ھڪ جز: سنڌ جي تاريخ جو ھي واقعو آھي ته محمد بن
تغلق سنڌ تي ڪاھه ڪئي ۽ سنڌ ۾ ١٣٥١ع ۾ گذاري ويو.
ان کان پوءِ ١٣٦٥ع ۾ فيروز شاھه تغلق ٺٽي تي ڪاھه
ڪئي، رسد جي کوٽ سبب ۽ گھوڙن ۾ وبا پکڙجڻ ڪري
گجرات ھليو ويو. سنڌ ۾ انهيءَ دؤر ۾ ھڪ جنگي نعرو
يا رجز مقبول ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ، سراج عفيف (مصنف
تاريخ فيروز شاھي) جي حوالي سان لکي ٿو ته ھي رجز
ٺٽي ۾ پھاڪي طور مشھور ٿيو:
بـابـرڪـت شــيـخ پـٺـو
ھـڪ مـئو ھـڪ ٽـٺو(٩)
مطلب آھي پير پٺي جي برڪت سان ھڪ مئو ته ٻيو ٽھي
ڀڳو. ٻنهي جو تغق حلو آورن ڏي اشارو آھي.
شيخ حماد جمالي: سنڌي شاعريءَ جي ابتدائي بيتن ۾
شيخ حماد جو نالو خاص جاءِ والاري ٿو. سنڌ ۾ سما
دؤر جي تاريخ جو ھڪ خاص وقعو اچي ٿو. ان موجب ڄام
جوڻي سازش ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڄام تماچيءَ کي
دھليءَ ۾ نظربند ڪيو ويو. خلق جو دلي لاڙو ڄام
تماچيءَ ڏانهن ھو. ان سلسلي ۾ ھو ڄام تماچيءَ جي
موٽي اچڻ ۽ حڪمران ٿيڻ لاءِ پير پڇائيندا رھيا. ھن
سلسلي ۾ شيخ حماد جماليءَ جي دعا جو حوالو اچي ٿو.
ھي ھڪ بيت جي صورت ۾ آھي: جو پھرين سيد عبدالقادر
جي فارسي ڪتاب (١٠١٦ھه) ۾ حاشيي تي لکيل مليو. شيخ
حماد ولد رشيد الدين جمالي اچ جي درويش شيخ جمال
جو ڏوھوٽو ھو.
ھونئن ڄام تماچي ۽ سندس پٽ، شيخ حماد سان ملڻ
ايندا ھئا، ھاڻي ھنن جي ڊگھي غير حاضريءَ سبب بزرگ
بيقرار ٿيو ۽ پوري حقيقت معلوم ڪري ھي بيت چيائين:
جوڻو مت اوڻو، آءُ تماچي آءُ
سٻاجھي ٻاجھه پئي، تو سين ٺٽو راءُ.
ھن دعائيه
بيت جو اثر ھو جو ڄام تماچي اچي تخت جو وارث ٿيو.
شيخ حماد اندازا ١٣٦٢ع ۾ گذاري ويو ۽ ٺٽي ويجھو
سندس خانقاھه آھي(١٠).
درويش نوح ھوٿياڻي: ھن ساڳئي واقعي جي باري ۾
درويش نوح ھوٿياڻيءَ جو به نالو اچي ٿو. ھي درويش
اٺين صديءَ ھجريءَ جي آخري ۾ ٿي گذريو آھي ھو کيبر
يا کيبراڻيءَ (نزد ھالا) جو ھو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
حديقة الاوليا مان ھي واقعو آندو آھي. ”جڏھن ڄام
تماچي ۽ ڄام صلاح الدين سنڌ پھتا ۽ کيبرن جي ڳوٺ
وٽان اچي لنگھيا ته اتي جي درويش نوح کيبر کي
ڏٺائون، جنهن ڍڳن جي گوھر (ڌڻ) پئي چاري، ان موقعي
تي ڪو شخص سندس گوھر ڏانهن وڌيو، جنهن تي بزرگ چيس
ته : ڄام تماچيءَ جي حڪم سان منهنجي مال سان دست
اندازي نه ڪر؛ اھو ٻڌي نهايت عجب ۾ پيا ۽ اڳتي وڌي
اچي درويش کان پڇيائون؛ ملڪ جو والي اڃا ڄام جوڻو
آھي ۽ ڄام تماچي دارالخلافت دھليءَ ۾ نظربند آھي،
پوءِ ڪيئن ٿو چوين ڄام تماچيءَ جو حڪم آھي! درويش
چيو؛ مون کي ڄام تماچيءَ جي خبر ڪانهي. ٻن ٽن
ڏينهن کان وڻ ٽڻ پکي پکڻ کان اھا ئي صدا ٻڌي رھيو
آھيان ته ڄام تماچيءَ جو حڪم آھي. اھا بشارت ٻڌي
کين نهايت خوشي ٿي ۽ درويش سان پنهنجو سڄو احوال
ڪيائون ۽ مقصد حاصل ٿيڻ خاطر پاڻ تي نذرانو مقرر
ڪيائون(١١) . روايت آھي ته درويش نوح ھي بيت
پڙھيو. (حقيقت ۾ ھي ٻھ تڪون آھن):
جوڻو وڃي جھوري ماريو
ڄام تماچي شھرين چاڙھيو.
