سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:11 

ڪيڏاري جي شموليت سميت شاھه جي رسالي ۾ ٣٠ سـُر آھن. مطالعي جي لحاظ کان رسالي جا سـُر ھن ريت تقسيم ڪري سگھجن ٿا. ھڪڙا اھي جي داستان جي نالي پٽاندر آھن، جيئن سـُر سسئي، مارئي، گھاتو، ڪاپائتي ۽کاھوڙي. ٻيا راڳ راڳڻيءَ جي مدنظر سڏجن ٿا. جيئن: ڪلياڻ، يمن، کنڀات، سري، سھڻي، ديسي، ڪوھياري، حيسيني، مومل راڻو(ھيءَ راڳڻي ديسي آھي). ڪاموڏ، سورٺ، سارنگ، آسا، بروو، رامڪلي، پورب، ڪيڏارو، پرڀاتي ۽ بلاول، ائين اڪثريت سـُرن جي راڳ موجب آھي. شاھه صاحب کي ڄاڻ ھئي، ان موجب موزون ڪيائين، سـُر ڪاموڏ جو ”تون سمون آءٌ گندري“ ڪامود جي لکسڻ گيت سان ھم آھنگ آھي. شاھه صاحب گوين جي مدد ورتي ھجي يا نه خود ھن فن شعر ۽ موسيقيءَ جو ڪلاونت ھو.

رسالو موضوع ۽ موسيقيءَ جو ھڪ بي مثال خزانو آھي. ان جو سـُر وار مطالعو ڪجي يا عام جائزو وٺجي، رسالي جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي. رسالي جو آواز ۽ آھنگ سڌو دل سان رابطو ڪري ٿو. ان لاءِ ته شاھه صاحب زندگيءَ جي ھر دؤر ٻالاپڻ، جواني ۽ موٽيل وھيءَ ۾ ھڪ وڏي سوچ وارو شخص ھو. سندس منفرد شخصيت رسالي جي تخليق ۾ نظر اچي ٿي. ھي ڪلام ڪو قافين ملائڻ لاءِ نه آھي. بلڪ سوچ لاءِ مواد ڏي ٿو.

        ڪيئن زندگيءَ جي ٻن روين جي فرق جي ڳالھه ڪري ٿو. ڪيئن حق ۽ باطل جي تميز جي تعليم ڏي ٿو. ان جو ھن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو مٿال ٿي سگھي ٿو.

ورسين پايو ڪاڻ، کر سين کلون پائيين،

ڀوي مـُنڌ اڄاڻ، ڪڻ ڇڏيو تهه چونڊئين!

        زندگيءَ جا روپ ڪھڙا آھن. انهن ۾ انسان جي حيثيت ڇا اھي. ڇا زندگيءَ ھڪ اوچو اتاھون جبل آھي، جنهن کي سـَر ڪري منزل مقصود تي پھچبو.

اچو اتاھون گھڻو. جيئڻ ڪاڻ جبل،

مرڻ مون سين ھل، ته پـُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.

        شاھه صاحب جي شخصيت محبوبيت ۽ نيڪيءَ جي علامت آھي. ھن جي ھر سٽ محبت ۽ مروت جو نمونو آھي. ھن جي پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن سان محبت خاص طور سارنگ، مارئي ۽ کاھوڙيءَ ۾ نمايان آھي. شاھه صاحب قول ۽ فعل ۾ نفرت، ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ ٻيائيءَ کان آجو آھي. ھو آفاقي سوچ جو ھڪ مجسمو آھي. رسالي جو ڪو به پھلو ڏسون، اھا ڳالھه واضح طور ملندي ته شاھه صاحب جي ڪلام ۾ آفاقيت ۽ انسانيت وارو رويو ملندو. اھو ھي ته ڪير تڪليف پيدا ڪري ته ان سان به نرمي ڪجي. ڪيني، بغض ۽ حسد وار پانڌ ۾ ڪجھه به پائي نٿو وڃي. بلڪ خود ڀوڳي ٿو شاھه جي رسالي جي اڀياس پنهنجن نظرين جي روشنيءَ ۾ نه ڪرڻ گھرجي. بلڪ ائين ڪجي ته رسالو ڇا ٿو سيکاري. ھهڙي آفاقي شاعر کي محدود پيمانن ۾ رکڻ جي ڪوشش به اجائي ھوندي آھي، جيتوڻيڪ ڪي ماڻھو ائين ڪن ٿا.

        ھو بيشڪ ھڪ صوفي شاعر آھي. ھو انسان ۽ االله جي لاڳاپي کي ظاھر ڪري ٿو. نفس مارڻ ۽ بي تعصبيءَ جي تلقين ڪري ٿو، پر ھڪ محدود نظريي ۽ ملا جي تنگ نظريءَ واري سوچ کان گھڻو بلند آھي. سندس سوچ انقلابي اھي. ھـُو فرسوده ريتن رسمن ۽ استحصالي قوتن جي خلاف آھي. خلق آزارڻ وارن کي نندي ٿو. پنجن مان پندرھن ڪمائڻ وارن کي پسند نٿو ڪري شاھه جي ڪلام کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪجي. شاھه صاحب ھڪ سادو سودو انسان ھو. ھـُن جيڪي ٻين لاءِ پسند ڪيو، اھو ئي پاڻ لاءِ پسند ڪيائين. سندس عملي زندگيءَ ان ڳالھه جو ظاھر ظھور نمونو ھئي. شاھه صاحب کي ھڪ ئي روپ آھي، جنهن جا لفظن م شغڙڻ ۾ ڪيئي پرتوا آھن، پر ڳالھه ۾ تضاد اصل نه آھي.

