شرن جي ٻوليءَ بابت هن کان اڳ به ڄاڻايو ويو آهي ته
اها"ماٽيلي اٻاوڙي" علائقي ۾ رهندڙ قومن کان هڪ
جدا بياني صورت رکي ٿي ۽ تخيف پسنديءَ ۾ ان جو
طريقو نيارو آهي، مثلا: شر"بک ٿو مران" بدران
چوندا ته"بک مردو هان" ظاهري طرح"مردو هان" (مرندو
آهيان) "زمان حال مدامي" معلوم ٿئي ٿو پر شرن وٽ
اهو"زمان حال مطلق" جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو. ماٿيلي
- اٻاوڙي" جون ٻيون قومون"مردوهان" بدران"مردو پيو
هان" (مران ٿو) چون ٿيون، ياد رهي ته"پيو" هنن وٽ
استمراري طور ڪم نه ايندو آهي پر زمان حال جي
علامت طور ڪم اچي ٿو، شرن جي ٻوليءَ ۾ آساني خاطر،
جملي مان"پيو” خارج ٿي چڪو آهي. شرن جي ٻولي ۽
ٻوليءَ ۾ سندن سهل پسندي جي رجحان کي واضح ڪرڻ
لاءِ هي اٻاوڙي شهر جي ويجهڙائيءَ ۾ رهندڙ عوامي
شاعر"ساڌو" شر جا جوڙيل ڪي مزاحيه بيت ڏجن ٿا.
1- گلر گذاري ويو، "منهنجو" ڪنو قداور
ارمان آ اندر ۾، هو"بوجو" بختاور
"ٻنڌوس" ٻار پريت جا"ماکي" ڏاڍو آهه ڏمر
صبح جو سامان کي، ڏئي ايندو چوڌاري چڪر
گرڪي ڪون گدڙ تي، توڙي نڪري ئي ناهر
چهٽي پوندو هو چلهه کي، منهنجو ويڙهي کائي ور
لاهي دم ديگڙي جو"آون" چکندو هو چانور
ڏاڍي ياري ڏوئي سان ڇو چڙهندي منڌڻي تي مر
جي ڏٺئين ڳڙ ڳوٿري ۾، پوءِ ننڊ نه ڪندو نر
بچندو ڇو بوجي کون، پراڻو پادر
ناسوري هو، ناڙن جو رڳو کوپاکيئندو کر
ڪان ڄڻيندي ڪتي، اهڙو گاف گلر
توڙي ڪت ڪُتين ۾، تائين ڪانڌي نه کڻي ڪر
مدت ماکي گهڻي هي انهي بوجي جو بانور
دشمنن کي ديد ۾، هو ڪنهين کي نه ڪٽر
پر سڀ ڪو هلندو"ساڌو" توڙي هُنجي تونگر
ٿيو آ اداسي اندر، منهنجو ڪتو هو ڪيڻي سان.
(منهنجو = مُنهنجو، هو، هئو، ٻنڌوس، ٻڌوس، ماکي= مون
کي، ڏئي، ڏيئي، ناهر(نهر) بگهڙ، آون= ۽ ڏٺئين،
ڏٺائين، پو، پوءِ، کون = کان، ناسوري= سخت شوقين،
کئيندو= کائيندو، ته به، ڪانَڌِي، ٿُلهي ڪنڌ وارو،
مدت= مدد، هِي هُئي، هُن جي= هجي ڪڻو= غيرت=
ڪينو.)
2- ڪتو هو ڪيڻي سان، آون ڪيڻو هس ڙي ڪيئن
جي ڏيندين بڇ بوءِ جي کي ته حالي ڀڄندو هيئن
ڪنبندا ها ڪتي کون، شڪاري کون شينهن
هَس گهرن ياري گدڙن سان، جن ۾ ڏاڍا ڪٽيئين ڏينهن
سُکيو هوندو"ساڌو" چئي، مولا وسائيندس مينهن
هس نيتن سندا نينهن، پر ويندي وداع نه ڪَيَئِين.
(هُس = هُيُس، حالي = في الحال هيئن= هن طرف ٻئي پاسي، هَس ۾
هُيَس، ڪٽئين ڪيائين(گذاريائين، ڪَيَئِين =ڪيائين)
3- ويندي وداع ئي نه ڪَيَئين، مِنِهنجو قابل هم
ڪتو
مُند نه ويٺو واڙ تي، پيو هوندو هو سوڙ منجهه سُتو
ڪنبائي ڇڏيون هنئين ڪڪڙيون، نڪو اهڙو ڀاڙي هو ڀُتو
چٽي وهندو چڪي کي، ڪنهن گلا کون نه گٿو
سڪ منجهون"ساڌو" چي، وري سدا هوندو سکيو
هو سَڀين چالين سُٺو، هو گولو ذات گدڙ جو.
