ناشر پاران
ڪنهن سماج ۾ گذري ويل واقعن، آيل سماجي، سياسي،
اقتصادي، جاگرافيائي تبديلن ۽ انهن جي پسمنظر توڙي
پيشمنظر جي سلسلي وار سائنسي مطالعي کي تاريخ چئبو
آهي. ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ماڻهو جڏهن پاڻ ۾ ملي
هڪٻئي سان سوچ ويچار يا ڪنهن مامري بابت اظهار ڪن
ٿا ته هڪٻئي کي سمجهڻ لڳن ٿا. اهو اظهار آوازن،
اشارن يا ڪن خاص نشانين ذريعي ئي کڻي هجي، اها
سندن ٻولي آهي. ٻوليءَ جي تاريخ انسان جي هڪ ٻئي
سان ملڻ ۽ گڏجي رهڻ سان شروع ٿئي ٿي. انسانن جي
گڏجي رهڻ، هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ ٻوليءَ جو استعمال
۽ ان ذريعي پاڻ سان پيش آيل واقعن، وارتائن ۽
مامرن جو اظهار ئي اصل ۾ ادب آهي.
مختلف ٻولين جي هن وقت تائين جي ادبي
تاريخن جي اڀياس مان خبر پوندي ته مڙني ادبي
تاريخن جي شروعات شاعريءَ سان ٿي آهي، اسان جي
عالمن پڻ ثابتين ۽ حوالن سان شاعريءَ مان مثالي
ڏئي اهو ثابت ڪيو آهي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ به
شاعريءَ سان شروع ٿئي ٿي.
تاريخ، تمدن، تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ جو
مطالعو انساني سماج جي ترقي ۽ اوسر کي سمجهڻ ۾
مددگار ثابت ٿئي ٿو. اڳ جي واقعن ۽ تبديلين جي
اڀياس سان ماڻهو حال ۾ سوڀارو ٿي، ايندڙ وقت لاءِ
مناسب رٿابندي ڪري، ترقيءَ ڏانهن سفر جاري رکي
سگهي ٿو. ادبي تاريخ جو مطالعو ان سلسلي ۾ وڌيڪ
اهميت رکي ٿو، جو اديب، ليکڪ يا شاعر عام طرح سماج
جو گهڻو مطالعو ڪندڙ ۽ حساس شخص ٿئي ٿو، جيڪو شين
کي سمجهي پنهنجي مشاهدي جي روشنيءَ ۾ بيان ڪري ٿو.
ادبي تاريخ اهڙن اڪيچار اديبن، ليکڪن، عالمن ۽
شاعرن جي ڪاوشن جو ترتيب وار اڀياس آهي..
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي لکيل ٻن جلدن
تي ٻڌل هيءَ جامع ادبي تاريخ چئن دورن تي ٻڌل مفصل
ادبي احوال آهي. پهرئين جلد ۾ ٻن دورن يعني قديم
سنڌي شاعري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس همعصرن
بابت نهايت اهم معلومات فراهم ڪئي وئي آهي.
جيتوڻيڪ هن ادبي تاريخ ۾ انگ اکر ۽ ٻيو ادبي
احوال، اڳ ڇپيل تاريخن جيئن ساڳيو آهي، پر ڊاڪٽر
جوڻيجو صاحب ان کي نئين ترتيب ۽ تحرير سان پڙهندڙ
آڏو پيش ڪرڻ ۾ بيحد ڪامياب ويو آهي، جيڪا ڳالهه هن
ادبي تاريخ کي منفرد بڻائي ٿي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ٻولي ۽ ادب
جو پروفيسر آهي. جوڻيجي صاحب جي گهڻي مطالعي ڪندڙ
۽ ادبي تاريخن لکڻ جي ڏانءَ جي حوالي سان هڪ الڳ
سڃاڻپ آهي. سندس هيءَ ادبي تاريخ يقينا سنڌي ادب
جي شاگردن، اديبن ۽ ليکڪن لاءِ ڪارائتي ثابت
ٿيندي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سنڌي ادب جي
تاريخ جي هي پهريون جلد پيش ڪندي، اسان نهايت خوشي
محسوس ڪري رهيا آهيون، ۽ يقين ٿا ڏياريون ته
انشاءَ الله هن سال ئي ٻيو ۽ آخري جلد به اوهان جي
هٿن تائين پهچايو ويندو.
اسان کي اميد آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ادب جا
شاگرد، اديب، ليکڪ، شاعر ۽ عام ماڻهو هن ادبي
تاريخ مان ڀرپور فائدو وٺندا ۽ اهڙي طرح سنڌي
لئنگئيج اٿارٽي، پاڻ کي سونپيل مختلف ڪمن مان هڪ
ڪم جو بهتر نموني پورائو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو
چيئرمن
مهاڳ
مون خود پنهنجي گذريل اڌ صديءَ جي مطالعي
۽ تجربي مان محسوس ڪيو آهي ته آءٌ ادبي تاريخ جو
ئي شاگرد آهيان. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ به ادبي تاريخ
پسند اٿم. هن کان اڳ پهرين پهرين منهنجو ڪتاب
”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ 1973ع ۾ ڇپيو ۽ اُن جا
وقفي وقفي سان چار ايڊيشن اچي چڪا آهن. مختصر هجڻ
ڪري اُن کي هڪ طرف رکي، هاڻي تفصيلي تاريخ جي
ابتدا ڪيم.
مون رٿابندي اٽڪل هڪ هزار صفحن جي ڪئي ۽
سوچيم ته ٻن جلدن ۾ مڪمل ٿي ته به ٺيڪ آهي، جي وڌي
ته ٽيون جلد به وڌائبو. خير، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي چيو ته
اٿارٽيءَ کي ڏيو، مون ساڻس اهو وعدو اٽڪل چار
مهينا اڳ اسلام آباد ۾ هڪ موقعي تي ڪيو. واپس اچي
پهرئين جلد جو مسودو سندس حوالي ڪيم ۽ هن اُهو
ڪمپيوٽر جي حوالي ڪري ڇڏيو. آءٌ ٻئي جلد جي تيارين
۾ لڳي ويس.
مون کي خوشي ۽ اطمينان آهي ته ڊاڪٽر قاسم
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ اشاعت جو ڪم محنت ۽ قابليت
سا ڪيو. آءٌ آخر ۾ ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي ۽ سندس ڪارڪنن
جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان جن ڪتاب کي
ابتدا کان آخر تائين ديده زيب ڪري شايع ڪيو
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
2004-7- 20
مقدمو
ابتدا: هن کان اڳ سنڌي ادب جي اڀياس لاءِ منهنجا
ٻه خاص ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۽ ”سنڌي
ادب جو مطالعو“ شايع ٿيل آهن. اُنهن کان سواءِ
سنڌي ادب جي باري ۾ مختلف پهلوئن تي ڪتاب ۽ مقالا
شايع ٿيل اٿم. مقالن جا موضوع خاص طور اهڙا آهن،
جن ۾ سنڌي ادب جو قديم دور، شاهه، سچل ۽ پوءِ جو
دور بحث هيٺ آيل آهي. ان ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته
منهنجن مقالن جو مجموعو ”ڪٺمال“ سنڌي ادب جي تاريخ
جون گهرجون به پوريون ڪري ٿو. اڃا ٻيا اٽڪل 80
مقالا اشاعت جا منتظر آهن، پوءِ به مقالن جي وچ جا
خال البت ادبي تاريخ جو تسلسل کي قائم نٿا رکي
سگهن.
