سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :4

ٻئي هنڌ ڀيرو مل اڃا به وڌيڪ وضاحت سان لکيو آهي ته، "هن وقت سنڌيءَ ۾ سڀڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا نه ڪا اعراب آهي ئي آهي. انهن پڇاڙي وارين اعرابن هينئر ئي لڏڻ جو سانباهو ڪيو آهي: لاڙ ۾ انهن جو اچار اڪثر ڪو نه ڪن. اهي گهڻو وقت ڪين جٽينديون، جو اکرن جي پدن تي زور ڏيڻ جي ترتيب (Accent System) ڦرندي پيئي وڃي."[1]

ڪاڪي ڀيرو مل جي لکڻ مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته:

(1) هن وقت سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪاڪي ڀيرو مل جي لکڻ مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ڪا نه ڪا اعراب آهي ئي آهي.

(2) انهن پڇاڙيءَ وارين اعرابن هينئر لڏڻ جو سانباهو ڪيو آهي.

(3) سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي لاڙ ۾ لفظ جي پڇاڙيءَ واري اعراب اڪثر ڪا نه اچاربي آهي.

(4) وچولي طرف لفظ جي پڇاڙيءَ وري اعراب، اهڙي اڻلکي نموني  اچاريندا آهن، جو ڌاريجو ماڻهو ان کي اعراب نه سمجهندو آهي.

(5) سرحد (ماٿيلو- اٻاوڙو علائقو) وارا لفظ پڇاڙيءَ واري اعراب چٽيءَ طرح اچاريندا آهن.

(6) شڪارپوري لفظ جي پڇاڙيءَ واري اعراب سـُـر سان اچاريندا آهن.

معلوم ٿئي ٿو ته ڀيرو مل کي "ماٿيلي- اُٻاوڙي علائقي" جي ماڻهن سان ملڻ جو شايد ڪڏهن موقعو نه مليو هو. ان  ڳالهه جي ثابتي سندس ٻين تحريرن مان ڀليءَ ڀت ملي ٿي. سنڌيءَ ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ڀيرومل اٻاوڙي جي ٻوليءَ تي اڌورو، اڻپورو ۽ اڻ چٽو تبصرو ڪيو آهي. ڀانئجي ٿو ته هن ڪنهن اهڙي راويءَ جي حافظي تي اعتبار ڪيو آهي، جو نه ته اٻاوڙي جو رهاڪو معلوم ٿو ٿئي، ۽ نه وري ٻڌل ڳالهين کي اصلي صورت ۾ ذهن ۾ محفوظ ڪرڻ جي صلاحيت ٿو رکي. اٻاوڙي جي ٻوليءَ متعلق ڀيرون مل جي ڪيل تحقيق تي اڳتي هلي تبصرو ڪبو، في الحال ايترو  يقين سان چئي سگهبو ته ڀيرو مل جو اهو چوڻ ڪنهن به صورت ۾ درست نه آهي ته سرحد وارا لفظ جي پڇاڙيءَ واري اعراب کي وڌيڪ چٽو ڪري اچاريندا آهن.

جملي جي آخري حرف جي اعراب: "ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾ لفظ جو پويون اکر هميشه ساڪن هوندو آهي، اهڙا چند اکر آهن، جن تي انتهائي اڻ لکي اعراب جو گمان ٿئي ٿو، نه ته عام طور تي سڀ لفظ ساڪن الاخر آهن. اتراڌي محاوري وارا کـَـٽَ کي کـَـٽ، ڇـِـتِ کي ڇـِـت، لَٺِ کي لٺ، پـُـٽُ کي پـُـٽ ۽ پيرُ کي پير ڪري اچاريندا آهن، ۽ مذڪر اسمن جي واحد توڙي جمع لاءِ ساڪن الاخر وارو هڪڙو ئي لفظ استعمال ڪندا آهن، ۽ جيڪڏهن رائج تحريري محاوري جي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ نون غنو هوندو آهي ته اتر سنڌ وارا ان کان اڳئين حرف صحيح يا وينجن کي ساڪن ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ نون غنو ازخود حذف ٿيو وڃي. هڪ ڳالهه ڌيان لهڻو ته نون غني جو اچار، جڏهن ڪنهن لفظ جي آخر ۾ ايندو ته ان کان اڳ وارو اکر يا ته حرف علت هوندو آهي يا وري هه" يا "عه" جو (همزو) هوندو آهي. اهڙي حالت ۾ آخري حرف تي زبر، زير يا پيش جو اڻ لکو اچار شامل ڪيو ويندو آهي. تڏهن آخري حرف تي زبر، يا پيش جو اڻ لکو اچار شامل ڪيو ويندو آهي. وڌيڪ وضاحت لاءِ نون غني پڇاڙي رکندڙ اهڙن لفظن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا، جن ۾ نون غني کان اڳ ۾هه ۽ عه جو اچار آهي.

