سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :6

زمان حال جون مجهولي صورتون

رائج تحريري محاوري موجب زمان حال ۾ حال ۾ فعل مجهول جون ٻه صورتون استعمال هيٺ آهن. جيڪڏهن سڏڻ مصدر جو فعل استعمال ڪبو ته پهرين صورت ٿيندي سڏجي ٿو، ۽ ٻي صورت ٿيندي سڏبو آهي، ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾، پهرين صورت مطلق مطلق استعمال نه ٿيندي آهي، ۽ رڳو پوئين صورت ڪم آڻبي آهي. مثال طور ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ ائين ڪين چئبو ته توڏانهن جيڪي ڪي لکجي ٿو، سو پڙهين به نٿو. ان بدران چئبو ته توڏي جيڪو ڪجهه لکبو آ، اُهو پَڙهدوئي ناهِين.

ساڳيءَ طرح جيڪڏهن زمان حال ۾، ڪنهن ڪم جي ٿيڻ کي لازمي قرار ڏبو آهي ته رائج تحريري محاوري ۾ اسم استقبال جي پٺيان ٿيڻ، پوڻ يا هئڻ مصدر جو زمان حال يا زمان حال مدامي آڻبو آهي. مثلا لکڻو آهي، لکڻو پوي ٿو، لکڻو پوندو آهي، لکڻو هوندو آهي وغيره. پر اهڙي موقعي تي به ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي وارا لکڻو پوي ٿو بدران لکڻو پوندو آ استعمال ڪندا آهن، يعني اسم استقبال جي پٺيان زمان حال بدران زمان حال مدامي ڳنڍيندا آهن.

هتي هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته جيڪڏهن اسم استقبال جي پٺيان پوڻ يا هئڻ مصدر جو زمان ماضي يا زمان ماضي مدامي آڻي، زمان ماضي التزامي ٺاهبو آهي (مثلاً: لکڻو هو، لکڻو پوندو هو وغيره) ته پوءِ ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ ان جو گردان هيٺينءَ ريت ٿيندو:

     فاعلي حالت:       (مذڪر)

متڪلم:           وڃڻو هُم (وڃڻُ هُيُس)

 وڃڻا هاسي (وڃڻا هياسين

حاضر:                     وڃڻو هين (وڃڻو هُئين)

وڃڻا هاوي (وڃڻا هُيئو)

غائب:              وڃڻو هو- وڃڻو هُس (وڃڻو هو- وڃڻو هوس)

وڃڻا ها- وڃڻو هُن (وڃڻا هئا- وڃڻو هون)

(مونث)

متڪلم:           وڃڻي هَم (وڃڻي هُيس)

وڃڻيون هَسي (وڃڻيون هيونسون- هيونسيِن)

حاضر:                     وڃڻي هين (وڃڻي هُئِينءَ)

وڃڻيون هَئو (وڃڻيون هُيئو)

غائب:              وڃڻي هِي- وڃڻو هُس (وڃڻي هُئِي- وڃڻو هُيُس)

وڃڻيون هُون- وڃڻو هُن (وڃڻيون هُيون- وڃڻو هُيُن)

مفعولي حالت ۾ به معاون فعل جي تقريباً فاعلي حالت واري صورت رهي ٿي.

