سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:5 

قاضي قادن عالم فاضل ۽ صوفي ھو. ھو سيد ميران محمد مھديءَ جو مريد ٿيو. مھديءَ جو سنڌ ۾ اچڻ مھدوي تحريڪ لاءِ فائدي وارو ثابت ٿيو. ڪيترا ھن دائري ۾ داخل ٿيا(٥).

        قاضي قادن جي سوانح جا ڪي پھلو اڃا به روشن ٿي نه سگھيا آھن. انهن ۾ ھڪ سندس شعر جي دستيابيءَ جو آھي. پھرين پھرين شاھه ڪريم (١٥٣٨-١٦٢٣ع، قاضي قادن جا ست بيت مريدن ۽ معتقدن جي اڳيان پڙھيا، ھي بيت شاھه ڪريم جي رسالي ۾ قاضي قادن جي نالي سان محفوظ رھيا. اھي ست بيت ھي آھن:

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو ھوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري

-

سيئي سيل ٿيام، پڙھيا م جي پاڻ لئھ

اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام

-

ڪنز قدوري قافيھ، ڪو ڪو نه پڙھيوم

سو پار ئي ٻيو، جئان پرين لڌوم.

-

 لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين

سوئي پڙھيو سو پڙھان، سوئي سو حرف

-

سڄڻ منجھه ھئام، مون ويٺي واءُ ٿيا،

ھيڏان ھوڏانهن ھٿڙا، ھـُئين جاڙ وڌام

-

سائر ڏيئي لت، اونچي نيچي ٻوڙيئي

ھيڪائي ھيڪ ٿيو، ويئي سڀ جـِھت.

-

’لا‘ لاھيندي ڪن کي، لا مورھين نانهه

بلا ري پريان، ڪٿ نه ڏسي ڪو ٻيو.

        پھرين بيت ۾ ھڪ واقعي ڏي ادبي تاريخن ۾ اشارو ڪيو ويو آھي ته ڪو ماڻھو قاضي قادن جي مسجد ۾ پير محراب ڏانهن ڪري ستل ھو. اطلاع ملڻ تي قاضي قادن درو کڻي آيو ۽ پيرن وٽ درو ھڻڻ لاءِ الاريائين ته ات مٿو نظر آيو. اھڙي طرح ٻھ ڀيرا ايئن ڪيائين پر ڪامياب نه ٿيو. ان تي ان شخص کيس چيو ته پير جيڏانهن کپئي اوڏانهن ڪري پر دل حقيقي محبوب ڏي ڪر. اھو ٻڌي قاضي صاحب درو کڻي اڇليو ۽ اھو بيت چيائين. خانبهادر ميمڻ ادبي تاريخ ۾ جوڳي لفظ ڪم آڻڻ کي مسلمانن جي بي تعصبيءَ جو مظھرو ڄڻو آھي، پر اھا ڪا وڏي ڳالھه نه آھي.

        ھنن ستن بيتن مان قاضي قادن جي ڪلام کي پارکن صوفيانه ڪلام ۾ ابتدائي ڪلام ڪري ڄاتو آھي، جنهن ۾ حقيقي محبوب جي جلوي پسڻ لاءِ پاڻ وسارڻ جي تلقين ڪيل آھي ۽اھو به ڏسيو ويو آھي ته صرف و نحو ۽ ڪوڙئين ڪتابن مان محبوب ھٿ ڪو نه ايندو. اوھو ڪو ٻيو رستو آھي جيڪو اختيار ڪرڻ سان الله سان واصل ٿبو.

        ڪيترو وقت انهن ئي ستن بيتن کي قاضي قادن جو ڪلام پئي ڄاتو ويو ۽ ھڪ طرح کيس پھريون صوفي شاعر ڄاتو ويو ۽ ٻي طرف اڪثر سندس سياسي ڪردار تي قوم پرست حلقن اعتراض به پئي ڪيا. تان جو ١٩٧٨ع ۾ دھليءَ مان ھيري ٺڪر جو ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام“ شايع ٿيو. ھن ۾ ١١٢ بيت قاضي قادن جا درج ڪيا ويا آھن. ھن ڪتاب تي جلد ئي پاڪستان ۾ تبصرا ڪيا ويا، جن ۾ ٽي اھم تفصيلي تبصرا ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر سنديلي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا ھئا، جيڪي سماھي مھراڻ جي شماره نمبر ٤/١٩٧٨، ١/١٩٧٩، ٢/١٩٧٩ ۽ ٤/ ١٩٧٩ ۾ شايع ٿيا ھنن اسڪالرن بيتن ۽ پڙھڻين توڙي معنائن تي پنهنجا رايا پيس ڪيا ڊاڪٽر بلوچ پوءِ به ھن ڪلام جو مطالعو جاري رکيو ۽ تحقيق جا لوازما ادا ڪندي ١٩٩٩ع ۾ قاضي قادن جو رسالو شايع ڪيو. ھن ۾ نه رڳو ھيري ٺڪر جي ھريانه صوبي جي راڻيلا مـَٺ (مندر) وارو مليل ڪلام اڳيان رکيائين پر وڌيڪ تحقيق ڪندي ٻيا به دستخط نسخا ۽ ذريعا استعمال ڪيائين، ائين ھيري واري ڪتاب ۾ جئرامداس دولترام جي مھاڳ ۾ لکيل ھڪ اشاري/ خواھش جي تڪميل ٿي. جئرامداس لکيو ته : ”ھيري ٺڪر جي ھن املھه پستڪ بعد پاڪستاني سنڌي عالمن کي کوج ڪري قاضي قادن جي حياتيءَ جو تفصيل سان عمدو ڪتاب تيار ڪرڻ گھرجي.“ ڊاڪٽر سنديلي به اھڙي خواھش ظاھر ڪئي اھا مھراڻ ٣-٤/ ١٩٧٩ ۾ آھي ۽ سچ ثابت ٿي.

