سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :10

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ جا اصطلاح

مفرد  لفظن مان مرڪب بنائڻ جي هڪ صورت کي اصطلاح ۾ ڪنهن نه ڪنهن مصدر جي ڪا فعلي شڪل ضرور شامل هوندي آهي، ايئن ڪرڻ سان اهو مرڪب ڄڻ ته هڪڙي ڳجهارت يا پرولي بڻجي پوي ٿو. انسان فطرتاً ڪنهن ڳجهه تان پردي کڄندي، هڪ قسم جي طمانيت ۽ سرور محسوس ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو اعليٰ پايي جا اديب ۽ مقبول ترين مقرر ٻوليءَ ۾ مؤثر ۽ منتخ اصطلاحن جي استعمال تي گهڻو ڌيا ڏيان ٿا. هونئن به اصطلاحن کي پنهنجي هڪ زبان آهي، جنهن مان صحيح لطف صرف اهلِ زبان ئي حاصل ڪري سگهن ٿا. ڌاري ٻوليءَ جي اصطلاحن تي عبور حاصل ڪرڻ هڪ محنت طلب ڪم آهي. ٻولين جي معيار مقرر ڪرڻ ۾، اصطلاحن جي ججهائي کي خاص طرح خيال ۾ رکيو ويندو آهي. ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي، معياري ۽ شاهوڪار ٻولين جي دفعي ۾ شمار ٿئي ٿي، ان جو ڪارڻ به شايد منجهس اصطلاحن جي ڀرمار آهي طوالت جي خوف کان هتي اُهي سمورا اصطلاح پيش ڪري نٿا سگهجن، جن کي هتان جي ماڻهن پنهنجي ذاتي زوق ۽ ورهين جي جستجو سان تخليق ڪيو آهي، پر ڪن اهرن اصطلاحن جي فهرست ڏيڻ جي ضرورت ضرور محسوس ڪئي وڃي ٿي، جي اڃان تائين ڪنهن سنڌي لغت ۾ جاءِ وٺي نه سگهيا آهن:

آب اچڻ = بدن تي سوڄ يا ٿوٿر اچڻ

آتما جاءِ تي اچڻ = سڪون محسوس ڪرڻ، سانت اچڻ

آخرڪارِي ڪرڻ = خراب ڪم ڪري عاقبت خراب ڪرڻ، اڳوتر خراب ڪرڻ.

آڏَرن ۾ کائڻ = سکيو ستابو هئڻ، آسودي زندگي گذارڻ (جنهن آڏرن ۾ کاڌو، سو پاٽرڙن مان ڪيئن ڌاپندو).

آزمودو ڀڃڻ = آمائڻ، پرک لهڻ.

آڳو پيڇو پُڇڻ = حسب نسب جاچڻ، بڻ بنياد پڇڻ

آنڊا ڪَوڙا نه هئڻ = اولاد پيارو هئڻ (آنڊا ڪنهن کي ڪَوڙا آهن).

آنڊا ڳل پوڻ = ڪنهن ڦڏي ۾ ڦاسڻ، ڪنهن مونجهاري ۾ مبتلا ٿيڻ.

آواگردي مچائڻ = ظلم ڪرڻ، بي بندوبستي ڪرڻ.

آئڻ نڪتل هئڻ = هر هر پائخانو ڪرڻ ( آئڻ = آن ڪڍڻ لاءِ گُنديءَ ۾ سوراخ).

آنت رکڻ = مٽي مائٽيءَ ۾ طرفداري ڪرڻ، طرفداري سبب شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ.

آڳو ڏيِڻ = ٻاهران ايندڙ ڄڃ آڏو ڳوٺ جي عورتن جا سهرا ڳائڻ.

آئِي وَئِي ڪرڻ = ڀُلائي ڇڏڻ، درگذر ڪرڻ، خيال ۾ نه آڻڻ.

اَبي تَبي ڪرڻ = بي عزت ڪرڻ، هت ڪرڻ.

اُڀ مٿي تي کڻڻ = زوردار رڙيون ڪرڻ.

اٽو خراب ٿيڻ = بڇڙو ٿيڻ، بدنام ٿيڻ اڇي ڏارهي اٽو خراب)

اُٽير چڙهڻ = پور پوڻ، خيال اچڻ.

