سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي

باب: --

صفحو :7

جملا وجود رکن ٿا، ڇو ته آهن فعل ٻه ڀيرا ڪم آيو آهي، جڏهن ته عام ٻوليءَ ۾ اهو فعل(ڏين وٺن ٿا) هڪ دفعو ڪم اچي ٿو.

        ڪاڃڻن جي ٻوليءَ جو هڪ ٻيو جملو آهي. "لوڪ کلدئن، جي ناهيسي ويندا."(جي نٿا وڃون ته ماڻهو کلندا). "کلدئن" معنيٰ "کلندا آهن" (کلن ٿا) ۽ نهيسي ويندا معنيٰ"اسان نه ويندا آهيون" (اسان نٿا وڃون). "کلندا آهن" اهي ته"زمان حال مدامي"، پر جيڪڏهن ان کي کڻي"زمان حال" تسليم ڪجي، ته به کيس"زمان مستقبل" ته هرگز چئي نه سگهبو. جڏهن ته"کلندا" (جي نٿا وڃون ته ماڻهو کلندا ته سنئون سڌو ۽ چٽو پڌرو "زمان مستقبل" جو فعل آهي. ساڳئي وقت"نهيسي ويندا" جو"ويندا" لفظ پنهنجي جاءِ تي قائم سمجهجي ته پو"نهيسي" جي"سي" (ضمير مڪلم جمع متصل جي نشاني) کي ڇڏي، باقي"نهي" کي" نه آهيون" جي معنيٰ ۾ ڪم آيل ڄاتو ويندو( نه + آهيون + اسين = نهيسي) انهيءَ صورت ۾ نهيسي ويندا" جي معنيٰ ٿيندي: "اسين نه ويندا آهيون." ويندا آهيون جو زمان ته "حال مدامي" آهي، پر ڪاڃڻا ان مان"نٿا وڃون" جي معنيٰ وٺندا.

        اٻاوڙي تعلقي جي کنڀڙن جي ٻوليءَ جو هڪ جملو آهي:"ڪوشش ڪئي وڃجي، پوءِ کٽائي ڀاڳ" هن جملي تي ويچارڻ کان اڳ ٻئي هڪ جملي تي غور ڪجي ته"ڪوشش ڪئي ويئي، پوءِ کٽائي ڀاڳ." هن پوئين جملي جي پهرئين فعل"ڪئي ويئي" جو زمان"ماضي" آهي، پر ان کي جيڪڏهن مستقبل ۾ آڻبو ته ٿيندو:"ڪوشش ڪبي پوءِ کٽائي ڀاڳ." يا"ڪوشش ڪجي، پوءِ کٽائي ڀاڳ". هتي پهرئين فعل مان"وڃڻ" مصدر نڪري ويو آهي پر کنڀڙا جڏهن ڳالهائيندا ته اهو مصدر ضايع نه ڪندا ۽ مٿي ڄاڻايل جملو چوندا:"ڪوشش ڪئي وڃجي، پوءِ کٽائي ڀاڳ."

        ريتي شهر جي هڪ مراداڻي چاچڙ چيو ته"اڳي شاديون ٿينديون هيون ته ڪـُـپا ٿيا، پاتڙا ٿيا، دانگيون ٿيون، دلا ٿيا، ڪنڀارٺڍو وو" ڪري کنئي ايندا ها" يعني"اڳ شاديون هيون ته ڪنڀار ڪپا، پاٽرا، دانگيون ۽ دلا ڍوئو ڪري(تحفي طور) کنيو ايندا هئا." هتي"ڪپا ٿيا، پاٽڙا ٿيا، دانگيون ٿيون، دلا ٿيا" ۾ "ٿيا ۽ ٿيون" جو ورائي ورائي آڻڻ ۽ تڪرار عام سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ سان هڪ سوچڻ واري انوکي ڳالهه آهي.

