باب ستون
ڪڇڪي
ڪڇ
144- ”ڪڇ“ لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ڪڇ“ معنيٰ
ڪنڌي يا ڪنار
ڪڇ ملڪ اُپٻيٽ آهي: ٽن پاسن کان سمنڊ جون ڇوليون
ڇلڪا ڏيئي ان جو پٽ پييون پسائين. تنهنڪري اهو
”ڪڇ“ يعني سمنڊ جو ڪناري وارو ملڪ سڏجي ٿو. اتي
جيڪا سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، سا ”ڪڇڪي“ سڏجي ٿي.
145- عيسوي ستين صديءَ ۾ ڪڇ ملڪ سنڌ جي حڪومت هيٺ
هو ۽ پوءِ به ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌ جي سمن راجپوتن
پنهنجو دڳو ڄمايو هو، سنڌي ماڻهن جي حڪومت اوڏهين
ٿي، ته سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ به انهن پاسن ڏي
ٿيو. جنهنڪري اڄ سنڌي نه فقط ڪڇ جا جاڙيجا، لهاڻا
۽ ڀاٽيا ڳالهائين ٿا، پر ڪاٺياواڙ جي اتر واري
ڀاڱي ۾ به سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي.
ڪڇڪيءَ جون علحديون ڳالهيون
146- ڪڇڪيءَ جي اچارن ۾ ڦير آهي، ۽ ڪيترا لفظ ۽
اصطلاح ٻيا ٻيا اٿس. هيٺين ڳالهين ۾ ڪڇڪي ٻولي لاڙ
جي ٻوليءَ سان مشاهبت رکي ٿي:
1- لفطن جي پڇاڙيءَ واري اعراب ڪڍيو ڇڏين.
2- ”اِ“ جي اُچار جي عادت گهڻي اٿن ”منجهان“ لفظ
جي منڍ ۾ ”اِ“ جو اُچار ڪن ٿا.
3- اُچارن کي سُسائين ٿا. ”ڏنائينس“ بدران چون
”ڏنينس“ ۽ ”پڇائينس“ بدران چون ”پڇينس“.
4- ”هه“ جو اچار ڪيترن لفظن مان ڪڍيو ڇڏين.
”تنهن“ ۽ ”ڪنهن“ بدران چون ”تين“ ۽ ”ڪين“
”تين ڪي رحم آيو“ يعني تنهن کي رحم آيو. ’ڪينجو
نينگرو اچي تو‘ يعني ڪنهن جو نينگر (ڇوڪر) اچي ٿو.
5- ”اِتان“ ۽ ”جتان“ بدران ’اِئان‘
’جئان‘ چون ٿا، يعني وچ وارو ’ت‘ اکر ڪڍي ڇڏين.
6- ڪيترن لفظن جي وچ مان ’ر‘ ۽ ’ڙ‘ جو اچار ڪڍيو
ڇڏين، جهڙوڪ: گايون چارڻ بدران چون گئو چايڻ. ’او
کُسي ڪيڻ لڳا‘ يعني هو خوشي ڪرڻ لڳا(ڏسو ضميمو
ٻيون.)
7- عام صورت ۾ ”اين“ جو ڊگهو اچار گڏين ٿا. جهڙوڪ:
جانور، جناورين؛ ڏينهن- ڏيئين، ’جهجهي جهپاٽين
سين‘ يعني گهڻن ڌڪن سان.
8-آءٌ ’ڪُرو‘ ڪرييان؟- مان ڇا ڪران؟- ائين ”يه“ جو
اُچار بدلائي گڏين ٿا.
9-’اُو‘’اَن‘۽’پنڊ ضمير ڪم آڻين ٿا،۽’اوهان‘
بدران’اَن چون ٿا‘ اَن ”ڪُرو“ ڪريان؟ اهو ڪرو لفظ
لاڙي ۾ ڪونهي.
147- ڍاٽڪي ٻوليءَ وانگر ڪڇڪيءَ ۾ ”ئو“
بدران ”نو“ چون، پر ”هو“ بدران ”ئو“ چون ٿا.
جهڙوڪ: ’تو جو ڀاءُ مري ويو ئو‘، يعني تنهنجو ڀاءُ
مري ويو هو.
