سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:2 

دودو چنيسر

سومرن جي دور جي ھڪ وڏي روايت دودي چنيسر جي جنگ، سومرن جون گــُجرن ۽ ڄامھالي سانجنگيون ۽ چاوڙن سان معرڪا اھم آھن. انهن بابت ڀٽن ڀانن جون ڳاھون مقبول ٿيون. سنڌي جي تاريخ ۾ ھن معرڪن جو ذڪر موجود آھي. شعري روايت ۾ ڳاھون موجود آھن. سگھڙن انهن کي پئي ورجايو آھي. انهن ڳاھن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب نه رڳو لوڪ ادب رٿا ۾ يڪجا ڪيو آھي پر پنهنجي عديم المثال تصنيف سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ ھڪ ڀيرو وري به چٽو ڪيو آھي. اھو نٿو چئي سگھجي ته ڀٽن ڀانن جون چيل ۽ ورجايل ھي ڳاھون واقعات رونما ٿيڻ واري وقت جون آھن يا پوءِ تخليق ٿيون، بهرحال انهن مان چونڊ اھي آھن جن ۾ واقعات ڏي اشارا موجود آھن-ع

پيڙھي ڏيان پٽ کي، ڀونر چيو ڀو

ان در مٿي او، سونهي ٻڌو لـِوالو.

 

سھر سنڀايم سومري، ڀـُنگر – ڌي ڪيڻاءِ

پوني چنڊ پٽاندري، جيڪر تو جـُڳاءِ.

 

ڌٻوچاڻا سون جا، ھـُون آڏاڻيا ارٽ

اڳه ماڻينديون ابڙي، وڏي ڪنهن ورٽ

 

سرسين آھينم سومريون، جي سرڻيون ڏيان سي

سورج سنئون نه اڀري، ڌرتي ڌاڃ نه ڏي.

 

آڙ آڏي ھئي ابڙي، نو ڇليون ڏه لک

گھوڙي ڪنڌ نه ڦيريو، ماري او خلق

 

اڀ سڀ ڪنهن اچو اڀ نه اچو ڪوءِ

مئي به مٿي ٿيو، سورھ سر سندوءِ

 

        علاوالدين جي سپھه سالار سان ھن جنگ جو نقشو واضح ڪيو ويو آھي. ڪي ٻيون ڳاھون ۽ بيت به ڪتابن ۾ آيا آھن، جن جو تعلق پڳ تي شروعات ۾ ٿيل اختلاف بابت آھي. چنيسر پڳ ٻڌڻ جو فيصلو ماءُ کان وٺڻ لاءِ اندر ڪوٽ ٿو وڃي ۽ پويان سردار دودي کي پڳ ٻڌائين ٿا. اڪثر شعر ٽن سٽن وارا به آھن-ع

ويھه پڄاڻان پيءُ جي، آءُ چنيسر آءُ

ڀاڳ سڻائو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ

آئين سعيو ڪريو سپاه جو، ته گھمي اچان گھران

وڏي جا ورھن جي، پڇي اچان تنهن ماءُ،

جيڪا ڏي صلاح، سا قبول ڪريان اکين سان.

 

پيءَ پڄاڻان پاڳڙي، دودا ڀانءِ م راند

راڄ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند

پائي ڳچيءَ پاند، دودل تن مڃايو.

 

سما سوڍا سومرا، راڄ جت مڙن

خلقون ا ت اچن، دودي جي درٻار ۾

 

مون جڻيو مين پٽ ڪري، پر ٿي پئين تون ڌيءَ

ويھي آتڻ وچ ۾، پانديون ڪتج ٽيھه

ھاڻي صلاح اٿئي ھيءَ، ته گھر ويھي ڳالھيون ڪرين.

 

چاچي چڍيان نه چئين، مڙس منهنجي کي

اڳ ھيوسين ٻھ ڄڻيون، ھاڻي ٿيوسين ٽي

من ويھي آتڻ وچ ۾، پابنديون ڪتي ڏي

مر گھر ڪم ڪري، ھي ڇا ڄاڻي راڄ مان!

