سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

ڀاڱو؛ ٽيون

صفحو : 15

باب ٻيون                           ٻوليءَ جي اکرن تي ويچار

 

سنڌي بگڙيل پراڪرت

285- سنڌي، هندي، ۽ ٻيون ڏيهي آريه ٻوليون بگڙيل پراڪرت ٻوليون آهن. انهن کي جيڪڏهن بگڙيل سنسڪرت سڏجي، ته به روا آهي، ڇو جو بنياد سنسڪرت مان اٿن، پر ڪهڙيءَ سنسڪرت مان؟ ”رگ ويد“ واري زماني کان وٺي سنسڪرت جون ڄڻ ته ٻه شاخون ٿيون: سنسڪرت پنهنجي سر واڌارو ڪندي، اول وچولي ۽ پوءِ آخرين درجي تي آئي، ۽ هن وقت ”سنسڪرت“ سڏبوئي انهيءَ آخرين درجي واريءَ سنسڪرت کي آهي. ”رگ ويد“ واري زماني کان وٺي، جيڪا سنسڪرت عام طرح ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، سا وري پنهنجي منهن بگڙجي ”پالي“ ”پراڪرت“ ۽ ”اپڀرنش“ ٿي، جنهن مان ”سنڌي“، ”هندي“ وغيره ٻوليون پيدا ٿيون. جيئن مٿي اڳيئي چيو ويو آهي. انهن ڏيهي آريه ٻولين به پنهنجي پنهنجي پرڳڻي ۾ پنهنجي روءِ سوءِ واڌارو ڪيو، جنهنڪري اسان جي سنڌيءَ جا اُچارئي علحدا آهن، جن مان پريان ئي پروڙي سگهبو آهي ته اها آهي اسان جي مادري زبان، جنهن جي شعر جي شيرينيءَ هندن توڙي مسلمانن کي موهت ڪري ڇڏيو آهي- هاڻ هيڪاري چٽيءَ ريت سمجهڻ ۾ ايندو ته هاڻوڪي آخرين درجي واري سنسڪرت، جا اسڪولن ۾ ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ ۾ اچي ٿي، تنهن مان سنڌي ٻولي ڪانه پيدا ٿي آهي: اها به ڄڻ ته سنڌيءَ جي ڀيڻ ٿئي. پر اُها قديم سنسڪرت کان گهڻو بگڙيل نه آهي، انهيءَ سبب اسين پنهنجيءَ مادري زبان جي انهيءَ سان ڀيٽ ڪنداسين، ته پتو پوندو ته سنڌيءَ ۾ ڪهڙو بگاڙو ۽ واڌارو ٿيو آهي؟ انهيءَ ريت سنڌيءَ جون خوبيون ۽ خاميون کُلي ظاهر ٿيندوين، ۽ اهي ئي ڳالهيون ٻوليءَ جي اونهي اڀياس ڪرڻ ۾ واهر ڪنديون.

سنڌيءَ جي ”حرف علت“ ۾ بگاڙو

286- سنسڪرت ۾ ٽيٽيهه ”حرف صحيح“  ۽ سورهن ”حرف علت“ آهن. سورهن حرفن علت مان ”ر“، ”ري“، ”لر“ ۽ ”لري“ پاليءَ  واري زماني ۾ ئي ٻوليءَ مان نڪري ويا، جنهنڪري نڪي پراڪرت، نڪي سنڌيءَ ۽ ٻين ڏيهي آريه ٻولين ۾ آهن. سنسڪرت ۾ ”آم“ (آن) ۽ ”آهه“ به آهن، جي سنڌيءَ ۾ حرف صحيح (م يا ن، ۽ هه) ليکجن ٿا *- هاڻ سنڌيءَ ۾ فقط ڏهه حرف علت آهن:

اَ-آ-اِي-اُ-اُو                     ڇڙا علت (Single Vowles)

اي- اَي- او- اَو                                 دوهرا علت  (Diphthongs)

هنن کي ”ڏهه اکري“ چئبو آهي. سنڌي لاءِ عربي- سنڌي آئيويٽا (لپي) ڪم اچي ٿي، تنهنڪري سنسڪرت وارين ماترائن يا لاڪنائن بدران، عربيءَ واريون اعرابون  (Orthographical signs or Diacritical marks) (زبر، زير، پيش وغيره) ڪم آڻبيون آهن. ”عرب“ معنيٰ چٽو ڪرڻ- اُهي اچارن کي چٽو ڪن ٿيون.

