سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

ڀاڱو؛ ٻيو

صفحو : 13

باب تيرهون                                   انگريزن جي صاحبي

 

سنڌ ۾ عيسائي تعليم جو انتظام

255- سنه 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. ٺٽي ۾ روهڙيءَ جي سيدن کي جيڪي لوازما ميرن وٽان ملندا هئا، سي انگريز سرڪار بند ڪيا، ته فارسي جي واڌاري کي ڌڪ اچي ويو. ملن ۽ آخوندن جا ڇهه سؤ کن مڪتب سڄيءَ سنڌ ۾ هئا (”سنڌ گزيٽيئر“، صفحو 472)، تن تي سرڪار نڪو ڪو پنهنجو ضابطو رکيو، نڪا ڪا انهن لاءِ گرانٽ منظور ڪيائين.سنه1845ع ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿيبورن هو، جنهن انگريزي اسڪولن کولڻ لاءِ سرڪار کان ٽي هزار رپيا سالياني گرانٽ گهري مگر ڪو لائق ماستر ڪونه ملي سگهيو، تنهنڪري ڳالهه اتي رهجي ويئي. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي هو، جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ ۾ هڪ رستو ”پريڊي سٽريٽ“ سڏجي ٿو. هن صاحب خرچ پنهنجي ڳنڍيان ڪري، ڪراچيءَ ۾ هڪ اسڪول کوليو، جنهن ۾ عيسائي مذهب جي تعليم مفت ڏيڻ ۾ ايندي هئي. سنه 1846ع کان وٺي 1852ع تائين اهو اسڪول هڪ لوڪل ڪاميٽيءَ جي هٿ ۾ هو، ۽ سنه 1853ع ۾ اهو ”چرچ مشن سوسائٽيءَ“ جي حوالي هن شرط تي ٿيو، ته عيسائين جو انجيل (بائبل) ضرور پاڙهڻ ۾ ايندو.  ”متيءَ“ Gospel of St. Matthew جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سيرامپور جي پادرين؛ سنه1825ع ۾ ڪيو هو. ان جو نئون سنئون ترجمو ڪئپٽن جارج سٽئڪ ڪيو، جو ديوناگري اکرن ۾ سنه 1850ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ ”يوحن“ Gospel of St. Jhon جو ترجمو برنس صاحب سنه 1852ع ۾ عربي- سنڌي اکرن ۾ ڪيو؛ ٻئي سال اهو گرمکي اکرن ۾ به ڇپيو- اُهي خرچ، بمبئيءَ جي ”آگزيليئري بائبل سوسائٽيءَ“  (Bible Society Bombay Auxiliary) ڪيا هئا. پوءِ ته ڪئين عيسائي مذهب جا ڪتاب، ”برٽش ۽ فارين بائبل سوسائٽي، لنڊن“ جي خرچ تي ڇپجي پڌرا ٿيا. ڪراچيءَ واري مشن اسڪول کلڻ کان گهڻو پوءِ حيدرآباد ۽ سکر ۾ مشن اسڪول کليا. انهن ۾ هندو توڙي مسلمان شاگرد ڪلاسن ۾ وڃڻ کان اڳ وچين وڏي صفي (هال) ۾ گڏ ٿيندا هئا. اسڪول جو پادري اول بائبل مان ڪجهه ٽڪر پڙهي ٻڌائيندو هو. پوءِ پادري توڙي ماستر ۽ شاگرد سڀئي گڏجي ڌڻيءَ کان دعا گهرندا هئا:

”اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ هجي وغيره“.

انهيءَ دعا گهرڻ کان پوءِ شاگرد ڪلاسن ۾ ويندا هئا. اوائل وارا پادري نهايت لائق انسان هوندا هئا. جهڙوڪ: شرٽ صاحب، جنهن جي سنڌي ڊڪشنري اڄ تائين مشهور آهي. هو سنسڪرت جو ڄاڻو هو ”اکر- ڌاتوُ“ نالي هڪ ننڍو ڪتاب جوڙيو هئائين، جنهن ۾ سنڌي لفظن جا سنسڪرت بنياد ڄاڻايل هئا. کانئس پوءِ ڪن هندن توڙي مسلمانن کي ڪن پادرين عيسائي مذهب ۾ آندو، ته رفتي رفتي مشن اسڪول ڌڪارجڻ لڳا.

سنڌي آئيويٽا (لپي) ۽ سنڌي اسڪولن

جي ضرورت

256- انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا هڪڙي مقرر ٿيل آئيويٽا ڪانه هئي. سنڌ جي هندن مان برهمڻ ۽ ٿورا ٻيا ديوناگري (شاستري) اکر ڪم آڻيندا هئا، جن جو اڳي ٻيو نمونو هو، ۽ هاڻ ڪجهه قدر ڦريل آهي. سنڌ جا ڀائيبند هندو- سنڌي يا واڻڪا اکر ڪم آڻيندا هئا، جن ۾ لاڪنائون يا ماترائون ڪينهن ۽ پنجاب جي ”لُنڊا“ يا ٻُٽن اکرن وانگر آهن، ڪيترا خواجا ۽ ميمڻ واپاري به اهي اکر ڪم آڻيندا هئا- اهي اڄ تائين به پنهنجو حساب-ڪتاب هندو-سنڌي اکرن ۾ رکندا آهن: هندن کان به خواجن جي لکڻ جو نمونو وڌيڪ پسنديءَ جهڙو آهي، جو هو چار لاڪنائون يا ماترائون ڪم آڻين ٿا*.

