سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:10 

سنڌي ادب جي تاريخ

(ٻيو دؤر)

شاھه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ھمعصر

باب پھريون

شاھه عبداللطيف ڀٽائي

ماخذ

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ شاھه عبداللطيف ڀٽائي(١١٠٢ھه/١٦٩٠ع، ١١٦٥-١٧٥٢ع) ايڏو وڏو نالو آھي، ايڏي وڏي شخصيت  ايڏو وڏو شاعر آھي جو مٿس ٿيل ڪم جو جائزو وٺڻ کان سواءِ اڳتي لفظ به نه لکي سگھبو، نه چئي سگھبو. ان لاءِ ته متان اسان جي چيل ڳالھه بنا ٽيڪ جي بنا پسمنظر جي اڌوري ۽ غير مستند نه رھجي وڃي.

شاھه عبداللطيف جي سوانح عمري پھريائين سندس دؤر جي ليکڪ مير علي شير قانع لکي. ھن پنهنجي تاليف تحفة الڪرام(١٩٦٧ع فارسي) ۾ شاھه صاحب جو ذڪر ڪيو. ان وقت شاھه صاحب کي وفات ڪئي ١٥-١٦ سال ٿيا ھئا. ”سيد شاھه عبداللطيف جي آرام گاھه محترم ۽ مرزا مبارڪ اتي جي عجائبات مان آھي. ھو سڳورو سيد عبدالڪريم جي اولاد مان سيد حبيب جو فرزند، تارڪ جي لقب سان مشھور آھي.“(تحفة الڪرام سنڌي ترجمو صفحا ٣٨٧ ۽ ٣٨٨). پنهنجي ٻي مشھور تاليف مقالات الشعرا ۾ به شاھه صاحب جو ذڪر ڪري ٿو(صفحا ٤٢٨-٤٢٩ فارسي ايڊيشن). ھن مان ثابت آھي ته ان وقت تائين شاھه صاحب مشھور ٿي چڪو ھو: جو ھڪ ھمعصر سندس ذڪر احترام سان ڪيو.

        ائين لنواري شريف جي بزرگن جي لئبرريءَ ۾ موجود قلمي ڪتابن مان ھڪ ڪتاب”مرغوب الاحباب“ (١٨٤٥ع) ۾ نظر علي بلوچ، شاھه صاحب ۽ لنواريءَ جي بزرگ حضرت سلطان الاولياءَ خواجھ محمد زمان جي ملاقات جو ذڪر ڪيو جو پوءِ ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ پنهنجي تاليف لنواريءَ جا لال (١٩٣٤ع) ۾ ڏنو. ١٨٥١ع ۾ رچرڊ برٽن انگريزيءَ ۾ ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ رھندڙ قومون“ ۾ شاھه صاحب جو ذڪر ڪيو. ١٨٥٦ع ۾ سر بارٽل فريئر شاھه صاحب جي سوانح عمري انگريزي ۽ سنڌي ۾ لکائي، جا اڃا اڻ ڇپيل صورت ۾ آھي. ١٨٧٠ع ۾ ڊبليو سائوديءَ جو لکيل شاھه جي سوانح بابت ڪتاب لنڊن مان شايع ٿيو. ڊاڪٽر دائود پوٽي ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ١٨٨٢ع ۾ ديوان ڏيارام گدومل انگريزيءَ ۾ ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ شايع ڪيو. ھن ۾ شاھه صاحب جو احوال به آيو آھي. اھڙي ريت ١٨٨٧ع ۾ مرزا قليچ بيگ، شاھه لطيف بابت انگريزيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪيو ۽ ١٨٩٧ع ۾ ان جو سنڌي ترجمو ڇپيو. ھن جو ٻيو ايڊيشن وري ڇپيو. ١٨٩٠ع ۾ ديوان ليلارام وطن مل، انگريزيءَ ۾ ”شاھه لطيف جي حياتي، مذھب ۽ شعر“ جي نالي ڪتاب شايع ڪيو. مير عبدالحسين خان سانگيءَ فارسي ۾ ”لطائف ليطفيءَ“ ١٨٧٧ع ۾ لکيو، جيڪو ١٩٦٧ع ۾ شايع ٿيو. فارسي زبان ۾ لکيل ٻين ڪن ڪتابن ۾ به شاھه صاحب جو ذڪر موجود آھي. انهن ۾ گھڙن جي مخدومن جي تاريخي لئبرريءَ ۾ به قلمي ڪتاب مشھور آھن. اھي آھن : ”تذڪره مخاديم کـُھرا“، از مخدوم االله بخش ۽ ”تاريخ گنجينهءِ جھان نماز“ از مخدوم محمد عاقل.

