سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :9

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ پهاڪا

 ۽ چوڻيون

ٻوليءَ جي زينت ۽ زيب آهن چوڻيون ۽پهاڪا، سندن سٽاءُ اهڙي پرڪشش ۽دلپذير ٿئي ٿي، جو هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچندي کين ويرم ئي نٿي لڳي. اُهي نه رڳو ساڳي ٻوليءَ جھ جائگير ٿين ٿا، پر ٻين ٻولين ۾ به ٿوري گهڻي مٽ سٽ سان پنهنجو مقام پيدا ڪري ٿا وٺن. ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ جيڪي چوڻيون ۽پهاڪا رائج آهن، تن لاءِ يقين سان چئي ڪين سگهبو ته اُهي هن ئي علائقي ۾ سرجيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته اُهي پنهنجي رعنائي ۽ دلربائيءَ سببان ڪنهن ٻئي علائقي مان هت پهتا هجن، البته سندن ساخت ۽ سٽاءَ، جنهن ماحول جون متقاضي آهن، سو کين ماٿيلي- اٻاوڙي جي ڌرتيءَ جو مهيا ڪيل ڀاسجي ٿو. هتي نمونجي طور ڪي چوڻيون ۽ پهاڪا پيش ڪجن ٿا، جن جو استعمال هن علائقي ۾ نهايت عام آهي:

1.      آڳو کڻ ته آڳو باري، پيڇو کڻ ته پيڇو باري.

2.     آهِل (آهِر) ليکي چَٽِي مُٺِي، ڄَٽِي ليکي آهِل مُٺو.

(ڪنهن مسلمان عورت ملاوت وارو مکڻ هندو واپاري کي وڪڻي ڀانيو ته واپاري مُسجي ويو ۽ واپاري کوٽا وٽ استعمالڪري، پڪ ڪئي ته هن مائي کي نقصان پهچايو آهي).

3.     انڌي پيڪين پُڳِي نه پُڳي جيهي.

4.     اَبو امَڙ تي وريام. (بابو رڳو امڙ لاءِ بهادر يا سخت گير آهي).

5.     اُهي چور نه چورن جا ڀائي.

6.     اَڇي ڏارهي نانءِ دلبر خان.

7.     اُٺجو لاڏ، ڪجائو ٽوڙي.

8.     اڍائي جهڳا مهتمن جا، نانء خيرپور،

9.     آڱر آڱوٺي ۾ وِٿي آ.

10. آسُون آسَ ڳَهِن، گورک ڇانءِ ويهِن.

11.  اک اوڍَر، پهاڙ اوڍَر.

12. اک ڏٺِي مک ڪير ڳِهي؟

13. اُگهاڙي ڪُنِي، ڪانوَن هاب.

14. انڌو دوزخني، ٻوڙو بهشتي، (انڌو هميشه شڪ جو شڪار هوندو ته ماڻهو ڏانهس اشارا پيا ڪن، ۽ ٻوڙو پنهنجي گلا ٻڌ نه سگهندو ۽ مطمئن رهندو).

15. اَنڌي جي آڳون رووڻ،اَکِن جو زيان.

16. اُڌار جي ماءُ نه مئي آ.

17. ادي جي ڀِي اُبردِي (اُٻرندي ڪُنِي) ٻاٽ گهُردي (گهُرندي) آ. ( = ادي کي به ڏاڍي تڪڙ آهي).

18. اگهه بازار ته ٻُها ڀي جوار (جوئر).

19. اَگهه ڪنهن وِڌو، جنهن جا ٻچا رات لنگهڻ تي،

20.            اسان ميڙي ٻُڪِي چُڪِي، يارن ڏني هڪا ڇِڪِي.

21. اَدِي کي جَنين نه ڪَنين، اَدي کي عشق انڌو ڪيو آ.

22.            بکئي جو ساهه وڃي، ڍايو پيٽ کنهي.

23.            بُکئي جي ڀاڄي هارجي پئي ته رُکِي کؤندو (کائيندو).

