڏسيو مشتاق ٿين، ان جي رُوءِ روشن رنگين ميان،

تان جي پائن پريون، زيور زريون، ڪرمش ڪريون

تان به اُن جي ڪونش برابر ڪين ميان

هر دو جهانان هار هميشھ، نرمل نور نگين ميان،

رين انڌيري جلوه دوَن، سرسي سونهن سندين ميان،

براهم چئي بيگ بهادر، اعليٰ قدر قربن ميان،

نجم ستاره ماه مقابل، شمسؤ شاه شبين ميان،- الخ.

ڪبير شاهه ساڳي زمين ۾ چيو:

جهڙا عين عجيب جا آهن، تهڙا ڪنهن جا ڪين ميان،

ڪر ڪئينس ڀؤنر ڀرون، چيلهه چيٽو جئن چين ميان،

ڇاهي جوڙ ڀلي جمروه جي، جو عجيبن سان اچين ميان،

ڇا ماکي ڇا مصري، ڪا مٺ نه ميٺ منجهين ميان،

ڇا هي چوڏهين چنڊ چڱو، تانَ ڀي اُنس ان جڙندو اين ميان،

اڪڦر ڪنان انگ عجيبن، ڪُئنرا گهڻو ڪزين ميان،

عقل اڪابر وير وجھا جا، پارس ڇو نه پُڇين ميان،

سي قابل ڪبير شاهه چوي، ٿا داڙون دڙين دين ميان،

جن جي اهڙي هردم سونهن حسين ميان، تنهن ٻيو رنگي سڀ راس ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org