سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

باب: پهريون

صفحو : 3

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

(ڀاڱوپهريون)

باب پهريون                                          قديم سنڌ ۽ اڻ آريه ٻوليون

سنڌ جو جنم

1- سنڌ جو پرڳڻو سمنڊ مان پيدا ٿيل چوڻ ۾ اچي ٿو: ڌرتيءَ جي علم جا ڄاڻو چون ٿا، ته نهايت قديم زماني ۾، اتر هندستان وارو پاسو، گهڻو ڪري سمورو سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هو- پوءِ خوفناڪ زلزلن سبب سمنڊ هٽي پري ٿيو ۽ زمين ظاهر ٿي بيٺي. *

قديم سنڌ جا رهاڪو

2- سنڌ مان سمنڊ هٽي پري ٿيو، ته جن لوڪن اهي وارياسا پٽ اچي وسايا، تن مان قديم ۾ قديم لوڪ هاڻوڪن ڪولن، سنٿالن ۽ ڀيلن وغيره جا ابا ڏاڏا هئا. ڪن ڪولن جا لاش موهن جي دڙي مان لڌا آهن، جا ڳالهه آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سرجان مارشل، پنهنجي ڪتاب ”موهن جو دڙو“ ۾ ڄاڻائي آهي. 

ڪول ۽ سنٿال ڪٿان آيا

3- عالمن جو چوڻ آهي ته قديم زماني ۾ جڏهن اتر هندستان ڏي سمنڊ هو، تڏهن ڏکڻ هندستان وارو پاسو آفريقا، سلون(لنڪا) ۽ آسٽريليا سان خشڪيءَ جي رستي ڳنڍيل هو. ڪولن ۽ سنٿالن جي ٻولين جي بناوت آسٽريليا طرف جي ٻولين سان گهڻي قدر مشابهت رکي ٿي. انهيءَ مان اهو انومان ڪڍيو اٿن، ته انهن لوڪن جا ابا ڏاڏا انهيءَ غرق ٿيل کنڊ وارا پٽ لتاڙي، خشڪيءَ جي رستي آسٽريليا کان چين ولايت واري واٽ وٺي، آسام ۽ بينگال ڏي آيا ۽ پوءِ اتر هندستان ڏي وڌيا، انهيءَ سموريءَ واٽ تي جيڪي ٻوليون چالو آهن، تن جو جگري ناتو آسٽريليا طرف جي ٻولين سان آهي.

ڪولن ۽ سنٿالن ۾ ڪي ”منڊ“ لوڪ به هئا، تنهنڪري سندين ٻولين کي گڏي”ڪوليرين“ (Kolarian) ۽ ”منڊا“ (Munda) ٻوليون سڏيو اٿن ۽ اهي آسٽريليا جي ٻولين جي خاندان  (Austric family) جي هڪ شاخ ليکجن ٿيون.

ڪولن جي ٻوليءَ جو نمونو

4- ڪول، سنٿال،ڀيل وغيره اڳي جڏهين سنڌ سميت سڄي اتر هندستان ۾ رهندا هئا، تڏهين سنڌ ۾ جيڪا ٻولي چالو هئي، سا هن وقت وچ هندستان ۾، ڇوٽا ناگپور طرف، ڪول ۽ سنٿال ڳالهائين ٿا. انهيءَ ٻوليءَ جي بناوت جي نموني ڄاڻائڻ لاءِ هتي هڪ مثال ڏجي ٿو:.