اُٺِ چڙهي کي سپ کائڻ = راهه ويندي مصيبت ۾ ڦاسڻ.

اُٺ مٿي مان ڪڍڻ = ڪنهن جو غرور ختم ڪرڻ، آڪڙ وڃائڻ، سِڌو ڪرڻ.

اُٺ مٿي ۾ ويهجي وڃڻ = گهمنڊ هئڻ، پاڻ کي ڪجهه سمجهڻ

اُٺ سان پڇ ترڻ = وڏي نقصان سان گڏ ننڍو نقصان به برداشت ڪرڻ.

اَٺو سَٺو ڪرڻ = معمولي بندوبست ڪرڻ.

اَڌ سيِر ۾ هجڻ = سڪرات ۾ هجڻ، مرڻ ۽ بچڻ جي وچ واري حالت ۾ هئڻ.

اُڏراڪ ٿيڻ = پنهنجي مُنهن کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ٿيڻ (اڏامڻ جهڙو ٿيڻ).

اُزبڪ سڏائڻ = پاڻ کي زور آور چوائڻ، وڏو ماڻهو سڏائڻ.

اِرڪِي ڏيڻ = پاسخاطري ڪرڻ، فيصلي ۾ هڪ پاسو وٺڻ.

اِرکِر مَرِي پوڻ = الڪو لهڻ، چنتا نه رهڻ، نا اُميد ٿيڻ.

اڙِتيلو ٻَڌڻ، اَڙِتيلو مارڻ = اڳ ٻَڌڻ، چالاڪيءَ سان ڪا ڳالهه ڪرڻ

اَڙِڪو ڏيڻ = مشڪلات پيدا ڪرڻ، هلڪو لوڙهو ڏيڻ.

افريد لهي وڃڻ = ڀلجي وڃڻ، يادگيري نه رهڻ.

اَڪسي پوڻ = وير وجهڻ، دشمني رکڻ.

اُڪ چُڪ ٿيڻ = هڪٻئي سان ملي نه سگهڻ، ٿڙي وڃڻ، گُسِي وڃڻ.

اِڪرِي ڦِڪرِي نه ڄاڻڻ = اٽڪلون نه ڄاڻڻ، چالاڪي نه ڪرڻ.

اِٽ هڻي بيهڻ = ضد ڪرڻ، نابري وارڻ.

اَٽ ڀَڃڻ = عادت بدلائڻ.

اَچون ٻچون ڪرڻ = پيارو گهُرڻ، بيجاءِ پيار ڪرڻ.

اکيون ٻيرا ٿيڻ = اکيون اُٿڻ، اکين جو تمام ڳارهو ٿي وڃن.

اکيون پوڙڻ = نظر کپائڻ، گهور ڪري ڏسڻ.

اکيون ڳوڙها ڳوڙها ٿيڻ = ننڊاکرو ٿيڻ، ننڊ جو کيپ چڙهڻ.

اکيون ڪورڙيون ڪرڻ = ڪاوڙ مان ڏسڻ.

اَکرون نِڪرڻ = حساب ڪتاب ۾ نه رهڻ، بي حياءُ ٿيڻ.

اک جو ڪک نه ڏسڻ = پنهنجو عيب نظر نه اچڻ.

اک اَڇي ڪري نه ڏسڻ = دل ۾ کوٽ رکي ڏسڻ، بدنيتيءَ سان ڏسڻ.

اَتِيت پکيءَ وانگيان هڪ ڄنگهه تي کڙڻ = انتظار ڪرڻ، اوسيڙو ڪرڻ.

اکين اڳيان نيِر اچڻ = اکين آڏو اوندهه اچڻ. ڏسڻ ۾ ڪجهه نه اچن.

اکر ظاهر نه هجڻ = سڻڀ وغيره لڳڻ سبب ڪپڙي جا چِٽ نظر نه اچڻ

اُکڙيل ڪهاڙي وانگون اچڻ = ٿوري گهڻي ڳالهه تي جهيڙو ڪرڻ، معمولي ڳالهه تي جهيڙي ۾ ڪڏي پوڻ.

اُکلَن تي کڻي ڏيڻ = تڪڙا تڪڙا زباني حملا ڪرڻ.