معياري محاورو                  اتراڌي محاورو

ڏِينهـُـن، ڏِينهَن                               ڏِينهه

شـِـينهـُـنَ، شينهَن                            شِينهه

مينهن، مينهيـُـون                            مينههِ، مَـينهُون

جَنهـِـنَ، تنهن، ڪَنهن                        جَنهه، تَنهه، ڪَنهه

"ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾، جڏهن ڏِينهه ۽ شينهه اچارجي ٿو، تڏهن آخري "هه" مڪمل طور تي ساڪن نه هوندو آهي، بلڪه منجهس "اَ" جڪو اچار انتهائي اڻ لکي نموني سمايل هوندو آهي. هتي هڪ ٻيو نـُـڪتو به توجه طلب آهي ته معياري محاوري  ڏِينهـُـن ۽ شـِـينهـُـن جو عدد واحد آهي ۽ ڏينهن ۽ شينهن جو عدد  جمع آهي، پر اُتر سنڌ وارا واحد توڙي جمع لاءِ ساڳيو لفظ (ڏِينهه ۽ شـِـينههَ) ڪم آڻيندا آهن، واحد ۽ جمع جي سڃاڻ وڃي فعل  جي صورت مان معلوم ٿيندي آهي. انهيءَ قبيلي جا ٻيا به ڪيترائي لفظ آهن، جهڙوڪ نـينهـُـن، مينهـُـن وغيره. ساڳيءَ طرح معياري محاوري ۾ مينهن واحد ۽ اُن جو جمع مينهيون آهي، پر اُتر سنڌ وارا مينهن کي مينهـُـون ڪري اچاريندا آهن. اصولي طور تي اتراڌي محاوري ۾ "مينهه" لفظ جي "هه" ۾ "اِ" (زير) جو نهايت اڻلکو اچار سمايل هئڻ کپي پر هتي "هه" تي زبر جو اڻلکو اچار رائج آهي، البته جَنهه (جَنهـِـن)، تَنههَ (تنِن) ۽ ڪـَـنهه (ڪَنهِن) ۾ "اِ" جو اڻلکو اچار سمايل آهي. جڏهن، تڏهن ۽ ڪڏهن ۾ به نون غني جي اڳيان حرف صحيح "هه" متحرڪ اچي ٿو، پر اهي لفظ اتراڌي محاوري ۾ مٿي ڄاڻايل قاعدي موجب نٿا جڙن، ڇو ته اهي لفظ اتر سنڌ ۾ جـَـڏين، تڏِين ۽ ڪـَـڏين ٿي استعمال ٿين ٿا.

معياري ٻوليءَ جي لفظن جي آخر وارا اهڙا نون غـُـنا، جن جي اڳيان متحرڪ "عه" (همزو) هوندو آهي، تن جو نون غنو اتراڌي محاوري ۾ حذف نه ٿيندو آهي، اتي رڳو همزي جي اعراب کي حرف علت ۾ بدلائبو آهي، مثلاً: جيئن، تيئن، هيئن ۽ ڪيئن وغيره کي اتراڌي محاوري ۾ جِينئين، تِينئين، هِيئين ۽ ڪِينئن وغيره ڪري اچاريندا آهن.

مٿي ڄاڻايل ڳالهين جي بنياد تي هيئن چئي سگهبو ته اتراڌي سنڌيءَ ۾، لفظن جي آخر ۾ اعرابن جو استعمال نه هئڻ جهڙو آهي، ۽ انهيءَ ڪري ئي اتراڌي محاوري ۾ "صوتي مجمعا" يا "لاڳيتا ساڪن" عام جام استعمال ٿين ٿا.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي ۾ صوتي مجمعا

سنڌي زبان جي رائج تحريري محاوري ۾ صوتي مَجمَـعَنِ  (Consonantal clusters) کي نهايت گهٽ اهميت ڏني ويئي آهي، ايتري قدر جو انهن کي صحيح نموني اچارڻ لاءِ اسان جي رسم الخط ۾ ڪي تحريري علامتون موجود نه آهن، جن جي آڌار تي اسان صوتي مجمعن کي درست هجي سان پڙهي سگهون. سنڌي رسم الخط ۾ اعرابن  جو نظام ساڳيو عربي فارسي زبانن وارو آهي، پر جيئن ته عربي فارسي ۾ صوتي مـَـجمـَـعـَـا لفظ جي ابتدا ۽ وچ ۾ نٿا اچن ۽ فقط آخر ۾ ٿين ٿا، تنهنڪري زيرين زبرن جي انهيءَ نظام ۾ ابتدائي ۽ درمياني "صوتي مجمعن" جي نشاندهيءَ لاءِ اسان جي حرڪات ۽ سڪنات جي دائري ۾ ڪا گنجائش ئي نه آهي. ان جي ڀيٽ ۾ هندي ۽ سنسڪرت زبانن ۾ ابتدائي ۽ درمياني "صوتي مجمعا" ته آهن، پر انهن جي "هـِـجي" وارو نظام اسان وٽ رائج نه آهي. بس ائين کڻي چئجي ته اسان جي رسم الخط ۾ "صوتي مجمعن" جي صحيح ادائگيءَ لاءِ زيرين زبرن جو موجوده نظام ناڪافي آهي. تحريري صورت ۾، جن لفظن ۾ "صوتي مجمعا" (Consonantal clusters) موجود آهن، تن کي اهلِ زبان ته سماعي تجربن جي بناءَ تي پڙهي سگهن ٿا، پر غير زبان وارن لاءِ زيرين زبرن جي غير موجودگيءَ ۾، اهڙن لفظن کي درست طريقي سان پڙهڻ انتهائي مشڪل آهي.

لسانيات جي ماهرن جي اڪثريت هن خيال جي آهي ته سنڌي زبان ۾ (رائج تحريري محاورو) صوتي مـَـجمـَـعا ابتدا ۽ درميان ۾ ته گهڻو اچن ٿا، پر لفظن جي آخر ۾ تمام گهٽ آهن. سندن چوڻ آهي ته اهو رڳو هن ڪري نيو آهي، جو سنڌي "متحرڪ الاخر" زبان آهي، يعني سنڌي زبان جي لفظن جو آخري آواز ساڪن بدران متحرڪ ٿئي ٿو. هڪ ڳالهه ڌيان لهڻو ته سنڌي ٻوليءَ جو اتراڌي محاورو متحرڪ الاخر زبانن جي زمري ۾ نٿو اچي. اهڙو بحث گذريل صفحن ۾ ٿي چڪو آهي ۽ اهو ئي هڪڙو سبب آهي، جو اتراڌي محاوري ۾ صوتي مجمعا رائج تحريري محاوري جي مقابلي ۾ گهڻو  وڌيڪ آهن. "ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي" جي ٻوليءَ ۾ انهن جو عدد هيڪاري زياده آهي.

