فقير محمد ملاح
هي فقير لاڙڪاڻي جو هو ۽ ذات جو جيهو
(ابڙو) هو. سندس باري ۾ وڌ ۾ وڌ معلومات ڊاڪٽر
نواز علي شوق جي ڪتاب ”فقير محمد صلاه“ ۾ آيل آهي.
فقير صاحب جون يارهن ڪافيون به ڪتاب ۾ درج ڪيل
آهن. شوق صاحب جي لکڻ موجب: فقير محمد صلاح 1190هه
ڌاري جھائو هو. سندس حياتيءَ جو ڀروسي جوڳو احوال
ڪو نه ٿو ملي. هُو ڦوه جوانيءَ ۾ سيوهڻ ويو ۽ اٽڪل
سال تائين قلندر جي درگاهه تي عبادت ۾ مشغول رهيو.
اُتان شاهه خير الدين جي درگاهه تي سکر ۾ عبادت
ڪيائين. اُتان کيس درزان جو اشارو ٿيو. اِن ڳالهه
جي ثابتيءَ طور فقير صاحب جي قبي جي هڪ ڪتبي جي
ڏني آهي. ڪتبو هي آهي:
ز مهر نظر تو به شاهه خير الدين،
شده حڪمش سوي سچل بادشاه،
فرمونده واقف سر اسرار هُو،
عاشق سچل پاڪ اسمَ هُو الله (38).
1245 هه ۾ ميرن طرفان جاگير مليس. اُن کان
وڌيڪ روحاني جاگير هٿ آيس جو هو سچل سائين جو طالب
ٿيو. فقير صاحب لاءِ عام مشهور آهي ته : جتي محمد
صالح اُتي پاڻ الله. هيءَ حقيقت سندس قبي جي هڪ ڀت
تي فارسيءَ ۾ هيئن لکيل آهي:
گفت جائيڪ باشد محمد صالح،
فضل و لطف باشد آن جا هرگاه. (39)
بيدل جو به ساڻس پيار ۽ عقيدت جو رشتو هو.
بيدل ساڻس اچي روح رهاڻ ڪندو هو(40). فقير صاحب
ڏانهن ماڻهن جي گهڻي رجوعات هئي. سندس وفات
1275هه/ 1858ع ۾ ٿي. بيدل سائين سندس فطع تاريخ
چيو آهي.
چون محمد صلاح حق آگاه،
عارف وقت واصل بالله،
غرق بحر تجليات شهود،
محو زات و شهيد فيض نگاهه،
ڪرد رحلت ز عالم اجسام،
يافت در مُلڪ جان عز و جاه،
سال وصلش بجست دل ز خود،
گفت هاتف ڪه چشم فيض الله..
فقير محمد صلاح جون ٽي ڪافيون ڏجن ٿيون،
جن ۾ خوبصورت زبان ۽ اسلوب موجود آهي:
واهه وڻيون مون کي وايون، مٺي ٻاروچل جون ميان.
1- وره وارن جون ور ورو نهان، جيءَ جنهين جاڳيو-
سدا ساه سي سيبايون.
2- اٿم تسلو تن کي ميان لا، ڇني سي ڪين ڇڏيندا-
پڪا سي قول ڪيائون.
3- پسڻ ساڻ پرين جي ميان، ٿيڙي سيني کي ته صفائي-
جُڙيون جنت منجهه جايون.
4- محمد صلاح سائين مهرون پنهنجي، هيکڙائيءَ جي
اچي حب ۾-
سگهڙي سار لڌائون.
-
هي ٿڪيءَ تي ٿورا، ڪياهيارل ڪيئي.
1- لٿي ڪس قلوب تان، پسي پرين پيشاني-
سڀ اونداهي ويئي.
2- لٿا حرف حساب جا، ڀؤ ڀڳا سڀ ڀولا-
پيش پرين جي پيئي.
3- پَکي پاجھاڻيءَ جي، پرين آيو پاڻ جھائي-
ويڙا مرض سڀيئي.
4- محمد صلاح چئي ڳڻن ڀرئي، جون، لکين ڀال
ڀلايون-
ڳالهه ڪريان مان ڪيهي.
-
تنهنجي عشق اُجاريو مير، بيشڪ جند جان جي.
1- ڪلنگيءَ وارو قرب قرارو، ساقي آهي سو ته سمير-
محبت سندي ميخان جي.
2- سايو تنهنجو آهي اُنهيءَ تي، تنهن ۾ نا ڪو ڦير-
صحت سندو سامان جي.
3- ڪاڪيون مون کي ڪين ڇڏيندو، هٿئون پنهنجي هير-
فائق سچي فرمان جي.
4- پرين سندي پار جو، درد نه ڀانئجي دک دلير-
شاق رهو شڪران جي.
5- محمد صلاح محب موچاري، ڪيڙم ڀال ڀلير-
اَپر ڪيئي احسان جي.
ايسر لعل (1835-1890ع)
درازي درٻار جو هي طالب، اُٻاوڙي تعلقي جي
ڳوٺ رانوتيءَ ۾ 1835ع ۾ ڄائو، سندس والد پرمانند
ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو. ايسر لعل جي ننڍپڻ ۽
تعليم جي باري ۾ ڪو ڀروسي جوڳو احوال ڪو نه ٿو
ملي. البت فقيري اختيار ڪيائين. درازن جا پنڌ
پڇائيندو اُتي اچي پهتو. اُن وقت گاديءَ تي سخي
قبول محمد ثاني هو. سخي سائين ننڍو هو ته گادي
نشين ٿيو هو ۽ ايسر لعل جي اچڻ وقت ٻارن سان کيڏي
رهيو هو. روايت آهي ته ايسر کي ٻانهن کان وٺي
خواجه نظر محمد جي تربت وٽ آيو ۽ دعا گهريائين.
ائين هي محٻت ۽ عقيدت جو سلسلو قائم ٿيو.
ايسر لعل کي گرنار وڃڻ جو حڪم ٿيو. چاندل
نالي هڪ ڇوڪريءَ سان پريت جو پيچ به پيس. ائين
مجاز جي بٺيءَ ۾ پچي ۽ رچي ريٽو ٿيو. چوڏهن سال
گرنار ۾ چاندل ساڻس هيس. موٽيو زندگيءَ سان عجيب
ڳالهيون وابسته رهيس. مرشد جي حڪم سان روهڙيءَ ۾
رهيو. روز رات جو پاڻ کي پپر جي وڻ ۾ ٽنگائي
ڇڏيندو هو. چاندل کي پاڻ کان پري ڪرڻ ٿي گهريائين.
اُن ڪري اُن جو مٿو ڪوڙائي، منهن ڪارو ڪري گڏهه تي
چاڙهي گهمايائين ته به هُن پري ٿيڻ نه قبوليو.
پنجُو فقير جيڪو بنديون کڻي ساڻس حساب ڪتاب لاءِ
آيو تنهن کي چماٽ وهائي ڪڍيائين ۽ کيس پنجانوي
ڏينهن وڻ سان ٻڌي ڇڏيائين. کيس روز پاڻي پياري
ايندو هو(41). بيڪس سائينءَ سان ملڻ به ايسر جو
معمول هو.
ايسر لعل بابت جهامنداس ڀاٽيه هڪ ڪتاب
لکيو آهي. هي درويش 1890ع ۾ هي جهان ڇڏي ويو. سندس
ڪلام سنڌي، هندي ۽ سرائيڪي ۾ آهي. جنهن دل جي دلبر
جي سهڪ جو سمر سرس آهي. نمونو هي آهي:
پانڌي روز پڇان، ڏوٿين ڏينهن لايا گهڻان.
1. ويٺي واٺون تي، سارو ڏينهن سڪان.
2. اکيون انهيءَ پار ڏي، جيڏيون جيءَ ۾ جَکان.
3. جوڙيون اٿم جانب لئه، چندن جون به چکان.
4. وهن جهلاڙيون جيءَ ۾، ايسر نينهن نِڪان.
-
جنهن کي رانول رمز چکائي، سا دل ڪرندي ماهي ماهي.
1- عشق ماهي دي ڪيتا اُداسي
بره لاهيان تن باهيان،
هير رانجهي ديان لوحون لاوان،
ڏيسن ملڪ اوگهيان،
ٻي هرڪان ماءُ پيءَ جھائي،
هير عشق دي جھائي.
2- سهڻي کي سڪ ساهڙ دي،
جيڪا گهر وچ مول نه گهاري،
سُرڪي پيتي سوز سچي دي،
جيڪا ول ول پاڻ سنڀاري،
ٻڏندي مهل ميهر ڪهندي،
اڌ درياه وچ آئي.
3- سودا وڻج واپار گهڻا،
هڪ عشق نه مل وڪامي،
ايسر عرض اهو ئي آکي،
دم دم روز ليلهاري،
ڏيئي سر سلطان ٿياسي،
آڻي چارڻ تند وجھائي.
محبت علي سومرو
هن فقير جو اصل نالو جمع فقير هو. پير ڳوٺ
ڀرسان مگرجي جو رهاڪو هو. پاڻ سخي قبول محمد
ثاني(وفات 1942ع) جو طالب هو، جنهن کيس محبت فقير
جي نالي سان سڏيو(42). محبت فقير جو درگاه مخدوم
نوح ۽ اُتي جي طالبن سان محبت جو رشتو هو. محبت
فقير جو ڪلام هاڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي.
سندس ڪلام تي سچل سرمست، نانڪ يوسف، عثمان فقير ۽
دريا خان جي ڪلام جو اثر آهي: جيڪو سندس سنڌي ۽
سرائيڪي ڪافين تي نمايان طور موجود آهي.
سچل سائينءَ جي ڪافي”محبت عشق موليٰ جي
هزارين گهوٽ گهايا ها“ جي اثر هيٺ تمام چٽن لفظن ۾
محبت فقير چوي ٿو:
عجب العشق نارالله، جنين سر مچ مچايا ها،
پريمي پور ۾ پلپل، پتنگن جئن پچايا ها.
محبت فقير کي مجاز جي مهميز آئي، جنهن جي
اثر هيٺ هُو سراپا محبت بنجي ويو. سندس سٽ ۾ سٽ
حسن حقيقي ۽ مجاز جا رنگ موجود آهن. سنڌي ۽
سرائيڪي ڪافين ۾ نينهن جا نعر اهنيا اٿس. مثال
لاءِ ٻه ڪافيون ڪافي آهن:
حسن جنگ جابر جلالي لڳي.
ڪاجل ڪار ڪيفي ڪمالي لڳي.
1- حسن هام همدم ۾ حالي لڳي،
بره باه ڀڙڪي بحالي لڳي،
2- دوباري ديدن جي دو نالي لڳي،
چوٽان چوٽ چشمن جي چالي لڳي،
3- لبن خوب لثان لالي لڳي،
نظر نوڪ نيڻن نرالي لڳي،
4- محبت علي بي مثالي لڳي.
گهلي واءُ وحدت وصالي لڳي.
-
سُرڪي پيتم شوق شهباز ڪنون،
ٿي فارغ نفل نماز ڪنون،
1- نشا نينهن والا مين نوش ڪيتا،
ڳيا هوش انهان مدهوش ڪيتا،
پُرجوشان جوش خروش ڪيتا،
سُر سرگم سوز آواز ڪنون،
2- ڇوڙ محتسب واعظ ڪنون
بد نيڪ نصيحت جائز ڪون،
سٽ جائز ڪون ناجائز ڪون،
ٿي واقصف مخفي راز ڪنون،
3- وچ وحدت دي ناغير رهيا،
نا شر رهيا نا خير رهيا،
نا ويري نا ڪوئي وير رهيا،
انا انحد دي آواز ڪنون،
4- محبت علي معبود سدا،
موجودي وچ موجود سدا،
ره عاشق لاءِ مقصود سدا،
ٿي شائق شهر دراز ڪنون.
فقير صاحب 1969ع ۾ وفات ڪري ويو. (43).
نماڻو فقير(1888-1963ع)
سچل سرمست جي مريدن طالبن ۾ نماڻي فقير جو
نالو اهم آه. هيءَ حقيقت ۾ هڪ هندو عورت هئي. هن
جو نالو هاسي ٻائي هو. هُوءَ شڪارپور جي هڪ
ناليواري آڪهه ۾ جھائي. سندس والد جو نالو ڊيڊارام
هو. هاسي نهايت خوبصورت ڇوڪري هئي. هڪ پير ۾ البت
عيب هوس. هُوءَ جئن جوان ٿي ته سچي مالڪ جي سڪ ۽
موهه ۾ گم ٿي ويئي. پير جي عيب جي ڪري هڪ رنڙ ۽
وڏي عمر واري سيٺ پوڪرداس سان شادي ڪرائي
ڇڏيائونس. اولاد ڪو نه ٿيو. اُن جي چاهه ۾ درويشن
۽ سنتن جا پنڌ پڇائڻ لڳا. سچل سائنيءَ جي شهر ڏي
ڪو ازلي انگ هون، جو وقت جو واءُ کين اُتي کڻي
ويو. سخص قبول محمد ثاني کين کيڪاريو: ”خير سان
آيؤ؟ اسان پئي اوهان جو انتظار ڪيو(44).“ وڃڻ وقت
سوال پڇيو ويو ته : ”وري ڪڏهن ايندؤ“ ڪو جواب نه
ڏيئي سگهيا. ڳوٺ موٽيا. هاسيءَ جو ور بيمار ٿيو ۽
گذاري ويو. اُهو صدمو اڃان جاري هو ته هاسيءَ کي
خواب ۾ حضرت سخي قبول محمد جن آيا. پاڻ درازن پهتي
ته سخص ڏاتار سندس اجيان ڪئي. فرمايائون ته :
”اَباََ ڀلي آيا، جي آيا نچ آيا(45)“.
ڊاڪٽر جيٽلي پنهنجي بيان ۾ هاسيءَ (نماڻي)
جو ذڪر مذڪر جي صيغي ۾ ڪيو آهي(سرمست 13). مسرشد
سخصءَ ئي هاسيءَ کي ”نماڻو فقير“ ڪري سڏيو. کيس
دين جي نياڻيءَ جو درجو ڏنائون. هاسي ٻائي/ نماڻو
فقير مرشد جي قدمن ۾ ڀار ڀريا پنڌرهن سال رهي/
رهيو. سهريجن جي هڪ به نه ٻڌائين. ورهاڱو ٿيو ته
ڪن ست سنگين سان گڏ ڀارت لڏي ويئي. 1960ع ۾ بڙودي
۾ ”سخي ڪُٽيا“ نالي آشرم قائم ڪيائين. بيمار ٿي ته
بمبئيءَ آئي. 23 مارچ 1963ع تي اُتي ئي سندس
چالاڻو ٿيو. اگني سنسڪار ٻئي ڏينهن ٿيو. درگاه
درازا جو نائون گادي نشين پير عبدالحق، سخي ڪُٽيا
بڙودي وڃي نماڻي فقير جون هاٺيون درازن کڻي آيو.