اڳياڙي تي کڻي ڏيڻ = تڪڙا تڪڙا زباني حملا ڪرڻ.

اڳياڙي هئڻ پڇاڙي نه هئڻ = بي وفا هئڻ، شروع ۾ سٺو ورتاءُ ڪرڻ پر پوءِ نباهه نه ڪرڻ.

الف کي ڪِلي سمجهڻ = اڻ پڙهيل هئڻ، لکي پڙهي نه سگهڻ.

اَم غم ٿيڻ = مغموم ٿيڻ، مونجهو ٿيڻ، مايوس ٿيڻ.

انب ڪَپي اَڪن کي لوڙهو ڏيڻ = ٿوري فائدي لاءِ گهڻو نقصان برداشت ڪرڻ.

اَندرِين ٻاهرِين هئڻ = هم صلاح هئڻ (ڏاند هڪ پاڃاري ۾ اندرين ٻاهرين هوندا اَڳلِي کان چَڳِلي ٿيڻ = ڪم جو اڳي کان به خراب ٿيڻ.

اِنڊَ تي چڙهڻ (اَنٽي تي چڙهڻ) = هٿ هِرڻ، تمام گهڻو ڪم ڪري وڃڻ.

آنڊيون هڻڻ = رڪاوٽ پيدا ڪرڻ، رنڊڪون وجهڻ.

اوب توب لڳڻ = سهڪو ٿيڻ، ساهه مُنجهڻ، سڪرات وقت ڏکيو ساهه کڻڻ.

اوتا غوطا کائڻ = ڳڻتين ۾ پوڻ، ويچار ۾ پئجي وڃڻ.

اوتن غوطن ۾ ساهه هئڻ = شش پنج ۾ هئڻ، ڳڻتين ۾ اچي وڃڻ.

اوٿر نَهي اچڻ = ڪارونڀار ڪڪرن جو گڏ ٿيڻ.

اُچو جهِڪو ٿيڻ = منٿ ميڙ ڪرڻ، محتاجي ڪڍڻ

اُچو جهِڪو ٿي ڪم ٽپائڻ = منٿ ڪري ڪم ڪڍڻ.

اُوڙ ڪرڻ = چڻن يا تِرن جا ساوا ٻوڙا اُٺ جي وات ۾ گوهڻ.

اولاد لاهڻ = ٿورا لاهڻ، احسانن جو بدلو ڏيڻ.

اولڙو ڀڃڻ = ٻارن جي هڪ بيماريءَ جو سَوَڻ ڪرڻ (هن سَوَڻ ۾ هڪ ڏاهِي عورت ٻار تي آئيني جو اولڙو يا عڪس وجهي ٻار جي مائٽڻ کي پڇندي آهي ته اولڙو ڀڃان؟ جنهن جي جواب ۾ چئبو آهي ته ڀڃ).

اِيل ڪڍڻ = قسم کڻي ڇڏڻ، توبهه ڪرڻ.

بُر ڀَرجڻ = کوٽ پوري ٿيڻ.

بَٺو ويهارڻ = نقصان پهچائڻ، گهاٽي ۾ وجهڻ.

بَٺو ويهجي وڃڻ = نقصان پوڻ (باهه جي گهٽائيءَ سبب سرن جي بٺي جو ڪچو نڪرڻ)

بُبا پَسَرجَڻ ڪهڪاءُ اچڻ، احساس ٿيڻ (اڪثر اولاد جي باري ۾ استعمال ٿئي ٿو).

بَٺ چڙهڻ = سخت بخار هئڻ.

بَج لڳڻ = ڪپڙي کي ڪو ٽُڪ وغيره اچڻ، ڪپڙي کي عيب لڳڻ.

بُج بانڊ ڏيڻ = بدلي ۾ ڪو ننڍو وڏو سڱ ڏيڻ.

بَدي لهڻ (لڀڻ) = چوري جو سراغ هٿ ڪرڻ.

برتر سان هئڻ = قد ڪاٺ ۾ ٺيڪ هئڻ، مضبوط هاٺي ڪاٺيءَ وارو هئڻ.

بَر چَڙهڻ = ٿڪ جي حالت ۾ وهنجڻ سبب بدن جو آڪڙجڻ.

بَرڙ ڦاڙڻ = راز ظاهر ڪرڻ، سادگيءَ سان سچ چئي ڏيڻ.