اعرابن تي ويچار

287- عربيءَ ۾ ”الف-و-ي“ اهي ٽي حرف علت آهن. انهن مان ڪو به اکر جڏهن ڪنهن لفظ جي منڍ ۾ ايندو آهي، تڏهن سدائين حرف صحيح ئي ٿي ڪم ايندو آهي، ۽ خود ان کي چورڻ لاءِ ڪا نه ڪا اعراب کپي- جهڙوڪ اَول، وصل ۽ يقين- انهن ٽنهي لفظن جي منڍ ۾ زبر يعني ”اَ“ جو اُچار آهي. ”و“ ۽ ”ي“ اکر جڏهن وچ يا پڇاڙيءَ ۾ ايندا آهن، تڏهن حرف علت آهن، پر جيڪڏهن انهن جي مٿان يا هيٺان ڪا اعراب ڏبي، ته حرف صحيح ٿي پوندا- جهڙوڪ: ”چَوَنِ“ ۽ ”ٿِيَنِ“، (مصدر- چوَڻ ۽ ٿيَڻ) ۾، ”و“ ۽ ”ي“  جي مٿان ”زبر“ آهي، تنهنڪري حرف صحيح آهن. ”ودياليه“ ۾ پوئين ”ي“ جي مٿان زبر آهي، تنهنڪري اهو حرف صحيح آهي- اهڙيءَ حالت ۾ عربن الف- و- ي مان ٽي ننڍا يا گهَٽيل اچار وارا حرف علت هن ريت جوڙيا آهن:

الف مان زبر يعني= اَ

و مان پيش يعني= اُ

ي مان زير يعني= اِ

انهن مان ٽي ڊگها اُچار هن ريت ٺهيا آهن:

اَ+ آ = آ   اُ+ اُ =اُو اِ + اِ اِي

مثال لاءِ وٺو ”ڇهه اَسي“ لفظ. ”ڇهه“ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ زبر يعني ”اَ“ جو اُچار آهي. ۽ ”اَسي“ لفظ جي اڳياڙيءَ ۾ به ”اَ“ جو اُچار آهي. اِهي ٻيئي اُچار ملائي چئون ”ڇهاسي“.  ساڳيءَ طرح ”ست اَسي“ ۽ ”اَٺ اسي“ بدران چئون ”ستاسي“ ۽ ”اٺاسي“- ائين ”اَ“ جا ٻه اچار پاڻ ۾ ملائبا، ته ”ڇهه اسي، ست اَسي“ وغيره جي اُچارن ۾ ڀُنگ (ڀڃڪڙي) (Hiatus) ٿي پوندو، جنهنڪري ٻاتن جهڙو اُچار ٿي پوندو!

”وڃُ“، ”کنڊُ“ ۽ ٻين اهڙن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ پيش يعني ”اُ“ جو اچار آهي. انهن جي جمع جوڙڻ لاءِ پراڪرت جي جمع واري ”اُ“ پڇاڙي گڏيون ٿا، ته ٻيئي ملي هڪ يڪو اچار”اُو“ پيدا ڪن ٿا، ۽ انهيءَ ۾ نڪ جو اچار ملايون ٿا، تنهنڪري انهن لفظن جو جمع ”وڄون“ ”کنڊرن“وغيره ٿئي ٿو.