        محدود سوچ رکڻ سبب شاھه صاحب کي ھڪ محدود طبقي جو شاعر نه چئي سگھبو. ھو شاعر انسانيت آھي.

        بجاءِ ان جي ته ھڪ منجھيل سوچ سان رسالي کي ڏسجي، ان کي وڏن اسڪالرن ۽ پارکن جي ڏنل راءِ موجب سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي. ھن سلسلي ۾ شارحن اھم ڪم ڪيو آھي. نئين انداز سان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي ڪتاب ”شاھه لطيف جي شاعري“  ۾ شاھه صاحب جي ڪلام کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. نئين پڙھندڙ ۽ شاگرد کي ڊاڪتر تنوير جي ڪيل اڀياس کي به ھڪ نظر ڏسڻ کپي. ھتي سندس ڪيل مطالعي جي ڪن پھلوئن کي بيان ڪرڻ ضروري آھي. ھن ڪتاب مان تنوير عباسيءَ جي ڳوڙھي اڀياس جي خبر پوي ٿي. ھن شاھه جي رسالي کي نئين انداز سان سمجھيو ۽ سمجھايو آھي. ھن شاھه جي ڪلام کي عام فھم، عوامي پھلو، مسيقيت، عڪسي خوبين ۽ اھڃاڻي انداز ۾ پرکيوآھي. ھونئن رسالي تي تصوف جي حوالي سان اڳ گھڻو لکيو ويو ھو. تنوير عباسيءَ مغربي نقادن جي قائم ڪيل ادبي معيار جي حوالن سان لکيو آھي. شاھه صاحب جي موسيقيت کي واضح طور سمجھائڻ لاءِ تنوير بيتن جي مناسب چونڊ سان ڳالھه ڪئي آھي. عڪس شاعري جنهن کي ھن کان اڳ فطرت نگاري، منظر نگاري ۽ محاڪات سڏيو ھو، تنهن تي به مثالن سان لکيو اٿس. شاھه صاحب پنهنجي آسپاس موجود ماڻھن ۽ ھالات کي واضح طور ڏٺو، پرکيو ۽ بيان ڪيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته”سنڌ جو ھر نظارو سندس شاعريءَ ۾ موجود آھي. روئو، رڃ، ڏونگر، چارا، ڍنڍون، پاڻيءَ تي ترندڙ ٻيڙيون، سمنڊ، اٺن جون قطارون، پکين جا وڳر، ڪونجون، ڪانءُ، ڦٽندڙ باک، ھنج درياءُ ۽ ان جي مستي، ڇولين جو شور، سج چنڊ تارا ۽ ڪتيون، لھندر سج، موکيءَ جا مت، مينهن جا وسڪارا، ڪـُنڍيون مينهون، ڀنل نيڻ، ڀنل ڀنڀا وار ۽ ٻيا ڪيترائي اھڙا عڪس آھن، جن کي ساھه لطيف ڪمال فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آھي.(٦)“ اھڙي طرح اھڃاڻي(علامتي) شاعريءَ جي به مؤثر سمجھاڻي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڏني آھي.

        شاھه جو رسالو، سنڌ جي نيم تاريخي داستان سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلا چنيسر، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياچ، سھڻي ميھار ٧ عمر مارئيءَ جي سورمين کي توڙي داستانن جي بنيادي فلسفي کي خوبي٤ سان سمجھائي ٿو. شاھه صاحب ھڪ عام قصھ گو وانگر ڳالھه نٿو ڪري. فقط داستان جا اھي حصا بيان ڪري ٿو. جن جي ڪري ھو دل جي ڳالھه چٽي طور چئي سگھي ٿو. ھيءَ ڳالھه جدائيءَ ۽ تڪليف جي بيان ۾ آھي. روحاني راز ۽ تمثيل جو خاص نـُڪتو به ان ھنڌ تي موجود آھي. سر سسئيءَ ۾ چوي ٿو:

وڃين ڇو وڻڪار، ھت نه ڳولھين ھوت کي،

لڪو ناھي لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،

نائي نيڻ نهار، تو ۾ دير دوست جو.

        قصي جي صورتحال موجب پنهون کي ڀائر کنڀي کڻي ڪيچ ھليا ويا ته شاھه صاحب کي چوڻ کپي ته وڃ وڃي پنهون وت پھچ، ٿي ستي ٻڌ سندرو، ويھه ۾ منڌ ڀنڀور ۾، وغيره وغيره، جيڪو وري ٻئي ھنڌ چيائين. ھتي پنهنجي انداز ۾ جھاتي پائي پنهون پسڻ جي تلقين ڪري ٿو ته اتي تمثيل ۽ روحاني رمز جي ڳالھه آھي.