148- ”آءٌ ماريو آهيان“ بدران چون ’آءٌ مارائو
آهيان‘- ٿر ۾ به ائين چون.
گجراتيءَ ۽ راجسٿاني ٻولين جو اثر
149- ’مون جو روپيو وڃائجي پيو هوئو، سو لهجي
آوِيو.‘ (لڀي آيو يعني لڌو). ”هو“ بدران
هوئو ۽ ”آيو“ بدران ”آوِيو“چون.ساڳيءَ طرح
”هواسين“يا”هواسُون“بدران ڪڇڪيءَ ۾ چون ”هوئون“
–
هيءُ راجسٿاني ٻولين جو نمونو آهي.
150- گجراتي ۽ راجسٿاني ٻولين وانگر، ڪڇڪيءَ ۾
’تون‘،’ئي‘،’آني‘ ۽ ’ني‘ حرف ڪم. آڻين ٿا. جهڙوڪ:
1- ”ملڪيت منجهان نون جو ڪو مون جي پتي ٿئي، سي
مُوڪي ڏي‘ يعني ملڪيت منجهان جيڪان پتي منهنجي
ٿئي، سا مون کي ڏي.
2- ’رامجي ڀين ٿي اُونچو آئي“ يعني
رامجي، ڀيڻ کان اُوچو يا ڊگهو آهي. اُن ٿي کاسو
=
هن کان خاصو.
3- آءٌ ڪلياڻجي وٽ ويندوس، ائي تين ڪي (تنهن کي)
چوندوس، نه تو جو مال نٿو وڪائجي (وڪامي). لاڙ ۾
به ”ني“ چون- مثلاً، پنج ئي ٻه ست يعني پنج ۽ ٻه
ٿيا ست.
(4) ’کائي تي‘ معنيٰ کائي ڪري.
(5) ’ٿوريج ڏيئين پٺيان‘ يعني ٿورن ئي ڏينهن کان
پوءِ. ’مال مڙي تو جو آهي‘ يعني هيءُ مال سڀ
تنهنجو ئي آهي. اهو زور ڀرائيندڙ حرف ”ج“ گجراتي ۽
راجسٿاني ٻولين جو آهي.
ڪڇڪي جا علحدا لفظ ۽ اصطلاح
151- ڪڇڪيءَ ۾ ڪيترا لفظ علحدا آهن ۽ ڪن جا رڳو
اچار ڦريل آهن. جهڙوڪ:
اورکڻ
=سڃاڻڻ،ٻاپو
=بابو،ٻايڙي
=ٻائي،اڍي
=اڍائي،
پڳ
=پير،
پڳٽي
=دڪي،
ڦڳائڻ
=اُڇلڻ،
جهمڻ
=کائڻ،
کائو
=کانو،
گائو، گانو، ڏونگري
=
بصر، روسڻ
=
ڪُهڻ، ڏيس وٽو معنيٰ شهر نيڪالي، ترارين جي تر
پيئي يعني ترارين جو ڦهڪو لڳي ويو.
ڪڇ جي شعر جو نمونو
152- مَيـا ڀــري مـال، اوڍي اُچارا ڪيا،
نه ڄاڻا ٻي ڳال، ڪيهر هليو ڪڇ ڏي.
يعني ڄام تماچي جي ڀاءُ ڄام اوڍي اٺن تي مال ڀري
لاڏاڻو ڪيو(لڏي ويو). چيائين ته مان ٻي ڪا ڳالهه
ڄاڻائي ڪا نه يعني مان پنهنجي مرضيءَ موجب هلندس.
ائين چئي هي شير مڙس ڪڇ ڏي هليو ويو.
سورٺي شعر جو نمونو
153- ڪاٺياوڙ جي سورٺ (سوراشٽر) پرانت (ضلعي) ۾
اهير، چارڻ، مير ۽ ٻيا ڪيترا سنڌ جي آڳاٽن رهاڪن
مان آهن. سورٺي ٻوليءَ ۾ سندن ٿورو شعر چيل آهي.
جهڙوڪ:
اُتــر ســيڙهيون ڪڍيون ڏونگر ڏمريام،
هنئڙو تڙڦي مڇي جئن، ساجن سنڀريام.
اتر کان ٿڌي هوا (سيءُ جون سيرو (وهڪون) پيون اچن.
