سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:19 

هنن بيتن جي روايت مان لڳي ٿو ته راوين پنهنجي حافظي مان جيڪي لکايو آهي يا قلمي ذخيرو مليو آهي، تنهن ۾ زائد لفظ يا غلط لفظ به آيا آهن، نڙ جي وجهه جي ڊگهن بيتن جو به وزن چست هوندو اهي. ٻيلي جي اڪثر شاعرن جي ڪلام ۾ ڪي لفظن ۽ وزن جا سقم موجود آهن. بهرحال اجھوڪي سنڌ کي ٻاهر جو هي ڪلام لطيفي دؤر کان شروع ٿي پوين شاعرن جي حوالي سان ويهين صديءَ جي وچ تائين ته آيو آهي. اُن کان پوءِ جون روايتون به هونديون.

ڪڇ جا شاعر

        سنڌ جي سرحدن جي ٻئي پار سنڌي ٻوليءَ جو ٿورو گهڻو واهپو رهيو آهي، جئن لس ٻيلي جو بيان ٿيو. اڃان بلوچستان جي ٻين حصن ۾ سنڌيءَ جو واهپو آهي، اُنهن جو ذڪر اڳتي فتح پور گنداواه ۽ سبيءَ جي حوالي سان ايندو. زير بحث عنوان”ڪڇ جا شاعر“ هيٺ ڏسون ته ڪڇ ۾ سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ لطيفي دؤر جي حوالي سان صورتحال ڪهڙي آهي؟

        شروع ۾ ڪڇ تي عربن جو تسلط رهيو. ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب، اُن کان پوءِ سنڌي نسل وارين ذاتين جو دائمي وطن ٿي رهيو(24). اندازو آهي ته ڪڇ جا راجا (راءُ) سنڌي نسل جا هئا. هي فقط ڪڇ رياست جي ڳالهه آهي. موجوده گجرات صوبي جي نه. هن وقت ڪڇ صوبي گجرات جو هڪ ضلعو آهي. ورهاڱي کان اڳ ڪڇ هڪ رياست هئي ۽ ڀڄ اُن جي گاديءَ و هنڌ هو. قديم زماني ۾ هن خطي کي اهير يا اڀير ديس سڏيندا هئا. سنڌ ۽ ڪڇ  جي وچ ۾ هڪ سؤ ميل ڊگهو رڻ آهي. هي رڻ بدين ضلعي جي ڏکڻ ۾ راهمڪي بازار کان شروع ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي لحاظ کان عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته وچ ۾ ايڏي وڏي رڻ جي باوجود ڪڇ جي ٻولي به سنڌي يا سنڌيءَ جي ڪڇي محاورو آهي. ڪجهه حلقا اهو خيال ظاهر ڪن ٿا ته ڪڇي هڪ جدا زبان آهي. هن سلسلي جي خيالن جي رد ۾ مون هڪ مراسلو(روزنامه هلال پاڪستان) لکيو ۽ اها ڳالهه ڪئي ته جي ڌيءَ ٿي رهڻ پسند ڪونهي ته ڀيڻ ٿي رهي ته به اسان جون اکيون ٿڌيون. هونئن ته ڪڇي ۽ سنڌي(معياري) جي لساني ۽ صرفي نحوي فرق لاءِ تفصيلي ذڪر ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر الانا ۽ محمد سومار شيخ ڪيو آهي. آءٌ فقط ڳالهه چٽي ڪرڻ لاءِ ايترو چوندس ته ڪڇي (محاوري) ۽ سنڌي (معياريءَ) جو بنيادي ڍانچو ساڳيو آهي. مثال : آءٌ وَچان ٿو(سنڌي ). آءٌ وڃان ٿو( ڪڇي). ڪي اسم جدا آهن:

1. بصر                (سنڌي)                ڏونگهري                      (ڪڇي)

2. زال          =              ٻائڙي                  =

3. ٻلو          =              متو                    =

4. ٻُرن         =              سيراڻ                  =

5. واڱڻ                =              ريڱڻا                  =

6. ڇا          =              ڪُرو                   =

7. پَڙو         =              گاگرو                   =

8. قلعو                =              گڍ                     =

9. گهوڙو              =              گوڙو                   = وغيره

        بدين ۽ ڀڄ ماضيءَ ۾ ايئن اچ وڃ، مٽي مائٽيءَ ۾ مشهور رهيا آهن. جيئن اجھوڪي سنڌ جا ڪي ٻه وڏا شهر. اچ وڃ اٺن، گڏهن ۽ بيل گاڏين وسيلي ٿيندي هئي. ڪڇ جي بيل گاڏيءَ کي رينڪڙو چئبو آهي. اُن جي شڪل موهن جي دڙي جي بيل گاڏيءَ واري آهي. ڀلا ُٺ، گڏهه يا ڍڳي گاڏيءَ جا ڍڳا ڏينهڪ هي رڻ اُڪري ويندا هئا. اجھ به بدين ۽ ڪراچيءَ جي ڪن علائقن ۾ ڪڇي آباد آهن. 1947ع کان پوءِ سرحد وچ ۾ آئي ۽ عام طور يا حاجي پير جي ميلي جا زيارتي پابنديءَ هيٺ اچي ويا.

        ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي هڪ مقالي ۾ ڪڇ جي ڪن شاعرن جا نالا ڏنا آهن. اُهي هي آهن: پير غوث محمد لکپت وارو، سيد مير صاحب آرکاڻي، باقر شاهه ناڙاپي جو، عمر لوهار ٻائٺ جو، سيد قسم مڏئي بندر جو، منٺار شاهه، ميون ملوڪ کوڙ لکپت جو ۽ چڱو جت(25). اُنهن مان مئين ملوڪ کوڙ، منٺار شاهه، ميان صاحب آرکاڻي واري، پير غوث محمد سيد قسم جون ڪافيون ڏيئي اُنهن جي زبان جي چٽائي به ڪئي اٿس. انهن شاعرن جي دؤر ۽ سن سال جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي.

        انهن مان ڪن ۽ ٻين شاعرن جو ذڪر محمد سومار شيخ پنهن تاليف ”ڪڇين جا قول“ ۾ ڪيو آهي. ڪلام به ڏنو آهي، پر سن سال جي خبر اُتان به نٿي پوي. بلڪ ڪن معاملن کي ويتر مُنجهائي وڌو اٿس. اُنهن ۾ ابوالحسن ۽ سندس عزيز ميان عبدالله واعظ عرف ميان مورئي کي ئي ڪنزالعبرت، خزانه اعظم ۽ ٻين ڪتابن جو ليکڪ قرار ڏنو اٿس (26). هاڻي قاسمي صاحب جي حوالي سان چٽائي ٿي چڪي آهي ته ڪتابن جو ليکڪ عبدالله موريو نورئي وارو هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا به عبدالله موريو نرئي وارو هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا به عبدالله موريو نرئي وارو لکيو آهي(27). حالانڪ نرئي وارو عبدالله، ذڪر ڪيل ڪتاب جو ليکڪ آهي ۽ عبدالله مروئي کان ٻيو آهي، جئن قاسمي صاحب جي حوالي سان وضاحت ٿي چڪي اهي. هن ئي باب جي شروع ۾ مخدوم عبدالله نرئي وارو جو ذڪر ڪري آيو آهيان. ڊڪاٽر الانا، ڪڇ مان مٺو شاهه جي رسالي وارو نسخو هٿ اچڻ جو لکيو آهي(28). اُهو به صحيح نه آهي، حقيقت ۾ اُهو رسالو مٺو شاهه کان 1956ع ڌاري محمد سومار شيخ سيراڻي تعلقي بدين مان هٿ ڪيو هو ۽ پير عالي شاهه صاحب کي ڏنو هئائين. اُن ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب کي ڏنو. هي سنڌ جو قلمي نسخو هو. مٺو شاهه به سنڌ جو هو.

        جئين عرض ڪيم ته ڪڇ جي شاعرن جي سن وار چٽائي ٿيل نه آهي. فقط نالا آيا آهن. محمد سومار به سن وار ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي. نالن مان ڪي هي آهن: جن بابت اندازو آهي ته انهن مان ڪي ارڙهين صدي عيسوي (لطيفي دؤر) جا هوندا، هارون راجسي پوٽو، ميانجي الهڏنو، (19 صدي ع)، حاجي عمر کٽي(مناظرو9، چڱو جت، عمر جوڻيجو، (بيت) حاجي محمد سمون( مترجم 18 صدي ع)، پير غوٿ محمد(رسالو)، باقر شاهه، مير صاحب آرکاڻي وارو، منٺار شاهه ، ميون ملوڪ کوڙ ۽ عمر منڌرو وغيره.

        هن شخصيتن جا ڪي بيت، ڳجهاريون، ڪافيون، مرثيا، راسوڙا ۽ ٻيا منظومات آهن. ڪي طويل ديني نظم به آهن. اُن کان سواءِ ڪي نثري ڪاوشون به آهن. ڊاڪٽر بلوچ ڪي ڪافيون پنهنجي مقالي ۾ ڏنيون آهن. محمد سومار شيخ مختلف صنفن مان ڪافي سان گڏ ڪن جا فقط اقتباس ڏنا اهن. اڪثر جي روايت به ڪمزور آهي.

        پوئين دؤر، اسان جي سانڀر ۾ علي شاهه گوهري ٿيو. اُن سان ملاقاتون به رهيون. هن غوث عالم شاهه عبدالقادر جيلاني ۽ سندن اولاد جي باري ۾ ننڍا ننڍا ڪتاب لکيا. ڪراچي ۽ بدين ايندو هو. ڪاراڻي، سليمان سوالي، عبدالرحيم پڇمي توڙي ٻيا ڪيترا ڪڇ جا علم پرور، شاعر ۽ نثرنگار ساماڻا، پر ڪتابن ۾ انهن جو اعتبار جوڳو احوال نه اچي سگهيو. ڪڇ جي ڪتابن جي سنڌ ڏانهن آمد به محدود رهي. اُن ڪري ائينچوڻ صحيح ٿيندو ته جڏهن ڪڇ جا ماخذ دستياب ٿيندا ته هي باب مڪمل ٿي سگهندو. هت آخر ۾ ٻه ڪافيون ڏجن ٿيون:

مون جا نيڻ نماڻا سپرين،

ره ڪا مان وٽ رات،

1- والنڀ آن جون واتون نهاريان،

ان جي تن اندر ۾ تات،

2- پرين سنڀوڙا پنهنجي وطن ڏي.

ڪري گهايل سين گهات.

3- ميان صاحب چئي مڱڻو آيا.

ڏيو ڏاڏين کي ڏات.

(ميان صاحب آرکاڻي وارو)

ڀَلين آيا سيڻَ اسانجي گر، ري ڀَلين آيا.

1- جتي جي آءٌ جھائي اڦتي جي آءٌ ٻائي.

هتي مون جو ڪهڙو قدر، ري ڀَلين آيا.

2- هيرا ني جَوار اُن جي جُتي جڙايان

ٻيو گوريان اُن تان جر، ري ڀلين آيا.

3- غوٿ محمد چئي کُسي منجهارا،

ديکيان اُن جو در، ري ڀَلين ايا.

باقي علائقا

سنڌ سرحد- پار ڪي ٻيا علائقا به آهن، جن ۾ سنڌي زبان ڳالهائي وڃي ٿي، پر اُتان جو قديم دؤر (يا لطيفي دؤر) جو ادبي جائزو نه ورتو ويو آهي، جيڪي آثار ۽ احوال موجود آهن، اُنهن تي هتي راءِ ڏيڻ مناسب آهي. اُهي سنڌ- سرحد پار علائقا آهن: راسٿان، سبي ۽ اُتر سنڌ ۾ پنجاب جا متصل علائقا جهڙوڪ ماڇڪو، رحيم يار خان ۽ بهاولپور جا ڪي ڳوٺ.

