سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :11

روح رَلائڻ = عام طرح فوتي عزيزن کي ثواب پهچائڻ لاءِ، هر ويلي تي خيرات طور روحاڻي ماني ڏبي آهي، ۽ تازي فوت ٿيل عزيز لاءِ ويلي تي جدا ماني ڏني ويندي آهي، پر شبِ برات تي ختمو ڏياريو آهي ته جيئن اڳيان ۽ پويان روح گڏجي وڃن ۽ جدا ماني ڏيڻي نه پوي.

زُنگ ٿيڻ = ڪاوڙ ۾ ڀرجي وڃڻ، سخت ڪاوڙجڻ.

زوالي کڻڻ = کُٽي کڻڻ، سختي قبول ڪرڻ پنهنجو پاڻ کي ڦاسائڻ.

سال مارجي وڃڻ = فصل نه ٿيڻ، سال ضايع ٿيڻ.

ساهه چُڻڻ = دَم کي روڪڻ، ارادتاً ساهه نه کڻڻ.

سُڪ تي ڪپڙا لاهڻ = خطري کان اڳ پريشان ٿيڻ، اڳواٽ خوف کائڻ، ڪم ٿيڻ کان اڳ سانباهو ڪرڻ.

سِڌِي اچڻ = سوچ ۾ اچڻ، مسئلي جو حل معلوم ٿيڻ.

شاختو ڪرڻ = چتاءُ ڏيڻ، تاڪيد ڪرڻ، ڪم ياد ڏيارڻ.

شاخون ٽيڙڻ = ڏند ڪڍي کلڻ، ڦڪي کل کلڻ (ڪتي جي چهنبياري ڏند کي شاخ سڏبو آهي)

شُوڪاري- ڀائي ٿيڻ = ٻئي جي غم ۾ زباني طور شريڪ ٿيڻ، ڪنهن جي تڪليف ۾ عملي طور مدد ڪري نه سگهڻ، پر غم ۾ شريڪ رهڻ.

طوطا اڏارڻ = ٺَڪاءُ ڪڍڻ، ڪبڊي راند ۾ اهڙو ڌڪ هڻڻ جو ان آواز تي وڻن تي ويٺل طوطا اُڊڄي اُڏامي وڃن.

قُد ڪرڻ = دُڦ ڪرڻ، ڪجهه به نه ڇڏڻ.

قُد وڃڻ = ناس ٿيڻ، اجايو وڃڻ، مفت ۾ وڃڻ (محنت ئي ڦُد ويئي)

ڦَٿڪوڙِي هڻڻ = ڦٿڪڻ.

ڦيڦڙِي ڪنبڻ = تمام گهڻو ڊڄڻ.

ڪارائي وجهڻ =ملهه راند ۾ سندري مان هٿ ڪڍي، مخالف پهلوان جي پٺيءَ پويان پنهنجي ڪارائي جهلي ٻک وجهڻ.

ڪُتا خصي ڪرڻ = بيڪار گذارڻ، نه ڪرڻ جهڙا ڪم ڪرڻ.

ڪُٽو ڪَڍڻ = معاملو ختم ڪرڻ، جيئن تيئن ڪري نبيرو ڪرڻ.

ڪنڌ مٽاڙجڻ = ڪنڌ سُڄي پوڻ (مُٽندڙ ڏاند کي لڪڻ هڻبو ته ڪنڌ سُڄي پوندس، انهي ڪري چئبو آهي ته مُٽ ڪنڌ تي چڙهي ويو اٿس)

ڪنڌ جي پوڻ = ڏاند وغيره جو ڪلهو سُڄِي يا ڦٽجي پوڻ.

ڪَونسيِون مُونڌيون ٿيڻ (جتي اُونڌي ٿيڻ) = گهران يا شهر مان نيڪالي ملڻ (قصن ڪهاڻين موجب جنهن کي نيڪالي ڏبي هئي، تنهن جي جتي اونڌي ڪري ڇڏبي هُئي ته هُو سمجهي ويندو هو. ڪَونسيِون = جُتِي)

گُونهه مَنڌَڻ = خراب ڳالهائڻ، ڪنا لفظ استعمال ڪرڻ، ڪَڇِي ڳالهه ڪرڻ.