جبل مون تي ڪاوڙيا آهن يعني سيءَ سبب جبل ٺري ويا
آهن ۽ مون کي پير رکڻ نٿا ڏين ۽ ڄڻ ته مون تي
ڪاوڙيل آهن- سڄڻ ياد پيم، ته منهنجو هنيو (دل)
مڇيءَ وانگر ترڦڻ لڳو.
هيءُ بيت پروفيسر ماڻڪڊيه جي جوڙيل سورٺي ٻوليءَ
بابت ڪتاب مان ورتو ويو آهي ۽ سسئيءَ ۽ پنهونءَ جي
قصي تي ٻڌل پيو ڀانئجي.
باب اٺون
لاسي
لسٻيلو
154- لسٻيلي جو شهر ڪراچيءَ کان اٽڪل سٺ ڪوهه پري
بلوچستان جي حد ۾ آهي. سڄي لسٻيلي رياست ۾ لس ئي
لس جبل لڳا پيا آهن. اتي گهڻي وڻڪار نه هئڻ
سبب اهو سمورو ملڪ لسو ۽ ٻسو پيو لڳي، تنهنڪري اهو
نالو رکيو اٿن- اڳي ارم ٻيلو سڏبو هو. اهو سڄو
پاسو مڪران سميت اڳي سنڌ جي حڪومت هيٺ هو، تنهنڪري
سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ اوڏاهين ٿيو. اڄ به سنڌي
ٻولي لسٻيلي ۽ گندا واهه طرف ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي.
لسٻيلي رياست ۾ اٽڪل پنجهٺ هزار آدم آهي، جنهن مان
چوڏهن هزار ماڻهو بلوچي ٻولي ۽ نوَ هزار کن بروهي
ٻولي ڪم آڻين ٿا، باقي ٻائيتاليهه هزار ماڻهو جيڪا
سنڌي ڳالهائين ٿا، سا ”لاسي“ معنيٰ لسٻيلي جي سنڌي
سڏجي ٿي( ڏسو ”لنگئسٽڪ سروي“، جلد اٺون، ڀاڱو
پهريون).
لاسيءَ جون علحديون ڳالهيون
اُچار-
گهر، ٻاهر ۽ ننڍو بدران لاڙاين وانگر گر، ٻار ۽
ننڊو چون، پر گهاٽو، هميشہ
۽ ڳالهه لفظن ۾ ”هه“ جو اچار قائم رٿا. ”منڊيءَ“
بدران پاڻ چون ”منڊي“.
(الف) ”گم ڇي ويو“ معنيٰ گم ٿي ويو. ”جيئرو ڇو
آهي“ معنيٰ جيئرو ٿيو آهي. ”هيترا سال ڇن“ معنيٰ
هيترا سال ٿين. اهڙيءَ طرح ”ٿ“ بدران ”ڇ“
چون ٿا، پر ”ئو“ بدران چون ”تو“.
اسمن جو ڦيرو-
لاسي ٻوليءَ ۾”پير“ جو جمع ”پيران“ ۽ ”پورهيت“
جو”پورهيتان“، جيئن شڪارپور طرف آهي. ”هڪڙي ماڻهو
جا ٻه پٽ هئا“، هن جي بدران لاسي چون، ”هڪڙي
ماڻهٻي جا ٻه پٽ هئا“، مطلب ته جيئن ”ڇوڪرو“ لفظ
کي عام صورت ۾ چون ”ڇوڪري“، تيئن هي ”ماڻهو کي علم
صورت ۾ آڻي چون ”ماڻهي“.
ضمير
–
ضميرن ۾ وڏو ڦير اٿن:
(1) ضمير غائب ”هو“ کي عام صورت ۾ آڻي چئبو ”هن“،
پر لاسي ۾ چون ”هُوَ“ (”هه“ مٿان پيش ۽ ’و‘ مٿان
زبر يعني ’اَ‘ جو اچار)، تنهن مان به ”هه“ جو اچار
ڪڍي باقي چون ”وُ“ جو پٽ“ معنيٰ هن جو پٽ ۽
’وُ جو گذران‘ معنيٰ هن جو گذران.