نماڻي فقير جي تاليفن ۽ ادبي ڪمن ۾ سندس
پهريون اهم ادبي ڪم”سچل جو ڪلام عرف عاشق الهام“
آهي. هن ڪتاب ۾ سچل سرمست جو چونڊ ڪلام آهي. اُن
سان گڏ هن ڪتاب ۾ تصوف، ويدانت ۽ سچل سائين جي
حياتيءَ جو احوال به ڏنل آهي. آخر ۾ ڏکين لفظن ۽
صوفي اصطلاحن جي سمجهاڻي به آندل آهي. هي ڪتاب
1952ع ۾ بڙودي مان شايع ٿيو. اُن کان پوءِ سچل
چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور نئين ترتيب
سان ڇپايو آهي. ٻيو ڪتاب ”حق موجود“ آهي. جنهن ۾
گرونانڪ جي واڻي، سچل سرمست جو چونڊ ڪلام ۽ نماڻي
فقير جي ڪلام مان انتخاب آندل آهي. هي ڪتاب
بمبئيءَمان 1961ع ۾ ڇپيو . ٽيون ڪتاب ”نماڻل ماڻ“
آهي، جيڪو نماڻي فقير جي هڪ شِش نرمل جانيءَ 1988ع
۾ شايع ڪيو. هن ۾نماڻي فقير جو چونڊ ڪلام الف – به
وار گڏ ڪيل آهي.
ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو ته : ”اُن کان سواءِ
نماڻي فقير جو ٻيو به ڪيترو ڪلام اڃان اَڻ ڇپيل
آهي (46). “ نماڻي فقير جو ڪلام هڪ سچي سالڪ ۽
عاشق جي اندر جو آواز آهي. پنهنجي مرشد جي واکاڻ
هيئن ڪئي اٿس:
سڀ گڏجي چئو مرحبا مرحبا،
فيض فاروقيءَ جو جاري آهي.
نماڻو فقير سچل سائينءَ جي سلسلي ۾ هندو
شاعرن ۾ اهم آهي، وٽس سڪ جو سمر سرس آهي: پر اڪثر
هندن تي سندس ڪلام ۾ قافين ۽ وزن جا عيب آهن. سندس
ڪلام مان مختصر انتخاب هي آهي:
مون کي نه هئي ڪل ڪائي، سَتگُر ڳالهه سجھي
سمجهائي.
1- ڏسي ٻُڌي ٻولي ڪير ٿو، اِها راهه بتائي،
2- مَئي جو پيالو پُر پياري، عشق جي چاش
چکائي،
3- هن جسم جو ڪري وسارو، مرشد ڪئي رهنمائي،
4- اکين منجهه اسرار ڏيکاري، ڀالاري ڪئي
ڀلائي،
5- مان ۽ تون جو پردو هٽائي، ڪئي چٽي
روشنائي،
6- نماڻا ٻاهريون ناءُ وڃائي، زات ۾
ذات سمائي.
-
اديون عشق نه اَٿوَ آسان پر جهي پايو پير انهيءَ
ميدان.
1- جيڪا عشق جو سبق پڙهندي،
دنيا کان سا منهن موڙيندي،
ڏاج ڏکن جا پلئه پائيندي،
طعنا تُنڪا سر سامان،
2- جيڪا عشق سان ناتو رکندي،
هوش عقل سان سڀ وڃائيندي.
عشق جي آگ ۾ جيءُ جلائيندي
ٻيا سڀ لاهي گمان.
3- سانگ لاهي جا سر سٽيندي.
نماڻا الله وٽ سرخرو ٿيندي.
آپو وڃائي جهاتي اندر پائيندي.
هڪ ڏسندي ڀڳوان.
مٿين ڪافيءَ ۾ وزن جا چٽا چٽا عيب آهن.
رحيم بخش نثار درازي
آخري دؤر جي درويشن ۾ فقير رحيم بخش نثار
جو نالو اچي ٿو. خادم عباسي جي مقالي موجب هي زنده
آهي (47) ۽ درازان جو ساڪن آهي. ميان رحيم بخش ولد
گل محمد فاروقي 1921ع ۾ درازن ۾ جھائو، 1936ع ۾
سنڌي فائنل پاس ڪري ماستر ٿيو. 1941ع ۾ نوڪريءَ
تان استعيفيَ ڏيئي حقيقي محبوب جي نوڪريءَ ۾ آيو
(48). سندس اثر جو حلقو وسيع ٿيو. مقامات مقدسه
جون زيارتون به ڪيائين. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾
هنڌ هنڌ تصوف ۽ راڳ ذريعي سندس اٿر وڌيو. فقير
صاحب جي ڪلام جو نمونو هي آهي:
پيڻ شوق شراب، فرض عين ثواب، هيءَ رمز، رندي رمزات
آ
1- منجهه نينهن نشي، رهڻ مست سدا،
مدهوش رهي ڪن فرض ادا،
ڇا مئخاني اندر مسجد ڪعبي اندر،
تن ساڳي ڏٺي تجلات آ،
2- من عرف جي جھاڻي مام کي،
ترڪ سجدو ڪيائون سلام کي،
پيءُ جام تي جام سمجهه عشق امام،
ماڻي مئي منجهان ملاقات آ.
3- پائي جڻيو درازي عشق جو،
ڏي سبق مجازي عشق جو،
نثار هي راه ڪندو ڪين گمراه،
اثبات وارن تسلات آ.
فقير غلام حيدر شر ۽ سندس خاندان
معتقد شاعرن جو حلقو نهايت وسيع آهي.
اُنهن ۾ سچل سائينءَ ۽ سخي قبول محمد اول ۽ ثاني
کان وٺي پوين تائين ڪيترا درويش هن حلقن سان منسلڪ
آهن. اُنهن ۾ فقير غلام حيدر شر ۽ سندس خاندان به
اچي وڃي ٿو. هن قسم جي ارادات جو سلسلو نهايت وسيع
آهي. هڪڙا درويش سنوان سڌا سچل سرمست سان تعلق ۾
آيا ۽ ٻيا پوين سان. هن سلسلي ۾ خادم عباسيءَ هڪ
مقالي ۾ اهڙي نشاندهي ڪئي آهي(49).
فقير غلام حيدر 1800ع ۾ ڳوٺ مينگهو فقير
شر ۽ جھائو. نانڪ يوسف جي تعريف ۾ چوي ٿو: نينهن
ته نانڪ شاهه جي، ذوق وڃايو رنگ، ايئن نانڪ يوسف
جي شان ۾ چوي ٿو:
حُسن لايا هُل، ننگي نانڪ شاهه جي.
1- آئي آر جھام جي، معاف ٿي آ مشڪل،
ننگي نانڪ شاهه جي.
2- محبن جي مجلس ۾، گفتي ۾ گل گل،
ننگي نانڪ شاهه جي.
3- غلام حيدر غير ويرَڙو، چڙهيا پل پل،
ننگي نانڪ شاهه جي.
ايئن سچل سرمست، سخي قبول محمد اول، خوجه نظر
محمد، خواجه نجم الدين ۽ سلسلي جي ٻين بزرگن کي
شعر ۾ به نذر عقيدت پيش ڪئي اٿس. فقير غلام حيدر
هڪ فادر الڪلام شاعر آهي. سندس ڪافين مان اها خبر
پوي ٿي.
اسين پاڻ کان وياسين،
ڪنهن جاءِ ٻي پياسي.
1- ونحن اقرب ويجهڙو،
اسان موتو مري جياسين سي،
2- هر دم هاديءَ حال ۾،
اسين نوبت نينهن نياسي.
3- جانب آيو جوءِ ۾،
اسان صدقي سر ڪياسي،
4- لاحد لولي يار جي،
اسان روحي رمز رلياسي،
5- غيرت ڳالهيون غير جون،
ٻيا وهم سڀ وياسين،
6- غلام حيدر گُر سان،
هر دم هڪ ٿياسي.
7- چشمن جوتان لائيون
گوشي درد گڏياسي.
غلام حيدر شر کان پوءِ سندس اولاد جو به درازن سان
ارادات ۽ محبت جو سلسلو قائم رهندو آيو. انهن ۾ هي
درويش اچي وڃن ٿا: مينگهو فقير شر(1817-1895ع)،
فقير غلام حيدر جو پٽ، قائم فقير ولد مينگهو فقير
(1857-1990ع، مراد فقير ولد مينگهو فقير (لادت
1885ع) ۽ رجب علي ولد مراد فقير، انهيءَ کان سواءِ
ڳوٺ جي اهم ۽ منفرد شخصيت فولاد فقير شر ۽ سندس
فرزند علي گوهر جا نالا ملن ٿا. فولاد فقير جون
ڳالهيون ڳڻڻ جهڙيون هيون ۽ علي گوهر شاعر هو. علي
گوهر فقير جو ڪلام سنڌي، هندي، اردو ۽ سرائيڪيءَ ۾
آهي. هنن فقيرن جي وفات بالترتيب 1967ع ۽ 1989ع ۾
ٿي(50).
انهن کان سواءِ سچل سرمست جا ٻيا همعصر،
ننڍا همعصر ۽ دور جا شاعر به آهن، جن جو سلسلو
اوڻويهين صديءَ جي اڌ تائين آهي، تن جو ذڪر ايندڙ
باب ۾ ايندو(51).
حوالا
1- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، توسيعي ليڪچر: ڇپيل
سرمست 12، 1992ع، خيرپور، ص 15.
2- ايضاً – ص 18.
3- راڻيپوري، محمد صادق، سچل سرمست جو سرائيڪي
ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص ص 1-2.
4- ايضاً – ص ص 9-10.
5- ايضاً ص 1.
6- بدوي، لطف الله، تزڪره لطفي، جلد ٻيو، آر. ايڇ
. برادرس، حيدرآباد، 55-1956ع، ص ص 200-201.
7- راڻيپوري ، ص11.
8- خادم عباسي، مقالو : ”درگاه درازي جي گادي
نشينن جو تعارف“. سرمست – 10، 1990ع، ص ص48-49.
9- راڻيپوري، ص 11.
10- ايضاً – ص13.
11- مرزا علي قلي بيگ، رسالو سچل سائين جو،
هريسنگه ڪتاب خانه سکر، 1902ع، ص 5.
- تاريخن جو هي بهث تازو دلچپس صورت وٺي بيٺو
آهي. ڳالهه سان ڳالهه واضح ٿيندي، پر هن سلسلي ۾
اُنهن ماڻهن جي نيتن تي شڪ ڪيو ويو، جن لکيو ته
سچل سائين جو سال ولادت 1152هه/1739ع آهي. اُن ۾
ايئن به چيو ويو ته هروڀرو سچل سائين کي شاهه لطيف
سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جھڻ سندس هونئن اهميت
نه هئي. هي ڳالهه مولوي حزب الله سومري جي مضمونن
(ٻه قسطون سلسليوار ارشاد راڻيپور، شمارو 1 ۽ 2،
2003ع ) ۾ چئي ويئي، اُن جو ڪل مطلب مٿيون آهي.
اُن سان گڏ سچل جي وفات جي سال 1242هه جي مناسبت
سان عمر 90 سال چئي، تنهن موجب ولادت جو سال
1152هه ٿيندو.
12- ايضاً –ص 5.
13- ايضا – ص 3.
14- ايضاً – ص ص 6-7.
15- ايضاً – ص 7، حزب الله طرفان ميان صلاح الدين
جي وفات جو سال 1200هه جھاڻايو ويو آهي.
16- عبرت مئگزين 16 جنوري 2004ع ۾ هڪ گفتگوءَ ۾
جناب محمد ابراهيم جويو چوي ٿو ته : ”ڪم از ڪم 15
يا 20 سال شاهه، سچل ۽ ساميءَ گڏ گذاريا ۽ اهڙيءَ
طره هُو هڪ ٻئي جا همعصر به هئا، سچل جو سال ولادت
1739ع ۽ ساميءَ جو 1743ع آهي. هُو شاهه صاحب جي
وفات وقت بالترتيب 13 ۽ 10 سالن جا هئا. ٻاراڻي
عمر جي هيءَ همعصري ڪا معنيَ نٿي رکي. البت سچل
کي(روايت موجب) شاهه صاحب ڏٺو . (غ پن ڏسو مهراڻ
اياز نمبر 1-2/1998ع).
17- مرزا، ص 11 ۽ راڻيپوري، ص 15.
18- ايضاً –ا ص 21.
19- راڻيپوري، ص 20.
20- مرزا، ص 18.
21- آڏواڻي، ڪلياڻ جي، سچل، دولت پرنٽنگ پريس
بمبئي، 1954ع، ص 45.
22- مٽلاڻي، ٻلديو، سچل جون واديون، سنڌ تحقيقي
بورڊ، حيدرآباد، 1994ع، ص ص11-12 ۽ 15-16.
23- محمد آصف خان، هير دمودر، پنجابي ادبي بورڊ،
1995ع، ص ص 10 کان 20.
24- هير وارث شاهه (اردو ترجمو)، اڪادمي ادبيات
پاڪستان، 1991ع ، ص ص 28-29.
25- ايضاً - ص31.
26- اصغر سائينءَ جو ڪلام، جميعت علماءَ سڪندري،
درگاهه شريف حضرت پير صاحب پاڳارا، پير جو ڳوٺ،
1400هه- ص ص 17-18
27- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) خليفي صاحب جو
رسالو، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع، ص ص 37 کان 39.
28- شوق، نواز علي(ڊاڪٽر)، ڪلام فقير عبدالله
ڪاتيار، سچل يادگار ڪميٽي خيرپور، 1998ع، ص 15.
29- خليفي صاحب جو رسالو، ص ص37 ۽ 39.
30- ڪلام فقير عبدالله ڪاتيار، ص 26.
31- بدوي لطف الله، تذڪره لطفي(3)، آر. ايڇ . احمد
برادرس، حيدراباد، 52-1953ع ، ص 188.
32- ايضاً –ص 194.
33- شوق، نواز علي(ڊاڪٽر)، مقالو، ”گهرام فقير
جتوئي“، سرمست (7)، 1987ع، ص ص 52-68.
34- ايضاً - ص ص 52-53.
35- ايضاً – ص 59.
36- موسوي، عبدالحسين شاهه، ديوان بيدل، سنڌي ادبي
بورڊ، 1954ع، ص ص 36-27.
37- شوق، نواز علي(ڊاڪٽر)، فقير محمد صلاح، سچل
سرمست يادگار ڪميٽي، 1992ع، ص 14.
38- ايضاً – ص 15.
39- ايضاً – ص 15.
40- ايضاً – ص 16.
41- سرمست 16، ص ص 45 کان 47.
42- سرمست 16، خادم عباسيءَ جو مقالو، ص 55.
43- ڪلام محبت علي، فقير محبت علي يادگار ڪميٽي
خيرپور، 2003ع، ص 8.
44- جيٽلي، مُرليڌر (ڊاڪٽر)، سرمست 13، مقالو ص
ص76-77.
ب – ڊاڪٽر سخي قبول محمد چهارم پنهنجي پي ايڇ . ڊي
ٿيسز ۾ هاسي ٻائي بدران نالو رڪي ٻائي لکيو
آهي.(ڏسو : اسٽڊي آف مسٽسزم ان درازا اسڪول آف
صوفي ٿاٽ، درازي ڊي . پي پبليڪيشن 2002ع، ص 109.
45- ايضاً – ص 78.
46- ايضاً – ص 81.
47- ڏسو سرمست 17. (1997ع)، ص 109.
48- ايضاً – 109.
49- ڏسو سرمست 15.
50- تفصيل لاءِ ڏسو سرمست 15، (خاددم عباسيءَ جو
مقالو، ص ص 90- 91 ۽ 92).
51- سچل جي همعصرن لاءِ ۽ سخي قبول محمد ثاني جي
سلسلي جي شاعرن لاءِ ڏسو سرمت 14 ۽ درازن جي گادي
نشينن جي تفصيل لاءِ سرمست 10.