        راجسٿان، سنڌ جي سرحدي ٿري علائقي سان ڳنڍيو پيو آهي. سماج به ٻولي به، ٿري سنڌي به ڍاٽڪي به، ريڊيو ۽ ٻين ذريعن کان معلوم پيو ٿئي ته راجسٿان ۾ سنڌي مسلمان به رهن ٿا. ان ۾ ته ڪو شڪ ڪونهي ته اُنهن جي ٻولي سنڌي آهي. راجسٿاني يا پنگل، ڏنگل يا ٻيا محاورا به هنن جي روز مره جو حصو آهن. سنڌي شعر قديمدؤر(لطيفي) دؤر) جو هٿ نه آيو اهي. ڪي راجسٿاني شعر جا حوالا اُنهن شاعرن جا ملن ٿا، جيڪي انومان آهي ته سنڌي نسل جا آهن. جناب باغ علي شوق جي ڪتاب ”راجسٿاني زبان و ادب“ مان ظهور خان مهر ۽ ٻين بابت ڪي اشارا آهن. هي اردو زبان جو ڪتاب اسان جو ماخذ آهي. باغ علي شوق لکي ٿو ته ڪافي زماني کان راجائن وٽ علم دوستيءَ سبب پري پري کان شاعر چتور جي درٻار ۾ ايندا هئا. هو اسڪالر لڪسمي ڪماري چنڊاوت جي حوالي سان لکي ٿو ته اُنهن ۾ مالوه، گجرات ۽ سنڌ جا شاعر به هوندا هئا(29). باغ علي شوق سنڌ ۽ راجسٿان جي ٿري سماج ۽ زبانن جي سُٻند جو خاص طور ذڪر ڪيو آهي ۽ سنڌيءَ جا مثال توڙي راجسٿاني شعرن جا مثال سنڌي صورتخطي ۾ لکيا اٿس. سماج جي حوالي سان لکيو اٿس ته چارڻ گجرات ۽ سنڌ ۾ رهن ٿا. سنڌي جنگ نامن ۾ حسين چارڻ، دين محمد چارڻ، کمن چارڻ۽ جمن چارڻ جو بيان ڪيو اٿس. سنڌي ۽ راجسٿاني ڳاهُن، ڀٽن ۽ ڀانن جو ذڪر به ڪيو اٿس(30). هن مان قديم ربط جو اشارو ملي ٿو. راسوڙو جيڪو سنڌ ۾ هڪ ڀڄن جو قسم آهي، اُن کي راسو مان نڪتل قرار ڏي ٿو(31). پرٿوي راج راسو ۽ ٻيا نظمي ڪتاب به انهي سلسلي جي ڪڙي آهن. قديم وقت جي راجسٿان جي شاعرن جو بيان ڪري ٿو، پر اُنهن کان سواءِ جن اديبن جو ذڪر ڪري ٿو، تن ۾ ظهور خان مهر، مدن موهن پريهار(پرهياڙ) ۽ دلپت پرهيار جا راجسٿاني ڪلام آندا اٿس. انهن نالن جو سنڌ سان ذات جو واسطوآهي. لطيفي دؤر جا ڪي به شعر نه مليا آهن.

سبي خطو: بلوچستان جو هي حصو سنڌي زبان ڳالهائڻ وارن جو آهي. هتي پڻي پٺان ۽ ٻيا قبيلا سنڌي ڳالهائن ٿا. ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهيءَ منهنجي رهبريءَ ۾ ”سبي خطي جي سنڌي محاورن“ جي عنوان سان سروي ڪئي ۽ سنڌي زبان جي انهن مختلف محاورن جو جائزو ورتائين، جيڪي اُن سڄي علائقي ۾ رائج آهن، جيڪو اولهه ۾ ڪوئٽا جي قريب تائين پکڙيلآهي، پر ڪا ادبي تاريخ مرتب ٿيل نه آهي. اُن ڪري قديم زماني کان ڪي سنڌي شاعر هئا يا نه هئا، اهڙي خبر نه آهي.

اُتر سنڌ کان پنجاب طرف: هن طرف ماڇڪي رحيم يار خان ۽ بهاولپور جي ڪن ڳوٺ تائينسنڌيءَ جا ڳالهائيندڙ ته آهن پر ادبي جائزو نه ورتو ويو آهي. ايندڙ وقت ۾ اُهو ٿيڻ کپي.

صنفون:  شاعريءَ جي پهرئين دؤر ۾ بيتن، گنانن ۽ واين جو ذڪر ٿي آيو آهي. هن دؤر ۾ باقي صنفن ۾ وائي به اهي، مولود، بيت ۽ لوڪ ادب جون نظمي سٽائون به آهن. هر صنف جي هيئت، وزن ۽ موضوع جي لحاظ کان اهميت هوندي اهي. سنڌيءَ ۾ اُن سلسلي ۾ اڀياس جا ڪتاب به موجود آهن، جن ۾ ڊاڪٽر خليل جو رهنماءِ شاعري جلد ٽيون ۽ جهمٽ مل خوبچنداڻيءَ جا ٻه ڪتاب چند سڳند ۽ عطر عروض موجود اهن. اهي ۽ صنفن بابت ڪتاب ڌيان سان پڙهڻ گهرجن.

حوالا

1.      غني، محمد خان، سنڌي جي جديد شاعري، 1936ع

2.     ايضاً – ص 7

3.     بيخود، اسدالله شاهه(اسد) ٽکڙائي، تذڪره شعراءِ ٽکڙ، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص ص 18-19

4.     ايضاً – ص 20

5.     ايضاً – ص 20

6.     احسان بدوي، سانگي، شخصيت فن ۽ ڪلام، ڪراچي 1965ع، ص 14

7.     بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع، مهاڳ ص ”ب“.

8.     تفصيل لاءِ ڏيوِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو، لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين 1998ع

9.     تفصيل لاءِ ڏو : ڊاڪٽر عبدالجبار جونيجو، ڊاڪٽر سنديلو: هڪ مطالعو، سنديلو اڪيڊمي، لاڙڪاڻو 2002ع

10. بلو، نبي بخش خان، سنڌي سينگار شاعري، سنڌي ادبي بورڊ، 1986ع، ص ص 78 کان 85

11.  بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) ٻيلاين جا ٻول، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، سنڌ، 1970ع، ص 10

12. ايضاً -  ص 12

13. ايضاً -  ص 13

14. ايضاً -  ص ص 279 کان 278

15. ايضاً -  ص 276

16. ايضاً -  ص 290

17. ايضاً -  ص 291

18. ايضاً -  ص 334

19. ايضاً -  ص 336

20.                        ايضاً -  ص 337

21. ايضاً -  ص 337

22.                        ايضاً -  ص 255

23.                        ايضاً -  ص257

24.                        بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر، مقالو: سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو، مهراڻ جا موتي، نئين زندگي پبليڪيشنز ڪراچي 1956ع، ص 228

25.ايضاً -  ص 229

26.                        شيخ، محمد سومار، ڪڇين جا قول، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع، ص ص 142.

محمد سومار شيخ، ڪڇ بابت ٻيان به ڪتاب لکيا آهن، جيڪي قلمي صورت ۾ بدين ۾ سندس پوين وٽ آهن. اُهي آهن: ڪڇ جا شاعر اوليا، ڪڇ جا ڪي سنڌي شاعر، ڪڇ جا شاعر ۽ سنڌي ۽ ديوان ڦل ڪوراڙ.

27.                        الانا، غلام علي، (ڊاڪٽر). سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي، سنڌالاجي، 1979ع، ص 37

28.                        ايضاً -  ص 39

29.                        شوق، باغ علي، راجسٿاني زبان و ادب، راجسٿان ادب سڀا گندر آباد ڪراچي. 1992ع (ص حرف چند ب)

30.                        ايضاً -  ص ص 16-17

31. ايضاً -  ص 21

سنڌي ادب جي تاريخ

 

(ٽيون دؤر)

باب پهريون

ميرن جي صاحبي(1739-2000ع)

        ڪلهوڙا خاندان جي آخري حڪمران جي ڪمزوري، سازشن ۽ لالچي اميرن جي ريشه دوانين هن خاندان جي حڪومت جو خاتمو آندو. ميان سرفراز جي ناعاقبت انديشي، ميان غلام نبي ۽ عبدالنبيءَ جي اقتدار جي بک جيڪا صورتحال پيدا ڪئي، اُن ملڪي حالات کي تمام نازڪ ڪري ڇڏيو. مير بهرام ٽالپر کي ميان سرفراز سازشين جي اثر هيٺ مارايو ۽ اُن جا پٽ به ماريا ويا. اِتي ٽالپورن به اک کولي. ميان غلام نبي ۽ عبدالنبي حاڪم ٿيا. ميان سرفراز فرار ٿيو. قيد ٿيو ۽ قتل ڪيو ويو.

        ٽالپورن 1783ع ۾ سنڌ جي حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ مير ٽالپورن جي پهريون چ‍ؤياريءَ جي حڪومت جو سرشتو جاري ٿيو. مير فتح علي خان ٽالپور سنڌ جي حڪومت ۾ پنهنجن ڀائرن مير ڪرم علي، مير غلام علي ۽ مير مراد عليءَ کي شامل ڪيو. هي سرشتو ”چوياري“ جي نالي سان اڳتي هليو. ايئن هيءَ پهرين چؤياري سڏجڻ ۾ آئي. اُن سان ميرپورخاص ۽ خيرپور جا علائقا ٻين ميرن جي سربراهيءَ ۾ جدا جدا رهيا. حيدرآباد جو چؤياريءَ جو سلسلو هيئن هليو جو ڪنهن مير جي وفات کان پوءِ هڪ ٻيو شامل ڪيو ويو. ايئن هي سرشتو جاري رهيو. وڏو مير رئيس ۽ حڪمرانن جي درجي تي رهيو. انهيءَ طرح هيٺيان مير حيدرآباد جي تختگاهه ۾ سنڌ جي ڪراچيءَ کان سيوهڻ ۽ ٽنڊي الهيار کان کير ٿر جبل تائين واري ايراضيءَ جا حاڪم رهيا. سندن فهرست ۽ دؤر حڪومت هن طرح رهيو:

1. مير فتح علي خان (1783- 1802ع)

2. مير غلام علي خان (1802-1811ع)

3. مير ڪرم علي خان (1811- 1828ع)

4. مير مراد علي خان (1828-1832ع)

5. مير نور محمد خان (1832- 1840ع)

6. مير محمد نصير خان (1840- 1843ع)

انگريزن جو قبضو (1843- 1947)

        انگريزن سڄي هندوستان واري پاليسي سنڌ سان به روا رکي. شرافت ۽ تجارت جو لبادو پائي، سنڌ تي به حملو ڪيائون. مياڻيءَ جو آخري معرڪو سنڌ جي غلاميءَ جي صورت بڻيو. 16 فيبروري 1843ع تي چارلس نيپئر هالن کان مٽياريءَ پهتو. هن سان 28 سؤ سپاهي ۽ 12 توپون هيون.

        17 فيبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي جنگ شروع ٿي جا فقط 3 ڪلاڪ هلي. انگريزن جا فقط 27 سپاهي ماريا ويا. سنڌ جي لشڪر جي بي سرو ساماني ۽ ميرن جي نااتفاقيءَ کين شڪست جو منهن ڏيکاريو. حيدرآباد ۽ خيرپور جي سرڪارين جو خاتمو ٿيو. ميرپورخاص جي سرڪار معرڪا ڪيا، پر ڪامياب نه ٿيا. 18 فيبروري 1843ع تي مير نصير خان حيدراباد ۾ انگريز جنرل اڳيان تلوار لاهي هيٺ رکي ۽ شڪست قبول ڪيائين. جنرل چارلس نيپئر 1847 تائين، سنڌ جو گورنر رهيو. لنڊن ۾ 1852ع ۾ وفات ڪيائين.

