سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :2

ماٿيلي اٻاوڙي جي ٻوليءَ جو

دائرو ۽ قسم

        ماٿيلي اٻاوڙي جي ٻوليءَ جي دائري ۾اٻاوڙي ۽
ميرپورماٿيلي جا ٻيئي تعلقا ۽گهوٽڪي تعلقي جو اتريون اڌ اچي  وڃي ٿو. هن علائقي جون سرحدون اهڙن علائقن سان لڳن ٿيون جن جي ٻولي خواهه جغرافيائي بيهڪ هن خطي کان ٿورو ٻئي نموني جي آهي. هن علائقي جي اتر ۾ بهاولپور ڊويزن جو سرائڪي ڳالهائيندڙ علائقو، اوڀر ۾ راجسٿاني ٻولي ۽ ثقافت وارو خطو، ڏکڻ ۾ سنڌي ڳتيل آبادي ۽ اولهه ۾ بلوچستاني بودوباش کان متاثر ضلعي جيڪب آباد جي سرحد آهي.

        هن علائقي ۾ هونئن ته گهڻيون قومون آباد آهن، پر تعداد ۾ بلوچن، چاچڙن ۽ مهرن جي گهڻائي آهي. بلوچن ۾، بلوچي زبان ڳالهائيندڙن جو تعداد تمام ٿورو آهي، ڪي بلوچ قبيلا سنڌي به ڳالهائين ٿا، پر اڪثر بلوچن جي ٻولي سرائيڪي آهي. شر بلوچ، جي هن علائقي ۾ جهجهي انداز ۾ رهن ٿا سي سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا. تڙت ۽ڪوش، جيشرن جيان جتوئي بلوچن جي شاخ آهن، سي پڻ سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا، پر انهن جي سنڌي ۽ شرن جي سنڌي هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف آهي. ڏٺو وڃي ته گرامر جي لحاظ کان شرن جي ٻولي، عام سنڌي کان انوکي ۽ نياري آهي. سندن لهجو ته هيڪاري عجيب قسم جو آهي. اهو ڪنهن ٻئي سنڌي لهجي سان ميل ئي نٿو کائي، ۽ نه  وري سنڌ جي ٻئي ڪنهن  علائقي جيشرن جو لهجو ۽ ٻوليماٿيلي اٻاوڙي علائقي جيشرن جي ٻولي ۽ لهجي سان مطابقت رکي ٿي. شرن جي ٻولي ۽ لهجي تي تحقيقاتي ڪم ڪرڻ جي ڪافي گنجائش موجود آهي.

        چاچڙ هن علائقي جا قديم باشندا سڏيا وڃن ٿا. تمام ٿورن گهراڻن کان سواءِ هن علائقي جي چاچڙن جي ٻولي تقريبا هڪ جهڙي آهي ۽ اها ماٿيلي اٻاوڙي جي عام ٻولي سڏجي ٿي. مهرن جا ڪي قبيلا ماٿيلي اٻاوڙي علائقي جي آڳاٽن باشندن ۾ ليکيا وڃن ٿا، پر گهڻا سڀ راجسٿان مان هجرت ڪري، هت آباد ٿيل آهن. انهيءَ هوندي به سمورن مهرن جي رهڻي ڪرڻي ٻين مقامي ماڻهن کان جداگانه آهي.ـمهرـ قوم ثقافتي ۽ تمدني تبديلين کي تمام ٿورو قبول ڪيو آهي ۽ اڃان تائين پنهنجي انفراديت کي برقرار رکيو اچي. پر جڏهن به بلوچ ۽ غير بلوچ قومن جي تفريق رونما ٿئي ٿي، تڏهنمهر پاڻ کي ٻين غير بلوچن قومن سان ملائي. ڄاموٽ سڏائين ٿا بلوچن ۽ ڄاموٽن کي مقامي اصطلاح موجبگهگهيلا ۽ ڇِت پُٽ ڪوٺبو آهي.ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته گهگهي پهريندڙ عورتن جو اولاد گهگهيلو سڏجي ٿو ۽ ڇِت يا پَڙي پهريندڙ عورتن جي اولاد کي ڇِت پُٽ ڪوٺبو آهي.  مهر قوم جون عورتون گهڻي ڀاڱي پنهنجي ريت رسم موجبڇِتِ پهرين ٿيون.