باب ٻيو
گذريل باب ۾ سچل سرمست ۽ سندس همعصرن،
مريدن طالبن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سندن ڪلام ۾،
توڙي هي باب جيڪو شروع پيو ٿئي. تنهن ۾ شاعرن جي
ڪلام ۾ ڪافي به هڪ اهم صنف آهي. شاعرن نه رڳو
ڪافيون چيون، پر اُن جي موسيقيءَ کان به واقف هئا.
اڪثر جي چيل ڪافين تي راڳ راڳڻيون به نمايان طور
لکيل آهن. اهو سلسلو اڳتي به وڌيو. اُن ڪري هن باب
جي ابتدا ۾ ٻه اکر موسيقيءَ ۽ ڪافيءَ جي هيئت بابت
لکڻ مناسب ٿيندو. پهرين موسيقيءَ بابت مختصر بيان
اچي ٿو.
سنڌي موسيقي
اهو صحيح آهي ته هاڻي سنڌي موسيقيءَ جي به
سنگيت جي دنيا ۾ هڪ حيثيت بنجي وئي آهي. اُن جو
آڌار لوڪ سنگيت ۽ ڪن مخصوص سنڌي پرڪاش جي راڳڻين
تي آهي. اسان جي موسيقيءَ جو واسطو بنيادي طور
هندوستاني سنگيت مالا سان آهي. قديم ۽ وڏو ملڪ
ڀارت ورش آهي. هن ۾ سجھو هند ۽ پاڪ اُپ کنڊ ۽ ڪي
مهاڳي وارا علائقا / مُلڪ اچي وڃن ٿا. موسيقيءَ جي
حوالي سان هيءَ سجھي ايراضي اُتر ۽ ڏکڻ جي ٻن خطن
سبب هندوستاني ۽ ڪرناٽڪ سنگيت جي حساب سان ورهايل
آهي.
ڪلاسيڪل: پڪي راڳ يعني ڪلاسيڪل جا اصطلاح هن اساسي
نظام لاءِ ڪم اچن ٿا. اُتر جي هندوستاني راڳ جي
قلمرو ۾ دهلي، آگرو، لکنو، پٽنه ۽ ٻيا لاڳاپيل
پاسا توڙي پاڪستان جون ايراضيون شامل آهن.
سجھي ايراضيءَ جي مقامي راڳڻين سميت
ڪلاسيڪل ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪن راڳڻين جا نالا به
نشانبر آهن. جهڙوڪ : ملتاني، سنڌڙا ۽ سنڌي ڀيوري
وغيره. حقيقت ۾ ڪلاسيڪل سنگيت جون جڙون هندو ڌرم ۽
هندو تهذيب سان ڳنڍيل آهن. هندن وٽ راڳ عبادت جو
درجو رکي ٿو(1). پوڄا پاٺ ۽ رشين منين، ديوي
ديوتائن ۽ ريتن رسمن جي گهڻي معلومات به هندوستاني
راڳ مالا ۾ پڌري آهي.
هندوئن وانگر مسلمانن ۾ به وڏا وڏا فنڪار
ٿيا، اڪثر وڏن موسيقارن موسيقيءَ جي ڦهلاءُ ۽ تويج
۾ بُخل کان ڪم ورتو. فقط پنهنجي اولاد کي
سيکاريائون. اُن ڪري موسيقيءَ جو ئي نقصان ٿيو.
قاضي ظهور الحق هن سلسلي ۾ لکي ٿو: ”موسيقيءَ جي
زوال جو سبب مسلمان بنيا. هُو عام طور پڙهيل نه
هئا. پنهنجي طرز ادائگيءَ ۾ هَوَس سبب ڪنهن کي
شريڪ نه ڪيائون(2).“
اڪثر هندو گوين، راڳ بابت ڪتاب به لکيا.
اُنهن جو بيناد ۽ منبع پراڻا ڌرمي ڪتاب آهن : جن ۾
زندگيءَ جي ٻين شعبن سان گڏ سنگيت جو احوال به
اهي. هنن ڪتابن ۾ راڳ راڳڻين، اسٽاين، انترن ۽
ٻولن وغيره جو بيان به آهي(3).“ نه رڳو ايترو بلڪه
اُنهن قديم ڪتابن ۾ راڳ راڳڻين جي تقسيم،نوعيت،
بندش ۽ اُن سان گڏ واسطيدار معلومات ڏنل آهي. اهڙن
ڪتابن ۾ جيڪي ويجهي زماني ۾ لکيا ويا، تن ۾ سنگيت
رتناڪر اهم اهي، پنڊت وشنو نارائڻ ڀات کنڊي به
مراٺي زبان ۾ اعليَ درجي جا ڪتاب لکيا، سندس نالي
سان بمبئيءَ ۾ يونيورسٽي قائم اهي(4).
قاضي ظهور الحق پنڊت ڀات کنڊي بابت معلمات
ڏيندي لکي ٿو : ”منهنجي ساڻس ملاقات الله آباد ۾
ٿي. هُو ”چتر پنڊت“ تخلص ڪندو هو. ڪيترين راڳ
راڳڻين جا لڪشڻ گيت(ٻول) لکيائين(5)“. قاضي صاحب
اهو به لکي ٿو ته: ”منهنجو اُستاد پنڊت ڪرشنا راءُ
شنڪر گولياري، اُستاد نثار حسين خان جو شاگرد هو.
اُهو حَدُو حَسُو خان ۽ نٿو خان جو شاگرد هو. اُهي
ٻئي ادارنگ ۽ سدارنگ( محمد شاهه رنگيلي) جا شاگرد
هئا. اُهي ٻئي وري تا سين جي پٽ بلاس خان جا شاگرد
هئا(6). انهيءَ حساب سان ملسمان گوين جي حيثيت
مسلم آهي(7). اڪثر مرهٽا به کانئن سکيا. مرهٽن راڳ
سنگيت جي سکيا لاءِ مرڪز قائم ڪيا. بمبئيءَ ۾ مرڪز
جو سربراهه پنڊت نارائڻ راءُ وياس ۽ الله آباد ۾
ونائڪ راءُ پٽورڌن هو.
راڳ سنگيت تي جيڪو ڪتاب هنڌين ماڳين مشهور
ٿيو. سو پنڊت ڀات کنڊي مراٺيءَ ۾ لکيو. اُهو
مراٺيءَ مان هنديءَ ۾ ۽ اُتان اردوءَ ۾ ترجمو ٿيو.
هي ترجمو ٺاڪر نواب عليءَ معارف النغمات جي نالي
سان ڪيو. اُهو ئي وري واپس هنديءَ ۾ ترجمو ٿيو.
مسلمانن ۽ صوفين موسيقيءَ (سماع) کي ياد
خدا جو وسيلو جھاتو. خاص طور چشتيه طريقي وارن
قواليءَ کي بنياد بنايو. قواليءَ جي محفل ۾ شريڪ
ٿيندڙ کي شريعت موجبرهڻ ۽ پاڪيزگي اختيار ڪرڻ جي
تلقين ڪئي وئي. محفل سماع ۾ باوضو رهڻ شرط هو. ٻين
زندگيءَ جي شعبن ۽ نظامن وانگر قواليءَ جي محفلن
کي پوءِ اڪثر فردن خراب ڪيو نه ته قواليءَ جا ٻول
به شروع ۾ ”الله الله ذ شان الله“ ۽” تو رحيم تو
ڪرين، تون غفار تون ستار“ رهيا.
هندوستان راڳ مالا ۾ ڇهه مول (بنيادي) راڳ
آهن. اُهي آهن : ڀيروو، ديپڪ، سري، ميگهه، مالڪونس
۽ هنڊول، راڳ جي ادائگيءَ جي مختلف طريقن کي مت
سڏجي ٿو. اُهي چار آهن : مهادو مت، ڪرشن مت، ڀرت
مت ۽ هنو مان مت، سنڌ جو مشهور راڳي ۽ ليکڪ پير
بخش مغل پنهنجي ڪتاب ”راڳ ساگر“ ۾ هن سلسلي ۾ لکي
ٿو : ”مهاديو مت ۽ ڪرشن مت جا راڳ راڳڻيون گهڻو
ڪري هڪ جهڙا هوندا هئا ۽ اُنهن جي ڳائڻ وجھائڻ جو
ڍنگ به هڪ جهڙو هو. مگر ڇاڪاڻ ته مهاديو مت ۽ ڪرشن
مت جي ڳائڻ وجھائڻ جو ڍنگ مشڪل هو. اُن ڪري
(گنڌرپ) تانسين پنهنجي زماني ۾ چئن متن جا راڳ
راڳڻيون، پُتر ۽ بهارون ملائي اُنهن مان ڇهه(مول)
راڳ، ٽيهه راڳڻيون، اٺيتاليهه پُتر ۽ اٺيتاليهه
بهارون ڪڍي. هڪ راڳ مالا تيار ڪرائي. جنهن موجب اڄ
ڏينهن تائين راڳ ۽ وجھت ٿيندي پئي اچي(8).“ علم
موسيقيءَ جي اُستادن جا به مرتبي موجب چار درجا
آهن: پنڊت، گنڌرپ، گائڪ ۽ نائڪ، تانسين گنڌرپ هو
(9).“ انهيءَ حساب سان ڪنهن وقت کان ويندي ويهين
صديءَ تائين گوين کي اهڙالقب ملندا آيا.
راڳ راڳڻين جي سُرن جي تعداد ۾ تاثر جي
لحاظ کان به مختلف قسم(بَرن) آهن. مثال طور جن راڳ
راڳڻين ۾ آروه ۽ اوروه (مٿي وڃڻ ۽ واپس اچڻ) ۾ پنج
سُر هجن، اُن کي اوڍو چئبو. اُن جو نمايان مثال
راڳ مالڪونس آهي. هن ۾ ري (رکب) پا(پنچم) متروڪ
آهن ۽ سرگم اٿس: ساگا ماڌا ني (سا)- اُهي راڳ
راڳڻيون جن ۾ آروه ۽ اوروه ۾ ڇهه سُر آهن. اُنهن
کي کاڊو چئبو آهي ۽ منجهن پا (پنجچم) نه هوندو
آهي. سرگم ٿيندو ساري گاما ڌاني(سا). ٽيون راڳڻيون
ستن سُرن واريون هونديون آهن. تن کي سمپورڻ سڏبو
آهي. جيئن: ڀيوري، سرگم ٿيندو ساري گاما پاڌاني
(سا)(10). انهن ٽن قسمن جي ميلاپ ۽ بدل سدل سان
ٻيا نوَ(9) قسم ٺهن ٿا. جئن آروه ۾ سُرن جو تعدد
هڪ ته اوروه ۾ ٻيو هجي. اُن سان گڏ ڪن سُرن ۾ ڪو
سُر ڪومل(نرم) ۽ ڪو تيور(تيز) هجڻ سان هڪ راڳڻي
ٻيءَ کان جدا صورت وٺي ٿي.
راڳ سان گڏ تال جي بندش بنيادي طور اهم
آهي. تال به گهڻائي آهن. اُنهن ۾ جيڪي اهم، مُروج
۽ مقبول آهن، سي آهن : ايڪ تال، تين تال، تلواڙو،
جهپ تال، جهومر، دادره، جھار تال، ديپ چندي، آره
چوتاله، ڌمار، سواري، مغلئي ۽ رُوپڪ. ساز جيڪي تال
لاءِ ڪم اچن ٿا، اُنهن ۾ پکاوج ۽ مرڌنگ قديم آهن.
انهن جي صورت ڍولڪ سان ملندڙ آهي. حضرت امير خسرو
پکاوج کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي طبلو ايجاد ڪيو.
تال جي ساخت ماترائن تي آهي. ماترا، هڪ پل برابر
آهي. تيئن تال ۾ سورهن (16). ماترائون آهن. اُن جا
ٻول هن ريت آهن: نا ڌن ڌن نا، نا ڌن ڌن نا، نا تن
تن نا، نا ڌن ڌن نا(11).
طبلي جو هڪ عظيم اُستاد الله رکا خان
فيبروري 2000ع ۾ گذاري ويو. اُن جو پٽ ذاڪر حسين
موجود آهي. طبلي يا ڪنهن به ساز جي تربيت اُستاد
کان وٺي سگهجي ٿي. ڪتابي مدد اُن جي فقط هڪ حصو
آهي. وقت ب وقت اُستاد ان فن تان ۽ راڳ جو نين
ايجادن ۾ اهم رول ادا ڪيو. سُر جي هن سفر ۾ سنڌ به
شامل رهي آهي. اسان وٽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته
سنڌي موسيقي ڪلاسيڪل کان جدا حيثيت جي حامل آهي.
ايئن نه اهي. اهڙن مثالن مان هڪ مثال سورٺ جو ورتو
ويندو آهي. فقط لوڪ داستان جي نسبت سبب اهو خيال
پيدا ٿيو. حقيقت ۾ سورٺ هندوستاني راڳ مالا جو حصو
آهي. اِهو ئي نالو اُتي داخل آهي. سورٺ هي قرب ٻي
راڳڻي ديس آهي. ڪتابن ۾ ٻنهي جا آروه – اوروه آيل
آهن. هڪ ڀيري اندازاً 1972ع ۾ اُستاد امانت علي
خان پنهنجي رهائش گاهه تي رياض ڪري رهيو هو. مون
اُن راڳڻيءَ کي سورٺ جھاتو ته چيائين : ”نه ! هيءَ
سورٺ نه آهي، ديس آهي.“ پوءِ ٻنهي جو فرق ظاهر ڪري
ڏيکاريائين. سورٺ جي صورت هيءَ آهي:
آروه – ساري ماپاني، سا(5 سُر)
اوروه –ساني ڌاپا ماري، سا(6 سُر)
(پڇاڙيءَ واري ساڳڻپ ۾ نه ايندي)
سورٺ اوڍو- کادو راڳڻي آهي. منجهس مڌم
(ما) کان رکب(ري) تائين مينڍ خوبصورت لڳندي آهي.
اها سورٺ کي ديس کان عليده ڪري ٿي. (12) . پورو
ڌيان ۽ ڄاڻ نه هجڻ ڪري اڪثر ڀل ٿئي ٿي ۽ ٻن راڳڻين
۾ تميز نٿي ڪري سگهجي.
راڳ سنگيت جي هيڏي وڏي نظام ۾ اڻويهين
صديءَ جي هڪ وڏي اُستاد فن محمد رضا خان تبديلي
ڪئي ۽ نسلي تقسيم کي ڇڏي، ٺاٺ جو نظام تجويز ڪيو.
جو بعد ۾ راج ٿيو. ڪومل تيور سُرن ۽ ٻين خاصيتن جي
مدنظر ڏهه ٺاٺ قائم ڪيائين. اُهي آهن : ڪلياڻ ٺاٺ،
ڀيوري ٺاٺ، ماروا ٺاٺ، آساوري ٺاٺ، بلاول ٺاٺ،
کماچ ٺاٺ، ٽوڙي ٺاٺ، ڀيروو ٺاٺ، ڪافي ٺاٺ ۽ پور بي
ٺاٺ.