لڇمڻ داس مولچند پنهنجي تصنيف "سنڌي فونولاجي" ۾ "صوتي مجمعن" جا مثال ڏيندي، هيٺ ڄاڻايل لفظن جي فهرست ڏني آهي:

"پيار، ڏياري، ڌيان، جياپو، نيارو، خيال ويو."

مٿي ڄاڻايل لفظن ۾ صرف ابتدا وارا "صوتي مجمعا" ڪم آيل آهن، پر درمياني ۽ آخري "صـَـوتي مـَـجـمـَـعـَـن" وارن لفظن کي بحث هيٺ نه آندو ويو آهي. ان کانسواءِ لائق مصنف جيڪي لفظ ڪم آندا آهن، تن جو ٻيو رُڪن "ي" آهي ۽ "ي" کان اڳئين اکر تي "زبر" آهي. هڪ لفظ "ويو" کان سواءِ باقي سڀني لفظن ۾ ٻئي نمبر رڪن "ي" جي پٺيان الف (حرف علت) آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪيترا عالم اهڙن لفظن کي "صوتي مـَـجمـَـعن" جو حامل سمجهن ئي نٿا. سندن خيال ۾ انهيءَ "ي" کي يائي مخلوطي ڪوٺجي ته بهتر. مثال طور "اردو سندهي کي لساني روابط" جو مصنف، محترم شرف الدين اصلاحي لکي ٿو ته:

"هماري خيال مين يه مثالين يائي مخلوطي کي هين- ان مثالون مين "ي" کو مستقل حرف مان کر اس کو رکن خوشه (Consonantal clusters) قرار دينا صحيح نهين.[2]

اها غلط فهمي رڳو هڪ قسم جي مثالن پيش ڪرڻ سبب پيدا ٿي آهي. "ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي" جي ٻوليءَ جي تفصيلي مطالعي بعد ڪي نوان نتيجا پڌرا ٿيا آهن، جن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪافي لفظ آهن، جن ۾ "يائي" ۽ "همزو" کي آڌار بنائي، ۽ هڪڙن اکرن جو آواز ٻين اکرن تائين پهچائي، اسان گهربل تلفظ حاصل ڪري سگهون ٿا. اڳ جيئن ته سموري ٻوليءَ ۾ رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جيترن لفطن ۾ "صوتي مجمعن" جو وجود معلوم ٿيل هو، تنهن ڪري لسانيات جي ماهرن هن مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ گهڻي  مٿاڪٽ جي ضرورت محسوس نه پئي ڪئي آهي. پر هينئر جيئن ته تمام گهڻن لفظن جي باري ۾ سوچڻو آهي، تنهن ڪري ڪن بنيادي نڪتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

پهريائين محترم لڇمڻ داس مولچند جي پيش ڪيل لفظن مان هڪ لفظ "پيار" جو سيٽ بحث هيٺ آڻجي ٿو:

پهرين صورت                       ٻي صورت

پِيَـارُ*                                             پِيارُ

پهرين صورت ۾ "پِيَارُ" لفظ ۾ "پِ" جدا آواز ۽ "يـَا" جدا آواز آهي، يعني پِ + يَا + رُ آهي.

ٻي صورت ۾، "پ" آواز سان "يـَـا" آواز اهڙيءَ طرح ملائي اچارڻو آهي، جو ٻنهي آوازن کي هر حالت ۾ هڪ آواز بنائڻو آهي. يعني "پ" جي زير جو اثر "ي" تائين به پهچي ٿو، ۽ ان کانپوءِ "آ" جو آواز ساڻس ڳنڍي وڃي ٿو. نتيجي طور "پـِـيـَـا" ۽ "پـِـيـَـا" جي اچارن ۾ هڪ چٽو فرق ظاهر ٿي پوي ٿو.

هينئر سوال ٿو پيدا ٿئي ته لکڻ وقت اعرابن جي ڪهڙي صورت قائم ڪجي، جيئن "پيار" لفظ جي پهرين ۽ ٻي صورت ۾ پڙهندڙ تميز ڪري سگهي. منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته "پيار" جي ٻي صورت کي هن طرح لکجي:    پـِـيـَـارُ

يعني "پ" کي زير ڏجي، ۽ "ي" کي "پ" سان ملائڻ لاءِ، مٿس جزم ڏجي. ان کان پوءِ "ي" جي پنهنجي اعراب "زبر"+ الف (حرف علت) ملائجي. جيستائين لسانيات جا ماهر هن باري ۾ ڪا متفقه راءِ قائم ڪن، تيتر مجبورن هن ڪتاب ۾ زيرين زبرن جو مٿي ڄاڻايل طريقو اختيار ڪرڻو پوندو. ايئن محترم لڇمڻ داس مولچند جا پيش ڪيل لفظ هيٺين ريت لکي سگهبا:

"پـِـيـَـارُ- ڏِيـَـاري- ڌِيـَـانُ- جـِـيـَـاپو- نـِـيـَـارو- خـِـيـَـالُ- وِيو."*

"ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻولي، توڙي سموري اتراڌي محاوري ۾، نه رڳو وِيو استعمال ٿئي ٿو، پر وِيـَـا، پـِـيـَـا، ٻـِـيـَـا، ٿـِـيـَـا، پـَـڙِهيا، چَـڙهيَيا ۽ وِيـُـوَن، ٿـِـيـُـون، پـِـيـُوَن، اَکـِـيـُـون، ٻَکـُيونَ، اَکـِـيـُـنَ، پَکـِـين، وِيـُـن وغيره به تمام گهڻو استعمال ٿين ٿا. هتي مثال خاطر حضرت علي گوهر شاهه "اصغر" (اتر سنڌ جي نمائنده شاعر) جي ڪلام مان ڪي سٽون پيش ڪجن ٿيون:

1. مربا ماکيون مصريون مٺايون، زهر ڪيا تنهنجي ذوق (سرڪلياڻ)

(مَاکـِـيـُـون- مـِـصرِيـُـون)

هتي جيڪڏهن "ماکـِـيون" ۽ "مـِـصـِـرِيـُـون" ڪري اچاربو ته ڪلام ناموزون ٿي پوندو ۽ قافي سـُـر مان نڪري ويندي.

