باب ڇهون
سنڌي
”صرف“ جا اُصول
(Principles
of Sindhi Etymology)
اُصولن جو بنياد
”قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم.“ (شاهه)
350- قادر جي قدرت اَپار! جيئن سج، چنڊ تارا وغيره
سڀ حڪم جي ڏوريءَ ۾ ٻڌل آهن ۽ ڪن ٺهرايل قاعدن
پٽاندر ڪم ڪن ٿا، تيئن ٻوليون به قدرت جي ڪن قاعدن
کي سجدو سلام ڪن ٿيون!
351- ٻولين جي تبديل جا قاعدا ڪن اُصولن تي ٻڌل
آهن. انهن اصولن جو بنياد انساني سڀاءَ ۾ سمايل
آهي. انسان پنهنجي ذاتي سڀاءَ ڪري ڪَشالي جو سنجم
ڪري ٿو. انهيءَ مکيه اُصول يا ٿُڙ مان گهڻيئي
شاخون ڦٽن ٿيون. مثال لاءِ ننڍن توڙي وڏن جا چار
جاچيو.
(الف) ڪنهن ننڍڙي ٻار کي چئبو ته چئو”چمي“ ته
چوندو ته ”ممي“ يا ”پمي“- ڇو ٿو ائين چوي؟ ”چ“ جي
اُچار لاءِ، ڄڀ جي وچ وارو ڀاڱو اٿاري تارونءَ
ڏانهن ڪرڻو پوي ٿو، ۽ ساڳئي وقت ڄڀ جي پاڙ جو زور
به لڳائڻو پوي ٿو: اکر هڪڙو ۽ ڄڀ کي تڪليف ٻٽي يا
ٻيڻي، سا به ساڳئي وقت! ويچاري معصوم کان ايترو
ڪشالو نٿو پڄي، تنهنڪري ”چ“ بدران ”م“ چوي ٿو،
جنهن جو اچارڻ چپن جي چورڻ سان آسانيءَ سان ڪري
سگهي ٿو. ٻار ٿورو وڏو هوندو ته ”پ“ به چوندو، جو
اهو به چپن جي اچار وارو اکر آهي. سڀني قومن جي
ٻارن کي اول چپن جي اچار وارا اکر چوڻ سولا لڳن
ٿا. سنڌي ٻار چون ”بابا“ ۽ انگريزي ٻار
Pa Pa
۽
ma- ma
چون ٿا، جن ۾ ”ب“، ”م“ ۽ ”پ“ چپن جي اچار وارا اکر
آهن- هن مان هيءُ اصول ظاهر ٿيو ته اکرن ۾ تبديل
يا مٽ سٽ ٿئي ٿي.
(ب) ننڍڙو ٻار ”ڪِنو“ بدران ”اِنو“ چوي ٿو. ساڱيا
واڱيا به سنسڪرت لفظن ڪنڀڪار، سورڻڪار، چرمڪار ۽
لوهڪار بدران ڪنڀار، سونار، چمار ۽ لوهار چوڻ لڳا.
ائين لفظن مان اکر حذف ٿين ٿا يا نڪري وڃن ٿا-
هيءُ ٿيو ٻيون اصول.
(ٻ) ساڱين واڱين ”لوهار“ جو اچار گهٽائي ڪيو
”لهار- لُهر“ ته لفظ ئي ننڍڙو ٿي پيو. عربي ۽
فارسي لفظن سان به اهو ليکو ٿيو آهي، جهڙوڪ: حجام-
حجم ۽ ستمگار
–
ستمگر. ائين اچارن ۾ سوس ٿئي ٿي- هيءُ ٽيون اصول.
اهڙيءَ ريت وڏي وستار ۾ پوڻ بدران ايترو ڄاڻائجي
ٿو ته اصول گهڻي ئي آهن، جن مان ڪن مکيه اصولن جو
ذڪر ڌار ڌار ڪبو. هتي اول حرفن جي پدن تي زور ڏيڻ
جي ترتيب جو ذڪر ڪجي ٿو، جو ان جي ڪري به لفظن جا
حرف علت ننڍا وڏا ٿي پون ٿا.
پدن تي زور ڏيڻ جا قاعدا (Laws
of Acectution)
352- سنسڪرت جي ”اَ“ پڇاڙيءَ وارا لفظ سنڌيءَ ۾
ڪٿي ”او“ ته ڪٿي”اُ“ پڇاڙيءَ وٺي بيٺا آهن. هن
ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ٿورا مثال ڏجن ٿا.