بَڙ تيلو لڳڻ = چالاڪي ڦٻي وڃڻ.

بَڙ تيِلو هڻڻ = چالاڪي ڪرڻ، ٺڳي ڪرڻ.

بَڙ دول ڪَڍڻ = اڻسُهندو لفظ ڳالهائڻ، غير ضروري گفتگو ڪرڻ.

بَغان ٿيڻ = همت هارڻ، هٿ ڪڍڻ وڃڻ.

بُڪيون ٽوڙڻ= سخت تڪليف ڏيڻ، ٿڪائي ڇڏڻ.

بَنبِلي ٻَڌڻ = خوار ڪرڻ، بدنام ڪرڻ، مشهور ڪرڻ.

بَنديون سَنڀارڻ = وري وري حساب ڪرڻ.

بَنديون ڪُتا کڻي وڃڻ = يادگيرو نه رهڻ، ليکو ياد نه بيهڻ.

بوتو ٺاهڻ = ونگ ٻڌڻ لاءِ يا سَردَر وجهڻ لاءِ ڪچو قالب تيار ڪرڻ.

بوتو پورڻ = جادو وسيلي ڪنهن جو مجسمو بنائي مقام ۾ پوري ڇڏڻ.

بُودڪَن ۾ هئڻ = گهوڙي جو تمام پوڙهو ٿيڻ.

بيک (بيخ) ڪڍي ڇڏڻ = ٿڪائڻ، ڪَڪ ڪرڻ، ڄمار ڳارڻ، پاڙ پٽي ڇڏڻ.

بِيهِي نه موڪلائڻ = هڪدم هليو وڃڻ، اوچتو جدا ٿيڻ.

ٻَه پَهَر وَهِي وَڃڻ= ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ، ڪم اچڻ.

ٻارو ڀَڄِي ٻاري ۾ پوڻ = ٿورڙو نقصان ٿيڻ، وڇايل وَٿ تعلقدارن کي هٿ اچڻ. (هڪ ٻاري مان پاڻي ٽُٽي، ٻئي ٻاري ۾ آيو ته چئبو ضايع نه ٿيو).

ٻاگهِي هڻڻ = ٻئي جي نقصان تي خوش ٿيڻ.

ٻَرڪُون نڪري وڃڻ = ضبط نه ڪري سگهڻ، دانهون نڪري وڃڻ.

ٻَلکا هڻڻ = خوش ٿيڻ، خوشي مان جهمريون هڻڻ (ننڍي ٻار لاءِ ڪم اچي ٿو)

ٻَٽ مارڻ = شرط پڄائڻ، شرط رکڻ.

ٻِٽ ڀڃڻ = ڪڻڪ جي سلن جو ٻن کان وڌي ٽي چار پن ڪڍڻ.

ٻُٽ ڏيڻ = ٻاتي ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ وقت منجهڻ.

ٻِٽڙا ڳوڙها وهائڻ = ڏاڍو روئڻ، تمام گهڻا لڙڪ وهائڻ.

ٻَٽڪو لڳڻ = عورتن جو جهيڙڻ، زباني تڪرار ڪرڻ.

ٻُٽي ٻڪري ڪري ويهارڻ = عورت جا ڳهه ڳٽا لاهي وٺڻ.

ٻِپَهرو ٺارڻ = اونهاري ۾ سفر دوران منجهند جو ڪٿي آرام ڪرڻ.

ٻَچ ڪڍي وجهڻ = ايترو ڪم ڪرڻ جو چيلهه ۾ سور پئجي وڃي.

ٻُچ ٻُچ ڪرڻ = چُمڻ، چميون ڏيڻ.

ٻرندي باهه مان ڪڍڻ = مصيبت مان نجات ڏيارڻ، مشڪلاتن مان ڇڏائڻ.

ٻرندي باهه ۾ ٽپو ڏيڻ = پرائي جهيڙي ۾ ڪاهي پوڻ، پرائي لڙائيءَ ۾ داخل ڏيڻ.

ٻَرندِي جو سيڪ اچڻ = آسودي ڀاءُ مان فائدو ملڻ، سکئي پاڙيسري کان اوڌر پاڌر ملڻ.

