سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :12

ٻاتو ٽِٽ =صفا ٻاتو، ڏڏِي زبان وارو، جو ڳالهائڻ ۾ چِٽا اچار ڪڍي نه سگهي.

ٻاڍُل = سگهڙ زال، سنوپري عورت.

ٻارِهين وَنَڪ چاندي = اوچي چاندي، چانديءَ جو هڪ قسم

ٻانڀڻي شيءِ = اُها شيءِ جا ڇهڻ سان خرب ٿي وڃي. عموما کير لاءِ چيو ويندو آهي ته هي ٻانڀڻي شيءِ آهي، ڇو ته صاف ٿانءُ ۾ رکيل نه هوندو، ته ڦِٽي ويندو)

ٻانڊَڪِي = ننڍڙي قميص، صدري

ٻائو ٻُڌُو = بي وقوف، موڳو، سادو

ٻَڀڪَر = ڍڳن کي هڪلڻ جو آواز (ٻَڀ ٻَڀ)

ٻَٽ = شرط

ٻٽڪائڻ = پاڻياٺ مان ڪو برتن ٻوڙي ڪڍڻ.

ٻَٽڪَلو = ننڍري قد وارو پر چالاڪ ماڻهو

ٻَٽو = ڳُتيل جسم وارو، مضبوط هاٺيءَ وارو

ٻُٽو ڀانڊو = داغدار ماڻهو، ڪِنو ماڻهو.

ٻُٽو کوهه = اُهو کوهه جنهن پڳ يا مولهه ڀڳل هجي.

ٻَٽُون = گاهه جو قسم، هڪ قسم جوساڳ

ٻَچ = چيلهه جي هڏن جو جوڙ (هيءُ لفظ رڳوچيلهه جا ٻچ طور ڪم اچي ٿو)

ٻُچ نه آڻڻ = ڪنهن تي تڪ نه پوڻ، فلڪ نه آڻڻ، ڪجهه نه سمجهڻ.

ٻَڌِي ٻُوڙِي = چوري چڪاري، چورايل مال.

ٻَڌِي ڇوڙِي جو مالڪ = پاٿاريدار، بااختيار ماڻهو، چورن تي حڪم رکندڙ.

ٻُرار = ٻُرَ، لونءَ، پَشَم، سنهي داڻ جهڙا ڦوڙا، جي رت جي خرابيءَ سبب پيدا ٿين ٿا، ڏُڌ جي مٿاڇري تي مکڻ جا ذرڙا.

ٻَڙٽول وجهڻ = شور ڪرڻ، لُڙ مچائڻ.

ٻَڙڪندي سڙڪندي = اُٻهرائيءَ ۾، جلدي ۾.

ٻَڙڪندووتڻ = جوانيءَ ۾ جنسياتي زور جو اظهار ڪرڻ.

ٻڙ گهول، ٻَڙگهل = وڏو سوراخ

ٻُڙو = سباڻ لڳل کير جو ولوڙڻ لاءِ تيار هجي.

ٻُڙو ولوڙڻ = ڏڌ ولوڙڻ، چُڪو جهڳڻ.

ٻَڙهه لڳڻ = خاموشي ڇانئجڻ، چپ لڳڻ، ماٺ اچي وڃڻ.

ٻَڙهو = پتن راند (تاس) جو هڪ قسم

ٻِڙِيالِي = ٿانوَ ٿپي رکڻ لاءِ مٽيءَ مان ٺهيل چوڪور گُندڙو، جنهن کي ننڍڙي دري لڳل هوندي آهي.

ٻُسڪائِڻ، ٻُسڪائي لاهڻ = ديڳڙي يا ڪُنيءَ کي ڪَنن تائين ساڳ سان ڀَري ڇڏڻ.

ٻَڦي ٻَڌڻ = مٿاهين اڏ تيار ڪرڻ، ٻاڦِي جوڙڻ

ٻُڪَن = بيوقوف، ڇِسو

ٻُگهه = سائي چُهُچَ، ڏاڍي سائي پوک، فصل جو سٺُو اوسر.

ٻَنگهنِي = صاف ۽ ملائم، ٻگهه وانگر سفيد، سهُڻي (ڪاجا ڪانگ ڪتابت آندي، سا ته ساهه برابر سانڍيان ٻَگهنِي)

ٻِلاڙو = ٻن جدا نسلن جي ميلاپ مان پيدا ٿيل.

