ڙوئِي = پَکي وارو (پکڙوئِي پير يعني پَکي يا ڇپريءَ وارو پير
تپي يارو لنڊ تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ آهي)
پَڻبو = لَٺ جهڙي اڻ گهڙيل ڪاٺي.
پَهُلو پير = هلڪو پير، آواز نه ڪندڙ قدم (پَهُلا
پَهُلا پير ڏيڻ = جهلي جهلي قدم رکڻ)
پير تي آ = ساڳئي هنڌ موٽي اچ، ساڳي اوڙ تي موٽ
(هر ۾ وهندڙ ڏاند کي هاريءَ جي هڪل)
جَلوَٽ = ڪاوڙ ۽ غصي جا جذبا.
ڄائو پارو = سخت ٿڌ، جنهن ۾ پاڻي ڄَمي پوندو آهي.
جيهڪِي ٽِپَهري = ٽپهري جون پويون گهڙيون.
جُهل جُهلان = وَڳَ، حملي لاءِ چتاءُ، حملي جو
سانباهو.
جهُلِي = اڪيلي ڏاند کي نار ۾ جوٽڻ لاءِ هڪ ڳاري
وارِي پاڃاري.
چُت سيڪ = کوهه ٽُٻندڙ ڪاريگر جو مددگار، جو فقط
ٽوٻي وانگر باهه تي پُٺي سيڪيندو رهي، ننڍڙو ٽوٻو.
چَٽو = ڀاڪر (گاهه جو چَٽو يا ڀاڪر).
چِتاوو = چتاءُ، خبر، اطلاع، سُڌ.
چَٽو هڻڻ = ڪبڊي راند ۾ ڀاڪر وجهڻ جهلڻ، دوڦو ٻڌڻ،
اڳ ٻڌڻ، اڳ ٻَڌِي ڳالهه پڇڻ.
چَنبي جهلڻ = ڪُتي جو اچي هٿ ۾ چڪ وجهڻ.
چُوتَڙِي پيرا = پيرن جا نشان جي اچڻ واري طرف
ڏانهن ڳولجن.
چُوچِڙ = چِچِڙُ، ڳوئِڙُ.
چوچَن = کاڌي پيتي جا مزا.
چَوسَلو = کٽ، کٽولو (چئن سَليل يا سوراخ ڪيل پاين
مان ٺهيل شيءِ)
چَوسَلو آ = کَٽَ جو قسم (ڇو ته کٽ تي لاش کڄندو
آهي)
چَوسَلي تي هٿ آ = کَٽَ جو قسم.
چَوطاق ڪِرَڻ = پُٺيءَ ڀَر ڪِرڻ، اهڙي نموني ڪرڻ
جو چارئي عضوا (ٻه ٽنگون ٻه ٻانهون) هڪڙي ئِي وقت
اچي ڌرتيءَ تي لڳن.
چُوڻِي = چُونڊو (ڦٽين وغيره جو)، چُونڊِي
ڇاوُٺِي ڇا واڻِي؟ = ڪهڙا حال آهن؟ ڇا وهيو واپريو
آهي؟ ڪهڙي خبر آهي؟
ڇَپيت = ڇيت، ڪاٺيءَ جو سنهو ذرو
ڇِڊ (ڇِڊر) = بِرُ، ٽهندڙ، ماڻهن کان پري ڀڄندڙ.
ڇِڊوڙا (ڇِڊروڙا) = ڇاپاڪو، رت جي خرابيءَ سبب بدن
تي ٿيل دَٻَڪ يا ڳاڙها نشان.
ڇِڙتَل = ڳئون يا ڏاند جنهن جا جوان ٿيڻ جي باوجود
اٺن بجاءِ ڇهه ڏند هجن.
ڇُڙِتَل = ڇُڙت، چالاڪ، بي لغام
ڇُلڪَڻ = لبريز ٿيڻ، ڀريل ٿانءَ جو ڪنارن کان
هارجڻ.
ڇَلڪڻو = ڦوڦينڊو، ڦَلوسِڻو، ڇِلڻو.