        ماٿيلي اٻاوڙي علائقي ۾ بلوچن جيان ڄاموٽن ۾ به سرائيڪي ڳالهائيندڙ قومون گهڻي تعداد ۾ آهن. انهن کي ڇڏي، جيڪڏهنسنڌي يا سرائڪي آميز سنڌي ڳالهائيندڙ قومن جي گروهه بندي ڪبي ته اهي اسان کي ڇهن قسمن ۾ ورهايل نظر اينديون، مثلا: (1) ملڪ، ڪاڃڻا، ٽانوري وغيره جيڪيسرائيڪيءَ کان متاثر سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن(2) ڀُٽا، گهنيا، چاچڙ، ڏهر، رهڙ، کنڀڙا، سپيا، سيلرا، شيخ، راڄڙي، مهاڻا، ڊکڻ، لوهر، ڪنڀر، ڪوڀر، کٽي، سومرا، ڪوري، موچي، حجم، تڙت بلوچ، ڪوش بلوچ وغيره، جيڪي ماٿيلي اٻاوڙي جي عام اتراڌي ٻولي ڳالهائين ٿا. (3) مهر، راڄڙ، مڱريا وغيره جيڪيراجسٿاني ٻولين کان متاثر سنڌي ڳالهائيندڙ آهن(4) شر بلوچ، جن جي ٻوليءَ کي شرڪي ٻولي سڏيو وڃي ٿو. (5) هندو، جن جي ٻوليهندڪي سنڌي سڏجي ٿي. (6) ماڇي يا سولنگي، ٽهلي يا چهواڻ، ڌانڌو، ڪٽا وغيره، جن جي ٻوليءَ کيسنڌي آميز سرائيڪي سڏي سگهجي ٿو.

        ٻولين جي مٿي ڄاڻايل تقسيم جو مدار ته قومن جي گروهه بندي تي آهي، پر اراضين جي لحاظ کان به ٻولين تي نالا رکيل آهن، مثلا : ماڇڪي جي ٻوليٻوڙيءَ جي ٻولي، لانگهي جي ٻولي وغيره[1] ماڇڪي جي حدن اندر جيڪي قومون رهن ٿيون، سي گهڻو ڪري ماڇين واري ٻولي ڳالهائين ٿيون، جنهن کي سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جو مرڪب سڏي سگهجي ٿو. لانگهي ۾ به مختلف قومون رهن ٿيون پر انهن سڀني جي ٻولي ماڇڪي جي ٻوليءَ جهڙي آهي. ساڳيو حال ٻوڙيءَ واري اراضيءَ جو آهي. ماڇڪي ۽ لانگهي جي ٻوليءَ تي ڀيرومل به تبصرو ڪيو آهي، پر اهو سطحي ۽ اڌو گابرو آهي، هن ـاٻاوڙي طرف جي ٻولي  جي عنوان هيٺ پنهنجي تصنيف سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هن طرح لکيو آهي:

ٻوليءَ جي نموني لاءِ هڪ مثال ڏجي ٿو

هڪڙي جا سُمهي مَٿي،

ٻي جا پوي ٽيڙ، ته نه چَڙهندو به چَڙهي.

        يعني هڪڙي ڳالهه ته مٿي(کُڏ تي يا پيهي تي) سمهي ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته ٽيڙ يعني ماڪ پوي ٿي، تنهن ڪري(تپ) جيڪڏهن نه چڙهڻو هوندس، ته به چڙهندس.[2]

        هن مثال بابت رڳو ايترو چئي سگهجي ٿو ته اها ٻولي اٻاوڙي جي ٻولي هرگز ٿي نٿي سگهي. مثلا اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ هن جملي جا لفظ هيٺين ريت ڳالهايا وڃن ٿا:

هن مثال وارا لفظ      اٻاوڙي جي ٻولي ۾ ساڳيا لفظ

هڪڙي                                        هڪ

جا                                              جو(ته)

سمهي                                          سُمهدِي آ

پوي                                             پَوندي آ

چڙهندو                                          چَڙهدو.

        دراصل هيءُ هڪ ذو معنيٰ جملو آهي، جولانگهي جي ٻوليءَ ۾ چيل آهي. ٻين محاورن وارالانگهي وارن تي ٺٺولي ڪرڻ لاءِ ايامن کان اهو جملو ياد رکيو اچن ٿا. قصو هن طرح آهي ته، ڪنهن ماڻهوءَ جي نياڻي سرءُ جي موسم ۾ تپجي پيئي، تپ ٿيڻ جو سبب ڄاڻائيندي، هن لانگهي جي ٻوليءَ ۾، چيو ته؛

ڇورِي هڪ جو سُمهندِي اي منجڻ تي، ٻيو پَمدِي اي ٽيڙ، پِڇي اڻ چڙهندو ئِي پِيو چَڙِهس.

