سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

ڀاڱو؛ ٻيو

صفحو : 7

باب چوٿون                                                            وچولي

 

وچولي جون حدون

112- سري ۽ لاڙ جو وچ وارو ڀاڱو ’وچولو‘ سڏجي ٿو، جنهن جون حدون ڪنڊياري ۽ دادو تعلقن جي اتر واري ڀاڱي کان وٺي، هيٺ ڪوٽڙي ڊويزن تائين آهن. اهو سنڌ جو ’وچولو‘ يعني  وچ وارو ڀاڱو آهي، ۽ اُتي جي ٻولي ’وچولي‘ ڪوٺجي ٿي.

وچولي جي ٺيٺ سنڌي

113- سڄيءَ سنڌ ۾ سيوهڻ جهڙو قديم شهر ٻيو آهي ئي ڪونه. اهو نالو به ويدن واري زماني جو آهي. مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ آنوُ آريه لوڪن جو اولاد، شوي آريه لوڪ، هاڻوڪي ’شارڪوٽ‘ ۾ رهندا هئا، جو اصل سندن نالي پٺيان ’شِوَ پور‘(شوي، سبي)  سڏبو هو، ۽ پوءِ سڄو پنجاب، ايران جو ڪجهه ڀاڱو ۽ سڄي سنڌ هٿ ڪيائون،جيئن پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي*.

ايران وارو جيڪو پاسو شوي آرين هٿ ڪيو،سو سندن نالي پٺيان ’شِو آسٿان‘سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اچار  بگڙجي ’سبستان‘ ۽ ’سستان‘ ٿيو*. سنڌ ۾ اهي آريه لوڪ جنهن هنڌ پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا، سو هنڌ به سندن نالي پٺيان ’شوِسٿان‘ ڪوٺجڻ ۾ آيو، جنهن جو اچار پوءِ بگڙجي ’سيوستان‘- ’سهوان‘ ٿيو ۽ هاڻ عام طرح ’سيوهڻ‘ سڏجي ٿو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ’سيوهڻ نالو نهايت قديم آهي ۽ الور، برهمڻ آباد ۽ ٻين شهرن کان گهڻو گهڻو آڳاٽو آهي، جيئن ميجر جنرل ڪننگهام پنهنجي جوڙيل قديم هندستان جي جاگرافيءَ ۾ ڄاڻايو آهي.

114- شوي آرين جي ٻولي، جهڙي ٺيٺ چئجي تهڙي هئي. سنڌ ۾ هنن سيوهڻ وارو پاسو وسايو، ته سندين ٺيٺ ٻوليءَ جا اهڃاڻ اتي اڄ تائين پڌرا آهن. سيوهڻ ۽ دادو سنڌونديءَ جي هڪ ڪپ تي آهن ۽ ٻئي ڪپ تي ساهتي پرڳڻو آهي. سنڌ جي انهيءَ سڄي وچولي ڀاڱي جي ٻولي اڄ به سڄيءَ سنڌ ۾ ٺيٺ ليکجي ٿي. فارسي تاريخ نويسن ڄاڻايو آهي، ته قديم زماني ۾ ’سيوستان‘سڄي پرڳڻي کي چوندا هئا ۽ فقط قلعي کي سيوهڻ چوندا هئا‘ (1). مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي، ته اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ اها وچولي ٻولي ڪم اچي ٿي. هن وقت جيڪا عربي- سنڌي آئيويٽا ڪم اچي ٿي، سا 1853ع ۾ ٺهي. جن صاحبن اها جوڙي، تن مان هڪڙو سرڳواسي ديوان ننديرام ميراڻي سيوهڻ جو ويٺل هو، جنهن ’تاريخ طاهريءَ‘  جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنهن صورت ۾ درسي ڪتابن ۾ رڳو حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ٻولي ڪم اچي ٿي، ۽ هيءُ سڄوئي ڪتاب انهيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، تنهن صورت ۾ هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو، ته وچولي جي هن پاسي جي ٻولي ڪهڙين ڳالهين ۾ درسي ڪتابن کان علحدي آهي.

وچوليءَ جون علحديون ڳالهيون

115- وچوليءَ جنهن جو جمع جن ( ج مٿان زبر) ۽ تنهن جو جمع تن ( ت مٿان زبر يعني ’اَ‘ جو اچار). درسي ڪتابن ۾ جن ۽ تن لکيل آهي، يعني ج ۽ ت جي هيٺان زير (’اِ‘جو اچار آهي). اهڙيءَ طرح ٻيا به گهڻيئي لفظ آهن، جن ۾ وچولي ۾ ’اَ‘ ته هيٺ ڏاکڻي ڀاڱي ڏي ’اِ‘ چون ٿا.

(الف) سري وانگر ساهتي پرڳڻي ۾ ڪاٿي، ڪاڏي، جاڏي، تاڏي، جاتي ۽ تاتي چون ٿا. سيوهڻ پاسي ڪٿي، ڪيڏي، جيڏي، تيڏي، جتي ۽ تتي به چون. درسي ڪتابن ۾ رڳو پويون نمونو عام آهي.

(ب) ”پهرو هي پاڻو سوَلو ڪرين ساٿ کي“ (شاهه). ساهتيءَ ۾ چون ’پهرو‘ پر ڪتابي سنڌيءَ ۾ ’پهريون‘ لکن. پهرو پاڻو معنيٰ پهرين منزل ’پاڻو‘ لفظ لاڙ جو آهي.

(ٻ) لفظ ۾ نڪ جي اچار گڏڻ جي عادت ساهتي پرڳڻي ۾ گهٽ آهي، جنهنڪري ’پهريون‘ بدران پهرو چون ٿا. سڳايءَ طرح منهنجو، تنهنجو ۽ پنهنجو بدران مهنجو، تهنجو ۽ پهنجو چون ٿا. حقيقتون اتر وارا صحيح آهن، جو اصل ۾ اهو نڪ جو اچار آهي ئي ڪونه اتر ڏي پڻهس بدران عام طرح چون پڻس معنيٰ هن جو پيءُ، ڪتابي سنڌيءَ ۾ ٻيئي نمونا آهن.

(ڀ) ڪتابي سنڌيءَ موجب ’چيواٿس‘ معنيٰ هن چيو آهي. ساهتيءَ ڏي ان جي بدران چون ’چيو اٿائين‘ يا ’چيوٿائين‘. مطلب ته ڪتابي سنڌيءَ ۾ پراڪرت لفظ اَٿ جي پٺيان س (ضمير واحد غائب واري پڇاڙي گڏبي آهي؛ پر ساهتيءَ ۾ فعل جي پڇاڙ ’آئين‘ گڏين ٿا، جا پڻ ساڳيو مطلب ڏئي ٿي. ’اٿائين‘ لفظ جي منڍ وارو ’اَ‘ جو اُچار ڪڍي باقي ’ٿائين‘ چون ٿا.