        اڻويھين صديءَ جي ٽئين ڏھاڪي کان وٺي شاھه صاحب بابت نئين انداز سان تحقيق جي شروعات ٿي. ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻيءَ پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻين محققن کان وڌيڪ اھم آھن. جن حقيقي تحقيقي ڪم ڪيو. ويھين صديءَ ۾ رسالي جا ايڊيشن ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيا. انهن ۾ ھيٺيان اچي وڃن ٿا: ڪاڪي لالچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ جو ”شاھاڻو شاھه“ ١٩١٤ع ۾ ڇپيو ۽ پوءِ به ان جا ڪجھه ايڊيشن بازار ۾ آيا. ھن ڪتاب ۾ ڪاڪي ڀيرو مل، شاھه جي رسالي جي روشني ۾ شاھه صاحب جي سفر کي اجاگر ڪيو آھي. ھن موضوع تي پوءِ محمد سومار شيخ جو ڪتاب ”لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا“ (١٩٨٩ع) ۽ معمور يوسفاڻيءَ جو ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ ٢٠٠١ع ۾ ڇپيو. ديوان تاراچند شوقيرام ”شاھه عبطاللطيف ۽ ديوان صورت بهار جا جيون چرتر“ ١٩٣٧ع ۾ لکيو، جنهن ۾ ٽنهي شخصيتن(صورت سنگھه، بهار سنگھه ۽ شاھه لطيف) جي حياتين جا احوال لکيائين. شاھه جي سورمين جو ادبي جائزو پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ ڪتاب ”شاھه جون سورميون“ ۾ ورتو. اھڙي طرح ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ١٩٢٣ع ۾ ”شاھه جون آکاڻيون“ لکيون، جنهن جا ٻيا ايڊيشن ورھاڱي کان پوءِ سنڌ ۽ ھند مان نڪتا.

        مولوي غلام محمد خانزئيءَ، شاھه جي رسالي ۾ آندل داستانن جي تمثيلن ۽ روحاني رازن کي سمجھائڻ جي سلسلي ۾ ڪتاب ”منهاج العاشقين“فارسي زبان ۾ لکيو، جنهن جو سنڌي ترجمو شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ١٩٣٤ع ۾ شايع ڪيو.

        شاھه صاحب جي ساونح ۽ ڪلام جي باري ۾ مولوي دين محمد وفائيءَ جا ٻھ ڪتاب”لطيف اللطيف“ (١٩٥٠ع) ۽ ”شاھه جي رسالي جو مطالعو“(١٩٦٢ع) ۾ ڇپيا. پوءِ انهن جا ٻيا ڇاپا به نڪتا، محترم جي ايم سيد شاھه جي رسالي جي پرک پروڙ ۽ پنهنجي فڪر موجب ھڪ ڪتاب ”پيغام لطيف“ ١٩٥٢ع ۾ لکيو. ھن جو انگريزي ترجمو لاھور مان ڇپيو. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ شاھه صاحب جي انقلابي فڪر کي سمجھڻ جي ڳالھه ڪئي آھي.

        اين ڪي ساڌواڻي ”شاھه جو انڀؤ“ ١٩٥٨ع ۾ لکيو. مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ ”ڪيڏارو: جامع ۽ محقق“ (١٩٦٢ع) ۾ ٻيو ڇاپو آندو ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ ”شاھه“ ١٩٥١ع ۾، سرور علي سرور ”ڪارڻي“ ١٠٦٠ع ۾ شايع ڪيو. ھن سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب آھن، جن ۾ شاھه صاحب جو ذڪر  ڪـُلي يا ضمني طور موجود آھي. اھڙن ليکڪن ۾ ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر دائودپوٽو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، پروفيسر محبوب علي چنه، معمور يوسفاڻي، پروفيسر علي نواز جتوئي، قطب علي شاھه، محمد حسين ڪاشف ۽ مولانا گرامي اچي وڇن ٿا. شاھه صاحب جي شاعريءَ تي جيڪو اھم ڪتاب ڇپيو. اھو آھي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ”شاھه لطيف جي شاعري“ جيڪو پھرين جدا ٻن جلدن جي صورت ۾ ١٩٧٦ع ۽ ١٩٨٥ع ۾ ڇپيو. ١٩٩٥ع ۾ ٻئي جلد گڏ ڇپيا.

