ديو چندر جي وفات کان پوءِ مطالعي ۽ خلق جي روحاني ترقي لاءِ
وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو. پراڻناٿ مختلف زبانن جو به
مطالعو ڪيو. روايت آھي ته ھو پوءِ بندر ۽ مانڊويءَ
رستي سنڌ ۾ ٺٽي نگر پھتو. اھو سال ١٦٥٩ع ھو ۽ سندس
عمر چاليھن سالن کان مٿي ھئي. ڇڳاڻي لکي ٿو ته:
پراڻناٿ ٺٽي ۾ ھڪ برھمڻ ناٿا جوشيءَ جي گھر ۾ ڏھه
مھينا رھيو. اتي رھندي سندس سنگت شري لعلداس سان
ٿي، جنهن سندس ٺٽي شھر ۾ رھڻ جو ذڪر پنهنجي ڪتاب
بيتڪ ۾ ڏنو آھي ۽ لکيو اٿس ته پاڻ ٺٽي ۾ ڪھڙن ڪھڙن
سنڌين سان گڏيا ۽ انهن کي پنهنجن ويچارن کان آگاھه
ڪيائون(١١).
پراڻناٿ جي خيالات جو اثر ڪيترن ئي سنتن ۽ سچ جي ڳولا
ڪندڙن تي پيو. آخري ويجھي زماني ۾ اھڙن مديرن ۾
مھاتما گانڌيءَ جو ڪٽنب به ھو. ڇـُڳاڻي لکي ٿو ته
: مھامتي پراڻناٿ جي ويچارن ۽ مت جو مھاتما
گانڌيءَ جي ڪٽنب تي به اثر ھو. اھڙي جھلڪ مھاتما
گانڌيءَ جي سيڪريٽري شري پياري لعل جي ڪتاب
Mahatma Gandhi, The Early
مان ملي ٿو. مھاتما گانڌيءَ جي ماتا پتلي ٻائيءَ
جن جنهن پنٿ کي مڃيندا ھئا. ان کي پر نامي(ست
پرنامي) چوندا ھئا. اھو ھڪ اھڙو پنٿ آھي جيڪو
اسلام ۽ ھندو ڌرم جون جيڪي چڍايون آھن، انهن کي
ملائڻ ٿو چاھي. مھاتما گانڌي جو پوءِ بندر(گجرات)
واري گھر جي ڀرسان ھڪ پرنامي مندر ھوندو ھو.
مھاتما جي شاديءَ کان پوءِ سندس ماتا پتلي ٻائي
کيس ان مندر ۾ به وٺي وئي ھئي. مھاتما گانڌيءَ
اڳتي ھلي چيو آھي ته: جيتوڻيڪ ھاڻي ان مندر جي
بناوت وغيره جي چٽي يادگيري نه آھي پر ايترو ياد
آھي ته ان مندر ۾ ڪي پٿر جا بت يا مورتيون نه
ھيون. مندر ۾ جي ڀتين تي ڪي لکيتون ڇپيل ھيون،
جيڪي قرآن شريف جي آيتن وانگر ٿي لڳيون(١٢).
پراڻناٿ جو اثر ڪافي علائقن ۾ پکڙيو ۽ سندس ويچارن توڙي
ڪلام جو پرچار ٿيو ۽ سندس شش(مريد) خاص طور وچ ۽
اوتر ھندستان ۾ سندس ڪلام جي پڙھڻ ۽ پرجھڻ ۾ لڳي
ويا. مھامتي پراڻناٿ ھندوستان جي صوبي مڌيرھ پرديش
۾ پنا شھر ۾ ٢٩ جون ١٩٩٤ع ۾ وفات ڪئي(١٣). اتي ئي
گمٽ بنگلا مندر ۾ سندس سمادي ٺاھي وئي(١٤).
ڪلام: پراڻناٿ جي واڻي اٽڪل پوڻا ٽي سؤ سال قلمي صورت ۾ رھي.
سندس مريد ان جون ڪاپيون ٺاھي پرچار ڪندا رھيا.