 

دماما ڪري دانگيون، ڀالا ڀڃي ٻار

گھوڙا ٻيڙا وڪڻي، ڌڻ رڍن جو ڌار

سائو لڪڻ چيچ ۾، گھڏندو گھيٽا چار

ٻي ڪھڙي ڪندين ڪار، تون ڇا ڄاڻين راڄ مان!

 

ننگر مغل پاڻ ۾، چڙھي ڏن چوٽ

ڀڃي ڇٽ ڇيھون ڪري، گھڻا ماريائون گھوٽ

بنا پرءِ اوٽ، ننگر ماريوماڳ ۾،

سنئين سانجھيءَ وار، چلي آيا چوگان ۾

ڏيئي منهن ماڻھن کي، ڪيائون مارو مار

سپڙ ۽ سالار، پورت ڪئي پاڻ ۾.

 

ابڙاڻيءَ جا ابڙا، توکي دودي ڏنا سلام

وڙھان ويرين سامھون، جي تون سرن جھلين سام

آھي تنهنجي سام، ھيءَ امانت ابڙا.

 

سھتيون جي سومريون، سي ڀلي آڻج ڀاڳ

راڻيون جي روپاه جون، ھي محل تنين جو ماڳ

سر سلامت پاڳ، ته سام نه ڏيندو ابڙو.

 

        جنگ بابت ڪيتريون ئي ڳاھون ۽ بيت آھن. جن جي وقت جو تعين نٿو ڪري سگھجي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب ھي جنگيون ١١٥٠ع کان ١٢٥٠ع واري عرصي ۾ لڳيون (١٦).

        گــُجرن سان جنگ ۽صلح ۽ ڀيڻ جو سڍ ڏيڻ بابت ٺاھه جي سلسلي ۾ به ڳاھون آھن. جن ۾ ھي ڳاھه گھڻي مقبول ٿي – ع

جـَر نه کٽن ڪنگرين، راءُ نه ڳنڍين ويڻ

گولي ويندي گجرين ته به چوندا دودي ڀيڻ

        وقت جو تعين ڪرڻ ھن سلسلي ۾ مشڪل آھي، پر درج ڪيل ڳاھون ۽ بيت سومرن جي دؤر سان وابسته آھن، ڪن جو زمانو پوءِ جو به ٿي سگھي ٿو. ڪن ۾ دودي چنيسر جي ڳالھه ڪرڻ وارن به يقينا گھاٽي واڌي ڪئي ھوندي. ھن دؤر جون ٻيون به ڪيتريون ڳاھون ھونديون. سومرن جي دؤر جون مٿي ذڪر ڪيل ڳاھون سنڌي شعر جو ابتدائي سرمايو آھن. نه رڳو ايترو پر سومرن جي دؤر جا ٻيا عشقيھ داستان به ھن سلسلي ۾ سنڌي شعر جا ابتدائي مضمون ۽ بنياد بنيا، اھي داستان ھي آھن؛ سسئي پنهون (تحفه الڪرام موجب ٿورو اڳ جو ٿي سگھي ٿو) سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال – مورڙو ۽ مانگر مڇ – سورٺ ۽راءِ ڏياچ – مومل راڻو – عمر مارئي. ليلا چنيسر ۽ سھڻي مھيار. سيف الملوڪ جي باري ۾ به شاعرن جو ڪلام موجود آھي. باقي قصن تي به. پر باقي ستن داستانن تي عام شاعرن کان سواءِ شاھه ڪريم، شاھه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام سنڌي شاعريءَ جو خزانو آھي. ھي داستان ئي آھن، جن تي سنڌي شعر جي شاندار عمارت جڙي ۽ اڄ به نت نوان آھن. عام ۽ واقعاتي بيت ٻيا به گھڻا آھن.