        شاھه صاحب جي ڪلام ۽ حياتيءَ جي باري ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي ڪنهن وقت کان (١٩٥٠ع ڌاري ۽ پوءِ)، مخزنن جي صورت ۾ اشاعتون پڌريون ڪيون آھن. ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان مخزنون. مجموعا، رسالي(گنج) جا ايڊيشن ۽ ٻيا ڪتاب سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ڪيا آھن: جي لطيفي ادب ۾ قابل قدر اضافو آھن. جيئن مٿي عرض ڪيم ته تحقيق جي لحاظ کان ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جو شاھه بابت ڪم معيار يآھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي شاھه جي رسالي جا ٽي جلد ١٩٢٣ع، ١٩٢٤ع ۽ ١٩٣١ع ۾ بالترتيب مقدمي، متن، معنيٰ، پڙھڻين، عوامي داستانن ۽ انهن جي تاريخي حيثيت جي نسبت سان شايع ڪيا، جنهن ڪلام کي ڌاريون ڄاتائين اھو رسالي مان خارج ڪيائين، ان تي اعتراض ٿيا. سـُر ڪيڏارو داخل ڪيائين، ان تي به اعتراض ٿيا. اھو ٻحث مون پنهنجي ڪتاب ”ڪنزاللطيف“ ١٩٦١ع) ۽ ھن تاريخ جي پھرين دؤر ۾ احسان فقير لانگاھه جي بيان ۾ آندو آھي. اعتراضن جي باوجود گربخشاڻيءَ واري شاھه جي رسالي جو اڳ ڇپيل رسالن جي مقابلي ۾ معيار بـُلند آھي. تحقيق، متن جي ترتيب ۽ معنيٰ جي مدنظر ھي ھڪ جديد ايڊيشن ڄاتوويو.

        ٻيو محقق جنهن شاھه جي رسالي تي اٽڪل ٤٠ سال تحقيق ڪئي، اھو اسان جو سدا ملوڪ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آھي. ڊڪاٽر صاحب، شاھه صاحب جي سوانح ۽ ڪلام تي جيڪو ڪم ڪيو آھي. اھو سندس جاکوڙ مان پڌرو آھي. رسالي جو مستند متن ايڊٽ ڪرڻ کان اڳ ان لاءِ مدد ڏيندڙ ڪتاب تيار ڪيائين. ٻين ڪتابن سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ شاھه جي رسالي جا ٽي ڇاپا به ظاھر ڪيا، جن ۾ ھڪ ھوبهو برٽش ميوزيم واري رسالي(١٩٦٩ع) تي مشتمل ھو. ٻيو ٽن قلمي نسخن تي ١٩٧٤ع ۾، ۽ ٽيون ڏھن قلمي نسخن تي آڌاريل ١٩٧٧ع ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ثقافتي کاتي ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل ۽ سوڌيل ڪن ڪتابن کي شايع ڪيو، جن ۾ بيدل جو ”پنج گنج“ ، صادق فقير جو ”راڳنامو“ ۽ ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ اچي وڃي ٿي. شاھه تي لکيل سندس مقالن جي به ھڪ طويل فھرست آھي، پر ڊاڪٽر صاحب ”شاھه جو رسالو“ ڏھن جلدن ۾ مقدمي، متن ۽ معنائن وغيره سان سينگاري پيش ڪيو. اھو ھڪ ضخيم توڙي معياري علمي خزانو آھي، جنهن جو لطيفي پچار ۾ بيو مثال ڪونهي. وقت جي وير ۽ آئيندي فطرت جي ڪـُک ۾ الائي ڇا سمايل آھي! جيئن قليچ بيگ ”احوال شاھه عبداللطيف“ ۾ دعا ڪئي ته ”ڪو ايندو جيڪو مستند رسالو تيار ڪندو.“ اھا دعا گربخشاڻيءَ جي محنت ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي عزم مصمم جي صورت ۾ ظاھر ٿي. ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي جي ھيءَ ڪاوش ڏھن سالن (١٩٨٩- ١٩٩٩ع) جي عرصي ۾ ڇپجي ويئي، پھرين جلدن تي عنوان ”شاھه جو رسالو، شاھه جو ڪلام“ ڏنو ويو ته جنهن ڪلام کي اڳ ڌاريون ڪلام پئي سڏيو ويو، اھو بعنوان: ”شاھه جو رسالو(جلد ڏھون) رسالي جو ڪلام“ شايع ڪيو ويو. ائين رسالي ۾ آيل ٻين شاعرن جو ڪلام به محفوظ ڪيو ويو. ھن رٿا ۾ ھڪ ٻيو طريقھ ڪار ھي اختيار ڪيو ويو ته ھڪ کان ستن جلدن ۾ جيڪو ڪلام سـُر وار آيو، ان سموري کي وري ھڪ جلد ٨-٩) ۾ گڏ ڪيو ويو. ھيءَ ھڪ جامع رٿ رٿا آھي، جنهن کي ٥٠ قلمي نسخن جي ڀيٽا ڀيٽيءَ سان مڪمل ڪيو ويو. ھن رٿا جا پھريان اشارا ڊاڪٽر صاحب جي ٻن ڪتابن ”شاھه جي رسالي جا سرچشما“ (١٩٧٢ع) ۽ ”شاھه جي رسالي جي ترتيب“ (١٩٧٤ع) ۾ به ڏسي سگھجن ٿا.