        سنڌ کي بمبئيءَ سان شامل ڪيو ويو ۽ پرنگل سنڌ جو پهريون ڪمشنر ٿيو. جيڪو سلسلو چڱو هليو. اٽڪل چوڏهن ڪمشنر ٿيا. ڪي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪمشنر ٿيا. جن جي نيڪ ڪمن جو وچور خداداد خان ڪتاب ”لُب تاريخ سنڌ“ ۾ ڏنو آهي. اُن ڪتاب تي مير مرتضائي ٺٽوي ۽ ٻين وب داد ڏنو آهي. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي 1936ع ۾ ٿي. پهرين اپريل 1936ع تي نئين سنڌ جو پهريون گورنر ڪراچيءَ پهتو. اُن کان پوءِ سنڌ صوبائي اسيمبلي ۽ سنڌ وزارت جو دؤر شروع ٿيو. شڪر الحمدلله سنڌ وزارت جو اهو سلسلو 1947ع يعني پاڪستان ٺهڻ تائين خوب هليو ۽ اُها چال اڃا جاري آهي.

        پاڪستان جو دؤر ويجهڙائيءَ جي تاريخ آهي. اُن سنڌ کي جيڪي ڏنو آهي. سو عالم آشڪار آهي. هاڻي ته سنڌ ڪالاباغ رٿا جا رنگ پسي رهي آهي.

        سنڌ ادب جي تاريخ جو هي دؤر سچل سرمست جي ولادت واري سال 1739ع کان شروع ٿي سندس مريدن تائين ايندو.

سچل سرمست

سنڌي ادب جي شينهن، ميان عبدالوهاب عرف سچل سرمست درازن ۾ سائين ميان صلاح الدين جي گهر پيدا ٿيو. سندس ولادت جي سال جي باري ۾ به هاڻي ڪي تضاد سامهون آيا آهن. سوانح ۽ ڪلام جي باري ۾ به ڪي اختلاف سامهوهن آيا. ايئن هر وڏي شخصيت جي باري ۾ ٿيندو آيو آهي. بهرحال سچل سائينءَ جي سوانح ۽ ڪلام جن ماخذن ذريعي عوام الناس جي سامهون آيو آهي، اُهي خاص ماخذ هي آهن:

ماخذ

سچل سرمست جي ڪلام جي پهرين مجموعن ۾ مرزا علي قلي بيگ جو رسالو سچل سائينءَ جو آهي. هي رسلاو 1902ع ۾ ابو العلائقي پريس آگري ۾ ڇپيو ۽ ماستر هريسنگهه ڇاپخاني سکر شايع ڪيو، علي قلي بيگ، مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ هو. جنهن 1895ع کان وٺي سچل جو ڪلام گڏ ڪرڻ شروع ڪيو هو. هي رسالو ٻن جلدن ۾ آهي. پهرئين جلد ۾ ڪافيون ۽ ٻئي ۾ بيت، سي حرفيون ۽ وحدت نامو آيل آهي. هي ڪلام بنا ڪنهن تحقيق جي جمع ڪيل آهي. هي پهريون رسالو آهي ۽ هن تي تنقيد به گهڻي ٿي آهي.

رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام): هن جو مرتب عثمان علي انصاري آهي. هي رسالل پهرين سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ شايع ڪيو ۽ پوءِ بورڊ ۽ ڪن ٻين ادارن وڌيڪ ڇاپا شايع ڪيا. هن جي باري ۾ محققن تنقيد به ڪئي ۽ آهي ۽ ڪلام جي صحت توڙي شموليت تي اعتراض ٿيا آهن.

سچل سرمست جو سرائيڪي ڪلام: هي ايڊيشن مولوي محمد صادق راڻيپوريءَ مرتب ڪيو آهي. انصاريءَ جي بنسبت تفصيلي مقدمو لکيو اٿس. هي رسالو سنڌي ادبي بورڊ 1959ع ۾ شايع ڪيو. آخر ۾ سچل جو اردو ڪلام به شامل ڪيل آهي. هن ايڊيشن ۾ آندل ڪلام جي صحت بابت به تنقيد ٿي آهي.

سچل جو ڪلام عرف عاشق الهام: هي ڇاپو 1952ع ۾ بڙودي(ڀارت) مان سچل سائنيءَ جي هڪ صادق اليقين مريد هندو عورت هاسي ٻائي)ڪن روايتن موجب رُڪي ٻائي) عرف نماڻي فقير شايع ڪيو. سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ هن رسالي کي وري شايع ڪيو آهي.

سچل جو رسالو: آغا غلام نبي صوفي جو لکيل هي رسالو 1933ع ۾ ڇپيو. پورفيسر لطف الله بدويءَ پنهنجي تاليف تذڪره لطفي (جلد اول) ۾ هن تي اُن لحاظ کان تنقيد ڪئي جو هن ۾ شاهه ۽ سچل جي روحانيت ۽ ڪلام بابت نازڪ مسئلن کي ڇيڙيو ويو هو. ڊاڪٽر نبي بخس خان بلوچ، سچل ادبي ڪانفرنس ۾ توسيعي ليڪچر ۾ خيال ظاهر ڪيو ته آغا صوفيءَ بجاءِ رسالو ولڀداس جو تيار ڪيل هو: ”ڀائر ولڀداس هو، تنهن سچل سائنيءَ جو رسالو لکيو. ٻه چار اکر ڪي آغا صاحب به لکيا(1)“ ” شاهه سان ڀيٽ ۽ ڍڪڻ لاهڻ واري ڳالهه به ولڀداس لکي (2)“ . آغا صوفيءَ جي هن تاليف ڪيترن تضادن کي جنم ڏنو. بدوي صاحب، روحانيت ۽ شاعريءَ جي ڀيٽ بابت ايترو لکيو ته روحاني درجي جي پرک ڪرڻ آسان ڪونهي.

علي اڪبر درازيءَ جا مثنويات سچل جا ترجما: درازي صاحب به هڪ صادق اليقين مريد هو. هن سچل سرمست کي شهنشاهه عشق ۽ ٻيا لقب ڏيڻ سان گڏ کيس هڪ ئي زبان ۾ ڪلام چوڻ وارن کان ممتاز قرار ڏنو. هيءَ ڳالهه هن سچل سرمست بابت ننڍن ڪتابڙن ۽ مثنوين جي سنڌي ۽ اردو ترجمن ۾ ڪئي. مثنوين جو سنڌي ترجمو پروفيسر عطا محمد حاميءَ به ڪيو.

سونهارو سچل: هي ڪتاب لالچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ لکيو ۽ 1916ع ۾ ڇپيو. اُن کانپوءِ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ ٻين ليکڪن ڪتاب ۽ مقالا لکيا. ديوان آشڪار(فارسي ديوان) به ڇپيو. انگريزي، اردو، پنجاب۽ سرائيڪي ۾ به مقالا ڇپيا. سچل ادبي ڪانفرنسن جا مقالا به شايع ٿيا.  1981ع کان مسلسل سرمست جرنل شايع ٿيندو اچي. سچل چيئر جي مخزن آشڪار جي اشاعت به جاري. محمد علي حداد سچل تي ببليو گرافي لکي. سرمست جو وچور پنهل ڏهر ترتيب ڏنو. ڪيترن عالمن جا مقالا سرمست ۾ ڇپيا. جن ۾ سچل سائينءَ جي ڪلام جي صحت بابت خادم عباسيءَ جو ڪم قابل قدر آهي. هيٺيان ڪتاب به سچل سائنيءَ جي ڪلام بابت آهن:

1. رشيد ڀٽي، سچل جو مڪتب

2. حميد سنڌي، آري اچين شال

3. ڊاڪٽر نواز علي شوق،      سچل سارو سچ(ترتيب)

4. =   =      =      فقير محمد صالح

5. =   =      =      ڪلام فقير عبدالله ڪاتيار

6. =   =      =      سنڌ جو عطا

7. =   =      =      سچل سرمست جا طالب

8. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سچل جو سنيهو

9. ٻلديو مٽلاڻي، سچل جون واديون

10. ڪلياڻ آڏواڻي، سچل

        هنن ڪتابن کان سواءِ ادبي تاريخن ۾ به سچل سائين تي باب لکيل آهن. هنن سڀني ماخذن تان استفادو ڪيل آهي. ضروري بحث به ڪيو ويو آهي ۽ حُالا ڏنا ويا آهن. اُن کان سواءِ سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ جو جريدو سرمست خاص طور زير نظر رهيو.

سوانح: موجوده وقت جي تقاضائن موجب سچل سرمست جي سوانح عمري لکڻ ۾ خاص خبرداريءَ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه سندس وڏن، ڄمڻ جي سال ۽ جوانيءَ واري دؤر جي حالات بابت نظر ۾ رکڻ کپي.

        سچل سرمست جي سوانح نگارن مان مولوي محمد صادق راڻيپوري ان ڪري اهم آهي، جو سندس دلچسپي سچل سائينءَ جي حالات ۽ ڪلام ۾ اُن وقت کان رهي، جڏهن سچل سائين کي وفات ڪئي فقط ستهتر سال ٿيا هئا(3). ٻيو ته آندل فقير فاروقي، آندل فقير بالادي ۽ ٻين فقيرن کان توڙي انهن جي والدين کان احوال مليس جن سچل سائين کي ڏٺو(4). مولوي راڻيپوري اندازاً اُنيءَ زماني (1902ع) کان هن موضوع تي سوچ ويچار شروع ڪيو. جڏهن سچل جي رسالي جو پهريون ڇاپو(مرزا علي قلي بيگ وارو) شايع ٿيو. مولوي صاحب، سچل سائين جي وفات جي زماني جي ويجهن ذريعن وٽان موادو ورتو. اُنهن مان ذڪر ڪيل آندل فقير فاروقي اهم آهن، جنهن وٽ سچل سائنيءَ جي جتي ۽ ٻيا تبرڪات هئا(5).

        مولوي محمد صادق، سچل سائنيءَ جو سجرو به ڏنو آهي، جنهن موجب 36 هين پيڙهيءَ ۾ سندس نسب جو سلسلو حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنھ سان ملي ٿو. اهو ئي شجرو پوين ۽ اڳين سوانح نگارن حوالي ۾ آندو آهي ۽ اُن ۾ شيخ شهاب الدين جو ذڪر آهي ته هو محمد بن قاسم جي لشڪر سان آيو ۽ سنڌ جي فتح کان پوءِ سيوهڻ جو گورنر ٿيو. انهن سياسي معاملن جي تصديق اڃان ٿيڻي آهي. ان تي سڀ سوانح نگار متفق آهن ته سچل سائين فاروقي خاندان سان تعلق رکي ٿو، جي ان ڳالهه ۾ اڃان به ڪجهه تحقيق طلب آهي ته ڀلي هجي، خود ئي چئي ڇڏيو اٿس ته آءٌ جو ئي آهيان سوئي آهيان!

        هن خاندان ۾ سچل سائينءَ جو ڏاڏو ميان محمد حافظ عرف صاحب ڏنو (1101-1192هه) هڪ اهل دل درويش ٿي گذريو آهي. سندس ٿورو سنڌي شعر به موجود آهي. اُن مان ڪجهه بيت ڪتابن ۾ آيا آهن. ميان صاحب ڏني سان روح رهاڻ لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي درازن آيو هو. سچل سرمست ته درازن کي شهر سڏيو آهي. روايت آهي ته مخدوم بهاءُالدين ذڪريا ملتاني سنڌ ۾ آيو ته فاروقي خاندان جي بزرگن سان مليو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ به هن خاندان جي عزت ۽ تڪريم ٿي. کين جاگيرون مليو، جيڪي پاڻ پنهنجي قريبي مريدن ڪاجن ونڊير ۽ دراز ونڊير کي آباد ڪرڻ لا3 ڏنيون. اُنهن ونڊيرن ٻه ڳوٺ پنهنجن نالن سان آباد ڪيا، جن مان درازا اڄ به دنيا جي توجهه ۽ عقيدت جو مرڪز آهي. درازا جي عظمت جا نشان ميان صاحب ڏني کان چٽا ڏسجن ٿا(6).