سنٿالي (سؤنتالي) ٻولي ۾ ’دل‘  معنيٰ-مارڻ‘. هن هڪڙي ئي لفظ سان پڇاڙين پٺيان پڇاڙيون گڏي چون ’دل-اوچو- اَڪن- تنهن- تءِ- تن- اَ- اي‘. ائين هڪڙي ئي لفظ پٺيان پڇاڙين (Suffixes) گڏڻ سان هيءُ هڪ جملو جڙي پيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ته ’هيءُ‘ جو هن جو آهي ۽ اهو جو منهنجو آهي، ’سو پاڻ کي پيو مارائيندو.‘ انهيءَ ساڳئي ’دل‘ لفظ جي وچ ۾ جيڪڏهن پ‘ گڏي دپل‘ چئبو، ته انهيءَ مان هڪٻئي کي مارڻ جي معنيٰ نڪرندي. جيڪڏهن دل‘ ۽ دپل‘ لفظن جي پٺيان ساڳيون ئي مٿيون پڇاڙيون رڳو ٿوريءَ ڦيرڦار سان گڏبيون، ته پوءِ مارڻ ۽ ماراماريءَ بابت ڪيئن جملا جڙي پوندا.* مسٽر سڪريفسرڊ (Mr. Skrefsurd) وارو سنٿالي گرامر ڏسو ته دل‘ فعل جو گردان رڳو ضمير غائب عدد واحد ۾ ڪيو اٿس، ته هڪ سؤ کن صفحا ڀرجي ويا آهن! اسان جي پرڳڻي ۾ اجها اهڙي قسم جي ٻولي ڪولن ۽ سنٿالن جي صاحبيءَ ۾ چالو هئي. اڻ آريه قومن جون ٻوليون مرڪب منزل (Agglutinative Stage) واريون ٻوليون آهن، جنهن جو هڪ مثال ترڪي ٻولي به آهي. انهيءَ منزل وارين ٻولين ۾ لفظن سان پڇاڙيون(Glue) ڳنڍڻيون پون ٿيون، تنهنڪري لفظن جون صورتون نهايت پيچيديون ٿين ٿيون،۽ انهيءَ سبب انهن ٻولين جو گرامر نهايت ڏکيو ٿئي ٿو.

 

ڪولن جي ٻوليءَ جا سنڌيءَ ۾ نشان

5- هن وقت اتر- هندستان ۾ آريه ٻوليون چالو آهن ۽ ڪولن جي ٻوليءَ، جو نالو به ڪونهي.انهيءَ هوندي به سندين ٻوليءَ جو ڪو ڪو نشان اڄ تائين اسان وٽ آهي- مثلاً اسان جا هاري ناري ۽ ٻيا اڻپڙهيل اڪثر ويهون- ويهون ڪري ڳڻيندا آهن- اهيپنجاهه‘بدران چوناڍائي ڪوڙيون‘ ۽ سٺ‘ بدران چون ٽي ڪوڙيون‘ يا ٽي ويهون‘. انهيءَ تان چوڻي به آهي ته جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهون‘.سو گريئرسن جو چوڻ آهي ته اهو انگن ڳڻڻ جو دستور ڪولن يا سنٿالن جو آهي، جو اتر- هندستان جا اڻپڙهيل اڄ تائين هلائيندا اچن ۽ خود ڪوڙي‘ منڊا ٻولين جو لفظ آهي. * هن موجب چئبو ته اسان وٽ جو ڪي چوندا آهن، ته انگريزي لفظ سڪور‘(Score) جو اُچار سنڌيءَ ۾ بگڙجي ڪور-ڪوڙي‘ ٿيو آهي، سا غلط ڳالهه آهي.

(الف) ويهه- ويهه ڪري ڳڻڻ جي ترتيب (Vigesimal system) اسان کي کل جهڙي پيئي لڳي، ۽ اسين اهو اڻپڙهيلن جو دستور ڪري ليکيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان جي ڳڻڻ جو دستور ’ڏهائيءَ‘ يعني ڏهاڪن جي ترتيب‘(Decimal system) تي ٻڌل آهي. اسان جن انگن تي نالائي اهڙيءَ طرح رکيل آهن. مثلاً ٻارهن‘(اصل ٻاڏهن‘) معنيٰ ٻه ۽ ڏهه، تيرهن (ٽيڏهن) معنيٰ ٽي ۽ ڏهه، ۽ چوڏهن معنيٰ چار ڏهه. ٻيا مثال:

 

سنڌي

سنسڪرت

اصل لفظ

معنيٰ

ويهه

ونشتي

دؤ- دشنتي

ٻه ڏهاڪا

ٽيهه

ترنشتي

تر- دشنتي

ٽي ڏهاڪا

چاليهه

چتوار نشت

چتوار دشنت

چار ڏهاڪا

پنجاهه

پنچانشت

پنچ دشنت

پنج ڏهاڪا

     ٻيا انگ به ائين جڙيل آهن.اهي آريه لوڪن جا جوڙيل آهن.

(ب) آڱرين تي ڳڻڻ جو رواج بلڪل سڀاويڪ ۽ نهايت سهنجو سولو آهي. انهيءَ سبب ڀانئجي ٿو ته آڳاٽن آرين کي ڏهه ڏهه ڪري ڳڻڻ جو خيال هٿن جي ڏهن آڱرين تان آيو. ڪولن ۽ سنٿالن شايد پيرن جون آڱريون به ٿي ڳڻيون، جنهنڪري ويهه ويهه ڪري ٿي ڳڻيائون.