        شاھه جي رسالي جي تحرير ۾ اچڻ کان وٺي ھڪ ڊگھي تاريخ آھي، جنهن ۾ زباني روايتون، قلمي نسخا ۽ گنج اچي وڃي ٿو، پر ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي ترتيب ڏنل رسالن کان سواءِ باقي رسالي جا اھم ايڊيشن ھي آھن، جيڪي ترتيب ڏيندڙن جي نالن جي حوالن ۽ سال اشاعت سميت بنا تبصري ڏجن ٿا:

١. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ، ١٨٦٦ع

٢. قاضي ابراھيم ، ١٨٦٧ع

٣. تارا چند شوقيرام، ١٩٠٠ع

٤. مرزا قليچ بيگ ، ١٩١٣ع

٥. محمد ابراھيم بختيارپوري، ١٩٣٤ع

٦. محمد عثمان ڏيپلائي، ١٩٥١ع

٧. خانبهادر محمد صديق، ١٩٥١ع

٨. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ١٩٥١ع

٩. غلام محمد شاھواڻي، ١٩٥٠ع

١٠. علامھ آءِ آءِ قاضي، ١٩٦١ع

١١. ڪلياڻ آڏواڻي، ١٩٥٨ع

١٢. محمد عالم سومرو(الف ب وار)١٩٩٤ع

١٣. گوھر عبدالغفار (ڏسڻيءَ سميت) ١٩٩٤ع

١٤. حاجي الھداد جھنجھي، ١٩٩٤ع

١٥. ممتاز مرزا (گنج) ١٩٩٥ع

١٦. سنڌالاجيءَ ۾ موجود بريل تي رسالو

١٧. عثمان علي انصاري ١٩٩٧ع

١٨. ٻانهون خان شيخ (ٽن جلدن ۾) ٢٠٠٢ع

        ھنن مان گھڻو ڪري سڀني رسالن جا ٻيا ۽ ٽيان ايڊيشن به نڪتا آھن. گھڻو اڳ لٿو ۾ به اھو سلسلو ھلندو آيو. شاھه جي رسالي جي لغات تي به ڀيرو مل، قليچ بيگ، محمد بخش واصف ۽ ڊاڪٽر بلوچ قابل قدر ڪم ڪيو آھي. سندن ڪتاب غريب اللغات، لغات لطيفي، شرح لطيف ۽ روشني شايع ٿيل آھن. (ھن سلسلي ۾ تفصيل لاءِ ڏسڻ کپي، راقم جي تيار ڪيل ببليو گرافي)، شاھه جي رسالي ۾ نه آيل بيتن جي ٻاھر ڳولا ڪندي ھن کان اڳ محمد سومار شيخ ۽ فقير امداد علي سرائي ڪاوشون ڪيل آھن، ھاڻي سليم ڀٽو ھن سلسلي ۾ جاکوڙ ڪري رھيوآھي.

        سنڌي کان سواءِ شاھه جي رسالي تي اردو، انگريزي، فارسي، عربي، ھندي، جرمني، پنجابي، براھوئي، بلوچي، سرائيڪي ۽ گجراتيءَ ۾ لکيو ويو آھي ۽ ترجما ٿيا آھن. ان کان سواءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگھريون به ھن موضوع تي اسڪالرن حاصل ڪيون آھن، انهن جي فھرست ھيءَ آھي:

١. ايڇ . ٽي . سرولي، شاھه عبداللطيف آف ڀٽ.(آڪسفورڊ يونيورسٽي، پي ايڇ . ڊي، ١٩٤٠ع، انگريزيءَ ۾).

٢. موتي لعل جوتواڻي، شاھه عبداللطيف ھز لائيٽ ائنڊ ورڪ، (دھلي يونيورسٽي ، پي ايڇ. ڊي، ١٩٧٣ع، انگريزيءَ ۾)

٣. سـَنتداس جھانگياڻي، (دھلي يونيورسٽي، پي ايڇ . ڊي، ١٩٧٦ع، انگريزيءَ ۾) شاھه عبداللطيف ائنڊھز ٽائيمس.