پڇاڙيءَ جي پد تي زور وارا لفظ (Oxytones)
سنسڪرت پراڪرت
هندستاني سنڌي
گهوٽڪ
گهوڊئو
گهوڙا گهوڙو
Horse
چترڪ چتئو
چيتا چيتو
Leopard
ڪيٽڪ
ڪيڊئو ڪِيڙا
ڪيِڙو
Worm
ديپڪ
دوا
ديوا ڏيو
Lamp
ڪيلڪ
کلا ڪِيلا
ڪِلو-ڪِلِي
Nail
مٿين سڀني سنسڪرت لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ”اَ“ جو اُچار
آهي. انهن سڀني لفظن جي پڇاڙيءَ واري پد تي زور (accent)
ڏجي ٿو، ته سڄي لفظ جي اچار جو بار انهيءَ پڇاڙيءَ
واري پد تي وڃي پوي ٿو. انهيءَ بار جي زور وچان،
سنسڪرت لفظ جي پڇاڙيءَ وارو ”ڪ“ ٿڏجي وڃي ٿو، پر
انهيءَ کوٽ جي مجرائيءَ لاءِ ”آ“ جو اُچار وڌي
ڊگهو حرف علت ”او“ ٿئي ٿو، ۽ هندستانيءَ ۽
مراهٽيءَ ۾ ”اُ“ ٿئي ٿو- پر اسين پراڪرت وارو
نمونو هلائيندا اچون.
(الف) مٿين لفظن مان سنسڪرت ”ديِپڪ“ ۽ ”ڪلِيڪ“
لفظن جي منڍ ۾ ڊگهو اچار ”اِي“ آهي، پر سنڌيءَ ۾
”ڏِيو“ ۽ ”ڪِلو“ لفظن جي منڍ ۾ گهٽجي ”اِ“ ٿيو
آهي. مراهٽيءَ ۾، سنسڪرت جي منڍ واري ڊگهي اچار کي
ائين سدائين گهٽائي ننڍو ڪن ٿا، باقي سنڌي ٻولي،
پنهنجن جهونين ساهيڙين- پنجابيءَ ۽ سرائڪيءَ وانگر
سڀڪنهن حالت ۾ ائين نٿي ڪري، جهڙوڪ: گهوٽڪ- گهوڙو
۽ ڪيٽڪ- ڪيِڙو جي منڍ وارو ڊگهو اچار قائم بيٺو
آهي.
(ب) پوئين پد کان اڳئين تي زور (Barytones)
سنسڪرت پراڪرت
هندستاني سنڌي
ڪرڻ ڪڻو ڪان ڪَنُ
Ear
ڪاشٽ
ڪاٽٺ ڪاٺ
ڪاٺ
Wood
ڪروش ڪوس
ڪوس ڪوهه
2 Miles
تان
تان
تان تانِ
Tune
دنت
دنت
دانت ڏند
Tooth
مٿين سڀني سنسڪرت لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ”اَ“ آهي، جو
پراڪرت ۾ وڌي”او“ ۽ اپڀرنش ۾ گهٽجي ”اُ“ ٿيو.
سنڌيءَ ۾ سڀڪنهن مصدر جي پٺيان به ”اُ“ جو اچار
آهي. انهن ۾، پوئين پد کان اڳئين تي زور آهي-
انهيءَ ريت اُچار ڪرڻ جو هڪ ٻيو نتيجو ڏسو:
(ڀ) مٿين لفظن مان سنسڪرت لفط ”ڪرڻ“ ۾ ”ڻ“ تي زور(accent)
ڪونهي،پر اڳئين پد”ڪر“ تي آهي، تنهنڪري هندستانيءَ
۾ ان جو اچار وڌائي ڊگهو ڪري، ”ڪان“چون ٿا، جنهن ۾
پويون” ن“ ساڪن آهي، يعني پڇاڙيءَ واري اعراب ٿڏجي
نڪري ويئي اٿس. سنسڪرت لفظ”گڻ“ جو اچار آهي.
”گُون“
goon-
ائين اچار ڊگهو ڪن ٿا، ته لفظ جي پوئين اعراب ٿڏجي
وڃي ٿي- اهوئي سبب آهي، جنهنڪري هندستاني، گجراتي
وغيره لفظن جو پويون اکر ساڪن آهي، پر سنڌي ٻوليءَ
جي سڀڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا نه ڪا اعراب آهي ئي
آهي.