ڪلام ۾ ١٩٦٥ع ۾ پھريون ڀيرو اشاعت ھيٺ آيو. جنهن
گرنٿ(ڪتاب) ۾ سندس ڪـُل ڪلام گڏ ڪيو ويو ان جو
نالو رکيو ويو”ڪلجم سوروپ“ جيڪو اصل ۾ مصر جي نيل
ندي جو نالو به ھو. ھتي واڻيءَ جي معنيٰ ساگر ۽
سمنڊ جي ورتل آھي. ڪل ١٨٧٨٥ چوپاين ۾ ٥٢٤ سنڌي
چوپايون ۽ بيت آھن. ھي ڪلام پنهنجي مادي زبان جي
سر زمين کان اٽڪل ٻھ ھزار ميل پري پنا مديھ پرديش
۾ چيائين. ڪلام جي ٻولي ڪڇي سنڌي آھي(١٥). ھي ڪلام
ڇپجڻ کان گھڻو اڳ شش(مريدن) جي وسيلي ھزرين پراڻ
پنٿين تائين پھتو ۽ قلمي صورت ۾ مٺن(مندرن) ۾
موجود رھيو. واڻيءَ (ڪلام) وانگر مھامتي پراڻناٿ
جا ويچار نثري صورت ۾ به ششن(مريدن) اندازا سندس
وفات کان ڪجھه مھينا اڳ تحرير ھيٺ آندا(١٦).
پراڻناٿ جي لکيل ڪلام ۾ مختلف پھلوئن تي ڊاڪٽر جيٽلي
سير حاصل بحث ڪيو آھي. ان جي سنڌي شاعريءَ ۾ حيثيت
جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: وچئين دؤر جي شاعريءَ ۾
وڏو خال محسوس ٿيندو ھو، انهيءَ جي ڪي قدر پورائي
سوامي پراڻناٿ جي سنڌي واڻيءَ جي روشنيءَ ۾ اچڻ
سان ٿي(١٧). واڻيءَ جي مضمون تي تبصرو ڪندي لکي
ٿو- ھن سنت ڪويءَ جي شعر ۾ سمايل فلاسافيءَ جو
مکيھ آڌار آھن اپنشد، شري ڀڳوت گيتا وغيره، انهيءَ
۾ شڪ نه آھي ته ھن دنيا جي جدا جدا ڌرمن جي گرنٿن
جو اڀياس ڪري انهن جي بنيادي اصولن ۾ ھڪجھڙائي پڻ
ثابت ڪئي آھي.(١٧). ڊاڪٽر جيٽلي ھي خيال به ظاھر
ڪيو آھي ته ھن قسم جون واڻيون ھٿ اچڻ سان جيڪو
سامي ۽ دلپت کانسواءِ سنڌ ۾ ٻيو ھندو ڌرم ۽ ڀڳتي
انداز جي ڪلام جو خال آھي سو دؤر ٿي ويندو(١٨).
دادو ديال ۽ ان سان گڏ پراڻناٿ جي واڻي ملڻ سان سچ
ته اھا اميد وڌي آھي ته سنڌ کان ٻاھر مندرن ۽ مٺن
۾ ٻيو به سنڌي ڪلام موجود ٿي سگھي ٿو. مھامتي
پراڻناٿ ھن واڻيءَ ۾ جيڪي اشارا ڪيا آھن سي فنا ۽
بقا بابت آھن ۽ مذاھب عالم جي اتحاد ڏانهن اشارا
به آھن. مقصد انسان ذات جي وچ ۾ پيل ويڇن کي ختم
ڪرڻ آھي. واضح طور سيکاري ٿو ته ھڪ فاني انسان
پنهنجي زندگيءَ جي مختصر دؤر ۾ ڪام، ڪروڌ، لوڀ
لالچ ۽ غرور کان پاسو ڪري ۽ ڪائنات ۾ موجود انسان
۽ جيون جي خدم ڪري، ڪنهن کي برو نه سمجھي. فنا جي
باري ۾ واضح طور چوي ٿو ته آخر وڃنو آھي-ع
آخر ويرا اٿڻ جي، آئين روحين ڇڏيجا راند،
اٿي وچ عرس جي، ڪوڏ ڪري ملون ڪانڌ
چي: اي غافل انسان ھتان لڏڻ جو آخري وقت اچي ويو
آھي. ڪوڙي سنسار کي ڇڏي پاڻ کي مايا جي موھه کان
آجو ڪري مالڪ ڏانهن ھل(١٩).