        تصوف موجب ساري ڪائنات، محبوب حقيقي جي وجود جي مظھر آھي، ان کي پنهنجو وجود نه آھي. بربحر وڻ ٽڻ محبوب جي ھستيءَ جا ساھد آھن. شاھه صاحب ھن باري ۾ ھيئن ٿو چوي:

جر تر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي ھيڪڙي،

سڀئي شي ٿيا، سوري سزاوار.

ھمه منصور ھزار، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھين

        شاھه صاحب ھڪ صوفي ھو، ان جا واضح اشارا رسالي ۾ موجود آھن. چٽ چٽو چيائين:

صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تهان پوءِ ٿيو، جئري پسڻ پرينءَ جو.

        ھوڏ، ھٺ، لوڀ لالچ ڇڏڻ دنيوي لحاظ کان به نيڪ ڪم آھي. حقيقي محبوب لاءِ سڀ حرص ۽ ھوائون ڇڏڻيون آھن. جانب جو جمال پسڻ لاءِ پاڻ کي فنا ڪبو. ٻين صوفين وارو اھو گس شاھه صاحب به ورتو. سندس ھي سٽون ان ڳالھه جو مڪمل اظھار آھن:

مري جيءُ ته مانئين، جانب جو جمال.

-

آءٌ سين ان پار، ڪڏھن تان ڪو نه ٿيو.

-

پاڻ م کڻج پاڻ سين، ري وسيلي وانءُ

-

نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو.

        ھيڏانهن سـُر مارئيءَ جو پھريون بيت ان ڳالھه جو اظھار اھي ته روحن جي تخليق وقت اھڙو اعتراف ٿيو ته تنهن وير ئي وڃڻ ٿيو ته روح جي ڇڪ اصل ان مقام ڏي آھي، جتان آيو آھي:

الست بربکم، جڏھن ڪن پيوم،

قالو بليٰ قلب سين، تڏھن تت چيوم،

تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙھيچن سين.

        سسئيءَ جي بيان ۾”اول آخر آھي، ھلڻ منهنجو ھوت ڏي“ چئي شاھه صاحب اھا ئي ڳالھه ڪئي آھي ته ھوت کان سواءِ منهنجو ھجڻ ڪھڙي حساب ۾ آھي؟ رسالي ۾ محبوب حقيقي ڏانهن ڪشش ۽ روح جي واپسيءَ جو بيان موجود آھي.

        وڏن شاعرن لاءِ نقادن واضح طور چيو آھي ته ھنن ۾ موضوعن جي جھاجھه، رنگارنگي، وسعت ۽ تنوع آھي. شيڪشپيئر، شيلي، حافظ، سعدي، ڪبير ۽ ٻين تي ھي اصول صادق اچي ٿو. ھن سلسلي ۾ پند ۽ نصيحت، اخلاقي قدرن کي ڳڻيو ويو آھي. وڏي دل وارو ٿين ۽ ڪاوڙ کي مارڻ پھريان انگ آھن، جيڪي انسانيت ۾ اعليٰ درجو رکن ٿا. شاھه صاحب چوي ٿو:

ھو چونئي تون م چئو، واتان وارائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،

پانڌ ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينيڪي.

        دنيادار ماڻھو ھن رويي کي ڪمزوري ڄاڻن ٿا، پر ھي ھڪ صاف دل، سچار ۽ نيڪ انسان جي نشاني آھي. جي صورتحال جي ڪا اھڙي تقاصا آھي ته روش به اھڙي ڪبي جيئن شاھه صاحب چيو:

ڪڏھن پئجي ڪن ٿي، ڪڏھن ٿجي وات،

ڪڏھن ٿجي ٻڪرو، ڪڏھن ٿجي ڪات.

        جتي ويريءَ سان ويڙھاند آھي، اتي ڀلا ؛ني وڙھبو، آڍي ڍال نه ڍاربي. اھا ته سمجھه جي ڳالھه آھي. شاھه صاھب روحانيت جو ڌڻي ھو. مادي دنيا ۾ ماڻھن سان مڪمل طور لاڳاپيل رھيو. محبت جو مجسمو ھو. ڪٿي سندس ڪردار ۾ ڪروڌ نه ٿو لڀي. سندس زندگيءَ ھڪ مثالي زندگي ھئي.

        شاھه صاحب کي پنهنجي دوستن ۽ جان فدا ڪرڻ وارن مريدن جو پيار حاصل ھو. دنيا م شاھه صاحب جي اکين ۾ لالڻ ڄي لالائي موجود ھئي. سندس ڪلام ۾ مجاز جي مام لڀي ٿي. اوھو مجاز ھن لاءِ حقيقت تائين رسڻ جو ھڪ وسيلو، ھڪ ڏاڪڻ ھئي. محبوب جو بيان ڪندي خدا جو قسم کڻي ٿو. ان گرنٿ صاحب مان مضمون ملي ٿو. ”سھسين سورج اگھي، جي چندن چڙھن ھزار، جو پاڇو ھنن لظڻ ۾ ظاھر ڪري ٿو:

سھسين سجن اوڀري، چوراسي چنڊن،

بااالله ري پرين، سڀ اونڌاھي ڀانيا.

يا

گرنٿ جي ٻئي بيت جو اثر ھي اھيي

گرنٿ: سر وچ پنڇي ھيڪلا، ڦاسيوال پچاس،

رسالو: سر ۾ پکي ھڪڙو، پاڙھيري پنجاه.