جيڪي راڳ ٻن وقتن ملڻ (ڏينهن رات) وقت
ڳائجن ٿا. اُهي سنڌي پرڪاش جا سڏجن ٿا(13) . اها
مناسبت به سنڌي ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي برطه ۽
واسطي سان لاڳو ڪري سگهجي ٿي. اهڙا تفصيل راڳين
ڏنا اهن. مسيقي آوازن جو هڪ نازڪ سرشتو آهي. اهو
ساز يا گلي جي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. هي ٽي ڀاڱا
يا گرام آهن: مندر (آهستي) مڌم (وچولو) ۽ تار سپتڪ
۾ اواز دُن ۽ ڇاتيءَ مان، مقدم ۾ گلي مان ۽ تار ۾
تارونءَ مان نڪري ٿو(14).
ڪلاسيڪي موسيقي، جيڪا سنڌي موسيقيءَ جو پس
منظر مهيا ڪري ٿي، تنهن جو مختصر جائزو وٺڻ کان
پوءِ سنڌ جي موسيقيءَ جي مختلف زاوين ڏانهن اچون
ٿا. هنن زاوين ۽ پهلوئن ۾ خاص هيٺيان آهن:
1- سماع ۽ مولود
2- شاهه جو راڳ
3- لوڪ سنگيت
4- عام ڪافي ڪلام ۽ موجوده صورتحال
1- سماع: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جيئن سنڌ جي
تاريخ، ادب ۽ لغت تي لکيو آهي، تيئن ثقافت جا اهم
پهلو به روشن ڪيا اٿس. اُنهن ۾ سنڌي موسيقي به اچي
وڃي ٿي. هن سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي
مختصر تاريخ“ اهم آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ قديم موسيقي،
اوائلي اسلامي دؤر کان وٺي، هندوستاني موسيقيءَ
سان تعلق سميت سماع، مولودن، شاهه جي راڳ ۽ ڪافي
ڪلام واري موسيقيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو آهي.
سماع بابت سندس تجزئي جو تت هي آهي:
- ستين صدي هجريءَ (13 عيسويءَ ) ۾ غوث بهاءُ
الدين ذڪريا جي دؤر کان وٺي، سنڌ م سماع جو سلسلو
نمايان طور رائج ٿيو ۽ ايندڙ ٽن سؤ سالن ۾ سنڌي
سماع سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر رائج هو (15).
- صوفي بزرگن وٽ سماع جو سلسلو حق ۽ حقيقت ڏانهن
مائل ڪندڙ پاڪيزه احساسات ۽ قلبي سرور پيدا ڪرڻ
لاءِ شروع ٿيو(16).
- ڏهين صدي هجريءَ ۾ پهرين ميين سيد علي شيرازيءَ
ٺٽي ۾ سماع جون محفلون مچايون ۽ پوءِ سندس ننڍي
معاصر شاهه ڪريم سماع جي سلسلي کي وڌايو (17).
- غوث بهاءُ الدين جي سماع جي سلسلي جو بنياد به
ذڪر تي هو (18).
- مخدوم نوح هالائيءَ جي درگاه جي سماع جو سلسلو
ڏهر سڏجي ٿو (19).
- جهوڪ ميران پور ۾ سماع جو سلسلو جاري رهندو اچي
(20).
- پير صاحب پاڳاري جي درگاه تي سماع جو سلسلو
جماعتي راڳ سڏجي ٿو، جيڪو بناساز سرود جي آهي(21).
اهو عالم آشڪار آهي ته سماع جي هنن محفلن
جو مقصد پاڪيزگيء ۽ تزڪيه نفس هو. سماع جي سرشتي ۾
جنهن ڳالهه کي موسيقيءَ سان منسلڪ جھاڻڻ کپي. اُهي
سماع جا ٻول ۽ ڪم آندل بيت ۽ ڏهر وغيره آهن. ”الله
الله هُو هو“ جي آهنگ جو ڪنهن نه ڪنهن طرح ردم سان
۽ جي اُن کان تال سان ڳنڍجي ته تال سان واسطو آهي.
بهرحال سماع جو موسيقيءَ سان قواليءَ ۽ مولود سبب
سنگيت سان واسطو ظاهر آهي. قواليءَ جو موجد حضرت
امير خسرو آهي ۽ مولود سنڌ جي صنف سخن آهي. مولود
وانگر سنڌي توڙي ٻين ٻولين ۾ حضور اڪرم ﷺجي نعت
لا3 ميدان وسيع آهي: پر مولود پڙهڻ جو طريقو
(گائڪي) منفرد آهي.
سنڌ ۾ مولود جي تاريخ اندازاً ٽي سؤ سالن جي آهي.
شاهه عنات رضوي نصرپور، شاهه لطيف، مخدوم عبدالرؤف
ڀٽي ۽ مخدوم محمد اسماعيل جي ڪلام ۾ مولود عام طور
ملن ٿا(22).
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب جي سلسلي ۾ هڪ ڪتاب مولود
به ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ مخدوم عبدالرؤف ڀٽي ۽
ٻين شاعرن جي مولودن سان گڏ هڪ تفصيلي مقدمو به
لکيو آهي. هن مقديمي ۾ ڊاڪٽر صاحب مولود جي
ارتقائي تاريخ، مولودن پڙهڻ جي انداز ۽ مولودين جي
ٻارين جو ذڪر ڪيو آهي. پاڻ لکن ٿا: ”لاڙ ۾ مولودن
پڙهڻ جي انداز ۾ ٻارين جو طريقو رائج آهي. اُن جا
مکيه پهلو آهين ، مولودن جي ٻاريءَ ۾ هڪ اڳواڻ ۽
گهٽ ۾ گهٽ چار، وڌ ۾ وڌ پنج يا ڇهه جهپلي هوندا
آهن(23).“ لاڙ ۽ اُتر ۾ مولودين جون ڪيتريون
ٻاريون آهن (24). ”لاڙ ۾ ويجهڙائي ۾ خاص طور
جسڪاڻين ۽ مڱڻهارن جون ٻاريون مشهور ٿيون(25).“
هنن مولودين ۽ مداحين پنهنجي فن پڪي راڳ جي ترتيب
۾ به ظاهر ڪيو. مولود ۽ مداحون پڙهڻ جو انداز
دلپذير اهي. عامطور هي مزهبي صنفون سنڌي راڳ جي
ترويج ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. لاڙ ۾ مولودين
جي مولود پڙهڻ جي طرز بابت جناب عنايت الله زنگيجي
هڪ ننڍڙو ڪتاب لاڙين جون لاتيون لکيون آهن.
شاهه جو راڳ: سنڌي موسيقيءَ جو اهم حصو ”شاهه جو
راڳ“ آهي. ٿوري گهڻي تحقيق ٿيڻ جي باوجود اڃان
مڪمل مطالعي جو طالب آهي. شاهه جي راڳ تي ڊاڪٽر
بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ” سنڌي موسيقيءَ جي مختصر
تاريخ“ ۾ تحقيق ڪئي آهي. هيءَ تحقيق ڪتاب جي ستين،
اٺين، نائين ۽ ڏهين باب ۾ موجود آهي. هي تحقيق
ڪلاسيڪل ۽ شاهه جي راڳ جي ڀيٽا ڀيٽيءَ جي سلسلي ۾
ڪئي وئي. ساڻس هن مطالعي ۾ پير غلام شاهه (ڀٽائي)
۽ اُستاد منظور علي خان شامل رهيا. مختلف سُر
ڀٽائيءَ جي انداز ۽ ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي سُرن جي
ڀيٽ ڪري نتيجا ڪڍيا ويا. ڪن ران يمن ۽ ديسي وغيره
لاءِ لکيو ويوته ٻه خيال پيدا ٿين ٿا. (حقيقت ۾
ڪلاسيڪل ۾ فقط هڪ خيال پيدا ٿيڻ جي گنجائش آهي.
رياضيءَ وانگر(.(26) ڊاڪٽر صاحب هي تجرباتي تجزيو
ڪيو(27) . سندس خيال موجب هي اڃان نامڪمل ۽ محدود
مطالعو هو ۽ ايندڙ تحقيق لاءِ ابتدائي ڪاوش هئي.
اهڙو مطالعو ڪلياڻ، سامونڊي، سارنگ، يمن، کنڀات،
سهڻي، آبري، معذور، ديسي، ڪوهياري، حسيني، سورٺ،
بيراڳ هندي، بروو، راڻو، کاهوڙي، رامڪلي، رپ،
بلاول، آسا، مارئي، ڪاموڏ، ڪارايل ۽ ڏناسري جو ڪيو
ويو. اُستاد منظور علي خان هن سلسلي ۾ سٺي مدد ڏني
آهي. نتيجن ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻنهي اُستادان فن جي مدد
ورتي آهي. هي ڪم اڻ پورو رهيو ۽ ڪٿي ڪٿي ڳالهه شوق
سان چيل آهي ته اڪثر هنڌن تي چيو ويو ته جھڻ فلان
راڳڻي آهي. هن سلسلي ۾ سورٺ ۽ ديس جي فرق جي وضاحت
ڪري آيو آهيان ۽ هيءَ گذارش ڪندس ته ڪلاسيڪل ۽
رياضيءَ وانگر پڪا نتيجا ظاهر ڪيا ويا آهن. اُستاد
منظور علي خان جي ڳايل راڻي جي محفل (ڪيسٽ) ۾ هو
ابتدا ڪندي چوي ٿو: ”هيءَ راڻي جي جيڪا راڳڻي آهي،
سا ستن سُرن جي آهي. راڳ ڪافي به هتئون جو آهي.
سنگيت ۾ به آهي. هيءَ ٽپي جي شڪل آهي. نارائڻيءَ ۾
(آلاپَ ، آج موري لاج راکو ڪرتار) هيءَ راڻي جي
شڪل آهي. (ديسيءَ جو آلاپ : آج گاوت من ميرو جهوم
ڪي- راڻي ۾ آلاپ) آڻي راڻي جي شڪل آهي( راڻي جو
آلاپ الوالو) (29). راڻو حقيقت ۾ ديسي راڳڻي آهي.
مون هن کان اڳي شاهه جي رسالي جي اڪثر
سُرن (سارنگ، رامڪلي، ڪاموڏ وغيره) جي موسيقيءَ تي
مقالا لکيا آهن. جن ۾ ڪلاسيڪل جي بيناد تي ئي
نتيجا ڪڍيا آهن. ڪلاسيڪل ۾ راڳ هر ڪو پنهنجي نالي
سان آهي. اُن ۾ ڪنهن به طرح اها گنجائش نه آهي جو
چئجي ته فلان راڳڻيءَ جي قريب آهي. قريب هوندو ته
اُن جو ٻيو نالو هوندو. ڪلياڻ، ملهار، سارنگ، توڙي
۽ ٻين راڳڻين جا ڪيئي قسم آهي. مثارل طور ”مالڪونس
۽ مڌڪونس وغيره آهن. اُهي آروه، اوروه ۽ ڪومل تيور
سُرن ۽ اُنهن جي استعمال سبب هڪ ٻئي کان علحدا
آهن. هر راڳ راڳڻي قاعدي موجب اهي. شاهه جا سُر به
مخصوص سنگيت قانونن ۽ روايت موجب آهن. اُنهن ۾
اڪثر فرق به پيو هوندو.
لوڪ سنگيت: دنيا ۾ لوڪ ادب وانگر لوڪ سنگيت به
قديم آهي. لوڪ سنگيت ثقافت ۽ عام جيوت سان ڳنڍيل
آهي. هن ۾ بنيادي طور زندگيءَ جي ريتن رسمن ۽
رواجن جا پرتوا چٽا چٽا محسوس ٿيندا آهن. سنگيت جي
قاعدن ۽ اصولن جي بنيادي طور پابنديءَ جي ڳڻتي نه
ڪئي ويندي آهي. لوڪ سنگيت جون صنفون، ڪنهن نه ڪنهن
ڌُن ۾ مرتب ٿيل هونديون آهن ۽ اها ڌُن اتفاقيه ئي
سهي ڪنهن راڳ ۾ هوندي آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته
لوڪ گيتن کي ڳائيندڙ عام رواجي فنڪار تال جي اهميت
کان ئي غير واقف هوندا آهن. لوڪ گيت جي مقبوليت ۽
اهميت مڃيل آهي، پر بيشتر ڳائڻن اُن سان انصاف نه
ڪيو آهي. کين لقب ملي ٿا وڃن، پر سُر جي ساڃاهه ۽
تال جي ورتاءَ جي سلسلي ۾ هُو اُن جا لائق نه آهن.
اَڻ جھاڻن لاءِ ته رڍون سڀ ڪار ٻوٿيون آهن. لوڪ
سنگيت ۽ هلڪي ڦلڪي ڌُنن جو ربط به فلمي ۽ غير فلمي
سنگيت سان رهيو آهي. اڪثر فلم وارن لوڪ ڌنون ڪم
آنديون آهن.
لوڪ سنگيت تي ڪلاسيڪي گائڪه ۽ محقق خاتون
شانو کُرانا تحقيق ڪئي آهي. هن ڪلاسيڪي ۽ لوڪ
سنگيت جي لاڳاپي جي تاريخ تي نهايت دلچسپ بحث ڪيو
آهي. هي بحث ڪٿي ڪٿي ڪڪڙ اڳ يا بيضو اڳ واري بحث
جي برابر به بيهندو نظر اچي ٿو. هيڏانهن هاڻي سنڌ
جي لوڪ فنڪارن کي ڏسجي ته هنن فقط ٻئي جي ڳايل گيت
جو نقل ڪرڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاتو آهي. اڪثر فلمي
گيتن جي نقل ۾ ته اصل فنڪارن جا ڄڻ چٻارا ڪڍيا اٿن
يا اهلون ڪيون اٿن. فلم انڊسٽريءَ جو ڪلاسيڪي، نيم
ڪلاسيڪي ۽ هلڪي ڦلڪي موسيقيءَ جي ترقيءَ ۽ تويج ۾
اهم حصو رهيو آهي. هتي منهنجو اشارو خاص طور لاهور
۽ بمبئيءَ جي نگار خانن ڏانهن آهي. وڏن وڏن
موسيقارن جھي فهرست تمام ڊگهي آهي. جيترو مون کي
ياد پوي ٿو ته هي چند موسيقار گهڻو مقبول ٿيا ۽ اڄ
به اُنهن جون تخليقون هر ڪنهن جي زبان تي آهن. :
ايس . ڊي . برمن، آر . ڊي برمن، شنڪر جئه ڪشن،
نوشاد، لڪشمي ڪانت پياري لال، آندد جي ڪلياڻ جي ۽
پنجابي، گجراتي، بنگالي، راجسٿاني ۽ اُڙيا وغيره
سان گڏ هاڻي ته اي آر رحمان ڏکڻ جي ڪرناٽڪ سنگيت
جي آهنگ جي آميزش به ڪري ٿو. ڌُنن جي ترتيب ۾
موسيقارن هلڪي ڦلڪي انداز ۾ ائين مرتب ڪيو جو اڻ
ڄاڻن اُنهن ڌُنن کي ائين قبول ڪيو. ڄڻ اُهي ڪنهن
راڳ راڳڻيءَ جو حصو نه هيون، پر حقيقت جي خبر ته
ڪلاسيڪي جي ڄاڻن کي آهي.