حرف علت جي تبديل (Permutation)
353- سنڌيءَ ۾ ڪيترن لفظن ۾ ”اَ“ بدران ”اِ“ چئون
ٿا.انهيءَ تبديل جي تاريخ آڳاٽي آهي- جهڙوڪ:
سنسڪرت ”اَگني“ ۽ ”اَنتر“بدران لئٽن ۾ اِگنس
Ignis۽
اِنٽر
Inter.
(الف) پراڪرت ۾ قاعدو آهي ته ڪنهن دتيه يا ٻٽي حرف
صحيح جي اڳيان ڪو ڊگهي اچار وارو حرف علت هجي ته
ان کي گهٽائي ننڍو ڪجي- انهي سبب سنسڪرت
”اَشچريه“، ”رُوڪش“ ۽ ”سُوتر“ بدران چئون ”اُچرج“
”رُکو“ ۽ ”سُٽ“. جيڪڏهن گڏيل حرفن جي اڳيان ”اُ“
هجي، ته ان کي پاڻ وڌائي ڊگهو ڪجي- انهيءَ سبب
سنسڪرت ”پستڪ“، ”ڪشٽه“ ۽ ”مڪت“ بدران چئون ”پوٿي“،
”ڪوڙهيو“ ۽ ”موڪل“ (موڪ+ ل).
(ب) ڪن حالتن ۾ ڄاڻي ٻجهي ننڍي حرف علت کي وڌائي
ڊگهو ڪبو آهي ته ساڳئي لفظ مان ٻيون لفظ جوڙي
سگهجي- جهڙوڪ: ٻڪر- ٻاڪرو، سهرو- ساهرو، ۽ جبل-
جابلُو، ٻرڻ- ٻارڻ، ترڻ- تارڻ، ڦرڻ- ڦيرڻ، چِڙڻ-
چيڙڻ، جڙڻ- جوڙڻ ۽ مڙڻ- موڙڻ.
(ڀ) ٻيءَ طرح به اهي لچڪڻا اکر آهن: ڪٿي رٻڙ وانگر
ڇڪجي ڊگها ٿيو پون،ته ڪٿي سُسي ننڍڙا ٿيو پون،
جهڙوڪ:
سنسڪرت سنڌي سنسڪرت
سنڌي تبديل
شرڌا سڌ
سنتشا نوُنهن ”اَ“ مٽجي ”اَ“
جايا جوءِ
ڪدا ڪڏهن ”آ“
مٽجي ”اُ“
پتا پيءُ
ماتا ماءُ
”آ“ مٽجي ”اَ“
سنڌيا سنجها- سانجهي دولا
ڏولي ”آ“ مٽجي ”اِي“
گَور گورو- ڀُورو
پُوتر پوٽو
”آءُ“ ڦري ”او“
شلوڪ ڇوڪرو اوڪس آڪهه ”اُ“ ۽
”او“ پاڻ
۾ مٽجن ٿا.
ائين سنسڪرت لفظ ڦري نج سنڌي ٿي پيا آهن.
حرف صحيح جي تبديل
354- ممڪن آهي ته ڪو ماڻهو هڪڙو اکر چوندو، ته
ٻيون ٻيءَ طرح سمجهندو- ائين اکرن جي جي تبديل يا
مٽ سٽ ٿئي ٿي. گهڻو ڪري، ساڳئي ورگ يا ڪلاس جا اکر
پاڻ ۾ مٽبا آهن، جهڙوڪ: شڪتي- سگهتي، ششي، ککي،
ڇڇي، آقا، آغا، آگا، قميص، خميس، پنچ، پنج، ڪڪٽ،
ڪڪڙ، ڪٽنڀ، ڪڙم، ڪنٺي، ڪنڍي، ادتيه وار، ارتوار،
پد، پڳ (پير)، مسجد، مسيد، مسيت، اِرادو، ايرازو
(ڌڻيءَ جو اِرادو، رب جي رضا، قسمت)، ڪي ”خدمت“
بدران غلط طرح چون ”خذمت“، لنگر، ننگر، (ناناري)،
وار وار، بار بار، جل، جر (پاڻي).
اِدغام (Epenthesis)
355- ”ڪسرت آهي قرب ۾، اِدغام ۾ اعراب. “(شاهه)
اِدغام اهو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ساڳئي لفظ جون ٻه
اعرابون پاڻ ۾ ملي، هڪ يڪو علحدو اچار پيدا ڪن.