        پير صاحب حسام الدين راشدي ايڊٽ ڪيل سيد عبدالقادر جي ڪتاب حديقة الاوليا ۾ قديم سنڌي بيت ڏنا آھن، جيڪي به سومرن جي دؤر جا آھن. اھي ھي آھن-ع

کٽين تان ھارائين، مرين نه وڃين واءِ

ٻنهي منجھون ھڪڙي، چڍي نه ٿئي ڪاءِ

(سيد بدرالدين بن سيد محمد مڪي بکري)

 

ڪـُھنو اٿم ڪپڙو، سٽيون ڪين سھي

نظر ڪريو مھر جي، تنهن تان مر لھي

اجاريوس اھي، پراڻو پرتو اٿئي

 

پوکيم سرنهه، ٿي پيو ڄانڀو

اھو اولانڀو، مون کي آيو نينهن جو

(مخدوم پريان لوئي)

 

وسين تان وس، عالم لڳوئي آسري

ھاڻي ڪيم ترس، جو مندون موٽي آئيون.

(سالڪ مجذوبه والده حاجي ابراھيم)

اسماعيلي داعين جو ڪلام

        سومرن جي دؤر جو ٻيو شعري ذخيرو اسماعيل فرقي جي داعين جو ڪلام آھي، ھن ڪلام کي گنان چيو وڃي ٿو. انهن ۾پير نورالدين، پير صدر الدين ۽ ٻين جو ڪلام اچي وڃي ٿو. انهن جو ڪلام سنيءَ کانسواءِ ٻين ٻولين ۾ به آھي. ڪڇي، گجراتي، ھندي ۽ سرائيڪي زبانن ۾، ڪٿي ھڪ کان وڌيڪ زبانن جي آميزش سان به ھي ڪلام موجود آھي

        اسماعيلي پيرن جا گنان مرزا قليچ بيگ کان وٺي مختلف ليکڪن ۽ ادارن شايع ڪيا آھن. ماضي قريب ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا پھريائين رسالي ميراث ۾، ۽ پوءِ سماھي مھراڻ (١-٢/١٩٦٠ع) ۾ سومرن جي دؤر جي سنڌي شاعري جي عنوان سان مقالو لکي ھن سلسلي کي ورجايو. ست گر نور (نورالدين) پير حسن ڪبير الدين ۽ ٻين اسماعيل پيرن جي ڪلام جي روايتن جي صحت ۾ ڊاڪٽر بلوچ شڪ ظاھر ڪيو ۽ لکيائين ته نه رڳو پيرن جي ڄمڻ ۽ وفات ڪرڻ جي سالن ۾ شڪ آھي، پر ڪلام جي روايتن ۽ پڙھڻين ۾ به اختلاف آھي. تنهن سان گڏ گنانن جا متن به بدلبا رھيا آھن(١٧). ڊاڪٽر صاحب البت پير صدر الدين ۽ پير حسن ڪبير الدين جي ڪلام کي سنڌي زبان جي آڳاٽي شعر جي مطالعي جي سلسلي ۾ اھم ڄاتو آھي (١٨).

        اسماعيلي فرقي وٽ زبان جي تعين جي قطع نظر سڀ گنان اھم ۽ مقدس آھن. انهن کي جماعت خاني ۾، يا ڪن خاص موقعن تي ٻوليون (پڙھيو) وڃي ٿو. گنانن سان گڏ ھيئت ۽ گائڪيءَ جي لحاظ کان ھڪ صنف وينتي به آھي.

اسماعيلي داعي جيڪو ايران کان ١٠٧٩ع ۾ پھرين ھندوستان ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيو. سو پير نورالدين يا ست گـــُر نور ھو (١٩). ڊاڪٽر الانا جي لکڻ موجب ھن بزرگ ھندي ۽ گجراتي، ملتاني، لاڙيءَ (سنڌي) ۾ ڪلام چيو (٢٠).

