دنيا جي ڳالهين عشق مجازي، شرابنوشي، نذر نياز ۽
سود سماع جو تفصيلي ذڪر ڪندي خرافات کان پاڻ پلڻ
جي تلقين ڪري ٿو.
قمرالمنير: هن ڪتابجو بنياد عربي ڪتاب”شرح سراج
المنير“ تي آهي. جنهن ۾ رسول ڪريمﷺجن جي اسوه حسنه
حالات وغيره جو بيان آهي، مخدوم عبدالله اُن کي
خوبصورت ۽ محبت ڀريي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. فصاحت
۽ بلاغت جي لحاظ کان ۽ ادبي نقطه نظر سان
قمرالمنير جو نظم وڌيڪ اثرائتو ۽ پُر سوز آهي.
خانبهادر ميمڻ بلڪل صحيح راءِ ڏني آهي ته: ”مخدوم
عبدالله ههڙي قسم جو نظم اڪثر اُن وقت لکندو هو،
جنهن وقت سندس دل تي غم جو بار هوندو هو، ڪن پيارن
جي جدائي، زماني جي بي التفاتي ۽ عزيز جي وفات جي
تازي صدمي جي اثر هيٺ سندس طبع ۾ هيجان ۽ غم
واندوه هوندو هو ته ههڙو نظم لکندو هو.“
قمر المنير جو سو طويل نظم هڪ ئي قافه ”ن“ تي آهي.
پنهنجي دلگيريءَ جو بيان هيئن ڪري ٿو:
گوندر مٿي گوندرين، اپر اوتون ڪن،
موت مشڪلاتون مفارقتون هم غم هزارن،
ڪيس تن ڪاهل گهڻو ماري مصيبتن،
مون سين موافق جي هئا منجهه مڙني مصلحتن،
درد دلگيريون دل جون، جن ڏٺي، ڏور ٿين،
سي اڦڻ موڪلايا اُسهيا پوريو پهه پين،
ارتو اوتيان اکين ساريو ڳڻ سندن.
عزيزن ۽ دوستن جي بي مهابائيءَ ذڪر رقت
آميز ۽ دلسوز انداز سان ڪري ٿو:
عزيز هئا جي اڳيان تن ڇڏيو ساءُ سڀن،
ويو ميٺ مڙن مان ڪو جو واءُ ورين،
گهڻگهرائي ناهه ڪا مڙئي مَٺو گهُرن،
نفسانيت نابود ڪئي مٺائي مڙن،
حضور ﷺ جن جا اوصاف حميده جو بيان ڪندي
سندن سيرت جو مڪمل ذڪر ڪري ٿو. معراج شريف جو ذڪر
ڪندي فرمائي ٿو:
جئن پاتو پير رڪاب ۾ رحمت عالمن،
براق ڀجھي اڳهون ٿيو اُڀيي نه اسب سندن،
پٺ نه جهلي سو پانهنجي اڳيان عجيبن،
هينئڙي هڻڪارون ڪري ڪڏي ڀر قدمن،
سهکو اُڀي نه ساٿرو مهندان مقبولن،
ڪري رقص ري پئي نچي سين نازن،
حضرت جبريل هڪل ڪري ساڻ هيبتن،
چيس چٽي زبان سين وٺي واڳ هٿن،
ڪ نه سڃاڻين نبيءَ کي جو مهندار محبوبن.
براق جواب ۾ چيو:
چي گهڻو سڃاڻان هور اي دادلو ڌڻين،
مولي سندو محبوب جو، سو سڀئي سڃاڻن،
اکين تي آئون کڻان پيزارون پرين،
پر جھاڻي ڪيم سرڪشي ايءَ اڳيان عجيبن،
تان مون سين ڪري وعدو ورتهان پوءِ چڙهن!
هي سٽاءَ بلاغت جي لحاظ کانتمام پختو ۽
معياري نظم آهي. ٻولي لاڙي ۽ ڪٿي ڪڇي لفظ به ڪم
آيل آهن. مخدوم عبدالله جي هنن ٻن ذڪر ڪيل ڪتابن
کان سواءِ ٻيا ڪتاب غزوات، شجاعت سيد الانام،
خلفاءِ راشدين ۽ سنڱ نامو وغيره به آهن، پر سڀني
جو سرموڙ ”خزانه اعظم“ آهي. جو مڪمل طور ڇپبو ته
هن عالم جي علمي معيار جي پوري ڪٿ ڪري سگهبي.
مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم
محمد هاشم ۽ مخدوم عبدالله جهڙن وڏن عالمن جي
ڪتابن کان سواءِ ٻيا به عالم آهن، جن ههڙن طوين
نظمن(سنڌين) ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. اُنهن جا ڪتاب
ڇپجي چڪا آهن. اهو سلسلو پوئين دؤر ۾ به جاري
رهيو. ان سلسلي ۾سنڌين جي انداز تي مناظرا ۽ محدون
۽ ٻيو ڪلام چيو ويو. ڪيترائي ڪتاب نصابي ۽ درسي
ضرورتون پوريون ڪندا رهيا. نشانبر ۽ گهڻو مقبول
ڪتاب هيٺيان آهن:
1. مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، سنڌي
2. مخدوم عبدالخالق، مطلوب المؤمنين
3. مولوي محمد حسين، سيربستان
4. مولوي علي اڪبر، حصص الاموال و بخل الاموال
5. مولوي مهرو، تفسير پاره علم
6. مولوي عبدالسلام، شمائل نبوي
7. مولوي احمد، روضة الشهداءَ
8. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي، هدايت المريدين
9. مولي ولي محمد، حڪايت الصالحين
10. محمد شريف راڻيپوري، مُلڪي سنڌي
ان کان سواءِ دائري وارن جي سنڌي المصباح
المفتاح(علي محمد شاهه) ٻين ڪيترن ڪتابن ۽ رسالن
جا نالا اچن ٿا، جن ۾ ديني نوعيت جو ڪلام لکيو
ويو، جنهن سان درسي ضرورتون به پوريون ٿيون ۽ انهن
مان ڪي پنهنجي تسلسل معيار، بلاغت ۽ فصاحت سبب
شاهڪار آهن(41).
حوالا
1.
بدوي، لطف لله، تذڪره لطفي، ٻيو ڇاپو(جلد اول) آر.
ايڇ احمد برادرس حيدرآباد، 54-1955ع، ص ص 282،
283.
2.
ايضاً – ص 283
3.
راڻيپور، مولوي محمد صادق، سچل سرمت جو سرائيڪي
ڪلام. سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص 4.
4.
ايضاً - ص ص 9- 10
5.
سرمت 12، ص 18
6.
بدوي، تذڪره لطفي، ج -1، ص ص 320، 321
7.
ايضاً – ص 320
8.
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جي تاريخ،
ڪاٺياواڙ اسٽور، لاڙڪاڻو، 1993ع، ص 103
9.
بلوچ، نبي بخش خان، مئين شاهه عنايت جو ڪلام، سنڌي
ادبي بورڊ، 1963ع
10.
حوالي نمبر 8 موجب، ص ص 103- 104
11.
تذڪره لطفي، ص ص 196-197
12.
بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، مداحون ۽ مناجاتون،
سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص 203
13.
مقالو محبوب علي چنه، نذر لطيف، محڪمه اطلاعات
مغربي پاڪستان، ص 90
14.
سيد قادن شاهه، تمر فقير جو ڪلام، سنڌالاجي 1970ع،
ص ص 8 کان 17
15.
دائودپوٽو، عمر بن محمد، مقالوِ تمر احوال ۽ ڪلام،
نئين زندگي، نومبر 1955ع، ص ”ج“
16.
سيد قادن شاهه، حوالو نمبر 14، ص 19 کان 21
17.
ايضاً – ص 21
18.
ايضاً – ص ص 22- کان 24 ۽ نئين زندگي، نومبر
1955ع، ص ”د“
19.
تمر فقير جو ڪلام، ص 22
20.
بدين ۾ تمر فقير جو تڪيو مبينه طور اُن هنڌ هو،
جيڪو پوءِ نانگي جو اوتاروسڏجڻ آيو ۽ هن وقت ڪريم
بخش زرگر جي ملڪيت آهي. زرگر جي چوڻ موجب هُن هي
پلاٽ ڪريم پوٽن(شاهه ڪريم جي پوين)کان ورتو. هي
پلاٽ منهنجي گهر سان متصل آهي.
21.
تمر فقير جو ڪلام، ص ص 37- 38.
22.
ايضاً - ص ص 54 کان 56
23.
ايضاً- ص ص 96 کان 105
24.
بلوچ، نبي بخس خان (ڊاڪٽر)، سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو
منظوم ذخيرو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
1993ع ص 29.
25.ايضاً
– ص ص 14-15
26.
ايضاً – 29
27.
ايضاً- 437
28.
ايضاً – تفصيل لاءِ ڏسو باب اٺون، ص ص 372 کان 414
29.
ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ،
ڀاڱو پهريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد،
1937ع، ص 131
30.
قانع، مير علي شير، تحفة الڪرام(سنڌي) سنڌي ادبي
بورڊ، حيدراباد، 1957ع، ص 561
31.
ايضاً – ص 561
32.
قانع، مير علي شير، مقالات الشعراء، سنڌي ادبي
بورڊ، ڪراچي 1957ع، ص ص 841-842
33.
۽ پڻ ڏسو سماهي محران (1-2-1980ع) ۾ پير حسام
الدين راشديءَ جو مقالوِ ”ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽
تاليف جو جائزو“، ص 133
34.
مخدوم محمد معين، دراسات اللبيب، مرتب عبدالرشيد
نعماني، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، مقدمي
جو حاشيو، ص 16
35.سنڌي
ادب جي تاريخ، ص 171
36.
قانع، مير علي شير، تحفة الڪرام(سنڌي) سنڌي ادبي
بورڊ، 1957ع، ص ص 559-560
- ۽ پڻ ڏسو خانبهادر، سنڌي ادب جي تاريخ (1)، ص ص
129-130
37.
ڏسو ڪنزلعبرت 1961ع وارو ڇاپو، جنهن جي مهاڳ ۾
صحيح معلومات مولانا قاسمي صاحب، ڏني آهي. هي
ايڊيشن مولانا محمد مدني ڇپايو آهي(مهاڳ ص ”ب“).
38.
ايضاً- ”ج“ مهاڳ ۽ پڻ ڏسو، سنڌيون، از عبدلاجبار
جوڻيجو، سنڌالاجي، 1970ع، ص 73.
39.
هي معلومات قبله قاسمي صاحب عنايت ڪئي: جنهن کي
آءٌ پنهنجي ڪتاب سنڌيون ۾ آڻي چڪو آهيان.
40.
خانبهادر، سنڌي ادبي جي تاريخ، ص ص 214-215
41.
تفصيل عنوان وار ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب”سنڌي ٻولي ۽
ادب جي تاريخ“ اٺين باب ۾ موجود آهن.
باب چوٿون
عروضي شاعريءَ جي ابتدا
سنڌي عَروضي شاعري، سنڌي بيت ۽ وائيءَ کان
پوءِ آئي. وزن جي لحاظ کان سنڌي بيت ڇند و ديا تي
آڌاريل هو. علم عروض عرب مان ايران کان ٿيندو سنڌ
۽ هند ۾ پهتو. سنڌ ۾ عروضي شاعريءَ جا جيڪي
ابتدائي اهڃاڻ ملن ٿا. اُنهن جا محرڪ ٻه صاحب آهن.
اُنهن ۾ پهريون محمد خان غني هو ۽ ٻيو پروفيسر لطف
الله بدوي هو. ٻنهي بالترتيب ٽکڙ ۽ شڪارپور جي چند
اهڙن شاعرن جي نشاندهي ڪئي، جن جو شعر علم عروض تي
موزون ٿيل هو.
هن سلسلي ۾ پهرين محمد خان غني هڪ ننڍڙو
ڪتاب”سنڌ جي جديد شاعري“ (1936ع) لکيو ، جنهن ۾ هن
ظاهر ڪيو ته ٽکڙ ۾ ڪي شاعر. عروضي شاعري ڪري رهيا
هئا، جن جو ڪلام مليو آهي. هي زمانو اندازاً 1717ع
جو آهي، جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ
جو عام شهرو هو. ٽکڙ جا هي شاعر هئا. نور محمد
خسته، حافط عالي، ميان ڇتن، مرزا تقي ۽ محمد صالح
ميمڻ(1). اُن کان پوءِ پروفيسر بدوي پنهنجي
تاليف”تذڪره لطفي“ ٽئين جلد ۾ غني صاحب جي ذڪر ڪيل
مٿين شاعرن جي حوالي سان گڏ ڪن شڪارپور طرف جي
عروضي ڪلام چوندڙ شاعرن جو به ذڪر ڪيو.
هونئن اندازاً انهيءَ زماني (18 صدي ع جي
ابتدا) جي ڪن شاعرن جو عروضي ڪلام موجود آهي.