        ان ھوندي به رسالو پنهنجي ھڪ منفرد انداز رکي رکي ٿو. جي شاھه صاحب ڪو اثر وٺي ٿو ته ان کي کولي بيان به ڪري ٿو يا ٻڌل ۽ پڙھيل شعر جي مضمون کي پسند ڪري ٿو ته ان کي پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪندي، ھڪ پيغام ٿو رسائي، جيئن ھي فارسي شعر:

درميان قصر دريا تخته بندم ڪرده اي،

بازمي گوئي ڪھ دامن تر م ڪـُن ھوشيار باس.

شاھه صاحب چوي ٿو:

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اڀا ايئن چون، مڇڻ پانڌ پسائين.

        شاعرن حسن ازل کي ساراھڻ کان گھٽايو نه آھي. ڪنهن ھن موضوع کي پنهنجي ڪلام جو اولين موضوع بنايو آھي. شاھه صاحب جو رسالو به حسن ازل جي واکاڻ سان ڀرپور آھي. ھي چند سٽون به اھڙو اظھار ڪن ٿيون:

-               ناز منهاران نڪري، جڏھن پرين ڪري ٿو پنڌ.

-               پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا ڀير.

-               سڄڻ سانوڻ مينهن جان، جھڻڪن پاسي جھوڪ.

-               مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس.

        ماارئ:٤ جي بيان ۾ ان جو حسن سيرت ئي ڪافي ھو. حسن صورت کي وساري نٿو. پکيءَ ۾ پدمڻي چئي، عورت جي اعليٰ مقام تي پسيس ٿو:

پکيءَ ۾ پدمڻي، ڪر ڏي وراڪا وڄ،

جھڙي صورت سڄ، تهڙي مورت مارئي.

        مومل کي ۽ سندس ڀينرن توڙي سھيلين کي سون ورنيون سوڍيون ۽ نوريءَ کي تهڙو ڪينجھر ۾ ڪو نه ٻيو، جھري سونهن سندياس، چئي حسن جو اشاري ۾ مڪمل بيان ڪري ٿو، پر پڇتاءُ ٿئي ٿو ته ُھائي سورمي محسوس ڪري ٿو ته:سونهن وڃايم سومرا، سکر جھڙي سونهن، يا ليلا جو پڇتاءُ: ھيس ھندورن م پييم ڪا نه پروڙ. سورمين جي پوري نفسياتي ڪيفيت بيان ڪندي شاھه صاحب انهن جي ذھني حالت مان پڇتاءُ ۽ وڇوڙي جو مڪمل تاثر پيش ڪري، اخلاقي سبق سامھون آڻي ٿو.

        شاھه صاحب جو محبوب مٺن ٻولن وارو آھي. ڪٿي ڪنهن ھنڌ مشڪل سان ان جي مٺن ٻولن سان گڏ ھٿ ۾ ڪاتي ھجي. مجاز کيس لاھوت لامڪان، جبل، لاڙ ۽ ٿر به گھمايو. ائين سنڌ جي سرزمين جي گسن پنڌن ۾ درد جا لازوال داستان ڀري ڇڏيائين. ھهڙو جھان دوست شاعر، عالم جي آباديءَ جو طالب ۽ اڃايلن لاءِ اگوندري آب جي دعا ڪري ٿو ته ڪا عجب جھڙي ڳالھه نه آھي. ھـُو سنڌين جي دعا: ”جڳ جھان جي خير ڪر“ جو پيغامبر اھي:

وس تڏھن وس، مـُند مڙيوئي مينهن جي،

کٽرن کيٽا ڇڏيا، جي مڙيون ٿي مس،

گابا مٿي گس، ڏک نه ڪندا ڏٻرا.

        ملڪ ۾ ڏڪار جي سبب انسان دشمن قوتن جو مڪو مڇي ٿو. ھو انسان جي ذلت مان به نوٽ ڪمائڻ گھرن ٿيون، ١٩٩٩ع کان وٺي ساموندي طوفان، زلزلي ۽ ٢٠٠٣ع ۾ لاڙ جي برساتن م انهن ماڻھوءَ جو ماس کائن وارن حيوان صفت ماڻھن اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته مقصد ملڪيت ٺاھن آھي. شاھه صاحب سچ چئي ويو ته : ”عالم آءٌ ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري،. يا اياز چواڻي: ”ڀاءٌ مري ٿو ڀڪ ۾، توکي ناھي ديا.“ بهرحال حيوان حيوان آھن. اھي ارڙھين صديءَ ۾ ھجن يا ايڪويھين صديءَ ۾ ھجن. آفريڪا جي جھنگن ۾ ھجن يا سنڌ ۾ ھجن! دعائون ڪري ويو ۽ ھوڏانهن موذين لاءِ سخت لفظ به چئي ويو ته:”ڏڪاريا ڏيھه مان، شل موذي سب مرن“ پر موذي مئا نه، بلڪھ سندن اولاد ۾ برڪت پئي!محنت ڪش، غريبن، پورھيتن، مزورن ۽ ھارين کي مارن ۽ سنگھارن جا نالا ڏيئي شاھه صاحب پنهنجي پيار جو اظھار ڪيو ۽ ھڪ لفظ کاھوڙي ڪم آڻي انهن کي امر ڪري ڇڏيائين. پيا سور سھن، پر لطيف انهن کي وساريو ڪونهي.