ساهتيءَ جا علحدا لفظ

116- ساهتي پرڳڻي ۾ ڪي علحدا لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا عام آهن، جي ٻين هنڌ عام نه آهن، اهڙن علحدن لفطن جا ٿورا مثال هيءُ آهن:

(1) اڄ اُڪرس ڪيو اٿس يعني گهُٽ يا گرمي آهي. ’اُڪرس‘ معنيٰ گرمي يا گهُٽ (هوا بند ٿيڻ ڪري).

(2) اسان جاءِ کي راڳو ڏياريو. راڳو معنيٰ ليپو، لنب (گاري سان).

(3) لڳلڳو، جنهن ۾ گيهه ساڙجي ٿو، تنهن کي عام طرح چون ’وڌڻ‘ يا وڌڻو.

(4) ’پئسن‘ بدران عام طرح چون ’ڏوڪڙ‘.

(5) ڏوڪڙ کوڙ اٿس يعني پئسا ججها اٿس.اهڙيءَ طرح ’ججهو‘ يا گهڻو بدران ’کوڙ‘ لفظ عام طرح ڪم آڻين ٿا.

(6) وڏي ڀاءُ يا پاڻ کان وڏي کي عام طرح ’ڀائوُ‘ چون ٿا، جو نهايت سٺو ۽ مٺو لفظ آهي ۽ اهو لفظ سري ڏي به چالو آهي.

(7) موري تعلقي ۾ گوال نالي هڪ واڻيو وڏو ڌاڙيلو ٿي گذريو آهي، تنهنڪري هاڻ ’گوال‘ لفظ جي اصطلاحي معنيٰ آهي ڌاڙيلو. ساڳيءَ طرح مکيءَ جي ڍنڍ وارن حُرن ڌاڙا هڻي سڄيءَ سنڌ ۾ ٿرٿلو وڌو، ته هاڻ ’حُر‘ معنيٰ ڌاڙيلو، شاهينگ.

خاص ساهتيءَ جا اصطلاح

117- ’ڊيري جو ڪمي‘ معنيٰ بيگر ۾ وهندڙ يا مفت ۾ ڪم ڪندڙ.’ڊڀرو‘ جنهن کي ’درٻيلو‘ به چون، سو ڪنڊياري تعلقي ۾ آهي.

(الف) ’پنجوءَ جي پَڻ ساڻ هڻڻ‘ معنيٰ ”واجبيءَ کان وڌيڪ طلبڻ، يا ڊگهي ڳالهه ڪرڻ“. ساهتي پرڳڻي ۾ پنجوءَ نالي هڪ واڻئي وٽ هڪ وڏو پڻ (اَن جو ماپو) هو، تنهن تان اهو اصطلاح ٺهيو.

(ب) ’پنج پنجوءَ جا کُٽائي پيا آهن‘، يعني ’ٻارهوئي کوٽ اٿس (پئسو کپيس)‘.

ساهتيءَ جا اصطلاح

118- ساهتي پرڳڻي مان اسان کي پهاڪا به مليا آهن: جهڙوڪ:

(1) اول پيٽ پنجوءَ جو ٻار ٻچا سڀ پوءِ.

(2)’چَٽي چنيجن جي، پرڻ تي پيئي‘. چنيجا ۽ پرڻ نالي ٻه ڳوٺ موري تعلقي ۾ هڪٻئي جي آمهون سامهون، ٻن وڏن شاهي دڙن تي ٻڌل آهن. اصل ٻنهي ڳوٺن وارا هڪٻئي کي گهڻو ويجهو رهندا هئا. هڪ لڱا ڪي ڌاڙيلا ڪن چنيجاين کي ڌاڙو هڻڻ ٿي ويا پر رات جي وڳڙي ۾ ڀلجي وڃي پرڻ کي ڌاڙو هنيائون.  هاڻ جڏهن هڪ جي بدران ٻيو آهيءَ ۾ اچي وڃي، يا هڪ جو ڏوهه ٻئي تي پوي، تڏهن ائين چون.

(3) ”ڦلوءَ واڻي رات وهاڻي، ڳالهين ڪندي ڳوٽي کاڻي‘. ڦلوءَ نالي هڪ واڻيو ڳوٺ ڀريا تعلقي نوشهري ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن بابت هڪ گيت به ٺهيل آهي ته ’ڦلو هڪ ڳوٺاڻو هو، مزي جهڙو واڻيو هو‘.

(4)’اهڙي جٺ ڪيائينس، جهڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان‘. ٻرڙن جي ذات وارا نوشهري،ڪنڊياري ۽ (قنبر) تعلقن ۾ گهڻا آهن. هڪ ڳوٺ سندن نالي پٺيان ’ٻرڙا‘ سڏجي ٿو. هن پهاڪي جو بنياد هن طرح آهي: هڪ لڱا ڪي ٻرڙا پنهنجا ٻار پنهنجي ڪنهن ذاتڀائيءَ جي سنڀال هيٺ ڇڏي، پاڻ لاباري تي ويا. پٺيان ٻارن گهڻو هلاک ڪيس، ته ٻرڙي اهڙو ڪم ڪيو، جو ٻارن کي اَن جي گنديءَ ۾ بند ڪري، سندن مائٽن کي وڃي چتايائين ته پنهنجا ٻار وڃي پاڻ سنڀاليو. مون کان سنڀاليا نٿا ٿين. انهيءَ تان اهو پهاڪو پيو.

(5) ’ٻرڙي پوي نه ٻاجهه، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري‘. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪنهن غريب ڀاءُ پرائي جو قياس نه ڪندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.

(6)’ٻيو هرڪو اچڻو وڃڻو، پمو ٿاڻائي‘. پمون (پمن) نالي ساهتيءَ  جو هڪ واڻيو لڳڻي ٻيڙي هو، تنهنڪري جڏهن ڪو ماڻهو هڪ هنڌ گهڻو وقت کپ کوڙي ويهندو آهي، تڏهن هن لاءِ ائين چئبو آهي.

حيدرآباد طرف جا اصطلاح ۽ پهاڪا

119- ڀاڳوءَ نالي هڪ شخص حيدرآباد ۾ ٿي گذريو جنهن کي ’جهڳلو‘ ڪري چيڙائيندا هئا. هڪ وڏو ڪٽورو ساڻ کڻندو هو، جنهن ۾ جيڪر ٻه سير چانورن جا پئجي سگهن.  ڪنهن وهانءَ وڌاڻي تي ويندو هو، ته پڇندا هئس، ته ’ڀاڳو، پلاهه کييئي‘؟ پهريائين ته ناڪار ڪندو هو؛ پر اتيئي پنهنجو ڪٽورو ڪڍي چوندو هو، ته چڱو هن وٽيءَ ۾ کڻي داڻا ڏينم‘. انهيءَ ڪري ’ڀاڳوءَ جهڳلي واري وٽي‘ معنيٰ تمام وڏو ٿانءُ.

(الف) حيدرآباد گنگوءَ نالي هڪ پڪوڙائي نهايت عمدا پڪوڙا تريندو هو، تنهنڪري گراهڪن جي وٽس گهڻي پيهه هوندي هئي ۽ ڏاڍو گوڙ لڳو پيو هوندو. انهيءَ سبب ’گنگوءَ وارو گوڙ‘ معنيٰ تمام گهڻو گوڙ.