شاهه صاحب به چوي ٿو ته جيئن اعرابون پاڻ ۾ ملي
ٿيون وڃن، تيئن الله جو عاشق به پنهنجي انفرادي
هستي ڀڃي، سچي سائينءَ سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو! ڏسو
ته ٻوليءَ جي قاعدن مان وحدت جو سبق ڪيئن سوچي
ڪڍيو اٿس!
اُچارن ۾ سوس(
Contraetion)
356- سنسڪرت ”نيتر“ ۽ ”پريتي“ بدران چئون ”نرت“ ۽
”پرت“ (پريت). سنسڪرت ”لَون“ (
Lavand)
۽ ”شييا“ بدران چئون ”لُوڻ“
(Salt)
۽ ”سيجا- سيج“. ”اَو“ (ava)
۽ ”آيه“ (aya)
کي دهرا علت جهڙو سمجهي، اِدغام جي نموني هڪ يڪو
ڊگهو حرف علت ڪيو اٿئون. ساڳئي لفظ ۾ ٻه اعرابون
هڪٻئي جي پٺيان اچي ڄڻ ته کڙ ٻڙ ڪري ٿيون بيهن، ۽
اُچار ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تنهنڪري انهن کي سڌي
ڪرڻ جي ترتيب
(Levelling
process)
لاڙ ۾ اجها اها اختيار ڪن ٿا، جو انهن ٻن اعرابن
بدران وچان ئي ٻيون يڪو ڊگهو اچر ڪن ٿا. ڊاڪٽر
ڀنڊارڪر هن کي سڏيو آهي ”Law
of dissimilation“.
اکرن کي نرم ڪرڻ (
Softening)
357- ”شڪارپور طرف هلياسين ”اِين“ بدران چون
”هلياسين“ (اين جو ڊگهو اُچار). اهو حرف علت کي
نرم ڪرڻ جو نمونو آهي- سنسڪرت ”گهرشڻ“(گسڻ- گهڻ)
مان ”گهرسو“، هندي”هرسا“، سنڌي ”اُرسو- اُرسي“
يعني پٿر جي صندلي جنهن تي چندن وغيره گهجي- هن
ريت ”گهه“ مان باقي، ”اُ“ جو اچار وڃي بچيو آهي.
”وُٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي.“(شاهه)
”وُٺو“ بدران ”اُٺو“ به چئون (مصدر- وسڻ).
سنسڪرت ”ڪرت“ پراڪرت”ڪرو“ ، سنڌي”ڪيو“ (Done)،
سنسڪرت ”شوڪ سوڳ، سُوءِ“(مئل ماڻهوءَ لاءِ ڏک،
ماتم)- ائين اکر سخت، اول نرم ٿي، پوءِ نڪريو وڃي.
اکرن جو حذف ٿيڻ (Elision)
358- منڍ حذف (Apheresis):
سنسڪرت ”اَپي“ ”اُت“ ۽”آرڻيه“بدران چئون”په-به“(also)،”اُتي-
تي“۽”رڻ“،”اُپٽڻ- پٽڻ“، ”اُلٿو - لٿو“ ، ”اُلهڻ -
لهڻ“ ، ”چيو اٿس - چيوٿس“ ، ”ڪونه آهي. ڪونهي“،
”امير-مير“،”اسوار-سوار“.
(الف) ڪنهن به لفظ جي منڍ وارو حرف صحيح رس پڄندي
حذف ٿيڻ نه ڏيندا آهيون: سنسڪرت ”ستن“ ،”ستنيه“
”شمشرُو“۽ ”شمشان“ بدران چئون ”ٿڻ“،”ٿڃ“”مڇُون“ ۽
”مساڻ“ يا مساڻو- هتي”س“ ۽ ”ش“ پنهنجي پوئين اکر
۾ سمائجي ويا آهن.
359- وچ حذف (Syncope):
سنسڪرت ”ساگر“ ”ڪوڪل“، ”سُوچي“، ”راجا“، ”پتا“ ۽
”ماتا“ بدران چئون ”سائر“، ”ڪوئل“، ”سُوچي-سُئي“،
”راءُ“، ”پيءُ“ ۽ ”ماءُ- ائين وچ وارا اکر نڪري
وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته مٿن زور (ACCENT)
ڪونهي.