کاھوڙين کڻي، ساجھر ٻڌا سندرا،

ڏوريندي م ڏونگرين، ڪيئون پاڻ پڻي،

ڏکن ڏيل ھڻي، ڇيھه لڌائون ڇپرين.

        کاھوڙي ڏٿ لاءِ ڪٿي ڪٿي وڃن  ٿا. سندن ڪھرا حال آھن، اھو بيان شاھه صاحب ھيئن ڪري ٿو:

کڻ نه کرڪاڻ، پنڌ پراھين ھليا،

ڏوٿيڙا ڪنهن ڏٿ کي، جنبيا ڏانهن جنباڻ،

کاھوڙين اھڃاڻ، انگ نه سڄي اڳري.

        شاھه صاحب جي ڪردارن ۽ سورمين ۾ ھيءَ ڳالھه نمايان آھي ته ھنن وٽ منزل ماڻڻ لاءِ پڪو ارادو آھي. مثال طور سسئيءَ وٽ پنهون وٽ پھچڻ لاءِ فولادي عزم آھي. جبل جھاڳي ٿي. خوفن خطرن کي خوشيءَ سان قبولي ٿي. ساجن ڪارڻ سـُڃ ُ مر قبولي سسئي، آڏو ٽڪر ٽر متان روه رتيون ٿئين. پنڌ جي ته پرواھه ناھيس:

نڪو جن جھان ۾، نڪو سـُجي نانگ،

سسئيءَ ڇڏيو سانگ، ته ڇپر مرئي ڇاڙڪي،

ماءُ کي چوي ٿي:

امڙ وڃي اڻ، چرخو آڻڻ وچ مان،

ڪتيم جنهين ڪاڻ، سو ڪوھارو ڪيچ ويو.

        سرتين کي چوي ٿي ته اوھين موٽي وڃو. اوھان جي وس کان ڳالھه مٿي آھي. مون کي روڪي منهنجو وقت نه وڃايو. آءٌ جتن ڏانهن وينديس.

وڃو سڀ موٽي، آئين جي ورن واريو،

ڪا نه ھلندي ڪيچ ڏي، ڪريوم کوٽي،

ڪڇيم ڪاڇتي، وڌم جوڳ جتن سين.

        اڳتي وڌي ٿي جبل جا ڏو ڪر کڻيو بيٺو آھي. جبل ليکي ھڪ ڪمزور عورت ڇا اڳتي وڃي سگھندي! ان کي به چتائي چتائي ٿي چوي ته ڏونگر تون ڏاڍو اھين، پر آءٌ به فولاد جي ٺھيل آھيان. ھتي ُڇ! وري چويس ڏونگر مون کي ڏکوءِ نه! پر ھي ڇا، ڏونگر کي دلجوئيءَ لاءِ منٿون به ڪري ٿي! شاھه صاحب جون ته ڳالھيون نراليون آھن:

ڏونگر تون ڏاڍو، ٿو ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين،

مون تن اندر تيئن وھنين، جئن وڻ وڍي واڍو،

ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٿر ڪير پنڌ ڪري.

-

ڏونگر ڏکوين کي، دلاسا ڏجن،

گھڻو پڇجي تن کان، جن کان پرين وڃن،

تون ڪيئن سندا تن، پھڻ پير پٿون ڪري.

-

ڏونگر مون م ڏکوءِ، آءٌ اڳ آھيان ڪانهري،

ساريان ڪو نه سکوءِ، سور گھڻو ئي سنڀران.

-

تپي ڪندين ڪوه، ڏونگر ڏکوين کي،

تون جي پھڻ پٻ جو، ته لڱ منهنجا لوه،

ڪنهن جو ڪنهي ڏوھه، امر مون سين ايئن ڪيو.

        سھڻيءَ جي بيقراري به سسئيءَ کان مختلف نه آھي. ھونءَ به پاڻ کي مـَئي مـَتي مھراڻ ۾ اڇلي ٿي وجھي. چي مون کي ڪا م پلي، مون کي نينهن درياءَ ۾ اڇلي وڌو آھي. سانگو ساه جو ناھيس-چي:

ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون، ساھڙ ساھڙ ڪن،

ڪنين سانگو ساه جو، ڪي گھوريس چيو گھڙن،

ساھڙ سندو تن گھاگھائي گھرن جي.

-

ڪچو تان ڪوه، پڪو نظر پرينءَ جو،

ساھڙ منهنجو سپرين، ڏم ڏٺيئي ڏوه،

جي ڇـُٽو جي ڇوه، ته پورينديس پارمڻي.

        مـُنڌ ٻوڙيون مھراڻ، يا مھراڻ منڌ کي ٻوڙي ڇڏيو، پر ميھار ڪنڌ:٤ جھليو ڪانهن پيو پڪاري:

ڪنڌيءَ جھليو ڪانهن، عاشق اڀو آنهون ڪري،

تو ڪيئن ٻوڙي سھڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،

درياءَ توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي.