ڄام تماچي حاڪم ٿيو. ھي تـُڪون ان در جي يادگار
طور آھن. ايئن پير مراد شيرازيءَ جو دعائيھ جملو
”الله او ڀاتي ڏيئي وڏي ڄمار“ موجود آھي.
شيخ عبدالجليل چوھڙ: ھي بزرگ قطب عالم شيخ چوھڙ جي
نالي سان مشھور آھي. ھن جو تعلق نائين صدي ھجريءَ
سان آھي. قديم شھر موءِ مبارڪ ضلعي رحيم يار خان
جو ھو. ڊاڪٽر بلوچ ھن جي باري ۾ لکي ٿو: ”شيخ
عبدالجليل سلطان بهلول لوڌيءَ (١٤٥١- ١٤٨٩ع) جو
ناٺي ھو. حسب نسب جي لحاظ سان ھو موءِ مبارڪ جي
مشھور ولي شيخ حميدالدين حاڪم جي پنجين پـُشت مان
ھو. حضرت حاڪم جي غوث بهاؤالدين ذڪريا ملتاني جي
نياڻيءَ سان شادي ٿي ھئي. جنهن جي ڪري حضرت حاڪم
جي خاندان ۽ اولاد جو غوث بهاؤ الدين ذريڪا جي
خاندان ۽ اولاد سان عزازت توڙي طريقت جو گھاٽو
رشتو ھو. انهيءَ ڪري ئي غوث بهاؤالدين جي سنڌي
مريدن ۽ معتقدن جو حضرت حاڪم جي اولاد سان پڻ تعلق
وڌيو(١٢).“
شيخ چوھڙ وٽ سماع جون محفلون ٿينديون ھيون، جن ۾
سنڌ جا ذڪر سنڌي ڪلام به ڳائيندا ھئا. شيخ چوھڙ
جي”سوانح ۽ ملفوظات تذڪره قطبيھ“ ۾ موجود آھن.
سماع جون محفلون دھليءَ تائين قائم ۽ مقبول ٿيون.
شاھه رڪن عالم جي محفل ۾ حسن قوال ۽ حضرت نظام
الدين اولياءَ دھلويءَ وٽ حسين قوال جي گھڻي شھرت
ھئي. سماع جا ھي سلسلا گھڻو مقبول ٿيا. ان قوالن
کي ذاڪر به چوندا ھئا. ھنن سنڌي ڪلام به ڳايو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته سنڌي انهن محفلن جي ھڪ
مکيھ زبان ھئي. شيخ چوھڙ سنڌي به ڄاڻندو ھو. روايت
آھي ته ڪن عزيزن شيخ چوھڙ کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي
۽ غلطيءَ سان ھڪ ڏوم (مڱڻھار) کي ماري وڌائون. پاڻ
ان تي ھڪ بيت چيائون جنهن جي سٽ ھيءَ آھي:
لڳي لڄ قريشان ، ماري ڏوم فقير(١٣)
ٻيا به ڪي بيت شيخ چوھڙ يا ڪن ٻين جا چيل آھن، جي ھي آھن.
محمد گھٽ گھٽ، رھيو روم تن مانهه
ھو تان ھنيو نانهه، ھن ري ھي نانه
-
جو ھڙي سو ني، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾
خبر ڪو نه ڏي، رڇ ڪڄاڙي رنڊيو.
-
چـُران ته چڪن چاڪ، وھان ته وه سنجري
ماءُ منهنجي ڏيل سين، سورن ڪي اوطاق
-
جيئن تون جانان پاڪ، آسابند اڙين جو.
مون کي لوچ فراق اسان ھون نه ڌار ٿئي
سڪون پريان ساک، رب ڏکائي ڪڏھن.
ھي بيت اندازا ١٥٠٤ يا ١٥٠٥ع جا آھن(١٤).