ڇُلڪَڻو = ڇُلڪَندَڙ. جيڪو پورِءَ طره بند نه ٿئي.
ڃَل ڇَلان = تمام گهڻو پاڻي، ٻوڏ جهڙو پاڻي.
ڇوٽ پائو = ننڍين ٽنگن وارو (ڇوٽ پائو ٻَڪر وغيره)
حال ڌاڳا = فقيري ويس، فقيري لباس، فقيري لوازمات
حيثِي = مَٽ، ثانِي، ساڳيءَ حيثيت وارو.
دارِي = پالنا، تات سانڀ، سنڀال، خدمت: کير آهن
دارِيءَ جا يعني دارِي ڪبي ته مال کير ججهو ڏيندو.
دانهوڙِي = دانهن کڻي آيل، فريادي
دَرجواب = جواب، سوال جو جواب
دَس = طرف، ڏِس، مُلڪ، ڏيهه.
دِم = ڏيڪا، دِڳ، ڪاڙهيل لسيءَ مان نڪتل ڦوڳ.
دوھ چنڊو = بنهه بيڪار، صفا چنڊو.
دوناڙڻ = دُون يا دوناڙ سان ڌڪ هڻن.
دِهِي = نظر، ڏسڻ واري پُتلِي.
ڏاڪي ڇُو = جُهمر جو قسم، جنهن ۾ ڪاٺ جي ڏونڪن
سان کيڏڻ وقت، ڏونڪو ڏونڪي تي هڻي ”ڇُوڇُو“ جو
آواز ڪڍبو آهي.
ڏاندارُون = خون جي خرابيءَ سبب چمڙيءَ جي اندران
پيدا ٿيل ڦوڙو، جو پيشانيءَ تي اڀرندو آهي.
ڏاوَڻ وَنڊَرا = شاديءَ جا ساٺ سَوَڻُ، هن ساٺ ۾
گهوٽ کي کاري تي چاڙهي، سندس اُڀي ڪيل هٿ جي آڱوٺي
کي ريشمي تندن سان ڏاوڻ وانگر ونگيو ويندو آهي
(ڏاوڻ ڏائڻ جي رسم)
ڏٻِاهه = پيچش، سُورِي ٻاهي ۾ نڪرندڙ لڳ لڳ دار
مادو.
ڏوگهڻ = هڪ ئي وقت ڳيت ڏيئي ڇڏڻ، گهڻو پيئڻ.
ڏيڪا = دِڳ، دِم، ڪاڙهيل لسي جا چاڻا
ڊِرٻ = ڍڳ، ڍير، گهڻو تعداد.
ڊُڊ ڳالهائڻ = خراب ڳالهائڻ، بدتميزيءَ سان
ڳالهائڻ.
ڊُڍرو = دُڍو، اندر جو پليد، منافق، ٺڳ
ڊُروڪِل = سنهڙو، صفا لاچار.
ڊَرڳڻ = مار ڏيڻ، ڪُٽَڻُ
ڊِريِهه = ڍڳ، نونر، گهڻو تعداد
ڍَروڳل = ڍايل، ڍراول، ڍارول، ڍَوڪيل
ڍوڍر = ٽاڪڙو ڪانءُ، وڏو ڪانءُ
ڍووو = ڍويو، تحفو، شادي جي موقعي تي ڪاسبين طرفان
ڏنل سامان، جنهن جي عوض شادي وارو انعام طور ڪجهه
رقم ڏيندو آهي.
رامجهول، رامجهولا = ڪنن جو زيور
رَپڙي زمين + سخت زمين، جا تمام گهٽ پاڻي چُهي.
رِنگهڻ = مينهن جو آواز، ڪُڻڪڻ
رِنگهاٽ + رِنگهه، روڄ راڙو، ڪُرڪو،ڪنجهڪو.