2. وينديس وينديس هڏ نه رهنديس ميان لا-

ڊوهيون ڏيو ڇا ڊپ ڙي (سر ڪوهياري)

(وينديس- رهنديس- ڊوهيون- ڏيو)

هن هڪڙي مصري ۾ چار پيرا "يائي تابع" ڪم آيل آهي. هاڻي جيڪڏهن "يائي تابع" کي مستقل حرف ڪري پڙهبو ته پوءِ اهڙي شعر کي نه نظم چئي سگهبو نه نثر.

3. ڪڍ تون ڪاهج ڪيچ ڌڻين جي الا

        ڪج ڙي ڪا نه ڪا ڪٿ (سر ڪوهياري)

جيڪڏهن "ڌَڻين" کي "ڌڻين" ڪري پڙهبو ته راڳ جا پارکو پڙهڻ واري کي بي سـُرو، بي گـُـرو ۽ جاهل مطلق سمجهندا.

4. دل درد کون ديوان ٿي، اکڙيون جو آريءَ سان اڙيون (سرپهاڙي)

(اکڙِيون- اَڙِيـُـون)

5. چـَـري جي ٿيڙيس، وَسـَـئون جي وِيڙيس- جوش وِڌِيس تنهنجي جار.

اصغر سائينءَ جي هن قافيءَ جي ٿلهه کي جيڪڏهن صوتي مجمعا يا لاڳيتا ساڪن ڪم آڻڻ کان سواءِ پڙهبو ته ڪلام انتهائي غير فصيح ۽ ناموزون ٿي پوندو. جا ڳالهه اصغر جهڙي حد درجي فصيح شاعر سان نهايت ناانصافي ليکبي. جيڪڏهن ٿيڙيس بدران ٿـِـيڙِيـَـس،وِيڙيس بدران وِيڙيس ۽ وِڌيس بدران وِڌِيس پڙهبو ته سچ پچ زبان ۾ ڳڍرڙيون پئجي وينديون.

ساڳيءَ طرح "ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ڪڇ ڪنار جي هڪ شاعره مرحومه فاطمه موچياڻيءَ (بتخلص لعل) جي عام مقبول قافي آهي ته:

"منهنجي يار وڃي دل لـُـٽيون لـُـٽيون، ڪنهن نيڻن واري ناز سان."

ان جي قافين کي تحريري صورت ۾ آڻڻ لاءِ، زيرين زبرن جي نئين نظام اختيار ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ڇو ته "لـُٽِـيون لـُـٽيون" کي جيڪڏهن لـُـٽيون لٽيون ڪري پڙهبو ته سڄو سـُـر تال بگڙي ويندو. وڌيڪ وضاحت لاءِ هن قافيءَ جي هڪ مصرع تي ڌيان ڏجي:

جيئين سي ڄار کي ڳنڍيون ڏنائون،

ڇوڙيان سي نه ڇٽيون ڇٽيون.

ڄڻ "محمود" ٻڌيون هـُـون "اياز" سان

هن هڪ ئي مصرع ۾ چار لفظ اهڙي قسم جا آهن، جن کي مـُـروج زيرين زبرن ڏيڻ سان درست نموني اچاري نه سگهبو. ڳنڍيـُـون بدران ڳنڍيوُن، ڇوڙِيان بدران ڇوڙِيان، ڇـُـٽيون بدران ڇٽيون ۽ ٻڌيون بدران ٻـَـڌيـُـون ڪري اچاربو ته قافي تار مڪان مان نڪري ويندي.

"ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي جي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ صوتي مجمعن وارا ڪي لفظ هتي نموني طور پيش ڪجن ٿا:

کاڌَيم = مون کاڌي                       ويم= ان وَيـُـسِ

لاٿـِـيم= مون لاٿي                 وِيم= مون کان ويئي

چـُـٽيم= مون چـُـٽي                        وِيم= مون وٽان ويو آهي

چـُـٽيمُ = مون چـُـٽيو               ٿـِـيمُ = مان ٿـِـيـُـسِ

جهـُـڳيم= مون جهڳي            ٿيم= مون سان ٿيا.

ڏيانس= کيس ڏيان                ٿيم= مون سان ٿيو آهي.

پيس= پيو اٿس                   وِيس= ويو اٿس

ڪينسي= اسان ڪيا آهن بـَـڻيين= بڻيو آهي

پـَـرِيوُن= هـُـن طرف جون    اُورِيوُن= هن طرف جون

سـَـهوليت= سهولت                        ڏيواريو= ڏياريو.

ڊوِڙيو، ٺـَـريو، کـَـريو، يڀريو، بڻيو، وڻييو پرڻيو، ٿيل، سياڻو، نياپو وغيره.

"ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ صوتي مجمعن وارو هڪ جملو: (ملڪن جي ٻولي)

(1) ٻـُـوٽيان ئي گهڻيان نـِـڪر دِيـَـان هـَـان = جڙي ٻـُـوٽيون به گهڻيون نڪرنديون هيون.

"ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي" جي ٻولي ۾ نه رڳو "ي" پهرئين اکر جو تابع ٿئي ٿو، پر "همزو" ساڳيءَ طرح اڳئين اکر جي حرڪت کان متاثر ٿئي ٿو. وضاحت لاءِ صوتي مجمعن جي حامل لفطن ۾ همزي جي اچار تي غور ڪرڻ کپي.

پـِـيِئن= پيا آهن                           چَـَئِين= چيائين

کـَـڻئي= کڻيئي                            مارِيئَين= ماريائين

کـَـنئون= کنيو                              مـُـڪايئين=پورو ڪيائين

کـِـڏئڻا= کيڏائڻا                           ڪيئين= ڪيائين

گهڻئين ڳالهئين= گهڻي                 آثم=آيو آهيان، مون ڳالهين ۾ وٽ آيو آهي.

نِڀِئِيئيسي= اسان اچي                     پَڙهَئِيندو= پڙهائيندو

پوري ڪئي آهي                          پَئِين= پيو آهين

نـَـچئيندي= نچائيندو آهي                پـُـڇـئون= پـُـڇيائون

ڳِلهِئيندو= ڳالهائيندو                     چوندئون= چوندا آهيون

گلهئيندئون= ڳالهائيندو آهيون            رکيئي= رکيو اٿيئي، تو لاءِ رکيو آهي.

سوچيندئون= سوچيندا                     وِيَئِن= ويا آهن.

 آهيون                                             کـَـٽئي- هارتئي= هار- جيت

هتي "ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻوليءَ جا ڪي جملا پيش ڪجن ٿا، جي رائج تحريري محاوري ۾ رکڻ انتهائي مشڪل آهي:

(1) هي ويندا پيئني چور= چور اجهو هي وڃن ٿا پيا.

(2) وٺندي ڪراهين وِڌَئوُن جيل ۾= وٺي جيل ۾ وڌائون.

(3) ڄـُـلدُئين هـُـن ڪنڊ تي جا نه؟ = هـُـن ڪنڊ ڏانهن هلين ٿو يا نه؟

(4) وٺي ڏِيندَئـِـن گهوڙي کي مـُـٺ = وٺي گهوڙي کي تکو هڪليائون.

(5) استاد ويٺِيِئي سـَـڀن جو= سڀني جو استاد ويٺو اٿيئي.

اسان جي تعليمي ماهرن خواه لسانيات جي عالمن کي اعرابن جي موجوده نظام ۾، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه سوچڻو پوندو.

ماٿيلي- اٻاوڙي محاوري جي نحوي ترتيب

"ماٿيلي- اٻاوڙي" علائقي جي ٻوليءَ جي نحوي ترتيب، جيتونيڪ رائج تحريري محاوري جي نحوي ترتيب کان مختلف نه آهي، ته به انهيءَ محاوري وارا صرف ونحو جي قاعدن قانونن جي پابندي پاڻ تي لازم نٿا سمجهن.

دراصل سنڌي ٻوليءَ کي به ٻين سڌريل ٻولين وانگر لفظن جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ جو هڪ باقاعده نظام آهي، جنهن ۾ فعل جي نحوي حيثيت کي هڪ مسلمه مقام آهي. فعل جيئن ته جملي جي بناوت ۽ معنيٰ جي پورائيءَ لاءِ هوندو آهي، تنهنڪري عام طرح جملي جي آخر ۾ ايندو آهي پر گفتگو کي اثرائتي ۽ بي تڪلف بنائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ اصول جي ڀڃڪڙي به ڪئي ويندي آهي. مثلاً: معياري ٻوليءَ جي هيٺين جملن ۾ فعل پنهنجي مقرر جاءِ تي بيٺل نه آهي، پر معنيٰ جي لحاظ کان اهي جملا، باقاعده جملن کان وڌيڪ اثرائتا لڳن ٿا:

1. اسان ته آهيون ئي خدمتگارن ۾ شمار.

2. آيو ته سوير هو، پر ڪم ٽڪي جو به نه ڪيائين.

3 هيڏا ٺڪاءَ پيا ٿين، اندر ويندو ڪير!

نه رڳو فعل، پر ٻوليءَ جي ٻين لفظن کي به پنهنجي مقرر مقام تي رکڻو پوي ٿو: صفت، موصوف کان اڳ ۾ آڻبي ۽ ظرف، فعل کان اڳ ۾ رکبو، اهڙيءَ طرح فاعل، جملي جي ابتدا ۾ ايندو ته مفعول، فاعل ۽ فعل جي وچ ۾ هوندو. آهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي قاعدا آهن،جن تي ٻوليءَ ڳالهائيندڙن کي عمل ڪرڻو آهي پر جيڪڏهن معنيٰ ۽ مفهوم ۾ نقص جو انديشو نه آهي، ۽ جملي ۾ پاڻ وڌيڪ دلڪشي ۽ حسن پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ اهڙين پابندين تي ڌيان نه ڏيڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ هونئن به قاعدن قانونن کي خيال ۾ رکي ڪونه ڳالهائيندا آهن. ويتر "ماٿيلي- اٻاوڙي" جي علائقي وارا، ٻوليءَ جي سلسلي ۾، پنهنجي لا اُبالي طبع کان مجبور آهن. گفتگو ۾ اهڙي قسم جي بي ساختگي وٽن عيب نه پر هنر ليکجي ٿي. قصن ڪهاڻين ٻڌائيندي يا حال احوال ڏيندي، هو جڏهن ترنگ ۾ اچن ٿا، تڏهن ويهي کين ٻـُـڌجي. ائين پيو ڀانئبو ته هنن وٽ ڪا نياري ۽ نرالي نحوي ترتيب آهي. هتي نموني طور "ماٿيلي- اٻاوڙي" علائقي ۾ رهندڙ مختلف ذاتين سان واسطو رکندڙ ماڻهن جا ڳالهايل ڪي جملا پيش ڪجن ٿا، جن مان اندازو لڳائي سگهبو ته هتان جا رهواسي نحوي ترتيب جي بندشن کان ڪيتري قدر آزاد آهن.