(ب) ’واڇان‘ نالي هڪ ڪم عقل زال ٿي گذري آهي. جا پاڻي ڀريندي هئي پرڻ ۾، ۽ آلا ڇيڻا نوڙيءَ ۾ ٻڌندي هئي! انهيءَ سبب ’واڇان‘ معنيٰ چري. پهاڪو آهي ته ’چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي‘. يعني هڪڙي واڇان چئن چرين جي برابر آهي. اهڙيءَ طرح سڄيءَ سنڌ ۾ ڪيترا اصطلاح ۽ پهاڪا ڪن اسٿاني ڳالهين تان ٺهيل آهن. وڌيڪ مثالن لاءِ ڏسو مصنف جو جوڙيل ڪتاب ’پهاڪن جي پيڙهه‘ ۽ ’گلقند‘ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو.

 

 

باب پنجون                                            لاڙي

 

لاڙيءَ جون حدون

120- سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو جو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، سو لاڙ سڏجي ٿو. لاڙ جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪڙو حيدرآباد ضلعي وارو لاڙ، جو بدين ۽ ٽنڊي باگي کان ويندي بلڙي شريف، تعلقي گونيءَ تائين آهي. اتان ڪوهه ڏيڍ پري ميرپور بٺوري تعلقي جي جهوڪ شريف (ميران پور) ۾، شاهه عنايت صوفيءَ جي درگاهه آهي. انهن ٻن نامور درگاهن جي وچ کان وٺي، ڪراچي ضلعي جو سمورو ڏاکڻو ڀاڱو، جو ڪيٽي بندر ۽ ڪراچيءَ طرف لڙي اچي سمنڊ سان لڳو آهي، سو ڪراچي ضلعي وارو لاڙ آهي. انهن ٻنهي ضلعن جي لاڙ جي ٻولي ’لاڙي‘ ڪوٺجي ٿي.

لاڙ معنيٰ لڙيل يا هيٺاهون ڀاڱو. ان جو ضد آهي سرو، معنيٰ مٿيون يا اتر وارو پاسو. اڳي ڪڇ جي رڻ ڏي سمنڊ هو، جنهن جو پاڻي بدين تعلقي جي پريان گهاري شيخياڻيءَ واري رڻ ۾ ايندو هو، جنهنڪري بدين تعلقو به سمنڊ سان لڳو بيٺو هوندو هو، هاڻي اوڏهين سمنڊ ڪونهي، ته به اهو پاسو اڃا تائين لاڙ سڏجي ٿو.

وچولي جون حدون

121- لاڙ جي ٻوليءَ تان اسان جا ڪيترا ماڻهو خندو ڪندا آهن، ۽ سنڌ جي ٻين هنڌن جي ٻوليءَ کان ان جو درجو گهٽ ليکيندا آهن. حقيقتؤن لاڙ ۾ رڳو هندن جي ٻولي ڪَچي آهي، جو انهن مان ڪيترا لاڙ جا اصلوڪا رهاڪو آهن ۽ سندين ٻوليءَ تي دراوڙي ۽ داردڪ ( ڪشميري وغيره) جو اثر ٿيو آهي. لاڙ ۾ جيڪي مسلمان آهن، تن مان بلڙي شريف ۽ ٽکڙ شريف وارا سيد توڙي سيد ساجن سوائي ڪوڇي (ٽنڊي باگي طرف)  واري جو اولاد علوي سيدن مان آهن، جن جو شهر ’متعلوي‘ (مٽياري) هالا تعلقي ۾ آهي. اتان لڏي پوءِ هتي اچي رهيا هئا. اهڙيءَ طرح ٺٽي طرف جا ڪيترا سيد ۽ ٻيا مسلمان ارغونن جي صاحبين ۾ ٻين هنڌان لڏي اتي اچي رهيا هئا.   اهي لاڙ ۾ پوءِ آيا، تنهنڪري سندين ٻولي، لاڙ جي اصلوڪن رهاڪن جهڙي ڪَچي ڪانهي، پر انهن کي به اتي آئي گهڻيئي ورهيه ٿي ويا آهن، تنهنڪري هن وقت لاڙ جي هندن توڙي مسلمانن جي اچارن سان لاڳوپو رکندڙ ڪي اهڙيون علحديون ڳالهيون آهن، جي سنڌ جي ٻئي ڪنهن به ڀاڱي جي ٻوليءَ ۾ ڪينهن، جنهنڪري لاڙيءَ جو ڌار دفعو ليکجي ٿو. ان ۾ ڪيترا لفظ ۽ اصطلاح به علحدا آهن. شاهه جي رسالي ۾ جيتوڻيڪ عربي، فارسي. نج سنسڪرت ۽ پراڪرت ۽ نج سنڌي لفظ گهڻا آهن، ته به لاڙي لفظ به ڪيترائي آهن ۽ اچار ته سمورا لاڙي اٿس، جنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو، سڄو رسالو لاڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. انهيءَ سبب گهڻا مثال رسالي مان ڏبا، پر انهن ڳالهين جي ذڪر ڪرڻ کان اڳي ڪي تاريخي حقيقتون ڄاڻائجن ٿيون، ته سمجهڻ سولو ٿئي، ته ڇو ٻين هنڌن جي ٻوليءَ کان لاڙ جي ٻوليءَ جو نمونو نرالو ٿيو آهي.

لاڙ ۾ دراوڙ

122- قديم زماني ۾ سنڌ ۾ دراوڙ رهندڙ هئا ۽ هن وقت به اوڏ ۽ ماڱر(ماڃر) ذات جا مهاڻا رهندا آهن. اهي سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن، يا پوءِ ڏکڻ هندستان کان آيا، سا پڪ ڪانهي. ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا مليار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتي، ڪڇ ڀڄ ۽ گجرات طرف جا ميربحر دنگيون هاڪاري مليار طرف وڃن پيا. هن وقت لاڙ ۾ ڪي مهاڻا آهن جي ماڱر (ماڃر) ذات جا آهن. انهيءَ ذات وارا مهاڻا مليار به گهڻا آهن.

تون سمو، آءٌ گندري مون ۾ عين جوُءِ.