انهيءَ خيال کي ڌيان ۾ رکي مون موجوده
ادبي تاريخ تي قلم کنيو. هن جا چار دور ٻن جلدن تي
مشتمل آهن. ادبي تاريخ جا انگ اکر ڇو جو ساڳيا
آهن، اُن ڪري اُنهن جو ورجاءُ هن تاريخ ۾ نظر
ايندو. اُن کان بچي نه سگهبو. تحرير ۽ ترتيب نئين
هوندي. هن تاريخ ۾ به اڳ وانگر مون اهو خيال رکيو
آهي ته اهم لاڙن اهم معيارن ليکڪن جو ذڪر ڪجي. هن
سلسلي ۾ اڪثر بحث ۽ اعتراض هيٺ اچڻو ٿو پوي جو ڪي
ماڻهو اُن ليکڪ کي ڪتاب ۾ ڳولهين ٿا جو يا سندن
ويجهو آهي يا ڪجهه نه ڪجهه لکڻ سبب اُن کي اهميت
ڏين ٿا.
ادبي تاريخ ۾ اهم لاڙن ۽ اهم ليکڪن جو
بيان ڪري کپي ۽ اُنهن جو به جيڪي پنهنجي دور ۾
مڃتا ماڻي چڪا آهن. مون تاريخن ۾ آيل اُنهن ليکڪن
کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي جيڪي معياري آهن.
تهذيب:
ادبي تاريخ کان واقف ٿيڻ کان اڳ سنڌ جي قديم تهذيب
تي هڪ نظر وجهڻ ضروري آهي. چين، يونان، ميسوپو
ٽيميا (عراق) وانگر واديءَ سنڌ جي قديم تهذيب
نهايت شاهوڪار آهي. هن ۾ قديم انسان جي رهڻي ڪهڻي
۽ رسمن جو مطالعو تاريخ جي ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي.
چين ۾ قديم غارن ۾ رهندڙ انسان
(cave man)
۽ پيڪنگ مئن
(Peking man)
وانگر دنيا جي مختلف خطن ۾ رهندڙ قديم انسان جو
حوالو موجود آهي.، سنڌو واديءَ جي قديم انسان جو
ذڪر آثارن قديم جي ماهرن جي تحقيق ۾ نمايان ٿيو
آهي. اڃا گهڻا پهلو تحقيق طلب آهن. وادئي سنڌ جي
تهذيب جي اهم مقامات ۾ موهن جو دڙو، هڙاپا،
ٽئڪسيلا، ڪاهوءَ جو دڙو، ڀنڀور ۽ صوبه سرحد توڙي
بلوچستان جا قديم آثار آهن. اسان کي سنڌ ۾ جيڪا
تهذيب و تمدن جي معلومات ملي ٿي، سان موهن جي دڙي
مان ملي ٿي. موهن جي دڙي جي کوٽائي 1902ع کان
1931ع تائين سر جان مارشل جي نگرانيءَ ۾ ٿي. هن
مان ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي، شهري سهوليتون نمايان
ٿيون آهن. وڏو حمام، پاڻيءَ جي نيڪال جون ناليون
هن سلسلي ۾ اهم آهن. ظاهر ٿيو آهي ته هتي جا ماڻهو
پڪين سرن جي گهر ۾ رهندا هئا.
موهن جي دڙي مان هٿ آيل ٻوليءَ بابت جيڪي
نشان هٿ آيا آهن، اُنهن بابت هنٽر، آسڪو پارپولا ۽
لاءِ ٻين ماهرن ڪم ڪيو آهي. هي تصويري لفظ آهن، جن
جو تعلق قديم مصر ۽ چين سان ٿي سگهي ٿو. چين ۾ اڃا
به هي تصويري لفظ رواج ۾ آهن، مون چيني زبان سکي
آهي، تصويري لفظ جي ماهيت کي سمجهي سگهان ٿو. پر
اها منهنجي ڪوتاهي آهي جو ٻين ڪمن ۾ مصروف رهڻ سبب
چيني تصويري لفظ
(Chinese characters)
۽ موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جو
موازنو نه ڪري سگهيو آهيان. موهن جي دڙي بابت به
اسڪالرن جي وچ ۾ اختلاف آهن. هن کي موئن (مري
ويلن) يا مهين (ذات) جو دڙو به سڏجي ٿو. سنڌ ۾
آمريءَ سميت ڪي ٻيا به آثارن قديم جا نشان آهن پر
موهن جو دڙو بين الاقوامي اهميت حاصل ڪري چڪو آهي.
اردوءَ ۾ محمد ادريس صديقيءَ ”وادي سنڌ ڪي تهذيب“
ڪتاب لکيو جنهن ۾ تفصيل ڏنا ويا آهن. ماهرن موهن
جي دڙي، سمير ۽ بابل جي تهذيب ۾ ڪي هڪجهڙايون به
ڏنيون آهن. سر مار ٽيمر وهيلر پنهنجي ڪتاب
Civilization of Indus Vallyey & Beyond
۾ لکي ٿو ته هتان مليل مواد مان
اندازو ٿئي ٿو ته هو مذهب کي مڃيندڙ هئا. ديويءَ
جو پتلو به هتان لڌو آهي ۽ شو جو به. ٿنبن واري
هال کي ڏسي وهيلر خيال ظاهر ڪيو آهي ته هتان جا
رهاڪو ڪن رسمن جي ادائگي ڪندا هوندا. بهرحال هتان
جا رهاڪو سڌريل هاري ۽ واپاري هئا. وهيلر ۽ پگٽ جي
راءِ آهي ته آرين جي حملن هن تهذيب جو خاتمو آندو.
مئڪي جنهن موهن جي دڙي جي کوٽائي ۾ حصو ورتو هو
اُهو هن راءِ کي رد ٿو ڪري.
آرين جي اصل نسل بابت يوروپي، ايراني ۽
هندوستاني اسڪالرن گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ايراني
اسڪالر ڊاڪٽر ذبيح الله صفا پنهنجي تصنيف ”مرزهاي
دانش“ ۾ لکي ٿو ته هند ايراني قبيلا جيڪي پاڻ کي
اري يا آئري (بهادر يا معزز) سڏائيندا رهيا آهن،
اُنهن مان جيڪي سنڌو ۽ گنگا واديءَ ۾ رهيا تن
پنهنجي ملڪ کي آريا ورت سڏيو ۽ جن اڳتي وڌي ايران
۾ سڪونت اختيار ڪئي، تن پنهنجي ملڪ کي ايئرين سڏيو
(ص 56).
آرين بابت احوال ويدن مان به ملي ٿو. هندو
به اُن سلسلي جو حصو آهن. اهو به خيال آهي ته هندن
جا ويد سنڌوءَ جي ڪناري ته لکيا ويا. خاص طور رگ
ويد ۾ تهذيب ۽ تمدن جو احوال ملي ٿو. اندازا
1200ق. م کان ننڍي کنڊ ۾ برهمڻي اقتدار شروع ٿيو.
قديم تهذيب تي مهاتما گوتم ٻڌ جي شخصيت ۽ تعليمات
جو گهڻو اثر پيو. ٻڌ ڌرم جا متا پالي زبان ۾ لکيل
آهن. ائين جين ڌرم به ننڍي کنڊ ۾ رائج ٿيو. هي
تهذيبي سفر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾، گهٽ ۾ گهٽ درجي
تي اڄ به ننڍي کنڊ ۾ موجود آهي.