        يعني ڇوڪري هڪڙو ته سمهي ٿي منهه تي، ٻيو وري پئي ٿي ماڪ، پوءِ اڻ چڙهندڙ(نه ايندڙ) تپ به ٿو پيو چڙهيس. ٽيڙ جي معنيٰ آهي ماڪ. ڀيرو مل ساڳئي عنوان هيٺ ٻئي هنڌ لکي ٿو تهاُچار به بگڙيل اٿن. جهڙڪ چون ته:

هو ماڻهو ڳڙ پٽندو به وڃي ته کنئدو به وڃي

        يعني ڳڙ پٽيندو به وڃي ته کائيندو به وڃي. پٽيندو بدران چون پٽندو (پ ۽ ٽ ٻنهي جي مٿان زبر) ۽ کائيندو بدران چونکَئندو (ک جي مٿان زبر ۽ همزي مٿان پيش).*

        اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ پٽندو نه هندو ڳالهائين ٿا نه مسلمان. حقيقت ۾ هيءُ جملوڌانڌو قوم جي ٻوليءَ لاءِ ضرب المثال طور ياد رکيو ويو آهي. اصل ڳالهه هن طرح آهي تهڌانڌو (ڌَونڌو) قوم جي هڪ سادي ماڻهو، ڏهرن جي سردارڄام ڀنڀوءَ جي تونگريءَ کان متاثر ٿي چيو ته؛

ڄام صاحب اي بادشاهه، توڙي جوڳُڙ دوهنو
(گهوڙي جي زين) چائي ٺوهائي، پڇيپٽيندو ئي وتي، تي کوندو ئي وَتي.

        يعني ڄام صاحب وڏو ماڻهو آهي، گهوڙي جوهنو کڻي ڳڙ جو ٺهرائي، پوءِ ڀلي هميشه ڳڙ کائيندو رهي.

        ڀيرومل ساڳئي سلسلي ۾ لکيو آهي ته ڪيترا مسلمان ساڳئي جملي ۾ اڌ سنڌي ته اڌ اُڀي جي ٻولي ڪم آڻين ٿا. جهڙوڪ چون ته آءٌ پيو توکي ڳوليان، تون اِٿي کڙوئي. حيرت جي ڳالهه آهي ته ڀيرو مل جهڙي محنتي مصنف انتهائي بي احتياطيءَ جو ثبوت ڏيندي، هڪ اهڙو جملو مثال پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي، جنهن جو فاعل آءٌ آهي. آءٌ جو لفظ سموري سري ۾ ڪٿي به نه ڳالهايو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڳوليان پيو جي نحوي ترڪيب ۾ ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ جي مزاج جي خلاف آهي. اوٻاوڙي وارا ڳوليان پيو بدران چوندا آهن ته ڳوليندو پيو هان.، اِٿي ته بنهه پنجابي ٻوليءَ جو لفظ آهي. هتان جي ٻوليءَ جي گرامر موجب کڙوئي لفظ جي معنيٰ ٿيندي بيٺو اٿيئي، جڏهن ته مصنف ان مان بيٺو آهين جو مفهوم وٺڻ ٿو چاهي. اهڙي معنيٰ حاصل ڪرڻ لاءِ کڙوئي
بدران کڙوئين چوڻ گهرجي. اٻاوڙي  جي ٻوليءَ ۾ هيءُ جملو هن طرح ٿيندوِ مان توکي ڳوليندو ودو آن، تون اِتي کڙو هين.

ڌانڌن وانگر ماڇين جي ٻوليءَ جو هڪ مثال ٽڪرو پڻ عام طرح ياد رکيو ويو آهي ته: لانگهي دو[3]ڪانءِ اين، تي ٽِٻي تي چڙهه تي بيٺو ٽِيڪَدو ايِن، ڇورن کون ٽُڪُر کس ڏِٺائِنِي، مَين ڀي ڪَڙَڪ دو ماڇي اڦين، ايجهو ڪم ڪريسئين، جو ڪَنويلي ڀِي نه سُڃاڻسِئِي. يعني: تون به لانگهي جو ڪانءُ آهين، ۽ دڙي تي چَڙهَيو ويٺو ڪان- ڪان ڪرين. ٻارن کان ماني ڳڀا کسي ڏٺا اٿيئي، آءٌ به ڪڙڪ (اٻاوڙي تعلقي جي هڪ ايراضي) جو ماڇي آهيان. توسان اهڙي جٺ ڪندس، جو ڪانويلي (ڪانءُ جي مادي) به نه سڃاڻي سگهندءِ.