ڳچي لڳي روئڻ = ڳراهٽڙيون پائي روئڻ.

ڳوڙِهي اُڀرڻ = مڇيهه پوڻ، پٺيءَ جي مٿئين حصي ۾ رڳ جو اُڀرڻ.

لان ڪرڻ = ٻَڌي بيهارڻ، چوپائي مال کي، تمام ڊگهي رسي سان ٻڌي، چراگاهه ۾ ڇڏي ڏيڻ.

لان ڪري بيهارڻ = ٻڌي بيهارڻ، جانورن ڏوهارين کي ڊگهي رسي يا زنجير سان ٻڌي بيهارڻ.

لَنب تي چڙهڻ = فريب ۾ اچي وڃڻ.

مال ٽارڻ = چوپائي مال کي جُدا ڪرڻ، چوپائي مال کي پرائي مال کان نکيڙڻ.

مَينس مَرڻ = چاهه ختم ٿيڻ، چپ چاپ رهڻ.

مٿاڙا وٺڻ = هر ڪاهڻ بعد وراڻي يا سِري ۾ ڪجهه وڌيڪ اوڙون ڏيئي زمين نرم ڪرڻ.

مُري مان لَهڻ = موهه نڪرڻ، پير مُڙي پوڻ.

مُڃ دانهِيون ڌار ڪرڻ = دوستن يا مائٽن ۾ ڏڦيڙ وجهڻ.

مردي کي مکڻ ٿڦڻ = بي فائدو ڪم ڪرڻ.

منزل پڙهڻ = قرآن مجيد پڙهڻ.

مُنڙِي ڏيڻ = انڪار ڪرڻ، ڳالهه تان موٽ کائڻ، ڦري وڃڻ (ملهه راند جوهڪ داءُ)

مُنهنتي ڇنڊو هڻِڻ = مُنهن ڌوئڻ.

مُنهن تان پَلؤ لاهڻ = ميَت جو مُنهن ڏسڻ.

مُنهن ڪاڻو هئڻ = شرمندو هئڻ،ڪنهن دوست وٽ عزاداريءَ لاءِ نه پهچڻ جي حالت ۾ شرمندو رهڻ.

نَڙ ٿيڻ= کائي ڍَؤ ڪرڻ، پيٽ ڀري تار ڪرڻ.

نڪ سَمهون وڃڻ = نَڪ جي سِڌ ۾ وڃڻ، سامهون وڃڻ، بالڪل سڌو وڃن.

نيِر ڪرڻ، نيِري ڇڏڻ = گهاٽو ٻج ڇَٽڻ، زمين تي ڪنهن شيءِ کان گهاٽو پکيڙڻ.

وَڙ کڻڻ = وَهَر ختم ٿي وڃڻ، لڳ جي گرمي گهٽجي وڃڻ.

وَسيپ ڪرڻ = وسڻ رسڻ، عورت جو ساهري گهر ۾ لَهِي هلڻ

هاٺ هڻڻ = چٽا ڀيٽيءَ لاءِ چوڻ، شرط رکڻ (هاٺ ٻڌڻ)

هاڳ ڏيڻ = هڪل ڏيڻ، زوردار آواز سان ڌمڪائڻ.

هانء کي ٽُڪو ڏيڻ = ياد بيهڻ، يادگيري ۾ رهڻ.

هَت ڦَٽَڻ = دڪان تان گهڻي اوڌر کڻڻ.

هِڏڪو پَلَڻ = آسرو ميٽڻ، اُميد پلڻ، ٻيهر اُميد نه رکڻ.

هڪ هٿ تي بيهڻ = ڳئون يا مينهن جو رڳو هڪڙي ماڻهو کي ڏهڻ ڏيڻ.

هُلا مارڻ = وڏا وڏا ساهه کڻڻ، سڪرات ۾ ڏکيو ساهه کڻڻ، بيهوشيءَ ۾ وڏا وڏا ساهه کڻڻ

هَئي هلاڪ ٿيڻ = سخت تڪليف ۾ هجڻ، ڏاڍو ڏکيو ٿيڻ.