٤. درشھوار سيد د پوئٽري آف شاھه عبداللطيف، (ايڊنبرا يونيورسٽي، پي ايڇ. ڊي، ١٩٨٤ع، انگريزيءَ ۾)

٥. شاھنواز سوڍر، سنڌي ثقافت ۽ شاھه عبداللطيف (سنڌ يونيورسٽي، ١٩٨٨ع، پي ايڇ . ڊي، سنڌيءَ ۾)

٦. غلام نبي سڌايو، شاھه عبداللطيف جي شاعري ۾ علامت نگاري، (سنڌ يونيورسٽي، ١٩٨٨ع، پي ايڇ . ڊي، سنڌي ۾)

٧. فھميده حسين، شاھه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ، (ڪراچي يونيورسٽي، پي ايڇ. ڊي، سنڌيءَ ۾)

٨. حسن بانو، شاھه عبداللطيف ۽ سنڌي عورت (پي ايڇ . ڊي، ١٩٨٩ع، سنڌ يونيورسٽي، سنڌيءَ ۾)

٩. ڪلثوم شاھه، رسالي ۾ علم بديع(پي ايڇ. ڊي، سنڌ يونيورسٽي، سنڌيءَ ۾)

١٠. غلام مصطفيٰ کھڙو، شاھه لطيف ٿيل تحقيق جو جائزو، پي ايڇ. ڊي(سنڌ يونيورسٽي، ٢٠٠٣ع، سنڌيءَ ۾ )

١١. شڪنتلا سيداڻي، شاھه جي رسالي ۾ جماليات جو مطالعو،(سنڌ يونيورسٽي، ١٩٩٣ع، پي ايڇ . ڊي، سنڌيءَ ۾)

١٢. پرسو گدواڻي، سنڌي ۽ ھندي جا صوفي شاعر، -پي ايڇ ڊي، ساگر يونيورسٽي، انگريزيءَ ۾)

١٣. موھن لال شرما، سنڌي ڪـُتا ۾ صوفي مت،(پي ايڇ. ڊي، ١٩٧٣ع، دھلي يونيورسٽيءَ، ھنديءَ ۾)

١٤. ڪماري رڪمڻي، ملڪ محمد جائسي اور شاھه عبداللطيف ڪي ڪوتا ۾ پريم ڪي ڀاونا، (دھلي يونيورسٽي، ايم . فل . ١٩٧٨ع، ھنديءَ ۾).

        ڪن ٿيسز ۾ جزوي طور شاھه صاحب جو ذڪر آھي. ائين ڪي ڪتاب ۽ مقالا ٻيا به آھن، جن ۾ شاھه جي سوانح ۽ ڪلام جو جائزو آھي، جيئن تذڪره لطفي ۽ ادبي تاريخون وغيره، ھي سڄو مواد ماخذ طور ھن باب ۾ ڪم آيو آھي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي لطيف چيئر جي اشاعتي ڪم جي به وڏي اھميت آھي. ان جا ڪتاب موضوع تي قابل تعريف ماخذ آھن.

سوانح عمري

        شاھه عبداللطيف جي وڏن جو سلسلو ھرات مان آيل بزرگ سيد حيدر سان وابسته آھي. ھن باري ۾ تفصيلي بيان شاھه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي باب ۾ ڪتاب جي پھرئين دؤر ۾ ڪري آيا آھيون. شاھه عبدالڪريم (١٥٣٨-١٦٢٣ع)، شاھه عبداللطيف جو تڙ ڏاڏو ھو. ان جي اٺن پٽن مان ٽئين نمبر، فرزند جلال شاھه( يا جمال  شاھه) جو پٽ سيد عبدالقدوس ھو. ان جو فرزند سيد حبيب، اسان جي شاعر جو والد ھو. سيد حبيب جو ڀاءُ عبدالرشيد شاھه ھو. البت زھد ۽ عبادت ۾ سيد حبيب اڳرو ھو. روايت آھي ته سيد حبيب شاھه کي اولاد ڪو نه ٿيندو ھو. کيس مست درويش سيد ھاشم شاھه دعا ڪئي. ھن باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته : ”ھاشم شاھه خود به جراڙ پوٽو ھو ۽ شاھه حبيب جو عزيز ھو. شجري مان پڻ اھڙي تصديق ٿئي ٿي ته ٻئي ھمعصر ھئا. شاھه حبيب دل ۾ ارادو رکي، ھاشم شاھه وٽ ويو ھو، جنهن کيس ڏسي چيو ته :حبيب مان لطيف جي بوءِ اچي ٿي. شاھه حبيب کي ڄڻ واڌائي ملي ته کيس عبداللطيف نالي پٽ ٿيندو، جنهن جي خوشبوءِ ملڪ واسيندي. پوءِ پٽ ڄائو. جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر ٻارڙو گذاري ويو، ساڳئي گھر مان ٻيو پٽ ڄائس، تنهن جو نالو به عبداللطيف رکيائين، پر اھو به گذاري ويو. وري به ساڳئي گھر مان ٽيون پٽ ڄائس، ان جو نالو وري به عبداللطيف رکيائين، جيڪو بچيو ۽ اھو ئي شاھه عبداللطيف ٿيو(١)“

        وتائي فقير بابت احوال مان ھيءَ روايت وتائي فقير طرفان دعا ڪرڻ ۽ وري ٻارڙي کي کڻي درياءَ ۾ گھيڙڻ ۽ وري واپس کڻي اچڻ بابت آھي: پر ھيءَ ڊاڪٽر بلوچ طرفان مٽياري سادات جي خانداني روايت مستند آھي.