لانگهي يا ماڇڪي جي ٻولي ۽ ماڇين، ڌانڌن، ڪٽن ۽ ٽهلين جي ٻوليءَ ۾ ڪو فرق ڪونهي. انهن ۾ جيڪڏهن ڪو اختلاف به آهي ته اُهو جزوي آهي. انهيءَ ٻوليءَ کي سرائيڪي آميز سنڌي چوڻ بدران سنڌي آميز سرائيڪي سڏجي ته وڌيڪ صحيح ٿيندو. هيٺ مختصر طور ماٿيلي اٻاوڙي علائقي جي ٻولين جي ڇهن ئي قسمن جي وضاحت مثالي جملن سان پيش ڪجي ٿي.

(1) سرائيڪي کان متاثر سنڌي ٻولي

1        نياپو ملي هُندي ته اچان هائي. = نياپو ملي ها ته اچان ها.

مٿئين جملي تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته رائج تحريري محاوري ۾ ماضي شرطيه جو معاون فعل ها، هن ٻوليءَ ۾ هائي بڻجي ٿو وڃي. اُن کان سواءِ ساڳيو ها، هُندي تي به ڪم ايندو آهي. ماٿيلي- اٻاوڙي جي عام ٻوليءَ ۾ هُندي بدران هُند به رائج آهي.

2. اهو سائين ويٺو ئي ڇو (ويٺو+ آهي+ ٿيو) = اهو سائين ويٺو آهي.

3. اُٺ ويٺي ٿيو (ويٺو+ آهي+ ٿيو) = اُٺ ويٺو آهي.

4. ڏاچي ويٺي اي ڇي (ويٺي+ آهي+ ٿي) = ڏاچي ويٺي آهي.

مٿين جملن جي سٽاءِ هوبهو سرائيڪي ٻوليءَ جهڙي آهي، اها صورت سنڌي ٻوليءَ جي ٻئي ڪنهن به محاوري ۾ مستعمل نه آهي. هن ٻوليءَ ۾ فعل جي بناوت جو ٻيو نمونو به توجه طلب آهي:

5.                 چار پُٽ اِنس (آهن+ س = کيس) = چار پٽ اٿس.

6.                 چڱو کَر پَٽ هوَئي (هُيو+ آهي) = گهڻو پوڙهو هو.

7.                 اُتي ڪو چور لڪل هويو آ (هُيو+ آهي) = اتي ڪو چور لڪل هو.

8.                 گهر ۾ جِنُ هوئن (هيا+ آهن) = گهر ۾ جنُ هئا.

مٿين جملن ۾ به فعل جي بناوت بالڪل سرائيڪي ٻوليءَ جهڙيءَ آهي. نه رڳعو فعل، پر ظرف جي استعمال ۾ به سرائيڪيءَ جو اثر نمايان آهي. مثلاً: ڄنگهان ماري ماري مسائين اِتي پُڳائون (ٽنگون هڻي هڻي مس هت پهتا آهيون) سرائيڪيءَ وارا اهو جملو هن طرح چوندا ڄنگهان مار مار، مسائين اِٿان پُڳوُن. سنڌيءَ ۾ ٻٽو ظرف مس مس يا مسائين مسائين ڪري ڪم آڻبو آهي. هتي مستري غلام حسين ملڪ جا ڳالهايل مسلسل جملا، هن ٻوليءَ جي وڌيڪ ترجماني ڪرڻ لاءِ پيش ڪجن ٿا:

مزور هِتون جا هِني،

مزور هِتان جا اٿن،

ٻا ڏينهه اُتي ڪم ڪييني،

ٻه ڏينهن اُتي ڪم ڪيو اٿن.

هاڻي اُڏاهيِن نائِن ويندا،

هينئر اوڏانهن نٿا وڃن.

چَوندِن، جو هَر ڪوِئي لَبارو ڪندو پي،

چون ٿا (چوندا آهن) ته سڀڪو لابارو پيو ٿو ڪري،

اسان ودائون ڇا مزورين تي ڌڪا کوندا،

اسين مزوريءَ تي ڌڪا کائيندا ٿا وتون.

منشي گڏيو هو، ڄاڻ آيو کڙي،

منشي مليو هو، اجهو آيو بيٺو آهي.

ليکو چائي ڪرو، حساب ڇُڙائي ڏيوو

ليکو کڻي ڪريو، حساب ڇڏائي ڏيو،

پڇي ڪوئي کڙي نه کڙي اُنهن جي رضا.