پسي راڻين روُءُ، متــان ماڱــر مــٽييــن.    (شاهه)

سنڌ جو حاڪم ڄام تماچي سمي گهراڻي مان هو، سو  نوريءَ نالي هڪ مهاڻي، ذات جي گندري پرڻيو هو. مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب نوري مهاڻيءَ کي ’ماڱر‘ سڏيو آهي. اهي ماڱر ذات جا مهاڻا ڪنجهر ڍنڍ ڏي هئا، جا هيلايا، تعلقي ٺٽي ۾ آهي. ان وقت سمن جي گاديءَ جو هنڌ ’ساموئي‘ هو، جو اڄ هڪ ننڍڙو ڳوٺ ٺٽي کان ڏيڍ ڪوهه پري مڪلي ٽڪريءَ جي اتر طرف، بنهه ڇيڙي تي آهي، ڄام تماچيءَ ۽ نوريءَ جون تربتون اڄ تائين اتي آهن. اڳي درياء اتان وهندو هو. ان وقت ٺٽي جو شهر اڃا ڪو نه وسيو هو ۽ سجاول وارو پاسو سنڌونديءَ جي پاڻيءَ هيٺ ٻڏو پيو هوندو هو. انهيءَ سموري اراضيءَ ۾ ماڱر ذات جا مهاڻا رهندا هئا، جي ماڻهن کي اتان پتڻ لنگهائي پار ڪندا هئا. سجاول پاسي ’ماڱر‘ بدران عام طرح چون ’ماڃر‘ يعني ’ڱ‘ کي مٽي ’ڃ‘ ڪيو اٿن، نه ته لفظ ساڳيوئي آهي ۽ دراوڙي بنياد جو آهي. بنيادي معنيٰ اٿس ڄار رکندڙ يعني مهاڻو. اهي ماڃر يا ماڱر ذات وارا هن پاسي ايترا گهڻا هئا، جو اڄ به سڄو سجاول وارو پاسو سندن نالي پٺيان ’ماڃر‘ سڏجي ٿو. سجاول ۾ ’ماڃر‘ نالي هڪ ڍنڍ به آهي. انهن آڳاٽن مهاڻن جو اولاد اڄ تائين سجاول طرف جنهن ڳوٺ ۾ رهي ٿو، سو ڳوٺ به سندن نالي پٺيان ’ماڃر‘ سڏجي ٿو.

لاڙ ۾ جهٻير يا جبير

123- قديم زماني کان وٺي لاڙ جو پاسو وڻج واپار ڪري مشهور هو، تنهنڪري جيڪي قومون ٻاهران ٿي آيون تن جي گهڻي ڌم اوڏهين هئي. ڪلجڳ شروع ٿيڻ وقت ڪي پئشاچ لوڪ داردستان ۽ ڪشمير طرف آيا، جن مان پوءِ ڪن پنجاب ۽ سنڌ ۾ به اچي بيٺڪون وڌيون، ۽ سندين ٻوليون هينئر داردڪ ٻوليون سڏجن ٿيون. انهن لوڪن مان ڪي اڄ تائين ڪراچي ضلعي واري لاڙ ۾ آهن.

سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون،

ڄـــام هــــٿ ۾ ڄـــار، ڄــلي ڄـــٻــيرن وچ ۾.

      (شاهه)

ڄٻير ذات جا مهاڻا آهن، جن کي جهٻير، جهٻيل، جبير ۽ جبيل به چون ٿا. اهي هينئر به ڪشمير ۽ پنجاب طرف ججهي تعداد ۾ آهن. سمن جي صاحبيءَ ۾ توڙي شاهه صاحب جي وقت ۾ اهي شايد ڪنجهر ڍنڍ ڏي ماڱر (ماڃر) ذات وارن مهاڻن سان گڏ رهندا هئا؛  جنهنڪري مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب سندن نالو به آندو آهي. اهڙيءَ طرح داردڪ ٻولين ڳالهائيندڙن مان ڪي ٻيا به لاڙ ۾ هوندا ته عجب ڪونهي. لاڙي ٻوليءَ مان ايترو ظاهر آهي، ته ان تي ڪجهه اثر دراوڙي ٻولين جو ۽ ڪجهه اثر ڪشمير طرف جي داردڪ ٻولين جو گهڻو ٿيو آهي، تنهنڪري انهيءَ جي اثر جو ڌار ذڪر ڪجي ٿو.

لاڙيءَ تي دراوڙي اثر

124- دراوڙي ٻولين ۾ وسرگ ( Aspirates) يعني ’هه‘ جي اچار وارا اکر ڪينهن؛ پر آرين جي سنسڪرت توڙي پارسين جي زنداويستا ۾ آهن. آرين جي سنگ ۾ دراوڙ لوڪ سنسڪرت سکيا، پر پورا اُچار ڪرڻ نه ايندا هئن، جنهنڪري وسرگ اکر مان بنيادي اکر ڪڍي باقي ’هه‘ جو اچار بچائيندا هئا. اهو رواج پوءِ پراڪرت ۾ اهڙو زور ٿيو،  جو پراڪرت ڳالهائيندڙن اهڙن اکرن کي ڄڻ ته مرڪب اکر ڪري ٿي ليکيو. خود سنسڪرت ۾ ڪن لفظن جي حالت ۾ ائين ٿيو.  قديم سنسڪرت ۾ ’گهن‘ معنيٰ هڻڻ يا مارڻ. انهيءَ ’گهن‘ لفظ مان ’گ‘ نڪري ويو، جنهنڪري هاڻوڪيءَ سنسڪرت ۾ ’هَن‘ معنيٰ مارڻ، جنهن مان سنڌي لفظ ’هڻڻ‘ ٺهيو آهي. ساڳيءَ طرح قديم سنسڪرت ۾ ’گرڀ‘ معنيٰ جهلڻ، جنهن جو اچار هاڻوڪي سنسڪرت ۾ آهي ’گرهه‘ جنهن مان گرهڻ لفظ ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي جهلڻ يا جهلجڻ.انهيءَ ’گرهڻ‘ لفظ جو اچار لاڙ ۾ آهي ’ڳرهڻ‘، جنهن مان ’ڳرهيو‘ ۽ ’ڳيڙو‘ لفظ ٺهيا آهن.

”سيخن ماهه پچاءِ جي نالو ڳيڙءِ نيهه جو“. (شاهه)

هتي ’ڳيڙءِ‘ معنيٰ تو ڳرهيو يا ورتو. هيءُ لاڙ جو لفظ آهي. ساڳيءَ ريت ’سکيو‘ جو اچار ڦري ٿيو’سهيو‘ يعني ’ک‘ مان ’ڪ‘ نڪري ويو، جنهنڪري باقي ’هه‘ جو اچار رهيو.

’سهيو سکيو جندڙو وڌءِ ڄيري ۾ ڄاڻي‘.

اهڙيءَ طرح دراوڙي ٻولين جو اهو اثر سڄيءَ سنڌي ٻوليءَ تي ظاهر بيٺو آهي، پر لاڙ جي ماڻهن جي مليار طرف جي درواڙن سان لڙهه وچڙ پوءِ به هلي آئي ۽ اڄ تائين هلي اچي. ماڃر ذات جا مهاڻا جي اصل ملبار طرف جا آهن سي ججهي تعداد ۾هئا ۽ اڄ تائين لاڙ ۾ آهن، ته سڀاويڪ طرح دراوڙي ٻولين جو لاڙي تي ڪجهه سرس اثر ٿيو آهي- مثلاً:

’مونهائي اڳي ، گهڙو سڀ گهڙا کڻي‘.