        شاھه عبداللطيف جي ولاد ١١٠٢ھه/ ١٦٩٠ع ۾ ٿي(٢). سندن والده عرس فقير ڏيري جي نياڻي ھئي، جيڪو حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي خليفي قندر فقير ڏيري جي اولاد مان ھو(٣). شاھه صاحب جي ڄمڻ جي ھنڌ ۽ ننڍپڻ بابت ڊاڪٽر بلوچ تحقيق ڪئي آھي. ان جا تفصيل ڊاڪٽر صاحب جي تاليف”شاھه جو رسالو، شاھه جو ڪلام“ جي مقدمي ۾ موجود آھن. نه رڳو ايترو بلڪ شاھه صاحب جي زندگيءَ جي ھر دؤر جو جائزو ورتو ويو آھي. شاھه صاحب ننڍپڻ کان وٺي ايڪانت پسند ھو. عام ٻارن وانگر راند روند ۾ پنهنجو وقت نه ضايع ڪيائين. مشھور روايت آھي ته اڪيلائيءَ ۾سوچ ويچار ۾ گھڻو وقت رھندو ھو. ڪنهن ڏينهن جھنگ ۾ ڪنهن ھنڌ يا وڻ جي ٿڙ ۾ ويٺل ھو ته سندس والد سيد حبيب شاھه کيس ڳوليندو قريب اچي پھتو ۽ کيس ھيئن سڏيان: لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي. شاھه لطيف ظاھر ٿي جواب ڏنو ته: پئي کڻي پساهھ، پسڻ ڪارڻ پرين جي. ائين شاھه عبداللطيف جي سفر تان موٽڻ ۾ دير سبب به بيتن جي ھيءَ ڏي وٺ ٿي: سيد حبيب چيو:

ڪاجا نينهن نڌاه، مون واجھائيندي نه ورو،

جيڪي مئي ڪندا، سو جانب ڪريم جيئري.

سيد لطيف جو جواب آيو:

مٿان ٿئين ملوم، ڪي آڳاھون آھيان،

ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي ھيڪڙي.

        بهرحال روايتن موجب استاد مئين نور محمد ڀٽيءَ وٽ ننڍڙي لطيف کي ويھاريو ويو. ھن سلسلي ۾ اڳوڻين روايتن جي قطع نظر ڊاڪٽر بلوچ ھيءَ راءِ ڏي ٿو. ”ان وقت مڪتبي تعليم جو دؤر ھو، جنهن موجب قرآن شريف، سنڌي ۽ ابتدائي فارسيءَ جي تعليم معياري سطح تي ڏني ويندي ھئي. والدين ننڍڙي لطيف کي پاڻ کان پري ڪري فوري طور تي ڪنهن مڪتب ۾ ڪو نه ويھاريو. البت سندس تربيت گھر ۾ ئي ٿيندي رھي جو نه فقط شاھه حبيب پاڻ علم ۽ نظر وارو ھو، پر لطيف جي والده به ھڪ وڏي فقيري گھر مان ھئي. البت لطيف ڪجھه وڏو ٿيو ته روايت موجب شاھه حبيب کيس قرآن شريف پڙھڻ لاءِ اھڙن استادن وٽ ويھاريو، جيڪي پاڻ وڏا نيڪ ۽ پرھيزگار ھئا، انهن اھڙي ته توجھه سان پڙھايو جو قرآن شريف لطيف جي دل تي نقش ٿي ويو. انهن مان خاص استاد ميون نور محمد ڀٽي ھو، جنهن پوءِ لطيف کي مڪتبي تعليم ڏني. ميون نور محمد گنباٽ جي ڏيرن واري راڄ اٺن ميلن کن پنڌ تي وانئين ءَ جو ويٺل ھو ۽ شاھه حبيب جو محبتي ۽ معتقد ھو. لطيف جي پڙھائيءَ لاءِ شاھه حبيب سڏي کيس پاڻ وٽ رھايو. ھن شفيق استاد پنهنجي سعادت مند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي. ان بعد تعليم جو سلسلو جاري نه رھيو(٤).“

        ڊاڪٽثر ٽرومپ جو اھو اشارو ته جنهن ھهڙو ديوان(رسالو) لکيو آھي، سو اڻ پڙھيل ڪيئن ھوندو! اسان جا ماڻھو شاھه صاحب کي امي ظاھر ڪري ڪرامت جي ڳالھه ڪندا رھيا، تنهن جو صرور ڪو نه ھو. ھهڙو سلڇڻو نينگر ۽ پوءِ نوجوان ڪجھه مڪتب مان، ڪجھه گھر مان ۽ ڪجھه فطرت جي وسيع اسڪول مان گھڻو پرائي چڪو. اھو اندازو لڳائڻ به مشڪل ڪونهي ته کيس ٻالاپڻ ۽ جوانيءَ جا سٺا ساٿي مليا. انهن جي صحبت به منجھس جوھر پيدا ڪيا.

