سندس والد جو نالو سعدالله ھو. ڊاڪٽر دائودپوتي جي لکڻ موجب
عبدالرحيم راڻيپور(رياست) ۾ ڄائو. ميون عبدالرحيم
١٧٣٩ع ۾ ڄائو. ان وقت چوٽاريون ھڪ علمي مرڪز ھو.
اتان جي مئين مبين وٽ تحصيل علم لاءِ ويٺو. راضي
فقير جي روايت موجب ھو. دائره شريف (اڏيرو لعل) جي
سيدن وٽ درس وٺندو ھو. ٻيا شاگرد سندس ڏٻري جسم تي
ٺٺوليون ڪندا ھئا، پر سيد(استاد) کيس سڏي پاڻ سان
ماني کارائي. ان ڪري سيدن جو احترام ڪندو ھو ۽ چئن
نياڻين مان فقط ھڪ جو رستو پنھنجي ڀائٽي سان
ڪيائين. ٽي سيدن ۾ ڏنائين.(٣٢)
گرھوڙ سندس مڪسن ھو. اسلام جي تبليغ ۽ بدعتن جي پاڙ پٽڻ لاءِ
زندگي وقت ڪري ڇڏيائين. پھريائين ظاھر پرست عالم
ھو. پوءِ خواجھ محمد زمان ڪلان جو مريد ٿوي ۽
لنواريءَ جو پانڌيئڙو بنجي پيو. خواجھ محمد زمان
جي وفات کان پوءِ صغير صاحبزادي جي گادي نشيني٤ جي
سلسلي ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيائين. پاڻ پاج شاديون
ڪيون ھئائين. ھڪ مان پٽ ٿيو، پر ٻاراڻي ٽھيءَ ۾ ئي
گذاري ويو.
دين ۽ ڪفر جي تميز ڪرڻ ۾، ۽ اعلان ڪرڻ ۾ نھايت سچو،
پڪو، راسخ ۽ سخت گير ھو. ھندڪار جي سخت خلاف ھو.
ھن سلسلي ۾ سندس ٽي ڪارناما مسھور آھن: ١- پٿوري
جي ڏيوري ڊھرايائين ۽ قبر ٺھرايائين. ميلي جي
موقعي تي ٻانگ ڏيندو ھو ۽ چوندو ھو تهپٿورو مسلمان
ھو. ٢- ٻھ ٿڙ جيڪي ٽنڊي جان محمد جي ويجھو ھئا،
انھن کي ڪڍرائي توھم پرستيءَ کي ختم ڪيائين. ٣-
وڏو ڪارنامو مھاڏيو جي مڙھيءَ کي ڊاھڻ وارو آھي.
ھي عالم آشڪار واقعو آھي. ھن مقابلي م پاڻ شھيد
ٿيو. اھو سال ١٧٧٨ع جو ھو.(٣٣)
مڙھيءَ جي ڊاھڻ لاءِ اسھڻ وقت ڪنھن مٿان مرشد حضرت
محبوب الصمد خواجھ گل محمد ڏانھن ھي بيت ڏياري
موڪليائين:
جنھن ڪن ٽوپيا ڪوڏ مان، تنھن کي ڪڄاڙو،
ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي.
ڊاڪٽر دائودپوٽي جي خيال ۾ گرھوڙي بزرگ جون تصنيفون فقه
۽ سلوڪ ۾ ڪيتريون ئي آھن، پر مدد خان جي يلغار وقت
گم ٿي ويون.(٣٤) ڊاڪٽر صاحب ھيٺيون تصنيفون
ڄاڻايون آھن. فتح الفضل (عربي). ھن ۾ خواجھ محمد
زمان جي ٤٤٦ مقولن جي عربي شرح آھي، جي اصل سنڌيءَ
۾ آھن. شرح آبيات سنڌي- رسالھ گل نما: ھيءَ فارسي
مشنوي اھي، جنھن ۾ خواجھ گل محمد جي شان ۾ ڪلام
آھي. مڪتوبات(فارسي): مڪتوبات(فارسي): ھي امام
رباني مجدد الف ثاني جي مڪتوبات جو اختصار آھي.
مجموعھ سنڌيات: ھي ملڪي سنڌيءَ ۾ طويل ڪلمات ۽
سنڌي بيت جو مجموعو آھي(٣٥)، جنھن جا ڄام ڪانڀو
خان، مولوي عبدالرحيم مگسي، پروفيسر علي نواز
جتوئي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي وارا ايڊيشن ميسر آھن.