’مونهائي اڳي‘ معنيٰ مون کان ئي اڳ ۾. هتي ڏسو ته ’کان‘ حرف جر مان بنيادي اکر ’ڪ‘ ڪڍي، باقي رڳو ’هه‘ جو اچار بچايو اٿن. (ک=ڪ+ هه). ساڳيءَ طرح شاهه جي رسالي ۾ ڪيترن هنڌ ’توکان‘ بدران ’توهان ۽ اوهان کان‘ بدران ’اَنهان‘ لکيل آهي- مثلاً:

”ساريان ڪا نه سرير ۾ طاقت توهان ڌار“

توهان معنيٰ تو کان.’آن آهيان آنهان ڌار‘.’اَنهان‘ معنيٰ ’اوهان کان‘.هن ريت ’کان‘ بدران ’هان‘ چوڻ جو رواج سڄيءَ سنڌ ۾ لاڙ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪونهي. هي دراوڙي ٻولين جو اثر آهي.

لاڙيءَ تي داردڪ ٻولين جو اثر

125- داردڪ ٻولين ڳالهائيندڙن ۾ اهڙن وسرگ اکرن بابت قاعدو ئي الٽو آهي.

سرگريئرسن ڄاڻايو آهي ته ڪشمير طرف داردڪ ٻولين ۾ نرم وسرگ اکرن (Sonant aspirates) گهه، جهه، ڍ، ڌ ۽ ڀ کي اوسرگ (Disaspirate) ڪندا آهن، يعني منجهانئن ’هه‘ جو اچار ڪڍي ڇڏيندا آهن. ائين به کولي چيو اٿس ته لاڙي ٻولي انهيءَ ڳالهه ۾ داردڪ ٻولين سان مشابهت رکي ٿي. ان لاءِ هي مثال به ڏنا اٿس:

گهه- ڊگهو بدران چون ڊگو، گهڻو بدران چون گڻو، گهر بدران گر ۽ گهوڙو بدران گورو.

جهه- ججهو ۽ وجهوس بدران چون ججو ۽ وجوس (Put no him)

ڍ ڪڍ بدران ڪڊ، ننڍو بدران ننڊو ۽ ريڍار بدران ريڊار.

ڙهه- چڙهيو بدران چريو ۽ ماڙهوُ بدران ماروُ (ماڻهو).

ڌ ڌيءُ بدران ديء، لڌو بدران لدو ۽ پنڌ بدران پند.

ڀ ڀاءُ بدران با، ڀريو بدران بريو، ڀيڻ بدران بيڻ، ڀوُت بدران بوُت.

ڻهه- ماڻهو بدران ماڻو، پڻهي بدران پڻي (his father).

رهه ورهين (کان) بدران ورن (کان) (from years).

وهه اوهين بدران اوين (آڻين) ۽ توهين بدران توين (تَئين) ڏسو لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا، جلد اٺون، ڀاڱو 11 صفحو 170 ۽ 171.

مٿين مثالن تي ويچار ڪرڻ سان سمجهي سگهجي ٿو، ته اها عادت ڪجهه قدر اسان ۾ به آهي. مثلاً: سنسڪرت لفظ ڪٽنڀ بدران چئون ڪٽنب، ولڀداس بدران ولبداس ۽ مڌ بدران مد يعني شراب.

مهيسر جي مد، جي هت هڏهين هوءِ. (شاهه)

هيءَ عادت لاڙ جي ماڻهن ۾ گهڻي آهي ۽ اهو هڪ مکيه سبب آهي، جنهنڪري لاڙي ٻولي ڪَچي ۽ کل جهڙي ٿي پيئي آهي. هنن مثالن مان ٻه- ٽي ڳالهيون ٻيون به ظاهر آهن، جن جو ڌار ذڪر ڪجي ٿو.

126- ’هه‘ جو اچار- سر گريئرسن جي ڏنل مٿين مثالن مان معلوم ٿيندو ته لاڙ جا ماڻهو نه رڳو وسرگ اکرن مان ’هه‘ جو اُچار ڪڍي ڇڏيندا آهن، پر ’هه‘ اکر ڌار هوندو آهي، ته اهو به ڪو نه اُچاريندا آهن. مثال ڏنا اٿس ته ’چڙهڻ‘ بدران چون ’چرڻ‘ ۽ ’ورهين کان‘ بدران چون ’ورن کان‘، اها عادت لاڙ جي ماڻهن ۾ سچ پچ ايتريقدر زور آهي، جو ’آهيان‘ بدران چون ’آيان‘، ‘ٻاهر‘ بدران ’ٻار‘، ’ٽهلرام‘ بدران ٽيلرام، رحمت الله بدران ’ريمت الا‘ ۽ ’لوهه‘ بدران ’لو‘. لاڙ جا مسلمان جيتوڻيڪ ايتريقدر ’هه‘ سان هاڃو نٿا ڪن ته به انهيءَ عادت کان صفا آجا ڪينهن.

”ائين جي ورن واريون سرتيون، سڌڙيون“. (شاهه)

هتي ’اوهين‘ بدران ’ائين‘ ڪم آيل آهي.

”سيخن ماهه پچاءِ جي نالو ڳيڙءِ نيهه جو“.

هتي مصدر’ڳرهڻ‘ معنيٰ’وٺڻ‘تنهن مان’ڳرهيهءِ‘ بدران ڳيڙءِ لکيل آهي.

ساڳيءَ طرح ’چاڙهيڪو‘ بدران’چاڙيڪو‘ لکيل آهي. اصل صحيح اچار آهن به اِهي. ديشي لفظ ’چڊئي‘ معنيٰ چڙهي ٿو. هتي ’ڊ‘ مٽجي ’ڙ‘ ٿيو آهي ۽ ’هه‘ جو اچار آهيئي ڪو نه. ساڳيءَ طرح اسين چئون ’ڪالهه‘ پر رسالي ۾ لکيل آهي ’ڪال‘. اهو اصل سنسڪرت لفظ ’ڪليه‘ آهي، جنهن ۾ به ’هه‘ جو اچار ڪونهي. هيءَ وري نئين عادت آهي، جا هن وقت زور وٺندي وڃي ٿي، جنهنڪري ڪيترا مسلمان ”آدرڀاءُ“ بدران چون ’آڌرڀاءُ‘. لاڙ جا هندو ’دال‘ بدران عام طرح ’ڏار‘ چون، پر ’دال‘ جو اچار ’ڌال‘ ۽ ’پد‘ جو اچار ’پڌ‘ ڪن ٿا. انهيءَ عادت لاڙ ۾ اڃا گهڻو زور نه ورتو آهي، جنهنڪري جتي ’هه‘ جو اچار کپي اُتي به ڪونه ڪن.

127- ڙ ۽ ر- سرگريئرسن جي ڏنل مٿين مثالن مان هيءَ ڳالهه به ڏسڻ ۾ ايندي، ته لاڙ جا ماڻهو (خاص ڪري هندو) ’ڙ‘ بدران ’ر‘ چون ٿا. مثلاً: ’گهوڙو‘ بدران چون ’گورو‘. گهوڙي تي چڙهڻ بدران چون ’گوري تي چَرڻ‘، ۽ گاهه چَرڻ بدران چون ’گاچَرڻ‘. مطلب ته ’چڙهڻ‘ ۽ ’چَرڻ‘ ۾ تفاوت ڪونه رکن. حيدرآباد ۽ لاڙ هڪٻئي سان گڏيا پيا آهن، ته لاڙ جو اهو اثر حيدرآباد جي هندن تي به ٿيو آهي، جن کي به ’ڙ‘ ۽ ’ر‘ جي تفاوت جي اڪثر سڌ ڪانه پوندي آهي، جنهنڪري اتر وارا مٿانئن کلندا آهن. درسي ڪتابن ۾ جيتوڻيڪ حيدرآباد طرف جي سنڌي ڪم اچي ٿي، ته به ان ۾ ڙ ۽ ر جو فرق رکندا آهن.