(هُم، هيم، مند= سڄي ڄمار ۾، هنئين= هئائين، منجهون،
منجهان، سڀين، سڀني، چالين= چالن سان)
4- هو گولو ذات گدڙ جو، ڪنهن سان ڦٽي نه ڦيڙيئين
مِٽي(مِٽِري) هس مرن سان، اهو گاڏو پي گيڙيئين
گرڪي ڪونه گڏهه تي، نه ڪنهن ٿڪي کي ٿيڙيئين
مند نه ماني گهريئين، هو مال ٻيو پي ميڙيائين
سکن ۾"ساڌو" چئي، چڱي حياتي چوڙيئين
جوڙان ڀي جوڙيئين، آ بيادري ڏک بوٽجي جو.
(ڦٽي = وڙهي، ڦيڙئين= ڦيڙيائين(ڦٽايائين)، مِٽي(مِٽري) مائٽي،
گيڙيئين، گيڙيائين، ٿيڙئين، ٿيڙيائين،(پري
هٽايائين) ميڙيئين= چوڙيئين چوڙيائين، گهريئين،
گهريائين، چوڙيئين= چوڙيائين، (هنڊايائين)
گذاريائين، بيادري= برادري.)
5- بهادر بو جي کي ڪنهن راڻي وڌو راڻ
مند نه ڀونڪيو مهمان تي، منهنجي کي سرت وڏي سڃاڻ
ڪتو هو ڪلا سان، ڀر ڪنهن جي وهي وئي آ واڻ
ننگي ڪنهن نظر هنئي آ، پر ڇيندي(ٿيندي) اها ڇاڻ
ساک وٺدم سڀن کون، مان پڇا ڪري پاڻ
جو لقب نه هو منهنجي لعل کي، ڪائي نه هس ڪاڻ
جڙي جنجيرن(زنجيرن) ۾ ڏيندو همانس ڏاڻ
سڪ منجهون"ساڌو" کي تانگهه لائي ويو تاڻ
هاڻ ٻيڻا اندر ۾ ٻاڻ، الائي ڪنهن سئي نه ڏني سڳ کي.
(راڻ ڪاڻ، بيماري، ڪلا= اسراري، طاقت، واڻ وهي وڃڻ، نظر لڳڻ،
(وهواندوهي وڃڻ) ننگي= بي حياءُ، ڇاڻ ٿيڻ، صفائي
ٿيڻ، فيصلو ٿيڻ، لقب، عيب (لقب لائڻ= عيب لڳائڻ)
تاڻ= اڻ تڻ، ڇڪ، سئي ڏيڻ= ڪتي کي مانيءَ ۾ سُئي
اچي ويندي آهي ته چڙي چڙي مري ويندو آهي، سڳ= سگ،
ڪتو.
6- سئي ڏئي سڳ کي ڪنهن ڪيو دولاب دشمڻ
گيهن جا گلر کي، مان ڏنا ها مڻا
بو جي جي بانور تي، اسان ڌاريا هسي ڌڻ
آسوس(افسوس) آ امت کي، واهه جو روئيندا وڻ
ڪيئن نه روئيندا ڪتي ڪان، جيڪي ساڌو جا ته سڄڻ
مان ڏنا هس مکڻ، منهنجو ڪتو هو ڪونڀٽ سان
(بانور= ڀروسو، واهه جو= ڏاڍو، ڪان لاء، ڪونڀٽ سان هجڻ= پليل
هئڻ، متارو هئڻ.)
7- ڪتو ڪونڀٽ سان هو، پڙهي ٻندوس پار
"سادو" پنهنجي سنگتين ڏي مڪي آهه ميار
ته مولا مونجهاري نه ڏيندو، شلا هوندؤ باغ بهار
جڏين گلر گذاري ويو، اوان(اوهان) پرين ٻنڌي پچار
اچڻ کپندو هو اوان کي، هو صحبتي سانگهار
پر سڄڻ اوان کي سچ چوان، هو يا هو ڪوڙا يار
ڪتو هو ڪلا سان، ڪي وڙهيا ويا ٿس وار
هس شوق شڪار جو، ويندا هس سڏائي سردار
جي راڙ ٻنڌندو رڇ جي، ڪندو لڪڻ واري لار
هاڻي ستيه من ڙي"ساڌو"، توکي آٿي الله جي آڌار
ڪاٿي ٿي محبتان منٺار، جو منجين مياران مٽن(مٽرن) ڏي.
