سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :14

شيطان جا ڪَن ٻوڙا! = ڪا چڱي رٿ رٿجي ٿي ته پوءِ چئبوآهي ته شيطان جا ڪن ٻوڙا، يعني خدا ڪري اها ڳالهه شيطان نه ٻُڌِي هجي ته جيئن اهو ان ۾ رخنو نه وجهي.

عمره = عمِر، ڄمار،

عمره ڀر = عمر ڀر

ڦَٿڪوڙِي = ڦَٿڪو

ڦُدُو = جاه، بي وقوف

ڦَرڙَڻ = چَڪيءَ ۾ سانوڪ يا اوريي جهڙي ڏُٿ کي ڏَري ٻه اڌ ڪرڻ.

ڦَسوڪَڙ = ڊڄڻو، بي ساهو، ٿلهو متارو پر بي زورو.

ڦُسيل = کينهي راند ۾ نشان چٽڻ لاءِ ڀترن يا پٿرن کي هڪٻئي جي مٿان رکڻ.

ڦُل ڌاڳو = تعويذ، داڳو، دُعا لاءِ ورتل ڌاڳا ۽ گُل وغيره.

ڦَم = چُپ، ڪجهه نه ڳالهائڻ، خاموشي.

ڦَمنو = خاموش طبع، بي پرواهه، چُپ ۾ رهندڙ، ڦَم هڻي ويهندڙ.

ڦُوت = آڪڙ، وڏائي.

ڦُوتِر = ڦوت ڏيکاريندڙ، وڏائي ڪندڙ.

ڦِيڻ = ڦوهارو (رَت جو زور سان نڪرڻ)

قِصيلو = قصا کڻندڙ، قصه گو.

ڪاٺڙيو ڪماند = سخت کل وارو ڪمند، ڪمند جي اهڙي قسم کي گدڙ کائي نه سگهندو آهي.

ڪاريا = جيرا

ڪَڍاڻَڪو = ڪڍي ڇڏڻ جهڙو، نڪتوڙ، لوڌيل.

ڪڍوڙ = نڪتوڙ، لوڌيل، ڌڪاريل.

ڪُرڦاٽو =اُڦراٽو، گيهه واري تهدار ماني.

ڪَرمارڻ = پاڻيءَ جي لاٿ، پاڻيءَ جو اڳوڻي سطح کان ٿورو هيٺ هئڻ.

ڪَرِيس = کاڌي ۾ مِٽي يا واريءَ جي موجودگيءَ جو ڏندن ۾ احساس ڏيڻ، ڏندن ۾ ڪر ڪر پيدا ٿيڻ.

ڪُڙُل پَوڻ = ڳِڍڙيون پوڻ.

ڪَلر ڀَنجر = ڪلر واري ۽ بيڪار زمين.

ڪَڪُون، ڪَکُون = هاڙهه- ڀيچ وقت غير موجود رانديگر، جي پاران، ڪو ڪک کڻي، ان کي پنهنجو ساٿي بنائي ڀيچي اچجي ته اُن ساٿي (ڪک) کي ڪَڪُون يا ڪَکُون چئبو آهي.

ڪَلهو = اڪيلو

ڪَنڌ لَٿو = پِٽ پاراتي جو لفط، جنهن جي معنيٰ آهي خدا سندس گردن ڀڃي.

ڪَنِي ڪَترائڻ = پاسو ڪري نڪري وڃڻ.

ڪَودَن = موڳو، مورک، بي وقوف

ڪيري = رَدِي، ڪنهن نه ڪم جو، نڪمو، بيڪار

ڪِيِڻوَ = عزت نفس، غيرت.

کانج، کانج ڏيڻ = ائٽ جي ڍينگهي يا چڪري کي داٻ ڏيڻ

کُٻڪِڻ = کُٻ کُٻ زمين جانورن جي کوٻِيَل زمين، سُنين ۽ کُرن سان لتاڙيل ۽ کوٻون ڪَيل زمين.

کِڙاند = کيڏ، شغل، مشغولي.

کَڙي پير = تُرت، هڪدم. بِيٺي بِيٺي.