فعل جون ٻٽيون متضل ضميري پڇاڙيون

سنڌي ٻولي، ٻولين جي ڪهڙي گروهه سان تعلق رکي ٿي، تنهن بابت عالمن ۽ لسانيات جي ماهرن اڃا تائين ڪا حتمي راءِ قائم نه ڪئي آهي. غير اهم علامتن ۽ معمولي هڪجهڙاين جي بنياد  تي هيڏي پر پيچ ۽ گوناگون ٻوليءَ کي اسان ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءَ سان سلهاڙڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون. پر تعلق جي انهيءَ ڪچڙن ڌاڳن جي سلهاڙ گهڻو وقت جَٽري (جَٽي) نه سگهندي آهي، ۽ هڪ ئي سٽ ۾ ڇڄي پوندي آهي. ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون اپڀاشائون يا محاورا پنهنجي جاءِ تي مڪمل ٻوليءَ جو درجو رکن ٿا، انهيءَ ڪري جيستائين انهن سڀني محاورن جو اونهو اڀياس نه ڪبو، تيستائين مونجهارا جنم وٺندا رهندا. ماٿيلي- اٻاوڙي واري ٻوليءَ جي گهري مطالعي مان، سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي سٽاءِ بابت ڪيترا نوان نڪتا نروار ٿي سگهن ٿا، جن جي آڌار تي صرفي توڙي نحوي قاعدن تي نظرثانيءَ جا موقعا مهيا ٿي سگهندا، ۽ اهي ڳالهيون سنڌي ٻوليءَ جي گروهي تعلق معلوم ڪرڻ ۾ به اسان جي مدد ڪري سگهن ٿيون. هتي مختصر طور تي ڪي ٽاڻا ۽ نشان پيش ڪجن ٿا، جن کي نظر ۾ رکي، اهڙي قسم جي راهه متعين ڪرڻ ممڪن ٿي پوندي. هن سلسلي ۾فعل جون ٻٽيون متصل ضميري پڇاڙيون هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، ڇو ته هند- آريائي ٻولين جو تقابلي مطالعو ڪندي لسانيات جي ماهرن جو ڌيان هميشه سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ امتيازي خصوصيت ڏانهن ڇڪجي پئي ويو آهي.

محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچن لکن ٿا ته: فعل جون ٻٽيون متعصل ضميري پڇاڙيون، جنهن مڪمل صورت ۾ سنڌيءَ ۾ رائج آهن، اُهي ٻي ڪنهن به هند- آريائي ٻوليءَ ۾ نٿيون ملن. اهي ٻٽيون متصل پڇاڙيون غالباً سِڌو سنئون عربيءَ مان، يا عربيءَ مان فارسي ذريعي سنڌيءَ ۾ رائج ٿيون. ڄاڻڻ گهرجي ته اڪيليون متصل ضميري پڇاڙيون سنسڪرت ۾ ملن ٿيون، جن جو مثال سنڌيءَ ۾ ٿيندو چَيم (مونچيو)، ماريوسون (اسان ماريو)، پر سنڌيءَ ۾ انهيءَ ترڪيب جي پويان ٻي ٻِٽي پڇاڙي پڻ رائج آهي، جئن ته چيمس يا چيومانس (مون هن کي چيو)، ماريوسونسِ (اسان هن کي ماريو).[1]

محترم شيخ واحد بخش ٻٽين ضميري پڇاڙين کي سنڌي ٻوليءَ جي امتيازي صفت ڄاڻائيندي لکن ٿا ته: بعضي فعل ۾ خود فاعل ۽ مفعول ٻنهي جو مفهوم سمايل هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽيون ضميري پڇاڙيونبه استعمال ٿينديون آهن، جا سنڌي ٻوليءَ جا هڪ امتيازي صفت آهي ۽ انهيءَ استعمال سان عبارت کي مقصر يعني ننڍو ڪري سگهجي ٿو.[2]

ٻٽين متصل ضميري پڇاڙين وسيلي عبارت کي مقصر بنائڻ جي لياقت ۽ عادت رائج تحريري محاوري جي بنسبت ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻي آهي. انهيءَ ڪري ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي مختصر ترين ٻولي ليکي سگهجي ٿي، پر ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ بحث جي طوالت کي برداشت ڪرڻو پوندو. هتي وري به اها ڳالهه ورجائجي ٿي ته رڳو ڪنهن هڪ محاوري جي صرفي نحوي بناوتن جي مطالعي جي بنياد تي ڪا راءِ قائمڪبي ته پوءِ غلطين کان بچڻ مشڪل ٿي پوندو. سنڌيءَ جي رائج تحريري محاوري تي ڀروسو ڪندي، مفروضا قائم ڪرڻ ته تهان ئي غير ذمه دارانه عمل آهي. ان جو مثال ٻٽين ضميري پڇاڙين جي سلسلي ۾، ڀيرو مل جهڙي وڏي محقق جي هڪ فروگذاشت جي نشاندهي ڪرڻ سان پيش ڪري سگهجي ٿو. ٻٽين پڇاڙين گڏڻ جي واٽ بابت اپٽار ڪندي، ڀيرومل ڏنومانس لفظ جيبناوت جا ڪي اصول بيان ڪيا آهن. سندس چوڻ آهي ته ڏنم- ڏنوم جي پٺيان يڪدم س گڏي، ڏنومس ته چئبو، پر م ۽ س پڇاڙين جي وچ ۾ اَن جو اچار ملائي چئبو ڏنومانس. [3]