        ميان صاحب ڏني جي عبادت رياضت جون ڳالهيون زباني روايتن مان ڪتابن جي زينت بنيون آهن. مولوي محمد صادق راڻيپوري اُنهن جو ذڪر ڪيو آهي. اُنهن ۾ ڀٽائيءَ جو ملاقات لاءِ اچڻ، ميان صلاح الدين ۽ ميان عبدالحق کي ڪؤنرو کڻي اچڻ لاءِ چوڻ، مجذوبه واري روايت، چنيهه فقير واري روايت ۽ سندس اهل دل درويش هجڻ جون ڳالهيون آهن. ميان صاحب ڏني جا بيت مولانا راڻيپوريءَ ڏنا آهن. اُهي جي اڳ ۾ بيان ٿي آيا آهن(7).

        ميان صاحب ڏني جو ٻيو به ڪلام آهي، جنهن ۾ ڪافيون به آهن(8). هن ڪلام مان ميان صاحب ڏني جي تصوف ڏانهن لاڙي جي خبر پوي ٿي. ڪلام ۾ عشق الاهي جو ذڪر تصوف جي اصطلاحن ۾ ڪيو اٿس. سندس فرزند ميان عبدالحق جي شعر بابت مولوي راڻيپوريءَ هي روايت ڏني آهي: ”ميان عبدالحق صاحب پڻ شعر چيو هو. مؤلف حقير سان، اندل فقير فاروقيءَ ڳالهه ڪئي هئي ته هُن وٽ سندن ڪلام لکيل هئا: جاءِ کي باهه لڳي جنهن ۾ هو بياض ڪلامن جو ۽ ٻيا تبرڪات سڙي ويا هئا(9).“ مولانا راڻيپوريءَ، ميان عبدالحق جي چيل حضرت پيران پير جي مدح ڏني آهي، جنهن جو مطلع هي آهي:

بهر خدا و مصطفيٰ يا غوث رب العالمين!

دل کي ڪرين سيد صفا، يا غوث رب العالمين!

        ميان عبدالحق جي فارسي ڪلام جو به مولوي صاحب ذڪر ڪري ٿو. ميان عبدالحق 1214هه ۾ وفات ڪئي. قبر تي ڪتبو سچل سرمست جو لکيل آهي.(10)

سچل سرمست جي ولادت: سندن نالو عبدالوهاب رکيو ويو، پر سچل جي سهڻي نالي سان آشڪار ٿيو. فارسي ڪلام ۾ تخلص به آشڪار اختيار ڪيائين. سچل سرمست جي ولادت جا هجري ۽ عيسوي سال جيڪي پهرين رڪارڊ تي آيا اُهي آهن 1152هه/ 1739ع. تازو ولادت جي سال جي باري ۾ ڪي ڳالهيون ظاهر ٿيو آهن. اُهي خانداني شجري جي حوالي سان سامهون آيون. ولادت جي سال جي سلسلي ۾ پهريون حوالو حقيقت ۾ مرزا علي قلي بيگ جو اچڻ کپي، جنهن لکيو ته : ”ميان سچل فقير 1170هه مطابق 1757ع ۾ ڄائو ۽ سندس وفات 24 رمضان 1242هه مطابق 1829ع ۾ ٿي، جنهن حساب سان سندس عمر 72 ورهه ٿي.(11)

        مرزا علي قلي بيگ اهو به لکيو ته : ”ڪي چون ٿا ته سندس عمر 90 ورهه هئي (12)“. ”پر اسان کي خبر آهي ته شاهه صاحب، سچل فقير کي ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو(13). “ اُهي روايتون جيڪي سچل سرمست جي ولادت جي سال 1152هه/ 1739ع موجب بيان ٿيون آهن، اُنهن ۾ شاهه صاحب جو درازن اچڻ ۽ سچل سائين جي ڏاڏي سان ملڻ(ٻه ڀيرا) ظاهر ڪن ٿيون. سي 1170هه/1757ع جي ولادت جي سال موجب اعتبار جوڳيون نه رهنديون، جن ۾ ڍڪڻ لاهڻ واري روايت به آهي. هوڏانهن سچل سائينءَ جي والد يا چاچي مان ڪنهن جو گادي نشين ٿيڻ واري روايت به اعتبار ۾ نه ايندي ڇو جو ميان صلاح الدين پنهنجي والد جي زندگيءَ ۾ بلڪ اُن جي وفات کان 16 (سچل جي 1170هه جي ولادت جي سال موجب) سال ۽ 34 (1152هه سچل جي ولادت جي سال موجب) سال اڳ وفات ڪري چڪو هو. هوڏانهن 1124هه ۾ ميان عبدالحق جو نالو گادي نشين طور، ميان صاحب ڏني مرشد شاهه عبيدالله جيلانيءَ طرفان حبيب الدين جي مسجد ۾ لکڻ به مشڪوڪ آهي(14). ڇو جو ميان صلاح الدين پنهنجي والد کان گهڻو اڳ وفات ڪري چڪو هو ۽ کٻڙن مان ڪؤنرو کڻي اچڻ واري آزمائش جي به ضرورت نه هئي. جو پيءُ کان اڳ وفات ڪري چڪو سو ڪيئن خوشيءَ سان ننڍي ڀاءُ کي مسند تي ويهاريندو!(15).

        ذڪر ڪيل سڀ روايتون مرزا علي قلي بيگ تان مولانا راڻيپوري ۽ ٻين سوانح نگارن ورتيون. سن سال پوري وضاحت ڪن ٿا، سچل جي ولادت جو سال 1152هه يا 1170هه، ڪهڙو به مڃجي ته هيءَ ڳالهه چٽي آهي(16). ته ميان عبدالحق اڪيلو ئي زنده هو، جيڪو 1192هه ۾ والد جي وفات کان پوءِ ارشاد جي گاديءَ تي ويٺو ۽ پنهنجي ڀائيٽي ميان عبدالوهاب عرف سچل جي تدريسي ۽ روحاني تعليم جو انتظام ڪيائين.

        مرزا علي قلي بيگ ۽ اُن کان پوءِ ٻين سوانح نگارن مولانا راڻيپوريءَ سُوڌو اهو لکيوته حافظ عبدالله قريشيءَ وٽ سچل سائينءَ قرآن شريف (۽ ٻي تعلي) لاءِ ويهاريو ويو. جنهن وٽ قرآن شريف حفظ ڪيائين(17). سچل سرمست جو چاچو ۽ روحاني رهبر ميان عبدالحق سندس رهن ما بنيو. کيس عربي، فارسي ۽ تصوف جي رمزن کان واقف ڪيائين. ائين روحاني تعليم کان واقف ٿيڻ سان گڏ، پورو پورو تعليم يافته ۽ حافظ بنيو. سچل سرمست ڇو سڏجڻ ۾ آيو، اُن لاءِ سندس ڪلام ۾ نينهن جا نعرا ئي هڪ وڏو سبب آهن. هونئن پاڻ ڪو تارڪ ۽ مست الست نه هو. طبقاً منفرد انداز جو شخص هو. ايڪانت پسند هو. تن تنها جهنگ ۾ گهمندو هو ۽ بلڪل ما، صبر ۽ فڪر ۾ وقت گزاريندو هو، ننڍي هوندي کان وٺي آخري عمر تائين نه ڪڏهن شڪار ڪرڻ جي شغل کي ويجهو ويو نه ڪڏهن ڪو پکي يا جانور هٿ سان ذبح ڪيائين. نڪو ڪڏهن ڪنهن معمولي نشي جي عادت رهيس.

        ”جواني ۽ ايام شباب ۾ نماز جو پورو پابند هو. ورد وظيفي ۾ مشغول رهندو هو. پنجاه سالن جي عمر کي رسيو ته پوءِ موج مستيءَ ۾ عروج جي حالت ۾ بيخود ٿيو، استغراق ۾ رهندو هو. ”مرزا علي قلي بيگ لکي ٿو ته: ”شعر مستيءَ ۽ بيهوشيءَ (بيخوديءَ) جي حالت ۾ چوندو ويندو هو. منشي ۽ فقير لکندا ويندا هئا ۽ جڏهن هوش ايندو هو ته چئي ٻڌائيندا هئس ته پاڻ چوندو هو ته بابا اهو چوڻ واري چيو آهي، مون کي ته خبر به ڪانهي.(18).“

        سچل سائينءَ جي شخصيت ۾ سادگي ۽ وقار جا چٽا اهڃاڻ ملن ٿا. هو رات جو اڪثر نه کائيندو هو. سندس کاڌو به سادو هو. پهر واس به سادو هوس. مولانا راڻيپوري، سچل سرمست جي شڪل شبيهه بابت لکي ٿو ته: ”سندس قد سڌو درميانو هو، رنگ صاف کليل، بادام جهڙو، خد و خال دلڪش، اکيون وڏيون چيروون آهُ چشم، گيسو دراز، اڇو پهراڻ ۽ اڇي کٿيءَ جي چادر يا کاڌيءَ جي گوڏ ٻڌندو هو. سبز تاج مٿي تي پائيندو هو(19).“

        اهڙيءَ طرح مرزا علي قلي بيگ لکي ٿو: ”پيريءَ ۾ سفيد ريش هئس. رنگ ڪو نه لائيندو هو. جُتي به ڍڪيندو هو. اگرچ ڪڏهن ڪڏهن پيرين اگهاڙو به رهندو هو. لٺ هٿ ۾ کڻي هلندو هو. وهٽ تي اڪثر نه چڙهندو هو. زمين تي يا ڪاٺ جي صندن تي ويهندو هو ۽ سمهندو هو. کٽ ڪم نه آڻيندو هو. طنبورو به ساڻ رکندو هو(20).“

        سچل سرمست جي شادي پنهنجي چاچي، مرشد ۽ رهبر جي نياڻيءَ سان ٿي. هڪ فرزند جھائس، پر اُهو ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو. سچل سرمست هڪ وجداني ڪيفيت ۾ رهيو. ڪلام چوندو هو ته مٿس خاص ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. طنبورو کڻي نچندو ۽ ڳائيندو هو. اکين مان آب جاري ٿي ويندو هوس. سندس ڪلام سنڌي، سرائيڪي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ آهي. کيس هفت زبان شاعر به سڏيو ويو آهي. اُن باري ۾ محققن ۾ اختلاف به آهن. حقيقت هيءَ آهي ته سچل سرمست جو ڪلام سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ وڌيڪ نمايان ٿيو آهي ۽ نهايت اعليٰ معيار جو آهي. گهڻين زبانن ۾ چوڻ ۽ گهڻو ڪلام چوڻ ڪو دليل ڪونهي، دليل معيار هجڻ کپي. صنفن جي لحاط کان سچل سائين جو ڪلام، بيتن، واين، ڪافين، غزلن، جهولڻن، سي حرفين، مدحن ۽ مثنوين وغيره تي مشتمل آهي. سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ سندس بيت ۽ وايون، ڪافيون، فارسيءَ ۾ مثنويون ۽ غزل بلند معيار جا آهن.

         سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ درد جو درياءَ سمايل آهي. ڪن محققن عقيدت وچان جذباتي رايا ظاهر ڪيا آهن. آغا غلام نبي صوفيءَ ايستائين به چيو ته سچل سرمست شاعريءَ توڙي روحانيت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان هر طرح بلند آهي!! اِن راءِ جو جواب پروفيسر لطف الله بدويءَ پنهنجي تاليف تذڪره لطفي جي پهرئين جلد ۾ ڏنو. جنهن جو لب لباب هي آهي ته ٻن اهل درويشن جي ڀيٽ ته ڪو علمي ڪارنامو ڪونهي. البت شاعري پڙهندڙن ۽ نقادن جي اڳيان آهي. سچل سرمست پنهنجي اسلوب، انداز بيان ۽ زبان ۾ هڪ اعليٰ شاعر آهي؛ اُن جي ڪنهن کي انڪار ڪونهي. ادبي پرک ڪو عيب ڪونهي. تنقيد جا به ڪي اُصول آهن. اُنهن جو اطلاق ادبي پرک ۾ ڪرڻ گهرجي.