ٽئين مثال لاءِ وٺو عربي لفظ ”مسجد“- ان ۾ ”س“ اکر ساڪن آهي، پر اسين پنهنجيءَ عادت پٽاندر ”س“ جي هيٺان زير ڏيون ٿا، يعني ”اِ“ جو اچار بالائي گڏيون ٿا. انهيءَ لفظ مان پوءِ ”ج“ اکر نڪري ته باقي بچيو ’مسه اِ د‘ هتي ”س“ جي هيٺان زير يعني ”اِ“ جو آهي ۽ ”اِد“  جي اڳيان به ”اِ“ آهي. اهي ٻيئي اُچار ملي ”اِي“ ٿين ٿا، جنهنڪري چئون ’مسِيد‘ هاڻ چڱيءَ طرح سمجهڻ ۾ ايندو ته ساڳئي ورگ يا ڪلاس جا ٻه ننڍا حرف علت پاڻ ۾ ملي، هڪ يڪو ڊگهو اچار پيدا ڪن ٿا.

سنسڪرت گرامرن ۽ هن قسم جي قاعدن کي ”سنڌيءَ جا قاعدا“  Rules of Euphony چوندا آهن. اهي سنڌيءَ جا قاعدا قدرت جي قاعدن تي ٻڌل آهن، تنهنڪري اهي قاعدا دنيا جي سڀني ٻولين سان هڪجهڙا لاڳو آهن. عربيءَ سان به اهي ئي ساڳيا قدرت جا قاعدا لاڳو آهن، تنهنڪري ٽن مان ڇهه حرف ٺهيا آهن.  عربن انهن جي لکڻ جو دستور به انهن قدرت جي قاعدن پٽاندر  هن نموني اختيار ڪيو:

”اَ-آ-اِ-اِي-اُ ۽ اُو“

هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”اِي“ لکڻ مهل ”الف“ جي هيٺان زير ڏين ٿا، ۽ ”ي“ اکر خالي ڇڏين ٿا: ڇاڪاڻ ته ”ي“ جو ملهه فقط ”اِي“ آهي، ۽ ٻيئي ”اِ“  جا اچار پاڻ ۾ ملي ”اِي“ ٿين ٿا. ساڳيءَ ريت ”اُو“ لکڻ مهل الف جي مٿان پيش ڏين ٿا، ”و“ خالي ڇڏين ٿا؛ ڇاڪاڻ ته ان جو ملهه فقط ”اُ“ آهي، ۽ ٻيئي ”اُ“ جا اچارڻ پاڻ ۾ ملي ”اُو“ ٿين ٿا. انگريزيءَ ۾ به ائين  Moon, Noon, Sheep, Keep لفظن ۾، ڊگهي اچار پيدا ڪرڻ لاءِ به حرف علت ڪم آڻين ٿا*.

عربيءَ ۾ اي- اَي (آءِ) اُو(آءُ) جي اچارن لاءِ به ٻه ٻه حرف ڪم آڻين ٿا. سنسڪرت ۾ هر هڪ حرف علت کي رڳو هڪڙو اُچار آهي.

288- هن باري ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته سڀني ٻولين ۾ جيڪي حرف علت آهن، تن سڀني کي پنهنجو پنهنجو اچار آهي: تنهنڪري عربي ۽ فارسيءَ ۾ جيڪڏهن ڏبي ته اهو ”حرف صحيح“ ٿي پوندو: جيڪي به حرف صحيح آهن، سي گُنگا اکر آهن، ۽ رڳو انهن کي چورڻ لاءِ اعرابن جي ضرورت ٿئي ٿي. سنسڪرت ۾ به ائين ئي ڪندا آهن.

”ر“ ڦرڻو حرف ( Protean Vowel)

289- سنسڪرت ۾ ”ر“ حرف ٻن قسمن جو آهي: هڪڙو حرف صحيح، ٻيو حرف علت: ديوناگريءَ ۾ اهي لکبا به ٻيءَ ٻيءَ طرح آهن. ”رنَگ“ ، ”رَٿ“ (گاڏي)، ۽ ”راجا“ حرف صحيح سان شروع ٿين ٿا. ”رُت“ معنيٰ موسم، ”رِڻ“، معنيٰ قرض، ”شي“، ”رِڇ“ (سنسڪرت- رڪش)، ۽ ٻين اهڙن سنسڪرت لفظن جي منڍ ۾ ”ر“  حرف علت آهي، پر اسين اهو حرف صحيح ڪري ليکيون ٿا.پالي۽پراڪرت ڳالهائيندڙن کي به انهيءَ تفاوت جو پتو ڪونه پيو، تنهنڪري اهو اکر نڪري ويو.