        ڊاڪٽر بلوچ ڪل ڏھن ماخذن جي آڌار تي قاضي قادن جا ١٣٥ بيت نروار ڪيا آھن. راڻيلا مٺ جي گرنٿ ”سنتون ڪي واڻيءَ“ سميت ٻيا ٤ ٻاھر ۽ ٦ سنڌ جا ماخذ آھن. ھيري ٺڪر موجب ھن بنيادي گرنٿ ۾ دادو ديال ۽ گرو نانڪ سميت ڪل ٦٩ شاعر درويش جو ڪلام آھي. قاضي قادن جي اڳوڻن ستن بيتن کان پوءِ سندس ھي ذخيرو ملڻ سان ھاڻي ان ۾ ڪا به شڪ نه آھي ته ھو ھڪ اھم شاعر آھي، جنهن پنهنجي خيال کي مڪمل ذميواريءَ سان ظاھر ڪيو آھي. ھن ڪلام ۾ ھڪ فڪر سمايل آھي. ڪي وقتي واقعي يا ڀٽن جي بيان وانگر بيت نه آھن. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پھرين مليل ستن بيتن جي آڌار تي به کيس ھڪ عالم ۽ صوفي شاعر ڪري مڃيو ويو آھي. ھن ھيٺ ھاڻي آءٌ سندس ڪلام جي ٻن مرتبن ھيري ٺڪر ۽ ڊاڪٽر بلوچ جا قاضي قادن جي ڪلام بابت معيار ۽ معنويت تي رايا پيش ڪريان ٿو.

ھيرو ٺڪر لکي ٿو ته ”قاضي قادن ان وقت جي قصيده گوئي ۽ قصھ خوانيءَ واري درٻاري شاعري ۽ مذھبي پرچارڪن جي پرچاري شاعريءَ کي ادبي معيار عطا ڪيو. ھن سنڌي شاعريءَ کي چارڻن ۽ ڀٽن جي قصيدن ۾ سمايل مبالغي جي ڌٻڻ مان ڪڍي، ان کي فڪر ۽ فلسفي جي پڪي پختي زمين تي آندو ۽ ان کي اھو آڌار ڏنو، جنهن تي اڳتي ھلي اساسي (ڪلاسيڪي) سنڌي شاعريءَ جي عمارت کڙي ٿي(٦).

        ”قاضي قادن قرآن جو حافظ ۽ پنهنجي وقت جو يگانو عالم ھو. ان وقت جي سرڪاري ٻولي عربي ھئي ۽ فارسيءَ جو به بول بالا ھو. ظاھر آھي ته عربي ۽ فارسيءَ تي سندس وڏو عبور رھيو ھوندو. ايتري ھوندي به، ۽ ان وقت جي سرڪاري ڍانچي ۾ ھڪ وڏي رسوخ واري حيثيت رکندي به ھن اظھار جي ماڌيم لاءِ پنهنجي ڏيھي زبان سنڌيءَ کي ئي چونڊيو. اھي حقيقتون قاضي قادن کي سنڌي شاعريءَ جي باني ۽ ڀٽڪندڙ سنڌي شاعريءَ کي نئين ڏسا ڏيکاريندڙ جو درجو ڏيارين ٿيون. سندس سوچ، محاوري، محاڪات ۽ عبارت کان، کائنس پوءِ وارا ڪيترائي شاعر متاثر ٿيا،جن ۾ شاھه ڪريم ۽ شاھه عبداللطيف جھڙا عظيم شاعر به اچي وڃن ٿا(٧)“.

