سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :1

ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

پروفيسر شيخ محمد فاضل

پيش لفظ

        سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جيئن جدا جدا ڀاڱن ۾ ڳالهائجي ٿي تنهن جي تفصيلي مطالعي جي ضرورت گهڻي وقت کان وٺي پئي محسوس ڪئي وئي آهي. اهڙي مطالعي سان هر ڀاڱي جي مقامي لفظن ۾ اصطلاحن جي ڄاڻ حاصل ٿيندي جنهن سان استادن کي ان ڀاڱي جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ معصوم ٻارن جي ٻوليءَ جي پروڙ پوندي ۽ کين پڙهائڻ ۾ سولائي ٿيندي، هر ڀاڱي جي عوامي ٻوليءَ مان واقفيت حاصل ٿيندي، جنهن سان سماجي ڪم ڪندڙن زرعي کاتي جي ڪامورن ۽ ٻين ڪارڪنن کي ان ڀاڱي ۾ عوام سان هم زبان ٿي ڪم ڪرڻ ۾ سهوليت ٿيندي. وڏي ڳالهه ته هر ڀاڱي جي ٻولي لکيت ۾ محفوظ ٿيندي جنهن سان مجموعي طور سنڌي زبان جي لغات جو دائرو وسيع ٿيندو.

        انگريزن جي دور ۾، سرڪاري طور تي هندوستان جي ٻولين جو لساني جائزو (LINGUISTIC SURVEY OF INDIA) جي هڪ وڏي رٿا عمل ۾ آندي وئي جنهن جو سربراهه جي. اي. گريئروسن هو. ان رٿا هيٺ سنڌي ۽ سرائڪي جو مطالعو ڄڻ ٻن ڀيڻين طور ڪيائون. ان حيثيت ۾ اهو هڪ ساڳئي جلد (Volume III,Part-I)  ۾ مرتب ڪيو ويو. ان کي به ڪافي عرصو گذري ويو ۽ انهيءَ قسم جي ٻئي جائزي جي ضرورت انگريزن جي آخري دور ۾ محسوس ڪئي وئي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي هڪ جامع رٿا هيٺ سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۽ پڻ سنڌ سان لاڳو ٻين صوبائي علائقن ۾ سنڌي ٻولي جيئن ڳالهائجي ٿي تيئن ان جي مطالعي جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان رٿا موجب هيٺين ٻارهين ٻولين جا مطالعا ڪيا ويندا؛

1. سبي جي ٻولي

2. ڪڇي – ناڙي جي ٻولي

3. اتر اڀرندين سرحد واري ماٿيلي – اٻاوڙي جي ٻولي.

4. ڪاڇي جي ٻولي

5. لاسي ۽ ڪوهستاني ٻولي

6. کاري جي ٻولي.

7. ڪڇي – سنڌي ٻولي

8. ٿري – ڍاٽڪي ٻولي.

9. اترادي ٻولي.

10. لاڙي ٻولي.

11. ڪن خاص شهرن جي ٻولي.

12. ڪن خاص قبيلن جي ٻولي.

        هيءَ تحقيقي مطالعو سنڌ جي اتر – اڀرندين سرحد واري ماٿيلي – اٻاوڙي جي ٻوليءَ بابت آهي، جيڪو راقم جي ترغيب تي محترم محمد فاضل شيخ مڪمل ڪيو آهي. لائق مصنف سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو ميمبر آهي، ڊگري ڪاليج جي سطح تي سنڌي پروفيسر ٿي رهيو آهي ۽ سنڌي درسي ڪتابن جي مطالعي ۽ تصحيح سان سندس گهاٽو تعلق رهيو آهي. پنهنجي مطالعي ۽ تجربي جي بناءَ تي کيس سنڌي ٻوليءَ جي صحيح ڄاڻ حاصل آهي. خاص طرح ماٿيلي – اٻاوڙي واري ڀاڱي جو ٻوليءَ جي، جتي هو ڄائو، نپيو ۽ وڏو ٿيو. انهيءَ ويجهي تعلق ۽ تجربي جي ڪري ۽ ان سان گڏ پنهنجي علمي صلاحيت ۽ محنت سان، لائق مصنف ماٿيلي – اٻاوڙي جي ٻوليءَ تي هر نقطه نظر کان ڏهن اهم عنوانن هيٺ روشني وڌي آهي. ٻوليءَ جي مطالعي جي لحاظ سان، هيءُ تحقيقي مطالعو هڪـ ”مثالي مطالعي“ جي حيثيت رکي ٿو، ۽ اميد ته اداري طرفان موجوده دور ۾ هلندڙ سنڌي ٻولي جي وسيع مطالعي واري رٿا ۾ ڪافي ڪارگر ثابت ٿيندو.

