ٻولين جون کوجنائون
يوروپي لوڪن ۾ هيءُ هڪ وڏو گڻ آهي، ته جنهن ملڪ ۾
وڃن، تنهن ملڪ جي ٻولي سکي، ان جو علمي خزانو ويهي
ڦولين ته پنهنجي دل ۽ دماغ کي روشن ۽ من کي منور
ڪريون، ۽ انهيءَ مان آبدار موتي ماڻڪ ميڙي، پنهنجي
ديس ڀاين کي به ڏيون، ته ڀلي ته اهي به لاڀ
پرائين.
عيسوي پندرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ پورچوگيزن، ڊچن،
فرينچن ۽ انگريزن هڪٻئي جي پٺيان، واپار سانگي
هندستان ۾ اچي ڪوٺيون وڌيون. ان وقت ڪي پادري به
آيا، جن سنسڪرت تي گهڻو ڌيان ڏنو، ته ڏٺائون ته ان
۾ ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جي ساڳيا ڪيترين يوروپي
ٻولين ۾ به عام آهن، رڳو اُچار ٿورو ڦريل اٿن-
مثلاً:
سنسڪرت |
سنڌي |
فارسي |
انگريزي |
مانر |
ماتا- ناءُ |
مادر |
مدر
Mother |
ڀراتر |
ڀراتر- ڀاءُ |
برادر |
بردر
Brother |
دهتر |
ڌيئا-ڌيءُ |
دختر |
ڊاٽر
Daughter |
نامن |
نانءُ-نالو |
نام |
نيم
Name |
نوُ |
نئون |
نؤ |
نيوُ
New |
اهڙا ٻيا ڪئين لفظ آهن، جي گريڪ (يوناني)، لاٽن،
جرمن، فرينچ، انگريزي ۽ ٻين يوروپي ٻولين ۾ عام
آهن. لفظن جي هڪجهڙائي ڏسي حيران ٿيا، پر سمجهي
نٿي سگهيا، ته ائين ڪيئن ٿيو آهي.
پهريون ئي پهريون يوروپي عالم، جنهن اهو ڀورو ڀڳو
(پرولي سلي)، سو سر وليم جونس هو. هو صاحب ٻولين
سکڻ جو ڪوڏيو هو. اڃا يورپ ۾ ئي هو، ته فارسي،
عربي، ۽ ٻيون ڪي ٻوليون سکيو هو. سن 1783ع ۾ بنگال
جو چيف جسٽس مقرر ٿي آيو، ته ٻئي سال (1784ع) ۾
سنسڪرت ۽ ٻين ڏيهي ٻولين جي اڀياس کي زور وٺائڻ
لاءِ بينگال جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽي برپا ڪيائين،
جنهن جو صدر پاڻ هو. کانئس اڳي هڪ پورچوگيز
پادريءَ، راجا ڀرتريءَ جا شتڪ ترجمو ڪيا هئا. هن
وري ڪوي ڪاليداس جي”شڪنتلا“ ناٽڪ جو ترجمو ڪيو، ته
يورپ جي ماڻهن جون اکيون کليون، ۽ قول ڪرڻ لڳا، ته
هندستان ۾ به ڪي وڏا عالم ٿي گذريا آهن، جي ههڙا
عمدا ڪتاب لکي سگهيا ٿي.
سر وليم جونس ڏٺو ته سنسڪرت ۾ نه رڳو يوروپي ٻولين
جهڙا لفظ آهن، پر ٻولين جي نحوي بناوت (Grammatical
Formation)
به ڪيتري قدر هڪجهڙي آهي! هيءَ نهايت عجب جهڙي
ڳالهه هئي، تنهنڪري ٽي ورهيه ساندهه اونڌو ڪنڌ ڪري
سنسڪرت جو هيڪاري اونهو اڀياس
ڪيائين. سنه 1786ع ۾ پنهنجي جاري ڪيل سوسائٽيءَ جي
ٽئين سالياني ميڙ مهل، پنهنجي قدرتي تقرير ۾ جيڪي
چيائين، تنهن مان ٿورو ٽڪر هتي بجنسي ڏجي ٿو:
“The Sanskirt Language, whatever be its
antiquity, is of wonderful Structure more
perfect that the Greek, more copious than the
Latin and more exquisitely refined than either,
yet bearing to both of them a stronger affinity,
both in the roots of verbs and in forms of
grammar than could possibly have been produced
by accident; so strong, indeed, that no
philologist could examine them all without be
living them to have sprung from some common
source which, perhaps, no longer exists. There
is a similar reason, though not quite so
forcible, for supposing that both the Gothic and
Celtic, though blended with a very different
idiom, had the same origin with the Sanskirt,
and the Old Persian might be added to the same
family.”