مصدر"ڪرڻ" مان فعل جا معاون صيفا: ماٿيلي - اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾"ڪرڻ" مصدر جا صيغا"معاون فعل" طور گهڻو ڪم اچن ٿا. مثلا عام سنڌي ٻوليءَ ۾ چئبو ته:"ماني کائي، سمهي رهه." پر ماٿيلي اٻاوڙي علائقي وارا چوندا ته"ماني کائي ڪري سمهي پو." اهڙيءَ طرح هن فعل جون ٻيون صورتون به رائج آهن، مثلا،"هن کي وٺندي"ڪراهين" وڌئون جيل ۾." هتي ڪراهين" (ڪرڻ مصدر) وٺڻ مصدر جي مدد طور آيل آهي. ٻيو جملو آهي ته"هتي رهندي"ڪندي". هن جملي ۾ پڻ ساڳيءَ طرح رهندي(رهي ٿو) سان"ڪندي) (ڪري ٿو) فعل معاونت ڪري رهيو آهي. ڏٺو وڃي ته هن ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ميدان موجود آهي ۽ اهو آهي به وسيع.

"نه" جو استعمال: سنڌي ٻوليءَ ۾، "نه" جو استعمال رڳو"ظرف انڪاري طور نه ٿيندو آهي پر ان جا ڪيترائي استعمال ۽ ڪيتريون ئي معنائون آهن، مثلا هيٺين جملن ۾"نه" جدا جدا" معنائن ۾ ڪم آيو آهي:

1- هائو"نه" ! تنهنجي ملڪيت آهي، رهيل رقم ڏيئي، کڻي وڃ. (نه = حرف تصديق)

2- ڪتاب ته توئي ڦاڙيو آهي، هائو"نه" ؟(نه = حرف استفهام)

3- اچ"نه"! اسين تنهنجي انتظار ۾ آهيون(نه = حرف تاڪيد)

4- چيو مانءِ"نه" ! ته مون وٽ هڪ رپيو به نه آهي(نه = حرف يقين)

5- تون مون کي سڃاڻين به ڪونه ٿو"نه"! (نه= حرف شڪايت)

6- ڇڏ"نه" ! اجايو ضد نه ڪر.(نه= حرف تنبيهه)

        اهي ساڳيا جملا ماٿيلي اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ رائج آهن، رڳو ٻوليءَ جو فرق آهي، مثلا:

1- هئو"نه"! شي تهجي آ، بچدا پيسا ڏئي ڪري، چائي: وڃ.

2- اهو ڪتاب ته تو ڦاڙيو آ، هئو"نه"؟

3- آ"نه"(اچ نه) اسان تُنهجي ڪان کڙائون(بيٺا آهيون(

4- چَيُمِي"نه"! مان وٽ ٽڪو ئي ڪونهي.

5-نائين سڃاڻيندو پيو"نه"!

6- ڇڏ"نه"! هروڀرو جي ضد نه ڪر. وغيره.

        پهرئين جملي ۾"هائو" ۽ "نه" آ متضاد لفظ گڏ استعمال ٿيا آهن. ظاهر ۾ ائين ٿو لڳي ته"هائو" ظرف هاڪاري "نه" ظرف ناڪاري آهي، پر هتي"نه" جي معنيٰ ٿيندي" ايئن برابر آهي." يعني ڳالهه کي وڌيڪ ٽيڪ ڏيڻ ۽ تصديق ڪرڻ لا"هائو" جي پٺيان ساڳيءَ معنيٰ وارو لفظ"نه" ڪم آندو ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن جملي ۾ ڪم آيل لفظ"نه" کي حرف تصديق سڏيو ويو آهي. ٻئي جملي ۾ ساڳيا لفظ"هائو" ۽ "نه" سواليه نشانيءَ سان آيل آهن، تنهن ڪري سندن معنيٰ ٿيندي"ڇا ايئن برابر آهي؟" اهڙيءَ طرح ٻين جملن ۾ ڪم آيل لفظ"نه" جدا معنائون رکي ٿو.

        اتر سنڌ ۾ ڪن هنڌن تي اهو"نه" مٽجي"ني" ٿي پيو آهي، ۽ "هائو نه" کي"هائو ني" ڪري ڪم آڻبو آهي. ڀيرومل "شڪارپور جي مٺي ٻولي" جي عنوان هيٺ"سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ" ۾ لکيو آهي ته:"ٻين هنڌ چون"اٿ نه، هل نه" پر شڪارپوري چون"اٿ ني، هل ني" هتي ته بنهه پڌرو آهي ته"نه" جي ننڍڙي اچار کي وڌائي"ني" ڪن ٿا، جنهن ڪري اهو اچار بلڪل چٽو ٿيو پوي، پر ساڳئي وقت اهو سر سان اچارين ٿا، تنهن ڪري سندن ڳالهائڻ مٺو پيو لڳي."*