هِيو ڪرڻ = حرصو ڪرڻ، تڪليف سهي پئسو گڏ ڪرڻ.

هائو ميائو ٽرڻ = رات جو خاموشيءَ جو ڇانئجڻ، رات جوگهڻو دير ٿي وڃڻ (رات جو ڪتن ۽ ٻلين جو گوڙ بند ٿي وڃڻ).

ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ جا خاص لفظ

ڪنهن محاوري جي خاص لفظن جي هروڀرو اها معنيٰ آهي ته، ٻئي هنڌ اُهي لفظ بالڪل ڳالهايا به نه ويندا هوندا، نه وري ايئن چئي سگهبو ته ٻوليءَ جي هر هڪ محاوري کي پنهنجي پنهنجي لغت آهي، يا هڪ محاوري جي جغرافيائي حدن ۾ ٻئي محاوري جا لفظ داخل ٿي ڪين سگهندا. ايئن ته ڪيترا ماڻهو، جي ڪجهه عرصو اتر سنڌ ۾ رهيا آهن، سي وچولي يا لاڙ ۾ رهائش پذير هوندي به اُتر سنڌ جا مخصوص لفظ استعمال ڪندا رهن ٿا. سبي (سِوِي) بلوچستان ۾ آهي، ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي کان تمام گهڻو پري آهي، پر اُتي ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ جا ڪيترا لظ ساڳين اڳچارن سان ڳالهايا وڃن ٿا، مثلاً جانڪُون، تانڪُون، پراڪُون، وڏي لاڪون، ماڪان، توڪان، ڇاڪان، ڪان، جاڏي، ڪاڏي، هيڏي، هوڏي جاٿي، ڪاٿي وغيره (جڏهن کان، تڏهن کان، پر کان گذريل سال کان، وڏي هوندي کان، مون لاءِ تولاءِ، ڇاڪاڻ، لاءِ، جيڏانهن، ڪيڏانهن، هيڏانهن، هوڏانهن، جتي، ڪٿي وغيره). دراصل ڏسڻو هيءُ آهي ته ڪهڙا لفظ ڪهڙي علائقي ۾ ڪثرت سان استعمال ٿين ٿا. هتي اختصار کان ڪم وٺندي صرف انهي لفظ پيش ڪجن ٿا، جن جو هڪ ته ماٿيلي- اٻاوڙي علائقي ۾ واهپو گهڻو آهي. ٻيو وري اُهي جامع سنڌي لغات ۾ درج نه آهن، جنهن ڪري گمان غالب آهي ته اُهي سنڌيءَ جي ٻين محاورن ۾ عام طرح ڪم نٿا اچن: مثلاً:

اَجا پاجا = لَٿ پَٿ، حساب بي باق، ليکو چُڪتو.

آڍڻ = مارِ ڏيڻ، ٿڦن يا موچڙن سان مارڻ، سُوٽرڻ.

آڍو = اَڍ سُٽر (سُٽ)، تيل سان مالش.

آڳُڙ = اڱڻ، گهرجي اڳيان ميدان.

آڳڙِي = ملهه راند ۾ هڪ داءُ

آڳل = اڳيون حصو، پيڇل جو ضد.

آڳو کڻ ته آڳو باري، جي پيڇو کڻ ته پيڇو باري = ٻيئي پاسا ڏکيا، ٻيئي طرف مشڪل

اوازار = بيزار، لاتعلق

آهِرائڻ = ڌڻ پهرائي وڃڻ، لاڙو رکڻ (ايڏانهن آهرائي به نه اٿس)