جهڙوڪِ مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جا مولود ۽ جمن چارڻ
جي مناجات وغيره، جن جو تزڪرو ٿي چڪو آهي. ذڪر ڪيل
ٻن محققن جي ظاهر ڪيل شاعرن جو ڪلام ٿوو آهي، ته
به عروض موجب آهي. ائين عروض شاعريءَ جي ابتدا ۾
اچي ٿو؟
جناب محمد خان غنيءَ جي تحقيق موجب جيڪي
عروضي شاعر آهن، اُنهن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:
نور محمد خسته: غني صاحب هن شاعر جي ڪلام جو نمونو
ڏنو آهي. خسته ٽکڙو ويجهو وسي شهمير شاهه جو ويٺل
هو. هن جو زمانو 1130/1717ع آهي. روايت آهي ته هُن
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مدرسي مان تعليم حاصل
ڪئي(2). انهيءَ حوالي سان هو هڪ عالم ماڻهو هوندو.
سندس زندگيءَ جو ڪو گهڻو احوال ڪو نه ٿو ملي. سندس
عزل جي هر شعر جي هڪ مصرع فارسيءَ جي آهي؛ سواءِ
هڪ شعر جي، غزل هي آهي:
تابر افنگدي از رخ تو نقاب،
حشر ٿيو آفتاب لايو تاب،
آن منم کز تصادم هجران،
روز شب ٿو رهان بي خور و خواب،
کشتيءَ عمر من به بحر غمت،
لهر لوڏن هڻي ڪئي غرقاب،
تابش حسن بي مثال سندئي،
بره ڏيئي وري ڪيو بي تاب
خسته و خوار منجهه وسيءَ مون جئن
نيست ديگر کسي ز شيخ و شاب.
هن کان وڌيڪ غني صاحب خسته جو ڪلام نه ڏنو
آهي، لڳي ائين ٿو ته هي اثاثو گم ٿي ويل آهي. شاعر
جي فارسي زبان ۾ پختگي هُن جي قابليت کي ظاهر ڪري
ٿي ۽ فارسي اثر واري غزل جو معيار به پڌرو ٿئي ٿو.
حافط عالي: هي به چڱي معيار جو شاعر معلوم ٿئي ٿو.
اسدالله شاهه بيخود، عاليءَ بابت لکي ٿو: ”هو قوم
جو ميمڻ هو، مومن اسلام ڪوٽيءَ جو شاگرد هو، اگرچه
سندس ولادت جي تاريخ معلوم ڪونهي، پر بياض مان
معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ سال 1192هه/ 1779ع ۾ وفات
ڪئي. حافظ صاحب جو سنڌي ۽ فارسي ڪلام گهڻو هو، جو
زماني جي انقلابن ۽ قديمي ڪتابن تي اڏوهيءَ جي
حملن جي ڪري سڀ ڪجهه ناپيد ٿي ويو.(3)“
سندس پوين مان حافظ يوسف، حافظ دلگير ۽
حافط عبدالله بسمل جهڙا وڏا شاعر پيدا ٿيا، حافظ
عاليءَ جي ڪلام جو نمونو هي آهي:
آهه اسلام ڪوٽ ۾ منهنجو
مرد مؤمن مجاز جو مهندار،
ڪنهن سڃاتو نه ڪنهن سڃاڻڻ جو،
معرفت ۾ مٿي سندس مقدار،
سڪ وارن سبق سريو سالم،
پرت وارن پسيو پراهون پار.
ميان ڇتنِ هونئن زبان ۽ بيان ۾ ميان ڇتن سنڌي
شاعري4 جي پراڻي رنگ ۾ آهي، پر هيئت جي لحاظ کان
سندس غزل موزون آهي. ڇتن به خسته ۽ عالي جو همعصر
ٽکڙائي شاعر آهي. هن جي حياتيءَ جو وڌيڪ احوال
دستياب نه آهي. غزل هي اٿس:
پراهون پرين پيو نه پانب ڀرو،
سڪا سنڌ سيني کي سريو سرو،
ونيون واجهه ويترا وجهن واءِ واءِ،
ڪري قرب واڍوڙين ڏي ورو،
پسي پانڌ پازيءَ جو ڀر بوترابي،
گنهگار جو آهي، گولو گرو.
هونئن ته لڳي ائين ٿو ته ميان ڇتن جو ڪلام
به زماني جي دستبرد سبب نٿو لڀي، پر هڪ ٻه شعر ٻيا
به تذڪرن ۾ ملن ٿا. اُهي سندس غزلن جا ئي شعر اهن،
جن مان سندس طبع جي موزو نيت ظاهر ٿئي ٿي:
پڪو پرت ۾ ڪيو پتنگن پچي
رهيا رمز ۾ آڳ مهندان اچي.
