سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :5

اسم فاعل

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾، "اسم فاعل" به "اسم حاليه" وانگر سنڌيءَ جي رائج تحريري محاوري کان مختلف نموني سان ٺهي ٿو، ۽ ٻنهي اسمن ۾ گهڻو ڪري ساڳيون تبديليون رونما ٿين ٿيون. هن ٻوليءَ ۾ گهمندڙ کي "گهـُـمدڙَ" ۽ ڦرندڙ "ڦـِـردڙ" ڪري اچايرو ويندوآهي. اهڙن لفظن ۾ "نون غني جو آواز غائب ڪري، ان کان اڳئين متحرڪ اکر کي ساڪن ڪيو ويندو آهي، مثلاً: لکندڙ کي "لکدڙ"، وٺندڙ کي "وَٺدَڙ"، چـُـڀندڙ کي "چـُـڀدَڙ" ڪري ڳالهائبو آهي. اسم فاعل جي سلسلي ۾ ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي جي هندن خواه مسلمانن جا اچار ساڳيا آهن. هندو جيتوڻيڪ ماريندو کي "ماردو" ۽ ڳاريندو کي "ڳاردو" چون ٿا، پر اسم فاعل ماريندڙ ۽ ڳاريندڙ کي مسلمانن وانگر اچارين ٿا.

ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي وارا جهڙيءَ طرح "ڪُهڻ" مصدر مان "ڪُنهندو" اسم حاليه ٺاهيندا آهن،تهڙيءَ طرح اسم فاعل به "ڪـُـهندڙ"  ٺاهيندا آهن. ساڳيءَ طرح چوندڙ بدران چَوَندڙ ۽ ڀَنوَندڙُ بدران ڀَوَندڙُ استعمال ڪندا آهن. ائين ڳائڻو بدران "ڳاوَڻو ۽ کائڻو بدران "کاوَڻو" چوندا آهن.

اسم مفعول

رائج تحيري محاوري ۾ جملن کي ڳنڍڻ لاءِ اسم مفعول جو استعمال به ٿئي ٿو، پر ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ اهڙو اسم مفعول به ماضي معطوفيءَ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي، مثلاً:

(1) رائج تحريري محاورو: رڍون ۽ ٻڪريون وَس "چـَـريو"، وٿاڻين "وَريو" اچن.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي: رڍان افون ٻڪريون وس چري"، وٿاڻن تي "وري" اينديون هِن.*

(2) رائج تحريري محاورو: ڪاهل ماڻهو قرض ”وٺيو“، پيا گذر ڪندا آهن.

ماٿيلي- اباوڙي جي ٻولي:  ڪاهل ماڻهو قرض ”وَٺِي“ (يا وَٺيون) پيا گذارو ڪندا هِن.

(1)        رائج تحريري محاورو: سُست ٻار ”کايو“- ”پِيو“ پيا لٽيندا آهن.

ماٿيلي-  اٻاوڙي جي ٻولي: سُست ٻار ”کائِي“- ”پِي“ (کاڌيون- پِيتيِون) پيا ليٽندا هِن.

اهڙيءَ طرح ”چريو“، ”وَريو“، ”وٺيو“، ”کايو“ ۽ ”پِيو“ اسم مفعول.

”ماٿيلي- اٻاوڙي“ وارن وٽ ماضي معطوفي طور چَرِي، وَرِي، وَٺِي، کائِي، پِي بڻجي ويندا آهن.

ڪن هنڌن تي جيڪڏهن انهن کي اسم مفعول طور ڪم آڻبو آهي ته پوءِ انهن جي صورت ۾ هيٺينءَ ريت تبديلي اچي ٿي:

چَريو = چِنيون، وَريو= وَرِي، وٺيو= وَٺِتيون، کايو = کاڍيون، پِيو = پِيتيوُن.

جيڪڏهن اسم مفعوم مٿئين نموني ڪم آڻبو آهي ته اُن جي پٺيان عام طرح ”ڪرڻ، مصدر جي مضارع غائب واحد ”ڪَري“ ملائبو آهي. مثلاً:

1. ڇوڪرو جي ڀَرِ ”کَنيُن ڪري“ گهر ويو.

2. ڇوڪري کي "وَٺتيون ڪري" روانو ٿي پيو.

3. مزو لسي "پيتيوُن ڪري" سـُـتا پيا هـِـن.[1]

اسم استقبال

اسم استقبال به اسم مشتق جو اهم حصو آهي، پر اُن جي ٺاهڻ لاءِ اسم مصدر ۾ رڳو "و" ملائڻو پوي ٿو، البته ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ جو اسم مصدر رائج حريري مهاوري کان مختلف ٿئي ٿو.