ظاهر آهي ته هن صاحب ڏنم لفظ جي ٻي جڙتو يا نظم واري صورت ڏنوم ۾، هڪ اضافي اچار آن ملائي، مفعول جي معنيٰ ڏيکاريندڙ پڇاڙي س گڏڻ سان، انهيءَ لفظ جي بناوت بيان ڪئي آهي، ۽ سنئين سنڌي نموني ڏنم سان س ملائڻ کان هڪ طرح انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ ڏنم لفظ جي پهرين (ٻي صورت نظم واري آهي) ۽ اصلوڪي صورت ۾ مفعولي پڇاڙي س ملائڻ سان ڏنمس لفظ رائج آهي (جيئن جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب  جن سنئون سنڌو چيمس
 جو مثال ڪم آندو آهي) جنهن کي ڇڪي ناڻي ۽ اينگهائي رائج تحريري محاوري وارن ڏنومانس لفظ ٺاهيو آهي. لائق مصنف وٽ انهيءَ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ اچار- سهنج آهي. آڏواڻي صاحب ڏنمس کي جيڪڏهن سنڌي لفظ شمار ڪري ها ته جيڪر اهڙي اينگهه ۽ ڊيگهه کان بچي پوي ها.

هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿيندو ته ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ ٻٽين متصل ضميري پڇاڙين جي ڪارفرمائي هڪ عجيب ۽ نئين قسم جي آهي. اعرابن جي تبديليءَ سان ساڳي صورت واري لفظ جي معنيٰ ۾ حيرت انگيز تبديليون ظاهر ٿين ٿيون، ۽ لفظ جو صيغو ئي مٽجي وڃي ٿو. اختصار کي ملحوظ رکندي هتي چوڻ مصدر مانجڙيل هڪ فعل ۾ ضميري پڇاڙين جي اتصال سان پيدا ٿيندڙ مختلف معنائن جو ذڪر ڪجي ٿو.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي           رائج تحريري محاورو

چَوندُم                               (1) هُو مون کي چَوندو.

                                      (2) مان چوندس.

چَوندَم.*                              (1) اُهي مون کي چوندا.

                                      (2) اهي مون کي چونديون.

                                          (3) هُوءَ مون کي چوندي.

                                          (4) مان چونديس.

چَوندِم.                              (1) هُو مون کي چوي ٿو.

                                      (2) اُهي مون کي چون ٿا.

                                      (3) مان چوان ٿو.

مذڪوره لفظن کي جملن ۾ هيٺينءَ ريت استعمال ڪيو وڃي ٿو:

1. چَوندُم ته ڏِيندُمس = هُو مون کي چَوَندو ته مان کيس ڏيندس.

2. چَوندَم ته ويندِي مان (نون اعلانيه) = هُو مون کي چوندا ته مان وٽن وينديس.

3. چَونِدم ته لڏي وڃ = هُو مون کي چوي ٿو ته لڏي وڃ.