(الف) مرڪب لفظن مان پوئين لفظ جو پهريون اکر اڪثر
حذف ٿيندو آهي- جو اهو وچ ۾ آيل ليکيون ٿا- جهڙوڪ:
ڪنڀ ڪار- ڪنڀار، ۽ لوهه ڪار- لهار، رام ڦَل،
سيتاڦَل، وغيره مان ”ڦ“ حذف نٿو ٿئي. ڪتاب جي شروع
۾ ”پڦي“، ”ماسي“ وغيره لفظ ڏسو ته وچ وارا سڀ اکر
گم!
360- پڇاڙي حذف (Apocope):
”جاءِ- جابجا“،”بوءِ- خوشبو“، ”روءِ- روبرو“
(پويون حرف علت حذف).
(الف) ”ڏنڊ- ڏڌن“،”رنڊ-رن“ ۽” روُپ- رُوءِ“ (شڪل)،
”دوست- دوس“، ”حجت- حُجَ“ ۽ ”سرگشت- سرگس“ ائين
پڇاڙيءَ وارا ڪيترا اکر نڪري ويا آهن. ”شيت ڪال“
–
سيارو، مان پهرئين لفظ ”شيت“ جو پويون ”ت“ اکر به
گم!.
نڪ جو اُچار گڏڻ (Nasalisation)
361- سنسڪرت”يسيه“، ”تسيه“ ۽ ”ڪسيه“ بدران چئون
”جنهن“، ”تنهن“ ۽ ”ڪنهن“، سنسڪرت ”يدا“ ”ندا“ ۽
”ڪدا“ بدران چئون ”جڏهن“ ”تڏهن“ ۽ ”ڪڏهن“ ۽ ”سنشا“
بدران ”نُونهن“ يعني پٽ جي زال ائين نڪ جا اچار
گڏيون ٿا.
(الف) سنسڪرت ۾ قاعدو آهي ته ٻه حرف علت گڏ ڪو نه
آڻجن، ۽ جتي اچن اتي انهنکي ملائي يڪو ڪجي. سنسڪرت
”گو“ فارسي ”گاوُ“ سنڌيءَ ۾ ٿيڻ گهرجي ”گاءِ“. هتي
ٻه حرف علت ”اَ“ ۽ ”اِ“ آهن، انهن جي وچ ۾ نڪ جو
اچار وجهي چئون ”گانءِ“ يا”ڳنءُ“ ائين حرف علت ڌار
ٿيو وڃن. انهن نڪ جي اچارن گڏڻ جي عادت سببان،
سنسڪرت وارن سنڌيءَ جي قاعدن کان ڇٽا پيا آهيون،
انهيءَ هوندي به سنڌيءَ جا ڪي ڪي نشان آهن، جهڙوڪ:
”سيٺ+ اُون“
=
سيٺيون- هتي ”اِ“ ۽ ”اُون“ جي ميلاپ سان ”يه“ جو
اچار پاڻمرادو پيدا ٿئي ٿو.
نڪ جو اُچار ڪڍي ڇڏڻ (Disnasalisation)
362- ڪن ٿورين حالتن ۾، لفظن مان نڪ جو اچار
اٽلندو ڪڍي ڇڏيو اٿئون، جهڙوڪ: سنسڪرت ”مانس“
بدران چئون”ماس“ (گوشت)، سنسڪرت ”گنتري“ بدران“
”گاڏي“ ۽ ”نمنتر“ بدران ”نوتو“ (نينڊ)- ڊگهي اچار
وارو حرف علت اچي ٿو، ته ”ن“ نڪري وڃي ٿو.
اکرن کي وسرگ ڪرڻ (
Aspiration)
363- سنسڪرت ”ٻيڪ“ ، ”اَشرو“ (آنسون)، ”پرڪٽ“،
”ڪُوپ“ ۽ جُور بدران چئون. ”هيڪ- هڪ“ ”هنجُون“
”پرگهٽ“ ”کوهه“ ۽ ”جهور“ (تمام ٻڍو)
”سڪان- سُکان“ ”ڪفن- کڦڻ“ ”همت“ ۽ ”ساعت“ بدران ڪي
چون ”همٿ“ ۽ ”ساعٿ“، فارسي لفظن ”پروا“ ۽ ”دريا“
بدران چئون ”پرواهه“ ۽ ”درياهه“ يا درياءُ.
اکرن کي اوسرگ ڪرڻ (De-aspiration)
364- ”ڪٽنڀ“ بدران چئون ”ڪٽنب“ ۽ ”ولڀداس“ بدران
”ولبداس“- ائين ڪن ٿورن لفظن مان ”هه“ جو اچار
نڪري ويو آهي.
اکرن کي مغز جي اچار وارو ڪرڻ
(Cerebbralisation)
365- هن جو ذڪر اڳيئي گهڻوئي ڪيو ويو آهي.