5- جمادي الاول 1413هه

1- نومبر 1992ع

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

چيئرمين

سنڌي لئنگويج اٿارٽي

مهاڳ

        سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن سنڌي ٻوليءَ جي تفصيلي ۽ اجمالي مطالعي جي ضرورت کي محسوس ڪندي، اداري پاران ڪوٺايل پهرين ئي گڏجاڻيءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي مختلف محاورن تي مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ اداري جي ميمبر صاحبن آڏو اهڙي رٿ پيش ڪئي ۽ ماٿيلي – اٻاوڙي علائقي جي ٻوليءَ تي لکڻ لاءِ مون کي آماده ڪيائون.

        ”ماٿيلي – اٻاوڙي“ جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جي اتراڌي محاوري جو هڪ زرخيز ڀاڱو آهي، جنهن تي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ، مون انهن اراضين جو انتخاب ڪيو آهي، جن ۾ ٻولي ۽ گرامر جا انوکا ۽ نرالا نمونا استعمال ٿين ٿا. ڪوشش اها ڪئي ويئي آهي ته هن علائقي جو ٻوليءَ سان واسطو رکندڙ صرف توڙي نحو جي سڀني ڦيرين گهيرين جو مڪمل رڪارڊ مهيا ڪيو وڃي، پر وقت جي ڪمي سبب، ٿي سگهي ٿو ته اڃان ڪافي ڳالهيون رهجي ويون هجن. سڀ کان وڌيڪ ڌيان اٻاوڙي جي ٻوليءَ تي ڏنو ويو آهي.

        اٻاوڙي تعلقي جي اڪثر ڪري ڳوٺ ڳوٺ جي ۽ اڃان به پاڙي پاڙي جي ٻولي ٻي آهي، گهر گهر سان گڏ هوندو، جنڊرو جنڊري سان لاڳيتو، ورو وري ٿي چڙهيل، ته به ٻوليءَ جو فرق مٽجي نه سگهيو هوندو. هر قبيلي ۽ هر ذات جي ٻوليءَ ۾ ڪانه ڪا اختلافي صورت ضرور نظر ايندي. ورهين کان بلڪه صدين کان ساڳي وسنديءَ ۾ آباد ماڻهن جي لهجي، لفظي ذخيري ۽ صرف ونحو جي سٽاءَ ۾ هيڏو فرق سچ پچ حيرت انگيز آهي. ڪاڃڻا ۽ ملڪ ايامن کان هڪ ئي ڳوٺ ۾ ويٺا آهن. ڪپڙي لٽي ۾ فرق ڪونهي، پر ڳالهائڻ وقت پڌرا ٿيو پون. اٻاوڙي ۽ ڏهرڪيءَ جا هندو هتان جا قديمي باشندا آهن، پر سندن ٻوليءَ جي نحوي بناوٽ وچان ئي ٽرين آهي.