سنڌي ڪلمات يا ملڪي سنڌيءَ کي ڪبت بهچئجي ٿو. انھن ۾
قرآن جي ڪن سورتن، ترڪي ۽ حقيقت محمديءَ بابت ڪلام
آھي، حقيقت محمديءَ کي خواجھ محمد زمان جي بيت”عجب
جھڙي آه، حقيقت حبيب جي“ جي زير اثر سمجھايو اٿس،
فرمائي ٿو:
اسم ساڻ الله جي، سڀئي ٿوڪ ٿيا،
جو خالق مخلوقن جو، رھبر رحيما،
صلواتون سرور اتي، جو جوھر جھانا،
حقيقت حبيب جي، عجب جھڙي آه،
جامع ليل نھار کي، شفق جي سڃاه،
اصل سڀني ماھيتين، ماھيت محبوبا،
آگو چئو م ان کي، نڪي مخلوقا،
ملڪ ماڳ نهھوت جي، پريو پينارا،
موران ناه مـُلڪ ۾، ڪو سيد شريڪا،
پڌرو پدمن ۾ ٿئي، عدد مور نهآه،
آدم ولد ان جو توڙي والد آه،
والد آھي وڻ جئن، مويوو مولودا،
صلواتون سيد اتي، عالم تي ان کان.
سنڌين (ڪبت) کان سواءِ مخدوم گرھوڙيءَ جا سنڌي بيت
بهڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي روايت سان ڳنڍيل آھن.
چونڊ بيت ھي آھن:
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، ٿي سڄيائي اک،
اندر ٻاھر پانھنجي، سونھن سڀائي لک،
مري جنھن ۾ مک، پرين تنھن جي پانڌ ۾.
-
پڄاڻان پرين، ھنيون ڪڄاڙو کاءِ،
ڪلھي پايو ڪيترو، ڳــُڻ پريان جاڳاءِ.
-
اتر وڄ چمڪي، ڏکڻ ٿيو اھاءُ
ھينئڙو مون باغ ٿيو، جھوپي منجهه نهماءِ،
ساقي سـُرڪ پيار، عقل مون اھکو ٿيو.
ھڪڙي اھا بهروايت آھي تهشاهه عبداللطيف سان بيتن ۾ روح
رھاڻ ٿي اٿس. شاهه صاحب ھيءَ مصرع موڪلي:
جو مڙني موچارو، سو آھي ڪڄاڙو؟
گرھوڙي جواب موڪليو تھ:
ھڪڙي صحت سرير جي، ٻيو پرين جو پاڙو.
شاهه صاحب جي وفات وقت بهگرھوڙي صاحب جي عمر آتڪل ١٣
سال ھئي. تنھن ڪري شڪ آھي تهڪو روح رھاڻ ٿي ھوندي
يا شاهه صاحب ڏانھنس سوکڙيون موڪليون ھونديون.
البت گرھوڙي صاحب ڏانھن ھي بيت منسوب آھي:
آھي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
جوڙي جنھن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.
لنواري شريف جي عامن جون تصنيفات
اڻ ڇپيل
١. فتح الفضل- ڪلام سلطان الاوليا (ملفوظات) مرتب و مترجم:
عبدالرحيم گرھوري.
٢. لذت الوصل شرح فتح الفضل – از عبدالرحيم گرھوڙي.
٣. الجواھر البدايع – از خواجھ بلال.
٤. الورد المحمدي - فارسي شرح مقولات سلطان الاوليا.
٥. تڪملھ الورد المحمدي – از مير نور علي شاهه لکوي.
٦. مرغوب الاحباب - از نظر علي بلوچ.
٧. فيوضات اللواريه - از خواجھ محمد سعيد.
٨. تحقيقات لواري شريف.
اڻ ڇپيل، پر ترجمو ڇپيل
١. لطيفة التحقيق فن نسب آل صديق - از سيد رفيق علي پشنگي ڪڇي.