(الف) ٽ، ڊ ۽ ڍ اکرن ۾ ٿورو ’‘ جو اچار آهي، پر لاڙ جا ماڻهو اهو ڪونه ڪن.

لاڙ جي ماڻهن جون ٻيون عادتون

128- سنڌيءَ ۾ سڀڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪانه ڪا اعراب آهي، جنهن جو اچار سرحد ڏي چٽيءَ ريت ڪن ٿا، ۽ شڪارپوري اُهو سُر سان اُچارين ٿا. وچولي طرف ان جو اچار اهڙو اڻلَکيءَ طرح ڪندا آهن، جو ڌاريو ماڻهو سندن ڳالهائڻ مان جيڪو سمجهي ڪين سگهي، ته هر هڪ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا اعراب آهي. لاڙ جا ماڻهو، خاص ڪري هندو، اُهو اُچار اڪثر ڪونه ڪن- ’هه‘ جو اچار ته ڪو نه ڪن، پر وسرگ اکرن مان به ’هه‘ ڪڍيو ڇڏين. انهيءَ سبب ’ڀاءُ‘بدران چون ’با‘، ۽ ’باهه‘ بدران به چون ’با‘؛ ’آءُ‘۽ ’ماءُ‘ بدران چون’آ‘ ۽ ’ما‘.

129- لاڙ جي هندن توڙي مسلمانن کي لفظن جي اُچارن سسائڻ جي عادت به آهي- جهڙوڪ ’پيءُ‘ بدران چون ’پي‘ (Pe)، ’چوينس‘بدران چون ’چينس‘، معنيٰ ’هن کي چئو‘. ’کائڻ‘ بدران چون ’کِيَڻ‘، ’کِيان‘ ڪڄاڙو؟‘ معنيٰ ’ڇا کان‘؟ (ڪهڙي شئي کان؟) .

(الف) لاڙ جي ماڻهن کي ’اِ‘ ۽ ’اي‘ جي عادت به گهڻي آهي. ’اچ‘ ۽ ’وڃ‘ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ پيش يعني ’اُ‘ آهي، پر لاڙ ۾ انهن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ زير يعني ’اِ‘ جو اچار ڪندا آهن، سو به اڻلکيءَ طرح. ’ڏنائينس‘ بدران چون ’ڏنينس‘ ۽ چوينس بدران چون ’چينس‘ معني‘ ”هن کي چئو“. هن ريت به اچار سُسيو ننڍڙا ٿيو پون.

(ب) لاڙ جي ٻولين ۾ داردڪ ٻولين وانگر ’اِدغام‘ (Epenthesis) به آهي- مثال:

”گــهــڙي گــهڙو هــٿ ڪـري چيلهه ٻڌي چولو،

مهجو مــن مــيــهـــار کــي پــــار وڃــي پــوتـــو،

”گهوتي ۾ گهوتو، مون کي مح? مون کي محب ميهار جو“.

(شاهه)

’پهچڻ‘ مان ’پهتو‘، پر مٿي ٻيءَ سٽ ۾ لکيل آهي ’پوتو‘. هتي ڏسو ته لاڙ جي ماڻهن پنهنجي عادت پٽاندر’پهتو‘ لفظ مان ’هه‘ جو اچار ڪڍي ڇڏيو آهي، ته لفظ بچي ها ’پَئُتو‘- هتي ’پ‘ جي مٿان زبر يعني ’اَ‘ ۽ ’ءُ‘جي مٿان پيش يعني ’اُ‘ جو اچار آهي. انهن ٻنهي جي ميلاپ سان ’او‘ جو اچار پيدا ٿيو آهي، جنهنڪري چون ’پوتو‘. ساڳيءَ طرح ’چهٽڻ‘ مان ’چهٽيو‘، پر لاڙ ۾ چون ’چوٽو‘. اهڙيءَ طرح ساڳئي لفظ ۾ هڪ اعراب جو ٻيءَ تي اثر ٿئي ٿو. هن کي ’اِدغام‘ چئبو آهي. هيءَ هڪ سنڌيءَ (Epenthesis) جو قسم آهي. ان جو وڌيڪ ذڪر سنڌي ’صرف‘ جي اصولن ڄاڻائيندي ڪبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو، ته اهو به هڪ وڏو سبب آهي، جنهنڪري لاڙ جي اچارن ۾ سوس (Contraction) ٿي آهي.

لاڙي وياڪرڻ جون علحديون ڳالهيون

130- اسمن جو ڦيرو- لاڙ جا اچار ڦريل آهن، تنهن ڪري اسمن جو ڦيرو به نرالو اٿن- جهڙوڪ ’پيءُ‘ بدران چون ’پي‘ (Pe)، تنهنڪري عام صورت ۾ جمع ’پيينِ‘ (Pen) معنيٰ ’هنن جو پيءُ‘ ’زال‘ جو جمع چون ’زاليون‘، تنهنڪري عام صورت ۾ جمع ’زاليين‘- شاهه جي رسالي ۾ ائين آهي:

”ڪنين ڪنين ماڙهيين پيئي ڪل ڪائي“. (سورٺ)

لاڙ ۾ ’ماڻهو‘ بدران چون ’ماڙهوُ‘(ماڙو)، ته عام صورت ۾ جمع ’ماڙهين‘.

(الف ”لهه، ساهڙا سنڀارون، لهرن لوڏي نه مران“.(شاهه)

ڪتابي سنڌيءَ ۾ ’لهر‘ جو جمع لهرون يا لهريون ۽ عام صورت ۾ جمع ’لهرين‘ (لهر + اُن)، پر لاڙ ۾ چون ’لهرن‘ (لهر+اِن) يعني ’اُ‘ بدران ’اِ‘ چون ٿا.

عدد- ”ڪارهين ڏينهن ڪرم وريو ويراڳين جو“.(شاهه)

ڪراچي ضلعي واري لاڙ ۾ ’يارهن‘ بدران اڪثر چون ’اگيارهن‘ يا ’گيارهن‘. حيدرآباد ضلعي  واري لاڙ ۾ اڪثر چون ’ڪارهن‘، جنهن جو اچار عام صورت ۾ ’ڪارهين‘ (يارهين) آهي.

”پنجن منجهان پنرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن“.(شاهه)

’پندرهن‘ بدران لاڙ ۾ اڪثر چون ’پنرهه‘ يا ’پڻرهن‘، جو نج پراڪرت لفظ آهي. ’نوانوي‘ بدران عام طرح ’ودانوي‘ چوندا آهن.

ضمير خالص- ”آن آهيان آنهان ڌار“ آن =مان.