اٻاوڙي تعلقي جي             رائج تحريري ٻولي

ملڪن جي ٻولي

جاڳ وري ٿي ويندي ئي سئندو کي.

هي ويندا پِيئَني چور.

چوندي ائين.  

عثمان وِچون بيمار هو ڇا ڏاڍو؟

گدڙ ٻاهـَـرون ڦـِـرِس کـَـڙو.

استاد ويٺئي سڀن جو.

ڏيندن وٺندن پاڻ ۾.

مان ٻـُـڌو ئي ڪونهي ڪـَـڏين

دٻو وَهندي ڀڳل.

هاڻي وري ويندو ڪير بندوق ۾!

 

جاڳ وري سئيندو(سائينداد) کي ٿي وڃي ٿي. ٿي ويئي)

چور اجهو هي پيا وڃن.

هيئن چوي ٿو.

ڇا عثمان، وچ واري عرصي ۾ ڏاڍو بيمار هو؟

گدڙ ٻاهران بيٺو ڦريس.

سڀني جو استاد ويٺو اٿيئي.

پاڻ ۾ ڏين وٺن ٿا.

مون ڪڏهن ٻڌو به نه آهي.

ڀڳل بس هلي ٿي.

هينئر وري بندوقن آڏو ڪير ويندو!

 

اٻاوڙي تعلقي جي             رائج تحريري ٻولي

  گهنين جي ٻولي       

ٿڏون ڪندائي سي ڪو نه.

راڻِي سـَـٽيندِي اي کڻي.       

ڊُڪي پوندئن اُن جي ڪـَـڍَ.

اندر لنگهي اچو ڀانئين.

هـن جو ڄاٽو ويو هو مـَـري.

وِڌو هـُـئي زندان ۾.

وَندي ڪراهين وِڌئون جيل ۾.    

چڙهندائن اُڏانهين،    

وٺي ڏيندائن گهوڙي کي مـُـٺ.

ڄـُـلدوئين هـُـن ڪـُـنڊ تي جا نه؟

پَسيهه پَـسيهه پاڻي جا ٽـِـمدا پيائِن.

شروع کان ئي نه ڪنداسين.

راڻي کڻي اڇلي ٿي.

ان جي پٺيان ڊوڙن ٿا.

ڀانءِ ته اندر لنگهي اچو؟

هن جو ناٺي مري ويو هو،

(اجايو) جنجل ۾ وڌو هـُـيئه.

هن کي وٺي ڪري جيل ۾ وڌائون.

اوڏانهن چڙهن ٿا.(روانا ٿين ٿا)

وٺي گهڙي کي تکو ڊوڙائن ٿا.

هـُـنَ ڪنڊ ڏانهن هلين ٿو يا نه؟

پاڻيءَ جا قطرا قطرا ٽمن ٿا.

اٻاوڙي تعلقي جي         رائج تحريري ٻولي

"شرن" جي ٻولي

مان ويٺو هـُـم بنگلي تي، اُتي آيو جادو

گهرون وِيم ڏهرڪي.

هن کي بک لڳي ڏاڍي.       

هي روانو ٿي پيو اڳنان.

راڳ ڪندو آ پي.

هرڻي کي چيئين ته تون  موٽندين ڪوڙڪي جي مٿؤن؟

مارئي کي ڏجا هو وَڃي       

ڦقير پي ٺاهيندو آ واڙ.       

اُهي ڪاٿيون وڃن مال.

پـُـٽ آ مِنهنجو

تون رڙهين پَنَهنجي گهر

ڇوٿي کڻئي زوالي

ٻـُـڏي نه وڃن ويچارا

آءٌ بنگلي ۾ ويٺو هوس ته اُتي جادو آيو.

گهران ڏهرڪي ويس.

هن کي ڏاڍي بک لڳي.

هيءُ اڳتي روانو ٿي پيو.

راڳ ڪري ٿو پيو.

هرڻي کي چيائين ته تون ڪوڙڪيءَ جي مٿان موٽندين؟

مارئيءَ کي وڃي ڏجو.

فقير واڙ ٺاهي ٿو پيو.

اُهي مال ڪاهيو وڃن.

هيءُ مـُـنهنجو پـُـٽُ آهي.

تون پنهنجي گهر هُئين.

زوالي ڇو ٿي کڻيئي.

ويچارا ٻـُـڏي نه وڃن.

مهرن جي ٻولي                  رائج تحريري ٻولي

هي موٽي آيو پاهُون.

اڳيان اچي ويٺي تَهجي

هَـٿ تهجا ڪين رِهن ٿا ڇا؟

قصو ڪو جاد ڪر.

اَنَ ويوسان ميرپور.

هي ڳالهه ٿا چون پيا.

بلاڪ وجهراوڻا آهن نقشي ۾.

کَنئون ايندا مان ڏي.

کير ڪڙهيو کڻي اچان جان ڪچو.

پـِـنڊين ڏُکدين هن ڏاڍين.

هيءُ پٺتي موٽي آيو.

تنهنجي اڳيان اچي ويٺي.

تنهنجا هٿ نٿا رهن ڇا؟

ڪو قصو ياد ڪر.

آءُ ميرپور ويس.

هيءَ ڳالهه چون ٿا پيا.

نقشي ۾ بلاڪ  ليڪائڻا آهن.

مون ڏانهن کنيو ايندا

ڪڙهيل کير کڻي اچان يا ڪچو.

پنين ۾ ڏاڍو درد آهي.