        شاھه صاحب ھڪ صالح پـُٽ َ ۽ سلڇڻي جوان جي حيثيت سان پاڻ مڃايو. ھن جي زندگيءَ جا مختلف دؤر ويندي ٦٣ سالن جي عمر تائين تمام اھميت وارا ۽ غير معمولي رھيا. ھـُن جي جذباتي زندگي به خالي جوش جو نمونو نه ھئي، بلڪ ان ۾ ھوش جو عنصر نمايان ھو. شاھه صاحب جي مغلن مان شادي ۽ ان کان پوءِ جو دؤر اھا ڳالھه ظاھر ڪري ٿو. مريدن جو پنهنجي اولاد وانگر فڪر ڪرڻ سندس زنگيءَ جو حصو ھو.

        ھتي آءٌ انهن ننڍن ۽ وڏن واقعن جو ذڪر ڪرڻ ڪو نه ٿو گھران جن کي ڪرشمو يا ڪرامت ڪري پيش ڪيو ويو آھي. اھي رسالي جي مختلف ڇاپن سان گڏ مھاڳن ۾ موجود آھن. منهنجي خيال ۾ سندس زندگيءَ کان واقف ٿياسين ۽ سندس ڪلام کان واقف ٿيون، جيڪو ھڪ وڏو ڪرشمو آھي. شاھه جو ڪلام زبان ۽ بيان، آھنگ ۽ سنگت، توڙي اخلاق ۽ نصيحت بلڪ جذبن جو ڀنڊار آھي. تنهن کي پروڙڻ ۽ ان مان پرائڻ جي سعي ڪجي. بظاھر ته شاھه صاحب ٦٣ سالن جي عمر کي رسي ١٤ صفر ١١٦٥ھه/ ١٧٥٢ع تي دنيا مان رخصت ٿيو؛ پر جيڪو پيغام، ڪلام يا رسالو ڇڏي ويو ان ۾ پروڙڻ لاءِ جيڪي املھه ماڻڪ ۽ معرفت جا موتي آھن، اھي حاصل ڪري پنهنجي زندگيءَ ھڪ سجاڳ انسان مثل گذاريون. ٻين لاءِ مفيد ٿيون.

شاعري

        شاھه صاحب ڀٽ جي ھڪ ننڍي وسنديءَ مانگلاب جو گل ٿي ٽڙيو ۽ ولادت واسي ڇڏيائين. سندس رسالو ھڪ خاص پيغام آھي، جو ھن عظيم انسان جي سوچ جو اھو نمونو آھي جو ٻين کان بلند ۽ بالا آھي. شاھه صاحب جي ڪلام جي انفراديت ئي ان کي عام شاعرن کان گھڻو ممتاز ڪري ٿي. اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ٻالاپڻ کان مٿي چڙھڻ واري دؤر کان وٺي ساھه جو سڳو ٽٽڻ تائين رسالو تخليق ٿيندو رھيو. انهن شاعرن جو ڪلام سندس اڳيان ھو، جي کانئس اڳ ٿي گذريا. انهن مان ڪن جو ڪلام ڪڏھن سندس زبان مان حوالي طور نڪتو ته رسالي جو حصو بنجي ويو. قاضي قادن، شاھه لطف االله، شاھه ڪريم ۽ شاھه عنايت رضويءَ جو چڱو چوکو اثر ورتائين. ته به سندس زبان ۽ بيان ۾ جيڪا بي ساختگي ھئي، جيڪو لغت جو ڀنڊار ھو، جيڪا جذبات جي فراواني ھئي، سان سڀني کان وڌيڪ وزنائتي رھي. دنيا کي پنهنجي ڪلام جي بلند آھنگ سان حيران ڪري وڌائين. ولايت جي واسين جي ڪنن مان دونهون ڪڍي ڇڏيائين. سورلي چيو ھي سائين چوي ڇا ٿو؟ ڪن ڏيئي ٻڌان ته سھي!! ڊي سي ٿو چوي ته ھي منهنجي ضلعي (حيدرآباد) جو ھڪ ڳوٺ جو رھاڪو چوي ڇا ٿو؟ سورلي سنڌي سکيو ۽ پي ايڇ. ڊي لاءِ ٿيسز لکي دنيا ۾ لطيف کي متعارف ڪرايائين. بيشڪ لطيف، سورلي، گربخشاڻي ۽ بلوچ جي قلم سان وڌ ۾ وڌ سڃاتو ويو، پر سندس سڃاڻپ ته پوءِ به ڪلام آھي. ان ڪلام کي خلق ڄاني ٿي، پڙھي ٿي، معنائون ڪري ٿي. قلم وارا ته جيڪي پڄي سگھيا سو ڪيائون! وسان ڪو نه گھٽايائون!! پر اڃا منزل پري آھي. من تنها منزل ڏور!!