                                ”آن ڪي ساٿ ڏٺوءِ“ آن = اوهان.

مطلب ته ’آن‘ جو اچار جهڙو ضمير متڪلم ۾ تهڙو ضمير حاضر ۾!

” آئين پڻ سمهو ناکئا“   آئين = اوهين.

”اُوءِ فائق ۾ فرمان“ ’هو‘ بدران ’اُو‘ جمع ’اُوءِ‘.

”فاني ٿيا في الله ۾ هوُءِ سين گڏيا هوُءِ“.(شاهه)

مسلمان ’هو‘ به چون، پر ’هو‘ جو جمع ’هوءِ‘.

”هُن تان لڄ لٿي“ هن جو جمع ’هُنِ‘(’ن‘ هيٺان زير)

”پاڻي اُڃيو اُنِ کي“- اُن جو جمع ’اُنِ‘(’ن‘ هيٺان زير)

ضمير جي جمع جوڙڻ جا اهي نمونا لاڙ جا آهن.

ضمير مشترڪ ’پنهنجو‘ بدران هندو چون ’پانجو‘ يا ’پينجو‘؛ ’پاڻ‘ بدران ’پنڊ‘ به چون.

ضمير موصول ۽ جواب موصول-’جنهن‘ ۽ ’تنهن‘ بدران لاڙ جا هندو چون ’جين‘ ۽ ’تين‘.

ضمير استفهام- ڪُهه يا ڪوهه معنيٰ ڇو، ۽ ڪڄاڙو معنيٰ ڇا؟ (سنسڪرت: ڪمسات+ڙو). اهي ضمير رڳو لاڙ ۾ ڪم اچن ٿا.

صفتي ضمير- اهڙو، جهڙو، تهڙو ۽ ڪهڙو بدران هندو چون ايرو، جيرو، تيرو ۽ ڪيرو: ايهو- اِهو، جيهو-جهو، تيهو- تهو، ۽ ڪيهو- ڪهو به چون.

”جيهي سا تيهي، ٻانهي ٻاروچن جي،

حجت هوت پنهونءَ سين، مون ڪميڻيءَ ڪيهي“(شاهه)

فعل- ڏنائينس بدران چون ڏنينس. کائڻ-کِيَڻ.

چهٽيو    ”    ”   چوٽو.         پهتو پوتو.

آهيان     ”    ”    آيان.                         چڙهڻ- چڙڻ.

’اچ‘ ۽ ’وڃ‘ جي پڇاڙيءَ ۾ پيش يعني’اُ‘ جو اچار آهي، تنهن جي بدران زير يعني’اِ‘ جو اُچار ڪندا آهن. ’ماريندس‘ ۽ ’د‘ مٿان پيش ’اُ‘ آهي، تنهنجي بدران زير يعني (اِ) جو اچار گڏيندا آهين. ’چو، ڪڄا کييئي؟‘ يعني ’چئو ڇا کپيئي؟‘ (چو= چئو).

”طالب ڪثر،سونهن سرس،روميءَ چيو آهي“.(شاهه)

’روميءَ چو‘ آهي معنيٰ ’روميءَ چيــو آهــي‘.= چيو)

پر هن کان وڌيڪ گهوٽالو زمان مضارع ۾ اٿن، جنهن جو ذڪر ڌار ڪجي ٿو.

مضارع ”چـــئـــان تــئــن چــئــيـــج“، چــئــان = چــوان،.

                   ”چان ڪ چڙهنديس کــٽ تــي“ چــان = چــوان.

                  ”ڪلهنئون ڪورين عاشق ’عبداللطيف‘ چي“.

هتي ’چوي‘ بدران ’چي‘ ڪم آيل آهي.

”ڪريو مهاڙ ملير ڏي روءِ اُڀي ۽ چوءِ.“ (شاهه)

’روءِ‘ ’روئي ٿي‘، ۽ ’چوءِ‘ معنيٰ ’چوي ٿي‘.

هتي ’اي‘ جو اچار گهٽجي ’اِ‘ ٿيو آهي.

”وچينءَ ويٺا هونِ، سنجهي رهن سمهين،

مهيسي منهن پانهنجو، ڌاران ڌُوڙ نه ڌونء“

’هئن‘ (هجن) بدران چون ’هوُن‘ ۽ ’ڌئن‘ بدران ’ڌُون‘

”هيڏا هاڃا ٿِينِ، بُري هن ڀنڀور ۾“.

هتي ’ٿَين‘ بدران ’ٿينِ‘ (ٿِي+ ن: ن هيٺان زير يا ’اِ‘).

”هوت پنهون ٿا نين    (نِي + ن:ن   “      “       “).

”جانب منهنجي جيءَ ۾ توجي طمع پوءِ،

کــڻ ڪــاتــي وڍ اڱــرا، ادب ڪرم ڪوءِ،

ڀانيان ڀال سندوءِ، جي ساجن سنئون نهاريين“.

هتي ’پوي‘ بدران ’پوءِ‘ ۽ ’نهارين‘ بدران ’نهاريين‘ لفظ ڪم آيل آهن. ساڳيءَ طرح:

”تون ڏيين، تون لاهيين، تونهين هادي رب“.

اسمن کي عام صورت جمع ۾ آڻڻ لاءِ به اهو ’اين‘ جو اچار گڏيندا آهن،جيئن مٿي چيو ويو آهي.

ظرف ۽ حرف- لاڙ ۾ ڪي ظرف ۽ حرف نرالا آهن،

(1) ”جاڙ جيان ٿي جيڏيون!“     جاڙ معنيٰ اجايو.

(2) ”آءٌ نماڻي نڪڻي“                   نڪڻي بنهه، بلڪل.

(3) ”مڇڻ ڀانين گهٽ“                 مڇڻ متان.

(4) ”تو پئان“ معنيٰ تنهنجي پٺيان يا پرپٺ.

(5) ’مهند‘ معنيٰ ’اڳي‘ ۽ ’مهندان‘ معنيٰ ’اڳيان‘. لاڙ ۾ ’مهند‘ بدران عام طرح چون ’مانڌ‘ معنيٰ اڳي، ’مانڌان‘ معنيٰ اڳيان.

(6) ’ڪنا‘ معنيٰ کان. ’ڳر‘ معنيٰ وٽ.

(7) آءٌ نماڻي نڪڻي نڪڻي معنيٰ بنهه، بلڪل.

(8) ’جيلانهن‘معنيٰ جنهن لاءِ، ۽ ’تيلانهن‘ معنيٰ ’تنهن لاءِ، تنهن سبب‘.

(9) ’مَل‘ معنيٰ ’وٽ‘ ۽ ’ملاءُ‘ يا ’ملان‘ ’وٽان‘ ’مينڌري ملاءُ لڳس ڪان ڪپار ۾‘.

اِتان، تتان، جتان ۽ ڪٿان بدران اِئان، تئان، جئان ۽ ڪئان چون. لاڙ ۾ ٻروچن جو پير گهڻو ڪونه پيو، نه ته هنديءَ وانگر لفظن جي وچ وارو ’ت‘ اکر، اُتي ڪڍيو ڇڏين.