(2) ”اهو“ بدران چون ’ايهو‘، پر اڳيون الف
ڪڍي چون”يهو“. مثلاً ”يهو مانجو پٽ ڇي“ معنيٰ اهو
منهنجو پٽ ٿئي. ’يهو‘ جو اچار گهٽائي ’يهه‘ به
چون. مثلاً يهه جو مطلب ڇو؟ يعني انهيءَ جو مطلب
ڇا؟ هن پوئين مثال مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ’اهو‘
’ايهو، يهو، يهه‘ چون ٿا.
(3)’ڇا‘ بدران چون ’ڇو‘ يا ’ڇي‘. ’ڇي لاءِ‘ يعني
ڇا لاءِ، ’يهه جو مطلب ڇو؟‘ يعني انهيءَ جو مطلب
ڇا.
فعلن جا گردان-
اُچار ڦريل اٿن ته فعلن جي گردانن جو نمونو به
ڦريل اٿن؛ خاص زمان مضارع ۾ وڏو گهوٽالو اٿن.
جهڙوڪ:
”اَن’ اُڇي گر تو وڃين“ يعني آءٌ اٿي گهر ٿو
وڃان.
”اَن’ ڪم پيو ڪرين“ يعني آءٌ ڪم پيو ڪريان.
”اَن’ لائق ناهين“ يعني آءٌ لائق نه آهيان.
”وڃي ڇو چوينس“ يعني وڃي ٿو چوانس.
”ڀلي ته سرها ڇان“ يعني ڀلي ته سرها ٿيان(ٿيون).
ظرف
–
لاسي ۾ ’جر‘ معني‘ ’جڏهن‘ ۽ ’تر‘ معنيٰ تڏهن. ’جر
جو اڃا گهاٽو ڏور هو تروُ جي پٽ کي پسي منجهه وڃي
پتريو يعني جڏهن اڃا گهڻو پري هو تڏهن هن جي پٽ کي
ڏسي (جاءِ) منجهه وڃي گهڙيو.
حرف جر-
لاسيءَ ۾ ’پاڏ‘ معنيٰ ڏي يا ڏانهن. اهو ظرف هن ريت
حرف جر ڪري ڪم آڻين ٿا: اُو هڪڙي ڏُونرين ملڪ پاڏ
ويو‘ يعني هو هڪ ڏورانهين ملڪ ڏي ويو. لاسيءَ
۾”ڳر“ معنيٰ وٽ ۽ ’گران‘ معنيٰ وٽان، ’سان‘ بدران
’سين‘ چون. اهي ٽيئي حرف لاڙيءَ ۾ آن ۽ شاهه جي
رسالي ۾ به ڪم آيل آهن. لاسيءَ ۾ ’کان‘ بدران
’تُون‘ به ڪم آڻين ٿا‘ جو سرائڪي توڙي گجراتيءَ جو
حرف جر آهي. جيئن ڪ چون”ٿورڪان ڏينهان نون پوءِ‘
يعني ٿورن ڏينهن کان پوءِ.
لاسيءَ جا علحدا لفظ ۽ اصطلاح
156- ’اُڳارڻ‘ معنيٰ خرچن يا کپائڻ- مثلاً؛ ”جر سڀ
اڳاريائين“ يعني جڏهن سڀ (ڌن) خرچيائين ۽
کپايائين. جر معنيٰ جڏهن، تر معنيٰ تڏهن: گهاٽو
معنيٰ گهڻو. مثلاً: ”اسان وٽ گهاٽي ماني کاڻ لاءِ
آهي ۽ اوباري به سگهون ٿا“، يعني اسان وٽ گهڻي
ماني کائڻ لاءِ آهي ۽ اسين مانيءَ جي اوبر به
بچائي سگهون ٿا. ٻيون مثال: ”وُ کي گهاٽو چپڙيو“
يعني هن کي گهڻو چنبڙيو-”گهتائڻ“ معنيٰ گهرائڻ
مثلاً: ”هڪڙي پورهيت کي گهتائي پڇ“ ”پترڻ“.