6- سنڌيءَ ۾ آوازن مان ٺهيل لفظ گهڻا آهن- مثلاً ڪتي جو آواز ”ڀنءُ ڀنءُ“، ٻليءَ جو آواز ”ميائو، ميائو“. ڪئي ۽ جهرڪيءَ جو آواز ” چون چون“  ۽ بلبل جو ”ٽڪلو ٽڪلو“. انهن کان سواءِ گهڻگهڻ، جهڻجهڻ، ٺڪٺڪ، ٺاٺا، ٺڪاٺوڪي ۽ ٻيا ڪيترا آوازن مان ٺهيل لفظ آهن. هاڻوڪا ڪول ۽ سنٿال به ائين آوازن مان ٺهيل لفظ گهڻا ڪم آڻين ٿا. سندن ابن ڏاڏن جي ٻوليءَ جو اهو اثر آرين جي ٻوليءَ تي ٿيو هجي ته عجب ڪونهي.*

(الف) ڪولن ۽ منڊلوڪن جي ٻولين جا ٻيا به ڪي نشان سنڌيءَ ۾ هوندا ته عجب ڪونهي. هن باري ۾ ڪي يوروپي لوڪ وڌيڪ کوجنائون ڪن پيا، پر ايترو اڳيئي ڄاڻايو اٿن ته ڪول ۽ سنٿال ڪو گهڻو سڌريل ڪو نه هئا.

سنڌ ۾ دراوڙ (Dravidians)

7- قديم هندستان جون تاريخون، جي يوروپي عالمن کوجنائون ڪري ويجهڙائيءَ ۾ ٺاهيون آهن، تن ۾ ڄاڻايل آهي، ته ڪولن ۽ سنٿالن جي صاحبيءَ ۾ دراوڙ لوڪ ڪاهي آيا، جن ڪولن ۽ سنٿالن کي هٽائي وچ- هندستان ڏي ڪيو ۽ پاڻ اتر-هندستان جا والي ٿي ويٺا. تازو موهن جي دڙي مان ڪن دراوڙن جا لاش لڌا آهن. ۽ انهن سان گڏ ڪولن ۽ سنٿالن جا به لاش لڌا آهن. هن مان سمجهجي ٿو ته دراوڙن جي ڪاهه ٿيڻ کان پوءِ به ڪي ڪول ۽ سنٿال ساڻن گڏ رهيا پيا هئا.*

درواڙ ڪٿان آيا؟

8- دراوڙ لوڪ اصل ڪٿان آيا، تنهن بابت عالمن جا جدا جدا رايا آهن، جن مان ٻه مکيه آهن: هڪڙا چون ته دراوڙ لوڪ به ڏکڻ- هندستان کان آيا، ۽ پوءِ اتر- هندستان ڏي وڌيا. ويجهڙائيءَ ۾ جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، تن پٽاندر ڪن جو چوڻ آهي ته دراوڙ لوڪ ڀونونچ سمنڊ (Mediterranean Sea) طرف رهندڙ قومن مان هئا. اهي پهريائين ڪجهه وقت ميسوپوٽيميا طرف رهيا ۽ پوءِ بلوچستان واري واٽ وٺي هندستان ڏي آيا، منجهانئن ڪن گنگانديءَ واري ماٿري ته ڪي سنڌونديءَ واري ماٿري والاري ويٺا.*

تازو موهن جي دڙي مان جيڪي حيرت جهڙيون حقيقتون هٿ آيون آهن، تن جي ذڪر ڪندي سرجان مارشل چيو آهي ته سنڌو نديءَ جي ماٿريءَ جي اها سڀيتا قديم دراوڙ لوڪن جي آهي ۽ اهو ميسوپوٽيميا ۽ مصر ملڪ جي قديم سڀيتا سان ملي اچي ٿي، پر ڪن ڳالهين ۾ انهن کي به شهه ڏيئي وڃي ٿي.* هن مان ظاهر آهي ته دراوڙ لوڪن جي ميسوپوٽيميا طرف وارن سان گهڻي لهه وچڙ هئي، جنهنڪري سندين تهذيب به اتي جي ماڻهن جهڙي ٿي.