 

ضميري پڇاڙيون

تنهن ”ڪُهه ڪريان ڪيڻان،

                                                ساهه ويو سيڻانِ“.

لاڙ ۾ ’سان‘ (حرف جر) بدران چون ’سين‘؛ ۽ ان جي پٺيان ضميري پڇاڙين گڏڻ مهل ’سين‘ بدران’سيڻ‘ چون- جهڙوڪ ’سيڻان‘ معنيٰ ’ساڻن‘ يا ’هنن سان‘- ساڳيءَ طرح، ڪڻ=کي، ڪڻم=مون کي، ڪڻهءِ =تو کي، ڪڻس= هن کي، ڪڻن = کين، ڪيڻاس = کيس يا هن کي

”ڪير ٻانڀڻ ڪن جي. ڪير ڄاڻي ڪيڻاس.“

رسالي جون اهڙيون نحوي بناوتون ڏسي، نئون ماڻهو هڪواريءَ جيڪر منجهي پوي.

(الف) ”جيڏيون ڏٺيان جي، صورت ساهڙ ڄام جي“.

ڏٺيان معنيٰ ڏٺي آن‘، يعني اوهان ڏٺي (صورت).

”ڏٺان جي ٻروچ، مون جئن هوت اکين سين،

مون کي چيان لوچ، پاڻا پيٺيون ڇپرين.“

ڏٺان معنيٰ ڏٺو اَن، يعني اوهان چيو.

ڏٺيان (صورت) جنس مونث. ڏٺان(ٻروچ) جنس مذڪر. هن طرح فعل جي پٺيان ”آن“ ضمير کي پڇاڙيءَ وانگر ڪم آڻڻ جو رواج رڳو لاڙ ۾ آهي.

لاڙيءَ جا علحدا لفظ ۽ اصطلاح

131 لاڙ ۾ ڪيترائي علحدا لفظ ۽ اصطلاح ڪم اچن ٿا. ڪن جا رڳو اچار ڦريل آهن جهڙوڪ:

اَڀ = اُڀ.             اُڻاڻو = آچار، کَٽاڻ.            اُپڻڻ = ڇاڻڻ.

اُڙيڪو  = ڪُنڊو. ٻهڳڻو = داٻلو.               ڀٽون  = وڇون.

ٽولڙا = جوُن، گهَٽا. جانڪڻ = سنڀالڻ. ڌرڪڻ =ڇڙهڻ، ڇنڊڻ.

ڏار = دال. ڪڙيو = آنگر کو. کرمٽ =ٽولڙا. گولائي =ڦيرائي.

لسڻ =ٿوم.ليس = حاضر،تيار. مِيٽ = ٻِيٽ، خبر، نمرو =خوش، چڱو ڀلو. ونڊيَر = مِنيون، صاحب.

”پنهونءَ پيڪانَ پڇنڊيا“پُڇنڊا= اُڇليا. (شاهه)

”پاهو ڪين ڏسن“            پاهون = پٺيان.(شاهه)

اهڙيءَ طرح رسالي ۾ ته ڪئين لفظ لاڙ جا آهن.

”لِک سينءَ يا ڀوري سين “ معنيٰ ٿوري وقت تائين.

ڪهڙي اکر؟ - ڪهڙي حساب؟ يا ڇاجي ڪري؟

لَڪ لانچڻ معنيٰ ڪمر ڪشڻ. ويءُ وِهائڻ- وڻج ڪرڻ.

132- ”گهورتني جي کير، ساٿ جني جي سُڄيون.“ (شاهه)

کير معنيٰ وڌائي يا مبارڪ- پٽ ڄمڻ يا ٻئي ڪنهن شُڀ  ڪارج ٿيڻ تي واڌائي يا مبارڪ ڏيڻ مهل کير ورهائيندا هئا- کيرون ڏيڻ معنيٰ واڌايون ڏيڻ. حيدرآباد ضلعي واري لاڙ ۾ مسلمان جڏهن ڪنهن کي ڪنهن ڳالهه تان واڌايون يا مبارڪون ڏين، تڏهن چون: ’ادا کيرون‘! اڳلو وراڻيءَ ۾ چوي ’شڀ کِيرون‘ يعني ’چڱيون واڌايون‘ ”شُڀ“ نج سنسڪرت لفظ آهي، پر لاڙ جا مسلمان اهو عام طرح ڪم آڻيندا آهن.

133- لاڙ جي مسلمان ڪاسبين ۾ ڪيترا اهڙا لفظ ۽ اصطلاح عام اهن، جي نه اتي جا هندو ۽ نه سنڌ جي ٻئي ڪنهن ڀاڱي جا هندو يا مسلمان ڪم آڻين ٿا. چون ”ٻنڊي موڙي اٿيئي؟“ يعني ماني کاڌي اٿيئي؟اکري معنيٰ موجب ”ٻنڊي موڙڻ“ معنيٰ (مانيءَ جي) ٽُڪر کي مروٽو ڏيڻ يا ڀڃڻ، ۽ پوءِ معنيٰ ٿي گرهه ڀڃڻ يا ماني کائڻ. ”نر هڻڻ“ معنيٰ گهاٽو وجهڻ يا نقصان پهچائڻ: جهڙوڪ ڪو ڪاسي، اڌ روز جيتري ڪم تي سڄو روز لڳائي نقصان وجهي ته چون ته ”نر هنيائينس“- اهڙيءَ طرح منڇر ڍنڍ وارن مهاڻن ۾ به ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح عام آهن، جي رڳو هو پاڻ ۾ سمجهندا آهن، باقي ٻيو ڪو مشڪل سمجهي سگهندو. يوروپي لوڪن ۾ به ائين خلاصين جي ٻولي نرالي آهي، جا هو پاڻ ۾ سمجهن، باقي ٻين کي سمجهڻ مشڪل ٿيو پوي.

لاڙي ٻوليءَ جو نمونو

134- لاڙ ۾ زالون هڪٻئي کي سڏ ڪرڻ مهل ”لئِي:“ لفظ ڪم آڻينديون آهن. جهڙوڪ: ”لئي، ڪاڪڙيءَ ما (ماءُ) ”لوجريون پڪيون ٿيئي؟“- مڇيءَ جون ڪرڙيون تن کي ’لوجريون‘ (لوجهڙيون) چون ’لئي، گَر جي ميِٽَ ڪجائين يعني ’ادي، گهرجي سنڀال ڪجائين.‘ ڪنهن شخص چيو ته ’گوري تاڻ پيس ڇڻي، ڌڪ جي ويم‘ يعني گهوڙي تان ڪِري پيس، ته ڌڪ اچي ويم. سندن اهڙن اُچارن سبب ڪيترا ماڻهو لاڙي ٻوليءَ تان کلندا آهن.


 

* J. E. Partiger: Ancient Indian Historical Tradition, Pages 264 and 293

* “The Sibis or Sivas have given their name to Sibistan” R. D. Benerji: A. Junior History of India, P. 15.

(1)  شمس العلماء مرزا قليچ بيگ؛ ”قديم سنڌ“، صفحو 239.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org