        اهو برابر آهي ته شڪارپور پاسي"نه"بدران"ني" جو استعمال گهڻو ٿئي ٿو، پر ائين چوڻ درست نه ٿيندو ته اهو لفظ ڪنهن مخصوص اراضيءِ کان سواءِ ٻئي هنڌ ڳالهايو ئي نه ويندو آهي،"پير ڳوٺ" شڪارپور کان گهڻو پري درياءَ جي ٻئي پاسي آهي. اتان جي عظيم شاعر حضرت علي گوهر شاهه"اصغر" جي ڪلام ۾"ني" جو استعمال انتهائي سهڻي نموني ٿيل آهي، مثلا:

"اکين تنهنجي جان جهٽي،"ني" بطه وٺي جيئن باز

        ٻئي هنڌ"باراني" قافيه سان ٻيا قافيا"ني" جي ميلاپ سان پيدا ڪيا ويا آهن:

نيڻ ڪئي"باراني"، تنهنجي فراق ۾ سهڻا

1- رات جا گذري هن هيڻي جي، تڪيندي سو تارا"ني"
2- نيڻ جي تنهنجا آهن مون لئه، ماڻ ڀريا سي مارا"ني"
3- عاشق موٽن جي، جڳ ۾ ٿين ڪوڙا ۽ سي ڪارا"ني"
4- ڪڏهن ملندين هن ويچاري سان، تڪيان تنهنجا ٿي چارا"ني"
5- "اصغر" عاشق هڏ نه هلندو، پرت ۾ ٿئي جي پارا"ني"
    ٻئي هڪ قافيءَ ۾"اصغر سائين" "ياراني" قافيي سان قافيو"باراني" آندو آهي، باقي ٻيا قافيا "ني" جي اضافي سان پيدا ڪيا اٿس:

يار پارتي اڄ "ياراني"، مون سان چيچ وجهي اجهو چيچ ۾ جيڏيون.

1- شاهي ڏنائونم، شوق جي، اهڙي ڪئي نه دارا"ني"
2- ساهه سوگهو ڪيو سڄڻن سرتيون، ڳڻن جا وجهي ڳارا"ني"

3- گڏ هجان تنهن دلبر سان، عمر ايام سي سارا"ني"
4- "اصغر" عاشق جا وقت تنهين، ٺريا اکين جا تارا"ني"
        ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾به"ني" گهڻو استعمال ٿئي ٿو، پر اهو ڪٿي فعل ٿي ڪم اچي ٿو ته ڪٿي ضمير ٿي. فعل طور ڪم ايندڙني" "آهن" جي بگڙيل صورت آهي."ني" جو اهڙو استعمال گهڻو ڪري هتان جا"هندو" ڪندا آهن، مثلا:

مهمان آيا"ني"(آهن). چوندا "ني" (آهن) ته اسان وينداسين پيا."

يعني"مهمان آيا آهن، چون ٿا ته اسين هليا وينداسين.*

ضمير جي صورت ۾ ڪم ايندڙ"ني"، ٻٽو ضمير ٿي، فاعل ۽ مفعول ٻنهي جي بدران ڪم اچي ٿو، جيئن ته:

"چيو"ني" ڪون! ته اسان ڳوٺ وينداسي

"يعني"توکي نه چيو ڇا ته اسين ڳوٺ هليا وينداسين."

ڏسبو ته هتي هنن کي(مفعول) بدران"ن" ۽ تو(فاعل) بدران"ي" ڪم آيو آهي.

"ني" جو استعمال: "ني" جي استعمال کي سمجهڻ لاءِ هيٺ:"کائڻ" مصدر جي فعل جو مختصر گرداشن پيش ڪجي ٿو. هر جملو مذڪر توڙي مؤنث لاءِ ساڳي طرح بيهندو.