        ظاهر آهي ته هن علائقي جي ٻولي ۽ ان جي گرامر جي باريڪين کي تحريري شڪل ۾ محفوظ ڪرڻ جي هيءَ ابتدائي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ حرف آخر سڏي نٿو سگهجي. هونئن به هر ڳوٺ ۽ هر قبيلي تائين پهچي نه سگهڻ ڪري ڪيتريون اهم ڳالهيون رهجي ويون هجن، پر ايترو ضرور آهي ته ادبي صداقت ۽ علمي ديانتداريءَ جي اصول کي ملحوظ رکندي گڏ ڪيل مواد ۾ پنهنجي طرفان نه ته ڪا ڀڃ – گهڙ ڪئي آهي ۽ نه وري ان جي سوڌ سنوار جي ڪوشش ڪئي آهي. صرف ونحو جي عميق مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ عالم يا صوتيات جا ماهر اميد ته هن ڳالهه کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا.

شيخ فاضل

مقدمو

        ٻولي، انسانن جي گروهي تشخص ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪنهن علائقي ۾ رهائش پذير ماڻهن جو حسب نسب، خوراڪ پوشاڪ، رهڻي ڪهڻي خواهه تهذيب ۽ ثقافت کين ٻين علائقن جي رهواسين جي ڀيٽ ۾ جداگانه سڃاڻپ عطا ڪن ٿا، پر سندن انفراديت جو اهڃاڻ وري به ٻولي تي ٿئي ٿي. سموريون ٻوليون گهڻو ڪري پنهنجي علائقي جي نالي پٺيان سڏجن ٿيون، ان جو به سبب آهي؛ جيئن ته هر ڪا ٻولي پنهنجي خطي جي جغرافيائي حالتن ۽ انهن حالتن جي اثر هيٺ زندگي بسر ڪندڙ انسانن جي اربع عناصر، مخصوص کاڌ خوراڪ، جبلتن، عادتن ۽ جذبن جي مرهون، منت ٿئي ٿي، تنهن ڪري ٻوليءَ جي صوتيات ۽ صرف ونحو تي انهن ڳالهين جو تمام گهڻو اثر ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ٻولي انساني اصل نسل جي اختلاف، جغرافيائي حالتن جي غير يڪسانيت ۽ کاڌي پيتي جي تبديلين کان گهڻي قدر متاثر ٿئي ٿي.

        دنيا جي مکيه ٻولين مان ڪنهن به هڪ جو گهري نظر سان جائزو وٺبو ته اها اسان کي ڪيترين ئي ننڍڙين ٻولين جو مجموعو نظر ايندي. ان جو ڪارڻ به گهڻو ڪري نسلي اختلاف ۽ مختلف جغرافيائي حالتون آهن. مکيه ٻوليءَ يا ڀاشا جون اهي ننڍڙيون ٻوليون يا اپڀاشائون وري تقسيم در تقسيم وڃن ٿيون ننڍڙن ڀاڱن ۾ ورهائبيون، تان جو ائين پيو ڀاسندو آهي ته هر شهر ۽ ڳوٺ جي ٻولي، ٻين شهرن يا ڳوٺن جي ٻولين کان ڪجهه نه ڪجهه مڙيو وئي ٻي نموني جي آهي. انهن اپڀاشائن کي عام طرح ٻوليءَ جا محاورا سڏيو ويندو آهي.

        سنڌي ٻوليءَ جي رائج تحريري محاوري کان علاوه ٻين محاورن جو مطالعو ۽ جائزو پڻ پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکي ٿو، لسانيات جي عالمن لاءِ ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ توڙي ٻين ٻولين سان سندس تقابلي مطالعي لاءِ انهن محاورن جو اڀياس لازمي ٿيو پوي، خصوصا اهڙن محاورن جو جائزو ته تهائين ئي ضروري سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي لسانيات جي اصولن ۽ صرف ونحو جي قاعدن موجب رائج تحريري محاوري کان وڌيڪ اهميت وارا آهن.