کَکاڙ ٻُٿاڙ = وڏو رعب داب، حھشمت ۽ ڏِيا.

کوکڙا = پڪا ۽ سخت ڀِتر، زمين جو سُڪي کوکڙا ٿي وڃڻ.

کوڱِي = کارڪ جي ککڙي جا ڳوٽ طور استعمال ٿئي.

کيڏ ڪَر = کيڏارِي، رانديگر

کيکو = گهڻو کلندڙ.

گِٺ = گرانٺ، هٿ جي چيچ ۽ آڱوٺي جي چوٽين جي وچ وارو مفاصلو.

گِٽ مُٺڙِي = ننڍڙي قد واري عورت، مبالغي طور چئبو آهي ته هڪ گِٺ ۽ هڪ مُٺ جيترو قد اٿس.

گڙ دول = ڪَنو، غليظ، بي ڀانئڻو.

گُڙُل = گُٿو ڳالهاءُ، بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڳالهاءُ ڪڍڻ.

گڙنگ = ڍَنڍ، پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو.

گسوڙ، گهسوڙ = جاءِ جي تنگي، سوڙهه گهسوڙ.

گِگ = گِگ وانگر چنبڙندڙ مانو، مَڇَڏُو.

گِرچِڻ = گَپَ، چِڪَ

گَگڙِي = جهيڙي ۾ وڏي آواز سان ڳالهائيندڙ عورت، ٿوري ڳالهه تي گهڻو ڳالهائيندڙ، اهڙي قسم جي مرد کي گگڙو چئبو آهي.

گِگلو = اجايو چنبڙندڙ مانحو، مَڇَڏُو، گِگ وهائيندڙ ماڻهو، غليظ، اڻ ڀاوڻو.

گُناهِي = گناهگار، مجرم.

گُنبَسو = گُنبذ

گونهه جون ڪانِيون ڏيڻ = مهڻا ۽ طعنا ڏيڻ. اجايا الزام ڌرڻ.

ڳارائون = ڳارو، جانورن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ واري رسيءَ جو ڦندو.

ڳاوَڻا = ڳانا، ڪلام

ڳل گهوٽُو =جانورن جي بيماري، جنهن ۾ اُهي کائي پيءُ نه سگهندا آهن، بيماريءَ سبب جانورن جي ڳچيءَ ۾ اُڀريل وڏي ڳوڙِهي.

ڳِني = ڳاٽو، ڪنڌ.

ڳنِي ٽُرٽرو (ٽُٽو) = بد دعا جو ڪلمو، ڳاٽي ڀڳو.

ڳوهو = ڇيڻُ

ڳِيتَڻ = ڳِڙڪائِڻ

گهور ڀَر تي، گهَرَ ورِتي = پاڻ تي گذريل آپ بيتي

گهٻڪو، گهٻُڪار = ڏُڌ وَلوڙَڻ جو آواز.

لَب چَپ = ڪوڙو پيار، سکڻي خوشامد

لَب رَکَڻ = دعا خاطر درد واري جاءِ تي لعاب دهن لڳائڻ.

لَٻَر لَهڻ = وڏا گهاءُ ٿيڻ، ترار يا ڪهاڙيءَ سان وڏا زخم اچڻ، جن ۾ گوشت جا وڏا حصا ڪٽجي وڃن.

لُڙ ٻَڌِي اچڻ = تمام تڪڙو اچڻ، تيز پنڌ ڪندو اچڻ.

لَڙِي ٻِپَهري = جَهڪي منجهند.

لَڪا خدُا جي = خدا جي مخلوق، ماڻهن جو گهڻو تعداد

لَک تي مٿو ڌوئڻ = چانديءَ جي هڪ لک ڪلدار روپين تي ويهي وهنجڻ (امير ماڻهو پنهنجي شان وڌائڻ لاءِ ايئن ڪندا هئا)

لِکاڻو = لکپڙهه، تحرير هيٺ آيل.

لَکيڻو = سهڻن لکڻن يا لڇڻن وارو.

لاهه لڙهندو = بيڪار ۽ بي اهميت ماڻهو، ٻانهن جي ٻَي تري نه سگهندڙ پر لهوارو لڙهندو رهندڙ.