انهيءَ گروهه جو هڪ ٻيو لفظ آهي چَوندِي اِم، جنهن جي معنيٰ آهي، (1) هوءَ مون کي چوي ٿي، ۽ (2) مان چوان ٿي.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ فعل سان ضمير متصل جو استعمال هڪ ته ڪثرت سان ٿئي ٿو ۽ بيو ٻٽي ضمير متصل جي استعمال ۾ منجهس هڪ خاص انفراديت پيدا ٿئي ٿي، ضميري متصل متڪلم جي پٺيان ضمير حاضر ۽ ضمير غائب جي پڇاڙين گڏڻ سان ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ جيڪي فعل ٺهن ٿا، تن جا گردان پيش ڪري، انهيءَ حقيقت کي وڌيڪ واضح ڪري سگهجي ٿو.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي           رائج تحريري محاورو

(مذڪر)

(مفعول) ضمير حاضر واحد      چَوندُمي= مان توکي چوندس.

ضمير حاضر جمع                      چَوندُموي= مان توهان کي چوندس.

ضمير غائب واحد                      چَوندُمس = مان هن کي چوندس.

ضمير غائب جمع                      چَوندُمني = مان هنن کي چوندس.

مونث)

ضمير حاضر واحد              چَوندَمِي = مان توکي چونديس.

ضمير حاضر جمع              چَوندَموي = مان توهان کي چونديس.

(چَوندِيَموي)

ضمير غائب واحد              چَونَدَمس = مان هن کي چونديس.

(چَوندِيمس)

ضمير غائب جمع              چَوندَم ني = مان هنن کي چونديس.

(چَوندِيَمني)

مٿي ڄاڻايل گردان زمان مستقبل ۾ آهي، پر ساڳئي فعل جو ڦيرو اعرابن جي مٽاسٽا سان زمان حال ۾ به ٿئي ٿو، البته ٻٽين متصل پڇاڙين وارا اهڙي قسم جا فعل ماٿيلي- اٻاوڙي جي هندو آبادي استعمال ڪري ٿي، مثلاً:

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي           رائج تحريري محاورو

(مذڪر)

ضمير حاضر واحد              چَوندِمِي = مان توکي چوان ٿو.

ضمير حاضر جمع              چَوندِموي = مان توهان کي چوان ٿو.

ضمير غائب واحد              چَوندِمس = مان هن کي چوان ٿو.

ضمير عائب جمع              چَوندِمني = مان هنن کي چوان ٿو.

(مونث)

ضمير حاضر واحد:             چَوندِمي اِمي = مان توکي چوان ٿي.

ضمير حاضر جمع:             چَوندِي اِموي = مان توهان کي چوان ٿي.

ضمير غائب واحد :    چَوندِي اِمس = مان هن کي چوان ٿو.

ضمير غائب جمع:             چَوندِمي اِمني = مان هنن کي چوان ٿي.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾، ٻٽين متصل ضميري پڇاڙين جي ڪارستانين کي سمجهڻ لاءِ اسين هڪ ڀيرو ٻيهر چَوندُمِي ۽ چَوندِمِي لفظن جي بناوت تي غور ڪريون ٿا. انهن فعلن ۾ اصل فعل جي پٺيانج مِي يعني م ۽ ي متصل ضميري پڇاڙيون آهن، جن مان م متڪلم واحد جي، ۽ ي ضمير حاضر واحد جي نشاني آهي. ساڳيءَ طرح ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ چَئِمي ۽ چَيُمِي لفظ پڻ رائج آهن:

چَئِمِي = مون توکي چيو آهي. (ماضي قريب)

چَيُمِي = مون توکي چيو. (ماضي مطلق)

پهرين ٽن فعلن ۾، ۽ پوين ٻن فعلن ۾ فرق رڳو هيءُ آهي ته چَوندُمِي، چَوندَميِ ۽ چَوندِمِي اسم حاليه مان جڙيل فعل آهن، جڏهن ته چَئِمِي ۽ چَيُمِي زمان ماضي قريب ۽ زمان ماضي مطلب ۾ هئڻ سبب اسم مفعول مان ٺهيل آهن. وڌيڪ وضاحت خاطر انهن ٻنهي فعلن جا گردان هيٺ ڏجن ٿا: 

(1) چَئِمي = مون توکي چيو آهي.

چَئيسيِئي = اسان توکي
 چيو آهي.

چَئِمس = مون هن کي چيو آهي.

چَئيسيس = اسان هن کي
چيو آهي.