        ھيڏانهن درياءَ جي دھشت ته ھوڏانهن مورڙي لاءِ سٽاڻو سمونڊ، جنهن مورڙي جا ڀائر مانگر مڇ جي پيٽ ۾ ويندي ڏٺا. سمونڊ جي وس نه ھو. پر ھڪ آپاھج منڊڙو انسان عزم ۾ آُتاھون ھو. ھڪل ڪيائينس ته متان ڀليو آھين، انهيءَ پاڻيءَ ۾ پورو ڪندو سانءِ:

متو آھين مـَڇ، ٿلھا ٿو ٿونا ھڻين،

تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پـُنا ڏينهڙا.

        نوري ۽ نياز، به لفظ ھڪ اعليٰ ڪردار جي سڃاڻپ بنجي ويا آھن. ھڪ غريب گھر جي ڇوڪري راڻي بني ته به اھا ئي نهٺي ۽ نماڻي ڇوڪري، نه مٺ نه غرور، نه محل کيس منجھايو نه بادشاھه جي اٿاه محبت ھـُن ۾ ڪو فرق آندو. ھوڏانهن اياز محدود جو پيارو ٿيو ته دنيا ھن جي واکاڻ پئي ڪري، پر ھيءَ بادشاھه جي پٽ راڻي ٿي وئي. ھن ڪردار کي به شاھه صاحب لازوال ۽ بي مٿال مرتبو ڏنو آھي. ھوڏانهن مومل ۽ ليلا ھٺ جون پتليون آھن. ڄڻ زندگيءَ سندن خواھشن جو ٻيو نالو آھي. نوري ته اھا ئي ڳالھه ٿي ڪري ته:

تون سمون آءٌ گندري، مون ۾ عيبن لک،

ڪارڻ رب الک، متان ماڱر مٽئين.

        ڪھڙي ھيثيت ھئي مھاڻن جي، جيڪي بادشاھه کي وڻيا. نوري جي ڪري ھنن کي محصول معاف ڪري ڇڏيائين. مھانن جي روزمره جي معمول جو نقشو شاھه صاحب ھيئن پيش ڪري ٿو:

ڄاريون کاريون ڇڄ ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،

رھن وھن سر ٻانڌئين، سڀئي بدبـُو ھاڻ،

لڌڙن جئن لطيف چئي، پاڻيءَ وجھن پاڻ،

تن ملاحن جو مان، سمي سر ڪيو پانهنجي.

        صورتحال ھي بيٺي جو ڄام پاڻ نوريءَ جي چاڪريءَ ۾ پير ڀر بيٺو:

تهڙو ڪينجھر ۾ ڪين ٻيو، جھڙي سونهن سندياس،

مڏ مياڻيون مڪڙا، مرئي معاف ٿياس،

مورڇل مٿاس، ھڻي ڄام ھٿن سين.

        مھاڻيءَ جي اکڙين ۾ جيڪو جادو ھو، تنهن جو ڪرشمو ھو يا نهٺائي ھڻي جو ڄام به ڄارو کڻي ڪلھي تي رکيو:

ڪو جو ڪامڻ مي، آھي اکڙين ۾،

تن تماچي ڄام جو، ناڀون پايوني،

عشق ائين ڪري، جئن ڄارو ڄام ڪلھي ڪيو.

        سميون سومريون وڏ گھراڻيون ھٺ ۾ ڇڄي رھيون ھيون. انهن جي مقابلي ۾ نوري٤ جي نماڻائي ڄام کي وڻي. شاھه صاحب ان ڳالھه کي ھنن لفظن ۾ ساراھيو آھي ته:

کوءِ سميون ٻن سمريون، جي ڄامن جون ڄايون،

ڪريو ويس وڏاندرا، اڱڻ ٿي آيو،

گوندر گمايون، جھپي سڀ جھڙپ سين.

        ٻيائي ۽ شرڪ سبب راڻو مومل کان رسي ويو. پوءِ گھني قدر پڇتايائين، پر تير ڪمان مان ڇـوٽي چڪو ھو. سومل کي راڻي جي ويس ڍڪايائين ته راڻو رسي ھليو ويو. ان لاءِ گھڻيئي ورلاپ ڪيائيڻي

ڍٽ ۾ وڃج ڍول، ڪاڻياري ڪاڪ ڪري،

آءٌ اڳھين آھيان، ٻڌي تنهنجي ٻول،

توکي ساري سپرين، رنم منجھه رتول،

ٽڪاڻا ۽ ٽول، وسه ، مون وه ٿيا.

        ساھه صاھه، مومل ۽ سندس سرتين جي بيان ۾ جماليات جي ڪي رنگ ڀريا آھن، اھي ٻين سـُرن ۾ آيل جماليات کان نسبتا سرس آھن، ھيٺيان بيت انهن بيتن مان چند آھن:

جھڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،

چوٽا تيل چنبيليا، ھاھا ھو! ھميش،

پسيو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيش،

لالن جي لبيس، آتن اکر نه اڄي.

-

جھڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سايون،

عطر ۽ عنبير سان، تازا ڪيائون تن،

مڙھيا گھڻو مشڪ سين، ڇوٽا ساڻ چندن،

سونهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،

ڪيائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،

منجھه مـُرڪيس من، سوڍي سين سڱ ٿيو.