سر وليم جونس جي هيءَ تقرير ولايت وارن پڙهي، ته
سڄي يورپ ۾ غلغلو مچي ويو. ان لاءِ سبب هو:
صدين کان يوروپي لوڪ ائين وسهندا هئا، ته ”هيبرو“
(Hebrew)
يعني عبراني يا يهودين جي ٻولي، جنهن ۾ سندن آڳاٽا
ديني ڪتاب (بائيبل يا انجيل وغيره) لکيل آهن، سا
سڀني کان قديم ۽ مقدس يا پاڪ ٻولي (پوتر ڀاشا)
آهي، ۽ دنيا جون ٻيون سڀ ٻوليون انهيءَ عبرانيءَ
مان پيدا ٿيون آهن! هندستان ۾ ڪوٺين وجهڻ کان اڳ
ڪيترن يوروپي لوڪن کي ايتري به ڪل ڪا نه هئي، ته
هندستان ۾ سنسڪرت نالي ڪا ٻولي ٿيندي آهي! جن
ٿورڙن کي اها سڌ هئي، تن سنسڪرت کي آخر ۾ نه پئي
آندو! هينئر جو سر وليم جونس ٻڌاين، ته سنسڪرت ۽
يوروپي ٻولين جو بڻ ئي ساڳيو آهي، ته اُنهيءَ
ڳالهه تي ڪنهن به ويساهه نه پئي ڪيو.
ڪيترن يوروپي لوڪن پوءِ سنسڪرت جو اونهو اڀياس پاڻ
ڪري ڏٺو ۽ ان جي يوروپي ٻولين سان ڀيٽ ڪيائون، ته
گهڻن جو اڳيون
اعتقاد ميٽجي ويو، يعني اڳي جو سمجهيائون ٿي، ته
دنيا جون سڀ ٻوليون”هيبرو“يا يهودين جي قديم
ٻوليءَ مان پيدا ٿيون آهن، سو خام خيال صفا
ميسارجي وين. ڪي يوروپي پوءِ پاڻ ائين وسهڻ لڳا،
ته سنسڪرت ٻولي سڀني يوروپي ٻولين جي ماءُ ٿئي.
ٻين کي اها ڳالهه اعتبار ۾ نه آئي، تنهنڪري وڌيڪ
کوجنائون ڪرڻ لڳا.
ٻولين جي باري ۾ کوجنائن ڪرڻ لاءِ يوروپي لوڪن
هيءُ رستو اختيار ڪيو، جو يورپ جي آڳاٽين ٻولين
(گريڪ لاٽن وغيره) جي هاڻوڪين ٻولين (انگريزي،
جرمن، فرينچ وغيره) سان ڀيٽ ڪيائون ۽ انهن جي وري
سنسڪرت سان ڀيٽ ڪيائون، ته ٻولين جو هڪ نئون راز
هٿ آين، جنهن جي اڳي ڪل ڪا نه هين. هينئر سمجهڻ
لڳا ته جيئن دنيا ۾ سڀڪا ڳالهه حڪم جي ڏوري ۾ ٻڌل
آهي ۽ جيئن سج، چنڊ، تارا وغيره ڪن ٺهرايل قاعدن
پٽاندر ڪم ڪن ٿا، تيئن ٻولين کي به ڪي قدرت جا
قاعدا مڃڻا پون ٿا، ۽ خود اُهي قاعدا به ڪن اصولن
تي ٻڌل آهن، جن جو لاڳاپو انسانذات سان آهي، ڇاڪاڻ
ته ٻولين جا ڳالهائيندڙ فقط انسان آهن، تنهنڪري
انهن اصولن جو لاڳاپو به ضرور انسانن سان ٿيندو.
اهو نئون علم، جو جدا جدا هنڌن جي ٻولين جي ڀيٽ
ڪرڻ سان هٿ آين، تنهن جو نالو رکيائون
Comparative Philology،
جنهن کي
Glossology
(علم لغات) ۽
Linguistic Science
يعني ڀاشا وگيان يا ٻولين جي سائنس سڏين ٿا.