        سچل سرمست پنهنجي مخصوص انداز ۾ جيڪي ڪجهه چيو سو هڪ جرت مندانه انداز آهي. پنهنجن جذبن جو برملا اظهار ڪيائين. فرسوده رسمن ۽ ملائيت جي خلاف اعلان جنگ ڪيائين. ڪبير چيو:

حدين جائي هر ڪوئي، بيحد نه جائي ڪوئي،

بيحد ڪي ميدان ۾، کڙا ڪبيرا روئي.

        سچل سرمست وک وڌائي چيو:

حدين وڃي هرڪو، بيحد وڃي پير،

سچو سو فقير، جو حد لاحد لنگهي وڃي.

        هُو بيحد جي ميدان کان اڳتي وڃڻ وارو نه آهي، اُهو پير آهي، نه پٺتي رهڻ وارو آهي نه پڇتاءُ ۾ ورتل آهي. سچل سرمست جي بيباڪي ڪلام جو بنيادي نُڪتو آهي. جا ڳالهه پردي پوش ۾ چئجي سا ظاهر ظهور ۽ چٽن لفظن ۾ چيائين. اُن ڪري مذهبي حلقن ۾ رنجش پيدا پيدا ٿي. اُن بيباڪيءَ تي شيخ اياز، سچل کي نذر عقيدت پيش ڪندي چيو: ”تنهنجا سمورا مولوي منهنجو هڪ سچل.“

        ڪي ڪي ڳالهيون زبان ۽ بيان ۾ ايترو چٽيون هونديون آهن، جو اعتراض ڪرڻ واري کي دليل جي ڍال به روڪي نه سگهندي آهي. مثال طور سچل سائين چوي ٿو:

ڪلمو پڙهان ته ڪافر ٿيان، گهڙان نه انهي گهيڙ،

جاڏي راه رسول جي، تاڏي نه پريان پير،

جي من مان ڪڍان نه مير، ته حضوري حاصل نه ٿئي.

        آخري سٽ ۾ اعتراض جو جواب ڏيئي ڇڏيائين. يا چيائين ته:

ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الهه آپ بڻيجي.

        جيڪڏهن سسئي پنهون جي داستان جي پردي ۾ ڳالهه ڪجي ته لِڪَ جي گنجائش ڪڍي سگهجي ٿي. مثال:

پاڻ پنهون تون آهين، ڪيچ وڻن ڇو ڪاهين؟

پاڻ پنهون مان آهيان، ڙي ڀينر ڀُلي ناهيان.

        تصوف جي پردي ۾ ڳالهه ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪندي به اظهار ايترو قوت ورو اٿس جو ڳالهه نهايت چِٽي انداز ۾ معلوم ٿئي ٿي. مختلف نيم تاريخي داستان واري ڪلام، توڙي روجهن ۽ وحدت نامي واري ڪلام ۾ شاعر پوري عروج تي آهي.

        سچل سرمست جي هيءَ بيباڪيء ۽ بلند آواز، بي سبب نه آهي. هيءَ اندر جي آتش آهي جا لفظن ۾ بيان ٿي آهي. عطار واري اُڇل ۽ منصوري موج ۾ اچي وڃي ٿو. عطار لاءِ چوي ٿو:

آنڪه عطار نه بود خدا بود خدا بود.

        جئن عطار چوي ٿو:

مُردن از عشقِ رُخ آن دلنواز،

بهتر از صدَ زندگانيءَ دراز.

        اُن حسن جو پر توو سچل سرمست جي دل تي پيو، جو چيائين ته:

دريءَ منجهارون دوست ڏٺوسي،

لالڻ ليئڙو پايو هليو ويو.

يا

انهن جادوگر اکين، بيران ڪيوسي،

انهن نيڻن سندي نازن، حيران ڪيوسي،

ميدان منجهه سچو، تهدليون آيو آهي،

انهن تارن سندين تبرن، نيشان ڪيوسي.

        قاضي ۽ ملان جو ذرو به لحاظ نٿو ڪري ۽ ملان جي ڪاري مس جو اجهو هي مصرف ٿو ٻڌائي:

ملان انهيءَ منڌ جو چُڪو جي چکين،

ڪارنهن کڻي ڪُنڊ ۾، ويٺو منهن مکين.

        سچل سائين وٽ عشق وڏي وٿ آهي. هن درد ۽ سوز جا سڀ رنگ اختيار ڪيا آهن. نيم تاريخي داستان جي ڪنهن به سورميءَ جي روپ ۾ هجي. ورلاپ پنهنجا آهن. درد به پنهنجو آهي. سسئيءَ جا سور هيئن پچاري ٿو:

هٿان ويل ويام، ڪاڪيون هاڻي ڪيئن ڪريان،

ٿيلهڻ ٽر ٿيام، هاڻي هوتاڻن لئه.

        گوندر ۽ غم ڪهڙا ٿيندا آهن. گوندر جي اُپٽار ڪندي چوي ٿو:

چڱو گوندر غم، جي مون پڇو جيڏيون،

منجهه ڪشالي ڪم، آهي وِره ورائين.

-

گورندر جن گذاريو، پيهي سي پُڇان،

اُنهن لڳ لُڇان، گهڻو آءٌ اُٻائڪي.

        مومل جي اُٻاڻڪائي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

ڍوليا تو لئه ڍٽ ۾، آءٌ وتان ويڳاڻي،

راتو ڏينهان اوتيان، پنبڻين مان پاڻي،

لٽا مون ليڙون ٿيا، هيءَ پوتي پُراڻي،

ته به راڻي جي راڻي، سرتيون سڏن ساڻيهه ۾.

        نوريءَ جو نياز سچل سائينءَ کي پسند هو. هُو خوديءَ جو خان هوندي به نوڙت ۾ يگانو هو. ڀٽائيءَ جي انداز ۾ چوي ٿو:

مهاڻيءَ جي من ۾، نه هو گيرب گاءُ،

نيڻن سان ناز ڪري، ريجهايائين راءُ،

سمو سڀني کان، وٺي ويٺي پاڻ سان.

        مختلف سُرن ۾ پنهنجن خيالن جواظهار نهايت مؤثر انداز ۾ ڪري ٿو. زبان مختلف اٿس، پر بيان گهڻي ڀاڱي شاهه عبداللطيف جي اثر هيٺ آهي. سنڌي ڪلام ۾ سر پورب، سُر سارنگ، سُر هير رانجهو ۽ سُر جوڳ ۾ بيت ۽ ڪافيون آهن. وحدت ۽ حقيقت جي عنوان سان به ڪلام آهي. سُر مالڪونس ۾ ڪانگل جا بيت آهن. سجھڻن جون ڳالهيون ڪندي ڪانگل جو به هانءُ ڦسي پيو:

ڪي جو ڪانگ ڏسي، ڪالهه اوڏانهون ائيون،

پيس هانءُ ڦسي، ڳالهيون ڪندي سڄڻين.

        پريت حو پُرزو لکڻ ۽ پڙهن وڏو جذباتي مسئلو آهي. اُن لاءِ شاهه عبداللطيف چيو: لڙڪ نه لکڻ ڏين ڪريو پون قلم تي. اُن جذباتي ڪيفيت جو سچل به سهڻو بيان ڪيو آهي:

ڪي جو لکيائين، سو مُلان وڃي واچيون،

هڪ سٽ پڙهيائين، ٻي سٽ سڏڪن ۾ پيو.

-

ڪاغذ لکي ڪال، مڪم محبوب ڏي،

ڳالهيون سنديون حال، ٿينديون پڙهڻ مان پڌريون.

        پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، سچل سرمست لاءِ لکي ٿو: ”هن صاحب جي تصور ۾ هڪ اهڙي غير فرقيوار سماج هئي، جنهن کي هينئر society classless چيو ٿو وڃي(21).“ ان ڳالهه جي ٽيڪ ۾ هي شعر آڻي ٿو:

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو،

وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.

        اهڙو اظهار ٻلديو مٽلاڻيءَ پنهنجي ڪتاب”سچل جون واديون“ ۾ ڪيو آهي(22). يعني هُو هڪ انقلابي، انسان دوست ۽ بي تعصب شخص هو. عشق سندس سوچ جو محور هو. اُن بابت چوي ٿو:

عشق عطا الاهي ملدا،

نيهن ڪوئي ڪسب ڪماون دا

        هي اُهو اعليٰ جذبو ۽ آدرش آهي، جنهن جي قوت بي انداز آهي ۽ مجاز جي مام سان حق حقيقت کي رسي ٿو. مجاز جي رنگ ۾ ئي اُها قوت پيدا ٿئي ٿي جا سالڪ کي بلند مقام تي رسائي ٿي. درد هڪ محرڪ جذبو آهي. بقول سچل ”بيدرد نامرد“ مجاز ۽ حقيقت جون رمزون مؤثر انداز ۾ پيش ڪري  ٿو.

        اها حقيقت آهي ته جاگيردار نه نظام، ظلم، بربريت ۽ پرماريت سنڌ جي ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي. مفادپرست ٽولن فرقه پرستيءَ جي ديوَ کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو. پرماريت ۽ ظلم سان گڏ فرقه پرستي به مفادپرستن جي حق ۾ هئي. صوفي سڳورا هن محاز تي به جنگ وڙهندا رهيا. سچل عصبيت خلاف هڪ سگهارو آواز هو. اتحاد، يڪجهتي ۽ بي تعصبيءَ جو درس ڏنائين. ڪيترا هندو سندس قرب جي ڪري انسانيت جي تعليم سان بهره مند ٿيا.

        مذهب جي ظاهري روپ ملڪ ۾ ماڻهن کي مجهائي رکيو هو. اصل مقصد کان هٽي ويا هئا. پنهنجي نعرن سان سچل محبت جو پيغام ڏنو . اُهو اڄ به دنيا ۾ دندس مريدن جي پوين وٽ موجود آهي.

        سنڌي ڪلام سان گڏ سرائيڪي ۽ فارسي ڪلام ۾ به صوفيانه تنوار موجود آهي. محبوب جي حسن کي سرائيڪي ۾ هيئن ساراهي ٿو:

مزگان گزر هن زور محب ديان، اَبرو ڪَج ڪماني،

عاشق سيني جهل کڙوتي، جوڙ سپر نشاني،

وچ ميدان محبت والي، مُڙسنَ نامرداني،

سردا سانگ نه رکسن، سچل لڳسن جور جوراني.

-

وا وا سونهي سُهڻي چالي، واه عجب چٽسالي،

منهن تي نور ستاري چمڪن، زلفان نانگڻ ڪالي،

ڳل تي ڏون اُلاري ڏاڍي، بشهردي ڏيکالي،

خبر نهين محبوبا نون، ڪنهن سُرت اها سيکالي،

غمزه رمزه ڏيک ڪي هويان، سچل مست موالي.

        ايئن سرائيڪي مقبول ڪافيءَ ۾ چوي ٿو:

مل معشوقان مصلت ڪيتي، عاشق قتل ڪريسون.

        سرائيڪي وانگر سچل سائين جون فارسي مثنويون ۽ ”ديوان آشڪار“ معيار جي لحاظ کان اعليٰ فارسي دانيءَ جو وڏو ثبوت آهي. مثنوين آهن: گداز نامه، وصلت نامه، تار نامه، وحدت نامه، عشق نامه ۽ درد نامه. اُن کان سوا3 هڪ مثنوي ”غزل بحر طويل“ جي نالي سان به آهن. اُن بابت اختلاف آهن ۽ اُن جي زبان به سچل سائين جي شايان شان نه آهي. مثنوين جا سنڌي ۽ اردو ترجما نثر ۽ نظم ۾ ٿيا آهن. وصلت نامه مان چند شعر نموني طور هي آهن:

عقل اندر هر دو عالم در فراق،

عشق داده هر دو عالم را طلاق،

عقل اندر ڪارسازيء جهان،

عشق اندر بي نيازيء جهان.

-

اولين و آخريني اي خدا،

باطني و ظاهريني اي خدا،

-

اي دريغا عمر رفت و وصل ني،

اي دريغا فرع رفت و وصل ني.