سيد حيدر سنائي: جيڪي بيت شاعرن چيا آھن. جيڪي سمن جي آخري دؤر
يا انهن جي حڪومت جي خاتمي (١٥٢١ع) کان پوءِ گذاري
ويا، تن ۾ سيد حيدر به ھڪ ھو. ھو سمن جي سيد
خاندان مان ھو ۽ مخدوم بلاول جو شاگرد ھو. اندازا
١٥٣٠ع ۾ گذاري ويو. پنهنجي ڀاءُ سيد جراڙ جي شھيد
ٿيڻ تي ھي بيت چيائي-ع
گئون گتو ڪير کڻي، کڻ پايو پن پاڻ
تون ٻيلي سڀ ڪنهن، تو ٻيلر رحمان
مخدوم احمد ڀٽي: مخدوم احمد ولد مخدوم اسحاق ھالن جو ھڪ درويش
ھو. کيس سماع جو بيحد گھڻو شوق ھو. روايت آھي ته
پنهنجي زندگيءَ جي آخري ايامن ۾ ھو نيرون ڪوٽ
(حيدرآباد) آيو ۽ سماع جي محفل ۾ ذاڪر کان ھڪ بيت
ٻڌڻ شرط سندس دم پرواز ڪري ويو. ھي بيت ۽ احوال
حديقة الاوليا ۽ تحفة الڪرام ۾ آيو آھي. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي تحقيق موجب اھو بيت مخدوم عبدالعليم
پنهنجي ڪتاب ڪشف الاسرار ۾ ڏنو. بيت ھي آھي-ع
سڏ سڃاڻي پرين جو وانگي جي نه ورن
ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن
عام روايتن ۾ لفظ سڃاڻي بدران سڻي آيل آھي. ڪتاب ۾ آھي
ته پوءِ ذاڪر ھي بيت چيو-ع
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،
مرڻان منهن ۾ موڙ، وٽي ٿي وڌلھي(١٥).
شاھ جي رسالي ۾ سريمن ڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ ھي بيت وچ ۾ يل
ھن سٽ، ”ڪاٽي ڪرٽ ڪپار ۾ خنجر آڻي کوڙ“ سان موجود
آھي. جيڪا لڳي ٿو ته پوءِ ڪنهن بيت ۾ آندي آھي ۽
رسالي ۾ داخل ٿي ويو آھي. مخدوم احمد جي ويجھي دؤر
جا يا ان کان آڳاٽا بيت آھن. مخدوم صاحب اندازا
١٥٣٠ع ۾ دم ڌنيءَ حوالي ڪيو. ھن موقعي جي ڪري ھي
ٻئي بيت مخدوم احمد جي مذڪوره محفل سماع سبان
وابسته آھن. پھرئين بيت ۾ لفظ ڪڄاڙو لاڙ جو آھي.
اسحاق آھنگر (لوھار)
”حديقة الاوليا“ جي مصنف سيد عبدالقادر جي ملاقات گنجي
ٽڪر (حيدرآباد) تي شيخ ڀرئي ويرداس سان ٿي. ھن جي
واتان ھي بيت ٻڌي ڪتاب ۾ آندو ھو کيس ٻڌايو ته ھي
بيت اسحاق جو آھي جو حيدرآباد جو ھو. بيت ھي آھي-ع
ٿيان مان جھرڪ، وھان پرينءَ جي ڇڄ
مان ڪرن ڊرڪ، ٻولي ٻاجھاري مون سين
ھن بيت ۾ عاشقاڻو مضمون آھي. ھن ۾ زبان جو ڪو ابهام به
نه آھي. مجاز جو رنگ جيڪو اڳتي ھلي حقيقت جو روپ
ڌاري ٿو. سو واضح آھي.
سمن سلطانن جي حڪومت تائين يا ڪي پوءِ به زنده
رھندڙ شاعر ھن باب ۾ بيان ٿيا آھن. ھنن جو ڪلام جو
مٿي ذڪر ھيٺ رھيو . سو ڳاھن ۽ بيتن تي مشتمل آھي.
انهن ۾ جيڪو مضمون آھي. سو سردارن جي صفت ساراھ
ڪٿي سٺ ۽ گلا تي به مشتمل آھي. جيئن سومرن جي دؤر
۾ صفت ساراھ سان گڏ ڪن واقعن سان لاڳاپيل بيت به
مليا، جن تي تحقيق جي نظر ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڌي
جنهنجا حوالا ڏنا ويا آھن. ھڪڙا ٻھ شاعر ٻيا به ھن
سلسلي ۾ اچن ٿا، جن جو زمانو متعين نه ٿي سھيو
آھي، پر اندازو آھي ته سمن جي اواخر يا پوءِ جا
آھن.