        ڊاڪٽر بلوچ قاضي قادن جي ڪلام جي معيار ۽ معنونيت بابت لکي ٿو ته : ”پرک جو پھريون معيار قاضي قادن جي ٻولي آھي، جيڪا ١٦ صدي عيسوي ۾ بکر جي علائقي واري سنڌ جي اتر ۽ سري واري سنڌي ٻولي ھئي. جنهن سان آڳاٽي دؤر کان سرائيڪي ٻولي جي آميزش ٿي. دادو ديال جي روايت وارن ماغذن ۾ شامل سنڌي توڙي سرائيڪي ۾ چيل بيتن تي راجسٿاني لھجن ۽ محاورن وارو رنگ چڙھيل آھي. قاضي قادن سنڌ ۽ ھند جو وڏو صوفي عارف ۽ شاعر آھي. جنهن جي عرفاني ۽ اعليٰ اخلاقي شاعريءَ جو اثر سنڌ جي صوفي درويش توڙي سنڌ کان ٻاھر ھندستان جي سنتن ساڌن تي پيو. موجوده ڄاڻ موجب قاضي قادن سنڌ جي صوفيانه فڪر جو اڳواڻ آھي(٨).“

        قاضي قادن جي ڪلام جو فني لحاظ کان جائزو وٺجي ته سندس ڪلام ۾ دوھا ڇند ۽ ٻيا ڇند جھڙوڪ سورٺا،  تڻويري دوھو ۽ بڙو دوھو شامل آھن. سنڌ، راجسٿان ۽ گجرات ۾ اھي ماترڪ ڇنڊ جون شڪليون موجود ھيون. قاضي قادن، ھالو، ڀرڪڻ، محمود ۽ دادو ديال توڙي ٻين جو ڪلام انهي موجب آھي. معنوي لحاظ کان قاضي قادن جو ڪلام پنهنجي دؤر جي صوفيانه ۽ نصحانه ڪلام جو نه رڳو نمونو پر نمائندو ڪلام آھي. مشھور بيت ’جوڳيءَ جاڳايوس- الخ‘ ۾ خود سجاڳيءَ جو سڏ آھي. خود ستائيءَ ۽ خود ثنائيءَ جي شڪست آھي. عملي تبحر ۽ پنهنجي خيال کان آجو ٿيڻ توڙي ھٺ ھارڻ جو ھڪ چٽو مثال آھي. ڪلام به سپڪ ۽ سلوڻو آھي. لفظن جي چونڊ به اھو واضح ڪري ٿي ته ھي ئي پھريون وڏو شاعر آھي. ائين قاضي قادن کان سنڌي ادب جي حقيقي تاريخ ڇو نه شروع ڪجي.

        مٿس مھدوي تحريڪ جو نمايان اثر نظر اچي ٿو. ظاھري علم کي سڀ ڪجھه نٿو ڄاڻي. ڪتابي علم بيشڪ ضروري آھي، پر او ڪو ٻيو فھم آھي اھو ڪو پار ئي ٻيو آھي، جتان محبوب جو جلوو پيو پسجي. ڪنز قدوري ڪافيھ مان سڀ ڪجھه حاصل نه ٿيندو. تصوف ۾ ھمھ اوست جي فڪر کي ھيئن ظاھر ڪري ٿو ته سائر ھڻي ھيٺاھيون مٿاھيون ٻوڙي ڇڏيون آھن. سڀ ڪجھه ھم آواز آھي. محبوب کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه پيو پسجي. ڌڻيءَ جي وحدت ۽ ان جي مڃتا قاضي قادن ھيئن ڪري ٿو – ع

اسين ٻانهان تون ڌني، پاڻو پاڻ ھي ڄاڻ

مـَنڊي تـُر ميزاڻ، ليکو ڪندين ڪن سين.

-

ڏنئين پاڻ واکاڻ کي، ڄڀ تنهنجي وات

بندا خالق نه گھرين، ڪرين پرائي تات

محبوب جو جلوو ھر ھنڌ آھي. ھيءَ ڪائنات ھڪ محلات مثل آھي، ھر طرف کان ھر ڳڙکيءَ مان ان جو ئي جلوو پسجي پيو-ع

 

ايڪ قصر در لک، ڪوڙيين سھسين کڙڪيان

جئان ئي ڪرين پرک، تان ئي سڄنن سامھان

-

سوئي ھيڏانهن سوئي ھوڏانهن، سوئي سو وسي

تهين سندي سوجھري، سوئي سو پسي

        ظاھر علم جو ڪھڙو انت پار آھي، ان مان ڇا حاصل آھي. فقط ايمان سان سڀ ڪجھه حاصل ٿئي ٿو. اندر نه اجاريو ته پنا ڪيترا پڙھبا! پيو پڙھبو ۽ قلوب ۾ ڪڙھبو نه ته ڇا حاصل ٿيندو-ع