24.  ٻڪري جو ساهه ويو، کاوڻ آري (واري) کي سوادئي نه آيو.

25.ٻوٽيون حرام، شورو حلال.

26.            ٻه پهر چور جي گهر ڀي وَهڻو، ساڌ جي گهر ڀي وهڻو.

27.  ٻين سان پنج، يارن سان ڪيها (ڪهڙا) پنج (پنج رپيا يا حساب).

28.            ٻڪرين ۾ نَهَر (بگهڙ) پيو، ڪتي کي هنگڻ آيو.

29.            ڀَڳِي ڀَڳِي ڏونگرِي تائين ڀانڊي ڀڃڻ لائق.

30.            ڀاڱا ڀائيوارن لَهڻا، توڙي هجن آڏ جا ڪانا.

31. ڀيٽ بُنياد تي وڃي ٿي.

32.            ڀَڳِي ٻانهن ڳل سان ٻڌبي آ. (ڀڳل ٻانهن کي جهڙيءَ طرح جهولي ٺاهي، ڳچي سان ٻڌي ڇڏبو آهي)،

33.            ڀَڳي جو ڀاڱو ڪونهي. (ڀائيواري ڇڏي ويندڙ کي ڪهڙو ڀاڱو ڏبو).

34.            ڀاء ڀاون جا، چِچِڙ ڪانوَن جا.

35.ڀاڳين جا وٿاڻ، سدائين وسدا (وسندا) رهندا.

36.            تَتِي دانگِي دشمن ڀي نه وَڃي.

37.            تون ڪير؟ چي مان خواه مخواه.

38.            تون ٽوٻو جان (يا) چُت- سيڪ، (ٽوٻو جيڪو کوهه کوٽڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ بيل هڻي ؛۽ چُت- سيڪ، ٽوٻي جو مددگار، جيڪو کَٿِي اوڍي، جان کي تيل لڳائي، ٿڌ کان بچڻ لاءِ باهه تي پٺي سيڪيندو رهي ۽ هڪ اڌ ٽُٻي هڻي).

39.            ٿَڪي کي جُتي جو بار.

40.            ٽَڪلي سان گيهه ڪڍي ٿو. (اهڙو ڪنجوس، جو ٽڪلي جهڙي سنهي سيخ سان ٿانوَ مان گيهه ڪڌي استعمال ڪري).

41. ٽَڪو ڏيِئي، پِي پِٽائي، (پئسا ڏيئي، پيءُ جو ماتم ڪرائي).

42.            پٿر پنهنجي جائتي ڳورو آ. (ڳرو آهي).

43.            پرائي مينهن جو اوهه وڏو ٿيندو آ.

44.            پاء نه پڙهيو، ايمِي چڙهيو.

45.پنڌ کان ڪتي جي چَڪ ۾ کڄي وڃجي ته چڱو.

46.            پوهن رَڌِي، مانگهن کاڌِي، (پوهه مهيني جي پار ڪمزور جانورن کي ڳاري ڇڏيو ۽ مانگهه مهيني جي سردي کين کائِي کپائي ڇڏيو).

47.            پوهه، هڪ کاء ته ٻِي جهوءِ. (پوهه مهيني ۾ ڏينهن ايترو ننڍو ٿئي ٿو، جو هڪ ماني کائي بس ڪبي ته مٿان ٻي مانيءَ جو سعيو ڪبو ۽ چَڪي تي ان پيهڻ شروع ڪبو).

48.            پَهاج مکڻ جي به چڱي نه آهي.

49.            پَڇو چڙهي، اسان هنگڻ جي پَڃَر ڇڏي.

50.پوهه نه ڳِڌَئِي ٻڪري، مانگهه نه ڳِڌُئِي ڏاند، پڇي وت ڪريندو، ٻڪري تي وت ڪريندو ڏاند.

51. پَهِلي بسم الله غلط

52.پنهنجو ماري، ڇانء تي سَٽي.

53.پَر (گذريل سال) مُئي، پريسڻ ڄائي.

54.پاڻ نه پَلي، ڪُتائِي ڌاري.