پهريون ئي يوروپي، جرمنيءَ جو نامور عالم، فرئنسز
باپ هو، 1816ع ۾ هن صاحب هڪ گرامر ڇپائي پڌرو ڪيو،
جنهن ۾ سنسڪرت، يوناني، لاٽن، فارسي ۽ جرمنيءَ جي
ٻولين جي گردانن يا ڦيرن جي هڪجهڙي ترتيب ڏيکاري،
وگيانڪ (Scientific)
ريت هن ثابت ڪيو، ته سر وليم جونس جو قياس سچو هو
۽ اهي ٻوليون برابر اهڙيءَ ڪنهن قديم ٻولي مان
پيدا ٿيون آهن، جا هن وقت دنيا جي ٻئي ڪنهن به
ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ نٿي اچي.
يوروپي لوڪن لاءِ هاڻ هڪ وڏو مسئلو پيدا ٿيو. هو
چوڻ لڳا ته هندستان ۽ ايران، جي يورپ کان ٽي هزار
کن ڪوهه پري آهن، تن جي ٻولين جو پاڻ ۾ جگري ناتو
ٿيو ڪيئن؟ هي پرولي سلي ڪير؟
هندن جي ”رگ ويد“مان پتو پين، ته اهي آريه لوڪ
هئا، جي پنهنجي نشاني هيءُ بي بها ’ويد‘ ڇڏي ويا
آهن. ايران طرفان پتو پين ته خود ”ايران“ لفظ اصل
۾ آهي”ائرين“- يعني آرين جو ملڪ. هوڏانهن يورپ ڏي
”آئرلئنڊ“ آهي، جنهن جي به اکري معنيٰ آهي ”ائر“،
(شهزادن) يعني آرين يا شريفن جو ملڪ. رڳو انهن
نالن منجهان ئي جيڪر هر ڪو سمجهي، ته اڳي هندستان
۽ ايران کان وٺي آئرلئنڊ تائين سمورو ملڪ آرين جو
هو. هندن جي ’رگ ويد‘ ۽ پارسين جي ’زنداويستا‘ جي
پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري ڏٺائون، ته انهن ٻنهي ڌرمي پستڪن جي
نه رڳو ٻولي هڪٻئي سان گهڻي مشابهت رکي ٿي، پر
ڪيترا ڌرمي خيال به منجهن ساڳيائي آهن. ڪن ديوتائن
جا نالا جهڙا رگ ويد ۾، تهڙا يونانين جي ڏند ڪٿائن
۾! مثلاً هندن جي رگ ويد مان معلوم ٿو ٿئي ته
آڳاٽا آريه لوڪ آڪاس يا آسمان کي پتا (پيءُ) ۽
ڌرتيءَ کي ماتا يا ماءُ ڪري پوڄيندا هئا. آڪاس کي
سڏيندا هئا ”ديوس پتر“ يعني ابو آڪاس، (The
sky-father)
انهيءَ ” ديوس پتر“ جو اچار لاٽن ٻوليءَ ۾ آهي (Ju-peter)
. گريڪ يا يوناني ٻوليءَ ۾ ”ديوسُ“ جو اُچار
”زيئوس“
Zeus
آهي ۽ اهو وڏو ديوتاليکبو هو. مطلب ته ٻولين جي
ڀيٽ ڪرڻ سان علم لغات (Comparative
Philology)
جو پتو پين، ۽ هاڻ ڏند ڪٿائن جي ڀيٽ (Comparative
Mythology)
مان هيڪاري يقين ٿين، ته انهن سڀني هنڌن جي آرين
جي نه فقط ٻولي ساڳي هئي، پر ڌرم ڪرم به ساڳيو
هون.
يوروپي لوڪن کي پنهنجن ابن-ڏاڏن جي احوال جي اڳي
ڪا به سڌ ڪا نه هئي. هاڻ جو ٻولين جي کوجنائن ڪندي
تاريخ- روپي ترورا جهلڪا ڏيندا نظر آين، ته تاريخ
جي کوجنائن ۾ پيا. هندن جي ويدن، پراڻن ۽ اتهاسن
يعني رامائڻ ۽ مهاڀارت مان، ٻڌ ڌرم وارن جي ڌرمي
ڪتابن مان، ڪن يونانين ۽ چيني مسافرن جي سفرنامن
مان، ۽ ٻين هنڌان ڪيترو تاريخي احوال ڪٺو ڪري،
اسان کي قديم هندستان جي تاريخ جوڙي ڏني اٿن، ڇو
جو عربن جي ڪاهه کان اڳ جي تاريخ هئي ڪا نه.