-

سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن،

اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن،

اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن،

ٻاٽن ٻيلون ٻڌيون، پسيو سونهن سڙن.

ٿيا لاھوتي لطيف چئي، پسڻ لئھ پرين،

اِجھي ٿا اچن ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.

-

جنهن تڙ ڌوڙون ڌون، ڇوٽا چندن چڪ ڪيو،

اچن ڀونر ڀوڀوليا، پاڻيءَ تنهن ڀوـُون،

راول رت رون، ڪو وھه لڳو واسئين.

        مومل ٻيائي ڪرڻ سبب ڏھاڳ جو ڏنءُ ڏٺو. پر ليلا ان کان به ٻھ قدم اڳتي وڌي شرڪ جھڙو ڪم ڪيو، پنهنجو ور ھار جي عيوض ڪؤنرو جي حوالي ڪري ويٺي. چنيسر ھيءَ ويڌن سھي نه سگھيو. کانئس پري ٿي ويو. روحاني راز موجب اھو ڪم سرڪ جھڙو آھي. خدا ٻيا سڀ گناھه معاف ڪري ڇڏيندو پر شرڪ اھڙو گناھه آھي، جنهن جي معافي مشڪل آھي. پڇتاءُ ته ٿيو پر ڳالھه ڳچ ٿي چڪي ھئي ھيڏي وڏي مرتبي تي ھئي. تحت الثراءَ ۾ وڃي ڪري چي:

وڏيري ھياس، چنيسر جي راڄ ۾،

دھلين دمامين نقرين، پر ۾ پڇياس،

ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏھڳڻ ڏيھه ۾.

-

ھـُيس ھندورن ۾، پييم ڪا نه پـَروڙ،

مڻيي سندي مامري، ڪوجھي وڌيس ڪـُوڙ،

سامھان ٿيم سـُور، ويو ولٽي ولھو.

        شاھه صاحب جنهن انداز سان پڇتاءُ ظاھر ڪيو آھي. اھي لفظ اھو انداز ليلا کان به ادا نه ٿئي ھا. ھهڙا پار ھوءَ خود نه ڪڍي ھا. جيڪي ھـُن ڪيو تنهن جو ڪو علاج نه ھو. جي ھار ھٿان ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ته به وقت گذري چڪو ھو. بيوفائي جي وفا ۾ بدلجي سگھي ھا ته دنيا جا سڀ بيوفا موجون پيا ماڻين ھا. وفا جو ڪو بدل ڪونهي. وفا جي ڪا قيمت ڪونهي، نه بازار مان ملي ٿي نه ڪو ٻيو وسيلو ھلي ٿو.

        شاھه صاحب نهايت صاف لفظن ۾ تنبيھه ٿو ڪريس ته چنيسر جا رنگ ٻيا آھن. رٺو ته ڪنهن سبب سان رٺو. اھو وڏوڻو ور ھاڻي مشڪل وري.

ٻھ رنگو لوڪ ٻيو، چنيسر چؤرنگ،

تنهن سين ڇنيو سڱ، وڃيو ھار ھٿ ڇھين!

        ڏوه ناقابل معافي ھو. چنيسر تان مال منڌيون، مٽ مائٽ، خود ۽ گھر گھوڙڻ جي تلقين ته ڪريس ٿو، پر لطيف خود ڄاڻي ٿو ته ان مان به ڪجھه ورڻو سرڻو ڪونهي:

ليلا ڇڏ لـِھور، وڃ پنهنجي مائٽين،

ابو ڏاڏو گھور، چنيسر جي چاڳ تان.

        ليلا گھڻو ليلايو، مڻيون مچ ۾ وجھڻ ۽ ھار ھاڻي٤ م ھڻڻ لاءِ تيار ٿي، پر تير ڪمان مان ڇـُٽي چڪو ھو. تڏھن به شاھه صاحب چوي ٿو ته ڌڻي در ٻاڏائيندي رھه، ليلائيندي رھه، من راضي ٿئي:

ليلائي نه لھين، ته پڻ ليلائيج،

آسرو م لاھيج، سجڻ ٻاجھندڙ گھڻو.

        سورمين ۾ سورٺ جو ڪردار وفا جو مثال آھي ۽ ھوءَ ور جي سربخت لاءِ ٻيجل کي مال ملڪيت، گھوڙا، ھاٿي ۽ راڄ ڀاڳ اڇي ٿي، پر ھـُن کي ڏياچ جو سر وڍڻو ھو، سو نه مڙيو، سر ئي گھـورندو رھيو، ٻي ڪا صلاح مڃڻ لاءِ اصل تيار نه ھو.

        سر جي طلب ۾ سـُرن سان سڄو شھر ٻـُرائي ڇڏيائين. راجا به قول ڪيو ھو ته جا جڪ جھوناڳڙھه ۾ پيھي آيو:

جاجڪ جھونا ڳڙھ ۾، ڪو عطائي آيو،

تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويھي وڄايو،

شھر سڄوئي سـُر سين، تندن تپايو،

دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،

ٻيجل ٻولايو، ته آھيان سوالي سـِر جو.