آهرجڻ = پَهرجڻ، ڌڻ جو پَهرجِي وڃن

اُٻتَڻ اچڻ = اوڪارا اچڻ، قئي اچڻ

آٻَڇ = اٻوجهه، ڀورڙو، بي سمجهه

اَڀَڙ بُوهو = اوچتو، اچانڪ ظاهر ٿيندڙ

اُڀيچَڙ = سنڌي جي اتر يا اُڀي ۾ رهندڙ، لَمو چَڙُ جو ضد

اُڀيساهِي = دم جي بيماري، سهڪي جي بيماري

آتَل دِيوانو = تمام گهڻو عشق رکندڙ، بيحد پيار ڪندڙ

اَتلائِڻ = آتارڻ، ڌُتارَڻ، ريجهائڻ

آتِيت = هڪ پکي جيڪو هڪ ٽنگ تي بيهي ننڊ ڪندو آهي

اُٿاپ = پوک جي تڪڙي واڌ، فصل جو جلد اُسرڻ

اِٽ ڪِٽ = ڪروڌ، کِٽپٽو، جهيڙو جهڳڙو

اِٽڪٽِو = ناچاقي، کِٽپٽو

اُٽڪائڻ = اڏيل ڪوڙڪي يا ڇُڙڪ تي ٿورو زور ڏيئي، کيس اصلي حالت ۾ آڻڻ، ٿيڙَڻ، ٺهيل ڳالهه کي رد ڪرڻ.

اُٽڪَڻ = ٿِوري ڳالهه تي ناراض ٿيڻ

اَٽو مَٽو ڪرڻ = مٽا سٽا ڪرڻ

اُٺپٺِي زمين = غير هموار زمين، اُٺ جي پُٺي وانگر هيٺاهين مٿانهين زمين.

اُٺپُٺڙِيو = دوا طور ڪم ايندڙ وکر

آپيپاپ = مسڪين طبع، غريب

اَچوو = حرڪت بازي، هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه اچڻ جي حالت، لڱن۾ ڀاڃ، بيچيني

آُچِيڙو = سياري ۾ برسات بعد سج ظاهر ٿيڻ واري حالت

اَڌ کَڙهه = جوانيءَ کان موٽ کاڌل، وچولي عمر جو مرد يا عورت.

اَڌوکِري = اڌ رقم، اڌ قيمت

آڌاڱو = ربيع ۽ خريف جي وچ وارو فصل

اڌ ڳُئِي = نوٽڻ جهڙي هڪ راند جو نالو

اَڌيڪ = ڪڪڙ يا تتر جو اڌ ساماڻل ٻچو، چوزو، چورو،ننڍي جونءِ

آڌيوَڙ (اَڌوڙي) =ڪچي چم کي پچائڻ واري حالت

اُڏيڪڻ = انتظار ڪرڻ، اوسيڙو ڪرڻ.

اُڏِيل = قدوقامت، مضبوط هاٺي ڪاٺي، قد و قامت جو ڏيکاءُ

اَڊوهَڙ (اُڊيڙ) = حامله عورت جا اوڪارا يا اُٻڙڪا (هميشه جمع ۾ ڪم ايندڙ)

اَرڪو ترڪو = مال اسباب، ورثي ۾ ڇڏيل مال، سمورو مال ملڪيت

ارداوو = ٻوڙ کي گهاٽي ڪرڻ لاءِ وڌل ڪڻڪ جواَٽو

اِرڙَڻ = مالهه ۾ اِرڙيون وجهڻ

اِرڙو = ڪاٺيءَ جو چهنبياريو ٽڪر، جنهن سان مالهه ارڙيي آهي.

اِرکِر = کاڄي، خارش، اَچوو

اَرَءُ = اُها حالت، جنهن ۾ درياءُ ڪچي وارين اراضين ۾ رَؤ يا ليٽ نه ڪري

اَڙويل وجهڻ = ڦڏو ڪرڻ، اجايون رنڊڪون پيدا ڪرڻ

اَڙيل = اَڙي ڪندڙ، رنڊڪون وجهندڙ، گهگير گهوڙو

آڙِيخور (اڙيگور)= اَڙِي ڪندڙ، ضد ڪندڙ

اَڙِ کُڙِي ۾ = اَهنجي سَهنَجِي ۾، ڏکئي وقت ۾

اُڙِي ٿِڙِي = رهيل کهيل، باقي بچيل، ڇِڊري پاڌِي، هيڪُڙ ٻيڪڙ

اَسُون = ڄانڀو (پوک)

افراد ڳالهائڻ، افراط ڳالهائڻ = اجايو ڳالهائڻ، غير متعلق ڳالهيون ڪرڻ

اَڪ جي پاڙ = ڏاڍو ڪڙو، سخت تلخ

اُڪو = سمورو، سڀ، ڀَل ته، ڀَلي، بيشڪ ( اسان اُڪو مري وڃون، پر تون نه ايندين)

اُڪارَڻ = اُٻارڻ، گوشت کي ديڳ ۾ وجهي ٿورو ڳارڻ

اُڪار = اُٻاريل گوشت

اُڪاڻو، هُڪاڻو = ٻارن جي سهڪي يا دم جهڙي بيماري

اُڪ چُڪ = غلطي، چُڪ، هڪ ٻئي سان اتفاق سبب ملي نه سگهڻ.