290- سنسڪرت ۾ ڪنهن حرف صحيح جي مٿان يا هيٺان به. ”ر“ حرف علت گڏيندا آهن. اهڙا لفظ سنڌيءَ ۾ آيا آهن، ته انهن ۾ اهو اکر ڦِري، هڪ نه ٻيو حرف علت ٿي پيو آهي- جهڙوڪ:

سنسڪرت                         سنڌي                                   تبديل

گهرشٽ گٺو (گ مٿان زبر يعني اَ)             ”ر“ مٽجي ”اَ“

درشٽ   ڏٺو (ڏ هيٺان زير يعني اِ)                ”     ”      ”اِ“

ورڌ          ٻڍو  (ٻ مٿان پيش يعني اُ)      ”    ”                ”اُ“

مرتيو     موت                                                      ”     ”      ”آءُ“

پراڪرت ۾ به ائين تبديل ٿيندي هئي(ڏسو ورچيءَ جو جوڙيل ”پراڪرت پرڪاش“).

291- پراڪرت واري زماني کان پوءِ اهڙا سنسڪرت لفظ وري چالو ٿيا. ته انهن ۾ ”ر“ کي قائم رکڻ لاءِ، ساڻس هڪ نه ٻي اعراب گڏي اٿئون جهڙوڪ:

سنسڪرت         سنڌي     سنسڪرت         سنڌي                 تبديل

مر mri                                مرڻ             ڀر bhri           ڀرڻ”ر“  بدران ”اَر“

سر Sri                                سِرڻ (چُرڻ) پرٿوي             پرٿوي ”ر“ بدران ”اِر“

ورڪش                 ورک يا برک معنيٰ وڻ    ”ر“ پيش (اُ)

291- ڪن حالتن ۾ ”ر“ اکر هڪ نه ٻئي حرف صحيح ۾ سمائجي ويو آهي- جهڙوڪ: سنسڪرت ”ورڌ“ ”درشن“، ”گرڀ“، ۽ ”جاماترڪ“ جن بدران ”ٻڍو“ ”ڏسڻ“، ”ڳڀ“، ۽ ”ڄاٽو“ معنيٰ ناڻي. سنسڪرت ”سرو“ بدران چئون .”سرب“ يا ”سڀ“ (سمورو)، ۽ ”ورڪر“ بدران چئون ”بگهڙ“ (Wolf). اهڙيءَ طرح ”ر“  اکر ڪنهن حرف صحيح ۾ سمائجي ويندو آهي، تڏهن اڪثر انهيءَ کي ”وسرگ“ يعني ”هه“ جي اچار وارو ڪندو آهي- اهڙيءَ ريت، هن ”ڦرڻي حرف“ سانڊي وانگر پنهنجا روپ بدلايا آهن.

دوهرا- علت ۾ بگاڙو

293- دراوڙي ٻولين ۾ دوهرا-علت ڪينهن.قديم دراوڙ لوڪ سنسڪرت سکيا ته دوهرا- علت يا پِٽاسر، يڪساهيءَ اچارڻ ڏکيا لڳن؛ تنهنڪري انهن جا اُچار هن ريت ڀڳائون:

سنسڪرت         پراڪرت               سنڌي                   تبديل

ٽيل (تئل)           تيل (Talla)    تيل (Oil)         اَ+ اِ = اي

گؤر                        گور                         گورو (ڀؤرو)         اَ + اُ = او

اِدغام (Epenthesis) سبب، اهي ٻه اُچار ملي هڪ ٿين ٿا ، جنهنڪري چئبو ته وزن ۾ کوٽ ڪانه ٿي، باقي اچار ڪرڻ ۾ سولائي ٿي- جو ”اَي“ (آءِ) ۽ ”اَو“ (آءُ) کان ”اي“ ۽ ”او“ جا اچار وڌيڪ سولا آهن، ۽ اڄ به اهي ڇڙا يا يڪا حرف ڪري ليکيون ٿا- اهو بگاڙو پاليءَ واري زماني کان وٺي شروع ٿيو، ۽ اهو دراوڙي ٻولين جو اثر ليکجي ٿو (ضميمو پهريون).