تاريخ:
موجوده سنڌ توڙي قديم ۽ عظيم سنڌ تاريخ جي مختلف
دورن مان گذري آهي. مختلف حمله آورن ۽ حاڪمن جا
زور ۽ زبردستيون سٺيون اٿس. تاريخ جي مختلف دورن ۾
سنڌ جو نقشو بدلجندو رهيو آهي. تاريخ کان اڳ واري
دور جا حالات معلوم نه آهن، پر جڏهن کان ڪجهه
چٽائيءَ سان تاريخي واقعات قلمبند ٿيا آهن. اُنهن
جو احوال به ايترو چٽو ۽ مستند نه آهي. ڌارين مان
مصرين، ڪلدانين ۽ بابل وارن جون سنڌ تي ڪاهون
تاريخن ۾ بيان ٿيل آهن. اُن کان پوءِ ايرانين ۽
يونانين سنڌ تي حملا ڪيا. ايرانين ڇهين صدي قبل
مسيح ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، گشتا سب سنڌ جي حڪومت
پنهنجي پٽ بهمڻ اُرد شير جي حوالي ڪئي. هن بهمڻ
آباد جو شهر آباد ڪيو ۽ شاپور، فرشاپور ۽ ٻيا شهر
تعمير ڪرايا. اُن کان سواءِ پرويز، نوشيروان ۽
ساسائي بادشاهن جي دور ۾ ايران ۽ سنڌ جي لاڳاپن جو
احوال تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي. يونانين به سنڌ
تي حملو ڪيو. اُن جا تفصيل مشهور يوناني ليکڪ
پلوٽارچ جي تحريرن ۾ ملن ٿا. سڪندر اعظم جي ڪاهن ۽
سفرن جو 325ق. م جو ذڪر ڪيو اٿس. سنڌ جو سفر ۾
سڪندر جو مالي قوم سان مقابلي جو بيان به ڪري ٿو.
ڊاڪٽر سورلي گزيٽيئر ۾ اندازو لڳائي ٿو ته سڪندر
جو مهاڻن سان مقابلو ٿيو هوندو ۽ هو سيوهڻ جي قلعي
وٽ زخمي ٿيو هو (ص ص 128- 129).
سنڌ ۾ راءِ گهراڻي ۽ پوءِ برهمڻ راڄ هليو،
جنهن ۾ چچ ۽ پوءِ اُن جو پٽ ڏاهر تخت تي ويٺو.
هيءَ سرڪار 712ع ۾ مسلمانن جي قبضي تي ختم ٿي. اُن
وقت سنڌ ۾ ٻڌ ۽ هندو ڌرم جا مڃيندڙ هئا. چيني سياح
هيون سانگ (شئن چوانگ) ٻوڏن ۽ هندن جي باهمي رقابت
جو احوال ڏنو آهي. عربن جي فتح کان پوءِ سنڌ جي
معاشر تي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي. مذهبي، لساني،
ادبي ۽ معاشي حالات بدليا. ڪيترن ماڻهن اسلام قبول
ڪيو ۽ عربن ۽ سنڌين ۾ قربت پيدا ٿي. سنڌ جي ماڻهن
سان عربن جا رابطا وڌيا اندازا 1050ع ۾ مقامي
ماڻهن سومرن کي سنڌ جون واڳون مليون. عرب گورنرن
جو طويل دور ختم ٿيو. سومرن جو دور 1351ع ۾ ختم
ٿيو. هنن جو دور ٻين واقعن ۽ جنگ جدل سان گڏ دودي
چنيسر جي جنگ جي ڪري به مشهور آهي. سنڌ جا اکائين
پوءِ سما حڪمران ٿيا. ڄام اُنڙ سومرن کي شڪست ڏني.
سما حڪمران به باهمي رقابتن ۽ جنگ جدل جو
شڪار رهيا. اُن هوندي به ڪن حڪمرانن انصاف ۽ عدل
سان حڪومت هلائي. اهڙن ۾ ڄام نظا الدين هڪ باهمت ۽
منصف مزاج حاڪم ٿي گذريو آهي. سندس پٽ ڄام فيروز
نااهل ۽ ناعاقبت انديش انسان هو. نتيجو هي نڪتو ته
سنڌ ڌارين ارغونن حڪمرانن جي قبضي ۾ هلي ويئي. سمن
جو دؤر (1351- 1520ع) پُر آشوب رهيو. ڄام تماچي ۽
نوريءَ جو روماني داستان هن دور جو يادگار آهي.
ارغون تاتارين جي اولاد مان هئا. اُنهن مان شاهه
بيگ ۽ سندس پٽ شاهه حسن 1554ع تائين حڪومت ڪئي.
کانئن پوءِ سندن درٻارين مان ترخان قابض ٿيا. مرزا
عيسي ترخان، باقي بيگ ۽ جاني بيگ جو ظالمانه دؤر
1591ع تائين رهيو. ارغونن کان پوءِ دهلي سرڪار جا
گورنر سنڌ جي ايندا رهيا. انهن جي حڪومت به سنڌين
تي عذاب ئي آندو. مغل گورنرن جي دور ۾ جهوڪ جي
شهيد شاهه عنايت ۽ کهڙن جي مخدوم عبدالرحمان جي
شهادت ۽ ڪوس جا واقعا ٿيا. جن سنڌين کي محسوس
ڪرايو ته ڌريان ئي ڌاريان مٽ مئي جا نه ٿيا. تاريخ
جو هي دور ئي آهي، جنهن جي دوران جيڪو سنڌي ادب
تخليق ٿيو. اُهو هن دور ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي.
اندازا ڪلهوڙا 1700ع کان پنهنجو اثر قائم ڪري ويا
۽ 1719ع کان سندن حڪومت مستحڪم ٿي. ميان آدم شاهه
کان سندن اثر ۽ قوت جو دؤر رهيو. ميان يارمحمد،
نور محمد، غلام شاهه خان جي حڪومت کان پوءِ سازشن
سبب ڪمزور ٿيا. اندازا 1783ع ۾ ٽالپور مڪمل طور
سنڌ جا حاڪم ٿيا ۽ ڪلهوڙن جو دؤر حڪومت ختم ٿيو.
سومرن جي حڪومت کان وٺي ڪلهوڙن جي خاتمي تائين دؤر
جي ادبي تاريخ هن جلد جي ايندڙ صفحن ۾ ٻن دؤرن ۾
ورهائي بيان
ڪئي ويئي آهي، ادبي سطح تي ارڙهين صديءَ جو او اخر
تائين جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
ماخذ
ڪنهن به عملي ڪم لاءِ ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا پڙهڻا
پون ٿا. اُنهن ۾ آيل انگ اکر نظر ۾ رکندي پنهنجي
گهرجي وارو مواد چونڊي بحث کي اڳتي وڌائڻو ٿو پوي.
اڪثر موضوعن جي تڪميل لاءِ بحث تمحيث هيٺ به اچڻو
پوي ٿو. ضرورت آهر حوالا وٺي ڳالهه کي مڪمل ڪجي
ٿو. ادبي تاريخ جا انگ اکر هونئن به اڳ لکيل ادبي
تاريخن، نثري ۽ نظمي مجموعن، رسالن ۽ مخرنن توڙي
هر قسم جي ڪتابن ۾ موجود آهن. اُنهن مان مدد وٺي
پنهنجي تحرير ۽ پنهنجن لفظن ۾ آڻڻ سان ڳالهه
وزنائتي بنجي ٿي. ٻين جا ڊگها ڊگها حوالا آڻي خود
ڪجهه لکڻ، ڪو تبصرو نه ڪرڻ ۾ ديانت نه آهي. مون جن
ڪتابن تان استفادو ڪيو آهي، انهن ۾ اهم هيٺيان
ڪتاب آهن:
سنڌي ادب جي تاريخ (ٻه ڀاڱا):
خانبهادر محمد صديق ميمڻ هي ڪتاب لکيو، هن جا ٻه
ڀاڱا بالتر تيب 1937ع ۽ 1951ع ۾ شايع ٿيا. ڪو وقت
هو جو هي اڪيلو ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ ڄاتو ويندو
هو ۽ اُن جو انداز بيان ئي معياري ليکبو هو.