چَئيسِي = تو هن کي چيو آهي.

چَئيويس = توهان هن کي چيو آهي.

چَئموي = مون توهان کي
چيو آهي.

چَئيسيوي = اسان توهان کي
 چيو آهي.

چئمِني = مون هنن کي چيو آهي.

چَئيسيني = اسان هنن کي
 چيو آهي.

چَئينِي = تو هنن کي چيو آهي.

چَئيويني = توهان هنن کي چيو آهي.

(2) چَيُمِي = مون توکي چيو (چَيُپُ = چيو + م = مون + ي = (توکي تون)

چَيُموي = مون توهان کي چيو(وي = (توهان کي) توهان)

چيو سيئِي = اسان توکي چيو 0سي = اسان). چيو سيوي = اسان توهان کي چيو.

چَيُمس = مون هن کي چيو ( چيو (س = هن (هن کي). چَيُمني = مون هنن کي چيو (ني = هنن) هنن کي).

چيوسيس = اسان هن کي چيو. چيوسيني = اسان هنن کي چيو.

چَيُسِي = تو هن کي چيو. چَيُنِي = تو هنن کي چيو.

چَيُويس = توهان هنِ کي چيو. چَيُويني = توهان هنن کي چيو.

هتي هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته چَيُسِي ۽ چَيُنِي ۾ مفعول اڳ ۾ ۽ فاعل پوءِ ٿو اچي.

اهڙن فعلن کي وڌيڪ قريب رکي جاچبو ته تصوير ويتر چٽي نظر ايندي.

   ماضي قريب                     ماضي مطلق

فاعل واحد متڪلم:   چَئِموي         چَيُموي

فاعل جمع متڪلم:   چَئيسيئِي      چَيُسيئِي

فاعل جمع متڪلم:   چَئيسيوي      چَيُسيوي

فاعل واحد متڪلم:   چَئِمس         چَيُسيوي

فاعل واحد متڪلم:   چَئِمني         چَيُمس (مون هن کي چيو)

فاعل جمع متڪلم:  چَئيسيس(اسان  چَيُمني (مون هنن کي چيو)

                                                        هنن کي چيو آهي)

فاعل جمع متڪلم:   چَئيسيني(اسان        چَيُسيس

                                                        هنن کي چيو آهي)

ماضي بعيد                  ماضي متشڪي

چَيُهُموي (مون توکي چيو هو)               چيو هُوندُ موي

چَيُهُسيئي (اسان توکي چيو هو)    چيو هوندوسيئي

چَيُهُسيوي(اسان توهان کي چيو هو)   چيو هوندو سيوي

چيو هُمس (مون هن کي چيو هو)     چيو هُوندُمس

چيو هُمني.                                           چيو هُوندُمني

چَيُهُسيس (اسان هن کي چيو هو)     چيو هُوندوسيس

چَيُهُسيني (اسان هننکي چيو هو)             چيو هوندو سيني

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ اصل فعل جي پٺيان ايندر، فعل معاون (هئڻ مصدر) سان ٻٽيون ضميري پڇاڙيون ملائي، مختلف معنائون حاصل ڪبيون آهن. سنڌي ٻولي4 ۾ اهڙي قسم جا فعل نهايت قديم معلوم ٿين ٿا، ۽ انهن جو گهرو مطالعو لسانيات جي عالمن لاءِ تحقيق جون نيون راهون کولي سگهي ٿو. هتي نموني طور ڪي مثال پيش ڪجن ٿا.

 اصل فعل چَيو: (ماضي بعيد)   اچيو هَمانوي = مون توهان

 چيو هَمِي = مون توکي چيو هو.                کي چيو هو

چيو هَسيئِي = اسان توکي چيو        چيو هَسيوي = اسان توهان

              هو                                      کي چيو هو

چيو هَمانس = مون هن کي چيو       چيو هَنِي= تو هنن کي

           هو                                       چيو

چيو هَسيس = اسان هن کي   چيو    چيو هَسيني = اسان هنن

            هو.                               کي چيو هو.