”ماٿيلي- اٻاوڙي“ جي ٻوليءَ ۾ زمان

ڪن به ٻن ٻولين يا مهاورن جي ڀيٽ ڪرڻ وقت فعل جي گردانن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو، ڇو ته گرامر ۾ گردان يا ڦيري کي وڏي اهميت حاصل آهي. "ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ ان کي سنڌيءَ جي رائج تحريري محاوري سان ڀيٽڻ وقت، ٻنهي محاورن جي گردانن جا الڳ الڳ سيٽ تيار ڪري، انهن کي بحث هيٺ آڻڻو پوندو. گردانن جو مدار جئن ته فعل ۽ ان سان متعلق زماني تي ٿئي ٿو، تنهنڪري هتي فعل جي انهن زمانن جو جائزو وٺبو، جيڪي ماٿيلي- اٻاسوڙي جي ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي صورت سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.

زمان مضارع*

"ڪرڻ" مصدر مان جڏهن مضارع بنائجي ٿو، تڏهن مٿي ڄاڻايل ٻنهي محاون ۾ هڪ واضح فرق معلوم ٿئي ٿو. مضارع جي متڪلم جمع، "ڪريون" جو اُچار ماٿيلي- اٻاوڙي جي محاوري ۾"ڪـَـروُن" آهي. هتي ٻنهي محاورن جي گردانن جا سيٽ پيش ڪجن ٿا، جن مان اختلاف جون سڀ صورتون نروار ٿي بيهنديون:

رائج تحريري محاورو    "ماٿيلي-اٻاوڙي“ وارو محاورو

                                 واحد    جمع واحد         جمع

ضمير متڪلم ڪريان ڪريون ڪران  ڪرون

ضمير حاضر           ڪرين  ڪريو  ڪرين  ڪرو

ضمير غائب           ڪري  ڪـَـنِ   ڪري ڪـَـرنِ.

جيڪي قبيلا "ڪَـران"، "ڪَـرُن" "ڪَرو" نه ڳالهائيندا آهن، سي انهن لفطن بدران "ڪيان"، "ڪيون" ۽ "ڪيو" چوندا آهن. سڄي اُتر ۾، ضمير حاضر واحد جو صيغو "ڪـَـرِين" استعمال هيٺ نه آهي، ان جي جاءِ تي "ڪرين" ڳالهائبو آهي يعني "نون ني کاناڳ ۾ "يائي معروف" بدران "يائي مجهول" آڻبو آهي.

رائج تحريري محاوري ۾ "مضارع" جي صفي ۾ جيڪڏهن فعل جي ڌاتوءَ جو پويون اکر "و" يا "ي" هوندو ته اهو "همزه" سان ٽجي ويندو، پر "ماٿيلي- اٻاوڙي" جي محاوري ۾ اهو اصل صورت ۾ قائم رهندو، مثلاً:

(الف) مصدر "چوڻ:

(فعل جي ڌاتو، "چو جو آخري حرف "و")

رائج تحرير محاورو               "ماٿيلي اٻاوڙي" جي ٻولي

                        واحد                جمع                واحد         جمع

متڪلم        چوان- چـَـئان            چئون           چوان   چـَـوُون

حاضر  چـَـوين- چـَـئين          چئو                    چوين   چوو

غائب  چوي- چئي            چـوَن- چئن     چوي   چـَـونِن

 

(ب) مصدر "ڏيڻ":

(فعل جي ڌاتوءَ جو آخري اکر "ي")

رائج تحريري مهاورو      "ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻولي

                          واحد        جمع        واحد         جمع

متڪلم                ڏيان- ڏئان     ڏيون- ڏئون     ڏيان            ڏيون

حاضر          ڏين- ڏئين     ڏيو- ڏئو                ڏين            ڏيو

غائب          ڏي- ڏئي               ڏين- ڏئن              ڏي             ڏيِن

رائج تحريري محاوري ۾ "مضارع" جوڙڻ جو هڪ قاعدو آهي ته ڪنهن به مصدر جي امر واحد جو آخري آواز "اُ" هوندو ته فل جي داتوءَ سان "آن"، ۽ جيڪڏهن امر واحد جو آخري آواز "اِ" هوندو ته "يان" ملائڻ سان مضار ٺهندو، مثلاً: "لـِـکُ مان "لـِـکان ۽ "مارِ" مان "ماريان. پر "ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾، ٻنهي صورتن ۾ امر واحد جي پٺيان "آن" ملائبو ڇو ته "ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ متحرڪ آلاخر جو قانون لاڳو نٿو ٿئي، جنهن ڪري هن محاوري ۾ امر واحد ج آخري آواز نه "آ" آهي ۽ نه "اِ" بلڪه ساڪن آهي. اهڙاامر واحد، جن جو آخري آواز "اِ" آهي، تن جو گردان ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ هيٺينءَ طرح آهي