پهريون ڀاڱو سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد شايع
ڪيو ۽ ٻيو سنڌ يونيورسٽيءَ شايع ڪيو. ٻنهي ڀاڱن ۾
ڪل 65 ادبي شخصيتن جو بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب
جو گهڻو مواد قلمي ڪتابن تان ورتل آهي. ٻنهي ڀاڱن
جي ابتدا ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي ابتدا بابت ضروري
مواد فراهم ڪيل آهي. شعر ۽ نثري شهپارن تي تنقيد ۽
تبصرو ڏنو ويو آهي. ساميءَ جي سلسلي ۾ ٻنهي ڀاڱن ۾
جو تضاد آهي. سو عجب ۾ وجهندڙ آهي پهرئين جلد ۾
ساميءَ جي ڪلام جي تعريف ڪئي اٿس (ص 394- 395،
396)، جڏهن ته ٻئي جلد ۾ ديوان ڪوڙيمل جي بيان ۾
ساميءَ جي ڪلام کي ڪنهن قابل نه ڄاتو ويو ۽ چيو
ويو ته هندڪي ادب کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوڙيمل ساميءَ
جي سلوڪ ڇپايا نه ته انهن ۽ شاعراڻي خوبي ڪا ورلي
لڀندي! (ص 503). بهرحال خانبهادر ميمڻ جو هي ڪتاب
ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ سنگ ميل آهي. هاڻي ٻئي جلد
گڏ ڇپيا آهن.
تذڪره لطفي (ٽي ڀاڱا):
پروفيسر لطف الله بدويءَ جو هي ڪتاب فقط شاعريءَ
بابت آهي ۽ هن جا ٽي جلد بالتر تيب 1943ع. 1952ع ۽
1955ع ۾ شايع ٿيا. هونئن پهرئين جلد جي مهاڳ ۾
1936ع جو سال ڄاڻايل آهي. پهريون جلد سڌارن ۽
واڌارن سان ٽيڻي ضخامت سان وري ڇپيو. ٽنهي جلدن ۾
ڪل 81 شاعرن جو سوانح، ڪلام جو انتخاب ۽ تبصرو ڪيل
آهي، هر جلد جي منڍ ۾ سنڌ جي تاريخ جو دؤر ۽ فارسي
شاعرن جو ذڪر به ڪيل آهي. ڪتاب جو انداز ترتيب
پروفيسر اي جي برائون جي تاريخ ادبيات ايران وانگر
آهي. پروفيسر بدوي شاعر جي ڪلام تي تفصيل سان لکيو
آهي. هي ڪتاب شاعريءَ تي هڪ تنقيدي تبصرو ۽ جائزو
آهي. نسبتا جديد انداز اختيار ڪيل آهي. هونئن
مشرقي شاعريءَ بابت تذڪرا پهرين لکيا ويا ۽
تاريخون پوءِ اردو تذڪرا اهڙو واضح مثال آهن.
بهرحال تذڪره لطفي سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هڪ اهم
۽ معياري ڪتاب آهي.
تاريخ شعراءِ سنڌ:
هدايت علي نجفي ”تارڪ“ جو هي ڪتاب پهرين سنڌيءَ ۾
لکيو ويو هو. پر اُهو دستياب نه آهي. اردو ترجمو
بهاولپور مان شايع ٿيو. هن ۾ پراڻو تذڪره نويسيءَ
جو انداز بيان آهي. شاعرن جي ڪلام تي گهڻو بحث نه
ڪيل آهي.
سنڌي ادب:
پير حسام الدين جو هي ڪتاب اردوءَ ۾ لکيل آهي.
هاڻي اُن جو سنڌي ترجمو به ٿيو آهي. سنڌي نثر ۽
نظم جو هڪ مختصر جائزو آهي.
تذڪره شعراءِ هالا:
سليم هالائيءَ جي هن مختصر ڪتاب ۾ هالن جي اهم
شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
يادرفتگان:
هي تذڪرو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ لکيو ۽
1953ع ۾ ڇپيو. ڪتاب نهايت اهتمام سان ديده زيب ۽
تصويرن سان شايع ڪيل آهي. هر شاعر جي مختصر سوانح
۽ ڪلام جو نمونو ڏنل آهي. ٻيو وڌايل ڇاپو سنڌي
ادبي بورڊ 194ع ۾ شايع ڪيو.
تذڪرة الشعراء:
محمد بخش واصف جو هي ڪتاب 1955ع ۾ ڇپيو هن ۾
سانگيءَ ۽ حامد سميت ڪل 15 شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو
آهي.
تذڪره شهراءِ لاڙ (پهريون ڀاڱو):
بدين جي بسيار نويس اديب محمد سومار شيخ هي ننڍو
ڪتاب لکيو. هن ۾ بدين شهر ۾ تعلقي جي چند شاعرن جو
ذڪر آهي. هونئن محمد سومار لاڙ ۽ سنڌ جون تفصيلي ۽
مختصر ادبي تاريخون لکيون آهن جيڪي اڃا اڻڇپيل
آهن. اُن کان سواءِ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هڪ تاريخ
شعراءِ لاڙ (جامع) به اٿس، هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به
شايع ٿيو.
تذڪره شعراءِ ٽکڙ:
سيد اسد الله شاهه بيخود حسينيءَ جو لکيل هي تذڪرو
1959ع ۾ ڇپيو. معيار جي لحاظ کان مقامي تذڪرن ۾
مٿاهون آهي.
تذڪره شعراءِ سکر:
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب
1965ع ۾ ڇپيو. منجهس سکر ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي قديم
۽ پوئين دور جي شاعرن جو بيان آهي. پنهنجن همعصرن
جو به بيان ڪيو اٿس.
وڻجارن وايون:
عبدالڪريم پليءَ هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. 1961ع ۾،
ڇپيل هن ڪتاب ۾ ڪافي گو شاعرن جي سوانح عمري ۽
ڪلام آيل آهي. هنن شاعرن ۾ گهڻا تعلقي عمرڪوٽ جا
آهن.
History of Sindhi Literature:
هن ادبي تاريخ جو مصنف پروفيسر لالسنگهه اجواڻي
آهي. هي ڪتاب ڀارت جي ساهتيه اڪاڊمي 1970ع ۾ شايع
ڪيو آهي. پروفيسر اجواڻيءَ هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان،
نيم تاريخي داستانن، شاهه جي متقدمين، شاهه ڀٽائي،
برطانوي دور کان اڳ جي ڪن شاعرن، سچل، سامي،
برطانوي دور جي شاعريءَ ۾ سنڌي نثر تي ناقدانه نظر
وڌي آهي. هن تاريخ ۾ گدا، ڏيونداس آزاد ۽ خاڪيءَ
بابت ڪي ڳالهيون بحث جوڳيون آهن. هن تاريخ ۾ گدا،
ڏيونداس آزاد ۽ خاڪيءَ بابت ڪي ڳالهيون بحث جوڳيون
آهن. هو گدا کي گهٽ اهميت ڏي ٿو. ائين ٿو محسوس
ٿئي ته ڪيترا ماخذ پروفيسر اجواڻيءَ جي اڳيان نه
رهيا آهن.