ٻِلڪَڻ = سُڏڪڻ، روئڻ

ٻُندِي = لاٽُونءَ جي چهنب جنهن تي اهو ڦري ٿو، ببِيءَ جي چوٽِي.

ٻِنڊ = گڏهه جوآٿرن ۾ ڪم ايندڙ گدِي، پلال جو پنڊو.

ٻِنڊي = وهٽن جي آٿرن ۾ ڪم ايندڙ انگريز اکر بُو وانگر ٺهيل گدي بلال جو پنڊو.

ٻُنڊو = پاڻيءَ جو بند يا ڳنڍو، اڏ يا ڪَسيءَ کي ڏنل بند

ٻَني شريڪ = پاڙيسري، لڳو لڳ زمين جومالڪ

ٻوٻِڻ = رُوڻ، پاڻي جو زوردار وهڪرو جو ڪنهن ڪسيءَ يا واهه جي ڀرواري زمين ۾ ظاهر ٿئي.

ٻُوتارڻ = هڏن تان گوشت جون وڏيون ٻوٽيون جدا ڪرڻ.

ٻوڙَڪجَڻ = بيهوش ٿيڻ، ڍَڪرجڻ.

ٻوڪِي = انجهڻ منجهڻ ڪپڙ، هڪ ئي چادر جو لباس، جو ڳچيءَ کان پيرن تائين هوندو آهي ۽ ٻڌل رڳو ڳچيءَ ۾ هوندو آهي (عورتون پاڻيءَ ۾ ترڻ وقت استعمال ڪنديون آهن.)

ٻوگهِڙ = ڍورو، ڍنڍ.

ٻُونگهٽ = زوردار ڪم (ڪ ڪرڻ سان جيڪو آواز پيدا ٿئي)

ٻُوهو =جوئر يا ٻاجهريءَ جي اَن جون کلون (هميشه جمع ۾ استعمال ٿئي ٿو) ٻوهَل = نذرانو، ڏن، ڀيٽا، جيڪا مرشد مريدن کان اڳاريندا آهن.

ٻير کيکڙو = ٻير وغيره.

ٻِيڙ = ڏڌ ولوڙڻ واري جهيرڻي جي وچ ۾ ڇلي جهڙي گول ڪاٺي.

ٻِيڙ ٻَڌڻ = جهيرڻي جي اندرين گول ڪاٺيءَ کي ڌاڳن سان جڪڙڻ.

ڀُچَڻُ = پُهچ هجڻ، اثر رسوخ هجڻ.

ڀِڙ = ناس ٿيل شهر، کنڊر.

ڀُنگ = درياءَ جي ڇڏيل وارياسي مٿاهين زمين.

ڀَنوالي ڏيڻ = ڦيرِي ڏيڻ، ننڍن ٻارن کي ٻانهن مان جهلي ڦيرائڻ.

ڀُئنريٺا = ڀِرون

ڀَئن چڙهڻ = جڙ ڏاند کي کوپا چاڙهي ڊگهي رسي وجهي گول ڦيرائبو آهي ته سندس مٿو ڦري ويندو آهي ۽ ازخود ڊوڙڻ لڳندو آهي، انهيءَ عمل کي ڀئن چڙهڻ سڏبو آهي.

ڀَئن کڻائڻ = جڙ ڏاند کي ڀَئن ڏيڻ.

تَرڪارِي = ننڍو گوشت (گهڻو ڪري هندو ۽ شهري ماڻهو استعمال ڪن ٿا)

تَر مال = سَڻڀو گرهه، سُٺا طعام، لذيز لُقمو، تَر لَقمو

تِري واٽووون = هٿ جي تِري تي وٽيل (واڻ)

تفاق = فرق، تفاوت

تَلکَڻ = مک ڏيڻ، مانيءَ کي مکڻ يا گيهه سان هلڪو مَکُ ڏيڻ

تڻاهه = پاسرين جي مٿان پردو، پيٽ- ڇَههُ

تَوائِي = ڪاوڙ، غصو.

تيل تماڪُو = سودو سلف، گهر ۾ ڪم ايندڙ سيڌو سامان.

ٿانوَرو = ٻِر ۾ نانگ جي ويڙهجي سمهڻ جي جاءِ.

ٿاهِرَجڻ = چوپائي مال جو هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪرڻ.

ٿٻو هڻڻ = ڀاڪر وجهي ڪيرائڻ، ويجهن عزيزن کي سڱ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ.

ٿُٿ مُٿ = ٿورو گهڻو پڙهڻ.