                        واحد         جمع

متڪلم              ماران           مارُون

حاضر                مارين          مارو

غائب                ماري           مارِن

هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته "ماٿيلي- اٻاوڙي" علائقي وارا ضمير غائب جمع ۾،مضارع جي آخري نون کي ساڪن ۽ ان کان اڳئن حرف کي هميسه "اِ" جي آواز سان اچاريندا آهن. اُهي پـَـڙهن، چون  مارِنِ کي هميشه پڙهن، چون ۽ مارِن ڪري اچاريندا آهن.

زمان حال

سنڌي زبان جي رائج تحريري محاوري ۾ زمان حال جي بناوت جنهن طريقي سان ٿئي ٿي، تنهن تي طويل بح جي ضرورت آهي. اهو طريقو جيڪڏهن صرف ونهو جي معروف قاعدن ۽ منطقي اصولن جي ڪسوٽيءَ تي پرکبو ته نهايت غير معياري نظر ايندو. عام طرح جنهن زمان کي زمان هال چيو وڃي ٿو، سو در حقيقت ٻن زمان تي مشتمل آهجي. آسان زبان ۾ انهن کي "زمان حال اطلاعي" ۽ "زمان هال مطلق" سڏي سگهجي ٿو. زمان حال اطلاعي ته رائج تحريري مهاوري ۽ "ماٿيلي- اٻاوڙي" علائقي جي محاوري ۾ تقريبن ساڳيءَ طرح ٺهي ٿو، پر زمان حال مطلق جي بناوت ٻنهي محاورن ۾ ڪافي اختلافي صورت رکي ٿي.

(الف) زمان حال اطلاعي: هيءُ زمان جيتوڻيڪ ٻنهي محاورن ۾ ساڳي طرح ٺهي ٿو، ته به ان جي صورت مختلف ٿئي ٿي. هن زمان ۾، ادا ڪيل جملي ۾ فاعل جي موجودگي يا غير موجودگيءَ بابت اطلاع هوندو آهي، مثلاً: (1) ڇوڪر گهر ۾ آهي، (2) رشيد ڊاڪٽر نه آهي. پهرئين جملي ۾ فاعل بابت "هاڪاري" اطلاع آه، ۽ ٻئي جملي ۾ "ناڪاري." اهو ئي سبب آهي، جو هن فعل جو زمان اطلاعي سڏجي ٿو. زمان حال اطلاعيءَ جو فعل "هئڻ" مصدر مان ٺهي ٿو ۽ ان کي عام طرح "فعل ناقص" سڏجي ٿو، ڇو ته منجهس ڪم ڪرڻ جي لياقت يا فعلي صلاحيت نه هوندي آهي، پر جيئن ته جملي کي مڪمل ڪرڻ جو باعث بڻجي ٿو، تنهنڪري ان جو شمار فعل ۾ ٿئي ٿو.

رائج تحريري محاوري ۾، "زمان حال اطلاعي" جون صورتون هي آهن: "آهي، آهن، آهيان، آهيون، آهين ۽ آهيو. پر ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي جي عام محاوري ۾، انهن جون تخفيف شده صورتون آهن جئن ته "آ، هـِـن، هان، هـُـون، هـِـين ۽ هو". رائج تحريري محاوري ۾ چيل جملا "رشيد ماستر آهي" ۽ "بار گهر ۾ آهن"، ماٿيلي- اٻاوڙي جي عام محاوري ۾ ٿيندا: "رشيد گهر ۾ آ" ۽ "ٻار گهر ۾ هـِـن"* پر ڏٺو ويو آهي ته هن علائقي جون سڀ قومون بالڪل ائين نٿيون ڳالهائين. ڪن وٽ فعل ناقص جون تخفيف شده صورتون واچائين ٽيون آهن. اڇا به فعل ناقص جڏهن فعل معاون ٿي ڪم اچي ٿو، تڏهن مرب فعل جون صورتون ته هيڪاري وڏو اختلاف ظاهر ڪن ٿيون. هتي نموني خاطر مختلف قومن جا ڳالهايل ڪي جملا پيش ڪجن ٿا ته جئن جائزو وٺي ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي.