294- پراڪرت ڳالهائيندڙ جا اچار ڦِلهڙا هوندا هئا. اسان جا اچار وڌيڪ پختا آهن، جنهنڪري ”اَيٽ“، پيدائش“ ”ڀؤنر“، ”گؤنر“ ۽ ”لؤنگ“ لفظن ۾ دوهرا- علت جا اچار قائم رکون ٿا. انهيءَ هوندي به ڪيترا ڏسو ته ”ايٽ“ ۽ ”سر“ بدران ”ائٽ“ ۽ ”سئر“ چون، ۽ لکن ٿا. عربي لفظ ”قوم“ (Qaum) بدران ڪيترا چون ”قوم“ (Qom). پر وڏي ڳالهه ته سنڌيءَ ۾ قاعدو آهي ته ڪنهن به لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ دوهرو علت اچي، ته ان جو اچار ضرور ڀڃجي- ته اسمن جو ڦيرو ڪرڻ سولو ٿئي، جهڙوڪ ”شيءِ“ جو اچار ”ش + اِ“ ۽ ڄؤ“ جو اچار ”ڄه + اُ“ ڪبو“ ”اِ“ ۽ ”اَ“ پڇاڙيون ليکبيون، ۽ انهن جو جمع ٿيندو ”شيون“۽ ”ڄئون“- اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ دوهرا علت رڳو نالي ماتر آهن*.

 

 

ويدڪ

295- سنڌيءَ ۾ ڪل ايڪونجاهه اکر آهن *، جن مان ٽيٽيهه سنسڪرت وارا، چار نج سنڌي (ٻ-چ-ڏ-ڳ)، ۽ چوڏهن عربيءَ ۽ فارسيءَ مان ورتل آهن.

سنسڪرت وارن ٽيٽيهن اکرن مان ويدڪ ”ڙ“ سنسڪرت ۾ حرف علت آهي، جنهن جو اچار رڳو سنڌيءَ، گجراتيءَ ۽ مراهٽي سانڍيو آهي، ۽ ٻن ٻولين وڃائي ڇڏيو آهي. سنڌيءَ ۾ ڪو به لفظ ”ڙ“ سان شروع ڪونه ٿو ٿئي- سڏ ڪرڻ مهل ”ڙي“ چئبو آهي، سو اصل ۾ آهي ”اڙي“ (حرف ندا).

”ش“ جا ٽي قسم

296- سنسڪرت ۾ ”ش“ اکر ٻن قسمن جو آهي: هڪڙو تارونءَ جي اچار وارو (Palatal)، ۽ ٻيو مغز جي اچار وارو (Cerebral). ديوناگريءَ ۾ اهي لکبا به ٻيءَ طرح آهن. پراڪرت ۾ ٻنهي ”ش“ اکرن کي ڦيرائي ”س“، ”هه“ يا ”ڇ“ ڪندا هئا- اهڙا مثال سنڌيءَ ۾ به آهن، جهڙوڪ: سنسڪرت ”پاشا“  بدران چئون ”ڦاسي- ڦاهي“، ۽ سنسڪرت ”شنشچر“ بدران چئون ”ڇنڇر“- انهيءَ تبديل سبب، پراڪرت ۾ ڪوبه لفظ ”س“ سان شروع ڪونه ٿو ٿئي.