        سنڌي، برصغير پاڪ وهند جي مکيه ۽ قديمي ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي. ان جو دائرو نه رڳو سنڌ تائين محدود آهي، پر سنڌ کان ٻاهر به وسيع علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌيءَ جي وسعت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اها گهٽ ۾ گهٽ ڏهن محاورن تي مشتمل آهي، جن مان هر محاورو پنهنجي جاءِ تي هڪ ننڍي ٻوليءَ جو درجو رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي رائج تحريري محاوري جي حيثيت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، پر جيئن ته اهو محاورو تحرير جي قيد ۾ اچي چڪو آهي، تنهن ڪري ان ۾ فطري تبديليون رڪجي چڪيون آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته ٻوليءَ جي موجوده مقبول محاوري جي تحريري صورت ان جي ارتقاءَ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿي آهي ۽ ٻولي قدرتي تبديلين کان محروم ٿي ويئي آهي. ان جي مقابلي ۾، ٻوليءَ جا ٻيا ثانوي حيثيت رکندڙ محاورا سهل پسندي ۽ تخفيف جي عمل مان گذرندي، جيڪا شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، تنهن جو مطالعو نه فقط ٻوليءَ جي اندروني سٽاءَ کي سمجهڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿو، پر ٻوليءَ جي تدريجي ارتقاءَ جي تاريخ جي اهڃاڻن ڳولڻ ۾ به مدد ڪري ٿو. رائج تحريري محاوري کان علاوه باقي محاورا جيئن ته گهڻو ڪري تحريري صورت ۾ نه هوندا آهن، تنهن ڪري هڪڙي تحريري صورت کي ٻي تحريري صورت سان ڀيٽڻ جو وجهه نه ملندو آهي. اهوئي سبب آهي جو تنقيد جي ڊپ ڊراءُ نه هئڻ ڪري، اهڙن محاورن ۾ تخفيف ۽ سهل پسنديءَ جو رجحان زور وٺي وڃي ٿو. انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکي، لسانيات جي ماهرن لاءِ، اهڙن محاورن جو اڀياس نهايت ضروري ٿيو پوي. هن ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماٿيلي – اٻاوڙي علائقي جي ٻولي بابت مون پنهنجي طرفان حتي المقدور ڪوشش ڪري مواد ڪٺو ڪيو آهي ۽ مختصر طور تي ان جو تجزيو به ڪيو اٿم، اميد ته اهو مواد اڳتي هلي، ٻوليءَ جي پارکن لاءِ گهڻي سهوليت پيدا ڪري سگهندو.

اتراڌي ٻولي:

        لسانيت جي ڪن ماهرن اتراڌي محاوري کي  ”سريلي ٻولي“ سڏيو آهي، ڇو ته اها ٻولي، سنڌ جي ان طبعي ڀاڱي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جنهن کي”سرو“ ڪوٺجي ٿو. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين کڻي تسليم ڪجي، پر سري جي حدن کي، اتراڌي محاوري جون سرحدون سمجهڻ، ڪنهن به حالت ۾ درست نه آهي، ڪنهن به خطي جي”طبعي جاگرافي“ ۽ ”لساني جاگرافي“ ۾ صد في صد مطابقت اتفاقي ته ٿي سگهي ٿي، پر عمومي طور تي ائين نه آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي”سري“ جي ٻوليءَ جون حدون ٻڌائيندي چوي ٿو ته، ”ٻوليءَ جي مطلب لاءِ ٿلهي ليکي چئبو ته خيرپور رياست(موجوده خيرپور ضلعو) کان وٺي ويندي اٻاوڙي تعلقي تائين ۽ سيوهڻ – دادوءَ کان وٺي سڄو لاڙڪاڻو ضلعو توڙي شهدادڪوٽ(لاڙڪاڻو ضلعو) ۽ جيڪب آباد وارو پاسو ڪشمور تعلقي جي ڇيڙي تائين”سرو“ آهي ۽ اتي جي ٻولي”سِريلي“ آهي.