        رسالي کي پڙھڻ، پروڙڻ ۽ پرجھڻ ڪو مشڪل ڪم ڪونهي. اسان جي مادري ٻولي آھي. اسان جي ٻھڳڻي جا ٻول آھن. پر ڪي نوان نول چار اکر پڙھيل سمجھن ٿا ته لطيف کي اھي ئي پنهنجن انگريزي ويچارن سان ئي سمجھي سگھن ٿا. سنڌ جا اديب، محقق ۽ پڙھڻ وارا رڳو پاڻي پيا ولوڙين ۽ اڀ ۾ پيا تير ڇوڙين! ھيڏانهن پاڻ کي ٽرومپ ۽ سورلي جي تميز به ڪونهي. ڪي وري اسان جا شاعر ڇو جو چار تڪون ڳنڍي وڃن ٿا، سي به چون ٿا ته اسين ٻيو نمبر آھيون ۽ لطيف پھريون ھوندو ته ھوندو!

        ان کي ڪير ٿو سمجھي؟ ائين سنڌ جي محققن ۽ شاھه جي شارحن تي ڇـَسو ۽ ھلڪڙو ھجڻ جو ٺڪر ڀڃن ٿا. حقيقت ھيءَ آھي ته اھڙا ڪيئن ھوندا آھن. انهن تي ميار به نه ڪجي. رسالو اھڙو مھا ساگر آھي جو خود اتارن کي ٻوڙي ٿو ڇڏي. لطيفي لات جو آواز نهايت بلند آھي ۽ پڙھندڙن لاءِ ڪو مشڪل ناھي. فقط من ۾ محبت پائي ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي.

        شاھه جو رسالو بظاھر شعر جو ھڪ مجموعو آھي، پر حقيقت ۾ ھي رھنمائيءَ لاءِ روشنيءَ جو منارو آھي، جنهن جي ڪري منزل آسان بنجي پوي ٿي. زندگيءَ جي راھه تي، حقيقت ۽ مجاز لاءِ ھڪ کان وڌيڪ ڪا ڊڪشنري نه آھي. ھڪ ھڪ بيت جي آواز ۾ معنيٰ ۾ اھو سحر آھي جو پڙھڻ ۽ ٻڌڻ وارو اواڪ (speech less) رھجيو وڃي.

        شاھه جي رسالي جي سـُرن جو موضوع وار ۽ سنگيت وار تقسيم بذات خود ھڪ عجيب دنيا آھ. گربخشاڻيءَ واي ايڊيشن کان اڳ وارن رسالن ۾ ڌارئين ڪلام وار سـُر به داخل ھئا، جيڪي ھي ھئا: سر سسئي آبريءَ جي ٽيھه اکري، سـُر بيراگ ھندي، سـُر ھير رانجھو، سـُر بروو ڇوٽڪو، سـُر رامڪلي جو ٻئي داستان ۾ ٻارھن ڏينهن کان پوءِ باقي ١٨ ڏينهن وارا بيت، سـُر ڪاپائتيءَ جي آخر ۾ آيل مت، سـُر مارئيءَ جا ڪي بيت، سـُر ڍول مارئي، سـُر ڏناسري ۽ سر بسنت بهار، ائين مڪمل سـُر ست ٿيا، جن کي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ خارج ڪيو. ان کان سواءِ ابيات مثنوي رومي، محي الدين سنائي جو غزل به ٻاھر جو ھو ته ڪيڏاري سان گڏ سينهن ڪيڏارو به ھو. گربخشاڻيءَ ڪيڏارو شامل رکيو، منهنجو خيال آھي ته ڪيڏارو شاھه جو ڪلام آھي. سمورو نه ته به زيادهبيت شاھه جا آھن. ھن سلسلي ۾ تفصيلي بحث آءٌ ڪتاب جي پھرئين دؤر ۾ احسان فقير جي بيان ۾ ڪري آيو آھيان. گربخشاڻيءَ کان پوءِ ڪن ڪيڏارو شامل رکيو، پر ڪن نه رکيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org