چيو هَسي= تو هن کي چيو   چيو هَنِي = تو هنن کي چيو          

هو.                                                           هو.

چيو هَويس = اوهان هن کي چيو هَويني = اوهان هنن کي

          چيو هو.                         چيو هو.

ماضي قريب

چيوٿَمانئِين = مون توکي           چيو ٿَمانوي = مون اوهان

چيو آهي.                                                چيو آهي.

چيو ٿَسيئِي = اسان توکي  چيو ٿَسيوي = اسان اوهان کي

آهي.                                                    آهي.

چيو ٿَمانس = مون هن کي چيو آهي. چيو ٿَماني = مون هنن کي چيو آهي.

چيوٿَسيس = اسان هن کي چيو آهي. چيوٿَسيني = اسان هنن کي چيو آهي.

چيوٿَسِي = تو هن کي چيو آهي. چيو ٿَنِي = تو هنن کي چيو آهي.

چيو ٿَويس = اوهان هن کي چيو آهي. چيو ٿَويني = اوهان هنن کي چيو آهي.

ماٿيلي- اٻاوڙي جا هندو چيو ٿَمانئين، چيو ٿَمانوي، چيو ٿَسيئي ۽ چيو ٿَسيوي بدران چَئِمِي، چَئمِوي، چَئيسيئِي ۽ چَئيسيوي ڪم آڻيندا آهن، ۽چيو ٿَمانس، چيو ٿَماني، چيو ٿَسيس ۽چيو ٿسيني بدران چَئِمس، چئمني، چَئيسيس ۽چَئيسيني چوندا آهن. ساڳئي وقت چيو ٿَسِي، چيو ٿَنِي، چيو ٿَويس ۽ چيوٿَويني بدران چَئيسِي، چَئينِي، چَئيويس ۽چئيويني استعمال ڪندا آهن. انُ کان سواءِ هن علائقي جون ڪي قومون ٿَمانوي بدران ٿَمانَو ۽ ٿَسيوي بدران ٿَسيوَ به چونديون آهن، پر انهن ٻنهي ٻنهي لفظن جي آخري حرفن کي انتهائي خفيف نموني متحرڪ ڪنديون آهن.

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي ۾، ٻٽين ضميري پڇاڙين سان هئڻ مصدر جو استعمال به ٿيندو آهي، پر ان کي ايترو مخفف ڪيو ويندو آهي، جو هئڻ مصدر مان معلوم ئي نه ٿيندو آهي، مثلاً:

چَوندِئي      =                      هُو توکي چوي ٿو (چوندو آهي).

چَونديوي     =                      هُو توهان کي چوي ٿو.

چَوَندِني        =                      اُهي توکي چون ٿا.

چَوندِنوي     =                      اُهي  توهان کي چون ٿا.

چَونديئِئِي    =                      هوءَ توکي چوي ٿِي.

چَونديِئِوي    =                      اُهي توهان کي چوي ٿي.

چَوندِيينِي =                 اُهي توکي چون ٿيون.

چَوندِينوي=                          اُهي توهان کي چون ٿيون.

هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾، زمان حال جو گردان، اصل فعل جي پٺيان معاون فعل ٿيڻ نه پر هئڻ مصدر مان آڻڻ سان ٺهي ٿو، ان کانسواءِ ضمير غائب، جڏهن ٻئي ضمير غائب (مذڪر خواه مونث) سان مخاطب هوندو آهي ته اُن جي صورت هيٺ ڄاڻايل نموني ۾ ٿيندي آهي:

مسلمانن جي ٻولي                        هندن جي ٻولي

چَوندوِاس = هُو هن کي چوي ٿو.    چَوندُئس (چوندو آهيس)

چَوندوِاني = هُو هنن کي چوي ٿو.   چَونديني (چوندو آهيني)

چَوندا اِنس = اُهي هن کي چون ٿا.  چَوندِنس (چوندا آهنس)