دنيا جي مايا روپي ڄار ۾ ڦاٿل روح جي پڪار آھي،
جنهن کي مھامتي ھيئن بيان ڪري ٿو ته اي مالڪ مون
کي ھن ماياروپي ڄار مان آزاد ڪر-ع
ڌڻي منهنجي روح جا، ڳني ويئي وسرائي
پيس ته پيچن ۾، وڏي ڄار وڙائي(٢٠).
ڇڳاڻيءَ اڪثر بيتن جي معنيٰ ڪندي جتي روح يا فرمان
جا لفظ آيا آھن ته انهن جي معنيٰ قرآن جي حوالي
سان ڪئي آھي. جئن-ع
تو لکيو فرمان ۾، مون عرس دل مومن
سي سڻي ويڻ فرمان جا، مـُوجو جھليو دل روحن(٢١)
معنيٰ ٿي توھان فرمان(قرآن)۾ لکي موڪليو آھي ته
اھو مومنن جي دل ۾ آھي ۽ قرآن جا اکر ٻڌي ڪري
منهنجي دل روحن پڪڙي ڇڏي آھي(ص ٧).
مھامتي پراڻناٿ پنهنجي محبوب کي چوي ٿو ته
جيستائين اکين سان نه ڏسان تيسين ڪيئن ڪجھه چئي
سگھان؟ اوھين مٺڙا ويڻ نه ٻڌايو ته ٻيو ڇا ٻڌان؟
منهنجو سڄو وجود اوھان ڏانهن پيو واجھائي-ع.
ڪيئنڪري ان ڳالھڙي، جان نه پسان پانهنجي نيڻ
جي سڻائي ته سڻان، مٺڙا توھجا ويڻ.
سنڌي شاعريءَ ۾ محبت ۽ مجاز جا جيڪي انگ ۽ انداز شاھه
لطيف ۽ ٻين وٽ ظاھر ٿيا، انهن جا اھڃاڻ ۽ زبان
پراڻ ناٿ وٽ موجود آھي. ھي بيت اھڙي ثابت ڏين ٿا-ع
ٿيئي ڌڻيءَ سين سرخرو، سيئي سھاڳڻ ھوئي
سامر ڳني پاڻ سين، جي آڏو پٽ نه ڪوئي.
-
ڳالھيون مـُوجي من جون سڀ توھي سڃاڻي
ھي سڀئي توھجيون، تو ڪرايو پاڻي(٢٢)
آءٌ پاڻ پلڻ جي ڳالھه مھامتي پراڻناٿ صاف صاف ڪري ٿو.
چي آءٌ ڪٿي به نه آھيان، جتي ڪٿي تون ئي آھين. تون
ئي سڀ ڪجھه ڪرين ٿو. سڀ تنهنجي ھٿ ۾ آھي. تو چڱي
طرح پسايو ۽ مون ڏٺو-ع
آءٌ اول نه آخر، سڀني ھنڌين تون
ھي مورائين ڀلي ڀتين، ھي تو ڏيکاري مون
-
تون ڪرئين تون ڪرائين، تون پڄائي پاڻ،
جا مٿي ڳني تر جيتري، سا جوئي وڏي اڄاڻ
-
سڪڻ سڏڻ جيري مرڻ سي سڀ ھٿ ڌڻي
تو چڱي پرين ڏيکاريو، ته موننهاريو نيڻ کڻي.
فطرت جي حسين نظارن جو ذڪر، نهايت خوبصورت منظر ڪشيءَ
سان ڪندي پراڻناٿ انساني فطرت ۽ شاعريءَ جو ھي
لوازمو خوب ادا ڪري ٿو. ھـُو ڏسي ٿو ته جھروڪن مان
مينهن ڪيئن نظر اچي ٿو ۽ باغ ڪيئن سونهن ٿا! ڪيئن
چبوترن تي راند روند ڪجي ٿي! رنگ محل ۾ ڪويل ڪيئن
ڪو ڪو پئي ڪري!! مينهن ۾ پکي پکڻ مور ۽ باندر ڪيئن
ٺينگ ٽپا پيا ڏين-ع
چڙھي جھروڪي نهارجي، مينهن وسي مٿي ون،
ويٽي وريو وڏرسون، ھن ويران باغ سونهن.