(فارسيءَ ۾ اڻ ڇپيل، سنڌي ترجمو از ماستر غلام
حسين ۽ اردو ترجمو از محمد آدم اسحاقاڻي ڇپيل
١٩٩٦ع)
٢. ليات سنڌي(شرح عربي از گرھوڙي، سنڌي ترجمو، از ڊاڪٽر دائود،
ڇپيل ١٩٣٩ع)
٣. فردوس العارفين- از بلوچ خان ٽالپر - (اصل فارسي، اڻ ڇپيل،
اردو ترجمو از اسحاقاڻي، ڇپيل ١٩٨٥ع)
ڇپيل ۽ ترجمو ٿيل
١. صقال الضمائر(از خواجھ محمد سعيد- فارسي، اصل ٻھ ڀيرا ڇپيل،
١٣١٢هه ۾ بمبئي ٧ ١٣٩٦هه/١٩٧٦ع
ڪراچيءَ مان، اردو ترجمو از محمد ادم اسحاقاڻي،
١٩٨٨ع ڪراچي)
٢. ديوان سعيد- (از خواجھ محمد سعيد، فارسي ۽ عربي ڪلام)
٣. لنواريءَ جا لال(سنڌي) (از ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻي ١٩٣٤ع ۽
١٩٧٣ع)
٤. اولياءِ لنواري شريف (لنواريءَ جا لال جو اردو ترجمو از
عبدالڪريم ٽالپر ١٩٧٥ع)
ٻيا ڇپيل ڪتاب ۽ ڪتابچا
١. لنواريءَ جا لال(سنڌي) حصو ٻيو، محمد پناه ڦرڙو ١٩٨٣ع
٢. آئينهاوليا – (سنڌي) ١٩٧٤ع
٣. ابيات سنڌي(سنڌي) جماعت لنواري ڇاپو، ١٩٧٦ع
٤. تحفة لنواري شريف(سنڌي) غلام محمد گرامي.
٥. تذڪره اولياءِ نقشبند(اردو) شمشاد علي وارثي.
٦. پير بادشاهه(سنڌي)
٧. خواجھ احمد زمان صديقي- (سنڌي) ١٩٨٤ع
٨. پارس (سنڌي) ١٩٨١ع
٩. اظھار حقيقت
١٠. راھمي بادشاهه
١١. امام الاوليا لنواري شريف، مير سھراب باگراڻي
١٢. حضرت قاضي احمد دمائي، مرتب سائين بخس جوڻيجو ٢٠٠٢ع
١٣. خليفو ميان صوبدار نقشبندي، سائين بخش جوڻيجو، ٢٠٠٣ع
١٤. ملوڪ الڪلام، (فارسي ترجمو) از نياز ھمايوني ١٩٧٧ع
١٥.
Saints of Luari Sharif and their predecessors
Khuda Bux Arbab
١٦.
Hazrat Qazi Ahmed- Khuda Bux Arbab
گھڻي ڀاڱي ھنن ڪتابن ۾ شخصيت جا احوال ۽ اقوال اھن،
ڪتاب بنيادي طور عربي ۽ فارسيءَ ۾ آھن. سواءِ حضرت
سلطان الاولياءَ جي بيتن ۽ ملفوظات ۽ گرھوري صاحب
جي ڪلام جي(٣٦).
فردوس العارفين ۽ مرغوب الاحباب بنيادي ماخذ آھن، جن
تان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان وٺي سڀني ليکڪن احوال
ورتو آھي.
حوالا
١. قانع، مير علي شير، تحفة الڪرام(سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ، ٽيون
ڇاپو، ١٩٨٩ع، ص ص ٤٢٥ کان ٤٢٩.
٢. ايضا – ص ٤٢٧ ۽ پڻ ڏسو: قانع، مقالات الشعراء، سنڌي ادبي
بورڊ، ١٩٥٧ع، ص ٢٩.
٣. ايضا- ص ٤٢٧.
٤. مولائي شيدائي، تاريخ تمندن سنڌ، سنڌ يونيورسٽي، ١٩٥٩ع، ص
٥٢٨.
٥. ايضا- ص ٥٢٨.
٦. بدوي، لطف الله، تذڪره لطفي، جلد اول، ٻيو ڇاپو، ٥٤- ١٩٥٥ع،
ص ص ٢٦٢- ٢٦٣
٧. چنھ، محبوب علي، مقالو: ”شاهه صاحب جي رسالي ۾ ’ھمعصرن ڏانھن
اشارا‘ “مخزن نذر لطيف، محڪمھ اطلاعات، ص ٩٠.
٨. ايضا- ص ٩٠.
٩. تذڪرو - ص ٢٧٠.
١٠. ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ايڊٽ ڪيل لوڪ ادب سلسلي جو
پھريون ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“، سنڌي ابي بورڊ،
١٩٥٩ع، صفحا ١ کان ١٠(متن).
١١. ميمڻ محمد صديق (خانبھادر)، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو
پھريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد ١٩٣٧ع، ص
٢٩٨.
١٢. ايضا - ص ٢٩٨.
١٣. ايضا – ص ٢٩٨.
١٤. مھر، غلام رسول، تاريخ سنڌ: عھد ڪلھوڙا(جلد-٢) اردو. سنڌي
ادبي بورڊ ١٩٥٨ع ص ٩٩٧.