55. جيڪي اُکرِين  ۾ سر ڏيندا، اُهي مُهرِين کون ڪين ڊڄدا (ڊڄندا)،

56.جيندا (جيئرا) هڪ ڏينهن ملن.

57.جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ (مِٽر).

58.جوڳي کي پُٽ نه وسريو هو، نانگ کي پُڇ نه وسريو هو.

59.جنهن آڏرن ۾ کاڌو، اهو پاٽڙن مون ڪيئن ڍاپدو (ڍپندو).

60.            جهڙا چانهه، تهڙا ٻچانهه.

61. جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ ڇو پڇجي.

62.            جنهن اُڀردي تاءنه ڪيو، اُهو لهندي ڇا ڪندو.

63.            جي تون بُنڊ بُنڊاڻي ته مان شينهن شينهاڻي،

جي تون چور چوراڻي، ته هي گڏهه هي وياڻي

64.            جوء جا گابا ڏسبا هِن (آهن).

65.ڄائي ناهي، نانِي جي مهانڊي.

66.            جُهڙ جهيڙا سدا نه رهندا.

67.            جهيڙو ته جِي (جيءُ) جهيڙو. (جهيرو ڳچيءَ پَئِجِي وڃي ته پوءِ کيس جيءُ چئي قبول ڪجي).

68.            جهيرو ڳل پوي ته ڳچي جو هار ڪري نڀائجي.

69.            جهيڙي ۽ باهه جو بر ڏي مُنهن هجي.

70.            چور سائو ڪونهي، ڀاڳيو بکيو ڪونهي.

71. چنڊي جي قبر، پري کون پڌرِي.

72.            چڱي ڀلي جي تُنهُن، بَر ڏي مُنهُن، (وڏي ماڻهو جي ننهن هوندي به ماڻهن سان ميل جول نه رکي ۽ پنهنجي مُنهن ويٺي رَهي).

73.            چورن جا ڪپڙا، ڏانهن جا گز. (چوري ڪيل ڪپڙا ورهائڻ لاءِ لٺين کي گز طور استعمال ڪرڻ).

74.            چَنڊو چَنڊي کي سَؤ ڪوهه تي سڃاڻي.

75.چَرِي کي چوڙو، ڪڏين ٻانهن ۾ ڪڏين ڄنگهه ۾.

76.            چور چوري کون وڃي، هيرا ڦيري کون نه وڃي.

77.            چُت نه ٻُڏي، هيِٻو کيڏي. (پاڻي چيلهه تائين به نه پهچي ۽ ماڻهو تار پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ راند هِيٻو کيڏڻ لاءِ تيار ٿئي).

78.            ڇَڄ پَڏي، کارِي پڏي، پَروڻ ڇوپَڏي، جنهن کي سؤٽُنگ.

79.            ڇا ڪورِي، ڇا تراريون!

80.            ڇِتو ڪتو سائين سڃاڻي.

81. ڇوڪراڻِي پوتي، ڪنهن نه ڌوتي.

82.            ڇا گڏهه، ڇا گلقند!

83.            حيلي روزِي، بهاني موت.

84.            حق جي مار، خبر نه چار.

85.خوش رهه ڙِي ڏومڻي، تنهنجو ڏوم سلامت آيو!

86.            ديهه وَڏي، نانء بَيران.

87.            دِلي ۾ داڻا، ڪن ڪُٽاڻا.

88.            در تي ٻير نه لڀي، نانء باغ شاهه.

89.            دال مَهُرِي جي، دَم پُلاء جو.

90.            درياهن ۾ ڪال، رَيوُ جي ماء ڀي تارِي.

91. درياهن جا مُنهن ڪنهن بند ڪيا هِن (آهن).

92.            ڏاڍو ماري، رووَڻ (روئڻ) ڀِي نه ڏِئي.

93.            ڏِٺا مِٺا ٿيندا هن.

94.            ڏند آهن ته مکڻ ڪونهي، مکڻ هو ته ڏند نه ها.

95.ڏُٻريءَ کي چِچڙ ڀِي گهڻا.