-

دريغا اي دريغا اي دريغ،

من نه ديدم روي جانان اي دريغ.

        گهڻيئي رنگ آهن، جيڪي سچل سائينءَ جي فارسي ڪلام ۾ جلوه گر آهن. ايئن سرائيڪي ڪلام به زبان، آهنگ،اسلوب، موسيقيت ۽ جذبات جي فراوانيءَ سبب سرائيڪي شاعري4 جي تاريخ اعليٰ مقام  ارفع معيار جو آهي.

شاهه ۽ سچل

        ٻن وڏن شاعرن جي ڀيٽ ڪنهن مقابلي ۽ مسابقت لاءِ نه پر شاعريءَ ۾ جذبن جي هڪجهڙائي ۽ مضمونن جي يڪرنگيءَ سبب ڪري سگهي ٿي. هي سنڌ جا ٻه اعليٰ شاعر ۽ ٻه درخشان ستارا آهن، اُن ڪري ٻنهي جي باري ۾ ٻه اکر چوڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي.

        جيڪڏهن ذڪر ئي آيل سنن سالن جي سوچ ڪبي ته شاهه ۽ سچل جي ملاقات جو معاملو وري بحث هيٺ ايندو. بهرحال روايتن ۾ آهي ته شاهه صاحب ٻه ڀيرا درازن آيو هو. هڪ ڀيرو ميان صاحب ڏني سان مليو ۽ ٻيو ڀيرو ميان عبدالحق سان. ملاقاتن جا تفصيل سوانح نگارن (مرزا ۽ راڻيپوريءَ) ڏنا آهن. بهرحال شاعريءَ ۾ اثر نفوذ جو تعلق هروڀرو ملڻ سان ڪونهي. مولانا راڻيپوريءَ ملاقاتن جون روايتون آندل فقير فاروقي ۽ ٻين جي حوالي سان ڏنيون آهن.

        شاهه عبداللطيف جو ڪلام قيناً، سچل سرمست تائين پهتو آهي. اُن جو اثر وٽس ظاهر ظهور موجود آهي. اٿر وٺڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي. منصوري موج جو شاهه صاحب وٽ هن رنگ ۾ آهي:

جر تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،

سڀئي شي ٿيا، سوريءَ سزاوار،

همھ منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين.

        سچل اُن منصوري موج ۾ هن ريت مگن آهي:

صورت سڀ سبحان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو،

ڪا ٿئين هنبل شافعي، ڪا ٿئين ملڪ نعمان،

ڪا ٿئين پَٽي پوٿيون، ڪا ٿئين پڙهي قرآن،

ڪا ٿئين اناالحق چوي، ڪا ٿئين ڦيرائي فرمان.الخ

        شاهه صاحب لِڪَ ۾ چيو:

پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

        سچل سائين اُن اسرار کي پنهنجي انداز ۽ پنهنجن لفظن ۾ هيئن ادا ڪيو:

آهيان آءٌ اسرار، جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀانيون،

نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار. الخ

        ڇو جو سچل سائين بلند بانگ نينهن جا نعرا هنيا، اُن ڪري ظاهر پرست حڪم صادر ڪيا. هُن پرواه نه ڪئي ته کيس ڪير ڇا به چوي! ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي. هُن لاءِ مڙئي خير هو. عشق حقيقي جي بيان ۾ ٻئي رهبر بي مثل ۽ بي نظير آهن. عشق بابت ٻنهي جو لفظ لفظ عظمت جي ساک ڀري ٿو. شاهه صاحب چوي ٿو:

عاشق زهر پياڪ، وه ڏسيو وهسن گهڻو،

ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشھ هيراڪ،

لڳين لنو لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،

توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام کي،

سچل وٽ عاشق جو بيان هنن لفظن ۾ آيو آهي:

عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سنياسي،

عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.

        ئين هي اثر ٻوليءَ ۽ موضوعن جي مدنظر موجود آهي. فرق ٻنهي وٽ رمز ۽ بلند آواز جو آهي. انهيءَ ڪري چئبو ته جيڪو تسلسل قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم کان اچي پيو اُهو لطيف کان سچل تائين پهچي ٿو.

رانجهوءَ واري رمز

        رانجهو سچل وٽ هڪ اهم ڪردار آهي. هير رانجهي جو داستان محبت اصل پنجاب جو آهي. بنيادي طور اُهو پنجابي ۽ فارسيءَ ۾ منظوم ٿيو. سنڌ جي شاعرن اُن کي سرائيڪي ۽ سنڌيءَ ۾ کيو. سرائيڪيءَ ۾ ”سُر هير رانجهو“. شاهه جي رسالي ۾ موجود آهي. جنهن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب خيال ظاهر ڪيو ته اهو ديري غازي خان جي پاسي جي شاعر نورنگ لغاريءَ جوڙيو هو. سرائيڪيءَ ۾ حمل فقير هير جو ماءُ ۽ ٻين عزيزن سان سوال جواب ۾ موجود آهي.

        هن عشقيه داستان جي تحرير جي تاريخ هيءَ آهي ته هي اڪبري عهد (16 صدي عيسويءَ) ۾ لکيو ويو. دامو در اُهو پهريون شاعر هو، جنهن هي داستان پنجابيءَ ۾ لکيو.(23). هونئن مشهور پنجابي شاعر شاهه حسين ۽ پوءِ ٻين جي بيتن ۽ قافين ۾ رانجهوءَ جو حوالو اچي ٿو. هڪ فارسي شاعر باقي ڪولابي هن قص کي ٻوڌل جھاڻائي ٿو، جڏهن ته دامودر(دمودر) هن داستان کي ڏٺل لکي ٿو. شاهجهان جي دؤر ۾ شاعر سعيد سعديءَ به هي داستان منظوم ڪيو. اُن کان پوءِ چنابيءَ پنجابيءَ ۾ هير رانجهو لکيو. مشهور شاعر هاشم شاه جنهن سسئيءَ جو دستان منظوم ڪيو، اُن هير به لکي. فقير الله آفرين به هي دستان پنجابيءَ ۾ منظوم ڪيو. وارث شاهه، آفرين کان 37 سال پوءِ هير رانجهي جو قصو منظوم ڪيو. آفرين جي هڪ ٻئي همعصر نواب احمد يار خان خوشابيءَ ديدوءَ جي رقيب جو نالو نورنگ لکيو آهي. هُن آخر ۾ لکيو ته هير ۽ رانجهو مقامات مقدسه(مڪي مديني) هليا ويا ۽ اڃا زنده آهن. سسئيءَ جي قبر تي کير ۽ ماني ملن واري عام روايت وانگر هير رانجهي جي باري ۾ به ڪي خوش اعتقاديءَ واريون ڳالهيون ٻڌجن ٿيون. ڪتاب حڪايات پنجاب ۾ آيو آهي ته طبيب جان محمد پنهنجي ڏاڏي کان ٻڌو ته هڪ نيڪو ڪار مسافر جهنگ(پنجاب) ۾ آيو ۽ 1838ع ۾ اُتان جي درگاهه جي گادي نشين اسماعيل خان جي ڏاڏيءَ کي ٻڌايائين ته آءٌ تازو حج ڪري آيو آهيان ۽ اوهان لاءِ هير رانجهي جو پيغام آندو اٿم. چار سال اڳ به حج تي ويو هوس. جهاز طوفان سبب ٽڪرا ٿي ويو ۽ ڪناري تي پهتس ته مون جهوني عورت ۽ جهونو مرد ڏٺو. اُهي هير رانجهو هئا. هير مون کي کير جو وٽو ڏنو. هير ڏوراپو ڏنو ته جهنگ شهر وارن کي چئج ته اسان جي برائي ڇو ٿا ڪريو(24). هن قص بابت پنجاب ۾ ٻيو به ڪيترو واد وواد ٿيو. اُن کي اغوا جو واقعو به سڏيو ويو(25).

        صوفين هن داستان جي رمز رانجهي ۾ رکي ۽ محبوب جو درجو ڏنائونس. سنڌ ۾ ٻين جي مقابلي ۾ سچل سرمست رانجهي کي وڌيڪ نمايان ڪيو. سچل رانجهي ۾ حقيقي محبوب جي تمثيل رکي. وٽس رانجهوءَ واري رمز صدت ۽ صورت ۾ سگهاري آهي. چوي ٿو:

جوڳيا ويس ڍڪي، لاٿم سڀ لباس،

پٽ پٽيهر بافتا، نپٽ ڪيم ناس،

ڪيو نينهن نراس، دنيا جي درد کان.-

مون کي ماءُ ڪيو، چوچڪ ڌيءَ چريو،

عقل هوش نيو، منهنجو محبت وارئين.

        سنڌي ڪلام ۾ هير توڙي رانجهي جي زبان ۾ گفتگو ڪيل آهي:

کيڙو وجهان کوه ۾، نورنگ ندورو،

دل اٿم ديرو، هزاري جي هوت جو.

-

ويجهي روح رانجهي سان، کيڙو کپڙ تال،

وڌون وجهي وچ ۾، چوچڪ ڏس چنڊال،

مَادر مينهڻا ڏي جهجها، جهيڙي جهنگ سيال،

مٺو منهن مهوال، مون کان مُور نه وسري.

        هير رانجڪهو رانجهو ڪندي خود ئي رانجهو بنجي ويئي. چي سرتيون مون کي هير نه چئو، رانجهو چئو!! سچل جو سنڌيءَ وانگر سرائيڪي ڪلام پڻ رانجهي جي رمز کي واضح ڪري ٿو. هن داستان کي مستقل ڪهاڻيءَ وانگر به بيان ڪري ٿو.

        ڪهاڻيءَ جي شروعات هيئن ڪري ٿو:

عشق ديان باتيان سڻو مين آکان، ساري لوڪ سُڻائين،

عشق دا ماريا ڪوئي نه ڇُٽا، ڳالهه ساري سمجهائين،

عشق نام جهين دا تنهن ڪُون، پيرين مين پووائين،

صديق صديقي ٿيو ان تنهن تُون، جو دم يار جيو ائين،

مين ٻانهي تون ميڏا سائين، سهڻا صدقي وڃائين.

        هير رانجهي جي عشق لاءِ چوي ٿو:

عشق ڪمايا هير تي رانجهي، وچ اخير زماني،

هوسن وچ ڪتابان اُنهان، سچل ٻهون بياني،

سي تان ڪجهه اظهار ڪريندان، نينهن دا ڏيک نشاني،

سي تان سڻندئين ڏکيان ڳالهين، عشق ديان ڏاڍيان او کيان چائين.

        هير جي باري ۾ چوي ٿو:

چوچڪ دي هڪ ٻيٽي آهي، هيري نانءُ سڏيندي،

اکيان دا وت تير تنهين دا، عاشق ڪون نه جهليندي،

لک هزار جو عاشق ويندي، مزگان نال مريندي،

جي تون ويکين تان سڌ پوويئي، موت ڪنون وڌ حال هو ويئي.

        ائين رانجهن جوڳي جي ويس ۾ ڪيئن آيو تنهن جو بيان ڪري ٿو:

رانجهن تخت هزاري والي، عشق دا ويس وٽايا،

عاشق نال معشوق سبب دي، آڻ ڪي الله ملايا،

ڏونهين ٿئي بيراڳي ڏکيو، سر تي مينهن وسايا،

رنگپور ڪون وي ڇوڙ ڏتوني، ڏي پلوتا ساڙ گهتوني.

        ڏوهيڙي جي چوٿين سٽ، ڳائڻ جي انداز ۾ اندل آهي. ايئن سي حرفيون به هير رانجهي جي بيان ۾ آهن. اُنهن ۾ اڌڪ وراڻي(مستزاد) وارو انداز مصرع جي موسيقيت ۾ اضافو ڪري ٿو. اها سرائيڪي شاعرن جي هڪ انفراديت آهي. سچل سائين جو قافين جي انفراديت وارو هڪڙو بند مثال لاءِ ڪافي آهي:

صورت ويک سهڻي يار والي، ٿيان مست ته سياليان جي،

اَپت وچ ڪرن جُٽ پُٽ ٻهون، هوءِ هوءِ ته ڳُٽُ ڳُٽُ ڳالهيان جي،

ته ”اِهين جهيا اسان ڪڏان نه سڻيا، آک آک ٿِيون بيحاليان جي،

هي تخت هزاري دا سائين اِٿان، سَچُو چاڪ ڪريسن چاليان جي.