(1) وَسدي واري جي ڳالهه "اي" (آهي) = سـُـڪر واري زماني جي ڳالهه آهي.

(2) سچل اسان کون وڏو "اي" (آهي) = سچل اسان کان وڏو آهي.

(3) هي اڃا نانڍ "اي" (آهي) = هيءُ اڃا سيکراٽ آهي.

(4) هي ڪيري (ڪير آهي؟) = هيءُ ڪير آهي؟

(5) اِنهين کي ڇا "اي" (آهي؟) = اِنهيءَ کي ڪهڙي پرواهه آهي!

مرڪب فعل

(1) تازي (تعدي) ڪري "وِي اي: (ويئي+ آهي)= تعدي ڪري ويئي آهي.

(2) ٻـِـلو ڦاٿو پيي (پيو+آهي) = ٻلو ڦاٿو پيو آهي.

(3) اُهو ئي چڱو ٿي وِئي(ويو+ آهي) = اُهو به ڀـَـڙُ ٿي ويو آهي.

(4) ننڍو پوچ جڏين کون وڌيوئي (وڌيو+آهي)  نئون نسل جڏهن کان وڌيو آهي.

(5) داڻو پاڻي لکيل هوندي (هوندو+ آهي) = داڻو پاڻي لکيل هوندو آهي.

(6) اُٺ- گاڏو وَنهدي (وهندو+آهي) = اُٺ گاڏو هلائي ٿو.

(7) تو ۾ ڪنهن جو ڪم پوندي (پوندو + آهي) ته ناهِين ڪندو= تو ۾ ڪنهن جو ڪ پوي ٿو ته نٿو ڪرين.

(8) ٽي چار مکيان مارِي ويٺي (ويٺو آهي) = ٽي چار مکيون ماريو ويٺو آهي.

صيغو ”آهن“

(1)  اسان کي ڏسو ڪهِرا ڪهِرا چور ”اِن“ (آهن) = اسان کي ٻڌايو ڪهڙا ڪهڙا چور آهن.

(2) ماڻهن جا بس مشغولا ”اِن“ (آهن) = ماڻهن جا رڳو شغل آهن.

(3) اهي آپي ”خانِن“ (خان آهن)= اُهي ته ازخود خان آهن.

(4) ٻوريان لاهڻ وارا ايندا ”پِيِن“ (پيا + آهن) = ڳوڻين لاهڻ وارا اچن ٿا پيا.

(5)  کِل ۾ مُونڌا ٿيا ”پِن“ (پيا + آهن) = کل ۾ اونڌا ٿيا پيا آهن.

(6) ڇوڪرا اسڪول ۾ ”وِئن“ (ويا + آهن) = ڇوڪر اسڪول ويا آهن.

(7) بَندِيان ڪُتا چائي ”وِيَائِن“ (ويا + آهن) = بنديون ڪتا کڻي ويا آهن.

(8) اڳي ته ٽٺا (ٽر ٽرا) ويٺا هئا، هاڻي پاڻ ۾ ”ڳنڊِيَائن“ (ڳنڍيا + آهن) = اڳ ته رٺل هئا  پر هينئر پاڻ ۾ مائٽي ڪئي اٿن.

(9) گهاٽا واڌا اچي ”ويندَيِن“ (ويندا + آهن) سِر تي پِڇي نڀائڻا ”پونڌئِن“ = نفعا نقصان سر تي اچي وڃن ٿا، پوءِ نباهڻا پون ٿا.

(10)         وڏا ماڻهو جِيئن ”ٿِيندِن“ = وڏا ماڻهو جهڙيءَ طرح ٿين ٿا.

صيغو ”آهن“

(1)  هيل اسان سفر تي سنڀريل ”اُون“ (آهيون) = هن سال اسين سفر تي سنڀريا آهيون.

(2) کَٽِئي ۾ ”هُون“، هارِتئي ۾ ”ڪوِنهيُون“ (ڪونه + آهيون) = فائدي ۾ آهيون، نقصان ۾ نه آهيون.

(3) ها، نوڪري ”گهِندَئون“ (ڳنهندا+ آهيون)= هائو، نوڪري وٺون ٿا.

(4) هنن کي وٺي اِيندئون (ايندا+آهيون)= اُنهن کي وٺي اچون ٿا.