History of Sindhi Literature:
پوپٽي هيراننداڻيءَ جو هي ڪتاب 1984ع ۾ ڇپيو آهي.
هوءَ هڪ ڪهاڻيڪار طور مشهور آهي. ٻوليءَ بابت هڪ
ڪتاب ڀاشا شاستر جي ليکڪا به آهي. سنڌين بابت سندس
هڪ ڪتاب
Sindhis Scatttered Treasure
به ڇپيل آهي جو ملاح پبليڪيشن دهلي 1980ع ۾ شايع
ڪيو آهي. هيءَ سنڌي ادبي تاريخ 1947ع کان 1978ع
تائين جي آزاديءَ کان پوءِ واري دؤر تي آڌاريل
آهي. آزاديءَ کان پوءِ جي حالات جي جائزي کان پوءِ
فقط ڀارت جي سنڌي ادب جو جائزو ورتو اٿس. هن سلسلي
۾ ناٽڪ، ناول، ڪهاڻيءَ، مضمون، تنقيد، شاعريءَ ۽
اُن کانسواءِ مخزنن، ترجمن، ٻارن جي ادب، سفرنامن
۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن بابت لکيو اٿس.
سنڌي ادب (پنجابي):
محمد آصف خان هي ڪتاب 1991ع ۾ لکيو ۽ پنجابي ادبي
بورڊ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ پراڻي ۽ موجوده دور جي
ادبي جائزو ورتو اٿس، سندس ماخذ ڊاڪٽر بلوچ، ميمڻ
عبدالمجيد ۽ راقم الحروف جا ڪتاب آهن.
سنڌي نثر جي تاريخ:
پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو هي ڪتاب 1968ع ۾
بمبئيءَ مان شايع ٿيو. ويهين صديءَ جي سڄي ادبي
تاريخ ملڪاڻي صاحب جي اکين اڳيان رهي. هن سنڌي
ناٽڪ ۾ خاص طور پاڻ موکيو. هن تاريخ ۾ نثر جي صنفن
ناٽڪ، ناول، ڪهاڻي، مضمون تي خاص باب لکيا ويا
آهن. صنفن جي ڄاڻ تفصيلن ۽ مثالن سان ڏنل آهن.
ناٽڪ جي اداڪاريءَ جو احوال به ڏنو اٿس.
سنڌي نثر جي تاريخ بابت ٻيو ڪتاب ڊاڪٽر
غلام علي الانا جو آهي جيڪو 1966ع ۾ شايع ٿيو ۽
ليکڪ وار لکيل آهي. نثر جي ٻنهي تاريخن جا ٻيا
ايڊيشن به ڇپيا.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ:
هيءَ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي محققانه ڪاوش آهي،
جنهن جو معيار ادبي تاريخن ۽ ٻوليءَ تي ڪيل تحقيق
۾ نهايت اعليٰ آهي. هن ڪتاب جي ابتدا سنڌي ٻوليءَ
تي تحقيق جي لحاظ کان ٿي ۽ پوءِ مختلف وڌايل ڇاپن
۾ اُن جي صورت هيئن بيٺي جو چار ڇاپا شايع ٿيا:
1.
سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ 1962ع
2.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مختصر تاريخ 1980ع
3.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ 1990ع
4.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ 1999ع
پهرئين ايڊيشن ۾ سنڌي زبان جي تاريخ قديم
دؤر کان وٺي. سمن جي حڪومت جي خاتمي (1520ع) تائين
بيان ڪيل آهي. ٻئي ايڊيشن ۾ زبان سان گڏ ابتدائي
دور جي شعر جو به بيان ڪيو ويو آهي. ڪافي مواد
وڌايو ويو آهي. ٽئين ايڊيشن ۾ به گهڻا اضافا آهن.
اُن ۾ اٺون ۽ نائون باب وڌايل آهي. هن ايڊيشن ۾
تعليم ۽ سنڌي نصاب جي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي، پر
سنڌ جي ادبي تاريخ شروع کان ساميءَ (1743- 1850)
تائين بيان ڪئي وئي. سومرن جي دور کان وٺي سنڌي
شعر تي وڏي جاکوڙ سان ڪم ڪيل آهي. چوٿين ايڊيشن ۾
به ساڳيو ٽئين وارو مواد آهي. هي ڪتاب خاص طور
محققن جو رهنما آهي. شاگردن ۽ مبتدين لاءَ به مفيد
آهي، پر وزن وارو آهي.
ٻيا به ڪيترا ڪتاب ۽ رسالا مطالعي هيٺ
رهيا آهن. اُنهن ۾ هيٺيان نشانبر آهي:
1.
ٻيلاين جا ٻول- ڊاڪٽر بلوچ
2.
ڪڇين جا قول- محمد سومار شيخ
3.
سنڌي ادب جي تاريخ- ميمڻ عبدالمجيد
4.
سنڌي ادب جا مختلف رجحانات- محبوب علي چنه
5.
موج موج مهراڻ- الياس عشقي
6.
سنڌي شاعريءَ جو سينگار- نعيم نقوي
ان کان سواءِ ڪيترائي ديوان، رسالا، نثري
صنفن جا مجموعا ۽ ٻيا ڪتاب زير نظر رهيا. انهن تان
استقادو ڪيو ويو. ڀارت بابت ادبي جائزو پروفيسر
اجواڻي پوپٽي هيراننداڻي، اتم ۽ ٻين ليکڪن جي
ڪاوشن جو آڌار تي لکيو ويو آهي. ضروري حوالا ڏنا
ويا آهن. تنقيد ۽ تبصرو پنهنجي راءِ جي روشنيءَ ۾
ڪيو ويو آهي. ڪنهن کي اختلاف ٿي سگهي ٿو، اهو فطري
آهي. ڪوشش ڪري ادبي تاريخ کي ويهين صديءَ جي
پڄاڻيءَ تائين آندو ويو آهي. زنده اديبن ۽ ڪنهن حد
تائين نئين ٽهيءَ تائين آيو آهيان. هر لکڻ واري جي
داخلا ممڪن ڪونهي، جڏهن ڪو ليکڪ ادبي ڪسوٽيءَ تي
پورو لٿو ته سڀان جو نقاد ۽ ادبي پارکو اُن کي
ادبي تاريخ ۾ آڻيندو.
باب پھريون
سنڌي زبان اصل نسل ۽ ارتقا
سنڌي ھڪ بڻائتي ۽ قديم زبان آھي. زبان جي وجود
بابت جيڪي سياحن ۽ جغرافيھ دانن جا تحريري رايا
ملن ٿا، انهن کان گھڻو اڳ به موجود رھي ھوندي.
صدين جو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ سنڌي اڄوڪي پد تي
پھتي آھي. ھن وقت سنڌي ھڪ ترقي يافته زبان آھي. ان
۾ جديد علمن ۽ فنن بابت علمي ذخيرو محفوظ ڪرڻ جي
طاقت آھي. ان طرح ڪمپيوٽر دؤر ۾ به داخل ٿي چڪي
آھي.