ٻَڙتول وجهڻ = گوڙ ڪرڻ، لُڙ مچائڻ.

ٻَڦڻ ڦاسڻ = مشڪلاتن ۾ ڦاسڻ، مصيبت ۾ پوڻ، ڏٽڻ ڦاسڻ.

ٻڪر ٻيڪ تي هئڻ = سڏ پنڌ تي هئڻ (ايتري مفاصلي تي هجڻ جتي ٻڪرين جي ٻيڪ ٻُڌي سگهجي).

ٻُڪي چُڪي ميڙڻ = سانگ صرفو ڪري ڪجهه پاڇي وجهڻ.

ٻَنڌ ٽُٽڻ = هڪ ئي وقت گهڻن مهمانن جو اچڻ.

ٻُگهِي کڻڻ = ٻلهاڙي راند ۾ سڀني اندرين رانديگرن کي شڪست ڏيڻ.

ٻَنو ڇڏائي ڏيڻ = ڪنهن کي اهڙو ڊيڄارڻ جو رستي سان به نه لنگهي (ٻهراڙيءَ ۾ پوک جي ٻنن کي ماڻهو رستي طور استعمال ڪندا آهن).

ٻَنو ڪڍي وڃڻ = تعلق ختم ڪرڻ، ناتو ڇنڻ.

ٻَني لائڻ = ڪنڌيءَ تي پهچائڻ، پار پهچائڻ، پاڻڀرو ڪرڻ.

ٻوٻِڻ کُلِي پوڻ = دست ٿيڻ، اسهال ٿيڻ.

ٻُوٿ چٻو ڪرڻ = سوال ڪرڻ، منٿ ڪرڻ.

ٻار لَهڻ = ٻار فوت ٿيڻ (فلاڻي جو ٻار لٿو آهي)

ٻُٿاڙ سُڄائڻ = ناراض ٿيڻ، ڪاوڙجڻ، رُسڻ.

ٻُوٽي نه وِچڙڻ = ٺاهه نه هئڻ، گڏ گذاري نه سگهڻ، نفرت ڪرڻ.

ٻوڙ پئجي وڃڻ = گهٻرو ٿي وڃڻ.

ٻوڙڪ پَوڻ = بيهوش ٿيڻ ڍَڪرِجي وڃڻ.

ٻوڙو ٻَڌي صلاح ڪرڻ = پڪو ارادو ڪرڻ (ٻوڙي کي ڳنڍ ڏيئي، مٿانئس ڪپڙو وجهي، کيس ماڻهو تصور ڪري ساڻس مشورو ڪرڻ، يعني سوال جواب ڪرڻ)

ٻوليءَ تي چڙهڻ = مطيع ٿيڻ، تترن جو هِري مِري وڃڻ ۽ سينڍ تي ٻولي ڪرڻ.

ٻُهارِي ڦِري وڃڻ = ڪجهه به نه بچڻ، سڀڪجهه چٽ ٿي وڃڻ.

ٻير کيکڙي تي گذارو ڪرڻ = سانگ صوفي سان گذارو ڪرڻ، ڪفايت ڪرڻ.

ٻير واريءَ جو گهر پُڇائڻ = غير معرف پَتي تي پڇا ڪرڻ.

ڀَنواٽيون کارائڻ = پريشان ڪرڻ.

ڀاڳ ڪڏائڻ = بخت آزمائڻ.

ڀَنڊَڪِي ٻارڻ = ٻنڊي لائڻ، وَرِي وَرِي گهُرڻ، ڪنهن جي پٺيان ڦَڪڙِي ٻَڌڻ.

ڀُوتو ڀانئڻ = پاڻ ۾ ٻل سارڻَ، پاڻ ۾ طاقت ڀانئڻ.

ڀِڄِي پَوڻ = حسن ۾ نکار اچڻ، سهڻو لڳڻ.

ترا لِيڪَڻ = انڪار ڪرڻ، نابري واري ويهڻ (موچي رڳو جُتيءَ جا تَرا چمڙي تي ليڪي رکي، باقي جتي ٺاهڻ کان جواب ڏئي)

تَرِي ڏيڻ = ڪنهن جي اجائي تعريف ڪري ڪم ڪڍڻ.