297- اپڀرنش پراڪرت ۾ اٽلندو ”س“ کي ڦيرائي ”ش“  ڪندا هئا. هينئر به اسين سنسڪرت لفظن ”سنهن“ ۽ ”ساڌوڪار“ بدران ”شينهن“ ۽ ”شاهوڪار“ چئون ٿا. پر اهڙا سنسڪرت بنياد وارا لفظ سنڌيءَ ۾ ٿورا آهن، گهڻا رڳو عربي ۽ فارسي آهن، جهڙوڪ: ”شهر“،”شروع“، ۽ ”شادي“ وغيره. اهڙن لفظن ۾ ”ش“ جو اچار ڏندن مان ڪونه ٿا ڪريون. جيئن ڊاڪٽر ٽرمپ لکيو آهي- اهو گهڻو تارونءَ وارو ۽ ڪجهه مغز جي اچار وارو (Cerebro-palatal). جنهنڪري چئبو ته اسان جو اچار وچائين ٽيون آهي، جو نڪي سنسڪرت نڪي پراڪرت ۾ آهي *.

مغز جي اُچار وارا اکر

298- ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، مغز جي اچار وارا اکر آهن. انهن ۾ ٿورو ”ر“ جو اچار سمايل آهي. حقيقتؤن اهي ٻِٽا  اکر آهن، جهڙوڪ: سنسڪرت ”تامر“- ”ٽامون، ”پُتر“، پٽ، ”مِتر“، مِٽ ۽ ”چتر“- چِٽ. ائين ”ت“ ۽ ”ر“ ملي ”ٽ“ ٿيا آهن.

299- سنسڪرت ”ينتر“ ( جنتر) جنڊ، ۽ ”متر“- منڊ. ائين ٿورين حالتن ۾ ”ت“ ۽ ”ر“ ملي ”ڊ“ ٿيا آهن، نه ته عام طرح ”د“ ۽ ”ر“ ملي ”ڊ“ ٿين ٿا. جهڙوڪ: ”ڊريگهه، ڊگهو. ”سمدر“ سمنڊ، ۽ ”اندر لٺ- انڊلٺ.

پراڪرت ۾ انهيءَ عادت سببان سڀ لفظ ”ن“ بدران ”ڻ“ سان شروع ٿين ٿا: عالم چون ٿا ته اهو قديم دراوڙن جي ٻولين جو اثر آهي. هندستانيءَ ۾ چون ”تانبا“ ۽ ”ٽوڙنا“ پر اسين چئون ”ٽامون“ ۽ ”ٽوڙڻ“. اها عادت اسان ۾ وڌيڪ آهي، جا سرائڪي ڳالهائيندڙن جي سنگ ۾ پرائي اٿئون، باقي سندين آڳاٽي پئشاچي پراڪرت تي دراوڙي ٻولين جو اثر ٿيو هجي، ته اها ٻي ڳالهه آهي.

وسرگ اکر (Aspirates)

300- دراوڙ لوڪ، وسرگ اکرن مان بنيادي اکر ڪڍي، باقي”هه“ جو اچر بچائيندا هئا.

”لڀڻ“- ”لهڻ“، ۽ ”ڏُڀڻ“- ”ڏُهڻ“- هنن مثالن ۾ ڏسو ته ”ڀ“ مان ”ب“ اکر نڪري ويو آهي، جنهن ڪري باقي ”هه“ جو اچار بچيو آهي. ”ڪٽنپ“- ”ڪٽنب“- هتي اٽلندو ”هه“ اکر ڪڍي ڇڏيو اٿئون، جنهنڪري باقي ”ب“ جو اچار بچيو آهي: اهڙيءَ طرح وسرگ اکرن کي ڄڻ ته مرڪب اکر ڪري ليکيون ٿا، جن مان هڪڙو ڪڍي، ٻيو بچايون ٿا.