ھان فقير: ھي ماڙي تعلقي لکي ضلعي شڪارپور جو ھو.
ھن شاعر جو تحريري طور شعر پھريائين ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجي تاليف تذرڪه شعراءِ سکر
۾، ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڏنو. سندس لکڻ موجب ھي
تمام قديم شاعر آھي. ”شاھه ڪريم ۽ شاھه لطيف کان
گھڻو آڳاٽو آھي ڪيترو آڳاٽو آھي اھو چئي نٿو
سگھجي. ٻوليءَ جي لحاظ کان ايترو قديم نٿو لڳي جو
کيس سومرن جي صاحبيءَ کان اڳ جو شاعر ليکجي. وڌ ۾
وڌ ١٤-١٥ صدي عيسوي جو ھوندو. ميمڻ صاحب لکيو آھي
ته جيھا قوم جا ماڻھو ھن جو فصل ڀيلائي ويندا
ھئا، ان ڪري ھڪ بيت (دوھي) ۾ بددعا ڪيائين-ع
جي جيھا آھن جوءِ ۾، ته ھر دن ھهڙا حال،
يا جھيا وڃن جوءِ مان، يا مرين مال.
ڀرپور شاھه: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکڻ
موجب ھي شاعر ڳوٺ ماڙي تعلقي لکي ضلعي شڪارپور جو
ھو ۽ تمام قديم زماني جو ھو. ھن ماڙيءَ جي حاڪم
ٽنڊڻ مل ۽ سندس حوارين کي بددعا ڏيندي ھي بيت
چيو-ع
چندو چورن ماريو اٽل ماريواڃ.
ويا جئنداڻي جـُوءِ مان، ٽنڊو ٿيڙو سـُڃ.
ڊاڪٽر ميمڻ، ھان فقير جي بيت وانگر ھن بيت کي
مضمون ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ھڪ جھڙو ڄاڻي ٿو ۽ چوي
ٿو تههي قديم بيت آھي. ھي ٻئي بيت واقعاتي آھن ۽
منهنجي خيال موجب ١٤-١٥ صدي عيسوي کان اڳ جا نه
ھوندا.
ٻولي چٽي ۽ پوئين دؤر جي آھي. شاھه ڪريم کان اڳ جا
ھجن ته تسليم ڪيو. بهرحال ھي باب انهيءَ ڪلام تي
مشتمل آھي، جو سنڌي شاعريءَ جو پس منظر ظاھر ڪري
ٿو.
حوالا:
١. بلوچ. ڳاھن سان ڳالھيون، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٦٤ع ص ١١٦ ب.
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي. سنڌي ادب جي تاريخ،
ڪاٺياواڙ اسٽور، ١٩٩٣ع ص ١٥بلوچ. ڳاھن سان
ڳالھيون، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٦٤ع ص ١١٦ ب. ميمڻ،
عبدالمجيد سنڌي. سنڌي ادب جي تاريخ، ڪاٺياواڙ
اسٽور، ١٩٩٣ع ص ١٥
٢. سنديلو. عبدالڪريم تحقيق لغات سنڌي، لاڙڪاڻو، ١٩٥٥ع ص ٥٧
٣. بلوچ. مسھور عشقيھ داستان، جلد ٢٩
٤. بلوچ. سنڌي ادب جي تاريخ – ص ١٧٩
٥. ايضا – ص ص ١٦٦-١٦٧-١٦٨
٦. بدري. لطف الله . تذڪره لطفي (جلد اول)، آر – ايڇ – احمد
برادس حيدرآباد سنڌ. ڇاپو ٻيو، ٥٤-١٩٥٥ع، ص ص
٥٣-٥٤
٧. ايضا- ص ص ٥٤-٥٥
٨. بلوچ. حوالي نمبر ٤ مطابق ص ص ١٨١-١٨٨
٩. ايضا – ص ١٨٩
١٠. ايضا – ص ١٩١-١٩٢-١٩٣
١١. ايضا – ص ١٩٣
١٢. ايضا – ص ص ٢٠٥-٢٠٦
١٣. ايضا – ص ٢٠٨-٢٠٩
١٤. ايضا- ٢١٠-٢١١ ۽ ٢١٢
١٥. ايضا – ص ص ٢١٣-٢١٤-٢١٥
باب ٽيون
گذريل ٻن بابن ۾ سنڌي شاعريءَ جي آغاز ۽ ارتقا جو
جائزو پيش ڪيو ويو آھي. ھن باب کان اھم شاعرن ۽
اديبن بابت انهن جي سوانح ۽ ادبي خدمتن جو تذڪرو
ڪيو ويندو.