-
عرش اڳيان چاندني، چئين چبوترن،
ھن مندون مينهن سندون، ڊوڙي چڙھي ٺيڪن
-
مٿيني وسي مينهڙو، وانر مور ڪـُڏن،
ڪئي ني جاتون جانور، ڪئي جاتون پسئن(٢٤)
بنيادي طور پراڻناٿ وٽ مذھبي لاڙا ظاھر آھن. ھو خدا سان
مخاطب ٿي چوي ٿو ته رسول(|) کي نشانيون ڏنيون ھيون
ته قيامت جي ڏينهن روحن لاءِ گواھي ڏج جئن انهن کي
يقين اچي-ع
تو چيو رسول کي تون ٿيئج ھن ۾ امين،
ڏج تون مـُور نسانيون، جين اچي روحين آفين(٢٥)
ھڪڙو خاص حوالو مارڪنڊ رشيءَ جو اچي ٿو ۽ ان جا احوال
سندر ٻائي(پراڻناٿ جي گروءَ ديوچندر) ٻڌايا. تنهن
بابت پراڻناٿ ڪي بيت چيا. انهن مان ڪي ھي آھن-ع
ڇئي سندر ٻائي اسان کي، مارڪنڊ جي حقيقت،
ان در تي ان کي کوليان، آن جي پڻ اي بيتڪ.
-
نمونو مارڪنڊ جو چيو، سندر ٻائي ڀلي ڀت،
سکديو آندو آن ڪارڻ، ھي جو پسو ٿا ھت.
-
مارڪنڊيھ مايا منجھان، جڏھن ڪين نه نڪري سگھي.
تڏھن ڳڙائي رکي پاڻ ۾ منجھي پيئي مارڪنڊ جي(٢٥)
پراڻناٿ جي زبان ڪڇيءَ گاڏڙ آھي ۽ ھي ڪلام ھـُن مڌيھ
پرديش ۾ چيو. سنڌي ماحول به ھن جي چوگرد نه ھو. ان
ڪري بيتن(دوھن) جي زبان ۽ ھيئت ۾ پختگيءَ جي لحاظ
کان عيب آھن. ڇـُڳاڻي صاحب گڏ گڏ ديوناگري متن به
ڏنو آھي. پر گمان آھي ته تحرير ۾ ڪي خاميون رھجي
ويون آھن. مون ڪي لفظ موجود لکيت موجب ڪيا آھن ۽
ڪي آسان لفظ اصل متن وانگر رھڻ ڏنا آھن.
موضوع جي لحاظ کان ھي ڪلام مذھبي يگانگت ۽ يڪجھتيءَ جو
به مظھر آھي. ڇڳاڻي صاحب اٽڪل ١٣٠ ٻين بيتن ۽
چوپاين لڀڻ جو به اشارو ڏنو آھي(٢٧).
حوالا
١. بدوي، لطف االله، تذڪره لطفي، (جلد اول)، آر –
ايڇ بدرادرس حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، ٥٤-١٩٥٥ع، ص ١٠٤
٢. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر). شاھه لطف االله قادريءَ جو ڪلام،
سنڌالاجي، ١٩٦٨ع، ص ٩ مقدمو.
- بدلوي – ص ١٠١
٣. بلوچ ص ص ٩-١٠ (مقدمو)
٤. ايضا --- ص ص ١٠-١١
٥. ايضا --- ص ص ١٨-١٩
٦. ايضا --- ص ص ٣٠ کان ٤٢
٧. شاھه لطف االله قادريءَ جي ڪلام ۽ احوال لاءِ ڊاڪٽر بلوچ جو
ايڊٽ ڪيل ڪتاب پيش نظر رھيو.