نڪ جي اچار وارا اکر (Nasals)

301- عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ نڪ جي اچار وارا اکر فقط ٻه آهن: ”م“ ۽ ”ن“. سنسڪرت *۽ سنڌيءَ ۾ پنج آهن: ”ڃ“، ”ڱ“، ”م“، ”ن“ ۽ ”ڻ“. انهن مان ”ڃ“، ”ڱ“ ۽ ”ڻ“ سان ڪوبه لفظ شروع ڪونه ٿو ٿئي ، باقي اهي لفظن جي وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ اچن ٿا.ل اهي اچار اسان سرائڪي ڳالهائيندڙن جي سنگ ۾ سانڍيا آهن. هندستانيءَ ۾ ”ڃ“ ۽ ”ڱ“ جا اُچار آهن ئي ڪين. تنهنڪري ”مڃڻ“ ۽ ”مڱڻ“ بدران چون ”ماننا“ ۽ ”مانگنا“ *.

302- ”ٻ“ ”ڄ“، ”ڏ“ ۽ ”ڳ“ اکر وراچڊ اپڀرنش پراڪرت واري زماني کان وڍي سرائڪي (وراچڊ پئشاچي پراڪرت) ڳالهائيندڙن جي سنگ ۾ سکيا آهيون،حقيقتؤن اهي ٻِٽا اکر آهن- مثال:

نج سنڌي اکر- ٻٽا اکر

سنسڪرت                         سنڌي                                   تبديل

ورڌ                                          برڌ-ٻڍو                               ب+ ر= ٻ

لجا(Lajja)                      لڄ(شرم)                             ج+ جه = ڄ

درشن                                    ڏسڻ                                      د + ر = ڏ

گرڀ                                      ڳڀ                                        گ + ر = ڳ

مطلب ته ”ٻ“ آهي ٻِٽو ”ب“، ”ڄ“ آهي ٻِٽو ”ج“، ”ڏ“ آهي ٻِٽو ”د“ ۽ ”ڳ“ آهي ٻٽو ”ڱ“.

303- اسين سنڌي ماڻهو انهن اچارن تي ايترو ته هري ويا آهيون، جو ڪيترين حالتن ۾ خواهه مخواهه به اها تبديل ڪريون ٿا- جهڙوڪ:

سنسڪرت         سنڌي                   سنسڪرت         سنڌي

بڪ                        ٻگهه (پکي)       بلي                        ٻل( قرباني)

جال                        ڄار                         جلُوڪا                  ڄؤر (Leech)

دارڻ                        ڏارڻ                        دنت                       ڏند

گِن                          ڳڻ                          گالن                       ڳارڻ

هتي به ڄڻ ته ائين سمجهون ٿا، ته ڪو گڏيل حرف صحيح آهي، جنهن کي ملائي يڪو ڪرڻو آهي، تنهنڪري هيءَ مناسبت ( False Analogy) جا مثال ليکبا.


 

*  ”هُنهم هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“-(شاهه)

اڳي نڪ جي اچار ظاهر ڪرڻ لاءِ ”م“ گڏيندا هئا، جيئن ”هنهم“ لفظ گڏيل آهي، ته سمجهڻ ۾ اچي ته ان ۾ نڪ جي اچار ٽڻڪار (Twang) آهي،

*  انگريزيءَ جي حرف علت جي ترتيب منُجهائيندڙ آهي، جو ڪٿي ڪٿي اکر ساڳيا، پر اچار ٻيا ٻيا- جهڙوڪ

Cough (cauf)- Rough (ruff)- Bough (bow)- Dough (do)- Hough(hock)- and Through (throo)

*  “Properly speaking there are no Diphthongs in Sindhi.” Dr. Trumpp Sindhi Grammer Introduction, P. VI

*  همزو (ء)، الف جي هڪ نرالي صورت آهي، ۽ ”لا“ جو اچار لام ۽ الف جي ميلاپ سان پيدا ٿئي ٿو، تنهنڪري اهي ٻيئي ڌار اکر ڪري نٿا ليکجن.

*  ”ش“ is in Sindhi by no means a palatal sibilant, as in Sanskrit, but a simple dental sound equally unknown in Sanskrit and Prakrit”.  Dr. Trumpp Sindhi Grammar, Introduction, P. XVI

* ’مڱڻو‘، لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”اهو سڱ، جو گهُري وٺجي (مڱڻ معنيٰ گهُرڻ)“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org