        اتراڌي محاوري جي جاگرافيءَ جي گهري مطالعي کان پوءِ ڀيرومل جي راءِ کي رڳو”ٿلهي ليکي“ ئي قبول ڪري سگهبو، ڇو ته خيرپور ضلعي جي اوڀر واري وسيع اراضي، توڙي روهڙي، ميرپورماٿيلي ۽ اٻاوڙي تعلقن جي اوڀرندي طرف واري وڏي پٽيءَ ۾، سنڌيءَ جو سنئون سڌو ٿري محاورو ڳالهايو وڃي ٿو. ٻئي طرف جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي اولهندي پاسي بلوچستان جي شورڻ ۽ سبيءَ واري علائقي ۾ به اتراڌي محاورو رائج آهي. اٻاوڙي تعلقي جي اتر ۾ وري ماڇڪي جي ٻوليءَ جو گهڻو اثر آهي، اتان جي ٻوليءَ کي”سرائيڪي – سنڌي“ ته سڏي سگهجي ٿو، پر ان کي اتراڌي ٻولي يا سريلي ٻوليءَ ۾ شمار ڪري نه سگهبو.

        ڀيرومل جي لکڻ موجب سيوهڻ ۽ دادو سريلي ٻوليءَ ۾ شامل آهن، پر پاڻ اڳتي هلي، دادو تعلقي کي وچولي ٻوليءَ ۾ شمار ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي ته سري ۽ لاڙ جي وچ وارو ڀاڱو”وچولو“ سڏجي ٿو، جنهن جون حدون ڪنڊياري ۽ دادو تعلقن جي اتر واري ڀاڱي کان وٺي، هيٺ ڪوٽڙي ڊويزن تائين آهن. اهو سنڌ جو”وچولو“ يعني وچ وارو ڀاڱو آهي ۽ اتي جي ٻولي”وچولي“ ڪوٺجي ٿي(1)     

        اڳتي هلي ڀيرومل سيوهڻ ۾ به سريلي ٻوليءَ(اتراڌي محاورو) کي رائج نٿو سمجهي. اهڙو اظهار سندس هيٺينءِ راءِ مان ٿئي ٿو؛

        ”سري وانگر ساهتي پرڳڻي ۾ ڪاٿي، ڪاڏي، جاڏي، تاڏي، جاتي ۽ تاتي چون ٿا. سيوهڻ پاسي ڪٿي، ڪيڏي، جيڏي، جتي ۽ تتي به چون”(2)

        ساڳي ٻوليءَ جي محاورن کي ڪن حدن اندر بند ڪري نٿو سگهجي. اهي هڪ ٻئي جي سرحدن اندر دخل اندازي ڪري سگهن ٿا، مٿن نه ڪا چوڪي آهي نه پهرو، ڀيرومل ڪاٿي ڪاڏي وغيره ظرفن کي سري ۽ ساهتيءَ ٻنهي هنڌن تي رائج ڏيکاريو آهي، حالانڪه پاڻ چوي ٿو ته ساهتي وچولي ۾ آهي. نه رڳو ايترو، پر جن لفظن، اصطلاحن ۽ پهاڪن کي رڳو ساهتي پرڳڻي ۾ رواج هيٺ ڄاڻايو اٿس، تن مان به گهڻا تڻا اتراڌي محاوري ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. ڀيرومل جو وڌيڪ چوڻ آهي ته، ”ساهتي پرڳڻي ۾ ڪي علحده لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا عام آهن، جي ٻين هنڌ عام نه آهن.ـ(3) هن اهڙن لفظن ۽ اصطلاحن وغيره جا مثال به پيش ڪيا آهن، جهڙوڪ اڪرس معنيَ گهٽ يا گرمي ساهتي پرڳڻي ۾ عام آهي ته اتر سنڌ ۾ به اهو لفظ ساڳيءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، البته اتر سنڌ ۾ مونث ٿي ڪم اچي ٿو. ساڳيءَ طرح پئسن بدران ڏوڪڙ ۽ گهڻو بدران کوڙ جو استعمال به اتر سنڌ ۾ عام آهي. ڀيرومل جي بيان ڪيل ساهتيءَ ۾ مروج پهاڪن مان به اڪثر اتر سنڌ ۾ رائج آهن، مثلا: ”اول پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ، “ ”اهڙي جٺ ڪيائينس، جهڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان، “ ”چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي.“