هن سلسلي جو هتي هڪڙو مثال ڏيڻ ئي ڪافي
ٿيندو. فلم ”ميرا نام جوڪر“ جو مقبول گانو ”جاني
ڪهان گئي وه دن“ راڳڻي شو رنجنيءَ ۾ ڪمپوز ٿيل
آهي. مڪيشن اُن کي اهڙي بلند آهنگ ۾ ڳايو آهي. جو
فلم جي به سڃاڻپ بنجي ويو. نه رڳ مڪيش، پر شروع
کان بمبئيءَ جي نگار خانن کي جن گلوڪارن آواز جو
تحفو ڏنو، اُنهن ۾ پهاڙي سنيال، ماسٽر نثار، ڪي سي
ڊي، ڪي ايل سهگل، جگ موهن، پنڪج ملڪ، محمد رفيع،
سريندر، طلعت محمود،ڪشور ڪمار، هيمت ڪمار، ڪمار
سانو، اُدت نارائڻ، لتا، شمشاد، گيتا دت، زهره
ٻائي انبالي واري، راجڪماري، ثريا، ڪويتا ڪرشنا
مورتي، ساڌنا سرگم ۽ الڪا ياگنڪ جا نالا سج وانگر
روشن آهن. انهن جو اثر سجھي ننڍي کنڊ تي پيو، سندن
گانا وري ڳايا ويا ۽ ساڳين ڌنن ۾ اڪثر ڳائڻن ڄڻ
چٻارا ڪڍيا. منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي. ته فلم
انڊسٽري سماج تي ڀرپور اثر ڇڏيو. موسيقارن ۽
گلوڪارن جو اثر هن ڳالهه مان به ظاهر آهي ته سٺ
سال پراڻا گانا اڄ به زنده آهن. غير فلمي موسيقيءَ
۾ بيگم اختر، شانتي هيرانند، مهدي حسن، جگ جيت
سنگهه، انوپ جلوٽا، فريده خانم ۽ پنڪج اداس جا
نالا اهم آهن. غلام علي، اعجاز حضروي ۽ ٻين
پاڪستاني صاحب طرز غزل جي فنڪارن جا نالا به اچن
ٿا. جي لوڪ فنڪارن ۽ فلمي گائڪن جي باهمي ربط جي
ڪهاڻي ٻڌائبي ته اُها طويل آهي. هن ڪهاڻيءَ جي
پڇاڙيءَ مان اسان جي بحث جو آخري حصو جنم وٺي ٿو.
عام ڪافي ڪلام ۽ موجوده صورتحال
ڪلام لفظ عام طور ڪافيءَ يا ڪنهن ٻئي شعر
سان لاڳو ٿيندو پيو اچي. هونئن شاهه جو ڪلام، سچل
جو ڪلام چوڻ ڪري لفظ ”ڪلام“ راج رهيو آهي، پر هاڻي
ڪافيءَ کي ڪافي چوڻ ڪافي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي
ڪافيءَ جي پرک نه آهي ته هُو غزل کي به ڪافي چوندي
گُسي نٿو. ريڊيو تي اڪثر سانگيءَ جي غزل کي به
ڪافي چئي نشر ڪيو وڃي ٿو. ڪافين ۾ به گهڻو ڪري اڻ
جھاڻ ڳائڻا”سينڱاريون سپُن ۾“ . ”عشق جو آزار“ ۽
”عشق کي “ عيشق“ ڪري ڳائن ٿا. ڪيسٽي شاعري ۽
موسيقيءَ تي ٿورو گهڻو بحث اخبارن ۾ هلندو رهيو
آهي. ڪي ڪيسٽي شاعر ۽ فنڪار پاڻ کي بچائڻ لاءِ وڏا
ٻول ٻولين ٿا. حقيقت ۾ اڪٿر جو ڳايل مود شعر به نه
آهي ۽ موسيقي ته هونئن ئي تيار ڌُنن جي چوري آهي.
ڪافيءَ جا فنڪار بظاهر بيشمار آهن: پر اهم ۽ صاحب
طرز ٿورا آهن. سنڌ جي پراڻن ۽ ڪلاسيڪي انداز وارن
۾ اُستاد عاشق علي خان، الهڏنو نوناري، اُميد علي
خان، خير محمد خان ۽ بيبي خان سان گڏ ڪي ٻيا
اُستاد ڳائڻا به آهن. ڀڳت ڪنور رام، ڀڳت موٽڻ،
محمد يوسف، فقير عيسيٰ، منظور علي خان، ڍول فقير،
عنايت فقير، محمد ابراهيم، محمد جمن، شبلا مهٽاڻي،
حسين بخش، مصري فقير، چندر، جيوڻي، عابده پروين،
عبدالغفور ۽ ٻيا ڪيترا فنڪار آهن، جن ويهين صديءَ
جي سنڌي ڪافيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. سنڌيءَ سان
گڏ اڪثر سرائيڪي ڪافين جي گائيڪي ۽ انداز بابت به
هي استاد ڳائڻا آهن. ڪي ڪافيون جن کي شاعرن ته هڪ
روپ ڏنو، پر فنڪارن اُنهن کي موسيقيءَ جو روپ ڏيئي
مقبول ڪيو، اُنهن مان هي مون کي ياد پون ٿيون:
منظور علي خان: آءٌ ڪوه
جھاڻان پنڌ ڪيچ جو، مون نماڻيءَ کي نيدڙي ڍولا.
پرچن شال پنهوار
ڍولا مارو مون سين.
يار سڄڻ جي فراق
آءٌ ماري.
گلزار علي خان : محب مئيءَ
جي گهر آيوڙي ڀينر- ميندي مون اچي لايو.
عنايت علي فقير: رخ رانجهن
داماه منير هو يا.
فقير امير بخش: وس نهين
چلدا حجت نه هلندي.
سڻ بات برهه دي
ڪيهي، ڪيهي عجب جيهي.
فقير عبدالغفور: فرق
ٿياسين در غب غب، لاشڪ آهيون لا مذهب.
محمد ابراهيم: انت بحر دي
ڪل نه ڪائي.
تنهنجي صورت جو
ڪهڙو بيان ڪريان
ڪيچي قول ڪري
ويا.
اڄ ته عجيبن آڻي
لايا.
جوڳي ڏاڍي ذات.
محمد جمن: يار ڏاڍي عشق آتش
لائي.
هل هوتن ڪارڻ
حال.
پڪ نه رهي.
سرائيڪي ڪافين جي سلسلي ۾ سنڌ کان ٻاهر جي
ڳائڻن استاد نزاڪت علي، سلامت علي، امانت علي، فتح
علي، زاهده پروين، شاهده پروين، ثريا ملتانيڪر،
پٺاڻي خان، حسين بخش خان ۽ ٻين ڪيترن پاڻ موکيو
آهي. معيار جي لحاظ کان هي جن چند فنڪارن جو ذڪر
ڪيو اٿم، حقيقت ۾ اُنهن جو وڏو ۽ يادگار ڪم آهي.
موجوده صورتحال کي ڏسجي ته قابل فنڪارن
سان گڏ ڪي بيسرا ۽ سفارشي به ميادن تي آهن. وحيد
علي، صادق فقير، سرمد ۽ ٻين پاڻ مڃايو آهي ته اهڙن
نالن سان گڏ ڪي پاڻ کي فنڪار ته سڏائن پيا، پر
”هنوز دلي دور است“ جي مصداق اڃان ماڳ ماڻي نه
سگهيا آهن. اها آهي موجوده صورتحال ۽ آئيندي لاءِ
ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو.
بهرحال ويهين صديءَ سنڌ کي وڏا فنڪار ڏنا،
جن پاڻ مڃايو.
ڪافي
ڪافيءَ جي قدامت ۽ ارقا بابت اسان وٽ ڪي
روايتون موجود آهن. هن سلسلي ۾ پنجاهه جي ڏهاڪي ۾
ڪي بحث به ٿيا آهن. انهيءَ لحاظ کان ڪافيءَ جا ڪي
پراڻا نمونا نه مليا آهن. پر اهو عام چءٻول رهيو
ته ڪافي سنڌ ۽ پنجاب جي هڪ شعري صنف ۽ گائڪيءَ جو
انداز آهي. لفظ ڪافيءَ جي معنيَ بابت به سنڌ جي
عالمن ۽ اديبن ۾ جيڪا خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، آءٌ
ان جو اڀياس ڪندو رهيو آهيان. ڪافيءَ بابت پير
حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻي، سيد
منظور نقوي، پير عبدالغفار راشدي، غلام محمد
گرامي، خانبهار ميمڻ، جهمٽ مل ڀاوناڻي، ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، مخدوم صاحب طالب الموليٰ،
عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي ٿورو
گهڻو لکيو آهي.
ڪافي جي قدامت جي بحث جي ابتدا ۾ وائيءَ
تي بحث به ٿيو آهي. بيت ۽ وائيءَ جي وزن ۽ هيئت
بابت پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ پنهنجي ڪتاب ڇند
سڳند ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي. لفظ وائيءَ جي اصليت
بابت به مختلف رايا سامهون آيا آهن. ”وائي“ لفظ جا
ڌاتو ”وايا“ ، واو“ يا ”وارتا“ ڄاڻايا ويا آهن.
(1) ڊاڪٽر سنديلي ”تحقيق لغات سنڌي“ ۾ (2) ۽ جهمٽ
مل وسڻائيءَ ”وئٽپتي ڪوش ۾ (3) معنيٰ اندازاً
ڳالهه ٻولهه ڏني آهي. (4) پرمانند ميوارام
Epilogue،
ڳالهه يا آواز جي معنيٰ ۾ لکيو آهي.(5)
شاهه جي بيتن جون هيٺيون مصرعون به وائيءَ جو
مفهوم واضح ڪن ٿيون:
راجا رتولن ۾، ورنائي وائي(سورٺ)
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃن جون.(سامونڊي)
اهڙيءَ طرح ڪيترن سنڌي بيتن ۾ وائي لفظ
ڳالهائڻ جي معنيٰ ۾ آيو آهي. پهاڪن، اصطلاحن ۽
گفتگو ۾ وائيءَ جون معنائون ڳالهائڻ جي مفهوم سان
هم- آهنگ اهن. جيئن: وائي بند ٿيڻ، چڱي وائي ڪرڻ
وغيره. مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي تصنيف ڪافي ۾
وائيءَ جي ڌاتو بابت مختلف ليکڪن جا حوالي ڏيئي
پنهنجي راءِ ۾ ٻه ڳالهيون چٽيون ڪيون آهن. هڪ ته
وائي واڻي لفظ مان نڪتي اهي. ٻيو ته بقول سندس :
”قياس چوي ٿو ته وائي، بيت ، مداح، يا سنڌي قصيدن
مثلاً ابوالحسن جي سنڌيءَ مان ٺهي آهي. (6). هيءَ
راءِ ڪنهن هڪ صنف لا3 ڏجي ته بيت اُها صنف آهي، جا
ڇند ۾ آهي ۽ وائي به ساڳئي وزن آهي. واڻي بابت
ساميءَ جي سٽ به ڌيان ڇڪائي ٿي:
ويدن جي واڻي، سا سنڌيءَ ۾ سمجهايم.
واڻيءَ جو مطلب آواز آهي. سنڌي جي عالم ۽
محقق مخدوم محمد هاسم ٺٽويءَ واضح طور وائي لفظ
زبان يا متن
(Version)
جي معنيٰ ۾ ڪم اندو آهي:
تن منجهان ڪي ڪيترا مسئلا لکيام،
ساري سنڌي وائيءَ لکي لک ڪيام.
(زادالفقير 1125هه)
يا
عربي اڄاڻن کي گهڻي ڏهلي هوءِ،
سنڌي ڪيم سهکي، چان سکي ڀڪوءِ.
(زادالفقير 1125هه)
پهرئين بند ۾ وائي ٻوليءَ جي معنيَ ۾ ڪم
آيل آهي ۽ پوئين
۾ ترجمي ڏانهن اشارو آهي. هيئت جي لحاظ کان هيءَ
ملن واري سنڌي به ڇند جي مختلف وزنن ۾ آهي.
چندرايڻ، دڪپال، ات بروا ۽ ٻيا ڇند آه. بيت لاءِ
دوها ۽ سورٺا ڇند بنيادي ڇند آهن ۽ انهن جي ميل
سان ٻيا ٻه ڇند تڻويري ۽ بڙو ڪم اچڻ لڳا. وائي فقط
آخري سٽ جي ڪري دوهي ۽ تڻويري دوهي مان اُسريل نظر
اچي ٿي.
ڪتاب سُرهاڻ ۾ وائيءَ کي ٺمريءَ جي هيئت ۾
ڄاتو ويو آهي.(8) اڪثر موسيقيءَ جي اُستادن ڪافيءَ
لاءِ به ايئن چيو آهي(9). اُنهن جي نظر ۾ سرائيڪي
۽ پنجابي ڪافي آهي. ڪنهن حد تائين هي رايو سنڌي
وائيءَ سان به لاڳو ٿئي ٿو.
هن پس منظر کان پوءِ ڪافيءَ ڏانهن اچون ته
اُن جي لفظي معنيٰ به مختلف عالمن جدا جدا ڪئي
آهي. اهو لڳي ٿو ته وائيءَ مان ڪافي اُسري آهي. ٻي
ثابتي ڪانهي، فقط موضوعن جي هڪجهڙائيءَ مان اهو
معلوم ٿئي ٿو. هيئت ۽ گائڪيءَ ۾ به فرق آهي. اها
ڳالهه صحيح نه آهي ته صنف هڪڙي ئي آهي. اُن کي لاڙ
۾ وائي ۽ اُتر ۾ ڪافي سڏيو ٿو وڃي(10). هي خيال
ميمڻ عبدالمجيد ظاهر ڪيو هو. ڪافيءَ جي هيئت بابت
ايندڙ صفحن ۾ بحث ثابت ڪندو ته هي ٻه صنفون آهن.
ڪافي“ لفظ کي سنڌي محققن سيوهڻ جي
ڪافين(ڪوٺين) سان به ۽”ڪفهه“ مان نڪتل جھاڻايو
آهي، عام ماڻهن ان تي کڻي اعتبار ڪيو. ڊاڪٽر سدا
رنگاڻي پنهنجي هڪ مقالي ۾ اُن جو بنياد ”قناعت“
مان لڌو(11). اجھ ڪافي شاعريءَ جي صنفن سان گڏ راڳ
جي به صنف آهي. ڪافيءَ کي ديپڪ راڳ جي هڪ شاخ
سڏيندي عبدالحسين شاهه موسوي، عطا حسين شاهه
موسويءَ جو ڪچ ڪوڏيون جو حوالو ڏيئي سرهاڻ ۾ موضوع
وار ڪافيون ڏنيون آهن(12). ڪافيءَ کي پهرين راڳ ۽
پوءِ هيئت جي لحاظ کان پرکيون ٿا. راڳ جي اڳ ڇهن
مول راڳن موجب تقسيم هئي. راڳ آهن: مالڪونس، سري،
ميگهه، هنڊول، ڀيرون ۽ ديپڪ. انهن جون وري
ڀاريائون ۽ پٽ آهن. ايئن ٽوٽل هزارن ۾ آهي. هن
سلسلي ۾ 1813ع ڌاري هڪ اُستاد فن محمد رضا خان هن
تقسيم کي قبول نه ڪندي. اُن جي نئين سر مطالعو
ڪيو. اڪثر جو خيال آهي ته نئين تقسيم ٺاٺن موجب
پاڻ ڪيائين. اهو به رايو آهي ته پنڊت ڪرشنانند
وياس هن باري ۾ 1842ع ۾ ڪتاب لکيو ۽ ڀانکنڊي 1850ع
۾ ٺاٺن واري تقسيم ڪئي. (13) هيءَ نئين تقسيم هاڻي
مروج پنڊت ڀاتکنڊي ۽ ٻين اوستادان فن اُن جو ئي
سلسلو قائم رکيو آهي. ويجهڙائي ۾ (1975ع). قاضي
ظهور الحق پنهنجو ڪتاب ”رهنما3 موسيقي“ لکيو آهي.