چوندا اِني = اُهي هنن کي چون ٿا.  چَوندَيني (چوندا آهِنِن

مونث ۾، چَوندِي اِس، چوندي اِني، چونديون اِنس ۽ چونديون اِني صورتون ڪم اچن ٿيون. ڪي فعلي صورتون، رائج تحريري محاوري ۾ هڪ معنيٰ ٿيون رکن ته ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ سندن ٻي معنيٰ آهي، مثلاً:

ويٺو هُندُسِ = مان ويٺو هوندس، جيڪڏهن عام صورت ۾ آهي ته پوءِ ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ استعمال نه ٿيندو، انهيءَ ٻوليءَ ۾ چئبو: ويٺو هوُندُم، پر جي اها صورت حالت امدادي ۾ آهي ته پوءِ ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ سندس معنيٰ ٿيندي: هُو هِن لاءِ ويٺو هوندو. اهڙيءَ طرح ويٺي هُندَس = هوءَ هِن لاءِ ويٺي هوندي، ويٺا هُوندَن = اُهي  هنن لاءِ ويٺا هوندا، وغيره.

فعل جي پٺيان ٻٽين ضميري پڇاڙين جا ڪي مثال، ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ مان پيش ڪجن ٿا ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي اها خصوصيت وڌيڪ نروار ٿي سگهي:

          ڏٺيوي       =                      اوهان اُهو ڏٺو آهي.

ڏٺيئِوي  =                      اوهان اها ڏِٺي آهي.

ڏِٺو وي  =                      اوهاناهو ڏٺو.

ڏٺيا وي=                        اوهان اها ڏِٺي

ڏٺا وي   =              اوهان اُهي ڏٺا.

دِٺِيَنوي  =                      اوهان اُهي ڏٺيون.

ڏٺس = هن اُن کي ڏٺو آهي. ڏِٺوِئس = هناهو ڏٺو آهي.

ڏِٺئي   = هنن اُن کي ڏٺو آهي.     ڏِٺوِئني = هنن اُهو ڏٺو آهي.

ڏِنِيسِي  =                     تو هن کي ڏنِي.

ڏِنِيِني                   تو هنن کي ڏني.

ڏِنِيِويس=                        اوهان هن کي ڏني.

ڏِنِيِوين   =                      اوهان هنن کي ڏِنِي.
ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ واحد ۽ جمع

عام طرح چيو وڃي ٿو ته اتر سنڌ ۾، لفظن جي جمع جوڙڻ جا قاعدا، رائج تحريري محاوري کان ٻئي نموني جا آهن. اُهي کٽ جو جمع کٽون بدران کٽان، زال جو جمع زالون بدران زالان ڪن ٿا. مرحوم حسام الدين راشديءَ جي مشهور تصنيف هو ڏوِٿي هُو ڏينهن خواه محترم پروفيسر اسدالله ڀٽو جي ترجمو ٿيل ڪتاب آرياڻي اجاريو ۾ مٿي ڄاڻايل طريقي سان جڙيل جمع ڪم آيل آهن، انهيءَ اصول کي سڀ ڪنهن قسم جي مؤنث لفظ جي جمع سان لاڳو سمجهيو ويو آهي، پر اها هڪ وڏي غلط فهمي آهي، جنهن جو شڪار ڀيرومل به ٿيو آهي، هو صاحب لکي ٿو ته:

مونث اسمن جو جمع: کٽ جمع کٽون، بلا جمع بلائون، ڀتٿ جمع ڀتيون (ڀت + اون)، گهوڙي جمع گهوڙيون (گهوڙي + اون) ۽ کنڊ جمع کنڊون. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته جن مونث اسمن جي پٺيان اَ آ- اِ اي ۽اُ اچي ٿو تن جو جمع اوُن پڇاڙي گڏڻ سان ٺهي ٿو.*

اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته:

سرحد سنڌ ۾ اون بدران آن پڇاڙي گڏيندا آهن. جيئن زال- زالان.