ھن وقت تائين سنڌي زبان جي بڻ بنياد بابت جيڪا تحقيق ٿي
چڪي آھي. ان کي جيڪڏھن آخري ۽ فيصلھ ڪن نه چئجي ته
به ايترو چئبو ته بڻ بنياد ۽ اصليت جي تلاش ۾ ماھر
پيرين/ محققن چڱي جاکوڙ ڪئي آھي ۽ وندر جي واٽ وؤڙي اٿن. گمان
آھي ته عيسوي سن جي ابتدا يا ان کان به اڳ سنڌي
زبان يا سنڌ جي ڪا زبان موجود ھئي، جنهن موجوده
زبان جي صورت اختيار ڪئي. عرب جغرافيھ دانن جي
تحريرن مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. خاص طور
بشاري المقدسي ۽ الاصطخري ( ٩ ۽ ١٠صدي ع) جي
تحريرن مان اھو ڄاڻجي ٿو ته سنڌي زبان عام ڳالھه
ٻولھه جي زبان رھي. يقينا ڪافي اڳ موجود ھوندي.
سومرن جي دؤر (١٠٥٠-١٣٥١ع) ۾ سنڌي شعر به ميسر
ٿيا. سنڌيءَ جي ابتدا ۽ تشڪيلي دؤر بابت ڊاڪر نبي
بخش خان بلوچ جي تحقيق قابل قدر آھي. ڊاڪٽر صاحب
جو سنڌيءَ جي بڻ بنياد جي تلاش جو ھي سفر سندن ھڪ
مقالي کان شروع ٿيو، جيڪو پاڻ ٢٢-٢٣ آڪٽوبر ١٩٥٠ع
تي سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي
مختصر تاريخ“ جي عنوان سان پڙھيائون، جو پوءِ
ڪانفرنس جي روئداد ”تحفھ لاڙڪاڻھ“ ۾ ڇپيو. سماھي
مھراڻ (١-١٩٥٩ع) ۾ به ڇپيو ۽ پوءِ ڪتابي صوررت ۾
١٩٦٢ع ۾ ڇپيو، ھن ڪتاب جا پوءِ وڌايل ڇاپا ١٩٨٠ع،
١٩٩٠ع ۽ ١٩٩١ع ۾ ڇپيا. مواد جي مدنظر ڪتاب جا نالا
به بدلبا رھيا. آخري ڇاپو”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
تاريخ“ جي عنوان سان شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب قاريءَ
کي معاملو آسانيءَ سان سمجھائڻ لاءِ ٻوليءَ جي
ارتقا جي تاريخ کي چئن دؤرن ۾ ورھايو؛ پھريون قديم
دور، جنهن ۾ ڪا سنڌي، سنڌي جي ٻولي يا ٻوليون رائج
ھيون. ٻيو؛ بنيادي دؤر، جنهن ۾ موجودح سنڌي ٻوليءَ
جي تشڪيل ٿي. ٽيون ؛ تعميري دؤر، جنهن ۾ سنڌي
ٻوليءَ ترقي ڪري ادبي ۽ لغوي منزل ماڻي ۽ چوٿون ؛
علمي دور جنهن ۾ مصنفن، محققن ۽شاعرن جا علمي ادبي
ڪارناما صورت وٺي بيٺا(١).
ڊاڪٽر صاحب سنڌي جو سڌو سنسڪرت مان نڪرڻ واري نظرئي تي
خاص طور پادري شرٽ ۽ بشپ ڪالڊويل جي خيالن تي بحث
ڪيو. ھن کان اڳ سنڌيءَ جي بڻ بابت مشھور راءِ
گريئرسن ( ١٨٥١- ١٩٤١ع ) ھئي (٢)، جنهن کان ڪاڪي
ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ، (١٨٧٦- ١٩٥٢ع ) اختيار
ڪيو ۽ ان جو اظھار پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي
تاريخ“ ۾ ڪيو. ھن راءِ موجب سنڌي سنڪسڪرت مان
پراڪرت ۽ اپڀرنس مان وراچنڊ جو روپ وٺي موجوده
صورت تائين پھتي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل مقالي جي اشاعت کان
پوءِ اندازا ١٩٦٠ع کان وٺي بڻ بنياد بابت بحث ڇڙي
پيو. جناب سراج الحق، پروفيسر علي نواز جتوئي ۽
جناب غلام علي الانا جون ڪاوشون مقالن ۽ ڪتابن جي
صورت ۾ ظاھر ٿيون. لسانيات جي ماھرن ۾ تحريري
مھرڪا به ٿيا. ڊاڪٽر بلوچ گريئرسن جي نظرئي کي جئن
جو تئن تسليم نه ڪيو ۽ لکيائين ته ؛ خاص سنڌ جي
آڳاٽ: ٻوليءَ جي ابتدائي سٽاءَ ۾ سمير ۽ بابل جي
تمدن وارين ٻولين ۽ سامي صفت زبانن جا ڪي جزا شامل
آھن (٣)“.
ڊاڪٽر صاحب، سنڌيءَ جي سنسڪرت مان نڪرڻ واري نظرئي ۾ شڪ
جا اسباب ڄاڻايا، جن ۾ ڪن مجھول فعلن، متحرڪ آوازن
۽ نج سنڌي لفظن جو ذڪر ڪندي تفصيلي بحث ڪيائين ۽
پنهنجي مطالعي جا نتيجا ظاھر ڪندي لکيائين ته
”سنڌي قبل از تاريخ قديم تهذيب جي ٻوليءَ جا آثار
مئن جي دڙي جي کنڊرات مان مليل مـُھرن ۾ محفوظ
آھن. قبل از تاريخ قديم ٻوليءَ جي حقيقت معلوم نه
ٿي سگھي آھي. ٿي سگھي ٿو اھا ڪا سامي صفت ٻولي ھجي
جيڪا عراق جي قديم سميري تهذيب جي ٻوليءَ جي
ساٿياري ھجي. مقامي طور ان جي دراوڙي سلسلي سان
نسبت ٿي سگھي ٿي. ٻيو ته موجوده سنڌي ٻِولي سنئون
سڌو سنسڪرت مان نڪتل ناھي. بلڪھ سنڪسرت کان اڳ
واري مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري (٥)“ ڊاڪٽر
صاحب سنڌيءَ جي پاڙيسري ٻولين سان لاڳاپي جو به
ذڪر ڪري ٿو. (٦). سراج الحق جو ڪتاب ” سنڌي ٻولي“
١٩٦٤ع ۾ شايع ٿيو. ھي ڊاڪٽر بلوچ سان ڪيل بحث جو
نتيجو ھو. سراج جي مطالعي جو لب لباب ھي آھي ته
سنسڪرت سنڌيءَ جي ڄائي آھي(٧).