١٥. ڏسو حوالو نمبر ١، ص ٣٠٠.
١٦. مولودن ٧ مدح جو انتخاب، ڊاڪٽر بلوچ جي لوڪ ادب جي سلسلي جي
ڪتابن مولودن ۽ مناقبات ڪيو ويو آھي.
١٧. قانع، مير علي شير ٺٽوي، تحفة الڪرام(سنڌي ترجمو)، سنڌي
ادبي بورڊ، ١٩٥٧ع، ص ٤١٥.
١٨. ايضا – ص ٥٧(صوانح حيات)
١٩. وفائي، دين محمد، تذڪره مشاھير سنڌ،(جلد ٽيون)، سنڌي ادبي
بورڊ، ١٩٨٦ع ص ١١٠
٢٠. ايضا - ص ١١٠
٢١. ايضا – ص ١٠٩
٢٢. دائودپوٽو، ڊاڪٽر عمر بند محمد، ابيات سنڌي، سنڌي ادبي
سوسائٽي ڪراچي، ٻيوڇاپو، ص ٦.
٢٣. ايضا – ص : ز(مھاڳ)
٢٤. ايضا - ص ٣٠
٢٥. ايضا – ص ص يو ۽ يز.
٢٦. تذڪره مشاھير سنڌ - ص ص ١١٧-١١٨ ۽ ١١٩
٢٧. ايضا – ١٢٠ کان ١٢٣
٢٨. ايضا - ص ٢٧١ کان ٢٧٣
٢٩. ڏسو تذڪره مشاھير سنڌ، ص ص ٣٠٥ کان ٣١٠ ۽ خواجھ محمد سعيد
جو صقال الضمائر(اردو ترجمو) ٢٠٠٣ع ٻيو ڇاپو،
مئنيجنگ ڪميٽيءَ جماعت لنواريءَ شريف، گاڙدن ايسٽ
ڪراچي، ص ص ٢٦٤ کان ٣٠٠.
٣٠. تذڪره مشاھير سنڌ، ص ص ١٣٠ کان ١٤٠
٣١. دائود پوٽو، عمر بن محمد ڊاڪٽر، ڪلام گرھوڙي، سنڌي ادبي
سوسائٽي ڪراچي، ١٩٥٦ع ص ص ٩-٨
٣٢. ايضا - ص ١١
٣٣. ايضا ص ٣٦ کان ٤٠
٣٤. ايضا – ص ص ٦٤- کان ٦٦
٣٥. ايضا – ص ص ٦٤ کان ٦٦
٣٦. خواجھ محمد سعيد، صقال الضمائر، مئنيجنگ ڪميٽيءَ جماعت لنواري شريف
ڪراچي ٢٠٠٣ع، ص ص ٣٠١ کان ٣٠٤
باب ٽيون
سيد محمد بقا راشدي(١٧٢٢-١٧٨٣ع)
سيد محمد بقا راشدي، سيد علي مڪي جي اولاد مان آھي، سيد
علي مڪي عباسي خلافت جي دؤر ۾ سنڌ ۾ آيو، جڏھن ھتي
دلوراءِ جو ظالماته راڄ ھو. حضرت علي مڪي سيوھڻ جي
ويجھو ڳوٺ لڪياريءَ ۾ سڪونت پذير ٿيو، بدوي صاحب
لکي ٿو ته: ”سيد علي مڪي راسدي خاندان جو مورث
اعليٰ آھي. سيد بقا محمد جو سلسلو ويھين پيڙھيءَ ۾
سيد مڪيءَ سان ملي ٿو، جو ارڙھين پيڙھيءَ ۾ امام
حسين سان ملي ٿو. آُن ڪري ھو حسبي ۽ نسبي سيد
آھي.(١)“
سيد بقا راشديءَ جي زندگيءَ جو ڪو گھڻو احوال ڪو ته ٿو
ملي. بدوي صاحب جي لکڻ موجب ھو ننڍي سائدي عرف
رسول پور ۾ شعبان ١١٣٤ھه/
١٧٢٢ع م جائو. مختلف ھنڌن تي وڇي علم حاصل ڪيائين.