درحقيقت سرحد سنڌ يعني ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ هر هڪ مونث اسم جو جمع آن گڏڻ سان ٺهندو آهي. ماٿيلي- اٻاوڙي وارا توڙي سمورا اتراڌي محاوري وارا، ڪيترن مونث اسمن جو جمع، اُون پڇاڙي گڏي ٺاهيندا آهن. آن پڇاڙي ته رڳو انهن مونث اسمن جي پٺيان گڏيندا آهن، جن جي پوئين اکر تي زبر هوندي آهي، مثلاً: آڏ- آڏان، رَڳَ- رَڳان، ليِڪ- ليڪان، وِکَ- وِکان وغيره. باقي جيڪڏهن مَکِ، اَکِ، جوءِ، دِلِ، باههِ وغيره مونث اسمن جو جمع ٺاهبو ته اُون پڇاڙي گڏبي مثلاً مَکيُون، اَکِيُون، جويُون، دِلِيُون، باهِيُون وغيره.ڀيرومل
 باههِ جو جمع، سرحد سنڌ وارن وٽ باهيان ٿو سمجهي. سندس خيال ۾ اهو سڀ سرائيڪي ٻوليءَ جو اثر آهي، ان جو مثال هُو اُتر سنڌ جي نمائندي شاعر حضرت ببڪس جي سرائيڪي شعر مان پيش ڪري ٿو (برهه باهيان ٻاليان)
*

پر ڏٺو وڃي تهج باهه جو جمع سرائيڪي زبان ۾ باهيان نه مگر باهِين آهي، دراصل بيڪس جو سرائيڪي ڪلام معياري سرائيڪيءَ ۾ چيل نه آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سرائيڪي گو ماڻهن جي ٻولي سنڌي زبان کان گهڻو متاثر آهي، ورنه باهه جو جمع باهِين ٿيڻ گهرجي. هتي معياري سرائيڪي زبان جي مستند شاعر خواجه غلام فريد جي هڪ قافيءَ ۾ ڪم آيل انهيءَ لفظ جو مثال پيش ڪجي ٿو:

ڍولا ٽيڏـِي سِڪ ڍير هِم، تانگهان گهڻيان چاهِين ٻَهُون

کَپ کپ ڪڍان آهِين ٻَهُون، تَپ تَپ اُٺِن باهِين ٻَهُون

خواجه صاحب باههِ جو جمع باهِين چاههِ جو جمع چاهِين ۽ آههِ جو جمع آهِين ڪري ڪم آندو آهي، تنهنڪري باهه جي جمع کي باهيان چوڻ ڪنهن به حالت ۾ درست نه آهي.

ان کانسواءِ اُهي مونث اسم (واحد)، جن جي پڇاڙيءَ وارو آواز اِي آهي، تن جو جمع ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻولي خواه اتراڌي محاوري ۾، رائج تحريري محاوري وانگر جڙي ٿو، مثلاً:

چوٽِي- چوِٽُيون، راڻي- راڻِيُون، ٻانِهي- ٻانِهيُون وغيره.

مطلب ته واحد مان جمع جوڙڻ لاءِ، ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾، مذڪر اسمن لاءِ بالڪل اُهي قاعدا آهن،جي رائج تحرير محاوري ۾ آهن، ۽ مونث اسمن ۾ به ڪي مخصوص اسم آهن، جن جو جمع، واحد مونث اسم پٺيان آن گڏڻ سان ٺهي ٿو.


[1]  سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ: ڇاپو ٽيون، صفحه 63.

[2]  سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نَحَو: ڀاڱو ٻيو، ص 70.

[3] وڏو سنڌي ويا ڪرڻ: ڇاپو ٻيو، ص 147.

*  ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ ڪٿي ڪٿي چَوندَم بدران چَونديِم به ڳالهايو وڃي ٿو. پر ان جي معنيٰ آهي مون کي چوندا هرگز نه ٿيندي آهي، ٻنهي لفظن جون باقي معنائون ساڳيون آهن.

*  وڏو سنڌي ويا ڪرڻ، ڇاپو ٻيو (1985). ص - 36.

*   دم دم اساڏي دل تي سحڻان ديان ڳالهيان،

    ڏاڍا فراق لڳڙا، برههباهيان ٻاليان.   (بيڪس)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com