        ست گـــُر نور جي ھندي دوھن سان گڏ جيڪو سنڌي دوھو نروار ٿيو آھي. اھو ھي آھي –ع

بن ڪلمي بندگي ڪري، تو بندگي سچي سار

جيون نت اٺ راه چلڻا، آخر اجڙواس (٢١).

جنهن شاعر زبان ۽ بيان جي لحاظ کان ھڪ مقام حاصل ڪيو سو پير صدرالدين آھي. ھو ١٢٩٠ع ۾ سبزوار (ايران) ۾ ڄائو ۽ ١٤٠٩ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مرقد اچ شريف جي ويجھو آھي. ھـُو پنهنجي وقت جي امام شاھه اسلام شاھه جي حڪم موجب اسماعيلي فڪر جي دعوت ڏيڻ لاءِ ھنڌ سنڌ آيو ۽ لاڙ ۾ ڪوٽڙي الله رکئي شاھه ۾ مرڪز قائم ڪيائين (٢٢). تبليغ ۽ دعوت جي سلسلي ۾ برھمڻ فلسفي جي دليلن کي نظر ۾ رکي وبدانت جي اصولن کي به مدنظر رکي ھندن تي اثر انداز ٿيو ۽ ڪيترا ماڻھو مسلمان ٿيا. ھڪ دليل ھي ڏنائين ته:

گنگاڪي ماڇلڙي، گنگا مانهه رھوي

آخر ھووي گنڌيري!

دل صاف ڪرڻ جي باري ۾ فرمائي ٿو:

پير صدرالدين ٻوليا، ڪوئي اپنا من سمجھائي

ڪپڙا ڌويا تو ڪيا ھئا، دل ڌوئي سو پائي،

پير صدرالدين جو سنڌ: ٧ ٻين زبانن ۾ گھڻو ئي ڪلام آھي. ھيئت جي لحاظ کان سندس ھيٺيون گنان تمام اھم آھي. ھن گنان ۾ وائي ڪافيءَ وانگر وراڻي/ ٿل/ اسٿائي موجود آھي. ھر  بند کان پوءِ اھو ورجاءُ اسان کي سنڌي وائي ۽ ڪافيءَ جا ابتدائي اھڃاڻ پسائي ٿو:

ٿل -   اٿي الله نه گھرين بندا، تون ستين ساري رات

نڪا جھوري جيو جي نڪو سمر ساٿ

شاھه مڃيئڙو تن جي صبحڙي جاڳن.

١-      صبوحڙي نه جاڳن، تنهن کي حورون نه ڏين ھٿ

سي ھاءِ ھاءِ ڪندا ھٿ ھڻندا، جئن ھاريءَ وڃائي وٿ

٢-     ٻانها تونجو تڪيو، ڪنڊن ۾ ڪوڙ

پسي رات گلڙا، م وڃائج مور

٣-     ٻانها تونجو تڪيو، ڪنڊن ۾ ڪيو

جڏين سچاڻو سور ڪيئن تڏين سمريو

٤-     ڪپاه جـَنين ڪتيو، جڏين ستو لوڪ

تنين پانهنجو ڪتي وڌو، ڳچي ڳاڙھو ٿوڪ

٥-      جيڙو ني تيڙو اگھيو، ھوند ڪتيائين

پوءِ سڀاڻي سرتين وچ، ملي مرڪيائين

٦-     ڪوٺا منڊپ ماڙيو، گھر گھوڙا ڀنڊار

ڪين نه نيا پاڻ سين، جيو چلنتي وار

٧-     ڀڻي پير صدرالدين آئين سڻو مومن وير

الک ڇٽو تن کي، جن مڃيو شاه پير

شاھه مڃيئڙو

فنا جي باري ۾ فرمائي ٿو:

ڪيڙيون اڏائين گڊ ماڙيون، تين تي ڪيڙا رکائين چـِٽ

نيھي نيدءِ ڌوڙ ۾، توتي لتون ڏيندا مٽ

سڻ وڻجارا، ھويار – ھي من ھروئڙو ٿو جھولي

ڪلام ۾ پسي رتاگلڙا، ڪپاه جنين ڪتيون ۽ ٻيون مصرعون لطيفي ڪلام ۽ پوئي دور جي شعر ۾ نمايان ملن ٿيون. انهيءَ لحاظ کان چئبو ته پير صدرالدين جو ڪلام موضوع ۽ زبان جي لحاظ کان پوئين دؤر تي اثر انداز ٿيو ۽ ھيئت جي مدنظر به (٢٣).