ٻن بدران هڪ اچار (
Haplology)
366- سنسڪرت ”نک هرڻڪار“ جو اچار بگڙجي ٿيو ”نههِ
–
هِرڻ“ هتي ”هه“ جا ٻه اچار گڏ آيا آهن، جن مان هڪ
ڪڍي، باقي چئون ”نِهرڻ“ جنهن سان حجام ننهن لاهين
ٿا. ساڳيءَ طرح ”وشن ننگر“ بدران گهڻا چون
”وشنگر“.
تقليب (Metathesis)
367- سنسڪرت ”وچن“، ”مڪٽ“، ”وواهه“ ۽ ”گرهه“
بدران چئون ”چوڻ“، ”مٽڪ“ ”وهانءُ“ ۽ ”گهر“:
”اُلٽو- اُٽلو“، ”کڙڪي- ڳڙکي“، ”پَتر- پرت“،
”آماچ- آچام“ (هدف يا نشان)، ۽ ”جانور جناور“
اهڙيءَ ريت ڪيترن لفظن ۾ تقليب ٿي آهي، يعني ڦري
اُلٽا ٿي پيا آهن.
گڏيل حرف صحيح بابت قاعدا
بالائي حرف اڳيان آڻڻ (Prothesis
of Vowels)
368- اسان سنڌي ماڻهن جو وات گڏيل حرف صحيح اچارڻ
تي هريل ڪونهي، تنهنڪري سنسڪرت ”ستري“
Stri
بدران چئون ”اِستري“ ۽ انگريزي لفظ ”سڪول“(School)
بدران چئون ”اِسڪول“ . اهو اڳيان وڌل حرف علت (
Prothetic Vowel)،
اچارڻ ۾ سهولت ڪري ٿو- هيءُ دراوڙي نمونو آهي.
سور ڀڪتي (
Anaptyxis or Intrusive Vowel)
369- سنسڪرت ”شلوڪ“ ۽ شلاگها“ جي منڍ وارو ”ش“ اکر
ساڪن آهي، پر اسين ”اُ“ جو اچار گڏي چئون ”سلوڪ“ ۽
”ساراهه“ (واکاڻ). سنسڪرت ”سوين“ ۽ ”سمرڻ“ جي منڍ
۾ ”اُ“ گڏي چئون ۽ ”سپنو“ ۽ ”سُمرڻ“ (ياد ڪرڻ)-
دراوڙن وانگر لفظن ۾ هڪ نه ٻيون ”سورڀڪتي“ (اچارن
ڀڃڻ لاءِ) حرف علت گڏيون ٿا، ته سڀ اکر قائم رهن
نه ته ممڪن آهي ته ٻيئي پاڻ ۾ ڀچي يا ملي ويندا.
گڏيل حرف صحيح جو ڀچڻ (Assimilation)
370- پاليءَ واري زماني ۾ گڏيل حرف صحيح پاڻ ۾ ڀچي
ويا، جهڙوڪ: ”شبد-سڏ“ ”جنم
–
جم“ ”ڄم“، ”اُپتن- اُپنو“،لڀد- لڌو“ ۽ ”دگڌ- ڏڌ“-
ڏوڌي- هيءُ حرف صحيح جو اِدغام آهي.
371- گڏيل حرف صحيح مان جيڪڏهن ٻيئي زورڀري يا
ڏاڍا هوندا، ته ٻيون اکر قائم رهندو ۽ پهريون
منجهس سمائجي ويندو، جيڪڏهن هڪ زور ڀريو ۽ ٻيون
ڪمزور اکر هوندو، ته ڪمزور اکر ڏاڍي اکر ۾ سمائجي
ويندو- مطلب ته ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ اهو ليکو
ٻولين ۾ به لڳو پيو آهي.
مجرائيءَ جو قاعدو(Law
of Compensation)
372- سنسڪرت ”اگن“ پراڪرت ”اگ“ (گ-ٻٽو)،
هندستاني”آگ“ معنيٰ باهه هتي ڏسو ته ”ن“ اکر ”گَ“
۾ سمائجي ويو، جنهنڪري پراڪرت ۾ اُچار ٿيو ”اگگ“.