جڏھن ٦٣ ورھين جو ٿيو ته ھڪ سفر ۾ ڪتابن جي ڀري
مٿي تي ھجڻ ڪري دولت جي شائبي ۾ چورن کيس شھيد
ڪيو. اھو سال ١١٩٨ھه/
١٧٨٣ع ھو. کيس خيرپور رياست جي ڳوٺ شيخ طيب ۾ سپرد
خاڪ ڪيو ويو.(٢)
تذڪره لطفي ۾ سيد محمد بقا جا پنج بيت درج ٿيل آھن، جن
مان سيد بقا راسديءَ جي شاعريءَ جي باري ۾ راءِ
قائم ڪري سگھجي ٿي ته ھو ھڪ پختو شاعر ھو. وقت جي
شاعريءَ جي روايت سان ڳنڍيل ھو. سندس بيت مارئي،
سسئي ۽ مجاز جي موضوعن تي آھن:
اوڏا جي ھئام، ته نت نياپا آئيا،
سنگھارن سانگ پئي، وتهيا وس ٿيام،
مارو ٿر ٿيام، ڏيان ڏوراپا ڪتهن کي.
-
سڄڻ ڪ سارين، آءٌ ساريان صحي،
اديون آريجن جا، پڇان روز پھي،
ويندي ڪيچ ڪھي، جيئندس ڪين جتي ري،
-
جي ڪھان ته ڪوڪ ته ڪري، صبر آءٌ ته سھان،
اکيون لايون پرکي، آءٌ ويٺي سور سھان،
ڪتهن کي ڪين چوران، ته ڪتهن پر اڪنڊي آھيان.
-
سج لھي سانجھي ٿي، پکي پيا وڻين،
اڏو ھينئڙا ڀؤنر ٿي، اسھه پر مڻين،
ٿوري ڏيتهن گھڻين، ميڙو ٿيندءِ سڄڻين.
-
پير پريان جي پڙ ۾، ڪير چوئي تون پاءِ،
تون ٿو سک طلـَبئين، ھڪ سڄڻن سور سھاءِ،
ھـُو ھنئينن ڪاني، ھئه
ھئه
ڪج م ھاءِ،
پائي مکڻ شيخ ۾، اڳيان پر پچاءِ،
عجب جھڙي آھه، ڪاڪيون ڪان قريب جي.
ميان صاحب ڏنو فاروقي(١٦٩٧-١٧٨٨ع)
ميان صاحب ڏنو عر ف محمد حافظ فاروقي درازن جي
درويشن جي سلسلي ۾ ھڪ اھم شخصيت آھي. روايتون آھن
ته شاھه عبداللطيف جڏھن خيرپور، گھڙن ۽ درازن ۾
ويو ته ميان صاحبڏني سان مليو ۽ سائينءَ کي
ڏٺائين.
ميان صاحب ڏني جي ولادت ١١٠١ھه/
١٦٩٧ع ۾ ٿي. سندن والد جو نالو مخدوم عبدالوھاب
ھو. ھن خاندان جو شجرو مٿي حضرت عمر فاروق سان ملي
ٿو. وڏا ٩٣ھه ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ تي حملي وقت
لشڪر سان سنڌ آيا. شيخ شھاب الدين ان حملي ۾ شامل
ھو. سيوھڻ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. ھـُو محرم ٩٥ھه ۾
فوت ٿيو ۽ سيوھڻ ۾ دفن ٿيو(٣). ميان صاھب ڏنو
ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ اھم عھدي تي رھيو.
ميان صاحب ڏني جي شاھه عبداللطيف
سان ملاقات جو ذڪر مولانا راڻيپوري، آندل فقير
فاروقيءَ کان مليل روايت جي بنياد تي ڪري ٿو. ان
موجب ٻئي بزرگ چلھ ڪشيءَ واري غار ۾ مليا. ات ميان
چنيھن فقير اڄڻ روز کير پھچائيندو ھو. غار ۾ وڃڻ
لڳو ته ميان صاحب ڏني کيس چيو ته اڄ ھت باھه ٿي
ٻري. متان اندر آيو آھين، چنيھن ڪو ته مڙيو ۽ اندر
لھي ويو. ميان صاحب ڏني کيس چيو: چنيھن اڄ تتهنجي
چ ڪڍيسين، تون نسورو ئي نيتهن ٿي پيو آھين.
ان ڀيري شاھه عبداللطيف کھڙن ڏاتهن ويندي درازن طرف
لڙيو ھو. بئي ڀيري شاھه صاحب درازن آيو ته ميان
عبدالحق گاديءَ تي ھو. ھن پتهنجن صاحبزادن سان گڏ
نو عمر سچل سائينءَ جي به ملاقات ڪرائي. (٤) ڪـُني
تان ڍڪڻ لاھڻ واري روايت مشھور ته اھي، پر ان جي
تصديق ته ٿي آھي. ڊاڪٽر بلوچ ان روايت جي لفظن کي
غير مناسب ڄاتو آھي.(٥) |