-
پکي پڃرو، مڇي مهراڻ، ڦٿڪي پيا ۽ ڦاسن پيا،
ڪڍي ڪاني، منڊي ماري، لمي لڙ ۾ رڙهي رڻ ۾.
محمد صالح ميمڻ: اسدالله شاهه اد بيخود جي لکڻ
موجب محمد اصله اُنهن ميمڻن مان هو، جيڪي مٽيارين
مان سيدن سان گڏ لڏي ٽکڙ آيا(4). هن جو سنڌي ڪلام
ڪو نه ٿو ملي، باقي فارسي ڪلام موجود آهي. هن
خاندان مان حافظ حامد، مخلص، دائود ۽ غني جهڙا
شاعر پيدا ٿيا(5).
ائين هڪ شاعر مرزا تقيءَ جو به نالو آيو آهي، جنهن
جو فقط هڪ سنڌي شعر تذڪرن ۾ نقل ٿيو آهي. پروفيسر
بدويءَ جن شاعرن کي ابتدائي عروضي شاعر ڪري کيو
آهي. تن ۾ صاحب ڏنو”صاحب“ شڪارپور، ملا اويس
شڪارپوري ۽ ڪرم الله شڪارپوريءَ جا نالا آهن.
صاحب ڏنو صاحب شڪارپوري: هن شاعر جي هڪ مدح، علم
روض موجب آهي. هن جي ولادت ۽ وفات جون تاريخون ڪو
نه مليون آهن، پر تزڪره نگارن هن کي ارڙهين صدي
عيسويءَ جي اوائلي دؤر جو شاعر قرار ڏنو آهي(6).
سندس مدح فارسي ۽ عربي لفظن سان سينگاريل آهي:
ملڪ مقرب جي نه هئي جاتي نبين جا يگاه
سا سندءِ جيءَ جاءِ خوش آڏنهن بارگاه
خت سر قدرت قدم بيشڪ رکيو تو بادشاه
سر اوهان دستار دولهه تاج قدرت جي ڪلاه
اغثني يا سيدا رس يا نبي خيرالبشر
غور ڪر غمگين جو اي نور نافع نامور.
ملا اويس شڪارپوري: ملا اويس، صاحب جو همعصر هو.
هن 1720ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام به عروض جي تارازي
جي تورتڪ موجب آهي. ملا اويس جو هڪ مثال لاءِ ميسر
ٿيو آهيِ :
سيارو ويو بهار آيو،
گلن آ باغ ٻهڪايو،
ٽڙي ٽانگر ۽ چنبيلي،
ڪڍي منهن مگري مرڪايو،
پراڻا پن پيا پٽ تي،
وڻن کي هير ڇڻڪايو،
بهاري ويس ساوڪ جو،
وڻن کي واه پهرايو،
لنون لاٽون پکي گڏجي،
بهار آيو، بهار آيو.
هن نظم جي زبان ۽ انداز بيان ويهين صديءَ
جي ڪنهن به نظم جي برابر آهي. اُن کي بيوس،
هوندراج دکايل، هري دلگير ۽ نواز علي نياز جي ڪلام
سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
ڪرم الله شڪارپوري: شڪارپور مان ٽيون شاعر ڪرم
الله آهي، جنهن جو ڪلام علم عروض موجب آهي، هون
1731ع ۾ وفات ڪئي، سندس هڪ مدح جو مثال هي آهي:
تون جو آهين شاهه منهنجو تون جو آهين دستگير،
تون ولهين جي واهه آهين تون ئي واهر آهين وير،
تون ئي آڌار آن اڙين جو تون منهنجو آن امير،
تو بنا ڪونهي وسيلو تون وسيلو آن پير،
شاهه منهنجي واهه ڪر ڪا غوث اعظم دستگير.
ٽکڙ ۽ شڪارپور جي شاعرن جي ڪلام جي مثالن
مان اها پروڙ پوي ٿي ته هي سلو ڪجهه آڳاٽو ئي
پوکيو ويو هوندو، جنهن اندازاً ارڙهين صدي عيسويءَ
جي پهرئين چوٿ ۾ بهاري ڏيکاري. هنن شاعرن کان اڳ ۽
پوءِ ڪافي شاعرن جو عروضي ڪلام هوندو، جو منظر عام
تي اچي نه سگهيو آهي. بهرحال هي ڪلام منظر عام تي
آيو ۽ لطيفي دؤر جو آهي.