        حقيقت ۾ ٻوليءَ جي محاورن جون سرحدون متعين ڪرڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي. جيستائين ٻوليءَ جي سڀني محاورن جو تفصيلي مطالعو نه ڪبو، تيستائين ڪنهن هڪ محاوري جي پکيڙ ۽ اراضيءَ متعلق وثوق سان ڪجهه  چئي نه سگهبو. بس ائين کڻي چئجي ته ”اتراڌي محاورو“ لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد، سکر ۽ خيرپور ضلعن تي پکڙيل آهي، البته آهي اراضيون، جي بلوچستان، پنجاب ۽ هندوستان سان بلڪل متصل آهن، تن ۾ سندن قريبي علائقي وارين ٻولين جو اثر آهي، جنهن ڪري اتي ڳالهايل ٻولين کي نج اتراڌي محاورو سڏي نه سگهبو.

اتراڌي ٻولي جي اهميت

        دنيا جون اهم ۽ مکيه ٻوليون مختلف محاورن ۾ ڳالهيون وڃن ٿيون، پنهنجي جاءِ تي اهي سمورا محاورا معياري ليکي سگهجن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن هڪ محاوري کي معياري محاوري جو درجو حاصل ٿي وڃي ٿو،  ته اها ان محاوري ڳالهائيندڙن جي خوش نصيبي چئبي. پر اهو ضروري آهي ته ساڳيءَ ٻوليءَ جا ڪي ٻيا محاورا جيڪڏهن ادبي لحاظ کان مالا مال آهن، لغت جو ذخيرو منجهن جهجهو آهي ۽ صرفي توڙي نحوي طور تي، معياري محاوري کان بهتر ۽ مستحڪم قاعدن جا حامل آهن، ته اهڙن محاورن کي رائج محاوري تي فوقيت ۽ اوليت ڏيئي سگهجي ٿي. اهي مهاورا ڀل ته معياري محاوري جي جاءِ وٺي نه سگهن، پر سندن حيثيت ۽ اهميت جو اقرار ان وقت ضرور ڪرڻو پوندو، جڏهن ٻوليءَ جي ارتقائي تبديلين جي اصولن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت پيش ايندي.

        سنڌي ٻوليءَ جي رائج تحريري محاوري کي موجوده حيثيت بالڪل اتفاقي طور تي ملي آهي، جنهن کي سياسي ضرورت ۽ ناگهاني حالتن جي پيداوار چئي سگهجي ٿو، ورنه موجوده تحريري محاوري کي جيڪڏهن ٻوليءَ جي قاعدن، قانونن واري ڪسوٽيءَ تي پرکبو ته پنهنجو معيار وڃائي ويهندو.

        موجوده تحريري محاوري کي جن سياسي مجبورين ۽ اتفاقي حالتن جنم ڏنو، تن جو ذڪر هن ريت ڪري سگهجي ٿو، ته اقتدار جي واڳ جڏهن ٽالپور اميرن جي هٿن مان کسجي ويئي ۽ سنڌ ۾ برطانوي راڄ قائم ٿي ويو، تڏهن حيدرآباد ۽ ان جي گردو نواح کي سياسي طور مرڪزي حيثيت حاصل ٿي ۽ سنه 1853ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ درسي ڪتابن جي ضرورت محسوس ڪئي، تڏهن اهو ڪم حيدرآباد جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي سپرد ڪيو ويو. هاڻي سوال آهي ته ان زماني ۾ جيڪڏهن انگريزن جي سياسي قوت جو مرڪز خيرپور يا سکر هجي ها ته ڇا پوءِ حيدرآباد جي عالمن کان درسي ڪتاب لکرائجن ها! ظاهر آهي ته اهو ڪم پوءِ خيرپور يا سکر جي دانشورن کان ئي ورتو وڃي ها ۽ لا محاله اتراڌي محاورو ئي معياري درجو ماڻي ها.