اُڪ چُڪ ٿيڻ = هڪ ٻئي سان ملي نه سگهڻ، گُسِي وڃڻ، ٿِڙِي وڃڻ.

اَڪَس = دشمني، وير

اَڪسِي = مخالف، دشمن، وير وجهندڙ

اِڪلاس (اخلاص) = پيار، پاٻوهه

اک اوڍر = اکين کان پري. جنهن کي بروقت ڏِسي نه سگهجي

اَک مُنڊ = نظربندي، جادو، منتر

اکرؤن نڪرڻ = بي حياءُ ٿيڻ، حساب ڪتاب ۾ نه رهڻ

اُکڙِيل = ڪَل ٿڙيل، اڌ چريو

آڳواڙ = گهر جي اڳيان ميدان،اڱڻ

اَلوچ = لاڏ ڪوڏ سان نپايل، مُنهن چڙهيو ٻار، لاڏڪو ٻار، لاڏلو

اَلُوچَڻو = لاڏڪو ٻار، لاڏلو

الله اِلاهِي جو = تمام گهڻو، بي انت

اُليل = عيش، مزو، فتحت

اَنڀَل = عيش، مزو، فرحت

اَنڀَل = مشتاق، گهڻو چاهيندڙ، اَمبَلُ

اُنجهڻ مَنجهَڻ = ڳچيءَ کان پيرن تائين هڪ ئي اڻ سبيل ڪپڙو ويڙهيل

اُنڊ ڏيڻ = عذر پيش ڪرڻ، بهانو تلاش ڪرڻ

اَنڊِي = ملهه راند جو هڪ داءُ، جانٺو

اوٿارو = ننڊ هوندي ماڻهوءَ جي گهمڻ ڦرڻ جي حالت

اوٿَر = ڪارونڀار ڪڪرن جو مٿي چڙهي اچڻ

اَوٽَڪ = بي اولاد، اَوٽو

اوڇڻ = مَنههَ، ڇَپَر

اوڇڻ ڪرڻ = اجهو ٺاهڻ، منهن ٺاهڻ

اُڍاڻو = ڪورِي، ڪپڙا اُڻندڙ

اورِيڪ جو مينهن = ٻوڏ جهڙي برسات (نوح نبيءَ واري اورِيڪ هُئي)

اُوڙ ڪرڻ = چڻن يا ترن جا ساوا ٻوڙا اُٺ جي وات ۾ گُوهڻ چون ٿا ته اُوڙ ڪرڻ سان اُٺ وڌيڪ مَچندو آهي)

اُسارِي (اوسارو) = پِٽڪو، ماتم ۽ فوتيءَ جون وَصفون بيان ڪرڻ

اُوسِل = جنهن کي اوسي جي بيماري هجي

اوڪِي = اُلٽِ، قئي

اوکِي = ڍڳي جو مستيءَ مان اڳئين پير سان زمين کَرڙي رنڀون ڪرڻ

اوڳار وٽڻ (اوڳارڻ) = چوپائي مال جوڳِٿل کاڌي کي وري چٻاڙڻ لاءِ ڏاٺن هيٺان ڦيرائڻ

اوڳر = اندر جو حال، راز

اوڳاهو پڙهائڻ = بيمار جانور لاءِ دعا خاطر گاهه جو ٿٻو پڙهائڻ

اوگهرو = کاٽي کڻڻ وقت هيٺان اُڇليل مِٽيءَ کي وري مٿي اڇلڻ لا ٺهيل کُڏڻو.

اولڻ گهولڻ = قربان، صدقي، ٻلهار

اول = جوئر يا ٻاجهري وغيره جو ٻيهر اوڀر، وڍيل فصل جي سُنڍن مان ڦٽي تيار ٿيل فصل.