لوڪ ادب
سنڌي ادب ۾ قديم ترين اسم، لوڪ ادب جو سمجهڻ
گهرجي، پر اُن جي ڳاهن جي مثالن کان سواءِ ڪو واضح
مثال نه مليو آهي. لوڪ ادب جا خالق عوام آهن ۽
انهن جا نالا نشانبر نه ٿيا آهن، جيڪي نالا نشانب
ٿيا ۽ صنفون ظاهر ٿيون، انهن جو تعلق به اڪثر
لطيفي دؤر سان آهي. لوڪ ادب به، ادب جو هڪ جُز
آهي. دنيا ۾ اڪثر لوڪ ادب ۽ تحريري معياري ۽
مطبوعه ادب جي وچ ۾ حد فاصل هوندي آهي، پر جن سماج
۾ شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي ادب جو وچ ۾ اهڙي حد فاصل نه
هوندي آهي، اُهو سڀ برابر آهي. سنڌ ۾ هاڻي ايڪيهين
صديءَ تائين ايندي اهڙي حد فاصل قائم ٿي وئي آهي.
هن حد فاصل جو اشارو پهرين ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ادبي
بورڊ جي چاليهن جلدن واري لوڪ ادب رٿا جي پهرين
جلد ”مداحون ۽ مناجاتون“ (1959ع) جي مهاڳ ۾ ڏنو:
”پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب
جون اُهي جملي جنسون جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ
جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي لوڪ ادب جو
ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب
جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثال مداحون،
مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره : مگر جيئن ته
اُهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور
آهي، اُنهي ڪري انهن کي پن لوڪ ادب جي دائري ۾
شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ
گڏ ڪيل لوڪ ادب جي بعينه فوڪ لور
(Folk lore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو.
اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگيءَ اڃان ايتري وسعت يا
خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي
زندگي ءَ تمندن جو معياري ادب جو سرچشمو بڻجي.
سنڌي زنگيءَ جو مڪرزي دائرو اڃان ڳوٺ آهي ۽ انهيءَ
ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اُهو ئي آهي جو عوام جي
زندگيءَ جو آئينو آهي. اُن ڪري هن مرحلي تي سنڌي
ٻوليءَ جي هڪ لوڪ ادب ۽ معياري ادب جي وچ ۾ حد
فاصل قائم ڪري نه ٿي سگهجي(7).“
هاڻي اندازاً پنجاه سالن گذرڻ کانپوءِ
غزل، نظم ۽ نثري نظم کان، ڳجهارت، هنر ۽ سينگار کي
جدا رکي سگهجي ٿو، پراڻا لوڪ ادب جا معمار نامعلوم
آهن ۽ پوءِ جا لوڪ ادب جا خالص ڪي قدر معلوم آهن.
سنڌ ۾ لوڪ ادب تي وڌ ۾ وڌ ڪم، سهيڙ ۽
سموهه ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪئي. لوڪ ادب جي چاليهن
جلدن واري رٿا مڪمل ڪيائين، جنهن ۾ مداحون،
مناجاتون، مناقبا، مناظرا، مولود، ٽيهه اکريون،
لوڪ ڪهاڻيون. داستان، هنر، سينگار، ڏور، ڳجهارتون،
پوليون، ڏٺون، لوڪ گيت، بيت، نڙ جا بيت ۽ ٻيون
صنفون اچي وڃن ٿيون(8). اُن کان پوءِ هن بحر جو
ٻيو غواص ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ساماڻو، جنهن لوڪ
شاعريءَ جي لغت واري حصي کي خوب روشن ڪيو. هن
سلسلي ۾ سندس ڪتاب، سنڌ جو سينگار، وينجهار، پهاڪن
جي پاڙ، ڏهس نامو، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو ۽
اصطلاحن جي اصليت، خاص طور اهم آهن. شاعرن جي ڪلام
جي ترتيب، سچل لغات، سامي ڏاتو، ڪوش نهايت معياري
ڪاوشون آهن(9). اُن کان سواءِ سيد عبدالحسين موسوي
۽ محمد ابراهيم عباسيءَ، ٻه ڪتاب ”سُڳند“ ۽
”سرهاڻ“ لکيا، جن ۾ لوڪ ادب جون صنفون جمع ڪيل
اهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتاب ”ڏور“
آهي. ڪن ٻين صاحبن جون ڪاوشون به آهن. ڪن سگهڙن جا
ڪتاب به آهن، جن ۾ عبدالرحمٰن مهيسر، محمد ملوڪ
عباسي ۽ وريام فقير جا ڪتاب اهم آهن.