زيران زبران آيتان، اکران انت نه پار

ھڪڙي ئي ايمان ۾، لھين سڀني سار

-

ڪنز قد وري ڪافيھ، جي پڙھين پروڙين سڀ

ڪر منڊي ماڪوڙي کوھ ۾، پيئي ڪڇي اڀ

        ھڪڙي عام مقبول بيت بابت ڏاڍي دلچسپ صورت حال سامھون ايندي آھي. اھو ھي آھي. – ع

ملان مريئي ماءُ، پتو ڦسئي پيٽ ۾

اکئين ڏسي الله، ٿو ٽٻي ھڻين ڌوڙ ۾!!

اڪثر ائين به چيو ويندو آھي ته بيت شاھه جو آھي، پر ملان جي ماءُ ڪھڙو ڏوھ ڪيو!! حقيقت ھاڻي سامھون آئي ته بيت قاضي قادن جو آھي ۽ ھيئن آھي:

پتو ڦٿو پيٽ ۾، وڍي ملا ماه

ڌائين ڏني ڌوڙ ۾، الله اوري آه

ڊاڪٽر بلوچ معنيٰ ڪندي ملا جي معنيٰ وٽان ورتي آھي. راڻي ملا رات، نئون نياپو آئيو(شاھ) . معني ھيءَ ٿي ته مرض اندر ۾آھي. پر ھو (ويڄ) وري ٻاھران ماس پيو وڍي(٩) . شاھه جي رسالي ۾ قاضي قادن جا بيت ھاڻي ظاھر ٿيڻ کان پوءِ نروار ڪيا ويا آھن. نه ته انهن کي به شاھ جو ڪلام ڄاتو ويندو ھو.

محبوب وٽ قبول پوڻ لاءِ شاعر چوي ٿو ته پاڻ کي سوئيري (سرمي) کان سنهڙو نه ڪندين ته محبوب جي اڳيان ڪيئن قبول پوندين. ڪيئن نظر نواز ٿيندين- ع

سوئيريان سنهڙو، جن تن ڪيوءِ نه تيئن

توکي اکڙين ۾، پرين پائيندا ڪيئن.

        سرڪارايل جو مضمون، ھنجھن ۽ ٻگھن جي ڀيٽ ھيئن ڪري ٿو:

اڇا ٻگھه م پس، مر ميرا ھنجھڙا

رتا جي خالق سين، تني لڳي م ڪس

        جيئن ڦڦڙ مان ھوا اندر کڻي رت صاف ڪن ٿا، تئين روزا ۽ نمازون تن من لاءِ آھن. چوي ٿو- ع

جئن ڦڦڙ ماه ۾، ايئن روزا عيد نماز

اڃان آھي ڪا ٻي، الله سندي حاج.

قاضي قادن الله تعاليٰ کي سڃاڻڻ، مجاز ۽ حقيقت، توڙي ناصحانه انداز اختيار ڪيو آھي. سندس ڪلام مان چند ٻيا بيت انهيءَ ڳالھه کي سمجھڻ لاءِ ھت آڻجن ٿا. ھنن بيتن مان شاعر جو اسلوب ۽ زبان جي پرک ٿئي ٿي–ع

پھرين پاڻ پرک، پھرين پرکڻ سؤکڙا

در ڀي سو ئي رک، جتان ڏکائون لھين

-

پاڻي وانگر رنگ ۾، پاڻو واڻ رتاس

رڱيندڙ آ پاڻ ڌڻي، سڀي رنگ سداس.

-

سور جنهو کي ھوءِ، ڌانها تنها اڀرن

ڪاٿي ڪو ڏٺوءِ، ڏانها ڪندو سور بن.

-

ڪايا منهه ڏيئي، پيٺا جي درياو ۾

پسندا سيئي، ماڻڪ اکڙين سين.

-

پڙھندو پئي ويو، ڪوڙين لک قرآن

لکي لوڪ نه سگھيو، پاڻي اندر پاڻ.

-

ڪڏھين ٻيري ٻور، ڪڏھين ڦل نه ھڪڙو

ڪڏھين پريان جا پور، ڪڏھين سڪان سڏ کي.