پوءِ ڪو ڪم تي بيهي نه بيهي سندس مرضي.

هوڏون وري مالڪ چوندي،

هوڏانهن وري مالڪ چوي ٿو،

مان آڙهتي کون پيسا گڌا ڪونيمان،

مون آڙهتي (ايجنٽ) کان پئسا نه ورتا آهن.

مان ڪاٿون ڏيواني؟

آءٌ کين ڪٿان ڏيان؟

آڳلي ڏِينهه چَئيمس ته چيڪ ڪَڍي ڏنيس،

اڳئين ڏينهن مون کيس چيو (چيو آهي) ته چيڪ ڪڍي ڏنائين،

اُها ئي ڪُوڙي.

اُها به ڪوڙي.

منَهنجِي مَني نان ڇوڙي ڏيويني.

منهنجي مَڃِين ته کين ڏي ڏي.

آپت ۾ وڃِي نِبڙدا.

پاڻ ۾ وڃي نبرندا.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي عام اتراڌي ٻولي

1. ڏِينهَن پوري، مائي کي پُٽ ڄايو = پورن ڏينهن تي مائي کي پٽ ڄائو.

2. هَلدِي شادي ۾ ڇيجھڪ وِڌَئين. = هلندڙ شاديءَ ۾ رخنو وڌائين.

3. کَٽئِي ۾ هُون، هارتئي ۾ ڪونهيون = فائدي ۾ آهيون، گهاٽي ۾ نه آهيون.

4.                 بسترو وِڇيو پِيو آ = بسترو وڇايل آهي.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ وارا پنهنجي عادت مطابق ڪٿي مصدر بدران اسم مفعول جي صورت جهڙو لفظ به ڪم آڻيندا آهن، پر ان کي اسم مفعول ڪنهن به حالت ۾ چئي نه سگهبو. اهو لفظ هميشه مصدر جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي ۽ سندس جنس هر حال ۾ مذڪر هوندي آهي. هتي مثال طور ڪي جملا پيش ڪجن ٿا، جن ۾ اهڙا لفظ استعمال ٿيل آهن:

1. ڪم ڪئي کون سوا نه سردي = ڪم ڪرڻ کان سواءِ نه سرندي (نبهندي).

2. تُهجي لکئي جو ڪو اثر نه ٿيو = تنهنجي لکڻ جو ڪو اثر نه ٿيو.

 3. ماني کاڌي کون اڳي دوا وٺجائين = ماني کائڻ کان اڳ دوا وٺج.

4.     هتي ڪئي، لکئي ۽ کاڌي، ڪرڻ، لکڻ ۽ کائڻ بدران ڪم آيا آهن ۽ مصدر جي معنيٰ ڏيکارين ٿا. هن ٻوليءَ جا ڪي سلسليوار جملا ميان نبي بخش گهنيي جي زباني هت درج ڪن ٿا:

ٻال جَتِي جا يار هُون

ننڍپڻ جا دوست آهيون،

اسان وٽ هيرجِي ڪَڏين نائين آيو.

اسان وٽ ارادو ڪري ته ڪڏهن نه آيو آهين.

اڄ آيو هين،

اڄ آيو هئين،

ڪائِي جهَٽ اسان وٽ اچي جيراڻ ڪري هائي.

ڪا گهڙي اسان وٽ اچي گذاري ها.

ماني ٽِڪِي کَوائي ڪرائين، اڳنا روانو ڪرُونس هائي.

ماني ٽڪي کارائي، اڳتي روانو ڪريونس ها.

ڏيِوي جُون لاٽان ٻرن هائي

ڏيا ٻرن ها

ته وڃي هائي پيو،

ته هليو وڃي ها.

پَئِي رهي هائي ته واهه،

سمهي رهي ها ته چڱو،

نتان جهلونس ته ڪون هائي.

نه ته روڪيونس ڪين ها.

(3) راجسٿاني ٻولين کان متاثر سنڌي

1. ڪيڏي ڳڌو ٿو وڃين؟ = ڪيڏانهن ورتيو وڃين ٿو؟

  (هن ٻوليءَ ۾ ڳڌو جي صورت رائج سنڌي محاوري (...يو) توڙي ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ (...يُون) واري نه آهي.)

2.  هو لنگهي ڳيو گهر ته هي لڪتو (نڪتو) ٻاهر = هُو گهر ۾ گهڙي ويو ته هيءُ ٻاهر نڪتو.

3. توکي ڪو ڇڏين= توکي ڪو ڇڏيان ٿو.

4.           ڀاڄايان پاڻ ۾ پيون جهيڙن= ڀاڄايون پاڻ پيون جهيڙين.