اٻاوڙي تعلقي جي        رائج تحريري ٻولي

ڪاڃڻن جي ٻولي

هـِـتون جا هَني ٻه مزور.

اڃا ٽي چار نوڙيان پن(پيون آهن) اُڊوڙ رِيان.

ملڪن جي ٻولي اَون اسان جي ٻولي وِچڙديان ڪونهن پاڻ ۾،

پُٽ هُس ڪاريدار

هاڻي آهن مـڙئي ٻال کڏائڻا.

تڪليف ڏاڍي نڀائيئيسي

ڇڏون هاڻي اِنهي ڳالهه کي.

چي ڳڌو ڪونهي مان (ڪونهم).

ماکي ڏِسي وياها ڇوڪر تهُجا

اچان هائي جي نياپو ملي هُندِي.

 

ٻه مزور هتان جا هـُـين.

اڃان ٽي چار نوڙيون اکيلڻيون آهن.

ملڪن جي ٻولي ۽  اسان جي ٻولي پاڻ ۾ ڪين ٿيون ملن.

ڪارائتو پٽ هوس.

هينئرمڙيوئي ٻار کيڏائڻا آهن.

اسان ڏاڍي تڪليف ڪاٽي آهي.

هاڻي انهيءَ ڳالهه کي ڇڏيون.

چئي، مون ڪو نه ورتو آهي.

تنهنجا ڇوڪرا مون کي ڏسي ويا هئا.

نياپو ملي ها ته اچان ها.

 

"کنڀڙن" جي ٻولي                  رائج تحريري ٻولي

جاسوس ڇوڙياسي انهن ۾ ته بابا ڪُلا هجي توهان کي.

 

ڪماند ڇوڙي ڏيون راهڻ، پو اڳتي لَوين سَـيوين.

اڄ تڪ نظرن ۾ اسان ئون.

 

هڪ ڪُٺياسي، باقي اچي بچيون پنج.

وِري جو انهن کي اسان تاتـُـو

ڏنوسي ته چوري مني کڙا.

ڪوشش ڪئي وڃجي، پوکٽائي ڀاڳ.

اسان جي جان الله واسطي ڇوڙو.

اهي ٻڪريون ويون ڪاڏي؟

لوڪ کِلدَئن، جي نهيسسي ويندا.

ٽـُـٽا ته هُــون، انهيءَ ڳالهين کون.

انهن ڏانهن جاسوس روانا ڪياسون، ۽ کين چيوسون ته بابا اوهان کي به وَوڙ (ڪُـلؤ) هجي.

ڪمند پوکڻ ڇڏي ڏيون، پوءِ اڳتي وري نئين سر ڏسبو.

اسين اڄ تائين سندن نظر ۾ آهيون.

هڪ ڪـُـٺي سون، باقي پنج اچي بچيون.

اسان جو انهن کي تاؤ ڏنو ته چوري باسي بيٺا.

ڪوشش ڪجي، پوءِ ڀاڳ کٽائي.

خداجي واسطي اسان جي جان ڇڏيو.

اهي ٻڪريون ڪيڏانهن ويون؟

جي نٿا وڃون ته ماڻهو کلندا.

 

اهڙين ڳالهين کان ته هڪ ٻئي کان جدا ٿيا آهيون.

"ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻوليءَ  اسم حاليه، اسم فاعل، اسم مفعول ۽ اسم استقبال

اسم مشتق جو اهم حصو "اسم حاليه" آهي، جو جملي ۾ فاعل يا مفعول جو حال بيان ڪندو آهي ۽ اسم ٿي ڪم ايندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي رائج تحريري محاوري ۽ ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ جيڪي ڳالهيون مختلف نظر اچن ٿيون، تن ۾ "اسم حاليه" جي بناوت سرفهرست آهي ڇو ته ڪيترائي فعل سنئون سڌو اسم حاليه مان جڙن ٿا. انهيءَ ڪري فعل جي مختلف صورتن تي بحث ڪرڻ کان اڳ، اسم حاليه جي بناوت ۽ جوڙجڪ جي قاعدن جي وضاحت ضروري آهي.

اسم حاليه

رائج تحريري محاوري ۾ "اسم حاليه" جي بناوت جو مدار عام طرح ٻن ڳالهين تي سمجهيو وڃي ٿو: (1) ڪنهن مصدر جي "امر حال" (واحد) جي پوئين حرف تي "پيش" هوندو ته اهو "پيش" زبر" سان مٽائي، پٺيانئس "ندو"، "ندا"، "ندي" يا "ندِيـُـون" جو اضافو ڪبو ته اسم حاليه ٺهي پوندو، جيئن لـِـکُ مان لـِـکندو، لـکندا، لکندي ۽ لکنديون. (2) امر حال (واحد) جي پوئين اکر هيٺان "زير" هوندي ته ان جي پٺيان يندو، يندا، يندي يا ينديوُن ڳنڍڻ سان اسم حاليه ٺهي پوندو آهي، مثلاً: امر حال "مارِ" مان اسم حاليه ٿيندو ماريندو، ماريندا، ماريندي ۽ مارينديوُن.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾، جيئن ته امر حال (واحد) جو پويوناکر ساڪن ٿئي ٿو، تنهنڪري اُن ۾ اسم حاليه جوڙڻ وقت "نون غنو" حذف ڪري ڇڏبو آهي، ۽ آخري اکر تي پيش واري امر حال جي پٺيان "دو"، "دا"، "دي" يا "ديون" جو اضافو ڪبو آهي، مثلاً: لکندو بدران "لکدو"، پڙهندو بدران"پڙهدو"، گهمندو بدران "گهـُـمدو" ڦرندو بدران "ڦردو" وغيره اچاربو. اهڙي حالت ۾ "نون غني" کي اڻلکي نموني به ظاهر نه ڪبو آهي.باقي اُهي امر حال (واحد) جن جي آخري حرف هيٺان رائج تحريري محاوري ۾ زير" هوندي تن مان اسم حاليه ٺاهڻ لاءِ، "ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾ به ساڳيا اصول اختيار ڪيا ويندا آهن. البته اُتان جي هندو آبادي ماريندو کي "ماردو"، چاريندو کي "چاردو"، ڦاڙيندو کي "ڦاڙدو" ۽ چاڙهيندو وغيره کي چاڙهدو" وغيره ڪري ڳالهائيندي آهي. هونئن به سڄي سنڌي ۾ هندن جي ٻولي، مسلمانن جي ٻوليءَ کان ڪجهه مڙيوئي مختلف آهي ۽ اهڙو ذڪر ڀيرومل پڻ ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ٿر جا هندو ٿيڻ بدران چون "ٿيوڻ"، "مثلاً: ائين نه "ٿيوڻ" گهرجي يا چون ته جيڪي "ٿيوڻو" آهي سو ٿيندو. ٿيوڻو معنيٰ ٿيڻو[3].