        ايئن رانجهو سچل سرمست وٽ هڪ سگهارو ڪردار آهي، جنهن جي اوٽ ۾ صوفيانه خيالن جو اظهار ڪيو اٿس. نه رڳو ايترو، پر سچل هڪ سگهارو شاعر ٿي اُڀريو. همعصر ۽ پوئين دؤر تي گهڻو اثر ڪيائين.

سچل سرمست جا ٻالڪا، طالب، مريد ۽ همعصر

        سچل سرمست جو اثر پنهنجي همعصر دؤر تي پيو. اُنهن تي پيو جيڪي سندس يا درازن جا مريد، طالب ۽ سندس ٻالڪا هئا. انهن مان اڪثر سچل وانگر بيباڪ انداز اختيار ڪيو. انهن ۾ فقير عبدالله ڪاتيار، جيڪو پير محمد راشد جو فيض يافتو هو، تنهن جي ڊاڪٽر بلوچ صاحب گهڻي تعريف ڪئي آهي. سچل سائين جي طالبن ۽ ٻالڪن ۾ نانڪ يوسف، گهرام فقير، محمد صالح قادري، خير شاهه رتيديري وارو ۽ محمد صلاح دونهين وارو اهم آهن. خوش خير محمد ۽ بيدل به هن دؤر جا اهم شاعر آهن. انهن وٽ منصوري نعرا نمايان آهن.

        سچل سائين پنهنجي رهبر پير عبدالحق جي زير اثر رهيو، جنهن بقول سچل کيس توحيد جي بحر ۾ غوطا ڏنا. هيڏانهن عطار جو اثر کيس عشق حقيقي بابت چوائي ٿو:

بادشاها خلعت از عشق بپوشاني مرا،

جرعه از راه توحيد بنو شاني مرزا.

        ڊاڪٽر اينيمري شمل سچل کي (ديوان آشڪار) ”عطار درازا“ سڏي ٿي. سچل سائينءَ جي طالبن ۽ ويجهن همعصرن ۾ ٻيا به آهن. اُنهن ۾ هڪ نالو فقير عبدالله ڪاتيار جو آهي، جيڪو اڳ گمناميءَ ۾ هو. هاڻي بيمثل محقق ڊاڪٽر بلوچ ۽ محترم ڊاڪٽر شوق جي تحريرن ۾ گهڻو نمايان ٿيو آهي. تنهن ڪري پهرين فقير عبدالله ڪاتيار جو ذڪر خير ڪجي.

فقير عبدالله ڪاتيار

        فقير عبدالله ڪاتيار بابت وڌ ۾وڌ احوال ڊاڪٽر ناوز علي شوق جي ڪتاب ”ڪلام فقير عبدالله ڪاتيار“ مان فراهم ٿئي ٿو. هونئن پهرين پهرين فقير جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ ”اصغر سائينءَ جو ڪلام“ جي مقدمي ۾ ڪيو(26) ۽ پنهنجي تاليف ”خليفي صاحب جو رسالو“ ۾ سچل سرمست جو حوالو به ۽ ڪي ڳالهيون فقير عبدالله جي ذات ۽ ڪلام بابت به ڪيو(27). ڊاڪٽر شوق لکي ٿو ته : ”ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڪاتيار کي وڏو شاعر سڏيندي سندس ڪلام مان ڪجهه مثال پيش ڪيا آهن(28). ”ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ذڪر ڪيل تحريرن مان جيڪي ظاهر ٿيو آهي سو هي آهي ته:

        ”هي درويش سچل جو پاڙيسري ۽ معاصر هو ۽ سچل جي ساڻس دلي محبت هئي. انهيءَ ڪري سندس حال توڙي قال جو سچل تي وڏو اثر پيو. سچل کي واٽ وندر جي عبدالله فقير ئي ڏسي هئي، مگر سچل پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ خودشناسي ۽ خود اثباتي کان وڌي وڃي آءٌ ۽ مئن جي حد تي پهتو(29).“

        منهنجو خيالآهي اثر وٺڻ، دل سان ڳالهه ٻڌڻ ۽ پيار ڪرڻ سان ڪير وڏو شاعر يا ڪير ننڍو نٿو بنجي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اثر وٺن جي ڳالهه ڪئي آهي. فقير عبدالله جي سوانح تي نظر وجهبي ته هن جي شارانه معيار کي به مڃبو. ڪلام ته ظاهر پيو آهي. هي فقير لاڙ جو هو. اصل ڳوٺ ملاڪاتيار ضلعي(حيدرآباد) جو هو. هو حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو فيض يافتو هو. سندس سوانح عمريءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هُو هڪ اهل دل درويش هو. اُها ونڊ هن کي پنهنجي مرشد کان ملي. شاعريءَ ۾ جوش جذبو، بقول شوق صاحب سچل جي صحبت مان وڌيو(30). اهو صحيح نه آهي ته فقير عبدالله، سچل کي تنبيهه ڪرڻ ۽ اُستاد هجڻ جي پوزيشن ۾ هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿين ڳالهين مان فقير جي عظمت ته ثابت ٿئي ٿي، پر کيس سچل کان شاعريءَ ۾ اُتم نٿي ثابت ڪري. بهرحال سچل جو هڪڙو همعصر هو ۽ سٺو شاعر هو. سندس وفات اندازاً سچل جي وفات کان ٿورو پوءِ ٿي آهي.

        فقير عبدالله ڪاتيار جي ڪلام ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام شامل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نواز علي شوق محنت سان مختلف بياضن مان ۽ ذريعن سان حاصلڪري مرتب ڪيو آهي. جنهن ۾ 14 سنڌي بيت ۽ باقي سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون آهن. ڪافين ۾ ڪٿي ڪٿي هندي رنگ يا لفظ ملن ٿا. ڪافين جي اڀياس مان فقير عبدالله جي ڪافين ڏانهن ڌيان جو پتو پوي ٿو ۽ سندس راڳ ڏانهن لاڙو به پڌرو آهي. بنيادي طور رندي رمز ظاهر ٿئي ٿي. پهرئين ئي بيت ۾ چوي ٿو:

”لا“ جا لائي لُنگ، موٽي ڪيئون نه مسحو،

آڌوتين عبدالله چئي، دل تي پيتا دُنگ،

ڪوثر نه آيا ڪاپڙي، گُر سان گڏيا جُنگ،

سُنگئون ڇُٽا سُنگ، ڪي جو سرتين ڪاتيار چئي،

        هنن 14 بيتن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي تهف قير عبدالله ڪاتيار بيت جو پختو شاعر آهي ۽ بيتن ۾ سندس ٻيو ڪلام به هوندو. ڪافين ۾ سڪ جو ثمر ۽ رندي رمز سمايل آهي. هڪ ڪافيءَ ۾ اُن مضمون کي هيئن نباهي ٿو:

اهي پرين اَٿي پرتا، تن واڍوڙين ٻي واه نه ڪائين.

1-      ٻئي جهان جھليا ٻن ڏيئي،

        سجھڻ توري نه سرتا،

اهي پرين اٿي پرتا.

2-      مال مڏيون جند جان گهوريائون،

        هٿ کنيائون سر زر تان،

اهي پرين اٿي پرتا.

3-     نيڻن جا ور واجهه ڪري،

        تو جي واڍوڙيل ورتا،

اهي پرين اٿي پرتا.

4-     عبدالله چئي پاتئون پيرن،

        خود بينيءَ سان ڀرتا،

اهي پرين اٿي پرتا.

        حسن جي حقيقت ۽ نازن غمزن جو بيان ڪندي مجاز جو رنگ به قائم رکيو اٿس:

ناز مٺا نيڻن جا ڪنهن کون سکئين، ڪهه مون پرين؟

1-      نيڻ منٺا ناز ڀريا ميان وو، سيباڻم سيڻن جا،

ڪنهن کئون سکين ڪهه مون پرين.

2-      سخن جياپو جيءَ جو ميان وو، محب تنهنجي ميڻن جا،

ڪنهن کئون سکئين ڪهه مون پرين.

3-      ڪيئي قيد ڪنگال ميان وو، ونگ وجهي ويڻن جا،

ڪنهن کئون سکئين ڪهه مون پرين.

        سنڌيءَ وانگر فقيرن عبدالل ڪاتيار جون سرائيڪي ڪافيون به اعليَ معيار جون ۽ سريليون آهن. ڪافين جي موسيقيت مان اهو ظاهر آهي ته گهڻي جوش ۽ جذبي ۾ چيون اٿس. چوي ٿو:

وه وا خوش حال درويشان دا،

درويشان دا دلريشان دا.

1-      دنيا عقبيٰ دا وهم نه رکدا،

خيال نه رکدا وت خويشان دا.

2-     در جڳ ڇوڙ ڪي دوست چايوسي،

ڳڌو سي حفظ هميشان دا.

3-     صورت لاشڪ لنگهه ڏٺوسي،

معنيٰ ملڪ وت ڪيشان دا.

4-     عبدالله آکي درويش چوکي،

دنيا دام پريسان دا.

سچل سرمست جي ٻالڪن/ طالبن، مريدن ۽ همعصرن جي به هڪ ڊگهي فهرست آهي. ايئن درازن جي طالبن ۾ به ڪيترا نالا آهن. هيٺ هن سلسلي جي ڪن اهم شاعرن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن ۾ وڏا شاعر (نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد) به شامل آهن:

نانڪ يوسف

سچل سرمست جي مريدن/ ٻالڪن مان يوسف فقير اهم آهن. اهو به مشهور ٿيو ته يوسف جو اصل نالو رئيس شمس الدين هو ۽ هو ڪو دولت وارو هو. تذڪره لطفي ۾ پروفيسر بدوي ان ڳالهه کي رد ڪيو آهي(31). هيءَ روايت آهي ته سندس والد جو نالو محمد هاش هو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جا رهاڪو هئا. يوسف 1792ع ۾ ڄائو.

روايت آهي ته هڪ رات سچل سائينءَ، يعقوب فقير کي سڏيو. هوُو موجود نه هو. يوسف سڏ جو جواب ڏنو ته سچل سائينءَ کيس اندر اچڻ جو حڪم ڏنو. اُن کان سواءِ امرت سر ۾ سک گروءَ جي گاديءَ تي ويهڻ ۽ کيس تتل تيل جي ڪڙاهيءَ ۾ وجهڻ واري روايت به مشهور آهي. ائين نانڪ يوسف جي نالي سان مشهور ٿيو. نانڪ يوسف سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جو هڪ وڏو شاعر جھاتو وڃي ٿو. هو سچل سرمست جو هڪ پيارو طالب هو. بقول پروفيسر بدويءَ جي نانڪ يوسف جو ڪلام سچلجي ڪلام جو عڪس آهي(32).

نانڪ يوسف 1853ع ۾ وفات ڪئي. جن شاعرن سان ويجها لاڳاپا هئس. انهن ۾ به اڪثر سچل سائينءَ جي اثر وارا ۽ طالب شامل آهن. تن ۾ نمايان هئا، بيدل، گهرام جتوئي، يعقوب فقير ۽ محمد صالح دونهين وارو. سچل سائين جو نانڪ يوسف تي ايترو اثر هو، جو اُن جو ذڪر هنڌ هنڌ ڪيو اٿس:

دوست درازين نانڪ يوسف

يار ڏٺو مون ڏولي.

سندس لفظ لفظ سٽَ سٽَ، مرشد جي صحبت جو مظهر آهي، اسلوب ۽ بيان جو اثر به مٿس چٽو آهي، سچل چوي ٿو:

آدم جس ڪا نام موليٰ ڪون ڪهاويگا،

پريم گرو ڌم ڌام باتين برج بناويگا.