ان ڳالھه ۾ ڪو شڪ نه آھي ته قاضي قادن زندگيءَ جي فلسفي کي سمجھيو ۽ ان بابت پنهنجا خيال ظاھر ڪيائين. سندس ڪلام سنڌ، گجرات ۽ راجسٿان جي سنتن ۽ درويشن جي صحبت سبب سنڌ کان ٻاھر ھليو ويو. ڏکڻ اولھه ھند کان اتر ھند جي ھريانه صوبي ۾ وڃي رسيو. ھن ڪلام ملڻ کان پوءِ اھو ممڪن ٿي سگھيو آھي ته سندس ڪلام جو زبان ۽ بيان جي مدنظر وڌيڪ مطالعو ڪجي. ھيري ٺڪر کان پوءِ ڪلام جي پڙھڻين کي ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ پروڙڻ ۽ درست رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ ڪلام جا ڏھه ماخذ اڳيان رکي نه رڳو انهن جي پڙھڻين کي ظاھر ڪيو. بلڪل درست به ڪيو. قاضي قادن جي وفات جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته آخر عمر ۾ مديني شريف ۾ وڃي رھڻ مان گمان ٿئي ٿو ته قاضي صاحب پوءِ اتي ئي رھي پيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن اتي ئي گذاريان. ھو پنهنجي دؤر ۾ ايڏي وڏي شان شھرت واري شخصيت جو مالڪ جو جو جيڪڏھن بکر سيوھڻ درٻيلي يا ٺٽي ۾ سندس وفات ٿئي ھا ته ھوند سندس مزار زيارتگاھه طور اڄ تائين موجود ھجي ھا(١٠).

مخدوم نوح سرور ھالائي(٩١١-ھه/ ١٥٠٦-١٥٩٠ع)

سنڌ ۾ حضرت غوث الحق مخدوم الله المعروف به مخدوم نوح بيحيٿيت درويش ۽ وڏي گاديءَ جا سجاده نشين طور مشھور آھن. پاڻ مخدوم نعمت الله جا وڏا فرنزد آھن. سندن ولادت ٢١ رمضان ٩١١ھه/ ٢١ فيبروري ١٥٠٦ع تي ڳوٺ ٽوڙي ھالاڪنڊيءَ ۾ ٿي. ھي ڳوٺ پراڻن ھالن کان اندازا ٽن ميلن جي مفاصلي تي آھي (١١). مخدوم نوح جو شجره نسب حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو. ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مخدوم نوح جي زندگيءَ ۽ ڪرامت جو احوال آيو آھي. حديقة الاوليا ۾ عبدالقادر حديقھ ١٠١٦ھه ۾ يعني اندازا ١٨ سال پوءِ لکيو. حديقة الاوليا ۾ سلسلھ نسب به ذڪر ھيٺ آيو آھي. (١٢). ان تان ۽ ڪن ٻين ذريعن سان مير علي شير فانح ٺٽوي تحفة الڪرام ۾ مخدوم نوح جو احوال ورتو آھي. سجرن ۾ ڪٿي ڪا ڀل چڪ ھئي ته مخدوم صاحب جي ڪيل قرآن شريف جي فارسي ترجمي جي مقدمي ۾ واضح طور لکيو آھي ته ھي بزرگ، محمد بن ابوبڪر صديق جي اولاد مان ھو (١٣).

مخدوم نوح، عربي ڌياني وٽ پڙھيو. اڪثر عالمن جو اھو خيال ھو ته مخدوم نوح گھٽ پڙھيل ھو پر قرآن شريف جون سمجھاڻيون ٻڌي حيران ٿي ويندا ھئا. اھڙو ھڪ واقعو سندن ٺٽي ۾ اچڻ سان تعلق رکي ٿو. انهن عالمن مان ھڪڙي چيو ته انهيءَ وقت مخدوم نوح ھڪڙي يت جو تفسير ڪرڻ ۾ مصروف ھو ۽ مون کي تسبيح ھٿ ۾ ھئي، ھر معنيٰ تي داڻو ڦيرائيندو ٿي ويس. جڏھن مخدوم صاحب خاموش ٿيو ته ڳڻيم ڪل اسي داڻا ٿيا(١٤).

مخدوم نوح جي علم فضل ۽ ڪرامت جون ڪيئي ڳالھيون مشھور آھن، سندن ڪيل قرآن شريف جو فارسي زبان۾ ترجمو ھڪ شاھڪار آھي. اھڙي ھستيءَ کي ٿورو پڙھيل ڪير چوندو! ھن جو ڪاتب سندن مريد بهاءُ الدين گودڙيو ھو، جو ٺٽي جي ميمڻ خاندان جو فرد ھو. قاسمي صاحب لکي ٿو ته؛ ھو مخدوم صاحب جي اولاد جو اتاليق به ھو. شاھه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو جيڪو مخدوم نوح جو مريد ھو. سو بهاءُ الدين جو ايترو ادب احترام ڪندو ھو جو ان جون جتيون سڌيون ڪري رکندو ھو(١٥).

مخدوم نوح جا ملفوظات به موجود آھن. سندس ڪي شعر به ڪتابن ۾ آيا آھن، جيڪي ھي آھن –ع

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانئيو ماڻھئا

روئي چري رات، ڏسي ڏکوئين کي.