        لسانيات جي ماهرن ۾ سڀ کان پهريون عالم، جنهن اتراڌي محاوري جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو، سو ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ هو، اتراڌي محاوري جي اهليت ۽ اهميت کي محسوس ڪندي، هو صاحب لکي ٿو ته:

“The northern of siraiki (Sireli) dialect has remained for more original and has preserved the purity of pronunciation with more tenaciousness than the southern one.*

ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف محاورن تي تحقيق ڪندڙ عالمن ۾، گريئرسن جو نالو سرفهرست آهي. گريئرسن جي خيال ۾ اتراڌي محاوري ڳالهائيندڙن جا اچار، معياري سنڌي ڳالهائيندڙن جي اچارن کان وڌيڪ چٽا آهن. سندس چوڻ آهي ته:

“Siraiki (Sireli) Sindhi differs from the standard, sindhi having a more clearly articulated pronunciation and slightly different vocabulary.*

        اتراڌي مهاوري جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ محاورو لغت جي اعتبار کان وڌيڪ شاهوڪار ۽ گرامر جي قاعدن قانونن جي بي مثال پختگيءَ جو حامل آهي. هن محاوري ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ٻين محاورن جي ڀيٽ ۾، نهايت قيمتي مواد موجود آهي، جنهن جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي تاريخ معلوم ڪرڻ جا گهڻا موقعا ميسر ٿي سگهن ٿا. هن محاوري جي اهميت بابت ڀيرومل مهرچند آڏواڻي”ٺيٺ کري ٻولي“ (Standard dialect) جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته:

        ”سڀني ملڪن ۾ جيڪي اپڀاشائون ڪم اچن ٿيون، تن مان ڪنهن هڪڙيءَ کي گهڻو شرف ملي ٿو ۽ اهائي ڪتابن ۾ ڪم اچي ٿي. ڪڇ ۽ لسٻيلو هاڻوڪي سنڌ کان ٻاهر آهن، تنهن ڪري ڪڇڪي ۽ لاسيءَ جي ڳالهه کي ڇڏي، باقي اتر سنڌ جي اپڀاشائن تي ويچا رڪبو ته معلوم ٿيندو ته هر ڪا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٺيٺ(اُچي) سنڌي آهي ۽ کري ٻولي (Standard dialect) تي ڪم اچڻ جي لائق آهي، مثلا سري ۾ شڪارپور طرف جي ٻولي مٺي ۽ رسيلي آهي. ساميءَ جي سلوڪن جي سنڌي ۽ سچل، بيدل بيڪس جي رسالن جي سنڌي ڪتابن ۾ ڪم آڻبي، ته بيشڪ سونهندي.[1]