لِلِـهه وات = گهڻو راڙو ڪرڻ، ٻار جو لاڳيتو روئڻ

لَموچَڙ = لاڙ يا لمي جو ماڻهو، لَمي جي ڪا شيءِ جهڙوڪ لموچڙ گهَنڊِي.

لَنب ڏيڻ = اڇلائي ڏيڻ، جَهٽ ڏيڻ، لَمَ ڏيڻ.

لَنب تي چڙهڻ = فريب ۾ اچڻ، ڪنهن جي ڌوڪي ۾ اچڻ.

لَنب چُٽ = ڪيرائي ڌڪ هڻڻ، چوري، ٺڳِي.

لَنبائڻ = لمائِڻ، چورائي وڃڻ، جَهٽي هڻي کڻي وڃڻ.

لنبائي لنبائي هڻڻ = مخالف کي ملهه راند ۾ گهمائي گهمائي اُڇلائڻ، جهوٽا ڏيئي هيٺ ڪيرائڻ.

لنباٽي لنباٽي هڻڻ = لَنبُون ڏيئي ڪيرائڻ.

لوٿ = ڍَڍري، ڍَڙُ

لوڪ لَڪا = عام مخلوق

ليپَوون = ليپي وانگر تهه به تهه (پَٽڪي سان گڏ استعمال ٿيندو آهي ليپَوون پَٽڪو معنيٰ پَٽڪي جا وَر هڪ ٻئي تي ايئن چڙهيل هجن ڄڻ ليپو آيل اٿن.

ماسراهِيُون = مِراهيون، مسواڙ

مَرکِي = مرڻينگ، مرڻ تي

مَزات = ٻن سالن جو اُٺ

ملائت = جِنُ، ڀوُت

ملوٿَڙو = نازڪڙو، نفيس طبع

ملوڪڙو = نازڪ،نفيس

مَنجهولو = رڌ پچاءَ لاءِ وِچولِي ديڳ

منزل پڙهڻ = قرآن مجعيد پڙهڻ، دؤر ڪرڻ.

مَنَههَ موک = (مَنههَ معنيٰ ڪکائين ڇيري + موکڻ = ادا ڪرڻ) شاديءَ تي آيل دعوتين کان مليل رقم

مُني ڏيڻ = ڦِرِي وڃڻ، نٽائڻ، انڪار ڪرڻ

مِڻڪَڻ = ڦِرِي وڃڻ، نٽائڻ، انڪار ڪرڻ

مِڻڪَڻ = رِڍ جو ميڪَڻ، چَپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪَرڻ.

مودَر = نِڪمو، بيڪار، بي سُرو، ڪم نه اچڻ جهڙو ماڻهو.

مُهاڙو = جانورن جي بيماري، جنهن ۾ سندن وات پچِي پوندو آهي، ۽ کائي پيءُ نه سگهندا آهن.

نانڍ = سيکڙاٽ، ناتجربيڪار

نَبونُڙو = نازڪ طبع، نفيس.

نِڀائِي = اَڻ ڀاوَڻِي، عورت جو هڪٻئي سان مخاطب ٿيڻ جولفظ. نه وڻندڙ، مسڪين: ڪهڙي نڀِائي رُکو کائي (ڪيهِي نِڀائِي رُکو کاوي)

نِروپُرو = رڳو، فقط (نِرو پُرو ٻئي تي نه ڀاڙ، ڪجهه پنهنجي ڀي ٻار)، هُو بهو، (نِرو پُرو ڏاڏي تي ويو آ = هُوبهو ڏاڏي جهڙي شڪل اٿس)

نَرِي ڏيڻ = زور آزمائڻ جي راند، جنهن ۾ هيٺ ويهي، ٽنگون ٽنگهن ۾ ڦاسائي هڪ رانديگر ٻئي جي کاٻي ڪارائِي يا نرِيءَ کي ٻنهي هٿن سان جهليندو آهي ۽ ٻيو ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

نِسائينڪو = نڌڻڪو، جنهن جو ڪو ڌڻي سائين نه هجي.