اندازا يارھين صدي عيسويءَ جي اواخر کان وٺي پنڌرھين صديءَ جي پنجين ڇھين ڏھاڪي واري دؤر ۾ اسماعيلي فڪر جي داعين جي دعوت جو سلسلو گنانن ۾ نظر اچي ٿو. ھي گنان موضوع، زبان ۽ ھيئت جي لحاظ کان نهايت دلچسپ آھن. گنانن جي مستند عربي -  سنڌي متن جي اشد ضرورت آھي. اھڙي متن جي اڌار تي ئي مزيد مطالعو ٿي سگھي ٿو.

هڪ بيت تي تحقيق

ڊاڪٽر بلوچ هڪ بيت تي تحقيق ڪندي لکيو آهي ته هي سومرن جي آخري دؤر جو آهي، بيت هي آهي:

ڍري ڍڳري راءُ، جنهين چارڻ سان کاه،

پتڻ پتي جو ٿيو، سيج وتايو ساه،

هميرا پوراه، راجھ ته ڪندا سومرا،

        بهاولپور گزيٽ ۽ رسالي العزيز ۾ آيل هن بيت جو تعلق رحيم يار خان جي ڳوٺ ڦل وڏا جي حاڪم لاکي ولد ڦل سان آهي. هن ڪنهن چارڻ کي ڀلا گهوڙا انعام ۾ ڏنا. اُهي ڍوري راءُ سومري جي سازش سبب چورائجي ويا، بيت ۾ پاراتو آهي(24).

حوالا

1.      بلوچ، نبي بخش خان، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جھامشورو، 1999ع، ص 1

2.     گريئرسن جو ڪتاب ”لئنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ آهي.

3.     بلوچ. سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، 1962ع، حيدراباد، ص – ج

4.     ڏسو حوالو نمبر پهريون، ص 3

5.     ايضاً، ص ،ص 32-33

6.     ايضاً ص- 33-  پڻ ڏسو ص 3 کان 33

7.             سراج الحق، سنڌي ٻولي، عظيم پبليڪيشن حيدرآباد، 1964ع، ص -14

8.     الانا، غلام علي، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1974ع، ص 7

- ۽ پڻ ڏسو : مقالو سماهي مهراڻ2/1967ع، ص 75 کان 80

9.     بلوچ. حوالي نمبر پهرئين موجب ص، ص 69- 70

10. ايضاً – ص 70

11.  ايضاً ص 71 ۽ پڻ ڏسو مضمون ۽ مقالا ص 14

12. ايضاً- ص 72

13. ايضاً - ص 127

14. ايضاً- ص ص 129-131

15. ايضاً ص ص 130-131 ۽ 132

16. ايضاً -  ص 139

17. ايضاً -  ص ص 195-204

18. ايضاً- ص 203

19. الانا، غلام علي، مهراڻ 1-2/1960ع، مقالو ”سومرن جي دؤر جي سنڌي شاعري، ص 149

20.                        ايضاً – ص 149

21. ايضاً – ص 150

22.                        ايضاً – ص 151

23.                        گنانن تي لکندي ڊاڪٽر بلوچ جي مٿي حوالو ڏنل ڪتاب ۽ ڊاڪٽر الانا جي 19 نمبر تي ڏنل مقالي توڙي پنهنجي لکيل ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ مان مدد ورتي وئي آهي.

24.                        بلوچ. بموجب حوالو نمبر پهريون – ص ص 148-149

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org