5. ميهار اڳيان اُڀو هو = مهيار اڳيان بيٺو هو.

6. آن تهجو دوست، ميکي نه کا= آءٌ تنهنجو دوست، مون کي نه کاءُ.

7. هٿ تهجا ڪين رهن ٿا ڇا؟ = ڇا تنهنجا هٿ چُرپُر بند نٿا ڪن. (ڪين جو تلفظ غور طلب آهي.)

8. اسان آري ڳالهئين ٻُڌ = اسان جون (واريون) ڳالهيون ٻُڌُ.

9. اسان ڳالهاڻاسي، پر هن کي ڪيٿين ٿا پُڄُون؟= اسان ڳالهايوسين، پر هن کي ڪٿي ٿا پهچون؟

1.            ديڳ ٽڪن جي ڪڍي، پو پاهُون موٽي آيو = رپين جي ديڳ ڪڍي، پوءِ پٺتي موٽي آيو.

هتي ماضي معطوفيءَ جي صورت عام سنڌي محاوري جهڙي ڪم آيل آهي.

ٿي سگهي ٿو ته هن ٻوليءَ ۾ ماضي معطوفيءَ جي اها تبديلي، عام سنڌي محاوري جي اثر هيٺ ٿي هجي.

(4) شر ٻروچن جي (شرڪِي) ٻولي

1. رڍان، هُون ڍاولان، ڪاٿائون کڻي ون ويندا رڙها= رڍون ڍراپيل هيون، ڪاهيائون کڻي ۽ ويندا رهيا.

(رڍان، هُون = ڍاولان = ڍراپيل، ڪاٿائون = ڪاهيائون، اون = ۽ رڙها = رهيا)

2. پرڻي مهلي چو هانئون ته جا کي رنگ لواري ڏينداسي. = شاديءَ وقت چيو هئائون ته جاءِ کي رنگ ڪرائي (لڳارائي) ڏينداسين.

(مهلي = مهل، چو= چيو، هانئون = هئائون، جا = جاءِ، لواري = لڳارائي، ڏينداسي = ڏينداسين.)

اهير ٿي ويو آ، سڃاڻ ويندي رڙهي ٿس، چرين آنگين ڳلهئيندو آ پي= جهور پوڙهو ٿي ويو آهي، سڃاڻ نه رهي اٿس، چرين وانگيان پيو ڳالهائيندو آهي.

3. (اهير= جُهور پوڙهو، ويندي = ويندي، رڙهي = رهي، ٿس= اٿس، انگين = وانگر، ڳلهئيندو= ڳالهائيندو، آ= آهي، پي= پيو)

4. ڪڻڪ راهجندي آ پي = ڪڻڪ پوکبي (راهبي) پيئي آهي.

5. کير ابي آن ڏهُون وٺي آ = کير بابي وارن کان وٺي اچ.

(آن= وارن، ڏهُون= کان)

6. هوش نه رڙها هن، تُنهنجو پٽ ٻُنڌائي هُند ته ٽين
 چون سوين جون ڦُٽيون ڏيوُنس هائي
= هوش نه رهيو (رهيا) آهي (آهن)، تُنهنجو پٽ ٻُڌائي ها ته ٽن چئن سون جي ڪپهه ڏيونس ها.

(رڙها= رهيا، هن = آهن، تُنهنجو = تُنهنجو، ٻُنڌائي = ٻُڌائي، هُند = ها، ٽين = ٽن، چون= چئن، سوين = سون، هائي = ها)

7. بهجاهو، ماکي کئون، هلجاهو، نه ته احمد کي چونجا هو ته ماسان ٻار هن اچي اسان کي کڻي وڃي = بيهجو، مون کي کنيو هلجو، نه ته احمد کي چئجو ته مون سان ٻار ٻچا  گڏ آهن، اچي، اسان کي کڻي وڃي.

(بهجاهو = بيهجو، ماکي = مون کي، کئون = کنيو، هلجاهو = هلجو، چونجاهو= چئجو، ماسان = مون سان، هن = آهن)

8. تنهن مهلين هن کي الير ڇلول (شلول) چڙهيا=  اُن وقت هن کي ٻيا خيال اچي دل تي چڙهيا.

(تنهن = اُن، مـَـهلين = مهل، اُلير ڇـَـلول= ٻيا خيال)

9. اِهي ڇا "هـُـندا" "هـَـن"، "جيڪي" تون لکندو "آن"

"پي"؟ = اهي ڇا آهن، جيڪي تون لکي رهيو آهين؟

(هـُـندا = هوند، هـَـن= آهن، جيڪي = جيڪي، آن= آهين، پي= پيو)

10. ماني "کواري"، ڇوڪري کي "پواري" "ڇڏيونس"= ماني کارائي، ڇوڪر کي سمهاري ڇڏيائون.