٨. ڇـُڳاڻي، جھمون رامچند، مھامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي، بئراگ
ڳڙه پوپال، ١٩٩١ع، مھاگ ڊاڪٽر جيٽلي ص ١
٩. ايضا --- ص ٢٣
١٠. ايضا --- ص ٢٣
١١. ايضا--- ص ١٣-٢٤
١٢. ايضا ص ص ٢٤-٢٥
١٣. بلوچ، نبي بخش خان. سنڌي ٻولي ۽ ادبن جي مختصر تاريخ، ڇاپو
ٻيو ١٩٨٠ع ص ٢٦٦
١٤. ڇڳاڻي. ص ٦
١٥. ايضا --- ص ٧ کان ١٣
١٦. ايضا --- ص ٥
١٧.ايضا---ص ١٠
١٨. ايضا--- متن ص ١١
١٩. ايضا--- متن ص ١
٢٠. ايضا--- متن ص ٢
٢١. ايضا --- متن ص ٧
٢٢. ايضا --- متن ص ١٢
٢٣. ايضا --- متن ص ١٦-١٧
٢٤. ايضا --- متن ص ٢١
٢٥. ايضا --- متن ص ٦٣
٢٦. ايضا --- متن ص ص ١٢١-١٢٣
٢٧. ايضا --- ص ٢٧
باب ڇھون
ھونئن ته شاھه عبداللطيف کان اڳ وارن شاعرن ۾ ڪن ٻين جا
به نالا آھن، جن ڪي بيت چيا آھن، پر انهن جو معيار
اھڙو نه آھي يا ڪلام ايترو نه اٿن جو اھي ادبي
تاريخ ۾ وقت جي لاڙن موجب شامل ڪن، پر ٽي وڏا شاعر
اھڙا آھن، جن جو ڪلام معيار ۽ مقدار ۾ ھميشه محققن
جو ڌيان ڇڪائيندو رھيو آھي. محققن جي تمام تر
ڪوششن جي باوجود انهن جي ولادت ۽ وفات جا سال به
ھهٿ نه آيا آھن. اھي ٽي شاعر آھن: ميون عيسو
ھالائي، ميون عنايت نصرپور ۽ احسان فقير لانگاه
ھالائي.
ھنن ٽن شاعرن تي ڊاڪٽر عمر بند محمد دائود پوٽي، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ۽ مخدوم محمد صالح ڀٽي ھالائي
بالترتيب ڪم ڪيو آھي. منهنجي ھن ڪاوش جا ماخذ به
اھي ئي آھن.
ميون عيسو ھالائي
ڊاڪٽر عمر بند محمد دائود پوٽو پھريون محقق ھو،
جنهن مئين عيسي بابت ٻن اھم مقالن ۾ احوال آندو.
ھي مقالا ھئا:
”شاجج ڱام او ڪا شاعر“ ۽ ”مئين عيسي جي تربت جي تلاش
۾“. ھي مقالا نئين زندگيءَ ۾ بالترتيب جنوري ١٩٥١ع
۽ جنوري ١٩٥٢ع ۾ ڇپيا، ١٩٩٣ع ۾ ممتاز مرزا ”مئين
عيسي جا سنڌي بيت“ نالي ڪتاب شايع ڪيو. ھن ۾ ٢٣٧
بيت آھن، جن ۾ باب وار عنوان لڳل آھن. ھي بيت
اقبال آخوند کان ھڪ قلمي صورت ۾ مليا. مقدمي ۾
ممتاز مرزا به ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مقالن کي ماخذ
طور ڪم آندو آھي.
ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو ته:”ميون عيسو اصل اتر کان آيو
ھو. ڪلھوڙن جي راڄ ۾ پنهنجي مرشد سان گڏ درياءَ جي
رستي سنڌ ۾ آيو. کانوٺ ۾ رھيو ۽ سندس مريد کوکر،
کيس لڏائي پنهنجي ڳوٺ ملاڪاتيارن ويجھو وٺي آيا،
جتي سندس ترتبت آھي.“(١)
مئين عيسي جي زندگيءَ جي احوال جي ڪا مستند معلومات نه
ملي آھي. اندازو لڳايو ويو آھي ته ھو ١١٦٥ھه ۾
زنده ھو. شاھه لطيف کي سندس ننڍپڻ ۾ ڏٺو ھئائين ۽
شاھه لاءِ پيشن گوئي ڪئي ھئائين ته ھو وڏو ٿي ھڪ
اھڙي شخصيت جو روپ وٺندو جا ساري عالم لاءِ سڳند
واري ٿيندي.(٢)
ميون عيسو، شاھه لطيف کان وڏو ھو يا ننڍو، ان لاءِ ڊاڪر
دائود پوٽو واضح طور نه ٿو لکي، بلڪھ رسالي ۾ آيل
عيسي جو ھڪ بيت ڏيئي لکي ٿو ته: ھاڻ سوال آھي ته