نَڪ سِڌ = بالڪل سامهون، سِڌائِيءَ ۾

نِڪتوڙ = تَڙِل، گهران لوڌيل، ڪَڍي ڇڏيل

نُونو، نُتو = نڪمان آواز ڪڍندڙ، گهُنو ڳالهائيندڙ، مِنو

نَهُوچَڙو = اَنگِلي، نازڪ مزاج

وارو، = پاران بدران،

واهِند = وهڪرو

واڻَ = واڻين جا ڳوٺ، هندڪار

واڦڻ = اجايو ۽ ڪنو ڳالهائڻ.

واجَهلوڙو = واچُوڙو، تمام تکو هلندڙ ماڻهو.

وِٽڪَڻ = ڳئون يا مينهن جو پَکڙجن ۽ لتون هڻن يا ڏُهڻ نه ڏيڻ.

وِچون = وچ واري عرصي ۾، انهيءَ وچ ۾.

وَڌڪِي = وڌيڪ.

وَرِهي = رَسِي

وَسيب = وصفون، نشانيون.

وَٺِي لاڀارا ڏِئي اوڌارا = وياج تي وٺي ٻين کي اوڌر تي ڏئي.

وسدي وساءِ! = وسندِي وساءِ، جهان جي هلي چلي موجب هَلُ!

وَئڻاٺِي = وَنئڻن جي ڪاٺِي.

وَياڻِي = واڻياڻي، هندو عورت.

ويڙَهه = مُنڊيءَ جو هڪ قسم، وڪڙڻ وارو ڇَلو

ويڳ = بيماري

هاٺجڻ = هاٺ ٻَڌڻ، شرط رکڻ، هڪ ٻئي سان زور آزمائيءَ جو اعلان ڪرڻ.

هانء جهَل = ٿورو کائي ڪجهه آٿت وٺڻ.

هاڏو = ڪانءُ

هَٺ = ٻئي جي ڏاندن تي پوک پچائي هارپ جو اڌ وٺڻ.

هَٺائين = هَٺَ تي بيٺل، لڇاري جوڙي تي پوک ڪندڙ: (پاڻ هَٺائِين، جوڙو لِڇَن تي يعني پنهنجو جوڙو ڏاندن جو ٻئي هَٺائين کي اڌ حصي تي ڏيئي، پاڻ ٻئي جي ڏاندن تي پوک ڪري)

هَٿون = ويتر، پاڻان، اُٽلندو

هَپِي = چُمي

هُرشِي = ڏاند يا ڳئون جو ڦُوڪو ڏيئي ڊيڄارڻ.

هَرِيٺو = آريٺو، هڪ وکر

هَروايَل = هارايل

هِڪڙائت = اڪيلي سر گهر جو خرچ پورو ڪندر، گهر ۾ اڪيلو ڪمائيندڙ.

هِڪي = اڪيلي، هڪڙي ئِي.

هَنباهه = ڀاڻ، وٿاڻ جو ڀاڻ.

هَنڊ = مڇي مارڻ جي جاءِ.

هُند، هُندِي = ها (ٻئي فعل سان گڏ ڪم ايندو آهي ۽ فعل معاون ٿي ڪم اچي ٿو، مثلاً: کائي هُند يا اچي هُندِي)

هِنڊ = اُٺ تي ٻڌل ڪپڙا، هنڊ پاکڙي جي بدران ڪم ايندي آهي.

هَنڊ = اُٺ تي ٻڌل ڪپڙا، هنڊ پاکڙي جي بدران ڪم ايندي آهي.

هَنڊڻ سال = جٽادار، اهو ڪپڙو جو گهڻا سال هلي.

هورين هورين = هوريان هوريان.

هيٺَلو = هيٺيون.

هيٺَتي = هيٺ

يَڪ لَس = هڪجهڙو لاڳيتو، هڪ ڪَرو، (ٻنيءَ ۾ يَڪ لَس پاڻي بيٺو آهي)

يَڪساهِي = لڳاتا، هڪ ئي وقت، ۾، هڪ ئي وقت ۾ ڳالهه چئي يا پڙهي وڃڻ.

يَلوُ = بي وقوف، موڳو

يوٻو = هُل، آواز.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com