(گواري= کارائي، پـَـواري= ڇڏيونس= ڇڏيائونس)

(5) هـِـندڪِي سنڌي

1. ڌَڻِي ڪيو، "سـَـڀو" ڪـُـجهه "اس"، مٿاج ته "ڪـَـئين" جو ڪـُـوئني= خدا جي مهربانيءَ سان سڀ ڪجهه اٿس، ڪنهن جو محتاج ته نه آهي.

(ڌڻي ڪيو= ڌڻي گهـُـريو آهي، سڀو= سڀ، اِس= اٿس، ڪـَـئين= ڪنهن، ڪـُـوئني= ڪو نه آهي)

2. ڇا "لکداوي"، "اُڏائون" جا "ماڻو" "اِيئن" "ڳلهيندائن= ڇا لکندؤ، انهيءَ پاسي جا ماڻهو ائين ڳالهائيندا آهن.

(لکداوي= لکندؤ، اُڏائون جا= انهيءَ پاسي جا، ماڻُو= ماڻهو، اِيئن= ائين، ڳلهيندائـِـن= ڳالهائيندا آهن)

3. گابو "ٻڌِم" هروڀرو ڳئو پيو "چـَڳڙدو" هو= گابو ٻـَـڌو اٿم، ڇاڪاڻ ته ڳئون جي خالي ٿڻن کي اجايو چنبڙيو پيو هو.

(ٻـَـڌم= ٻـَـڌو اٿم، چـَـڳڙدو= چڳڙيندو)

4. چٺيون ڏاڍيون آيون "اِن" "وَٺي = چـُـٺيون گهڻيون آيون آهن.

(اِن= آهن، وَٺي زئد لفظ آهي، تڪيهءِ ڪلام طور ڪم ايندو آهي)

5. اَوٽي نپٽي ويٺي اي پـُـڻدي = اَوٽي نپٽي گاريون ويٺي ٿي ڏئي.

(اي= آهي، پـُـڻدي= گاريون ڏيندي)

6. چـُـڙِي مـُـئِي کي اسان ڇا ڪيي = شل چـُـڙي مـَـري، اسان کيس ڪهڙو نقصان پهچايو آهي.(ڪيي= ڪيو آهي)

7. چـَـوَندو ته پيو هئين، پرايو مال کاوَڻ سوکو لڳدي = چوانءِ ته ٿو، ته پرائو مال کائڻ سولو ٿو لڳي.

(هـَـئين= آهيان، پرائو= پرايو، کاوَڻ= کائڻ، لـَـڳدي= لڳندو آهي)

8. ٽوپڻ پيو آيوئي ڪوئيني، تون ماني وڃي کـَـنوئني = ٽوپڻ جو پيءُ، آيو ئي ڪونهي، تون وڃي کين ماني کاراءِ.

(ٽوپڻ پيو= ٽوپڻ جو پيءُ، ڪوئيني= ڪونهي، کـَـنوئني= کين کارا)

9. اگهه ٻيو هاڻي ڪاڏون چَـڙهدو = هينئر وري اگهه ڪٿان چڙهندو.

(ڪاڏون= ڪٿان، چڙهد= چڙهندو)

10. ويئڻ ڪرڻ مان وٽ هـُـوندوني= سندن اٿڻ ويهڻ مون وٽ هوندو هو.

(ويئڻ= ويهڻ، مان= مون، هـُـوندوني= هوندو هـُـين.)

(6) سنڌي آميز سرائيڪي

هن ٻوليءَ تي اڳ ۾ به ڪافي بحث ٿي چڪو آهي، ويتر هيءَ ٻولي سنڌيءَ جي دائري کان به ٻاهر معلوم ٿئي ٿي، تنهنڪري سندس اپٽار طوالت جو باعث ٿيندي.