-

نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽ

ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻيا

        مٿي جن ملفوظات جو اشارو ڪيو ويو آھي، انهن جي باري ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي چيو آھي ته اھي مخدوم غلام حيدر صديقي صاحب وٽ ھئا ۽ انهن جو سنڌي ترجمو ڇپائڻ جو خيال ھون(١٦(. ھيڏانهن ھن عظيم خانوادي تي نظر ڪجي ٿي ته حضڙت مخدوم نوح کان پوءِ ھن خنوادي ۾ اھل علم درويش ۽ شاعر ٿيندا آيا آھن،  جن جو تذڪرو به ٿيندو آيو آھي. ھاڻي مخدوم جميل زمان صاحب ’تذڪره مخدومان ھالا“ ۾ تمام گھڻي محنت ۽ محبت سانڪيو آھي، شاھه جي رسالي ۾ لاکو لطف الله جي نالي سان (سـُر سھڻي داستان چوٿون، بيت پنجون) ۽ لاکو نالي سان (سربسنت بهادر، داستان پھريون، بيت ڇھون ۽ ستون) موجود آھن. ھن بزرگ جي باري ۾ پروفيسر محبوب علي چنه لکي ٿو:

”مطالعي مان ته ائين معلوم ٿيندو ھو ته ھي لطف الله بزرگ ذات جو لاکو آھي، مگر ھن جو عجيب انڪشاف اسان کي تازي مڪليءَ ۽ ٺٽي جي سفر ۾ قبلھ طالب الموليٰ سائين کان معلوم ٿيو ته ھي بزرگ سندس خاندان جو آھي. ھن جي وڌيڪ تحقيق ھن طرح آھي ته لاکو لطف الله مخدوم نوح جو پوٽو آھي ۽ مخدوم امين محمد صاحب جو پنجون نمبر فرزند (١٧).

        پروفيسر چنه وڌيڪ اھو لکي ٿو ته ھڪ ته مٿس مخدوم نوح جو نالو لطف الله رکيو ويو ھو ۽ سروري فقرا کيس لاکيڻو ۽لاکو سڏيندا ھئا ان ڪري لاکو مشھور ٿيو (١٨) . ڏانهس منسوب بيت ھي آھن-ع

کڙڪن کجاياس، ٻيلي پاس ٻـُرن جي

ڇڻڪن جي ڇيڄ ڪيا، تن واري وه وڌياس

لاکو لطف الله چڻي، اڇي آب گھڙياس

سرتيون ڪنهن سڀاڳ کي، سڪڻ آءٌ سکياس

وسان ٿي ويياس، مليس جي ميھار کي

(سھڻي٤-٥)

انگوريون ۽ ڪيتڪيون، ڦوليون ڦڳڻ مانهن

ري لالڻ لاکو چئي، سي آءٌ ڪريان ڪانهن؟

جي سڄڻ ھـُئي مون پانهن، ته ڦل پسيو ڦولي ھنئون.

-

انگوريونءِ ڪيتڪيون، ڦوليون ڦڳڻ ھيل

ري لالڻ لاکو چڌئي، سي آءٌ ڀانيان سيل

جي سڄڻ ھـُئي ٻيل، نه ڦـُل پسيو ڦولي ھنيون.

(سـُر بسنت بهار، ١-٦ ۽ ٧)

        ھن خانوادي ۾ڪيترا ٻيا به بلند پايھ شاعر ٿيا، جن ۾ سائين طالب المويٰ ويھين صديءَ عيسوي جي آخري پنجاھه سالن ۾ شاعريءَ جي دنيا ۾ نالو ڪڍيو.

        مخدوم نوح جي ٿورن بيتن ۾ ڪتاب ڇپر ۾ ڇڙيون(طالب الموليٰ) ۾ مٿي ذڪر ڪيل بيتن سان گڏھيٺيان بيت به درج ٿيل آھن-ع

اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن

آھي اکڙين، عجب پر پسڻ جي

-

ابوبڪر آءُ، سامي سفر ھليا

متان تي پـُئان، سڪين سناسين کي

-

متان ڏسي موھجين، دنيا وارو ڌڄ

جدا ڪجئين جودؤن، ڇائي کي ٿي ڇڄ

نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجھي رڄ

مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃي ٿو وسيلا

-

سمون به ساٿين گڏ، تون به لوچڄ لڄ کي

ھلندي سمي سامھون، تون پڻ ڪرت ڪج

ته تو پڻ ٿئي ڏڍ، سمي به سوڀ ٿئي

        مخدوم نوح ٢٧ ذوالقعد ٩٩٨ھه بمطابق ٢٦ سيپٽمبر ١٥٩٠ع وفات ڪئي. ڪتاب ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۾ شاھه جي رسالي جي سـُربسنت بهار وارا باقي بيت به لاکي لطف الله جا ڄاڻايل آھن (١٩).