هندستانيءَ ۾ انهيءَ مان هڪ ”گ“ ڪڍي، انهيءَ کوٽ
جي مجرائيءَ لاءِ، لفظ جي منڍ واري حرف علت ”اَ“
کي وڌائي ”آ“ ڪيائون، جنهنڪري چون ”آگ“ . ساڳيءَ
ريت سنسڪرت ”ست- جر“ جو اچار اول ٿئي ٿو ”سججن
(سڄڻ)، پوءِ ”ساجن“ . سنڌيءَ ۾ ٻٽا اکر آهن. ٻيءَ
طرح به انهيءَ مجرائيءَ جي قاعدي تي گهڻو ڪونه ٿا
هلون.
ضميمو پهريون
دراوڙي ٻولين جو اثر
سنڌي ٻولي جن ڳالهين ۾ دراوڙي ٻولين سان مشابهت
رکي ٿي، تن بابت ٻه اکر لکي، هر هڪ ڳالهه جي
سامهون صفحي جو نمبر ڄاڻائجي ٿو- ته پڙهندڙن کي
پتو پوي ته انهن ڳالهين جو هن ڪتاب جي ڪهڙن ڪهڙن
صفحن ۾ ذڪر ٿيل آهي.
(1) سنسڪرت ۽ سنڌي ۾ دراوڙي لفظ صفحو24 ۽ 168
(2) دوهرا علت ۾ بگاڙو
صفحو281
(3) وسرگ اکرن بابت
صفحو120، 285
(4) مغز جي اُچارن وارن اکرن بابت
صفحو284
(5) مرڪب حرفن جي اُچارن ڀڃڻ بابت صفحو
(6) حالتن جي پڇاڙين بدران اسمن جي
پٺيان حرف جر ڪم آڻڻ بابت
صفحو292
(7) صفت جي ڀيٽ جا درجا
صفحو294
(8) مرڪب فعلن جوڙڻ جو نمونو
صفحو299
(9) مجهول فعلن جوڙڻ جو نمونو
صفحو303
(10) جملن بيهارڻ جي ترتيب
صفحو299
(11) ڇوڪر- ٻاڪر ۽ چلم- ڌلم: ائين زائد يا بي
معنيٰ لفظ
گڏي مرڪب لفظ جوڙڻ، دراوڙي نمونو آهي.
صفحو167
ڏسو بشپ ڪارڊويل جو جوڙيل ”درواڙي ٻولين جو
گرامر“صفحو 55 ۽ ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جي
جوڙيل ”بينگالي ٻوليءَ جي تاريخ“ جلد پهريون، صفحو
170 کان 178.
ضميمو ٻيون
داردڪ ٻوليون ۽ سرائڪي
(1) سنڌي ، سرائڪي، پنجابي ۽ داردڪ ٻوليون (ڪشميري
وغيره) ڪيترين ڳالهين ۾ هڪٻئي سان گهڻي مشابهت رکن
ٿيون، جن مان ظاهر آهي ته گڏ واڌارو ڪيو اٿن.
صفحو82
(2) اسمن جون پڇاڙيون رڳو سنڌيءَ ۽ ڪشميريءَ ۾
صفحو 301
(3) اِدغام جي عادت سنڌيءَ داردڪ ۾ صفحو 125، 281
(4) گڏيل حرف صحيح هڪٻئي ۾ سمائجي ويا آهن، ته
هنديءَ وانگر حرف علت کي ڊگهو نه ڪيو اٿن. صفحو
324
(5) ”ٻ“،”ڄ“،”ڏ“،۽”گ“ اکر رڳو انهن مان (ڪڇين ۽
گجراتين ”ٻ“ ۽ ”ڏ“ جا اچار اسان وٽان ورتا)
صفحو83، 285
(6) ٻن علت حرفن جي وچ ۾ ”ت“ قائم رکڻ صفحو84
(7) اکرن کي مغز جي اچار وارو ڪرڻ صفحو 284
(8) اکرن کي اوسرگ ڪرڻ صفحو 122
(9) ”رُ“ ۽ ”ڙ“ جو فرق نه رکڻ صفحو 124
(10) ”ر“ اکر لفظ جي وچ مان ڪڍي ڇڏڻ صفحو 145
(11) ضميري پڇاڙيون رڳو سنڌي،سرائڪي ۽ ڪشميريءَ ۾
صفحو85
اشارو: هنديءَ ۾ ”هم-تم“ (ضمير)،
هنن ٻولين ۾.