سنڌيءَ جي رائج تحريري محاوري ۽ ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ جا اختلاف

سنڌي ٻوليءَ جي موجوده تحريري محاوري ۽ اتراڌي محاوري ۾ نه رڳو لغت ۾ ڪجهه نه ڪجهه فرق آهي، پر لفظن کي اچارڻ ۽ گرامر جي قاعدن موجب سندن جڙڻ جي طريقن ۾ به ٻيئي محاورا هڪٻئي سان گهڻو اختلاف رکن ٿا. اهي اختلاف ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي واري ٻوليءَ ۾ ويتر وڌي وڃن ٿا. هتي انهن اختلافن جي ڪجهه قدر وضاحت ڪجي ٿي

مصدر جي بناوت: ٻوليءَ جو بنيادي لفظ مصدر آهي. ڏسڻو هيءُ آهي ته ٻنهي محاورن ۾ مصدر جي صورت ڪهڙي آهي. معياري محاوري ۾ مصدر جو علامتي ڻ نه فقط متحرڪ ٿئي ٿو، پر اُن جو هر حالت ۾ اُ جو اچار هوندو آهي، مثلاً: اَچـَـڻ، لـِـکـَـڻُ، مارِڻُ وغيره، پر اهو ساڳيو مصدر جڏهن ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ اچارجي ٿو، تڏهن سندس علامتي ڻ ساڪن ٿيو پوي، جهڙوڪ: اَچـَـڻ، لــِـکڻ، مارڻ وغيره. ٻي ڳالهه ته رائج تحريري محاوري ۾ علامتي ڻ کان اڳئين اکر تي يا زبر جو اچار هوندو آهي يا زير جو، مثلاً: وَٺڻ، موڪلڻ وغيره. پر ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ علامتي ڻ کان اڳ واري اکر تي هميشه زبر اچي ٿي، سواءِ انهن مصدرن جي، جن جي علامتي ڻ کان اڳ وارو اکر همزو هوندو آهي، انهيءَ ڪري هن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ مارڻُ کي مارَڻ ۽ ساڙِڻُ کي ساڙَڻ ڪري اچاريندا آهن. ڇو ته انهن وٽ لازمي فعل جي مصدر جي، متعدي فعل جي مصدر ۾ تبديليءَ جو قاعدو، رائج تحريري محاوري جي قاعدي کان مختلف آهي: معياري محاوري جي هڪ قاعدي موجب لازمي مصدر جي پهرين اَ مٽائيآ ڪبي  ۽ ٻي اَ مٽائي اِ ڪبي آهي. انهيءَ اصول موجب لازمي فعل جو مصدر، متعدي فعل جي مصدر ۾ هيٺين: ريت تبديل ٿيندو آهي:

لازمي صورت                متعدي صورت   

ٻـَـرَڻُ                                              ٻارِڻُ

تـَـرَڻُ                                              تارِڻُ

ڳـَـرَڻ                                              ڳارِڻ

مـَـرَڻُ                                              مارِڻُ وغيره.

پر ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ خواهه سموري اتراڌي محاوري ۾ لازمي فعل جي مصدر جي، متعدي فعل جي مصدر ۾ تبديل ٿيڻ وقت، پهرين اَ ته اَ ۾ تبديل ڪبي آهي، پر ٻي اَ کي ساڳيءَ صورت ۾ رهڻ ڏنو ويندو آهي، تنهن ڪري ٻـَـرَڻ مٽجي ٻارڻ ۽ مـَـرڻ مٽجي مارَڻ ٿئي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جا اُهي مصدر، جن جي علامتي ڻ کان اڳ وارو اکر همزو هوندو آهي، تن جي جاءِ تي ماٿيلي- اٻاوڙي جي علائقي وارا سرائيڪي زبان جا مصدر ڪم آڻيندا آهن، مثلاً: ڳائڻ وڄائڻ بدران ڳاوَڻ وڄاوَڻ ۽ کائڻ بدران کاوَڻ وغيره. ماٿيلي- اٻاوڙي وارا مٿين صورت ۾، مصدر جي علامتي ڻ کان اڳ واري اکر تي زبر قائم رکندا آهن، پر اهڙا مصدر، جن کي سرائيڪي مصدر سان نه مٽائيندا آهن، تن ۾ همزي جي زير (اِ) برقرار رهي ٿي، جهڙوڪ: ڪـَـپائڻ، ڏِکائڻ، اَٺرائڻ وغيره، تاهم علامتي ڻ هر حالت ۾ ساڪن رهي ٿو.


[1]  ماڇڪو (ماڇين جو) اوٻاوڙي تعلقي ۽ بهاولپور ڊويزن جي گڏيل سرحدي اراضي جو ٽڪرو، لانگهو ۽ ٽِڳ اٻاوڙي تعلقي جون ديهون.

[2] سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڇاپو ٻيو: ص 108 ۽ 109.

*  سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڇاپو ٻيو، صفحو 109

[3]  دو لفظ سرائيڪيءَ جي دا ۽ سنڌي جي جو جو امتزاج آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com