معنيٰ”گهِڙڻ“.مثلاً: ”گرمنجهه نه پتريو“ يعني گهر
منجهه نه گهڙيو. اهڙيءَ طرح ڪي علحدا اصطلاح به
اٿن- مثلاً: ”اَڳي تان ورڻ“ معنيٰ اَگيا يا حڪم
کان ڦرڻ يعني حڪم جي برخلاف هلڻ. توجي اَڳي تان
وريو ناهين“ يعني تنهنجي اَگيا يا حڪم کان ڦريو نه
آهيان. ”پورهيت ڪري جهلڻ“ يعني پورهيت يا
نوڪر طور بيهارڻ- (”لنگئسٽڪ سروي“ تان ورتل).
باب نائون
ٻوليءَ
۾ فرق
هندن ۽ مسلمانن جي ٻوليءَ ۾ فرق
157- سنڌ ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، پر مکيه قومون ٻه
آهن: هڪڙا هندو ٻيا مسلمان. انهن جي مادري زبان
هڪڙي آهي، ته به ڪو باريڪ طرح جاچيندو، ته معلوم
ٿيندس، ته هندن جي ٻولي هڪڙي ۽ مسلمانن جي ٻي-
جهڙوڪ:
هندو مسلمان
هندو مسلمان
هندو مسلمان
آرتوار آچر
منگل اڱارو
ٻڌر
اربع
وسپت خميس
ڪپ چاڪون
ڪٽورو وٽو
هندو چون ”تيوڻ سٺو ٿيو آهي“، ته مسلمان اڪثر چون
ته ”ٻوڙ ملوڪ ٿيو آهي“، ڪيترا اصطلاح ۽ پهاڪا به
ٻيا ٻيا اٿن- مثلاً وضو سارڻ، نماز پڙهڻ، روزو
رکڻ. ڪلمو ڀرڻ ۽ تڪبير چوڻ. ”جهڙا روح تهڙا ختما“،
”اڇو الله ڳاڙهو رسول“- هيءُ مسلمانن جا پهاڪا
آهن. جي وقتي هندو به پيا ڪم آڻين: ساڳيءَ طرح
”يگيه، هوَن ، هوم، آرتي، پني پائڻ، پنڊ ڀرائڻ“
وغيره. هندڪي رواج ۾ آهن. ” پاءَ پُٽيتي پُٽ کي
جڻيو“، راکي رام ته ماري ڪون؟“- هي هندڪا پهاڪا
آهن.
158-
(1) ”اسان آ عبادت نظر ناز پرينءَ جو“. (شاهه)
(2) ”هڏ نه وڻي هاڻ، مون ويڄن جي وصال“.
(3) ”بنائي ساز صورت جو وري ڪهڙا لِڪ
لڪائين ٿو“. (بيڪس)
پهرين مصرع ۾ ”نظر“ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ پيش يعني
”اُ“ جو اُچار آهي ۽ جنس مذڪر ٿي ڪم آيو آهي، نه
ته عام طرح جنس مونث ليکبي اٿس. ٻيءَ مصرع ۾
”وصال“ لفظ، جنس مذڪر بدران، جنس مونث ۾ ڪم
آيو آهي. ٽينءَ مصرع ۾ ”لِڪ“ جي جنس مذڪر آهي. نه
ته عام طرح لِڪ جمع لڪُون(جنس مونث). هندو چون ته
”پاڪي“ جنس مونث، مسلمان اڪثر ان جي جنس مذڪر
ليکين ٿا- اهڙيءَ طرح ٻين به ڪيترن لفظن ۾ جنس جو
ڦير آهي.
عاملن ۽ ڀائيبندن جي ٻولين ۾ فرق
159- هندن ۾ هڪڙا عامل ۽ ٻيا ڀائيبند آهن ۽ انهن
جي ٻوليءَ ۾ به وڏو ئي ڦير آهي. وقتي رڳو سندن
نالن منجهان ئي سهي ڪبو آهي، ته اهو نالو عاملڪو
آهي يا ڀائيبندڪو- مثلاً: هوتومل، ٽيڪومل، ۽
نارومل، ڀائيبندن جا نالا آهن. انهن جي بدران
عاملن جا نالا هوتچند، ٽيڪچند ۽ نارائڻداس آهن-
رواجي طرح هرڪو ائين ڀائيندو ته هو هڪجهڙي سنڌي
ڳالهائين ٿا، پر سندن خط پٽ يا چٺيون چپاٽيون ڏسو
ته ٻوليءَ ۾ زمين آسمان جيترو فرق ڏسڻ ۾ ايندو.