سنڌيءَ جو لاڳاپو سنسڪرت سان به آھي ۽ سامي زبانن سان
لھه وچڙ ۾ آئي. اھڙو اظھار ليلي رچنداڻيءَ پنهنجي
مقالي ؛ ”سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس“ ۾ ڪيو. پروفيسر
علي نواز جتوئي جو ڪتاب سنڌيءَ جي بڻ بنياد ۽
تشريحي لسانيات بابت آھي. ھي ڪتاب ” علم لسان ۽
سنڌي زبان“ ، اھڙي معلومات مھيا ڪري ٿو. ڀارت ۾
ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، لڇمڻ خوبچنداڻي، جيرامداس
دولترام ۽ پوپٽي ھيراننداڻي سنڌيءَ جي بڻ بنياد،
صرف ونحو ۽ ٻين لاڳاپيل پھلوچن تي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر
غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ
بنياد“ ، توڙي ٻين ڪتابن ۽ مقالن ۾ ٻوليءَ جي
اصليت، صرف و نحو، صوتيات ۽ لسانيات جي مختلف
پھلوچن تي لسانيات جي اصولن موجب لکيو. بڻ بنياد
بابت ھن اھو خيال ظاھر ڪيو ته : ”آرين جي اچڻ کان
اڳ برصغير ۾ دراوڙي ٻوليون چالو ھيون انهيءَ ڪري
سنڌوءَ ماٿر ۾ به آرين جي اچڻ کان اڳ ڪا غير
آريائي ٻولي چالو ھئي. موھن جي دڙي واري ٻولي به
ڪا قديم دراوڙي ٻولي ھئي. موھن جي دڙي واري سئندو
(سئندوي- سندوي- سنڌي) ٻوليءَ جو بنياد توراني
ٻوليءَ سان واسطو رکي ٿو(٨)“.
محققن جي ڪيل ڪم مان ھي نتيجو ظاھر ٿئي ٿو ته سنڌي ھڪ
قديم ۽ بڻائتي زبان آھي، سنسڪرت کان اڳ واري دؤر ۾
موجود ھئي ۽ پوءِ مختلف زبانن ۽ لاڙن جو اثر به
وٺندي رھي. جنهن ۾ پاڙيسر زبانن ۽ لاڳاپي ۾ آيل
زبانن جو اثر قبول ڪيائين.
سنڌي زبان جي مختلف پھلوئن تي ۽ رسم الخط بابت به عالمن
ڪم ڪيو آھي. جن جي ڪاوشن سان سنڌي زبان بابت
ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا ميسر ٿيا آھن. مٿي ذڪر ڪيل
محققن کان سوا٣ ڊاڪٽر عبدلاڪريم سنديلي، ڊاڪٽر
الھداد ٻوھيي، محمد عمر چنڊ، محبوب علي چنه، ڊاڪٽر
قاسم ٻگھيي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، ڊاڪٽر ھدايت پريم ۽
ڪن نئين ٽھيءَ جي اسڪالرن جو ڪم نمايان آھي. اڃا
منزل پري آھي. زبان جي لساني، صوتياتي، معنياتي ۽
محاوراتي پھلوچن تي تفصيلي ڪم جي گنجائش آھي.
سنڌي شاعريءَ جي ابتدا
سنڌي شاعريءَ جي اتبدا بابت اڳ ۾ لکيل ادبي تايخن ۾
ماموئيءَ جا بيت ۽ ڪجھه ٻيا بيت آيل آھن. انهن
بابت ڪي روايتون به بيان ڪيل آھن. تان جو ڊاڪٽر
بلوچ جي تحقيق سان انهن روايتن ۽ بيتن بابت نه رڳو
درستي ٿي، بلڪھ بيتن ۾ سـَنـَدن سان اضافو ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ“
ھن باري ۾ اھم ماخذ آھي. شاعريءَ جي باب جي ابتدا
ڊاڪٽر صاحب جي مذڪوره ڪتاب جي سـَنـَد ۽ ٿورن سان
ڪجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب ادبي تاريخ بيان ڪرڻ کان اڳ
عربي ۽ ٻين ٻولين جي سنڌيءَ سان لاڳاپي ۽ اثر نفوذ
جو ذڪر ڪيو آھي. ٻولي ڪھڙن ڪھڙن مرحلن مان گذري ۽
شعر لاءِ ڪيئن زمين ھموار ٿي، اھو پھرين ڄاڻن
ضروري آھي. ان سان گڏ شعر جي تلاش ادبي تاريخ جو
پھريون مقصد آھي. اسان جي اڳوڻن ادبي تاريخ لکندڙن
گھڻي ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪري اھي شعر ھٿيڪا ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آھي، جيڪي اول چيا ويا. مليل تحريري ۽ زباني
روايتن تي پنهنجي تحقيق جو بنياد رکيائون. سڀ
روايتون سچيونبه نٿيون ٿين. بهرحال ڊاڪٽر بلوچ
صاحب انهن مليل روايتن جي تحقيق به ڪئي ۽ ان سان
گڏ جيڪو جاکوڙ وارو ڪم ڪيائين سو مختلف ھنڌن تي
وڃي نوان شعر ھٿ ڪيائين ۽ انهن جون مڪمل روايتون
به بيان ڪيائين. ڪن ڳالھين ۾ شڪ ھو ۽ سن سال جي
غلطي ھئي ته اھا درست ڪيائين. ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه
ڪونهي، پر ھن وقت تائين ادبي تاريخ جي تحقيق ۽
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا دليل وزنائتا آھن.
بده راقم جي ھيءَ ڪاوش مڙني ماغذن جي مدد سان حاضر
آھي.
پھريون شعر
پھرئين يا پھرين سنڌي بيتن جي تلاش ڪندي جيڪو شعر
مليو آھي، اھو ابو حاتم محمد جو حوالي سان آھي. ھن
پنهنجي ڪتاب ”روضة الصقلاءِ ونزھة الفضلاءِ“ ۾
لکيو ته ؛ مون ابراھيم کان بڌو، جنهن ابن ابي
القعقاع چيو ته مون سان ابو ھـُذيل ڳالھه ڪئي ۽
چيائين ؛ آءٌ يحيٰ بن خالد برمڪي وٽ ويٺو ھوس جو
ھڪ ھندي شخص پنهنجي مترجم سان گڏ ڪچھريءَ ۾ آيو؛
يحيٰا کي مترجم چيو ته ھي شخص شاعر آھي ۽ توھان جي
مدح ڪئي اٿس. يحيٰ چيو ته ڀلي ٻڌائي. انهيءَ تي ھن
شخص چيو؛
اره، ککر- کي کـِره مندره
(جڏھن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو آھي تڏھن تنهنجو
مثال ڏيندا آھن)(٩).
مٿئين متن کان قدري مختلف صورت ۾ ھي شعر ”مجمل
التواريخ والقصص“ ۾ آيل آھي. ان جي صورت ھيءَ آھي:
آره بره کنکره - کراکـِري مندره
ھن ڪتاب ۾ ان شخص کي سر زمين سنڌ جو شاعر لکيو ويو
آھي ۽ يحيٰ بدران سندس پٽ جو نالو اچي ٿو.(١٠)
ھي شعر حضرت بلال حبشيءَ جي تصنيف ڄاتو ويو ھو.
دمشق ۾ سندس مزار جي ديوار تي ھي شعر لکيل آھي، جا
پوءِ ٺھي . اندازو آھي ته ھي شعر حضرت بلال پنهنجي
حبشي زبان ۾ چيو ھو. حقيقت ۾ ھي شعر عربي ڪتابن ۾
لکجڻ سبب پنهنجي اصل صورت ۾ نه رھيو آھي. ٻيو ته
”نزھة الجليس“ جو مصنف ابن نورالدين المڪي جنهن ھي
ڳالھه لکي سو پوءِ جو آھي (١١) . مون ١٩٦٦ع ۾
پيڪنگ ۾ چيني زبان جي تعليم دوران آفريڪي ملڪن جي
ھم ڪلاسين کان سواحلي ۽ ٻيون ٻوليون ٻڌيون ۽ ڪجھه
لفظ سکيا ۽ اھو محسوس ڪيو ته ھنن جا آواز ۽ انداز
ٻيا آھن. مثلاگھڻا لفظ ھيئن آھن؛ ڊانگا ڊونگا-
بامائوڪا، نيڪونا وغيره، ڊاڪٽر دائود پوٽي ھي شعر
دمشق ۾ حضرت بلال جي مزار تي لکيل ڏٺو آھي. منهنجي
ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جي پھرئين ڇاپي
(١٩٧٣ع) کان وٺي مون ھن شعر بابت سوچيو ۽ ھي ڳالھه
خيال ۾ آئي ته : شاعر يا صاحب مدوح جو نالو منڌرو
ھوندو يا ھو ذات جو منڌرو ھوندو. بغداد وڃڻ کان اڳ
اھو شعر سنڌ (لاڙ) ۾ چيو ھوندائين. صورت حال کي
منهن ڏيڻ لاءِ برمڪي وزير اڳيان اھو شعر پڙھيو
ھجيس. انهي ڪري شعر جو اصل متن ھيئن ھوندو:
اھڙا ٻـُڙا ڪو (نه) ڪري، ڪ ڪري منڌرو
(منڌرا قوم لاڙ، ڏکڻ بدين ۾ آباد آھي)
(موليٰ مٿان مون، ٻـُڙو لاه م ٻاجھه جو – شاھه).