اُن موجب ڪافي ٺاٺ نئين ترتيب موجب ڏهن مان هڪ ٺاٺ
آهي ۽ اُن ٺاٺ جي ڪافي هڪ راڳڻي به آهي(14). ائين
ڪافي نالي سان ٻيون به راڳڻيون موجود آهن. ڪافي
ٺاٺ جي خصوصيت قاضي ظهورالحق تفصيل سان بيان ڪري
ٿو: ”ڪافي ٺاٺ“ جي راڳڻين ۾ شڌگنڌار ۽ شڌ نکاد ڪم
آڻ جو عام رواج آهي. خاص طور تي ڪافي راڳڻيءَ ۾
ائين ڪيو يوندو آهي. شڌ گنڌار ۽ شڌ نکاد جي
استعمال سان راڳڻيءَ ۾ خوبصورتيءَ سان گڏ هڪ عجيب
ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي. ڪافي ٺاٺ جون راڳڻيون يا ته
ڏينهن جي ٽئين پهر يا رات جي ٻئي پهر ۾ ڳايون
وينديون آهن. هن ٺاٺ ۾ هي سُر لڳايا ويندا آهن:
پاما گاري ساري گاما پا(15). ڪافي ٺاٺ جون اهم
راڳڻيون آهن: ڀيم پلاسي، ڪافي، سنڌورا، پٽ ديپ،
باگيشري، بهار، بندرا بني سارنگ، ميان ڪي ملهار،
شڌ سارنگ، شاهانه ڪانهڙه، مالگُنجي، سورداسي
ملهار، سُها، سُگرئي، ڀيم، هنس ڪنڪني، ڌناسري ۽
نائڪي ڪانهڙه. (16)
راڳڻي ڪافي هڪ مڃيل راڳڻي به آهي. اُن جو احوال هن
ريت آهي:
-
هن راڳڻيءَ ۾ گنڌار ۽ نکاد ڪومل ۽ باقي سُر شُڌ
آهن.
-
روپ (برن) شمپورڻ- سمپورڻ اٿس.
-
وادي سُر پنچم آهي.
-
سموادي سُر کرج(سا) آهي.
-
ڳائڻ جو وقت، رات جو ٻيو پهر(هوليءَ جي موقعي تي
هيءَ راڳڻي هر وقت ڳائي ويندي آهي.)
-
خاص تان، ري گاماپا- پاماگاري – ماگاري سا اٿس.
-
آروه اٿس: ساري گاما پاڌاني سا.
-
۽ اور وه، ساني ڌاپا ما گاري سا.(17)
سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابي ڪافيون گوين راڳڻي ڪافي ۽
ڀيروي، تلنگ، مانجهه توڙي ٻين داستان وار سُرن ۾
ڳايون، پر عام ڳائڻا جتان آيو. اُتان يار ويا. ڪي
ته پٽڙيءَ تان لهي ويا.
سنڌي ڪافيءَ جي ارتقائي هيئت تي اچجي ته قديم
ڪافين جو نمونو ميسر نه ٿيو آهي. البت ڪافين بابت
ٻه روايتون موجود آهن. هڪ روايت مير محمد فاضل
بکريءَ بابت آهي ته هو ڪافي گو شاعر هو. سندس تعلق
ذخيرة الخوانين موجب ارغونن جي دؤر سان هو. ٻي
روايت محمد مطيع الله راشد جي ڪتاب”برهانپور ڪي
سنڌي اوليا“ موجب شيخ لاڏ جئي بابت آهي ته هو
ڪافيون ڳائيندو هو. سنڌ مان برهانپور لڏي ويل
بزرگن ۾ هو(18). انهن ٻن روايتن کان اڳ اسماعيلي
ملبلغن(داعين) ۾ پير صدر الدين(1290-1409ع) جو
نالو اچي ٿو، جنهن جا ڪي گنان هيئت جي لحاظ کان
ڪافيءَ وانگر آهن. يعني ٿل ۽ ٻن مصرعن جا بند،
نمونو هي آهي:
ٿل: شاهه مڃيئڙو تن جي صبرحڙي جاڳن-
1- اُٿي الله نه گهرين بندا، تون ستين ساري
رات،
نه ڪا جهوري جيوَ جي، نڪو سمري ساٿ،
شاهه مڃيئڙو...
2- ڪوٺا منڊپ ماڙيون، گهر گهوڙا ڀنڊار،
ڪين نه نيا پاڻ سين، جيو چلنتي وار،
شاهه مڃيئڙو...
3- پئي پير صدر الدين، آئين سڻو مومن ويرَ،
الک ڇٽو تن کي، جن مڃيو شاهه پير،
شاهه مڃيئڙو...(19)
هاڻي ڏسجي ته ڪافيءَ جي هيئت جو ڪلام،
شاهه صاحب کان اندازاً ٽي سؤ سال اڳ ملي ٿو. پوءِ
مير محمد فاضل ۽ شيخ لاڏجئي بابت فقط روايتون آهن.
وچ ۾ جيڪي به شاعر آهن تن جا بيت موجود آهن. فقط
شاهه عنات رضوي آهي، جنهن جون وايون موجود آهن. جن
مان اڪثر جو مضمون مولود وارو آهي. شاهه ڪريم وٽ
جيڪو سماع جو سلسلو هو، اُن ۾ به ڪنهن ڪافيءَ بابت
ڪا معلومات نه آهي. مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جا اڪثر
مولود وائيءَ جي هيئت ۾ آهن ته ڪي علم عروض موجب
آهن.
وائيءَ جي وزن ۽ بيت جي وزن جو اشارو اڳ ۾
ڏيئي آيو آهيان ۽ هتي ايتري گذارش ڪندس ته وايون
بيشتر هڪ سٽ جي ٿل ۽ هڪ سٽ جي بند تي اڌاريل آهن.
البت ڪن شاعرن وائي جا بند ڏيڍا رکيا ۽ اُنهن ۾ ٻه
ٽپ(ڪافيءَ وانگر) آندائون. پوءِ ته مثال گهڻا پر
خود شاهه صاحب وٽ به اهو مثال آهي:
آءُ ٻاروچل اچ، پنهل جھام پرچ-
موٽ وڇوڙو ٿو ماري.
قولن ڪوڙي آهيان، صاحب وڻي سچ-
پس منهنجي پناري.
آءُ ته پچون پاڻ ۾، ڳالهيون ڪريون ڳچ،
من اندر جون ساري.
ڪن واين جي ٿل ۾ ٿورو گهڻو ورجاءُ يا هڪ
کان ٻه تُڪون آهن. هونئن شاهه صاحب جون بيشتر
وايون ٿلهه توڙي بند جي لحاظ کان هڪ تڪيون، دوها
يا سورٺائي وائيءَ جي انداز تي اهن ۽ پوئين سٽ
لازماً دوها وانگر آهي. اُن جي اُبتڙ ڪافيون علم
موسيقيءَ ۽ عروض تي ٺهيل آهن. شاهه جي واين کي
اڪثر ڪافيون سڏيو وڃي ٿو. علمي لحاظ کان اهو غلط
آهي. شاهه جي دؤر ۾ ڪن عام شاعرن جون ڪافيون هجن
ته ٿي سگهي ٿو، کانئس پوءِ سچل سرمست ۽ ٻين ڪافيون
چيون، سچل سرمست جي ڪلام ۾ وايون به آهن. ڪلام
ترتيب ڏيڻ وارن سچل جي ڪلام ۾ وائيءَ کي به ڪافي
سڏيو آهي.
ڪافيون جيڪي عروض تي آهن، تن جو ٿل غزل جي مطلع
وانگر آهي ۽ ڪٿي ننڍين ٻن تُڪن مان ٺهيل آهي.
ڪافين جون هيئتون مختلف آهن. ڪافين جوڙڻ/ چوڻ ۾
شاعرن خاص طور پهرين اُن جو تال/ ٺڪيو متعين ڪيو
آهي ۽ پوءِ اُن کي ڪنهن خاص طرز/ راڳڻيءَ ۾ مرتب
ڪيو اٿن. راڳ سنگيت جي جھاڻ نه رکندڙن تقليد ڪئي
اهي. ڪافيون يڪيون، ڏيڍيون، ٻه تڪيون، ٽه تڪيون ۽
چؤتاريون ٿينديون آهن. اُنهن ۾ بندن ۽ قافين جو
تعداد بنيادي اهميت جو هوندو آهي. ڪن شاعرن گهڻ
بنديون ڪافيون به چيون آهن. اُنهن ڄڻ وڌائي قدم
رکيو آهي. هن سلسلي ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافي:
”تو دلڙي يار ڌُتاري“ جو مثال نمايان آهي. اُن کي
حسين بخش خادم نهايت خوبصورتيءَ سان ڳايو آهي.
اهڙين گهڻ بندين ۽ مثمن يا اڃان وڌيڪ مصراعن وارا
بند ڪن ٻين شاعرن جي ڪافين ۾ به آهن. ڪافين جا
مثال ته گهڻا آهن پر نموني طور چند پيش ڪريان ٿو:
ڪافي يڪي
پسي صورت جو سلطان، همھ حيران لڳي،
ديو ملائڪ حوران پريان، هر هڪ ٿيو حيران، پڙهڻ
سبحان لڳي،
خير محمد چئي خبر انهيءَ جي، بيحد ڪران بيان،
جنهنجي جند جان لڳي.
ڪافي ڏيڍي هڪ تُڪي
عشق جو ڏس اسرار- سڀ صورت ۾ يار سمايو،
- يار يگانو ڪاڻ ظهوري، سوين ڪري سينگار،
پاڻ پرين ڪثرت ۾ آيو،
- ڏس پرين جو پاڻ ڏنائين- عاشق ڪر اعتبار،
هر جا يار تماشو لايو.
- بيدل ڇڏ نه هٿئون تون هر گز، وحدت جو واپار،
سالڪ هي ٿي ڪم سجايو.
بيدل، سچل بيڪس ۽ سندن دؤر توڙي پوءِ جي
شاعرن واين سان گڏ ڪافيون به چيون، ڪافي گو شاعرن
جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. قادر الڪلام شاعرن سان گڏ
سوين سيکڙاٽ به شامل آهن. سچل، بيدل، بيڪس، خوش
خير محمد، اميد علي شاهه، مهدي شاهه، زمان شاهه،
عباس علي شاهه، حمل فقير، قطب شاهه، پير حسن بخش
شاهه، محمود فقير کٽياڻ، صادق فقير ۽ منٺار فقير
وڏا شاعر ٿيا. اُنهن جي ڪافين جي تقليد به ڪئي
وئي. ويهين صدي سنڌي ڪافيءَ جو درخشان دؤر آهي.
اڪثر ڪافين جي هيئت کي هر ڪو پروڙي نه
سگهندو. هيئت جي لحاظ کان هيٺيان ٻه مثال ٽه –
تُڪي ۽ چؤتاري ڪافيءَ جا آهن:
(1)
ٿل: تنهنجي جوت جمال، جيءَ کي جوڙي، جادو ڪيڙو،
1- لکين هزارين حورون پريون، چشمن چوري ڪيون
سڀ چريون،
ڪُٺيون حسن ڪمال، ناز نهوڙي، تن کي نيڙو،
2- نيئي ڌاڙي سان دام وجهي دل، هوت اچن هت
موٽي مشڪل،
منهنجي ڇاهي مجال، وره وڪوڙي، وسهج ويڙو.
3- لٽيو لاشڪ لات لساني، زود ذري ۾ بات زباني،
موهيو جنهن کي مقال، ڪيئن منهن موڙي، محڪم ٿيڙو.
4- عبدالله عاشق پرتئي پارس، وعد وفايون ڪر ڪي
وارث،
ٻُڌ سائل جا سوال، ڇڏج م ڇوڙي، پيوند
پيڙو.(20)
(2)
ٿل: جيڏيون ڪارڻ جن، مون فال ٿي پايا
اڱڻ آيا اڄ اُهيئي.
1- مليا پنيم مرادون من جون، طرحين کُليون
طاقيون تن جون،
تڏهن مانکي تن، ٿورا لايا، سانگ سجايا،
ٿيم سڀيئي.
2- مجلس محبوبن جي موچاري، هڪ هڪ گفتو سندن
هزاري،
ڪؤڙين ٿا وڙڪن، ڀال مون ڀانئن، ساه سهايا،
پنهنجا سڀيئي.
3- ڏک ڏولاوا ڏور ڪيا ڏاتر، لڏي قريبن قرب
منجها ڪر،
پاڻ اچي پرين، وه وڃايا، وصل وسايا، ملڪ
مڙيئي.
4- پاريو عبدالله چئي عهد عجيبن، شوقؤن
ڏيکاريم حسن حبيبن،
شمس
قمر سهڻن، گهور سان گهايا، نينهن نمايا، ٿيا ٻانها
ٻيئي(21).
هن مرصع انداز جون ڪافيون به اُنهن محققن
جو خيال بدلائي نه سگهيو آهن. جن علم عروض کي اُن
جي اصلي روپ ۾ ئي ساراهيو آهي. جي مضمون ايراني نه
آهي ته به هنن کي ڪافيون قبول نه آهن. ڊاڪٽر خليل،
بيت ۽ وائي وانگر ڪافي لاءِ به چوي ٿو: ”ڪافي به
ناموزون شعر جو قسم آهي.(22)“
ڪافين جي هيئت بابت چند ڳالهيون ڊاڪٽر
خليل جي اعتراض جو مختصر جواب آهن.
هيئت جي ٿوري جائزي کان پوءِ آءٌ ڪافين جي موضوعن
يعني محبت ۽ مجاز جا چند نمونا پيش ڪريان ٿو. هنن
۾ ڇند تي آڌاريل ڪجهه وايون ۽ عروض تي غزل جي
انداز ۾ به ڪي ڪافيون شامل آهن:
(1)
ننڊ نه ڪر تو نماڻي-
جاڳو جاڳو جيڏيون وڃي ويل وهاڻي.
- دنگي وچ درياءُ ۾، ٻيڙي آهي پراڻي،
- سمر کڻ تون سُتت ساري، اڳيان ان نه پاڻي،
- اديون عبداللطيف چئي، سيد ٿيندم ساڻي.
(شاهه)
(2)
هوت نه نينم ساڻ، آءٌ ماري آهيان جيڏيون.
- سجھو گهُرن نه سپرين، وڍيل چون نه اَڻ،
- پرچي پڇن ڪينڪي، رٺي ڪن نه رهاڻ،
- صادق سڏيندي سڏ نه ڏين، ڪاجا پاتئون ڪاڻ.
(صادق)
(3)
ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا، ڪڏهن موٽي ملندين راڻا؟
- ڪاڪ ڪوماڻي ويل وهاڻي، ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا،
- جنهن
ڏينهن کون تون جاني جدا ٿئين سختيون سُور ساماڻا،
- بيڪس نوڪر ڇا هي تنهنجو، تو در ولي وڪاڻا.
(بيڪس)
(4)
جنهن جي ساه ۾ ٿو ساڻيهه وسي،
سا ملير بنا ڪي ڪين پسي.