ماٿيلي -  اٻاوڙي جي ٻولي        رائج تحريري محاورو

انبڙي کاڌي"ني"        هنن انبڙي کاڌي   انبڙي کاڌا "ئون"

انبڙيون کاڌيون"ني" هنن انبڙيون کاڌيون  انبڙيون کاڌا "ئون"

انب کاڌو"ني"            هنن انب کاڌا          انب کاڌا "ئون     

        سنڌيءَ جي رائج تحريري محاوري ۽ ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻوليءَ ضمير غائب جمح (مذڪر خواهه مونث)، جيڪڏهن"فاعلي حالت" ۾ آهي ۽ "زمان ماضي مطلق" جي متعدي فعل ۾ ضميري پڇاڙي گڏيل آهي، ته پوءِ ٻنهي محاورن ۾ هڪ واضح فرق نمايان ٿئي ٿو، يعني رائج تحريري محاوري ۾، ضميري پڇاڙي"ئون" ۽ "ماٿيلي - اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙي"ني" ته قائم رهن ٿيون، پر ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ فعل پنهنجي مفعول سان عدد ۽ جنس مطابق مٽجي ٿو، جڏهن ته رائج تحريري محاوري ۾،"فعلي صورت" (کاڌا) مفعول جي عدد ۽ جنس ۾ ڪا تبديلي نٿي آڻي. اهڙيءَ طرح ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾کاڌي ني"، کاڌيون ني" کاڌو ني" ۽ کاڌاني"، واحد، جمع، مذڪر توڙي مونث جون صورتون جدا جدا آهن، پر رائج تحريري محاوري ۾ اهو امتياز ڪونه آهي ۽ سمورا فعل"کاڌائون" لفظ ڪم آڻڻ سان ٺهي سگهن ٿا. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اهڙي فعل جو پريوگ، رائج تحريري محاوري"ڪرتري" ۽ "ماٿيلي - اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾"ڪرمڻي" بڻجي وڃي ٿو. هتي هڪ ڳالهه گردان، ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾"ني" ضميري پڇاڙيءَ ۾(ضمير غائب جمع مذڪر خواهه مونث) "ا" جي اضافي(1 + ني) سان ٿيندو، ۽ رائج تحريري محاوري خواهه ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ پريوگ هڪ جهڙو يعني"ڪرمڻي" رهندو. هيٺ مثال پيش ڪجي ٿو.

ماٿيلي -  اٻاوڙي جي ٻولي           رائج تحريري محاورو

انبڙيون کاڌي"اني"(آهني)هنن انبڙي کاڌي آهي.  انبڙي کاڌي اٿن

انبڙيون کاڌيون"اني"      هنن انبڙيون کاڌيون آهن انبڙيون کاڌيون اٿن

انب کاڌو"اِني"             هنن انب کاڌو آهي     انب کاڌو اٿن

انب کاڌا"اني".            هنن انب کاڌا آهن.      انب کاڌا اٿن.

        "ماٿيلي - اٻاوڙي" علائقي جون ڪي قومون"اني" (آهني) بدرانتني" ڪم آڻينديون آهن. اهو لفظ اصل ۾"اٿني"(انهن کي آهي) جو مخفف آهي."ني" "ماٿيلي - اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾ گهڻين ئي صورتن ۾ استعمال ٿئي ٿو. گرامر جي نڪته، نظر کان هيٺين جمن جو مطالعو ڪبو ته، ڪيترا نوان نڪتا نروار ٿيندا:

ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻولي   رائج تحريري ٻولي    ڪيفيت

1- ماني کاڌي"ني"     "هنن"ماني کاڌي.          (هنن - فاعلي)

2- پِيُو مَرِي ويو"نِي"  "هنن جو"پيءُ مري ويو.      (سندن -اضافي)

3- رشيد وٺي ويو"ني" رشيد"هنن کيوٺي ويو (کين-مفمولي)

4- ڏاڍو مينهن وٺو"ني". "هنن وٽ" ڏاڍو مينهن پيو. (وٽنجري)

 

        مٿي ڄاڻايل جملن ۾"ني" جو استعمال فعل جي پٺيان ٿيل آهي، پر"ني" جيئن ته ضمير غائب جمع جي نشاني طور ڪم اچي ٿو، تنهن ڪري ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ ٻٽين متصل ضميري پڇاڙين ۾، سندس استعمال"فاعلي ضميري پڇاڙي" جي پٺيان پڻ ٿيندو آهي، مثلا:

1- چيو مان"ني" = "مون" کين چيو.

2- چيو وي "ني" = "اوهان" کين چيو.

3- چيو سي"ني" = "اسان" کين چيو.