        هڪ محاوري تي ٻئي محاوري جي فوقيت جو گهڻو مقدار گرامر جي اصولن تي هوندو آهي. دراصل ٻوليءَ جي تور تڪ لاءِ گرامر ئي هڪ وسيلو آهي. ڪو محاورو گرامر جي قاعدن قانونن کي جيترو قريب هوندو ۽ مستثنيات کان جيترو بعيد هوندو، اوترو سندس معيار اعليَ ليکبو. ڀيرومل گرامر جي اصولن جي روشنيءَ ۾، اتراڌي محاوري جي ڪن خصوصيتن جو اظهار ڪيو آهي. جن جو ذڪر سندس ئي لفظن ۾ پيش ڪجي ٿو: سري ۾ چون”آيم“ ۽ ”چوندو مانس“ ٻين هنڌ  چون”آيس“ ۽ ”چوندو سانس“ ٻئي نمونا رواج ڪري صحيح آهن، پر گرامر جي قاعدن موجب چئبو ته وڌيڪ صحيح سرحد سنڌ وارا آهن: جڏهن ڳالهه ڪندڙ پنهنجي اچڻ جي ڳالهه ڪري، تڏهن”م“ پڇاڙي ڪم آڻڻ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته اها ضمير متڪلم جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ آهي. ٻين هنڌ ڪٿي”م“ ته ڪٿي”س“ پڇاڙي ڪم آڻين ٿا، جا ضمير غائب جي معنيَ ڏيکاري ٿي. مثلا چون”آيس“ ۽ ”ويس“ پر
”لکيس“ بدران چون ”لکيم“ ”پڙهيم“ معنيٰ”مون پڙهيو“ ۽ پڙهيس”معنيٰ“ مان پڙهيس. [2]

        ٻئي هنڌ پيرومل زمان ماضي متعلق جا مثال ڏيئي، ٻنهي محاورن جي ڀيٽ ڪري، اتراڌي محاوري جي قاعدن جي فوقيت جو اظهار ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته”هو ويو“ ”و“ مٿان زبر، پر ٻين هنڌ زير ڏين ٿا. حقيقتون سري وارا صحيح آهن: ”وڃڻ“ لفظ جي منڍ ۾”و“ جي مٿان زير يعني”ا“ جو اچار آهي، ته”ويو“ لفظ جي منڍ ۾ به ساڳيو”ا“ جو اچار هئڻ گهرجي.[3]

        لسانيات جا ماهر سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽين ضميري پڇاڙين کي وڏي اهميت ڏين ٿا، ڇو ته اهي پڇاڙيون برصغير هند وپاڪ جي ٻين ٻولين مان يا ته تقريبا ختم ٿي ويون آهن، يا وڃن ٿيون ختم ٿينديون. جيتوڻيڪ اها خصوصيت سنڌي ٻوليءَ جي سڀني محاورن ۾ موجود آهي، ته به ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اتراڌي محاوري ۾ ٻٽين ضميري پڇاڙين جو اڃان گهڻو زور آهي.

        ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ، ضميري پڇاڙين جي استعمال کي سنڌي ٻوليءَ جو خاص اهڃاڻ ٿو سمجهي. هو فرمائي ٿو ته[4]:

“The use of these suffixes constitutes quite a peculiar feature of the sindhi language and distinguishes it very advantageously from all the kindred idioms of India, which are destitute of pronominal suffixes” 2

حقيقت ۾  اهي ٻٽيون ضميري پڇاڙيون ئي آهن، جن جي ساخت ۽ تبديلين جي اصولن تي بحث ڪري، اسان ٻوليءَ جي قدامت بابت ڪا معتبر راٰءِ قائم ڪري سگهون ٿا. انهن پڇاڙين جو ڀرپور استعمال جيترو اتراڌي محاوري ۾ ملي ٿو، اوترو ٻئي ڪنهن سنڌي محاوري ۾ نه آهي. اتراڌي محاوري جي ٻٽين ضميري متصل پڇاڙين تي هن بعد ايندڙ صفحن ۾ مون سير حاصل بحث ڪيو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته اتراڌي محاوري ۾ اسان کي سنڌي گرامر جون بيشمار ڦيريون گهيريون نظر اينديون.


* Dr. Trumpp: Sindhi Grammar, Introduction, P-II.

* Linguistic Survey of India VolL viii, Part I, page. 140.

[1]   سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڇاپو ٻيو، سال 1966ع، صفحو 92 ۽ 93.

[2]  ايضاً ص 104.

[3]  سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڇاپو ٻيو، سال 1966ع ص 105.

[4]  ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ: سنڌي گرامر، صفحو 225.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com