تِرِي واٽَوون هڻڻ = ڪوڙ هڻڻ، پنهنجي مَنان ڳالهه ٺاهي ٻُڌائڻ.

تِري پَٽائي نه سگهڻ = مقابلو ڪري نه سگهڻ (زور آزمائيءَ جي راند، جنهن ۾ ٻه ڄڻا مُنڊرو ڏيئي ڌرتيءَ تي هٿ ٽيڪيندا آهن،  هڪڙي کي هٿ جهلڻو پوندو آهي ۽ ٻيو ڌرتيءَ تان هٿ پٽائيندو آهي.

تَلونگ ڪڍڻ = تَرو ڪڍڻ، وڏو نقصان رسائڻ، بنياد پٽي ڇڏڻ (کوهه جو ڪاٺ وارو تلونگ، جيڪو کوه جي تري ۾ هوندو آهي، سو جي نڪري وڃي ته کوهه ڪيئن بيهي سگهندو)

تَن بخشڻ = ڳجهو نڪاح ڪرڻ، عورت جي وارثن جي غير موجودگيءَ ۾ حق مهر وٺي شادي ڪرڻ.

تِند ڪرڻ = هڪ ئي زنجير يا رسيءَ ۾ گهڻن جانورن يا ماڻهن کي ٻَڌڻ

تَڻاهه ڇڪجڻ يا تڻاهه ٽُٽي پوڻ = سخت ٿَڪ ٿيڻ، سيني ۾ درد ٿيڻ.

تَڻاهه ڍرا ٿيڻ = بي همت ٿيڻ، دل هاري ويهڻ، دلشڪستو ٿيڻ.

تڻ مارڻ = جدوجهد ڪرڻ.

تو ٻَري تي وَٺ نه ڏيڻ = قابو ۾ نه اچڻ، بي پرواهه ٿي وڃڻ.

ٿاهَرِي بِيهڻ (مال جو) = ڄَمِي بيهڻ، هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪري بيهڻ.

ٿٻاڪا مارڻ = ڌوما هڻڻ، اونداهيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ.

تَرِي جَهَٻڻ = زور لڳائي ڇيهه ڪرڻ، هُٽجي پوڻ، ناڪام ٿيڻ.

ٿوپ ٿَپڻ (ٿڦڻ) = الزام مڙهڻ، بهتان ٻڌڻ.

ٽُروپا وهائڻ = رک رکاءُ نه ڪرڻ، مُنهن تي چَئِي ڏيڻ.

ٽَرهڪو ٻَڌي بيهڻ (مِينهن جو) = زوردار برسات پوڻ.

ٽُرهڪو ڏِيڻ (مينهن جو) = ٿوري وقت لاءِ زور دار مِينهن پوڻ.

ٽريڪَڙي ۾ نه اچڻ= صلاح مصلحت ۾ نه اچڻ، چوڻ نه مڃڻ.

ٽَڪر ڄاڙهڻ = وڏو احسان ڪرڻ.

ٽَڪو ڏيئِي پيء پٽائڻ = سُست بڻجڻ، ٻين کان ڪم وٺڻ جي عادت هجڻ.

ٽَڪي ٽاندو کڻائڻ = آڪڙ ڪرڻ، مغروري ڪرڻ.

ٽيڪَجِي ويهڻ = بي فڪري ٿي ويهڻ، ڪنهن جي ٽيڪ تي بي پرواهه ٿيڻ.

ٺِڪَر نه کڻڻ = الزام کان پاڻ بچائڻ.

ٺَڙَڪ ڏيڻ = دولاب سان ملڪيت ڦٻائڻ.

ٺوڪي وڄائي وٺڻ =  چڱيءَ طرح جاچي جوچي خريد ڪرڻ (ٽَڪي جو ٺِڪر به ٺوڪي وَڄائي وٺبو آهي).

پاڙ تي رَنبو رکڻ = برباد ڪرڻ، چَٽ ڪرڻ، بنياد ڪَڍِي ڇڏڻ.

پَٽا ڪڍي وڃڻ = ڪو واسطو نه رکڻ، تعلق ختم ڪرڻ.

پُڇ چَڪَڻ = گوءِ ۾ ڏاند ڀڄائيندڙن جو ڏاندن جي پُڇن ۾ چَڪ هڻي کين تيز ڊوڙائڻ.