(اوان= اوهان، هَو، هُيو، سانگهار= سنگهار، لار= ڪنارو، ستيه
من(ستيه مڃڻ)= صبر ڪر، مُنجين= موڪلين، مياران=
ميارون.)
8- منجين مياران مٽرن ڏي، ماکي کچڪي ڀي کُورِي
اُمت ائين سمجهو، شَٿِ هويو آ لونڊو لاشورِي
پر ڪتي کي قول لڳو، کاڌي مهڪاري موري
هَس پٽ پيٽ جِي، آون سُڃي کي سُوري
سندڪين"ساڌو" سان ڪئي نه ڪائي پريت مُوري
ڪا هلي ڪوڙي، هر ڪو ڪندو آ خوشامد کل جي.
(کچڪي = دل ۾ ککي، امت= ماڻهن، شئت= شايد، لاشوري= لش پش وارو،
خوشامدي، قول، قولنج، (پيٽ جي بيماري) پٽ، پاراتو،
عادت، پيٽ جي سوري، خواهش(پيٽ جي سوري مارڻ، خواهش
پوري ڪرڻ) سندڪين، سنگتين. ّ
ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻولي توڙي سموري اتراڌي محاوري ۾،
سهل پسنديءَ سببان لفظن جي اچارن ۾ ڪافي تخفيف ڪئي
وڃي ٿي. اها تخفيف گهڻو ڪري حرف علت حذف ڪرڻ سان
ڪئي وڃي ٿي. اهوئي سبب آهي جو ماٿيلي، اٻاوڙي جا
ماڻهو ڪن لفظن ۾"الف" ته ڪن ۾"واو" ۽ ڪٿي
وري"يائي" حذف ڪندا آهن، مثلا: گهاگهرو، کاپارو،
کانڀاڻي، گاروڙي، ڪالهوڪو، ماڪوڙو، کاٽائو، پٽ
وغيره کي گهگهرو، کپارو، کنڀاڻي، گروڙي، ڪلهوڪو،
مڪوڙو، کٽائون، پٽ وغيره ڪري اچاريندا آهن ۽ انهن
لفظن مان حرف علت"الف" کٽائي ڇڏيندا آهن. آوازن جي
اهڙي ڦير گهير صدين کان هلندي ٿي اچي. مولانا
بهاؤالدين"بهائي" (تعلقه ميرپورماٿيلي جو پتافي
بلوچ) سنڌي ۽ فارسي زبانن جو قادرالڪلام شاعر هو.
پير صاحب پاڳاري حزب الله شاهه هن فارسي زبان جي
هڪ غزل تي کيس هاٿي انعام ڏنو هو. هن ماڪوڙي
کي"مڪوڙو" چيو آهي. ٻي خاني ۽ حاميءَ کان کيس نفرت
هئي. ان جو اظهار هن طرح ڪيو اٿس:
بود چون"مکوره تندن"نام شان
وليکن لقب رئيس يا جام، خان.
سندن نالو ته"مڪوڙو" يا "ٽنڊڻ" هوندو پر لقب هوندن
رئيس، ڄام ۽ خان ۽ سڏبا پيا"ڄام مڪوڙو" رئيس ٽنڊڻ"
يا مڪوڙو خان".
اهڙيءَ طرح ڪوهيڙ، ڪوٽوالي، اوساري، گهوٻاتو وغيره
مان"واو” حذف ڪري، کين ڪهيڙ، ڪٽوالي، اساري،
گهٻاٽو وغيره بنايو ويو آهي. ساڳئي وقت ڪيٻائڻ،
ويسارڻ، ويهارڻ، گاڏير وغيره مان"يائي" ڪڍي،
ڪٻائڻ، وسارڻ، وهارڻ، گاڏر وغيره ڪري اچاريو ويندو
آهي. ماٿيلي اٻاوڙي علائقي ۾ ٻيون به ڪيترن ئي
قسمن جون تخفيفون ڪيون وينديون آهن. مثلا: سمهارڻ،
اٿارڻ، ڌئارڻ وغيره کي سمهائڻ، اٿائڻ، ڌئائڻ،
وغيره چيو ويندو آهي. اتر سنڌ جي هڪ قافيءَ ۾
ڌئارڻ کي ڌئائڻ ڪري استعمال ڪيو ويو آهي:
ٿلهه: اڏر، وڃ تون ڪانگ، ماکي پنهون پرچائي ڏي
پنهون پرچائي ڏي، سوڍو سرچائي ڏي
مصرع: ڌوتي، پوتي ڪين لهن ٿا، دوستي وارا دنگ
ماکي ڌوٻي کون"ڌئائي" ڏي.