اھو عيسو ڪير ھو؟ شاھه صاحب کان اڳ ٿي گذريو آھي
يا شاھه صاحب جو ھمعصر آھي؟ يا شاھه کان پوءِ جو
آھي؟(٣) اڳتي ساڳئي ئي مقالي ۾ لکي ٿو ته :
”جيڪڏھن اھا روايت (دعا واري روايت) سچي آھي ته
ميون عيسو شاھه صاحب جو وڏو معاصر ھو“.(٤) داڪتر
دائودپوٽي جي ھن ئي مقالي مان خبر پوي ٿي ته ميون
عيسو ٨٨ سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. شاھه صاحب
کان وڏو ھو، ان ڪري سندس ڪلام رسالي ۾ آيو. ٨٨
سالن جي عمر جو اشارو مئين عيسي جي سنڌيءَ مان به
ملي ٿو.(٥)
مئين عيسي جي ڪلام ۽ شاھه جي ڪلام جي معيار بابت ڊاڪٽر
دائود پوٽو ٻھ متضاد رايا ڏئي ٿو. ھڪ راءِ ھيءَ
اٿس ته”مئين عيسي جي ڪلام ۾ اھي لفظ آھن، جيڪي
شاھه جي رسالي ۾ به نه ملندا“(٦). ٻئي ھنڌ ساڳئي
ئي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”مئين عيسي جي ڪلام ۾ اھا
سلاست ۽ لاس نه آھي، جا شاھه صاحب جي ڪلام ۾
آھي(٧).“ ھتي جي ڊاڪٽر صاحب جو لفظن جي استعمال
مان قدامت مراد آھي ته اھا ڪا ڀيٽ جي ڳالھه نه
آھي، بهرحال اڳ ۽ پوءِ جي اصل جي قطع نظر شاھه
عبداللطيف ھڪ عظيم شاعر آھي. مئين عيسي جي سنڌي ۽
سندس بيت، سنڌي شاعريءَ جي قديم روايت موجب بقا ۽
فنا، توحيد ۽ تصوف جي موضوع تي آھن.
ممتاز مرزا جي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ مئين عيسي جو ڪلام
مختلف بابن ۾ ورھايل آھي. ڪن بابن تي فارسيءَ ۾
عنوان به ڏنل آھن. مثلا: دربيان صحبت علما،
دربيانصحبت دنيا، دربيان ذڪر حق سبحانه و تعاليٰ،
دربيان توڪل و ترڪ سوال ۽ دربيان خاموشي و فوائد
آن وغيره. بيتن ۾ ڪنهن بزرگ جو ھڪ بيت ھن اشاري
سان ڏنل آھي: ” بيت بزرگي فرمودن“-ع
وھي ويا روک، ڪو وڻ آھي ڪٿھين،
مـَين سندي سڪ، گونرين نه لھي.
ھڪ مقبول چوڻيءَ: ”انبن جون سڪون ڪو انبڙيون
لاھينديون“! جي معنيٰ آھي، جنهن ۾ اٺن ۽ گورنرين
يا گونرين جي نسبت سان اھائي معنيٰ ورتل آھي. لڳي
ٿو ته پھرين سٽ ۾ لفظ ورڪ(ورق) آھي. بلڪل ائين
جيئن ھڪ بيت ۾ اصل لفظ ڪتارون کي درست ڪري قطارون
لکيو ويو آھي.(ص٤٥).
ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي مقالي م بيتن کي مختلف سـُرن ۽
عنوانن ھيٺ رکيو آھي(٩). مئين عيسي توحيد جي تنوار
ڪندي چيو آھي:
تڪڙ ڇڏ تحمل ڪر، پير ڀروڙي پاءِ،
اتالائي عيسيٰ سـُڻ، جانب سين نه جڳائي،
جـِھـَت اڃا نه جاءِ، ات آڻن ادب واريون.
-
حـَي قائم دائم ڌڻي، صحي سندھـُو سلطان،
ھـُو ھـُوندو آھي، سو رزاق رب رحمان،
اھڙو مولو مھربان، جو ورو ڏي ورن کي،
رسول ڪريم | جن جي باري ۾، ۽ اصحابن توڙي مشائخن سان
عقيدت جو اظھار ھيئن ڪري ٿو:
نرمل نور نبيءَ جي، سچي صحابن سڪ،
پسڻان پـُر نه ٿيا، ھڏ نه ڀڳين ھڪ،
ڏني تنين تـِڪ، ٻين پيتي پـِڪ ڪا.
-
خوبن جي خدمت جي، جن کـُنڍي لڌي کاڻ،
للھه ڪارڻ لٽڪيو، اوءِ پـِر سين ڪرين پاڻ،
سي رسيا نه تنهن رھاڻ، جنهن کي سڪي سڀڪو.