نانڪ يوسف به ساڳيا لفظ ورجائي ٿو:

آدم ڪس ڪا نام موليٰ ڪون ڪهاويگا،

پريم گرو ڌم ڌام باتيان بره بناويگا.

اکين جي باري ۾ سچل سرمست جي بتين، خاص طور”سهڻي ديان شهباز اکين هن“ جو چٽو عڪس نانڪ يوسف وٽ آهي. هو چوي ٿو:

نست اکيان محبوب ديان، وت ڪيهي ڳالهه ڪريجي،

ويکڻ حُسن حڪايت سهڻي موتو قبل مريجي،

يوسف حاضر يار سڄڻ دي، نانڪ دور ڪريجي.

سچل کي گرو ڪري سڏي ٿو:

واه گرو جي شاه درازي،

صاحب رضا ۾ عاشق راضي.

        سچل سائينءَ جو، نانڪ يوسف جي زندگيءَ ۽ شعر تي گهاٽو اثر آهي. ان اثر جو بيان ۽ عقيدت جون ڳالهيون نانڪ يوسف وري وري ڪري ٿو:

واليءَ ڪئي آه وارڻ،

ٻيهر ٻاروچن تي،

ڊوڙ هزارين منصب پائين،

ٻيا وري ڪهڙا پنڌ پڇائين،

يار يقين ۾ آڻ،

        نانڪ ۾ سچل سائينءَ جي محبت ڪئين رنگ لائي ڇڏيا. سوز ۽ ساز، رنگ ۽ آهنگ جا بيشمار نمونا نانڪ جي ڪلام ۾ موجود آهن چوي ٿو:

چُپ چُپاتي چُپ جي ڳالهه،

مون آهي پاتي يار چُپ،

باغ چپ بازار چپ،

بازار جو واپار چپ،

شهر چپ بحر چپ،

ساروئي سنسار چپ،

نانڪ چپ يوسف چپ،

درد جو ڌمڪار چپ،

        درازن لاءِ چوي ٿو:

ڪڏان نماڻا نانڪ نالا، شهر دراز ڌمالي،

يوسف يار سچل ديان ڳالهين بره ڪئي برحالي.

        نانڪ يوسف جو ڪلام محبت ۽ مجاز کي ظاهر ڪري ٿو ۽ سچل جي حوالي سان ڏسجي ته نانڪ هڪ عاشق صادق، طالب، مريد ۽ پيار ڪرڻ واري جي حيثيت سان دل جا جذبا ظاهر ڪيا آهن. سچل سرمست جي طالبن ۾ نانڪ يوسف هڪ اهم شاعر آهي. سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام ۾ درد جا درياه وهائي ڇڏيا اٿس. مثالن جي کوٽ ناهي. آخر  هڪ ڪافيءَ جو مثال وٺون ٿا. جنهن مان شاعر جي نهٺائي. طلب ۽ محبت ڀليءَ ڀت ظاهر ٿئي ٿي:

دلبر درد مندن کي، دلداريون ته ڏجن،

1-      ٻيڙيءَ چاڙهي سُپرين، ڇر ۾ نه ڇڏجن،

2-     جيها تيها پرين پانهنجا، پير ڀري پڇجن،

3-     اَڻ لائق سان سپرين، پنهنجا قُرب ڪجن،

4-     يار يوسف جون عاجزيون، عرض قبول ڪجن.

        نانڪ يوسف جو ڪلام ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ مرتب ڪري سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو آهي.

گهرام فقير جتوئي

        گهرام فقير ولد بخش علي فقير، جا وڏا اصل ڀاگناڙي جا هئا. سندس ڏاڏي غلام حيدر کي بيل پٽ ۽ نوتال جي وچ ۾ بگو خان جتوئيءَ ۾ جاگير مليل هئي. نوابشاهه ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو اچي ويٺا. گهرام اندازاً 1162هه/1750ع ۾ ڄائو. جوانيءَ ۾ کيس سچل سرمست کان فيض مليو. 1262هه/1850ع ۾ وفات ڪيائين(33). گهرام فقير ڪافيءَ جو بهترين شاعر آهي. سنڌي توڙي سرائيڪي ڪلام ۾ هڪ جيترو رس اٿس:

يار سجھن تيڏي گولي، اسان تان ٻانهپ ٻولي مين گهولي.

1-      پاءِ پنگهوري امان جا ڏتڙي، لنؤ تيڏي دي لولي،

2-     نان نماڻي دي اينوين لايو، جيون هندو دي هولي،

3-     دين ڪفر ڪنون توبهه ڪيتم، گڻان تيڏيان دي مين ڳولي،

4-     تيڏي آهيس تڏي طلبيم، اوران ڪنون ڳيدن اولي،

5-      مين اياڻي نينهن ڪيا ڄاڻان، تيڏي هُڻ چولي،

6-     طرفئون تيڏي طعني اسان، تان جهلئي جهولي.

        گهرام فقير بابت ڊاڪٽر شوق هڪ روايت بيان ڪئي آهي، جنهن موجب فقير شڪ جي بيناد تي زال کي ڪاري ڪري ماريو ۽ امانت جي پڳ سچل جي قدمن تي رکيائين(34).

        گهرام فقير، عربي ۽ فارسي تعليم پنهنجي والد بخس علي ۽ ملا فيض محمد کان ورتي. گهرام فقير جو والد بخش علي به سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي جو شاعر هو. گهرام کي هڪ پٽ بهرام ڄائو، جيڪو جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو. گهرام جي دوستن ۾ نانڪ يوسف، خير شاهه، ڏنل فقير ۽ غلام حيدر شر اچي وڃن ٿا. گهرام فقير خود ڳائڻو هو ۽ پنهنجو ڪلام به ڳائيندو هو. هو پير علي گوهر اصغر جي عقيدتمند هو، پر طالب سچل سرمست جو هو(35).

        فقير جي سريلائي ڪافين مان به ظاهر ٿئي ٿي:

ڪينوڻن ٿيون هي ڪاڪ جون، ري مينڌري ماڙيون،

1- در ديوارون ڀڃي ڪري، طاق ڪنديس آءٌ تاڙيون،

2- ويس وڳا سڀ ويهه ٿيا، ڦاڙي ڪنديس چيهاڙيون،

3- وَرَ ري ولهي ڪانه ٿئي، پاڻ وينديس چلي چاڙهيون.

4- گوشي ويهي گهرام چئي، روز ڪنديس آءٌ راڙيون.

        ”ديوان بيدل“ ۾ عبدالحسين شاهه موسوي لکي ٿو ته”پير علي گوهر اصغر سجاده نشينيءَ جي زماني ۾ هڪ لڱا ڳڙهي ياسين جي نم ڳوٺ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. پير صاحب سلوڪ جي ڪلام جي فرمائش ڪئي. اُتي گهرام فقير اچي نڪتو. هن يڪاري تي پنهنجي هي ڪافي آلاپي:

ناحق وڇايئي نينهن ري، ساري عمر افراد ميان.

1- ڪوڙيون ڪتابن جون پڙهي، ٿئين مولوين مقصاد ميان،

ڪاغذ ڪارا ڪيئي ڪيترا، برهين بنا برباد ميان.

2- ظاهر گهمين پيو زمين تي، ڪَيَئِي سر سفر اختيار،

موڳا مڪر ڪري ڪيتَرا، پيو پر پنين پرساد ميان.

3- منهن ڍڪي ماڻهن ڪنان، زاهد ٿئين زياد ميان،

حق نه حاصل تو ڪيو، ٿئين عشق کون آزاد ميان.

4- گوشي ويهي گهرام چئي، ڪر يار کي تون ياد ميان،

تو ۾ نظارو نينهن جو، وٺ عشق کون ارشاد ميان(36).“

خوش خير محمد هيسباڻي

        فقير خوش خير محمد 1809-1877ع) سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جو هڪ وڏو شاعر آهي. سندس ڪلام تي سچل سرمست جو نمايان اثر آهي. فقير صاحب، ڳوٺ گل محمد هيسباڻي ضلعي نواب شاهه ۾ جھائو. مٿس سچل سرمست جو اثر نمايان آهي. ڪافين جي گهاڙيٽي ۽ اسلوب جو اثر به مٿس موجود آهي، نه رڳو ايترو، پر جن ٻين شاعرن هڪ ٻئي جو اثر ورتو، اُنهن ۾ به نانڪ يوسف، خوش خير محمد، بيدل ۽ عثمان فقير نشانبر آهن. حقيقت ۽ مجاز ۾ به خوش فقير، سچل سرمست جي رنگ ۾ رنڱيل آهي ۽ سچل وانگر تصوف جي رمزن جو بيان ڪري ٿو. عشق جي باري ۾ خوش خير محمد هيئن اظهار ڪري ٿو:

عشق اچي مون سان ڪيون، ڳالهيون ڏَسڻ نه جهڙيون، سَلڻ نه جهڙيون.

خوش خير محمد قبل ماضيءَ جون،وحد ۾ سڀ ويون.

        وحدت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

رند روز شب آهن سدا، وحدت جي واديءَ ۾ غرق،

ڪوڙين ڪتابن جون پڙهيون به آه هِن هُن ۾ فرق.

        هن شعر جو اثر خواجه غلام فريد به ورتو. فقط رند بدران قلندر لفظ ڪم آندائين. ايئن بلي شاهه جا لفظ خوش خير محمد وٽ موجود آهن. بلي شاهه چوي ٿو: اسين آدم ڪنون اڳي هئاسين. خوش خير محمد چوي ٿو:

خوشيءَ ۾ پنهنجي خاڪ رلياسين،

نه ته آدم کون اڳي هياسين.

خوش خير محمد فطرت ۽ انساني مزاج جي پار کوءَ طور چيو:

وڻ مان پن ڪري پوي، تنهنجي ڳنڍڻ ڳوري ڳالهه،

شيشو ڇيهون ٿي پوي، ڪڏهن نه اچي سال،

دوست لهي وڃي دل تان، توڙي گڏيو وتي نال،

پرجهي پرت پال، متان خم پوي خير محمد چئي.

        تصوف جي رمزن ۾ خوش خير محمد يگانو آهي. سندس ڪلام سچل سان هم آهنگ ۽ يڪرنگ آهي. سندس ڪافيءَ جا هي ٻه بند اهڙو مثال پيش ڪن ٿا:

هر مظهر ۾ بن ذاتي آيو،

ڪنهن شعلي شوق بن صفاتي آيو،

اولي آدم جي احمد سڏايو،

سمجهه سالڪ اِنهي ۾ نه ڦير آهي،

ڪٿ عبد چون ڪٿ رئيس ميان،

ڪٿ خام چون ڪٿ خبيث ميان،

ڪٿ هادي چون جرجيس ميان

جھاڻي نور صفا نه من مير آهي.

        فقير صاحب جي هيءَ سرائيڪي ڪافي ته سنڌ جي سونهن آهي:

رخ رانجهن مان مُنير هويا

ساڏا دم دم ساه سُڌير هويا.

1-      شاه رانجهن ٿي سلطان آيا،

        جنهن دي شان وڏي فرقان آيا،

        ساڏا روز حشر دا ضمان آيا،

جنهن دا نام محمد مير هويا.

2-     جوئي چاڪ جھاڻي سوئي چاڪ ٿيوي،

        ميڏي چاڪ ڏٺي دل چاڪ ٿيوي،

        اهو چاڪ فراق دا چاڪ ٿيوي،

ماهي منصب دار امير هويا.

3-     تيڏي خاڪ پيران دي خاڪ ٿيوان،

        اها خاڪ چمان هوشناڪ ٿيوان،

        مٺي محبت وچ مشتاق ٿيوان،

ٿيڏا عشق اعليٰ اڪسير هويا.

4-     حق پاڪ سخي امداد ڪرو،

ميڏي دل ارشاد آباد ڪرو،

خوش خير محمد دل شاد ڪرو،

تيڏا بره بالا بينظير هويا.

خوش خير محمد جو ڪلام ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ مرتب ڪيو آهي ۽ سڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org