- ستون سال ٿيم سانگين کي ٿي سڪان،
وس هوند هجيم ٽِڪ ڪين ٽَڪِان،
لڇيون پيئي لڇان لڄ کي ٿي لڪان،
ووڙي واٽ وٺان ڏس هر ڪو ڏسي.
- تو هو مڪر ڪيو پتو ڪين پيم،
پرديسي ڏسي توکي پاڻي ڏنم،
مون ٿي اجر کٽيو پر ڏوه ڪيم،
مون جان ڦڻڪ ۾ شال نه کائي ڦسي.
- ويٺو ساڻيهه سک سرشار پنان،
- منهنجو ناه ئڻ ساڻيهه بنا،
- جو وسيلو ولهئين تنهنجو نانءُ ڳنان،
- جتي ڪو نه رسي محمد جھام رسي.
(5)
وسري ويا ٻئي جُڳ جڏهن دل جان سان دلبر
ڏٺم
مهتاب مک محبوب جو محراب جنهن منور ڏٺم.
- شيخ قاضي پاڪدامن اي مشائخ مولوي،
ڪر نصيحت کي ڦٽو هر جاءِ حق حاضر ڏٺم.
- دين ۽ ايمان تقويٰ زلف جي پيا پيچ ۾،
- دام ۾ داڻي مثل تڪرار ڪارو تِر ڏنم.
- عمر ساريءَ جي عبادت تر هڪي تاراج ڪئي،
ويو هڻي هندو کڻي ڪعبي اندر ڪافر ڏٺم.
- عاقل ۽ عالم اوليا، صنعان جهڙا سؤ هزار،
- قيد ڪامل جي ڪڙي ۾ ملڪ سڀ مضطر ڏٺم.
- حسن خود هٿ ۾ جنهين جي دام ڏاڍو دلفريب،
راه ۾ رهزن وڏوئي رهنما رهبر ڏٺم.
- چؤ
طرف چارئي ڏسيون چوڏهن طبق چارئي مڪان،
ڪو نه
ٻيو ٻُڌندڙ دليون تنهن مٽ نڪو مسخر ڏٺم.
- ڏس
همت حضرت حسين جي پَٽ اکيون اي آسمان،
دل ڪُٺل دشتِ بلا ۾ ساقيءَ ڪوثر ڏٺم.
- پڙ مٿي پوري ڪئي، منصور مصريءَ سڀ مراد،
سربسر صورت الاهي سونهن سندو سرور ڏٺم.
مصري شاهه جون ٻيون ڪافيون، ڪج زلف ڪمند
ڪڙيارا، نئي نماڻي جون دليون ناحق نگارا بي سبب،
سهسين رنگ سيلا سنها سرَ تي ستمگر ڪيم، ڪر، ڪافيءَ
جي ٺيڪي ۽ تال جي ڪري نهايت زور واريون آهن. بظاهر
غزل جي هيئت ۾ آهن.
(6)
رنگي رنگي ٿي آيو آهين.
سهڻا آدم منجهه سمايو آهين،
- ڳلي ڳليءَ ۾ تال تماشا،
عجب سئر مچايو آهين.
- حسن هزاري عشق بهاري،
نيڻ جو جهڙ لايو آهين.
- عشاقن جي دل تي دم دم،
دردن بار اُٺايو آهين.
- موهن مهڻيو پهري پوشاڪان،
پاڻ کي پاڻ پسايو آهين.
- تو سر شملو شاهنشاهي،
چيرو سر چڙهايو آهين.
- نيڻين يوسف يار سڃاڻي،
- فضل پنهنجو فرمايو آهين.
(نانڪ يوسف)
حوالا(موسيقي)
1-
قاضي ظهورالحق، رهنمائي موسيقي(اردو)، پاڪستان
ڪائونسل آف دي آرٽس، اسلام آباد،1975ع،ص 28.
2-
ايضاً – ص 26.
3-
ايضاً – ص 29.
4-
ايضاً - ص 29.
5-
ايضاً – ص 29.
6-
ايضاً – ص 28.
7-
ايضا – ص 28.
8-
مغل، پير بخش، راڳ ساگر، بانڪارام روڊ نوابشاهه،
1955ع، ص ص 13-14.
9-
ايضاً – ص 14.
10-
رهنمائي موسيقي، ص 47.
11-
ايضاً – ص 53.
12-
ايضاً – ص 160.
13-
راڳ ساگر، ص 32.
14-
ايضاً – ص ص14-15.
15-بلوچ،
نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر
تاريخ، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، 1978ع، ص 292.
16-
ايضاً – ص 294.
17-
ايضاً– ص 295.
18-
ايضاً – ص 303.
19-
ايضاً – ص 305.
20-
ايضاً – ص 309.
21-
ايضاً – ص 312.
22-
بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، مولود، سنڌي ادبي
بورڊ، 1961ع، ص 6(مقدمو).
23-
ايضاً – ص 16(مقدمو)
24-
ايضاً – ص ص 21-22 (مقدمو)
25-
بلوچ، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، ص 324.
26-
ايضاً – ص 197.
27-
ايضاً – ص 197.
28-
ايضاً – ص 199.
29-
ڪيسٽ: منظور علي خان : راڻي جي محفل.
حوالا(ڪافي)
1-
موسوي ۽ عباسي، سُرهاڻ، سنڌي پرنٽنگ پريس
حيدرآباد، 1958ع، ص 181.
2-
سنديلو، عبدالڪريم، تحقيق لغات سنڌي،(پنجون ڇاپو)،
سنڌي ادبي بورڊ، 1980ع، ص ص 271-272.
3-
وسڻائي، جهمٽمل نارومل، وئتپتي ڪوش، سنڌي ادبي
بورڊ، 1964ع، ص 63.
4-
Apte, Vaman. Shivram. Sanskit English
Dictionary, Motilal Banarsidass, Delhi, 1970, p.
499.
5-
پرمانند ميوارام، سنڌي – انگريزي ڊڪشنري 1910ع ص
615.
6-
طالب الموليٰ، مخدوم محمد زمان، ڪافي، بزم طالب
الموليٰ هالا، 1962ع، ص 52.
7-
ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم، بحواله خانبهادر ميمڻ، سنڌ
جي ادبي تاريخ(1)، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي،
حيدرآباد، 1937ع، ص 172.
8-
مٿي حوالو ڏنل نمبر 1، ص ص 181-182.
9-
اُستاد سلامت علي خان ٽي وي پروگرام ۾ چيو.
10-
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ماڻڪ موتي لال، ص 15.
11-
رسالو مهراڻ، اپريل 1946ع.
12-
سُرهاڻ، ص ص 186- 187.
13-
مغل، پير بخش، راڳ ساگر(نئون ڇاپو)، شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1997ع(عزيز شيخ جو
مقدمو) ص 9.
14-
قاضي، ظهورالحق، رهنماءِ موسيقي(اردو)، پاڪستان
نئشنل ڪائونسل آف دي آرٽس، اسلام آباد، 1975ع، ص
266.
15-
ايضاً – ص ص 267 – 268.
16-
ايضاً – ص ص 264- 265.
17-
ايضاً – ص 266.
18-
راشد، محمد مطيع الله، بُرهانپورڪي سنڌي اوليا،
سنڌي ادبي بورڊ، ص 240.
19-
الانا، غلام علي، مقالو: ”سومرن جي دؤر جي سنڌي
شاعري“، سماهي مهراڻ، جلد – 9، نمبر 1-2، 1960ع.
20-
بلوچ، نبي بخش خان(ڊاڪٽر)، قافيون(جلد-3)، سنڌي
ادبي بورڊ، 19ع، ص 28 مقدمو.
21-
ايضاً – ص 29.
22-
خليل، محمد ابراهيم، رهنماءِ شاعري، جلد-3، ص 138.
ضميمو
(مختلف اديبي تاريخن ۾ آيل شخصيتن جي هي فهرست هڪ
ڏسڻيءَ جي حيثيت رکي ٿي)
خانبهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ(ڀاڱو
پهريون)
- اوائلي سنڌي شعر، سنڌ جو جهونو ۽ نج سنڌي شعر،
قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم، ميان ابوالحسن، مخدوم
ضياءُ الدين، مخدوم محمد هاشم، مخدوم عبدالخالق،
مخدوم عبدالله، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي، مخدوم محمد ابراهيم، مولوي محمد
حسين، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، سيد
ثابت علي شاهه، آخوند عزيز الله، خليفو حاجي
عبدالله، ميان سرفراز، فقير محمد صديق(صادق)، فتح
فقير، سيد خير شاهه، متفرقه تصنيفات، سامي.
خانبهادر محمد صديق ميمڻ، تاريخ سنڌي ادب(ڀاڱو
ٻيو)
- ديوان ننديرام مير چنداڻي، آڌارام ۽ شوقيرام،
پرڀداس ۽ چوهڙمل، قاضي غلامعلي، غلام حسين قريشي،
سيد ميران محمد شاهه(اول)، ميان محمد، واڌو مل،
آلو مل، مرزا غلام رضا بيگ، آخوند عبدالرحيم وفا،
آخوند گل محمد هالاڻي، آخوند محمد قاسم هالائي،
سيد حيدر شاهه، سيد محمد فاضل شاهه، مير حسن علي
خان ٽالپور، مير عبدالحسين سانگي، سيد غلام شاهه
گدا، سيد غلام مرتضيٰ مرتضائي، مولوي غلام محمد،
قادر بخش بيدل، محمد محسن بيڪس، آخوند فقير محمد
عاجز، سيد مصري شاهه، پير اشرف شاهه، پير رشيد
الدين، پير رشدالله، صوفي آسورام، عبدالغفور مفتون
همايوني، مرزا قليچ بيگ، الله بخش اٻوجهو، حافظ
حامد، محمد عثمان نورنگ زادو، ديوان ڪوڙو مل
کلناڻي، آخوند لطف الله، شمس الدين بلبل، ديوان
ليلا رام خاڪي ۽ ڪيولرام سلامتراءِ.
لطف الله بدوي، تذڪره لطفي(ڀاڱو پهريون)
- شيخ حماد، اسحاق آهنگر، درويش راجھو، ماموئي
درويش، مخدوم احمد، قاضي قاضن، پير محمد لکوي،
مخدوم نوح، شاهه عبدالڪري، لطف الله قادري، عثمان
احساني، شاهه عنايت رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي،
فقير عنايت چوڍو، فقير صاحبڏنو، ميون عيسو، تمر
فقير، صالح فقير، شاهه عنايت صوفي شهيد، خواجه
محمد زمان لنواري، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم محمد
هاشم، ميان محمد سرفراز، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي،
محمد شريف راڻيپوري، محمد بقا راشدي، روحل فقير،
مخدوم محمد معين، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، مدن ڀڳت،
وطايو فقير، مخدوم عبدالخالق، سيد فقير محمد ۽
مخدوم ابوالحسن.
لطف الله بدوي، تذڪره لطفي(ڀاڱو ٻيو)
- سچل سرمست – سيد ثابت علي شاهه، خير شاهه، پير
علي گوهر اصغر، ملا اويس، صاحب ڏنو صاحب، محمد
عارف صنعت، فتح فقير، حمل لغاري، صديق فقير، مراد
فقير، شاهو فقير، غلام علي فقير، دريا خان، خليفو
ڪرم الله، پير اشرف شاهه، ڀائي چئنراءِ سامي، دلپت
رام صوفي، خليفو نبي بخس، حفيط، حاجي عبدالله ۽
جمن چارجڻ
لطف الله بدوي، تذڪره لطفي (ڀاڱو ٽيون)
- فقير نانڪ يوسف، قادر بخش بيدل، مهمد محسن
بيڪس، عثمان فقير، رمضان ڪنڀر، ڇتو فقير سانگي،
غلام محمد خانزئي، شاهه نصيرالدين، جيوت سنگهه،
ديوان ڀوجھراج، خواجه غلام فريد، غلام شاهه راشدي،
موهن فقير، اڪرم خان، نوابشاهه سڪايل، بچل شاهه،
فقير احمد علي، وريل فقير، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي،
نور محمد خسته، مرزا تقي، حافظ عالي، ميان ڇتن،
آخوند گل محمد، آخوند محمد قاسم، سيد فاضل شاهه،
الله بخش اٻوجهو، واليڏنو فقير، حافظ حامد، مصري
شاهه ۽ مير حسن علي خان.
محمد بخش واصف، تذڪرة الشعراء
- حافظ محمد احسن(دادو)، حافظ خير محمد (وحدي
(شڪارپور)، حافظ حامد(ٽکڙ) رشيد لاشاري، سليم
سرهندي (ٽنڊو سائينداد)، ضياءُ الدين بلبل(ميهڙ)،
محمد صادق طالب(ڪَڪَڙ)، مولوي غلام محمد (ميهڙ)،
عبدالقادر فدائي(ڪڪڙ)، فيض محمد فيض(رتوديرو)،
ممتاز علي فقير(شڪارپور)، محسن شاهه محسن
(پنوعاقل)، جان محمد (لارڪاڻو) ۽ شفيع محمد هاتف
جلباڻي (واره).
اسدالله شاهه اسد ٽکڙائي، تذڪره شعراءِ ٽکڙ
- نور محمد خسته، حافظ عالي، ميان ڇتن، محمد
صالح، سيد ميران محمد شاهه اول، حافظ حامد، حافظ
محمد يوسف، خواجه محمد حسن جان، محمد هاشم مخلص،
قاصي اسدالله شاهه فدا، قآصي محمد دائود، محمد
حافط شاهه، محمد ابراهيم، خواجه محمد حسين جان،
حافظ محمد هارون دلگير، سيد شاهنواز شاهه، حافظ
عبدالله بسمل، سيد محمد عالم شاهه، محمس اسماعيل،
سيد محمد عالم شاهه، محمد اسماعيل جان روشن، حاجي
عبدالستار جان پير، سيد ميران محمد شاهه مير، غلام
محمس شاهه ناظم، محمد خان غني، محمد ابراهيم جان
خليل، محمد سعيد شاهه سعيد، محمد حافظ شاهه حافط،
محمد آچر نظير، اسدالله شاهه اسد، شبير علي شاهه
هاتف، امداد علي شاهه، امداد حسيني ۽ غلام رسول
شاهه سوز.