        بهرحال علم فضل، تصوف ۽ شاعريءَ جي لحاظ کان سروري خاندان سنڌ جي ھڪ اھم خاندان آھي. ھن خاندان جي اھم شاعرن جو تذڪرو اڳتي وارنبابن ۾ ايندو.

حوالا

١. راشدي، پير حسام الدين. مير محمد معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ ١٩٧٩ع. ص ص ٩١-٩٢، ٢٨٣-٢٨٤

٢. مير محمد معصوم. تاريخ معصومي، سنڌ ادبي بورڊ، ١٩٥٣ع . ص ٢٥

- تاريخ معصومي جا فارسيءَ مان انگريزي ۾ ڪئپٽ ماليٽ (١٨٥٥ع) . اردوءَ ۾ آغا سلطان مرزا ١٩٠٦ع ۾ پھرين ترجمو ڪريو. سنڌيءَ ۾ پھرين ننديرام ١٨٦١ع ۾ ترجمو ڪيو ۽ ٻيو بورڊ وارو مٿي ذڪر ڪيل ١٩٥٣ع ۾ ڇپيو.

- مير معصوم مفردات نامي، ديوان، مثنون ۽ رباعيون به لکيو.

٣. ايضا – ص ٢٣٨

٤. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر). قاضي قادن جو رسالو. سنڌالاجي ١٩٩٩ع. ص ١٨

٥. ايضا – ص ٢٣

٦. ٺڪر ھيرو ڄيٺالال، قاضي قادن جو ڪلام، پوڄا پبليڪيشنز دھلي ١٩٧٨ع، ص -٧١

٨. بلو. بمبوجب حوالو نمبر ٤ ، ص ص ٥٦-٥٩

٩. ايضا ص ٨٦ ھن توڙي ڪن ٻين بيتن بابت شڪ به آھي تهمتان قاضي قادن جا نه ھجن.

١٠. ايضا – ص ٣١

١١. جميل الزمان مخدوم. تذڪره مخدومان ھالا، طالب الموليٰ اڪيڊمي ھالا، ٢٠٠١ع، ص ص ٥١-٥٢

- ھي مواد ھن ڪتاب ۽ ٻين ھيٺين ڪتابن جي سـَنـَد سان ورتو ويو آھي.

        ١- القرآن الحڪيم – مخدوم نوح(مقدمو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي)

٢- حديقه الاوليا. سيد عبدالقادر ٺٽوي

        ٣- تحفة الڪرام (سنڌي)

        ٤- تذڪره لطفي- (بدوي)

١٢. سيد عبدالقادر ٺٽوي، حديقة الاوليا، مرتب پير حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٦٧ع، ص ص ٣١ کان ٣٧

١٣. مخدوم نوح. قرآن الحڪيم، (فارسي ترجمو) مدير مولانا غلام مصطفيٰ قاسيم، سنڌي ادبي بورڊ ١٤٠١ھه، ١٩٠٠ع، ص ١٩ ۽ پڻ ڏسو: تاريخ باب الاسلام سنڌ، از ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ١٩٩٦ع ص ٧١

١٤. تذڪره مخدومان ھالا – ص ٥٤

١٥. قرآن الحڪيم ، مقدمو ص ١٥

١٦. ڏسو تذڪره لطفي- ج ١، ص ٨٦.

١٧. چنه، محبوب علي، نذر لطيف، مقالو: ”شاھه صاحب جي رسالي ۾ سندس ھمعصرن ڏي اشارا“، محڪمھ اطلاعات مغربي پاڪستان، ص ٩٢

١٨. ايضا – ص ٩٣

١٩. طالب الموليٰ، مخدوم محمد زمان، ڇپر ۾ ڇڙيون، بزم طالب الموليٰ حيدرآباد، ١٩٧١ع، مقدمو.

باب چوٿون

پير محمد لکوي: (وفات اندازا ١٦٠٠ع): ھن شاعر جو احوال پھرين پھرين پروفيسر لطف الله بدويءَ پنهنجي تاليف تذڪره لطفي جلد اول ۾ ڏنو. پوءِ جي سڀني محققن ۽ ادبي تاريخ نويس اتان ئي حوالو ورتو آھي.

        بدي صاحب لکي ٿو ته: ” قاضي قادن کان پوءِ ارغوني دؤر ۾ ٻئي ھڪ عارف جو نالو اچي ٿو. جنهن جو اسم گرامي حضرت پير محمد لکوي ھو. پاڻ اصل ٺٽي جا رھاڪو ھئا پوءِ ھجرت ڪري اچي لکي٤ ۾ رکيا. لکي ان زماني ۾ اتر سنڌ جو ھڪ وڏو شھر ھو. جو پوءِ زماني جي انقلاب کان ويو پؤڻو پوندو(١)“.