ڀائيبند اڪثر هيئن لکن:
”ايڪو سهاء(يا) جوڳ سري رام جي سهائتا.
”چرجيوي ڀائي تارومل پوڄ ڏاميملاڻي چڳهه پاشت
(طرف) لکت شڪارپور وچون داس کيمن پوج هوتچنداڻي
ماکيجي جي رام ست واچڻي. کُشي (خوشي) گهڻي ڪرڻي.
کُش (خوش) پرسن رهڻو. توهان جي اسان جي سري جوتي
سروپ سهائتا ڪندو.
1- اپرانت (وڌيڪ ته) گرت (گيهه) دٻا به
کراساني (خراساني) ۽ باسپتي چانور ٽي ٻاچڪ (ننڍيون
ڳوڻيون مڻ سوا جون) پٺياسون (موڪليوسون). رقم اسان
جي جمع ڪرڻي. اُپرانت سماچار واچڻي، ڦيري حوال ترت
ڏيوڻو. ٻيو حال حوال توهان جي چٺيءَ آوي اتي(اچڻ
تي) ڏينداسونوَ. چٺي لکي کيمن پوڄ هوتچند ماکيجي
شڪارپور وچون، وٺي ڀائي تارومل پوڄ ڏاميملاڻي چڳهه
حيدرآباد وچ
–
متي.......سنبت.“
لفافي تي سرنامي لکڻ مهل پهريائين ساڍا 74 انگ
لکن. اهو ”ساڍا چوهتر“ يا ”ساڍي چوهتر“ پڙهبو ”ستر
ساڍي چار“
–
هيءُ هڪ قَسم آهي ته جيڪو مالڪ کان سواءِ چٺي
کوليندو، تنهن کي ساڍا چوهتر مڻ گاين جو گاهه
ڌرمائو ڏيڻو پوندو، يا ڄڻ ته اهڙو پاپ ڪيائين جهڙو
هندن جي ساڍي چوهتر مڻ جي وزن جيترا جڻيا لٿائين-
اهو ساڍي چوهتر انگ لکي پوءِ هيئن لکن:
”چٺي هڪ ڀائي تارو مل ڏاميملاڻي چڳهه وٺي،
حيدرآباد شاهي بزار وچ، پَٺي شڪارپور وچون.“
160- هنڊيون اڪثر هن نموني لکن:
”ايڪو سهاء“
انگين اکرين رپيا ڇهه سؤ- نيمي رپيا سؤ ٽي، تنهنجا
ٻيڻا رپيا ڇهه سؤ- ڀائي ڇتن مل جي پاسو راکي، متي
چيٽ وُڏي 13(تيرس) سنبت.......مُدي ڏڻ ايڪهٺ کرا،
پيچي ڪراچي بندر منجهه، شاهه واپاري جوڳ ڀري
ڏيوڻا، ٺام ٺڪاڻو ڏسي ڏيوڻا.
- متي چيٽ وُڏي (تيرس).“
مٿئين نموني مان ڏسڻ ۾ ايندو ته پهريائين ڇهه سؤ
رپيا لکي پوءِ ان جو اڌ ۽ تنهن کان پوءِ انهيءَ
انگ جي ٻيڻ (وري ساڳيو ڪلجوڙ) ڄاڻائين ٿا، ته وچ ۾
ڪو دغابازي ڪري رقم ڦيرائي نه سگهي، جنهن جي فائدي
۾ هنڊي لکن، تنهن جو نالو ڄاڻائي، پوءِ انهيءَ
نالي جي پٺيان لکن ” پاسو راکي“. اهو سندن
اصطلاح آهي. اکري معنيٰ موجب اسان هن کان
پئسا وٺي رکيا
(توهين هن کي ڏجو). جنهن کي هنڊيءَ واري رقم ماڻي
هجي، سو جڏهن اها پيش ڪري، ۽ اڳلو هنڊيءَ ڏسي
منوتي (قبوليت) ڪري ته پئسا ڏيندس ته چون ”هنڊي
خاصي ٿي“ (قبول ٿي). اڳلو هنڊيءَ جا پئسا جنسي ڏئي
ته ”هنڊي سڪاريائين“ (Honour).