شاھه جي رسالي جي سـُر کنڀات جو مضمون به مئين عيسي جي
ڪلام ۾ موجود آھي. رات سھاڻي ڀونسنئين جي بيتن جي
قطار سندس ڪلام ۾ جنهن ريت اچي ٿي، ان جا مثال ھي
آھن.
رات سـُھائي ڀون سنئين، نه ڪا آڏي اڏ،
لا االله الا االله ٻيا ڇڏ، جڏوئن جڏ،
محمد رسول االله ٿي، گوھر انهين گڏ،
جو سڄڻ ڪيو سڏ، ٿو اماڻي اٻوجھين.
-
رات سھائي ڀون سنئين، ويسر وھڻ عبث،
وانءُ وھلو واٽ تنهين، جنهن ڏنائون ڏس،
و ان ھـَذا صراط مـُستقيما، ٻي گمان ڪنهن م گس،
اي عيسيٰ ڇڏ آرس، ته ھوندي رات ھـُت رسين.
ديني موضوعن سان گڏ، اخلاقي ۽ ناصحانه موضوع به مئين
عيسي جي بيتن ۾ نمايان آھن، ديني پردي ۾ اخلاقي
سبق ھيئن ٿو ڏي:
جھڙو گھرين گھر کي، جي تهڙو ٻي ٻـَھـَر،
ته اڏامي اڀن مڻين، ھاڻي ھوند ھينئر،
رسين رحماني راڄ کي، جت پاڪيزگي پھر،
پـَـر ڏئين گھـُتون گھر، عيسيٰ افعـَالين
پانهنجي.(١٠)
مئين عيسي جا (ڪلمات سنڌي) تذڪره لطفي جلد پھرئين ۾ موجود آھي.
اھو به ھڪڙو اقتباس آھي. ھيءَ اھا طويل نظم آھي،
جنهن جو پھريون مثال پير محمد لکويءَ وٽ مليو ۽
مئين عيسي کان پوءِ ديني عالمن جون ”سنڌيون“
انهيءَ طرفز تي لکيون ويون، اقتباس ھي آھي:
الف اور االله سين، جل جلاله ٻيون ٻن ڏيئي،
ٿو گڏ جين غير سين، عمر سڀ ويئي،
ھن اوڏڙائي عجيب جي ٿو گھاري گذاريئي،
ڪنان رڳن ڪنڌ جي، اوڏو آھيئي.
و نحن اقرب اليه من حبل الوريد، پروڙ تون پيھي،
تنهنجا ڳجھا پڌرا ڪھڙا، ڪڻس معلوم سڀيئي،
عالم الغريب والشھادة، اھڙو عليم آھيئي،
تون ڪيئن گڏجين غير سين، تنهن کي پـُٺ ڏيئي.
جو سڀ ڪنهن ساعت سپرين، مور نه وساريئي،
من لا شيخ له فشيخه الشيطان، سڻ ھيءَ حديث ھنيون
ڏيئي،
جو نشتر سين نگاه ڪري، پردو ڪڍيئي.الخ(١١)
مئين عيسي جي ڪلام مان اھو ظاھر
ٿئي ٿو ته سندس ڪلام سنڌ جي اساسي شاعريءَ جو حصو
آھي. جنهن ۾ توحيد، رسالت، تصوف ۽ اخلاقي مضمون
ظاھر آھي. صنفن جي لحاظ کان سنڌي بيت ۽ طويل نظم
ڪلمات يا ”سنڌي“ مئين عيسي جي ڪلام۾ شامل آھي. ھي
ڪلام ٻارھين صدي ھجريءَ جي شاعرانه اسلوب سان ھم
آھنگ آھي.
ميون عنات رضوي.
مئين عيسي وانگر مئين شاھه عنات رضوي بابت به جيڪو
احوال مليو آھي، تنهن موجب ھو شاھه عبداللطيف جي
جوانيءَ وقت وڏي عمر جو ھو. ھن ٻنهي شاعرن جي ڪلام
جو شاھه جي رسالي ۾ شامل ٿي وڃڻ به اھو ظاھر ڪري
ٿو ته ھو آڳاٽا ۽ شاھه صاحب جا وڏا ھمعصر آھن. |