        اڳتي ھلي مخدوم پير محمد لکويءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته : ”ھـُو عالم ۽ خدا رسيده شخص ھو. ھن جي الاھي محبت جون ڳالھيون گھڻيئي مشھور آھن. سندس مقبرو لکي (ضلعو شڪارپور) جي پس گردائيءَ ۾ آھي.(٢) ان کان پوءِ پير محمد لکويءَ جو اھم نظم ڏنو اٿس، جيڪو الف اشباع جي طرز تي ھڪ طويل نظم آھي، پر بدوي صاحب ان جو اقتباس پنهنجي والد جناب امام بخش خادم جي ”بياض خادمي“ مان تذڪري ۾ ڏنو آھي. ھيءَ اھا طرز آھي، جنهن تي پوءِ سنڌ خاص طور ٺٽي جي عالمن مذھبي. فقھي ۽ درسي نظم ڪتابن جي صورت ۾ لکيا، جن مان گھڻا شايع به ٿيا. ھن نظر کي بدوي صاحب”نظم اشتقاقيھ“ عنوان ڏنو آھي ۽ اقتباس ھن طرح ڏنو اٿس:

اي صبا واءُ خدا جا خاطي خير ھٿاءُ

تون ويٻارو رحمان جو ۽ قاصد قريباءُ

تون ميانجي محبوبن جي پيڪ سندو پرياءُ

تون پانڌي پيارن جو اولي اکڙياءُ

تون ساٿي سڪاين جو ماھر مشتاقاءُ

آڻي عجيبن جون خبرون خوشحالا

ني نياپا نينهن جا واڍوڙين وٽا

ڦڪي ڦوڙاين جي توکي آھي ادا

اچي اوڀر ڏيھه ڏھون اسھه اولاھا

نه مون سڪڻ ساه ۾ ڏکڻ جي ڏيھا

نه مون اور اتر سين پرت نه پچارا

اولھندي آھين مون دلبر دل گھريا

”انا امـُلـُح“ قول جنين سولڻا سڄڻا

حـُب جنين جي ھيريو ھنيون حيرانا

سڪ تنين جي ساه کي سـُڪايو سوڪا

ونءُ تون مٺا واؤڙا واقف واٽڙيا

ھل ھتون ھيج پئي لالن لکيءَ کا(ن)

ويلو ڪج ۾ واٽ تي ويرم ڪنهن ويرا

سڌي واٽ سڌا تون ڳلي کان ڌارا

واڍوڙين جي واٽ تون لڪيون لنگھيجا

ڪشتيون ڪرائي ڪيون آھن او بيٺا

تنهنجي اچڻ آسري ٿا چون چـِت ِ منجھا

ته قادر ڪشتي آڻ تون سڻايون سھنجا

سورت کان سمونڊ ڏي ھلي گھڙيجا

ٻيڙا ٻيڙيون دنگيون جي جـُنگ غرابا

سي سڀ سلامت ميڙئين منزل مقصودا

مڪي کان ميڙج تون مديني مھندا

وڻن اتون واڪائيو ھليو وڃ ھوتا

پريندي پسين جڏھن مديني منارا

ڪج فريادون فغان گھڻيون ھئھ ھئھ تنهن ھنڌا

دانهڙيا ڌوڙ کڻي اوتج پاڻ اتان

روضي پيش رسول جي ايج سين عجزا

ته پيرو پٽ ھارون جو پوٽو الياسا

سنڌي ساڪن سنڌ جو شائق شفيقا

جنهن قسمت قيد ڪيو لکيءَ جي لاما

وره ويڙھيو آھيان مٿي پيرن لا

ويلو وجھه م وچ ۾ سٻڙ ساٿيئڙا

پيروءَ جا پھچائيين سلامت ساٿا(٣).

ھن طويل نظم ۾ شاعر صبح جي ٿڌڙي ھير سان مخاطب ٿي حضور ڪريم| ڏانهن پنهنجي سڪ ۽ محبت جو اظھار ڪري ٿو. نظم جو تسلسل ۽ زبان تمام صاف آھي. زبان اڄ جي دؤر ۾ سمجھڻ جھڙي آھي. بدوي صاحب نظم جو فقط اقتباس ڏنو آھي. سڄو نظم سندس لئبرريءَ ۾ بند ٿي رھجي ويو. وري قسمت سان ظاھر ٿئي.

        ھي نظم متاخرين مخدوم ابوالحسن، مخدوم محمد ھاشم ۽ ٻين جي اھڙين ڪاوشن جو پيش رو آھي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ ھڪ اھم نشان به.

دادو ديال (١٥٤٤-١٦٠٣ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org