جيڪو هنڊي جا پئسا وٺي، سو پوءِ هنڊيءَ جي پٺ ڀري
(Endorse)
يعني ان جي پٺيان لکي ته
”رپيا(انداز) هن هنڊيءَ جا، پنهنجا لهڻا، مون کي
مليا“. هنڊيءَ جي پٺ ڀري، ۽ اڳلي کي پئسا مليا ته
پوءِ اها هنڊي ئي ”کوکو“. جيڪڏهن اڳلي هنڊيءَ واري
رقم نه ڏني ته اهو ٿيو ”نهڪارو“ يا ”ناڪارو“ (To
dis honour)
۽ ناڪاري تي اڳلي کي ڏيوالو ڪڍڻو پوندو آهي، اڳلي
جي ڏيوالي ڪڍڻ تي ان جا لهڻيدار، پاڻ ۾ صلاح ڪري،
ان جي سموري ملڪيت جون پنهنجي لهڻي موجب پتيون ڪري
کڻندا آهن. اهڙيءَ صلاح کي”ستمي“ چئبو آهي. اهڙيءَ
طرح واپارين لاءِ لفظ ۽ اصطلاح گهڻي ئي آهن.
161- ڀائيبندن ۾ اڪثر راجا وڪرماجيت جو سنبت هلندو
آهي. واپاري ڪمن لاءِ ڪٿي چنڊ جون تاريخون ۽ ڪٿي
مهيني جا ٻه پک ليکيندا آهن. اونداهي پَک کي
”وُڏي“ ۽ سُهائي پک کي ”سُڏي“ سڏيندا آهن
–
مثلاً: ”چيٽ سُڏي پنچمي“ اها ٿي چيٽ مهيني جي ٽين
تاريخ، ڇاڪاڻ ته چنڊ ٻيج تِٿ تي اڀرندو آهي، ۽
مهيني جي پهرين تاريخ ٽيج تِٿ تي ٿيندي آهي،
تنهنڪري پنچمي تِٿ ٿي ٽين تاريخ-ائين تاريخن
ڄاڻائڻ جو نمونو به نرالو اٿن.
مردن ۽ زالن جي ٻوليءَ ۾ فرق
162- هندو ۽ مسلمان وري ٻه ڌار قومون آهن ۽ هندن ۽
عاملڪو پکو ڌار ته ڀائيبندڪو پکو ڌار آهي، پر خود
پنهنجي گهر ۾ هرڪو هندو توڙي مسلمان جاچيندو ته
معلوم ٿيندس، ته مردن جي ٻولي هڪڙي ۽ زالن جي ٻولي
ٻي آهي. زالن جا ڪيترا لفظ، اصطلاح بلڪ پهاڪا به
پنهنجا. مثلاً ٻڙي، مٺي، نڀائي وغيره زنانا لفظ
آهن- زنانا پهاڪا ڪيترائي آهن، جهڙوڪ:
(1) مُٺي نڀائي، آتڻ آئي.
(2) آءٌ به ويندي پيڪي، مون به لهندي سڪ.
(3) ٻيو سڀڪي ٿيو باقي چَنڻ وسري ويو.
(4) اَڻ سرنديءَ پهاڄ پيڪي (لاچار کي سڀ روا).
(5) ساهرا آهرا، ٻاٻرا ڪنڊا، جو پاسو وراءِ چُڀ
چُڀ ڪندا.
(6) رُٺي آهي گهوٽ کان، نٿي ڳالهائي ڳوٺ سان!