96.            ڏَندُو جي زال، سَدائين نهال.

97.            ڏائڻ جو گهر ڀي اُتي، ته ٻار جي کيڏي ڀي اُتي.

98.            ذات جي ڪُمي، خواجه خضر جي پوٽي.

99.            ذات جي ڪِرڙِي، شهترين سان ڀاڪر.

100.        رڍ ڏِئي کير، اهو ڀِي ڦيڱڻين هاڻو.

101.         رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون.

102.        رُٺي اڳي کڙِي هيِ، رهندو پيڪن جو ماڻهو آيس.

103.        رُسي گهوٽ سان، ڳالهائي نه ڳوٺ سان.

104.        راهون رَد، قدمون چَٽ.

105.        رُٺا يار گراهه ڳڻن.

106.        راج سَتار، ڪاسبي اَٺار (راڄ وارا ماڻهو ته عيب ڍڪينددڙ ٿين ٿا، پر ڪمي ڪاسبي به گهٽ نه آهن. هُو سترهن آهن ته هِي ارڙهن آهن).

107.        رَسو هيڻي جاءِ تون ٽٽندو (ٽُٽَندو) آ.

108.        رُٺي جو ڀاڱو مِٺو.

109.        زور اڳيان زاري.

110.         زور آور جو ستين ويهين سؤ. (سؤ ۾ پنج ويهون ٿين ٿيون، پر ڏاڍي کان ڪير پڇندو. هو چوندو ته سؤ ۾ ويهون ست آهن).

111.          سؤ کي ڪونهي ڀؤ.

112.         ساهه ڏنوٿس (اٿس) ته گراهه ڀي ڏيندو.

113.         سکڻي جَند پِرين تون صدقي (دوست کي ٻي مدد ڪرڻ بدران چئي ته توتان جند جان صدقي آهي).

114.         سَنجهي جي م؟ي کي ڪيترو روئبو.

115.         ساڌن جو ڇا سوادن سان.

116.         ستون قلم گهر کي لاڳو، چور ڀڄي ويا ڀاڳيا قابو.

117.         ست گهر ڏائڻ ڀي ٽاريندي آ.

118.                     سَهُري (ساهري) گهر ڄانٽو (داماد، ناٺي)، ڪتي جي اَچار.

119.         سُتل اَون (۽) مئل هڪ مثال.

120.                   سائين وڃين ٻيڙِي چڙهيا، ڪُتا وڃن غوط کؤندا (کائيندا).

121.        سُٿڻ دُسي جي، اَڳٺ ريشم جو،

122.                  سَس ڪر نه برايون، متان تُهجي (تنهنجي) گهر ڄايون.

123.       سک سُمهن ڪنڀار، چور نه چائن (کڻن) مِٽي.

124.       شروع ۾ ڪيهو شرم.

125.       عاشقن ٻَڌيون ڪمرون، دِلي (دهلي) اڍائي ڪوهه.

126.       ڪُتِي کي لڳي چُنواتِي (اُماڙي)، تارن کي ڏِسِي رُوڙي.

127.       ڪري ڏاڙهي وارو، ڀري مڇن وارو.

128.       ڪڙوهه پيتيون وتدو آ (سڄو زهر سان ڀريل آهي. ڏاڍو ڪاوڙيل آهي).

129.       ڪانء، ڪِراڙ، ڪُتي تي، پَت نه ڪجي سُتي تي.

130.       ڪم نه هُجي ته شينهن آ.

131.         ڪيهِي نڀائي رُکو کائيندي.

132.       ڪاٺي پاڻي پاڻ وهيڻو، رزق آ رحماني.

133.        ڪک جي چوري، لک جي چوري.

134.       ڪکين ڪو نه لَکي.

135.        ڪنڌِي کون پار، ڌُر قندار.

136.       ڪلهوڪا مئا، ڪلهه پورجي ويا. (ڪالهوڪو ڪم ڪالهه تائين محدود هو).

137.       ڪڏين جُتِي کي ڀي وارو ايندو آ.