دراوڙن جي ٻولين جو خاندان

9- دراوڙي ٻولين جو خاندانيا ڪل ئي نرالو آهي، جنهن ۾ تامل، تيليگو، ڪئنر يزڪرگو ۽ مليالم (مل-يه-آلم) ٻوليون مکيه آهن. بلوچستان جا بروهي لوڪ جيڪا بروهي ٻولي ڳالهائين ٿا، تنهن جي نحوي بناوت به دراوڙي ٻولين جهڙي آهن، تنهنڪري اها به دراوڙي ٻولين جي دفعي ۾ ليکجي ٿي. ڀانئجي ٿو ته قديم زماني ۾ بروهي لوڪن جا وڏا به ميسوپوٽيميا طرف رهندا هئا، تنهنڪري اتي ساڳي اها ٻولي ڳالهائيندا هئا، جا هاڻوڪن دراوڙن جا ابا-ڏاڏا اتي ڳالهائيندا هئا. ائين رڳو سندين ٻولين جو پاڻ ۾ ناتو آهي، نه ته ٻيءَ طرح بروهي لوڪن جي مدراس کاتي وارن دراوڙن سان ڪا به مٽي مائٽي ڪانهي.

”اَڻاسو“ لفظ جو بنياد

10- دراوڙن[1] جي صاحبي ۾ آريه لوڪ اتر-هندستان تي ڪاهي آيا. آرين جي وچ ۾ ڪي جنگيون لڳيون هيون، تن جو رگ ويد ۾ ججهوئي ذڪر آهي. آرين ڌڪار وچان آڻ ريه لوڪن کي ’ڪرشڻ‘(سانورو يا ڪارو)،’داس‘(غلام)، ۽ ’دسيو‘(رهزن) ۽ ’اَناس‘ ڪوٺيو آهي. رگ ويد ۾ ’اناس‘ لفظ رڳو هڪ ڀيرو ڪم آيل آهي ۽ هن وقت سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اهو لفظ ڪونهي! اسان وٽ عام طرح چون ته ’اناس‘(سنڌي ’اڻاسو‘). اصل ۾ آهي: اَ=نه+ناس=نڪ-يعني ’اڻاسو‘ معنيٰ  جنهن کي نڪ ناس نه هجي، نرلڄو(نرڄو) يا بيشرم. يوروپي عالمن ۾ ’اَناس‘ لفظ جو ترجمو ڪيو آهي ’Nose-less‘ يعني جنهن کي نڪ نه هجي، پر شاپن آچاريه، جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن ڄاڻايو آهي، ته ويدڪ لفظ ’اناس‘ اصل ۾ آهي’ان-آس‘(ن=نه + َس =وات) ۽ اکري معنيٰ اٿس: جنهن کي وات نه هجي(Mouth-less)، يعني جنهن کي برابر ڳالهائڻ نه اچي. سندس چوڻ موجب اڻ آريه لوڪ سنسڪرت لفظن جا اُچار پوريءَ طرح ڪري نه سگهندا هئا، تنهنڪري آريه لوڪن کين اناس ڪوٺيو.*- هيءَ ته وچائين معنيٰ ئي ٻي؛ پر مصنف کي ٻنهي معنائن جي وچ ۾ لاڳاپو نظر اچي ٿو. اڄ به گجرات کان هيٺ جيئن مدراس طرف درواڙن جي ملڪ ڏي وڃبو، تيئن معلوم ٿيندو، ته اتي جي ماڻهن کي ڃ، ڱ، م، ن ۽ ڻ جا اُچار پوريءَ طرح ڪرڻ نه ايندا آهن؛ ڄڻ ته نڪ اٿن ئي ڪو نه، جنهن مان اهڙا اُچار ڪن. ڀانئجي ٿو ته ائين ”اناس“ (اڻاسو) لفظ جي معنيٰ پوءِ ٿي ’جنهن کي نڪ نه هجي‘ ۽ تنهن کان پوءِ ٻيون اصطلاحي معنائون ٿيس- نڪ نرڄو، بيشرم ۽ بيڪار. ’محبت نه جن جي من ۾، تن جي مٽي اڻاسي.‘

-”سچل“

دراوڙن بابت غلطفهمي

11- دراوڙ لوڪ آرين جي نسل مان نه آهن، تنهنڪري ’اڻ آريه‘ (Non Aryans) سڏجڻ ۾ آيا. انهيءَ ’اڻ آريه‘ لفظ جو اُچار پوءِ ڦري ٿيو ’اناڙي‘ ۽ هاڻ معنيٰ اٿس اڻسڌريل يا جهنگلي. رگ ويد ۾ اڻ آريه قومن بابت گهٽ وڌ لفظ لکيل آهن، تنهنڪري ڪيترن ائين سمجهيو، ته آريه لوڪ سڌريل ۽ اڻ آريه لوڪ اڻسڌريل هئا. ائين غلطفهمي پيدا ٿي، نه ته حقيقتئون  دراوڙ لوڪ انهيءَ آڳاٽي زماني ۾ ئي نهايت سڌريل هئا، جيئن خود رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي. سر جان مارشل به لکيو آهي ته ’تاريخون درست ڪرڻ گهرجن.‘