(5)  تَهجِي ياري ڏٺي ”کڙئون“ (بيٺا + آهيون) = تُنهنجي دوستي ڏسيو بيٺا آهيون.

(6) اُڻائِي تُڻائِي ”ويٺَئون“ (ويٺا + آهيون) = فارغ ٿيو ويٺا آهيون.

(7) اسان ”چَوندَئون“ (چوندا + آهيون) = تون چڱن جو ”ڄا“ اِين (آهين) وڏا کڻي ”لَڄئينِي“. = اسين چئون ٿا ته تون چڱن جو وياءُ آهين، چڱا کڻي لڄايا اٿيئي.

(8) هي چَوندي (چوندو آهي)، اسانچور ”ڪونِهيُون“ (ڪو نه+ آهيون) = هيءُ چوي ٿو، اسينچور ڪين آهيون.

(9) ڄام جي اوطاق تي ”هلدَئون“ (هلندا + آهيون) = اسين هن کان ڏاڍا آهيون.

صيغو ”آهيان“

(1)  مان”ڪونَهان“ (ڪونه + آهيان) ويو = آءٌ ڪو نه ويو آهيان.

(2) توهان سان گڏ مان ڀِي ايندو پيو ”آن“ (آهيان) = اوهان سان گڏ آءٌ به اچان ٿو.

(3) مان ڪو ٻيو ”ڪونهِيَان، (ڪو نه + آهيان) = آءٌ ڪو ڍاريو نه آهيان.

(4) چَوندو ”آئين“ (آهيانءِ) ته مَنيندو ڪونهِي = توکيچوان ٿو ته نٿو.

صيغو ”آهين“

(1)  تون ڪوِئي پنج مار ته ”نائين“ (نه + آهين) = تونڪو پنج – مار ته نه آهين.

(2) واهه جي ڪم ڪڍدو ”پِئين“ (پيو + آهين) = واهه جو ڪم ڪڍيند ٿو پيو.

(3) نذير کي ڄاڻدو ”ايِن“ (آهين)؟ = نذير کي سڃاڻين؟

(4) ڇاڪان آيو ”آن“ (آهين)؟ = ڇا لاءِ آيو آهين.

(5)  ڪاڏي پيو ويندو ”آن“ (آهين)؟= ڪيڏانهن پيو وڃين؟

صيغو ”آهيو“

(1)  اسان توهان ڏي اِيندَئون (ايندا + آهيون) ته توهان ڳَلهِئيندَئِي ”ناهو“ (نه + آهيو) = اسين اوهان وٽ اچون ٿا ته اوهين ڳالهايو به ڪين ٿا.

(2) توهانپاڻ ”هُوندائو“ (هوندا + آهيو) چريا = اوهين پاڻ هوندا آهيو.

(3) توهان ”ٿِيَائو“ (ٿيا + آهيو) چريا = اوهين چريا ٿيا آهيو.

(4) اڄ نيڪاح ”ناهو“ (نه+ آهيو) وِجهدا = اڄ نڪاح نٿا وجهو.

(5)  اسان جا ته ”وڏائو“ (وڏا + آهيو) = اسان جا ته وڏا آهيو.

(6) توهان اسان جا پَنهجا ته ”ڪونِهيو“ (ڪو نه + آهيو) = اوهان اسان جا عزيز ته نه آهيو.

(7) توهان ڌاريا نه ”ڪونهو“ (ڪو نه + آهيو) = اوهان ڌاريا ته نه آهيو.

(ب) زمان حال مطلق

هيءَ زمان، سنڌي ٻوليءَ جي رائج تحريري محاوري ۾، ”مضارع“ جي پٺيان ٿيڻ يا پوڻ مصدر جي معاون فعل گڏڻ سان ٺهندو آهي. جيڪڏهن مضارع جي پٺيان ٿيڻ يا پوڻ ٻنهي مصدر جا معاون فعل گڏي استعمال ڪبا آهن ته پوءِ هيءُ زمان ”استمراري“ ٿي پوندو آهي، مثلا:

زمان حال مطلق              زمان حال استمراري

اچان ٿو                                اچان ٿو پيو

لِکين پيو                             لِکِين ٿو پيو

پر ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾، ”معروف فعل“ جي حالت ۾، ”زمان حال مطلق“ ۽ ”زمان حال استمراري“
هڪجهڙا ٿين ٿا. هن ٻوليءَ ۾ زمان حال رڳو ”مضارع“ مان نه ٺهندو آهي، پر اسم حاليه ۽ مضارع ٻنهي جي ميلاپ سان ٺهندو آهي، البته اصل فعل ”مضارع“ بدران ”اسم حاليه“ هوندو آهي، يعني اصل فعل اچان، وڃان، لکان بدران ”ايندو“، ”ويندو“، ”لِکدو“ وغيره هوندو آهي. جئن ته هن ٻوليءَ ۾ زمان حال مطلق ۽ زمان حال استمراريءَ لاءِ ساڳيو فعل استعمال ٿئي ٿو، تنهنڪري اصل فعل کان پوءِ، ”استمراري“ پيدا ڪرڻ لاءِ ”پوڻ“ مصدر جو فعل معاون گڏي، ”هئڻ“ مصدر جي مضارع جو مخفف ملائبو آهي (اسم حاليه
+ استمراري + مضارع) ته زمان حال ٺهي پوندو آهي. انهيءَ ڪري اها ٻولي ڳالهائيندڙ ”اچان ٿو“ بدران ”ايندو پيو هان“ (آهيان)، ۽ ”لِکين پيو“ بدران ”لِکدو پيو هِين“ (آهين) چوندا آهن. اها ڳالهه هن طرح به چئي سگهجي ٿي ته: ”ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾، زمان حال ۾ فعل جي ”سادي صورت“ استعمال ٿيندي آهي. هن ٻوليءَ ۾ ايئن ڪين چئبو ته ”گڏهه گهوڙي کان ننڍو ٿئي ٿو“ (سادي صورت)، بلڪه چئبو ته ”گڏهه گهوڙي کان ننڍو ٿيندو آ“ (مدامي صورت). گرامر جي ٻوليءَ ۾ اسان هيئن به چئي سگهون ٿا ته:

”رائج تحريري محاوري ۾، زمان حال مدامي جي ترڪيبي صورت (لکندو آهيان) ۾ ”پوڻ“ مصدر جي فعل معاون گڏڻ سان ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ مستعمل زمان حال ٺهي ٿو.“

هڪ ڳالهه ڌيان۾ رهي ته ”زمان حال“ جيڪڏهن
 ”مستقبل“ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو ته پوءِ ”ماٿيلي- اٻاوڙي“ جي ٻوليءَ ۾ ”پوڻ“ مصدر جو معاون فعل استعمال نٿو ٿئي، مثلاً: تون چنتا نه ڪر، مان خط ”لِکدو هانس“ (تون فڪر نه ڪر، آءٌ کيس خط لکان ٿو). اهڙيءَ حالت ۾، هن ٻوليءَ وارا ”لکان ٿو“ بجاءِ ”لِکدوهان“ چوندا. اُن کانسواءِ ”مجهول فعل“ جي وصرت ۾ ”ماٿيلي- اٻاوڙي“ وارا زمان حال مطلق ۽ زمان حال استمراريءَ جو استعمال الڳ الڳ ڪندا آهن، ان جي وضاحت لاءِ زمان حال جي مجهولي صورتن تي ٿوري روشنيوجهجي ٿي.


* ”چَريو“ اسم مفعول بدرام عام طور تي ”چَري“ استعمال ٿئي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي ”چَرِيُون“ به ڪم آڻيندا  آهن.

[1] ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ "اسم حاليه" جي پٺيان "ڪـَـري" لفظ ملائي، "ماضي معطوفي" طور ڪم آڻي سگهبو آهي، مثلاً:

”هار پوِئندي ڪري، راڻي کي ڏنئين“ = هار (جا دانا) پوئي، راڻيءَ کي ڏنائين. اهڙي اسم حاليه سان جيڪڏهن "ڪري" نه ملائبو آهي ته پوءِ ان جي معنيٰ "ڪم ڪرڻ سان" ٿئي ٿي. مثلاً:

خط "لـِـکدي" ماکي ڏِنَئَين = خط "لکڻ سان" مون کي ڏنائين.

* هن زمان جي اصلي صورت مذڪر خواه مونث، ٻنهي ۾ ساڳي رهي ٿي. تنهن ڪري گردانن ۾ جنس ڄاڻائڻ جي ضرورت نه آهي.

 

* رڳو شر قوم جا ماڻهو "هـِـن" کي هـَـن" ڪري اچاريندا آهن، مثلن: اُهي رڍان پي ڍڪائيندا هـَـن. = اُهي رڍان ڍڪائن ٿا پيا، اهي منهنجا پهاڪا چل هـَـن = اهي منهنجا چيل پهاڪا آهن. هوش نه رهيا هـَن =  هوش نه رهيو آهي. وغيره

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com