مردن ۽ زالن جي ٻوليءَ ۾ گهڻو فرق هن ڪري ٿيو آهي
جو عام طرح نڪي مردن جي سَٿ ۾ زالون ۽ نڪي زالن جي
سَٿ ۾ مرد ويهن ٿا. چوڻي به آهي ته ”زالون زالن جو
کاڄ“. مرد مردانيءَ ٻاريءَ ۾ ۽ زالون زناني
ٻاريءَ ۾ گذارين ٿيون، ته سندن خيال جي رفتار ۽
ڳالهائڻ جو ڍنگ پنهنجي نموني ۾ ٿيو پوي. جتي ڏيتي
ليتي يا ٻيون اهڙيون رسمون آهن، تتي زالن جو هوش
گوش انهن ڳالهين ۾ وڃيو پوي؛ تنهنڪري اهڙين ڳالهين
سان لاڳاپو رکندڙ لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا پنهنجا
جوڙين ٿيون. وهانءَ- وڌاڻ ۾ يا منَهه
–
معرڪي تي هڪٻئي سان گڏجن مسجن ٿيون، ته هڪٻئي وٽان
اهڙا لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا ٻُڌن ٿيون جي پوءِ وٽن
عام ٿيو وڃن. هنن تي نڪي انگريزي، نڪي عربي، فارسي
يا سنسڪرت جو اثر ٿيو آهي، تنهنڪري سندين سنڌي
جهڙي ٺيٺ چئجي تهڙي آهي. اڄڪلهه جي ڇوڪرين کي
سنڌيءَ جو اهو مايو اڪثر ڪونهي- باقي ٻولي
ٻُڍين جي! گهڻو ڪري ڳالهائين ئي رڳو اصطلاحي سنڌي
۽ ٽپ ٽپ تي پهاڪي جو به ٺڪاءُ پيو پوندو- اسان جا
هاري به واه جي سنڌي ٿا ڳالهائين! انهن جي ٻولي
اهڙي چِيدي آهي، جو جيڪر چئجي ته ”ساهت جو سينگار،
ٻهراڙيءَ جي گفتار“.
هر ڪنهن جي پنهنجي ٻولي
163- ٻولي کي جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ باريڪ طرح جاچبو،
ته معلوم ٿيندو ته جيئن سڀڪنهن ماڻهوءَ جو مهانڊو
۽ هلت چلت جو نمونو پنهنجو پنهنجو آهي، تيئن هر هڪ
ماڻهو جي ٻولي ۽ اکرن لکڻ جو نمونو به پنهنجو
پنهنجو آهي، مثلاً جيڪڏهن اسين پنهنجي ڪنهن ڀاءُ
ڀرائي يا ڪنهن واقف جو ڳالهائڻ ٻڌنداسين؛ ته پريان
ئي جهٽ سهي ڪنداسين، ته فلاڻو ٿو ڳالهائي. ساڳيءَ
طرح سندس اکر به سڃاڻي سگهنداسين، ته هي فلاڻي جا
اکر آهن. جيڪڏهن سندس ڪو ليک اخبار ۾ پڙهنداسين ته
مضمون منجهان ئي سهي ڪري سگهنداسين. ته اهو ليک
فلاڻي جو آهي؛ پوءِ ڀل ته انهيءَ ليک تي سنديس
صحيح پيل به نه هجي. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن جي ٻولي
پنهنجي پنهنجي آهي- جيتوڻيڪ سندس ڀائرن ۽ ٻين
ذاتڀاين کان ٻولي گهڻو ڦريل نه آهي. هي ڳالهه ياد
رکڻ گهرجي ته سڀڪنهن ماڻهو کي ٻوليءَ تي هڪجيترو
ضابطو ڪونهي. ڪو ٻوليءَ مان گهڻو واقف هوندو ته ڪو
ٿورو: جنهن کي جنهن آهر لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا
ايندا هوندا، سو انهي آهر ڪم آڻيندو. اهڙو ماڻهو
جدا جدا ڳالهين بابت مضمون لکندو، ته به ٻولي اها
ئي ڪم آڻيندو، جا کيس ايندي هوندي. جدا جدا مضمونن
۾ به ساڳيا ساڳيا لفظ ۽ اصطلاح مضمون جي مد نظر تي
ڪم آڻيندو. لکڻ جو ڍنگ به هر ڪنهن جو پنهنجو
پنهنجو آهي، تنهنڪري، اهڙي ماڻهوءَ جي ڪم آندل
ٻولي ۽ ڍنگ مان سهي ڪري سگهبو آهي، ته هيءُ مضمون
فلاڻي جو لکيل آهي- اهي ڳالهيون ڳڻي چئبو ته
’جيترا آهن ماڻهو، تيتريون آهن ٻوليون‘. پر ٻوليءَ
جا اهڙا سنها تفاوت خيال ۾ نه رکي، ٻوليءَ جا ننڍا
دفعا (اُپڀاشائون) ٺهرائيندا آهن.
|