”اسي-تُسي- تيسين“ ۽ سنڌيءَ ۾،
”اَسين“ ۽ ”توهين“
(12) اسم مفعول جي پٺيان ”ڙو“ گڏڻ صفحو140
(13) معروف فعل کي مجهول صورت ڪرڻ لاءِ ”ج“ گڏڻ
صفحو303
(14) سنڌيءَ ۾ سرائڪي لفظ ۽ پهاڪا صفحو 185، 240
(15) سري جي ٻوليءَ تي سرائڪي اثر صفحو 103، 105
سنڌيءَ جو سرائڪيءَ ۽ ملتاني تي اثر
اشارو: ”ڪنا- ڪنون“ حرف جر، ۽ سنڌيءَ جي حالت
جريءَ واري ”اَڻ-اُون“ پڇاڙي، سرائڪيءَ ۽ ملتانيءَ
۾ به آهن. ڪيترا لفظ به عام
اٿن،جهڙوڪ:”ڍڍ“(پيٽ)،”ٽٻر“(ٻارٻچا) وغيره
ضميمو ٽيون
سنڌيءَ جو بلوچيءَ تي اثر
لائگورٿ ڊيمس صاحب جي ٺاهيل ”بلوچي ٻوليءَ جي
گرامر ۽ لغت“ ۾ ڄاڻايل آهي ته بلوچي ٻوليءَ جي
نحوي بناوت، پراڪرت ٻولين- خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جي
بناوت، سان گهڻو مشابهت رکي ٿي (صفحو 86 ، 97).
بلوچيءَ ۾ ڪيترا سنڌي لفظ به عام ٿي ويا آهن، جن
جا ٿورا مثال هي آهن:
بلوچي |
سنڌي |
بلوچي |
سنڌي |
بلوچي |
سنڌي |
اُباسي |
اُٻاسي |
اوجاغو |
اوجاڳو |
بانهن |
ٻانهن(زال) |
پاڪر |
پاکڙو |
پرلا |
پڙلاءُ |
تيلن |
ٿيلهڻ |
پند |
پنڌ |
جورغ |
جوڙن |
چاري |
چاڙهي |
درکهو |
دڙڪو |
دهان |
ڌيان |
ڊينبُو |
ڏينڀو |
هبکغ |
هٻڪڻ |
هڊکي |
هڏڪي |
هينا |
هيڻو |
بلوچيءَ ۾ بپها (پُڦو) ڀري (بوجو)، پهر(ڦڙي)،
پهوغ(ڦوڳ) پهوپهي (پڦي) ۽ ٻيا وسرگ اکر آهن. جي هن
وقت فارسيءَ ۾ ڪينهن.
ضميمو چوٿون
سنڌيءَ جو افغاني يا پشتو تي اثر
ڊاڪٽر ٽرمپ جنهن سنڌي ٻوليءَ جو نهايت عمدو گرامر
جوڙيو هو، تنهن پشتو ٻوليءَ جو گرامر به ٺاهيو هو،
جو هاڻ ڪمياب آهي. انهيءَ گرامر جي منڍ ۾ هن صاحب
ڄاڻايو آهي ته جيڪي نج پشتو لفظ سڏجن ٿا، تن مان
گهڻا ڀروارين پراڪرت ٻولين (خاص سنڌيءَ، ٿوري قدر
پنجابيءَ) مان ورتل آهن. انهيءَ کان سواءِ، پشتو
ٻوليءَ جي اسمن جي ڦيرن ۽ فعلن جي گردانن جي ترتيب
سنڌي نموني سان بلڪل ويجهي مشابهت رکي ٿي. ٻيون
ته پشتو ۾ جيڪي متعدي معروف ۽ بالواسطہ
فعل، ماضي زمانن ۾ ڪم اچن ٿا، تن جي سموري بناوت
سنڌي نموني آهي
.
هيءُ بلڪل مکيه ڳالهيون آهن ۽ سنڌيءَ جو پشتو
ٻوليءَ تي بلڪل گهڻو ۽ گهاٽو اثر ثابت ڪن ٿيون- هن
لاءِ سبب اسان اڳيئي ڄاڻايا آهن (صفحو 86).
پشتو ۾ سنڌي لفظ
پشتو ۾ جيڪي سنڌي لفظ عام آهن، تن جا ٿورا مثال:
پشتو |
سنڌي |
پشتو |
سنڌي |
پشتو |
سنڌي |
انگن |
اڱڻ |
بنگ |
ڀنگ |
تق |
ڌڪ |
توڪهه |
ٽوڪ |
دڪال |
ڏڪار |
ڪت |
کٽ |
گنرل |
ڳڻڻ |
منگهنر |
منگهڻ |
هڊ |
هڏو |
|