ڀارت ۾ خاص طور لوڪ ادب تي ڊاڪٽر نارائڻ
ڀارتي ڪم ڪندو اچي. هن جي ڪم ۽ سهيڙ ۾ لوڪ گيت
وڌيڪ نمايان آهن. اهڙا اٽڪل اٺ ڪتاب آهن. هي ڪتاب
1960ع کان 1972ع تائين ڇپيا آهن. لوڪ ادب هڪ اٿاه
مها ساگر آهي. هن ۾ لوڪ ڪهاڻيون ۽ ٻيا نثري
داستان، مدح مناجات وارو ڪلام، هنري سٽائن ڏٺ،
پرولي ۽ هنر وغيره اچي وڃن ٿا. هي سلسلو قديم وقت
کان جاري آهي. هن هيٺ جلال کٽيءَ جي سينگار جي
بيتن مان ڪي مثال ۽ هنر جا ٻه مثال ڏجن ٿا. اُن
لاءِ ته جلال کٽي لطيفي دؤر جو هو.
جلال کٽيءَ جي اصل مسڪن بابت مختلف
روايتون اهن. ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر سنديلي، جلال جي
باري ۾ تحقيق ڪئي اهي. اُن لحاظ کان متفق راءِ
هيءَ آهي ته جلال کٽي موندر تعلقي ۽ ضلعي دادو جو
هو. پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڪندو هو. هو ڪپڙا ڌوئيندو
هو. تخلص به کٽي ۽ رنگريز آندو اٿس. سندس ٻيو به
ڪلام آهي، پر سينگار ۾ هو اُستاد شاعر آهي. جلال
جي قبر پير تُرهي تي آهي. اندازاً 1150-1160هه
ڌاري فوات ڪئي اٿس.(10).
سنڌي جي شاعرن سينگار جو هنري ۽ لغوي
نمونو اختيار ڪيو، سو هندي سينگار شاعريءَ جي زير
اثر ڪيائون. نه رڳو ايترو پر بياني طرز به منفرد
اٿن. جلال جي سينگار بيتن جو نمونو هي آهي:
تمهر روپ ترنگ، هن ڪنول ڪيس قريب جا،
سهه ڳچي قد سروي، ڪونتر نيف نسنگ،
ٻُونگر سر بُراءَ جي، مزگان ڪيش خدنگ،
لڪ ليئَي ڏهر ڪپور، ڀرون ڀونر ڀونگ،
تنهن سسايا سارنگ، جلوي ساڻ جلال چئي.
-
جب گوري گهنا ڪري، اَٺ ڏوڻا اغماز،
ڏه- ڏون ڏيهاڙي ڪري، ڪامڻ ويس قواز،
اُن جي چرنن تي چريا ٿيا، پس وتن پرواز،
آهون مين مشاهدي، ڪن طائوس تواض،
ترنگ تاب تپاڪي، ڪن نيون نانگ نياز
سرو صنوبر سرزمين، ڪم ڪيچن مان ڪماز،
جي اهڙي دور دراز، تن جياپو جيءُ جلال چئي.
-
ڦينٽي مٿي ڦل، سونهي سير سردار جي،
جنگ ساماڻي جکري، لٿو هيبت هُل،
مٽ نه آهي ملڪ ۾، توڪ سندو ڪوتُل،
اچن در عجيب جي، ڪيرت وارا ڪُل،
جني مال نه مُل، تن ڏئي جنهن وار جلال چئي،
هنر ۾ علم بديع جي صنف تجنيس جو استعمال
هوندو آهي. هن ۾ هم جس هم آواز لفظن جون هڪ کان
وڌيڪ معنائون هونديون آهن. کيڏ ۾ سگهڙ مختلف نالن،
ذاتين، پکين، جانورن، اناجن ۽ ٻين وٿن جي لڪ رکندو
آهي. جنهن کي سگهڙ پنهنجي زبان ۾ وٽ يا ور چوندا
آهن. هنرن جا ڪيترا قسم آهن، ٻه مثال هي آهن:
پکين پاڙهيرين جا، سهسين سُڄن سر،
پاڙهيري پَهه ڪري، سامهان ايندا سَر،
پاڙهيري پَه ڪري، سڃيندئي سَر،
ڪٿي لڪندين ڪانهن ۾، ايهي سنهڙا سَر،
پئي سونهي موتين سَر، لالن گڏ لوهار چئي.
هي هنر محمد طالب لوهار جو آهي، جو ٽنڊي
باگي جو اُستاد سگهڙ هو، ويهين صديءَ جي آخر ۾
گذاري ويو. هتي ”سَر“ لفظ ۾ لڪ ڪيل آهي، اُن جون
مختلف معنائون آهن.