-

محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سـُرندو،

سر جي صدا سـُر ۾، گھور ھلي گھـُرندو،

مٿي ري ملوڪ جي چارڻ نه چـُرندو،

جھونا ڳڙه جـُھرندو، پوندي جھانءَ جھروڪ ۾.

        راجا وچن موجب سر ڏنو ۽ محل ۾ ماتام ٿي ويو. ورلاپن جو بيان شاھه صاحب ھيئن ڪري ٿو:

گل ڇنو گرنار جو،پٽڻ ٿيون پٽين،

سھسين سورٺ جھڙيون، اڀيون اوسارين،

چوٽا چارڻ ھٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،

ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رم ڳيو.

        شاھه صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ راءِ ڏياچ جي سر ڏيڻ کين مڱڻھار جو سر ڏيڻ سڏي ٿو. ان ۾ جا اونهي ڳالھه اسرار جي آھي. ان ڏانهن اشارو ڪري ٿو:

سورٺ مئي سک ٿيو، خيما کنيا کنگھار،

نه ڪو راڳ نه روپ ڪو، نه ڪا ٻي تنوار،

تنهن پوءِ مڱڻھار، ڏنو سـِر ُ ڏياچ کي.

        رسالي ۾ آيل ھنن ڇھن سورمين جي مقابلي ۾ ستين سورمي مارئي٤ جو ڪردار ٻي نوعيت جو آھي. بيشڪ ٻين وانگر ھي ڪردار به محبت جي مام ظاھر ڪري ٿو، پر ھن جي محبت وطن، مارن ۽ مڱيندي کيت سان آھي. مارئي زبردستي عمر بادشاھه جي محل ۾ آندي ٿي وڃي. عمرڪوٽ ۾ قيد آھي ۽ پنهنجي اصل ڳوٺ ڀلوا ۽ مارن جي اڪير اٿس. روحاني راز جي اپٽار ڪرڻ وارن اون کي روح جي اصل وطن عام ارواح ڏي ڇڪ قرار ڏنو آھي. ”الست بربڪم“ جي قول سان ڳنڍيو اھي. ظاھري معنيٰ پڌري آھي. ھوءَ ڪنهن به طرح عمر بادشاھه جي آڇيل سھوليتن، ريشمي لباسن، محل جي ست رڇي طعامن ۽ شاھاڻي ٺٺ کي قبول نه ٿي ڪري، آرام آسائش ٿڏي ٿي ڇڏي. ھڪڙي ئي وطن جي تنوار اٿس. وطن جي ٿڌي مٽيءَ کي پئي ياد ڪري. صاف صاف جواب ٿي ڏي. ٻي ڪـُريت ڪو نه ڪنديس:

اِيءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،

اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪـُريت،

پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.

        جي جيئري پھچڻ جي اميد نه آھي ته مـُئي به وطن جي مـِٽيءَ ڏانهن موٽڻ لاءِ ٿي وصيت ڪري:

واجھائي وطن کي، آءٌ جي ھـِت مـُياس،

ته گھور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس،

ڏج ڏاڏاڻي ڏيھه جي، منجھان ولڙين واس،

ميائي جياس، جي وڃي مڙھه ملير ڏي.

        لوئي ڦاٽي ليڙون ليڙ ٿي ويئي، عمر جا ڏنل پٽولا، ارغچ، عبير ۽ ٻانڌوڻا ٻن ڏيئي، لاک رتل لوپن کي ياد ڪرڻ لڳي. وارن ۾ چيڙھه پئجي ويس. ان لاءِ ته مارو مڃين ته اسان جي ئي آسري ھئي:

سھسين سيمبا ڪنجري، لوئي سين ليرن،

ھهڙو حال وٺي ڪري، وڃان منجھه ٿرن،

مارو مان چون، ته ھئي اسان ئي آسري.

        گھڻيئي خيال پچائي ٿي ته ڪو وانگي ڪو نه وريو. نڪو اير نه ڀير نڪو اوٺي آئيو. نه خير نه خواب. ڪو ڪو نه وريو شايد وساري ڇڏيائون. شايد غيرت کان شرم ۾ ٻڏي ويا. روئي پٽي ويھي رھيا. آءٌ ته تنهن کان نه ڄاپان ھا. مارن لاءِ تڪليف جو باعث بنيس. سونهن وڃائي، ڪاڻياري ٿيس.

ھيڪ جئن نه ڄاياس، ٻيو ڄاپندي جي مران،

گھنگھر گھڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي.

        اعتراف جي حد آھي، خود پنهنجو وجود ٻين لاءِ تڪليف جو باعث بنيل ٿو لڳي. ايترو جو انسان ائين سوچي ته تنهن کان نه ڄاپان ھا. ھڪڙو ان معنيق وارو شعر سنڌ جي سپوٽ، منفرد عالم، فيلسوف ۽ نابغھ روزگار علامھ آءِ آءِ قاضي پنهنجن ھفتيوار ليڪچرن ۾ پرھيو ھو. اھو دل ۾ پيھي وڃڻ وارو شعر ھي آھي:

بسي ناديد نيھا ديده ام ھم،

اي ڪاس ڪھ مرا مادر نه زادي.

        (گھڻي ئي نه ڏسڻ جھڙيون (ڳالھيون) ڏٺيون اٿم، اي ڪاش ماءُ مون کي نه ڄڻي ھا!)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org