                             دراوڙن جي ٻولين جو اثر

12- آڳاٽا آريه لوڪ جدا جدا وقتن تي ٽوليون-ٽوليون ٿي هندستان ۾ آيا. اتي جي اصلوڪن رهاڪن مان ڪن کي پنهنجو داس(ٻانهو يا غلام) بنايائون. منجهن جيڪي وڏ گهراڻا هئا، تن سان سڱ ڳنڍيائون. ائين هڪٻئي سان لڙهه وچڙ وڌين، ته ڪيترا دراوڙي لفظ سنسڪرت ۾ چالو ٿيا. اهڙن لفظن جي هڪ وڏي يادداشت بشپ ڪالڊ ويل پنهنجي ٺاهيل دراوڙي ٻولين جي گرامر(صفحي 567 کان 579 تائين) ڏني آهي، جنهن مان ٿورا مثال هي آهن؛ مڪت(موتي)، ڪُٽيا(جهوپڙي)، ڪٺار(ڪهاڙو)، ڪوٽ(قلعو)، کٽوا(کٽ)، شرنگ وير (هڱ)، مڪل(مکڙي)، پشپ(گل) ۽ نير معنيٰ پاڻي.

جان جاڳان جند جهوڙيءَ ۾. نيڻين وهايان ويٺي نير،

ڪر منهنجي خواب جو تعبير.                     (ڪافي)

سنڌ ۾ هن وقت دراوڙ

13- ويدن واري زماني ۾ دراوڙن سان جيڪا آڳاٽن آرين جي لڙهه وچڙ شروع ٿي، سا پوءِ به هلندي آئي. سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ’اوڏ‘ آهن، سي اصل دراوڙن جي ڪل مان آهن. سنڌ ۾ ٻيا هن وقت ماڃر ذات جا مهاڻا آهن. انهن جو وڌيڪ احوال لاڙي ٻوليءَ جي ذڪر ڪندي ڪبو. آڳٽي وقت کان وٺي دراوڙي ٻولين جا جيڪي به اثر لاڙي ٻوليءَ خواه سنڌيءَ ٻوليءَ تي ٿيا آهن، تن جو مناسب هنڌن تي ذڪر ڪبو. انهن سڀني جي يڪي يادداشت ضميمي پهرين ۾ ڏني ويئي آهي.


 

*   Sind is mainly a Sea-born land. M. B. Pithawala Marvels of the Earth, p.51.

Mr. Wadia: Geology of India, p. 5 et seg.

* Sir Grierson: Linguistic Survey of India, Vol: I, Part 1.

* Linguistic Survey of India, Vol; 1, part 1, p. 35 anp 132.

*  “Onomatopoetic words and jingles, however are characteristic of Kol as well. It may be that in this matter there is also Kol influence on Arvan” Dr. S.K: Chatterji: The origin and Development of the Bengali Language, Voll. 1. p. 175

* “ It may be that the two races (Kolarians and Dravidians) dwelt side by side. And this is the theory now generally accepted Or it may be that the Kolarians first inhabited the country and that the Dravidians came later, either from the North-West or from the South. At a time when the land now submerged beneath the sea is supposed to have stretched from India in the direction of Australia.”

E, Marsden and Sir Henry Sharp: A History of India P. 13.

* Dr. S. K, Chatterji, The Origin & Develop: of the Bengali Language, Vo. 1.

* Sir John Marshall: Mohan-jo-daro and the Indus Civilization Vol. 1, P.5, Preface.

[1] اشارو- ’دراوڙ‘ لفظ جو اصل اُچار ’درامڙ‘هو، جو ڦري ’تامل‘ ٿيو. مطلب ته دراوڙ ۽ تامل ٻئي اصل ساڳيا لفظ آهن. بشپ ڪالڊويل: دراوڙي ٻولين جو گرامر. ڇاپو ٽيون، صفحو 9.

*  ساڳيءَ طرح ايراني لوڪن کي عربي لفظن جا اچار پوري طرح ڪرڻ نه آيا، ته عربن کين سڏيو ”عجم“، معنيٰ گنگو (Dumb).

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org