ٿُڙُو ٿِي = لعنت ملامت جو لفظ، حيف هجيئي، لعنت هجيئي، ٿُڙَم ٿُڙا چوڻ.

ٽاڪِيون = چَتِيُون، ڪپڙي کي هنيل چتيون.

ٽَرپوِليون = ٻارن يا چوپائي مال جا ٽپا.

ٽَرڪائڻ = دلاسن تي ٽاري ڇڏڻ، ٽاري ڇڏڻ.

ٽِرهاڻ ٿيڻ = گهر ۾ کير ۽ ڏڌ تي گذارو ڪرڻ، گهر ۾ کير ڏيندڙ جانورن جوهئڻ.

ٽُرهڪو نڪرڻ = چيلهه مان ٺَڪاءُ نڪرڻ، پُٺيءَ، جي ڪنڊي کي سَٽ اچڻ ٽِريلهُون = ٽيڙو، آسمان ۾ هڪ سنئين ليڪ ۾ بيٺل ٽي تارا

ٽَڪا وَٽڻ = پئسا ڪمائڻ، فائدو ٿيڻ، فائدو حاصل ڪرڻ (اڪثر منفي معنيٰ ۾ طنز طور ڪم ايندو آهي)

ٽِڪڙو = چَنڊو، پيشانيءَ تي نشان وارو، ٻولاهو، نڀاڳو.

ٽَڪو ۽ دعا، ٽَڪو ۽ سلام = تعلق ختم ڪرڻ، آئينده لاءِ وهنوار ختم ڪرڻ.

ٽوپو = اناج ماپڻ جوماڻ، چئن سيرن جو ماڻ، چئن پڻڪين يا پاٽين برابر ماڻ.

ٽُنبڻي وارو = ٽُروئي (سَرن يا ڪانهه مان ٺهيل پڙڇ) ٺاهيندڙ جو مددگار، جيڪو هر هڪ کُڻ ۾ سَر ٽنبيندو رهي ٿو.

ٽُوشِي = ڇانگيل وڻ جي چوٽيءَ ۾ ڇڏيل ٿورو جهُڳٽو.

ٽيٻڪ = جهوِلي، دامن کي ڳنڍ ڏيئي جهولي ٺاهڻ.

ٽِيٽَڻ = تمام ٿلهو، متارو ماڻهو

ٽيڪِي ٽوٽو = آڪڙباز، مغرور

ٺُڳ، ٺوڳرو = چڱو وڏو ڇوڪر

ٺڳ سارو = گهڻو وڏو ڇوڪر

ٺَڙڪِي = مَهوسِي، ڪيمياگريءَ جي شوق ۾ مبتلا، سون ۽ چاندي ٺاهڻ جو خفتي.

پُٺِي = ڪپڙي ٽُڪر جو زناني چوليءَ (ڪُڙِتي) جي پُٺ ۾ لڳائبو آهي، پيِٽيءَ جو ضد (پيٽيءَ جي معنيٰ جامع سنڌي لغات ۾ آهي چولِيءَ جو امن، جوپيٽ جي مٿان پوي ۽ سماٽڪِي چولِيءَ جو اڳيون حصو ڍڪي بيهي، ڪنجري ۾ اُرهه کان هيٺ جو ڪپڙو)، اڳي سماٽڪِي چوليءَ ۾ پُٺي وجهڻ جو رواج ڪو نه هو، پر گهڻو پوءِ پُٺ کي اوگهڙ کان بچائڻ لاءِ اهو رواج پيو.

پُريل = ڊسڙ، پورِي ۽ ڊسڙ مِٽِي.

پَرڀَرتِي (ڀَروَرِتي) = ٻئي تي ورتيل يا ٿي گذريل، جڳ بيتي، گهر ڀرتيءَ جو ضد پُرڌِين، پُڙڌِين، پَر ڌوئڻ = اها ڳئون يا مينهن، جا ويامڻ بعد چاليهي (چاليهه ڏينهن) تائين وَري ڳڀڻي ٿئي، بهاولپور (پنجاب) جا ٻانگيجا مهر پَرڌُوڻ
چون ٿا.

پُرڪِڻ = نرم زمين، نرم ڌوڙ، پورِي مِٽِي.

پُڙاٺِي = چيريل ڪاٺيءَ جو ٻه ٽِ فوٽ ٽڪر، جنهن جي ٿولهه چار انچ هجي.

پَک = ڪاڙهيل لسيءَ جو جدا ٿيل پاڻي (چوڻي: پک ويئي نڪري، باقي رهيا ڏيڪا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com