138.        ڪوئلن جي دلالي، هٿ پير ڪارا.

139.       ڪڪڙ ڪورين جي، نان وڏيري جو.

140.       ڪورِي چڙهيا شڪار، مولا خير گذار.

141.        کائي گلو، سِر وڃي ڪَلهو (اڪيلو).

142.       کوٽو پئسو مالڪن جو.

143.       گابا هر وهن ته ڏاندن کي ڪير پڇي.

144.       گڏهه جي وس آ، جو ٻيڙِي تي نه چڙهي.

145.       گهر داڻو نه لَڀي، امان وَئِي آپَنبَڻ پيهڻ.

146.       گهوڙن جون لَتُون، گهوڙا يا ٻيڙا جهلن.

147.       لوهه کي لوهه ڪَپي.

148.       لائِي لائِي، ڏاٽِي وڃائي.

149.       لَڀي لوڻڪ نه، سَڍَرون (سَڌُون) مريڙي جون.

150.       لوڪن کي لوڪ جي، ٻوڙي کي ڪنن جي.

151.         لک مَري، لکپال نه مَري.

152.       لڳو ته تِير نه ته تُڪو.

153.        لک جي ڇانء تي ڪتو ويهندو آ.

154.       لک تي ڌاتيون وَدو (وتندو) آ.

155.        ماء کاوي بُوبڪ، ڌِي سڏاوي اُزبڪ.

156.       ماءِڍ مري گِندِي (رِلي) جي بار سان، پُٽ پاٽي خان.

157.       ماء مَريڙِي، پُٽ ڳاٽي- ڀڳو.

158.        مُلان مُئو محابو ٽُر ٽُرو (ٽٽو)

159.       مکڻ پوندي، سيِنڌ سڙِي آ؟

160.       مار نه ڪُٽ، آنڊا کڻي گهُٽ.

161.        مَسيِت ٺَهِي ناهي، انڌن کڻي ڊُڪ ٻَڌِي آ.

162.       مَٽَرائي (ماٽيجي)، ماءِ جي مُڪ، جُهڙ جي ڌُپ، انڌي جي گهٽت هڪ برابر.

163.       مُڙسي درڪار آ.

164.       مار مڙيئي منڌر واري گابي تي.

165.       مَن مُردار، حجتون هزار.

166.       ميهار نڪتا مينهن کون، وڇن جي ڪيهي پارت.

167.        مُلان چور، بانگو گواهه.

168.       مالڪن کي ئي اهو پيارو ته چورن کي ڀِي اهو پيارو.

169.       نَوَن ميهارن مينهون ڌاريون. کٿا ساڙي دونهان ڪيائون.

170.       نانِي رَڌڻ وارِي، ڏوهٽا کاوڻ وارا.

171.        نه ڪڪڙ جي ٻانگ نه ڪتي جي ڀَونڪ.

172.       نام ڪري، دادو هٽ تي هجي.

173.       وات کاوي، اک لڄاوي.

174.       وڏي ڪُني جي گروڙ ئي گهڻِي.

175.       وُٺي جون وايون، پنڌيڙو (پانڌيڙو) ڏيندا.

176.       وائڙِي ڪُتِي واء تي، سائِن (ڌڻين) ليکي شڪار تي.

177.       هو سودو نه سَلي، هي اُٽَل گهُري.

178.       هڪ راڌِي هرڪو ڇَڏي.

179.       هَڏون نڪتو ڪار آ. (جيترو ٿي سگهي هڏ هلائي حاصل ڪجي).

180.       هڪ اَنڌ ۾، ٻيا پنڌ ۾.

181.         هڪ جي چورِي، کير ڪٽورِي، ٻن جي چورِي، جيء (جيءُ) جي جهورِي.

182.       يارن جي باهه ڀتارن مون نه ڪڍجي.

183.        يار ياران معاملو صفا.

184.       يار جي يارِي سان ڪم آ، افعالن سان ڪونهي.

185.        يار تيلي، سينڌ رُکِي.

186.       يار اچن ته ڇڇڙا وِڪامِن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com