اوو = چونڊو، ڪپهه جو چونڊو

اُهاڙڻ (اوهاڙ ڏيڻ) = جانور يا ماڻهوءَجي پيرن جي نشانن کي ڳولڻ.

باٺير = وڏن سڱن وارو ڦاڙهو، اهو ڦاڙهو جنهن جا سڱ باٺن (لٺين) جيڏا هجن.

باٺِينگ = باٺير ڦاڙهو، وڏن سڱن وارو سانڀُر.

بادِلي ڪٽورو = اهو ڪٽورو ڪنهن جي اندران ياسين شريف چٽيل هجي.

(اهڙي ڪٽوري مان پاڻي آگهاري مريض کي شفا لاءِ پياربو آهي)

بادو = گهڻو ڳالهائيندڙ، بَڪبَڪيو

بانگي لاٽُون = وڏو لاٽئون

بجاري = قوم طرفان سردار  کي ڏنل ڦوڙي يا مدد

بِحائِي = ٻنيءَ ۾ ٻج چٽڻ جو عمل

بَدِي لائڻ = الزام لڳائڻ، تهمت لڳائڻ

بِڊو = قد جو ننڍو، بِڊِڪڙو

بَر چڙهڻ = ٿڪل حالت ۾ وهنجڻ يا پاڻي پيئڻ ڪري بدن جو ڪَڙِجي پوڻ.

بِرڙو = ننڍي قد وارو، تمام ننڍڙو

بُرڪِي = ڪنهن به ٻج کي ناڙيءَ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ اوزار

بَڙد واتيو = فضول گو، اجايو ڳالهائيندڙ

بضر جو پردو= ٿورو حجاب، ٿورو فرق

بُڪيِن ٽوڙ = سخت ٿڪائيندر، هارين وٽ ڪوڏر جو اصطلاحي نالو

بگُڙ = حسين عورت، سفيد رنگت واري عورت

بگڙو = حسين عورت سفيد رنگت واري عورت

بگڙو = حسين، محبوب

بگڙ دَلِي = فضول خرچ عورت، بي سليقي عورت

بَندِي = واهن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ واري حالت، پاڻيءَ جي بَندِي، واري بندي

بُودَڪ = بي وقوف، ڳهيلو

بُودن = اٻوجهه، ڇِسو، چريو بودن (عام طرح چريو لفظ سان گڏجي استعمال ٿئي ٿو. مثلا فلاڻو چريو بودن آهي.

بوڙو = پاڻيءَ جو ڦوڪڻو، جر ڦوٽو، حباب

بُوڪ = بصر جي ڏانڊِي، بصر جا پن

بوکڙي = بکيو، ڪنجوسِ، لالچي

بُونبَلَي، پونُبِلي = ڪچا گونُچ، چڻن يا مٽرن جي پَليءَ جا ڪچڙا گؤنچ

بُندِي = ٻانڌڻو ڇِت يا پڙي جو هڪ قسم.

بِهه = دست، اِسهال

بي گُرو = اهو ڳائڻو جو راڳ جو گُرُ نه جَهلي (بي سُرو هجي، ڀر بي گرُونه هجي)

بيٺل پاڻي = خاموش طبع، ڪم گو، گهٽ ڳالهائيندڙ، چُپ شاه(بيٺل پاڻي ٻوڙي ماري)

بي درد ڪلهوٽو = بي فڪرو، بي گوندرو، ڏنڊو مُشٽنڊو.

بيماريءَ جا لڙها = بيماريءَ جا ويرا، بيماريءَ جا اتفاقي حملا

ٻڇَتِي = اصلي ڇِت هيٺان ڪمري جي ڪجهه حصي تي سامان رکڻ لاءِ ٺاهيل ديوار گير

ٻه لَپِي = اهڙي اڏ يا ڪَسِي، جنهن جي وڪر ڪوڏر جي ٻن لپن جيتري هجي.

ٻهِ ٺپي = قبر

ٻهِ هَٿڙ = ڌُڪي يا سونٽي ۾ ٻيئي هٿ وجهي زور سان هڻن، زوردار ڌڪ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com