رَهچِنجِڻ = دلپسند اوزار، ڪوڏر وغيره (تازو شادي
ڪيل ماڻهو کي ڀائرن ڪوڏر جي ڪم ڏانهن سڏيو، زال کي
چيائين ته ”رن رَهه چِنجِڻ کڻي ڏي ته ڀائرن جو
ڀاءُ ۽ شريڪن جو شريڪ ٿيان“. ڪوڏر کيس گهڻو ٿڪائي
وڌو، ڀائرن ٻئي ڏينهن جڏهن ساڳئي ڪم ڏانهن سڏ ڪيو،
تڏهن زال کي چيائين ته ”رَن بُڪين- ٽوڙ کڻي ڏي ته
ڀائرن جو مُنهن ڪارو ڪيان“)
رِيهَٽ = رڙ، ريهاٽ، ڪيڪڙاٽ، ٻاڪار.
زَرڙاٽ = زوردار آواز سان تکو نڪري وڃڻ.
ساک = ڇهن مهينن جو عرصو (سال ۾ ٻه ساکون ٿين
ٿيون، گهڻو ڪري وَهُو ڏاندن جي عمر ڪٿڻ لاءِ اهو
لفظ ڪم ايندو آهي: ”جنهن جي ساکن جوسَهِي تنهن جا
ڏند ڇا ڏسبا“). ويساهه، اعتبار: ”تن گهرن جون
ڪيهُون (ڪهڙيون) ساکان، ويچن ٻير تي کاون ڊاکان.“
سال، سالهه = ڪکن ڪانن سان ڍڪيل لهوارِيءَ ڇِت
وارو ڪمرو.
ساءِ وارا = دوستيءَ وارا، دوست، تعلقدار.
سانوين سَٽي، سانوين سَٽِي = مال جي بدلي مال وٺڻ،
جنهن ۾ اُتر (وڌيڪ رقم) ڏيڻو نه پوي.
سبب = جِن ڀوتن جو پاڇو.
سَڀائِي = عورت جو نالو، چڱي وڻندر، جنهن کي
چڱوڀانئجي
سَردَر = دروازي جي مٿان، ڀت جي بار روڪڻ لاءِ
رکيل ڪاٺ.
سِرميل = گهوٽ ۽ ۽ ڪنوار کي آمهون سامهون ويهاري،
ست ڀيرا سندن مٿا ٽڪرائڻ، شادي.
سِرو = ڌاند يا مينهن وغيره جو وڍيل سر
سَروبَدر = مال جي بدلي مال، جنهن ۾ اُتر ڏيڻو نه
پوي.
سَرِيون = ڪاٺ جون پٽيون، جي ڦيٿي جي ٿاپي ۽ ونگين
کي پاڻ ۾ ملائي رکنديون آهن.
سُنڀو = لوهه ۾ سوراخ ڪرڻ جو اوزار.
سَندَڪ = سنگت
سَنگ مِصري= سنگ واري مصري، ڳنڍي واري مصري.
سوُٽَرڻ ڦاهِي = اهڙِي ڳنڍ جا ڇڪڻ سان ازخود بند
ٿي وڃي.
سُوٽِي = دُن
سيئوُ پاڻي = درياءُ جو پاڻي.
شاخ = چُهنبيارو ڏند، ڪُتي جو ڏند.
شُترو = بي محابو، بي احساس، بي حس، پنهنجي مطلب
جو (گهڻو اڳ هندن جا ڪي فقير، پاڻ سان مختصر سامان
کنيو، اڄ هن شهر ۾ سڀان هُن شهر ۾، ايئن ئي پيا
هلندا هئا. ڪنهن جي مُراد پهچي يا ڪو عزيز مري
وڃي، ٻنهي حالتن ۾ ان کان پنج پئسا روڪ ۽ پتاشن جو
شربت وٺندا هئا، تنهن ڪري چئبو هو ته ”ڪوئِي مَري،
ڪوئي جِيوي، شُترا گهول پتاسي پيوي“)
شَڪل نه وَجهه = نه شڪل نه شبيهه.
شلول = پُور، ريچڪ
شَلولِي = پُورالو، پنهنجو خيال وارو.
شَمَدڻ = شبن، نِمي، ماڪ
شوُڪَڻ = نانگ جو ڪاوڙ مان ڦوڪا ڏيڻ. |