ڌوٻي کون"ڌئائي ڏي، کٽي کون کنڀائي ڏي.
اتر سنڌ وارن جي سهل - پسنديءَ واري عادت ڪڏهن ڪڏهن
عجيب رنگ اختيار ڪندي آهي جو"ته"(حرف جملو) کي
مٽائي"م" ڪندا آهن، اهو سڀ ڪجهه شايد"اچار" سهنج
لاءِ ڪن ٿا اهي"م" کي ٻين لفظن سان اهڙي طرح ملائي
اچاريندا ۽ لکندا آهن جو ڀانئبو آهي ته"م" پڇاڙي
طور ڪم آيل آهي پر حقيقت ۾ ائين نه آهي اهڙي"م"
رڳو حرف جملو ٿي ڪم اچي ٿي. پڇاڙي طور ڪم آيل"م"
ڳنڍڻ سان جيڪي لفظ ٺهن ٿا. سي"اسم"، "فعل" ۽ "حرف"
هوندا آهن “"م" پڇاڙي هر حالت ۾ "ضمير متڪلم"
واحد" جي علامت هوندي آهي. ان کان سوا”“م" کي"زبر"
ڏيئي"م" ڪبو آهي ته ظرف انڪاري جي معنيٰ ڏيکاريندي
آهي"م" جو ضمير ۽ ظرف طور ڪم اچڻ ته سنڌي ٻوليءَ
جي سڀني محاورن ۾ رائج آهي پر"حرف جملي" جي معنيٰ
۾ رڳو اتر سنڌ ۾ استعمال ٿئي ٿي. افسوس آهي ته
ههڙو پيارو لفظ اتر سنڌ مان به وڃي ٿو ترڪ ٿيندو.
هتي حضرت علي گوهر شاهه"اصغر" جي ڪلام مان ڪجهه
مصراعون سنن طور آڻجن ٿيون، جن ۾ اهڙي"م" جو
استعمال ٿيل آهي:
1- ساهڙ تنهنجي سانگ، سانگئون"سڪايوم" سهڻيءَ کي.
(سڪايو
+
م = سڪايو ته)
2- واڪن منهنجن جي وڪر کون، ميان لاءِ ڏونگر"ٿوم" ڏري.
(ٿو
+
م = ٿو ته)
3- هوت حبيب جا هٿ وو، هوندا هيڻي"تيم" هميشه.
(تي
+
م = تي ته)
4- آري"جيم" اچڻ جي، ميان لا، ڪانگا ڏيم ڪا ڪر، وو.
(جي
+
م= جي ته)
5- سانڍيم سور سرير ۾، هادي"جام" هٿيڪا.
(جا
+
م = جا ته)
هتي"سڪايو" و" فعل آهن ۽ "تي"،"جي" ۽ "جا" حرف آهن، جن
جي پٺيان"ته" (حرف جملو) آڻڻ بدران"م" (حرف جملو)
ڳنڍيو ويو آهي. هيءَ ڳالهه وري به چئبي ته اهڙي
قسم جي"م" کي پڇاڙي طور ڪم آڻڻ جو رواج رڳو اتر
سنڌ ۾ آهي. "ته" کي "م" سان مٽائڻ ڪو"صرف ونحو" جو
مسئلو نه آهي پر اهڙي قسم جي تبديلي جو ڪارڻ فقط ۽
فقط"سهل - پسندي" ئي آهي. "ڪلام اصغر" جون مٿي
ڄاڻايل مصراعون هڪ اهڙي قلمي بياض تان ورتيون ويون
آهن، جو گهڻو آڳاٽو يعني سنه 1324هجريءَ جو لکيل
آهي ۽ مستند انهيءَ ڪري آهي جو اهو"بيدل" سائينءَ
جي محبوب فقير پير محمد سائين جي خاص مطالعي لاءِ،
مولوي عبدالقادر صاحب جو لکيل آهي. هيءُ بياض
روهڙيءَ کان سنڌ جي اترين حد تائين ڳالهائڻ ۾
ايندڙ ٻوليءَ جي تبديلين جي هڪ جهلڪ پيش ڪري ٿو. |