پِڙي ٻَڌڻ = ڦُرڙيءَ جي ٻاهران ڳاڙهو گول نشان ٿيڻ.

پَسارو ڪرڻ = ٿوري مان گهڻو گڏ ٿيڻ، سُٺو نتيجو ظاهر ٿيڻ (ڦُڙِي ڦُڙِي پسارو ڪندِي آهي.

پَڪي تي جَهلڻ هئڻ = هر طرح جي پَڪ هئڻ، تسلي هئڻ.

پيٽ جو آواز مارڻ = ڪنهن کي رشوت طور ڪجهه ڏيڻ.

ڄَنگهه کَسڻ = ملهه راند ۾ جانٺو هڻي، مقابلو پهلوان جي ٽنگ ڇِڪي وٺڻ.

جَهوَڻِ لاهڻ = مار ڏيڻ، ڪنهن جي غرور ڪڍي ڇڏڻ.

جهُولِي وَهَڻ = اڪيلي سر ڪم ڪرڻ.

ڇَڻڪَجِي وڃڻ = سنهو ٿي وڃڻ، بيماري وغيره ۾ زائد گوشت گهٽجي وڃڻ.

خلق ٺَلِهي پوڻ = ماڻهن جو وڏي تعداد ۾ اچڻ، گهڻن ماڻهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ.

دُر ٿيڻ (فيصلو = ثابت ٿيڻ، ڪا ڳالهه ڪنهن جي خلاف ثابت ٿيڻ.

دوڦو ٻَڌڻ = ڪوڙو الزام مڙهڻ، چوري وغيره جي ڪوڙي تهمت ڌرڻ.

دؤنسا وجهڻ = ماتم ڪرڻ، پار ڪڍي مُنهن ۽ سٿرن تي زور سان هٿ هڻن.

ڌوتو پوتو هئڻ = گناهن کان پاڪ هئڻ.

ڏٻي جي ڪلهي تي هئڻ، ڏٻي ڏاند جي ڪلهي تي هئڻ = ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي سهاري تي زندگي گذارڻ (لوڪ ڪَٿا آهي ته ڌرتي ڏٻي ڏاند جي سڱن تي بيٺل آهي، ۽ جڏهن هڪ سِگَ ٿَڪِي پوندو اٿس، تڏهن ڌرتيءَ کي ٻئي سڱ تي مٽائيندو آهي. انهيءَ لوڏي جو اثر زلزلن جي صورت ۾ نمودار ٿئي ٿو. عثمان فقير جي هڪ قافيءَ ۾ آهي ته:

ڏاند ڏٻي دِي شاخ اُتي رب فرض وڇايا آن ميان،

اِها ته ڌرتي اِنهن تي ڌَرِي هي، ڌَرِي هي لامڪان ميان،

بِريڪ ڏيڻ = ڊاڙون هڻڻ، ٻٽاڪ هڻڻ.

ڊَونگل ڪڍڻ = گُٿو ڳالهائڻ، اڻ وڻندو لفظ ڪڍڻ.

ڊَرڪي ۾ پوڻ = اَجايو گهڻو ڳالهائڻ، ڳالهائڻ ۾ بي ترتيبي ڪرڻ، اجائي ڊيگهه ڪرڻ.

ڍَونڪا پَٽائي ڇڏڻ = سيکت ڏيڻ، نقصان ڏيڻ.

ڍَؤ جا مخول هئڻ = پيٽ ڀرائيءَ جا ڪم ڪرڻ، دولتمنديءَ سبب غير ضروري ڪم ڪرڻ.

ڍَڍ وڄي وڃڻ = اعلان ٿيڻ، پڙهوڏيڻ.

رِڻو پڇائڻ = پوک پچائڻ، گهر جو ڪاروبار هلائڻ.

رُخ ٺَپائڻ = اُستري وغيره سان ڏاڙهي ۽ مڇن جو خط وٺائڻ.

رائِي ڏيڻ = دال يا ساڳ کي مکڻ ۾ ٿوم جو داغ ڏيڻ (چمچي يا ڏوئيءَ ۾ مکڻ گيهه وجهي، اُن جي مٿان ٻرندڙ ٽانڊو وجهي دال يا ساڳ جي ٻوڙ ۾ وجهبو آهي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com