مليل متن ۾ سمجھه ۾ نه اچڻ ڪري به ٻي صديءَ ھجريءَ
جو ھر شعر بقول ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌي زبان جي تاريخ
بنسبت ھڪ قيمتي وٿ آھي. (١٢) ڇو جو مليل روايت
موجب ھي شعر سنڌ/
سنڌ جي زبان/
سنڌيءَ جو آھي.
عرب دؤر (٧١٢- ١٠٥٠ع) کان پوءِ سومرن جي حاڪميءَ
(١٠٥٠-١٣٥١ع) دورانڪن روماني داستانن جو ذڪر ڪتابن
۽ روايتن ۾ اچي ٿو. ٻن ادبي اھڃاڻن ڏي به اشارا
موجود آھن. انهن ۾ ھڪڙا بيت سومرن جي جنگين بابت
آھن. جيڪي ھنن گــُجرن، علاوالدين جي لشڪر ۽ ڄام
ھالي سان ڪيون. انهن جو عرصو اندازا ١١٥٠ع کان
١٢٥٠ع آھي. ھن باري ۾ ڀٽن، ڀانن ۽ سگھڙن جون چيل
ڳاھون زباني روايتن مان تحرير ۾ آيون آھن. ڪي
جنگينواري دور ۾ چيون ويون ھونديون ته ڪي پوءِ جي
سھڙن ٻڌي سڻي چيون ھونديون. سھڙن ھنن ڳالھين جا
راوي آھن. انهن جي روايتن ۾ ھر ڳالھه، ھر قصي ۽
ڳاھن وغيره جو بنيادي ڍانچو بيشڪ ملي ٿو. پر
سربستي ڳالھه تي اعتبار ڪرڻ ۽ انهن کي تاريخ سمجھڻ
صحيح نه آھي. ھنن جي بيان ڪيل روايتن ۾ جيڪي بيان
ٿيو سو نيم تاريخي داستان ڄاڻڻ کپي.
عربن جي اچڻ (٧١٢ع) کان اڳ جو ڪو نمايان ادب
دستياب نه ٿيو آھي. عربي زبان سنڌيءَ تي اثر ڪيو،
سنڌين عربيءَ ۾ به لکيو. اھو فطري ھو. سنڌي شعر جي
ابتدا جا اھم اھڃاڻ سومرن جي صاحبيءَ ۾ ملن ٿا شعر
جا نمونا ھاڻي تحرير ۾ اچي چڪا آھن.
سومرن جو دؤر
سومرن جو دؤر (١٠٥٠-١٣٥٠ع) سنڌي زبان جي ترويج ۽
عربيءَ سان علمي تعلق سبب سڀاڳو ثابت ٿيو. سنڌي
عوام جي مادري زبان ھئي. واقعات ۽ حادثات جو رد
عمل سنڌيءَ ۾ شعرن رستي ظاھر ٿيو. جنگين جو احوال
ڳاھن وسيلي مشھور ٿيو. سومرن جي دؤر ۾ سنڌي
پنهنجين موجوده سرحدن کان وڌي ڀرپاسي خاص طور اتر
۽ ڏکڻ اوڀر سان رابطي ۾ آئي. ٻوليءَ جو رابطو وڌيو
۽ ادب منظر تي به سنڌي شعر نظر آيو.
ٻارھين ۽ تيرھين صدي عيسوي کانڪي اھم شخصيتون،
درويش ۽ صوفي ملتان کان وٺي ٺٽي تائين خلق خدا جي
روحاني تربيت ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ
انهن ھستين ۾ حضرت غوث بخس بهاءُ الدين ذڪريا
ملتاني (١١٨٢-١٢٦٢ع) پاڪ پٽن جي بابا فريدالدين
گنج شڪر (١١٧٣-١٢٧٥ع) ، اچ جو سيد جلال بخاري، شيخ
قلندر لعل شھباز (وفات ١٢٧٢ع) ۽ شيخ حسين عرف پير
پٺو ، (وفات ١٢٤٨ع) جو خصوصي ذڪر ڪري ٿو. انهن جي
روحاني تربيت ۽ ذڪر فڪر توڙي سماع جا سلسلا ھليا
(١٣). ھن سلسلي ۾ سماع جو حوالي سان ڪن قوالن جا
نالا به اچن ٿا. خاص طور قوال حسن سنڌي حضرت غوث
شيخ بهاءُ الدين جي پوٽي شاھه رڪن عالم جي ڏينهن ۾
ھو. بابا فريد جا دوھا به ڳايا ويا. انهن جي زبان
سنڌي گاڏڙ آھي. انهيءَ کان سواءِ اھو به گمان ڪڍيو
ويو آھي ته ھي دوھا بابا فريد جي جانشين فريد
ثانيءَ جا به ٿي سگھن ٿا (١٤). ھنن دوھن جا ترجما
به ٿيا آھن ۽ سنڌي بيتن جي صورت ۾ شاھه جي رسالي ۽
ٻين روايتن ۾ ملن ٿا. مثال طور ٻھ دوھا ۽ انهن جي
سنڌي صورت ھيءَ آھي.
سروم پنکي ھيڪڙو، ڦاھيوال پچاس
اِه لھري گڊ ٿيا، بچي تيري آس.
سنڌي
سر ۾ پکي ھيڪڙو، پاڙھيري پنجاه
رکي آس الله، لڏي لھرين وچ ۾،
اِني نڪي جنگيم، ٿل ڊوگر ڀويوم
اج فريد اي ڪوجڙا، سو ڪوھان ٿيوم
سنڌي
ٿر ڏونگر بر روه، ميي سڀ مناڙيا
اڱڻ اسي ڪوه، ھاڻيص ھن جھاز کي.
آغا سليم بابا فريد جي دوھن کي نئين صورت ۾ آڻڻ
سان گڏ سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو آھي. ڊاڪٽر بلوچ ھنن
دوھن ۾ سنڌي لفظن جي ھجڻ جو ذڪر ڪيو آھي (١٥).
بهرحال ھنن دوھن جي اڀياس مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته
تيرھين صدي عيسويءَ جي ھي روايت عظيم تر سنڌ جي ھڪ
شعري روايت آھي. ھنن دوھن ۾ سماايل روحاني تعليم
شعري روايت کي به ھٿي ڏني آھي. تنهن سان گڏ تبليغ،
تعليم، سماع ۽ شعر جي ماحول جي پروڙ پوي ٿي. |