قاضي قادن (١٤٦٣-١٥٥١ع)
قاضي قادن اھو پھريون شاعر آھي، جنهن جو ڪلام تحريري
طور پھرين شاھه ڪريم جي ڪلام سان گڏ مليو ۽ پوءِ
١٩٧٨ع ۾ ڀارت مان ھٿ آيو. قاضي قادن جو ذڪر پھرين
مير محمد معصوم (٧ رمضان ٩٤٤ھه-٦ ذي الحج ١٠١٤ھه/
٧ فيبروري ١٥٢٨ع – ٤ اپريل ١٦٠٦ع ) پنهنجي ڪتاب
تاريخ سنڌ المعروف به تاريخ معصومي ۾ ڪيو(١). مير
معصوم جو زمانو قاضي قادن کي ويجھو آھي. قاضي قادن
جي وفات واري سال (١٥٥١ع) مير معصوم اندازا ٢٤
سالن جو ھو. ھـُن تاريخ معصوميءَ جي لکجڻ جو سال
ڪٿي نه لکيو آھي، پر ھڪ ھنڌ (ص ١٢٤ فارسي)، مرزا
شاھه بيگ ھٿان بکر جي قلعي جي مرمت جو بيان ڪندي
لکي ٿو ته ھن وقت تائين – يعني ١٠٠٩ھه ۾ اھو قلعو
موجود آھي (٢) . ھن ۾آڻ طآحڙاھي ته وفاتکان ٤-٥
سال اڳ تاريخ معصومي لکيائين. قاضي قادن جي باري ۾
مير معصوم لکي ٿو ته: ”قاضي قاضن (قادن) بن قاضي
ابو سعيد بن زين الدين بکري، سندس وڏا ٺٽي ۽
سيوستان جي شھرن ۾ رھندا ھئا. سندن ڏاڏو ابوالخير
جو فضيلت جو صاحب ھو، سو وڃي بکر ۾ رھيو (٣). سنڌ
جي ٻين تاريخن ۽ ادبي تاريخن ۾ به قاضي قادن جو
احوال آيو آھي، پر قاضي قادن جي سوانح ۽ ڪلام تي
حقيقي تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آھي. قاضي
قادن جي نالي بابت به ڊاڪٽر صاحب تحقيق ڪئي.
قاضي قادن جو خاندان ھڪ علم وارو خاندان ھو. قاضي قادن
بکر ۾ ڄائو ۽ سندس ابتدائي تعليم به بکر ۾ ٿي. ھو
قرآن مجيد، حديث، تفسير، فقھ، تصوف ۽ ٻين علمن جي
زيورن سان سينگار جي اعليٰ مرتبي تي پھتو. ڊاڪٽر
بلوچ، قاضي قادن جي اعليٰ تعليم بابت لکي ٿو:
اعليٰ تعليم سنڌ ۾ گھڻو ڪري سيوھڻ ۽ ٺٽي ۾ ۽ سنڌ
کان ٻاھر گجرات جي شھر نهر والي(پٽن) يا احمد آباد
۾ حاصل ڪئي ھوندائين. ان وقت سنڌ ۽ گجرات جي وچ ۾
سياسي ۽ ثقافتي ناتا ھئا ۽ ٻنهي ملڪن جي تعليمي
درسگاھن ۽ عالمن ۾ ويجھڙائي ھئي. جيڪا پوءِ به
گھڻي وقت تائين ھلندي آئي(٤). تحصيل علم کان پوءِ
قاضي قادن زندگيءَ جي حقيقي معاملن ۾ پنهنجو نالو
پيدا ڪيو. ھو سنڌ جي سما حاڪم ڄام نظام الدين جي
دؤر ۾، ان کان پوءِ ڄام فيروز توڙي ارغون حاڪم
شاھه بيگ ۽ شاھه حسن جي دؤر ۾ قاضي ۽ اعتماد وارو
ماڻھو رھيو. علم جي ڪري ھـُن جو درجو ۽ اثر نظر
اچي ٿو. سما حڪومت جي خاتمي تي افراتفريءَ ۾ سندس
ڪٽنب به تڪليف ھيٺ آيو ته فھم و فراست سان انهن کي
آزاد ڪرايائين ۽ شاھه بيگ مرزا کي ڦرلٽ ۽ زيادتي
بند ڪرڻ لاءِ آماده ڪيائين. |