آرڪيالاجيڪل کاتي وارن به تاريخي احوالن ڪٺي ڪرڻ ۾
گهڻي مدد ڪين. انهن ميسوپوٽيميا طرفان ڪيتريون
حقيقتون هٿ ڪيون،. جن مان پتو پوي ٿو، ته عيسوي
سنه کان پندرهن صديون کن اڳي، آرين جون انهيءَ طرف
بيٺڪون هيون. انهن ۽ ٻين کوجنائن مان يوروپي عالمن
کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته آڳاٽا آريه لوڪ وچ
ايشيا ڏي، يا انهيءَ ڪنهن طرف، گڏ رهندا هئا، جتي
ٻولي ساڳي هين. پوءِ منجهائن ڪي يورپ ڏي، ته ڪي
ايران ڏي ويا، ۽ اتان ڪي جبل جهاڳي اتر-هدستان ۾
آيا ۽ پنهنجي سنسڪرت ٻوليءَ جو اتي ڦهلاءُ ڪيائون،
جنهن مان پوءِ سنڌي، هندي، گجراتي ۽ ٻيون ڏيهي
آريه ٻوليون پيدا ٿيون. انهن سڀني هنڌن جي ٻولين
کي گڏي”انڊو-يوروپين“(Indo-
European)ٻوليون
سڏيو اٿن، ته سمجهڻ ۾ اچي ته هندستان ۽ يورپ جي
ٻولين جو پاڻ ۾ جگري ناتو آهي.
انهن سڀني هنڌن جي ٻولين کي گڏي ڪي صاحب ”آريه“
ٻوليون به سڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ٻولين جا
ڳالهائيندڙ اصل آريه لوڪ هئا. جرمني وارا پاڻ کي
”آريه“ سڏائيندي فخر وٺن ٿا، پر سرگريئرسن ۽ ٻيا
ڪي يوروپي چون ٿا ته سندن ابا-ڏاڏا آريه نه هئا،
پر آرين جهڙي ٻولي ڳالهائيندي هئا. ايترو قبول ڪن
ٿا ته ايران جا پارسي لوڪ ۽ هندستان جا آريه اصل
هڪٻئي جو هڏ رت آهن، تنهنڪري رڳو ايران جي ٻولين ۽
سنسڪرت ۽ انهيءَ مان ڦٽل ٻولين کي ”آريه“ ٻوليون
سڏين ٿا، باقي ٻين هنڌن جي ٻولين تي ٻيا ٻيا نالا
رکيا اٿن. انڊو- يوروپين ٻولين جي خاندان وارين
اٺن شاخن تي هيٺيان نالا رکيا اٿن:
(1) آرين شاخ
(The
Aryan Branch)،
جنهن ۾ سنسڪرت ۽ ان جو اولاد ۽ ايراني ٻوليون
ليکجن ٿيون.
(الف)سنسڪرت مان پالي ۽ ٻيون پراڪرت ٻوليون پيدا
ٿيون، جي پوءِ ڦري سنڌي، هندي ۽ گجراتي وغيره
ٿيون.
(ب) فارسي، بلوچي، مڪراني، افغاني يا پشتو،
ڪردستان جون ٻوليون ۽ داردستان جون داردڪ ٻوليون
(ڪشميري وغيره)، لهندا، ملتاني ۽ سرائڪي، ايراني
دفعي ليکجن ٿيون.
(2) آرمينيا جي شاخ (The
Armenian Branch)
)3)
هيلنيا جي شاخ (The
Hellenic Branch)
(4) آلبينيا جي شاخ (The
Albanian Branch)
(5) اٽليءَ جي شاخ
(The
Italic Branch)
هن ۾ لاٽن، فرينچ، اسپين۽ پورچوگال جون ٻوليون
ليکجن ٿيون.
(6) سيلٽڪ يا (ڪيلٽڪ شاخ ڪيلٽ يا گال لوڪن جون
ٻوليون ) (The
Celtic Branch)
(7) بالٽوسلواني شاخ (لٿونيا، رشيا، بلگيريا وغيره
جون ٻوليون) (The
Balto Slavonic).
(8) ٽيوٽاني شاخ (The
Teutonic Branch)
جنهن ۾ سڪئنڊينيويا (سئيڊن، ناروي، آئيس لئنڊ ۽
ڊينمارڪ)، جرمنيءَ جون ٻوليون گاٿڪ سميت،
ائنگلوسئڪسن، انگريزي ڊچ ۽ فليش ٻوليون ليکجن
ٿيون.
انهن سڀني سان اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو جگري ناتو
سنسڪرت جي ڪري آهي.
|