"ماٿيلي - اٻاوڙي" جي ٻولي ۾

سهل پسندي

        ٻوليءَ ۾ سهل پسنديءَ جو ڪردار نهايت اهم ليکيو وڃي ٿو. ٻولي پنهنجا نقش ونگار ۽ رنگ روپ يا ته ٻين ٻولين جي اثر هيٺ بدلائي ٿي، يا ان جي سٽاءَ ۾"سهل پسندي" جي عمل سبب تبديليون پيدا ٿين ٿيون. پهرين قسم جون"بيرون تبديليون" ۽ پوئين قسم جي ڦير ڦار واريون"اندروني تبديليون" آهن. ڀيرومل سهل پسنديءَ کي انگريزي فقري جو ترجمو ڪندي "ڪشالي جو سنجم" ڪري ڄاڻايو آهي ۽ لکي ٿو ته"انسان پنهنجي ذاتي سڀاءُ ڪري، ائين چاهي ٿو ته سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ جيترو گهٽ ڪشالو ٿئي، تيترو چڱو. انهيءَ ذاتي سڀاءَ ڪري، هو لفظن جي اچار ڪرڻ مهل به"ڪشالي جو سنجم" ڪري ٿو، جنهن ڪري اچار بگڙيو وڃن.*

        اهڙيءَ طرح هڪ طرف ته ڀيرو مل ٻوليءَ جي بگاڙ جو سبب "ڪشالي" جو سنجم" ڄاڻايو آهي، پر ٻئي طرف"ڊاڪٽر ڀنڊارڪر جي راءِ جي روشنيءَ ۾، اهڙي تبديليءَ کي جائز سڏيو اٿس. سندس چوڻ آهي ته"مطلب ته ماڻهن کي جيئن سولو سهنجو لڳي ٿو، تيئن هڪڙن لفظن جي نموني ٻيا لفظ جوڙي ڪم پيا آڻين." هاڻي هڪڙي پاسي ايئن چيو وڃي ٿو ته عام ماڻهو ٻوليءَ جو غلط استعمال ڪري، ان کي بگاڙيندا رهن ٿا، ته ٻئي پاسي انهيءَ ڳالهه به جوڳو ڌيان لهڻو ته ٻولي ڪا هڪ ئي وقت ۾ ماڻهن جي زبان تي نازل نه ٿي آهي، زبان آهي هڪ ٽڪسال، جنهن ۾ روزمره ٻولي پيئي گهڙجي. زبان جي اها ٽڪسال ڪڏهن بند ٿيڻي ناهي، جيستائين ڪو هڪ انسان به هن ڌرتيءَ تي رهندو، ته ٻولي پيئي گهڙبي ۽ وڌندي ويجهندي رهندي. تحريري ٻولي بيشڪ قيد ٿيو وڃي ۽ ان جون صلاحيتون محدود ٿيو وڃن، پر زباني طور ورتاءُ ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾ سدائين پيون ڦيريون گهيريون ٿين. ٿيڻ ائين کپي ته اهڙين تبديلين کي خنده پيشانيءَ سان برداشت ڪجي ۽ سهل پسنديءَ مطابق جيڪا تبديلي ٻوليءَ ۾ اچڻي آهي، تنهن کي جاري رهڻ گهرجي ته جيئن زبان جي انهيءَ قالب ۾ ٻولي پوري طرح ٺهڪي، ڪا جاءِ وٺي، پنهنجي صورت قائم ڪري.

        ماٿيلي - اٻاوڙي علائقي ۾ شر ڳالهائيندا آهن. ته"ماني کواربي" ڀلا کارائبي" ڇو نه ٿا چون! ڪا ته اهڙي سهوليت آهي، جا سندن زبان اختيار ڪري ورتي آهي ڇا هن ڳالهه ڌيان ئي نه لهڻو نه هڪ شيءَ کي ڇڏي ٻي اختيار ڪئي ويئي آهي ۽ صدين کان هلندڙ هڪ سڪي کي مٽائي، ٻيو چالو ڪيو ويو آهي، ان جو ڪو ته سبب هوندو‍

        "ماٿيلي - اٻاوڙي" جي ٻوليءَ ۾، سهل پسندي سبب ٿيل ڦيرين گهيرين جي ڪجهه وضاحت ڪجي ٿي:"ڪاهڻ" مصدر جي مجهولي صورت ٿيندي"ڪاهجڻ" هن صورت جو فائدو وٺندي. هن علائقي جا"شر" بلوچ چوندا ته:

- هر جيئن "ڪاهجندا" "هن" "ائين" نه ڪاٿا" ٿي"

(يعني) هر جيئن"ڪاهبا" "آهن"، "تيئن" نه "ڪاهيا" "اٿيئي"

 ساڳيءَ طرح "راهڻ" پوکڻ مصدر جي مجهولي صورت ٿيندي" راهجڻ" (پوکجڻ). شر"راهجڻ" مان اهڙي قسم جو جملو هيٺين ريت جوڙيندا:

- پيُو کي وڃي"چو" ته جوئر"راهجندي" "آ" "پي". (يعني)"پيءُ" کي وڃي"چئه" ته جوئر"راهبي"(پوکبي) "پيئي" "آهي". (پيءُ کي وڃي ٻڌاءِ ته جوئر پوکجي ٿي.)

کائڻ جي مجهولي صورت"کائجڻ" آهي، پر"سهل پسنديءَ" سبب اها "کاڄڻ" ۾ به تبديل ٿيندي آهي" شرڪي" ٻوليءَ ۾"کاڄڻ" مصدر مان ٺهيل فعل هن طرح استعمال ٿئي ٿو:

ماني ائين "کاڄندي" آ = ماني ايئن کائبي" آهي، يا"ماني هن طرح کائجي ٿي."

        ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾"آهن" لفظ جون ٽي صورتون رائج آهن:"هن"، "ان" ۽ "هن" شر" هن استعمال ڪندا آهن، شايد زير بدران زبر کين وڌيڪ سولي لڳندي آهي تنهن ڪري"هن" کي ڇڏي، "هن" اختيار ڪيو اٿن. هن علائقي جون ٻيون سڀ قومون چونديون ته ڏاند"وڙها پي" پر "شر" چوندا: ڏاند"وڙها پي" (ڏاند وهي رهيا هئا) . يعني"وڙها" جي"واو" تي پيش بدران زبر ڏيندا آوازن" جي اصول مطابق"زير" ۽ "پيش کان"زبر" اچارڻ وڌيڪ"سهل" آهي. ٻئي هڪ فعل"رهيا آهن" کي، شرڪي ٻوليءَ ۾"رڙهاهن" ڪري اچاربو، مثلا: "هاڻي اهي ماڻهو نه "رڙها" هَن" هاڻي اهي ماڻهو نه رهيا آهن(هينئر اهي ماڻهو موجود نه آهن) ٻيو هڪ جملو شر هن طرح ڳالهائيندا آهن: "پوک ڪندا ئي"ڪين" (نون اعلانيه) هون پوک ڪندا به"ڪين" آهيون، هتي"ڪي" جي آواز کي"ڪي" سان بدلايو ويو آهي، جو فطرتي طرح اچارڻ ۾ آسان آهي.

        پڻ "کارائڻ" "لارائڻ" (لڳارائڻ) کي"سهل پسنديءَ" موجب"گوارڻ" ۽ لوارڻ ۾ مٽايو ويو آهي ۽ ساڳيءَ طرح"پوڻ" معنيٰ سمهڻ مصدر جي بالواسطه صورت"پوائڻ" (سمهارڻ) کي چار - سهنج ڪارڻ، "پوارڻ" ۾ بدلايو ويو آهي.  اچارن ۾ اها سهوليت حاصل ڪري،"شر" هيٺينءَ طرح جملا جوڙين ٿا:

1- "جا" کي رنگ "لواري" ڏينداسي. يعني"جاءِ" (گهر) کي رنگ "لڳارائي" ڏينداسين.

2- ڇوڪري کي ماني"گواري"، "پواري" ڇڏيونس. يعني ڇوڪري کي ماني"کارائي"، "سمهاري" ڇڏيائونس.


*  سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڇاپو ٻيو. ص99.

*  اهو جملو مسلمان هن طرح ڳالهائيندا آهن:

مهمان آئِن، چوندِن ته اسان وينداسي آئِن اَبا آهن جو مخفف ۽ چوندِن چوندا آهن جو مخفف آهي. 

* سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڇاپو ٻيو- ص 97، 131.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com