اهڙا امر هال (واحد)، جن جو آخري حرف "همزه" آهي، تن مان جيڪي اسم حاليه ٺهن ٿا، سي "ماٿيلي- اٻاوڙي" جا هندو توڙي مسلمان ساڳئي نموني اچاريندا، يعني ٻيئي قومون "ڌَوندو" (وهنندو) ڪري ڳالهائيندا. اهو اثر شايد "سرائيڪي" ٻوليءَ جي همسائيگيءَ جو آهي، باقي لائيندو، ڀائيندو، نائيندو وغيره کي هتان جا هندو توڙي مسلمان لئيندو، پيئندو، نئيندو وغيره ڪري اچاريندا آهن.

هتي هڪ ڳالهه ويچار جوڳي آهي ته "کائيندو" کي ته ماٿيلي- اٻاوڙي جا باشندا "کوندو" چوندا، پر گهمائيندو کي گهـُـموندو نه چوندا. ان جو سبب هيءُ آهي ته جيتوڻيڪ "کائڻ" وانگر گهمائڻ مصدر جي امر حال(واحد) جو آخري حف پڻ "همزه" آهي، پر"گهـُـماءِ" امر حال "بالواسطه" آهي، تنهنڪري ماٿيلي- اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾ گهمائيندو کي "گهـُـمئيندو" ڪري اچاربو آهي، ۽ لائيندو، پائيندو، نائيندو وغيره توڙي جو بالواسطه مصدرن مان نه آهن، ته به انهن جو اچار "گهـُـمئيندو" جهڙو ٿئي ٿو.

اُهي اسم حاليه جيڪي اهرن مصدرن مان ٺهن ٿا جن جي علامتي "ڻ" کان اڳ وارو حرف "هه" آهي، تن جي "نون غني" جڪو اواز پنهنجي جاءِ بلائيندو آهي. مثلاً: ڪـُـهڻ مصدر مان جريل اسم حاليه "ڪـُـهندو" جو اچار ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ ٿيندو ڪنهدو، ساڳيءَ طرح وٽن سهندو، لـَـهندو، رَهندو وغيره جو اچار ٿيندو "سـُـنهندو"،"ٺـَـهندو" وغيره.

اُهي اسم مصدر جن جي علامتي "ڻ" کان اڳ وارو اکر "و" آهي، جهڙوڪ: چوڻ، پوڻ وڻ وغيره، تن مان ٺهندڙ اسم حاليه ۾ نون غني جو آواز غائب ته نه ٿيندو آهي پر "ماٿيلي- اٻاوڙي" علائقي وارا پنهنجي عادت موجب نون غني کان اڳئين اکر کي ساڪن ضرور ڪندا آهن. مثلاً: چـَـوَندو کي آهي چوندو ۽ پوندو کي پـَـوندو ڪري اچاريندا آهن. اُهي اسم مصدر، جن جي علامتي "ڻ" کان اڳ وارو اکر "و آهي، ۽ "و کان اڳ ۾ "نون غني" جو آواز آهي، جهڙوڪ: "ڀنوڻُ، لنوڻ وغيره، تن مان ٺهندڙ اسم حاليه جو پهريون نون غنو "ماٿيلي- اُٻاوڙي جا رهواسي حزف ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پويون نون غنو قائم رکندا آهن. انهيءَ ڪري اُهي ڀوندو کي "ڀوندو ۽ لـَـنوندو کي "لوندو ڪري اچاريندا آهن.


[1]  سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ڇاپو 2 سال 1966ع ص- 280.

[2]  اردو سندهي کي لساني روابط طبع اول، سال 1987ع، صفح 193 (حاشيه)

*  ڪنهن به اکر پٺيان، الف (حرف علت) آڻڻ سان، ان کي اکر تي زبر ڏيڻي پوي ٿي. موجوده ابتدائي درسي ڪتابهن ۾ هجي جي سهولت خاطر، اها زير حذف ڪئي ويئي آهي.

*  سنڌي ٻوليءَ جي معياري محاوري ۾ وِيو ۽ نيِو، ٻه لفظ آهن، جن ۾ ٻٽا يا لاڳيتا ساڪن قبول ڪيا ويا آهن. پر ماٿيلي اٻاوڙي جي ٻوليءَ خواه سموري اتراڌي محاوري ۾ انهيءَ قبيلي جا ڪيترائي فعل (زمان ماضي مطلق) مروج آهن، مثلاً: ڪيِو- پِيو- لِکيو- پڙهيو- چُرِيو- جُڙِيو- سَڙِيو- اڙيو وَغيره.

[3] سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڇاپو ٻيو، صفحو 115)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com