محمد سومار شيخ، تاريخ الشعراءِ لاڙ
- خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، پير ڀاون علي
شاهه ساقي، قاضي عرس، ديوان ڍال ڇتو، سليمان
سوالي، سانوڻ فقير، لعل بخش جت، حاجي ڪرم، گل محمس
سومرو، غلام حسين ملنگ، حاجي پير بخش فاروقي
دلريش، حاجي پنجتني پيجارو، محمد صديق جمالي، گل
محمد عباسي، تاج محمد مشتاق، حاجي مراد چانڊيو،
ولي محمد مندرو، حيات جمالي، علي محمد علڻ، مولوي
احمد ملاح، شير محمد شيرل، حاجي عارف ميمڻ، غلام
احمد بيدم، محمد هاشم رنگريز، مير محمد ميرو، سيد
مٺو شاهه، خواجه نذير حسين حيدري، فتح علي حليم،
عبدالله ميمڻ، خواجه قلب علي ٽڪلو، الله بچايو
جوڻيجو، علي محمد رنگريز، عبداحڪيم منڌرو، خواجه
شمشير علي حيدري، آچار بيوس، خواجه فرمان علي، نور
احمد پرواز، غلام نبي عباسي، عبدالجبار
جوڻيجو(ڊاڪٽر)، عبدالرحمان ثاقب سرشاري، الله جڙيو
مسافر ۽ محمد هاشم پروانو.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ياد رفتگان،
باتصوير(پهرئين۽ ٻئي ڇاپي جون ڪل شخصيتون)
- حضرت ڀٽ ڌڻي، صوفي مراد فقير، صوفي روحل فقير،
نواب ولي محمد خان لغاري، نواب علي محمد خان
لغاري، هز هائنيس مير نصير خان جعفري، هز هائنيس
مير شهداد خانحيدري، نواب احمد خان لغاري، مير
سهراب خان مسڪين، مير حسين علي خان حسين، نواب
الهداد خان صوفي، پير ميان غلام نبي پنيلڌو، پير
سيد حزب الله شاهه مسڪين، مير مراد علي خان مجروح،
(واولي خيرپور ميرس)، مولوي الله بخش اٻوجهو،
آخوند لطف الله “لطف“، مرزا قاسم علي بيگ قاسم، هز
هائنيس مير حسن علي خان ”حسن“، سيد قطب علي
شاهه”قطب“ ، مرزا حسين قلي بيگ، حاجي پريل خان،
سيد صاحب ڏنو شاهه، فقير نواب ولي محمد خان لغاري،
مرزا حسين علي بيگ، مرزا مراد علي بيگ ٻڍل، قاضي
محمد بخش عاجز، مولانا عبدالغفور مفتون همايوني،
شمس الدين بلبل، مير علي نواز شاهه علوي، مرزا
دوست محمد بيگ دوست، سيد شمس الدين شاهه شمس، محمد
واصل درس واصل، مرزا غلام حيدر بيگ قمبر، سيد علي
اڪبر شاهه ثاني درازي، هز هائنيس مير عبدالحسين
خان سانگي، نواب گدا علي خان لغاري، زمان شاهه
ساقي، راءِ بهادر سيٺ وشنداس، مرزا قليچ بيگ قليچ،
ڊاڪٽر مرزا مدد علي بيگ مدد، پير حزب الله شاهه
عرف جيئل شاهه راشدي، آخوند عبدالقادر بيدل، مرزا
قربان علي بيگ قربان، ميان غلام سرور فقير قادري،
روشن علي شاهه روشن، پير ميان غلام حسين شيدا
صديقي قريشي، پير علي بخش شاهه علڻ ڀٽائي، مرزا
غلام رسول بيگ مقبل، محمد هاشم مخلص، منٺار فقير
راجھڙ، پير ميان غلام سرور ”سرور“ صديقي قريشي، هز
هائينس مير علي نواز خان ناز، پير سيد علي اصغر
شاهه راشدي، قاضي عبدالغفور خاڪسار، خانبهادر حاجي
امام بخش خان جتوئي صابر، پير ميان غلام رسول عرف
احمد علي، فقير هدايت علي نجفي، ٻڍل فقير، مرزا
نادر بيگ نادر، ميان علي محمد قادري، سيد رکيل
شاهه، محمد فقير کٽياڻ، استادو سينڌو خان سيد فتح
الدين شاهه مسڪين، ڀڳت ٽيڻو رام مهاراج، لعل چند
مجروح، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، نواب حاجي غلام
حيدر خان لغاري، پير سيد صبغت الله شاهه ثاني(پير
پاڳارو شهيد) پير سيد صالح شاهه جيلاني صالح،
مخدوم غلام محمد مغموم، ڪشنچند بيوس، نواب جان
محمد لغاري جان علي، نواب خداداد ثاني، حافط
عبدالله بسمل، فقير الله بخش بهشتي، پريل پينار،
صوفي فقير روشن الدين روشن، غلام احمد نظامي، فقير
حاجي پير بخس فاروقي، فقير سيد انور علي شاهه،
خانصاحب غلام علي جعفري، محمد بخش واصف، سردار گل
محمد خان زيب، جمع خان غريب، مخدوم محمد صالح ڀٽي،
مرزا امام علي بيگ علي، پير ميان غلام محي الدين
ميرل صديقي قريشي، محمد حيات شاهه حافظ، مرزا
همايون بيگ فائق، خليفو مهمد امين درس، سردار
محمد بخش ڪوجهي، اخر هالائي، نواز علي نياز، سيد
پيرل شاهه پيرل، حاجي محمود خادم، احمد خان ابڙو
شيدا، صوفي نصير محمد فقير، جلالاڻي، محمد فقير
گهوٽو، حافظ محمد اسلم مهيسر، مرزا علي بخش بيگ
ڪوثر، محمد صديق مسافر، غلام عباس جوش، مرزا احسن
ڪربلائي، الهڏنو فقير، سيد ميران محمد شاهه مهجور،
قاضي احمد ابڙو حاجن، فقير وحدت علي نُقرچ، پير
عبدالستار جان پير، رئيس ضياءُ الدين ضيا، سيد
جهنگل شاهه مست، صوفي راضي فقير درازي، لطف الله
لطف بدوي، مولوي حاجي احمد ملاح، نواب عرض محمد
خان لغاري، مهدي سائين، ڊاڪٽر قاضي علي احمد علي،
حيدر بخس جتوئي حيدر، رشيد احمد لاشاري، مرزا علي
نواز بيگ خسروي، سرشار عقيلي، فقير سرت علي
ڪورائي، غمدل فقير، فقير آندل سائين، علي محمد
خالدي، مرزا قنبر علي بيگ حيدري، عبدالفتاح عبد
عاقلي، سيد علي شاهه، سيد جڙيل شاهه صوفي، راز
بلڙائي، سيد حافظ شاهه ناطق، سليمان شاهه سالم،
انجم هالائي، پير زين العابدين شاهه زينل، مولانا
غلام محمد گرامي، مولانا ثناءُ الله ثنائي،
عبدالله اثر، سيد ثابت علي شاهه ثابت، مولوي
عبدالرحمان ضيائي، فقير در محمد هيسباڻي، آغا
عبدالنبي عليگ، عبدالڪريم گدائي، عارف الموليٰ،
حاجي شاهه محمد نوحاڻي، امير قريشي، مهمد خان غني،
جان محمد اضعف هالائي، دادن فقير، حاجي الله
بچايو وفا، صوفي علي محمد فقير ٽالپور، علي ڏنو
شاهه، مرزا علي محمد بيگ مظفر، عبدالله خواب
حيدرآبادي، اسدالله شاهه بيخود حسيني، قاضي علي
اڪبر درازي، سردار علي شاهه ذاڪر، پيرل پياسي، سيد
ولايت شاهه جيلاني، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، فقير
حاجي يار محمد مري، نور محمد ابڙو نور هالائي،
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، قادن فقير سومرو
قادن، فقير ولي بخش راڄڙ، عبدالرزاق شيخ راز، جي
الانا، چيزل شاهه، مرزا اجمل بيگ اجمل، محمد حسين
عاصم ڀٽو، غلام هالائي، مصري فقير مخمور سروري،
ڪمتر نقوي، پير علي محمد اظهر ريلائي، ڊاڪٽر سعيد
هالائي، سيد حيدر شاهه، حافظ محمد احسن چنه، سيد
ذوالفقار راشدي، محمد سومار شيخ، محمد اسماعيل فدا
عرساڻي، جهنڊل فقير ڪورائي، امام علي فقير، صوفي
فقير ارشاد علي جلالاڻي، مومن مليرائي، رشيد ڀٽي،
مولانا محمد عظيم شيدا، سيد گل حسن شاهه مجذوب،
بردو سنڌي، فقير بهاول خان لغاري، نارائڻ شيام ،
حاجي فتح خان لغاري، محمد يوقب جليس هالائي،
مولانا محمد اسماعيل ذبيح، احمد خان آصف مهراڻي،
فقير علي گوهر، بدر قريشي، مرزا اسد بيگ اسد، منور
هالائي، فقير نور محمد نورل مري، ارشد هالائي، زيب
عاقلي، معصوم هالائي، عرفان مهدي، سڄڻ علي سڄڻ
قبولائي، عبدالڪريم پلي، قاضي غلام محمد قريشي،
راڄ محمد جمال پلي، فقير حسين بخش خادم سروري، فيض
بخشاپوري، سليم هالائي ۽ فتح محمد شهوڪ.
غلام علي الانا، سنڌي نثر جي تاريخ
- ديوان ننديرام سيوهاڻي - اُڌارام ٿانور داس
مير چنداڻي، سيد ميران محمد شاهه(اول)، لطف الله
آخوند، امام بخش خادم، شمس الدين بلبل، ڏيارام
گدومل، مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوارام، حڪيم فتح
محمد، ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، دين
محمد وفائي، غلام محمد شهواڻي، احمد غلام علي
چاڳلا، ڀيرو مل مهر چند، مخدوم محمد صالح، لالچند
امر ڏنو مل، علي خان ابڙو، ڊاڪٽر عمر محمد
دائودپوٽو، محمد بخش واصف، خانبهادر محمد صديق
ميمڻ، ميلا را م منگت رام واسواڻي، نارائڻ داس
ميوارام ڀمڀاڻي، محمد صديق مسافر ۽ عثمان علي
انصاري،
(هنن تاريخن کان سواءِ ڪن ٻين ڪتابن ۾
سنڌي اديبن ۽ شاعرن جو احوال آهي. ٻه ڪتاب”سنڌي
ادبي جي مختصر تاريخ“ ۽ سنڌي ادب جو مطالعو“ به
مختصر طور مواد فراهم ڪن ٿا. ٻين ڪتابن جو ذڪر
عنوان ماخذ هيٺ ابتدا ۾ ڪيو ويو آهي. اُهي ڏسڻ
کپن.
محمد سومار شيخ جون لکيل ادبي تاريخون
اڃان اَڻ ڇپيل حالت ۾ آهن. هُن اُنهن جي فهرست مون
کي ڏني هئي، جنهن ۾ مها ڀارت کان وٺي ويهين صدي
تائين جو ادبي احوال آهي ۽ 427 اديبن ۽ شاعرن جو
زڪر آهي. اُنهن ۾ هڪ بيت وارا شاعر به شامل ڪيل
آهن. ڪي بيشڪ مڃيل شاعر آهن. اهڙا ٻيا به ڪتاب
آهن، جن ۾ معيار جو ڪو به خيال نه رکيو ويو آهي ۽
نالا ڳڻايا ويا آهن. ادبي تاريخ ۾ مڃيل شخصيتن جو
ذڪر ڪبو آهي. منهنجي هيءَ ڪاوش انهيءَ خيال جي
مدنظر ڪيل آهي. رهنمائيءَ لاءِ هتي ڪي ادبي تاريخن
جون فهرستون به شامل ڪيون اٿم).
چونڊ ڪتابيات
1-
بدوي، لطف الله.تذڪره لطفي(جلد-1)، آر .
ايڇ . احمد برادرس حيدرآباد، 54-1955ع.
2-
بلوچ، نبي بخش خان، سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم
ذخيرو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
حيدرآباد، 1993ع.
3-
بلوچ، نبي بخش خان، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ،
پاڪستان اسٽڊي سينٽر، جھامشورو، 1999ع.
4-
بلوچ، نبي بخش خان، ٻيلاين جا ٻول، زيب
ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1970ع.
5-
بلوچ، نبي بخش خان، ڳاهن سان ڳالهيون، سنڌي
ادبي بورڊ، 1964ع.
6-
بلوچ، نبي بخش خان، شاهه جو رسالو،
سربستو(جلد-8-9)، علام قاضي تحقيقي رٿا ۽ اشاعت
حيدرآباد، 1999ع.
7-
بلوچ، نبي بخش خان، قاضي قادن جو ڪلام،
سنڌالاجي، 1999ع.
8-
بلوچ، نبي بخش خان، مداحون ۽ مناجاتون،
سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.
9-
بلوچ، نبي بخش خان، مشهور عشقيه داستان،
سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع.
10-
بلوچ، نبي بخس خان، مولود، سنڌي ادبي بورڊ،
1961ع.
11-
بلوچ، نبي بخش خان، مئين شاهه عنات جو ڪلام،
سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع.
12-
بلوچ، نبي بخش خان، شاهه لطف الله،سنڌيالاجي،
1968ع.
13-
تنوير عباسي(ڊاڪٽر)، شاهه لطيف جي شاعري،
شاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي، 1976ع
14-
ٺڪر، هيرو جھيٺالال، قاضي قادن جو ڪلام،
پوجھا پبليڪيشن دهلي، 1978ع.
15-
ڊمپل، مخدوم جميل الزمان، تذڪره مخدومان هالا،
طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا، 2001ع.
16-
ڇُڳاڻي، رامچند جهمون، مهاتمي پراڻناٿ جي سنڌي
واڻي، بئراڳ ڳڙهه ڀوپال، 1991ع.
17-
خواجه محمد سعيد، صقال الضمائر، جماعت
لنواري ڪراچي 2003ع.
18-
دائودپوٽو، عمر بند محمد، شاهه ڪريم بلڙيءَ
واري جو ڪلام، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1977ع.
19-
راشدي، پير حُسام الدين، مير معصوم بکري،
سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع.
20-
راڻيپوري، مولوي محمد صادق، سچل سرمست جو
سرائيڪي ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.
21-
سراج الحق، سنڌي ٻولي، حيدرآباد، 1964ع.
22-
سومرو، عبدالغفار، بيان العارفين، اوقاف
کاتو حڪومت سنڌ ۽ علامه قاضي رٿا، 2002ع.
23-
سيد عبدالقادر، حديقة الاوليا، سنڌي ادبي
بورڊ، 1967ع.
24-
سنديلو، عبدالڪريم(ڊاڪٽر)، تحقيق لغات سنڌي،
لاڙڪاڻو، 1955ع.
25-
شوق، باغ علي، راجسٿاني زبان و ادب،
راجسٿان ادب سڀا گندرآباد، ڪراچي، 1992ع.
26-
شيخ، مهمد سومار، ڪڇين جا قول، سنڌي ادبي
بورڊ، 1977ع.
27-
قادن شاهه، تمر فقير جو ڪلام، سنڌالاجي،
1970ع.
28-
قانع، ميرعلي شير، تحفة الڪرام (سنڌي)،
سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.
29-
قانع، مير علي شير، مقالات الشعراء، سنڌي
ادبي بورڊ، 1957ع.
30-
قليچ بيگ، تحريرون ۽ تقريروون، سنڌي ادبي
بورڊ، 1970ع.
31-
قليچ بيگ، رساله ڪريمي، قيصريه، پريس
حيدرآباد، 1904ع.
32-
مخدوم نوح هالائي، قرآن الحڪيم، سنڌي ادبي
بورڊ، 1401هه.
33-
ممتاز مرزا، مئين عيسي جا سنڌي بيت، ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز، 1993ع.
34-
مولائي، رحيمداد شيدائي، تاريخ تمدن سنڌ،
سنڌ يونيورسٽي، 1959ع.
35-
مهر، غلام رسول، تاريخ سنڌ عهد ڪلهوڙا، جلد
ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع.
36-
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، سنڌ جي ادبي تاريخ،
ڪاٺياواڙ اسٽور، لاڙڪاڻو، 1993ع.
37-
ميمڻ، محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ، (جلد
اول)، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد 1937ع.
38-
مير محمد معصوم، تاريخ معصومي، سنڌي ادبي
بورڊ.
وفائي، مولانا دين محمد، تذڪره مشاهير سنڌ،
سنڌي ادبي بورڊ، 1986ع. |