مومل جي ماڙيءَ ۾، هئي گدرن جي گلزار،
واڱڻ
ايئن ولها ڪري، هنداڻا هار،
ڪدو ڏٺا هيئي ڪاڪ ۾، ته تنبي ساڻ ترار،
مهيي
تي ميار، ريڀڙ رکڻي هئي ڪانڪا.
هي هنر سُر موڪل راڻي ۾ لڪل آهي ۽ ڀاجھين
بڪرن تي آڌاريل آهي. اهو ٿيو هڪ سُر پر ٻن يا وڌيڪ
سُرن ۾ سگهڙ لڪ ڪندا آهن. ٻن سُرن وارو ”دراڻو
هُنر“ هي آهي.
هئه پسي حيران ٿئين، ڏسي ڏونگر ۾،
لاهي پسين ها لڱن تان، ڏسي ڏونگر ۾
ڏسي ڏونگر ۾،
چڙهي وئين چانڊيو چوي!!
”ڏونگر“ لفظ جي استعمال ڪري هن بيت کي
سسئيءَ جو جھاتو ويندو، پر نه! سگهڙ ڏونگر
جي سمجهاڻي ڏيندي. اُن کي چيريندو ته ٿيندو:
ڏون گهر ۾، ائين هي هنر سُر مومل راڻي ۾ هليو
ويندو ۽ هتي سڀ قافيا هڪ ئي معنيٰ وارا آهن. مومل
ٿي چوي، ٻن کي گهر ۾ ستل ڏسي ڪاوڙجي هليو ويو. لڱن
تان ڪپڙو لاهي ڏسين ها. مون سان ته سُومل ستل
هئي!!
لوڪ ادب جو هي سلسلو جلال کٽيءَ (يا اڳ)
کان هليو سو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. جلال
سينگار، هنر، ڏور ۽ ٻيا بيت چيا، لطيفي دؤر جو هي
شاعر/ سگهڙ هن لوڪ ادب قافلي جو سالار آهي.
لس ٻيلي جا شاعر
ڊاڪٽر بلوچ جو تحقيقي ڪتاب”ٻيلاين جا ٻول“
هن موضوع جو اول ۽ آخر ماخذ آهي. ڪتاب جو پهريون
ايڊيشن 1951ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو گهڻو وڌايل ايڊيشن
1970ع ۾ شايع ٿيو.
لس ٻيلو اجھ بلوچستان صوبي جو هڪ ضلعو
آهي، پر ماضيءَ ۾ اُن جي حيثيت ٻي هئي. هي علائقو
سنڌ جي اولهه ۾ اٽڪل ست هزار چورس ميلن ايراضيءَ
تي مشتمل آهي(11). 1951ع جي آدمشماري موجب هتي 76
هزار آدم رهيو ٿي. قبل از تاريخ دؤر ۾ هن جي باري
۾ معلومات ملي ٿي. هتي انساني آباديءَ جا آثار ملن
ٿا. 326 ق – م ۾ سڪندر اعظم لس ٻيلي مان لنگهيو
هو(12). اُن وقت لس ٻيلي جو نالو گيدروشيا
(Gedrosia)
هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، لس کي سنڌ
جو تاريخي دروازو لکي ٿو: ”عربي دؤر حڪومت بعد
سومرن ۽ سمن جي حڪومت ۾ لس ٻيلو سنڌ جو هڪ مکيه
ڀاڱو هو. سنڌ جي سمن گهڻي انداز ۾ وڃي لس وسايو،
جنهن ڪري خاص سنڌ جو تمدن لس ٻيلي ۾ رائج ٿيو. عرب
حڪومت بعد هن جابلو ۽ خشڪ سر زمين ۾ ڪنهن به حڪومت
جو پڪو پختو نظام قائم ٿي نه سگهيو. بلوچن توڙي
سمن سردارن هتي حڪمراني ڪئي ۽ پنهنجا وارا وجھايا.
ٻيلي جو مڪاني روايت موجب لس ٻيلي جي قبائلي تاريخ
هن ريت بيان ڪن ٿا ته پهريائين هتي گجر قوم حاڪم
هئي ۽ پوءِ رونجها سردار ٿيا. رونجهن کان پوءِ
گونگا حاڪم ٿيا ۽ گونگن کانپوءِ برفت غلبو حاصل
ڪيو. برفتن کان پوءِ رونجهن جھامن جھامن جي حڪومت
قائم ٿي(13).“ |