سنڌ جا ٻاوا، عاملن توڙي ڀائيبندن جون زالون، بلڪ ڪيترا ڀائيبند گرمُکي اکر ڪم آڻندا هئا، جي سِکن جي ٻي پاتشاهي گرو، انگد صاحب 1538ع ۽ 1552ع جي وچ ڌاري جوڙيا هئا. سنڌ جا مسلمان توڙي هندو ڪامورا عربيءَ ۽ فارسيءَ جي نموني سنڌي مضمون لکندا هئا، ۽ سڀڪنهن جي لکڻ جو نمونو پنهنجو پنهنجو هوندو هو- جهڙوڪ، ڪنٺ يا نڙيءَ جي اچار وارن اکرن مان اڪثر رڳو عربي ۽ فارسيءَ وارو ”ک“ (ڪ) اکر ڪم آڻيندا هئا، اهو هڪڙو ئي اکر ڪٿي ڪ يا ک نه ڪٿي گ، ڳ يا گهه ڪري پڙهندا هئا، ”ڱ“  بدران عام طرح ”نک“ لکدنا هئا. ”شاهه جو رسالو“، ”ابوالحسن جي سنڌي“، ”ديوان گل“ ۽ ٻيا جهونا سنڌي ڪتاب انهيءَ آڳاٽي نموني لکيل آهن. انگريزن جي صاحبيءَ جا پهريان ٿورا ورهيه، سڀ سرڪاري لکپڙهه فارسيءَ ۾ هلندي هئي، ۽ انگريزي ڄاڻندڙن کان ترجمو ڪرائي، انگريزي عملدار ڪم پيا ٽپائيندا هئا.

سر بارٽل فريئر، جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ وارو فريئر هال سڏجي ٿو، سو 1851ع ۾ سنڌ جو چيف ڪمشنر هو. سندس وقت ۾ اها ڪوشش ٿي ته:

(1) آئيندي سڀ سرڪاري لکپڙهه سنڌيءَ ۾ هلي.

(2) يوروپي ۽ ٻيا غير ڏيهي عملدار سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن، نه سنڌي ماڻهن کان پنهنجي سر حال احوال وٺي سگهن، ۽ سنڌي لکپڙهه به سمجهي نيڪال ڪن.

(3) سنڌي اسڪول کلن، جو اڳي رڳو فارسيءَ جو واهپو گهڻو هو.

پر سنڌيءَ لاءِ ڪا خاص مقرر ٿيل آئيويٽا هئي ڪانه، ته پوءِ اهي ٽيئي مرادون ڪيئن حاصل ٿين؟

ڪئپٽن برٽن، جو پوءِ سر رچرڊ برٽن سڏجڻ ۾ آيو، تنهن رٿ وڌي ته عربي اکرن ۾ ضروري ڦير ڦاريون ڪري، سنڌيءَ لاءِ آئيويٽا ٺاهجي. تن ڏينهن ۾ ڪئپٽن جارج سٽئڪ ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو، جو سنسڪرت توڙي سنڌي چڱي ڄاڻندو هو. هن صاحب سر رچرڊ برٽن جي رٿ تي اعتراض اٿاري چيو ته هندو- سنڌي اکر جڏهن اڳيئي چالو آهن، تڏهن انهن ۾ گهربل ڦير ڦاريون ڪري اهي ڪم آڻجن يا ديوناگري اکر ڪم آڻجن. سر رچرڊ هڪڙيءَ ڳالهه تي، ۽ ڪئپٽن جارج سٽئڪ ٻيءَ ڳالهه تي ٿي بيٺو، ته سر بارٽل فريئر وڏي ويچار ۾ پئجي ويو- چي: جيڪڏهن عربي- سنڌي اکر ٺاهبا ته هندو اهي اکر سکندائي ڪين، ۽ جي هندو- سنڌي آئيويٽا چالو ڪبي، ته مسلمانن کي اها ڳالهه ڪين آئڙندي- ائين هن عملي ڳالهه کي گويا فرقيوار رنگ اچي ويو، ۽ هيءُ هڪ هندو- مسلم سوال ٿي پيو! آئويٽا جو جيستائين فيصلو نه ٿيو، تيستائين سنڌي اسڪول به کلي نٿي سگهيا، نيٺ اهو آئيويٽا جو سوال ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جي ڊئريڪٽرن جي ڪورٽ ۾ فيصلي لاءِ ويو! سنه 1853ع ۾ انهيءَ ڪورٽ فيصلو ڪيو، ته ”سنڌي آئيويٽا لاءِ عربي صورتخطي آزمائڻ گهرجي“. تعليمي ڪمن لاءِ ڏهه هزار رپيا منظور ٿي آيا، تنهن کان پوءِ ڪم شروع ٿيو.

مسٽر ايلس، جو پوءِ سر بئروايلس سڏجڻ ۾ آيو، سو سنه 1853ع ۾ سنڌ جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو، ۽ تعليم کاتي جو پورٽ فوليو سندس هٿ ۾ هو. عربي- سنڌي آئيويٽا جوڙڻ لاءِ، هن صاحب جي زير صدارت هڪ ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن جا هيٺيان ميمبر هئا:

1.          راءُ بهادر نارائڻ جڳنناٿ- جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ وارو سرڪاري هاءِ اسڪول سڏجي ٿو.

2.          خانبهادر مرزا صادق علي بيگ (مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ).

3.          ديوان پرڀداس اند رام رامچنداڻي.

4.          ديوان اڌارام ٿانور داس ميرچنداڻي.

5.          سيوهڻ وارو ديوان ننديرام ميراڻي- جنهن ” تاريخ معصوميءَ“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو.

6.          ميان محمد- جو ڪجهه وقت حيدرآباد جي نارمل اسڪول جو ماستر هو، ۽ سنڌي گرامر جوڙيو هئائين.

7            قاضي غلام علي ٺٽي وارو.

8.          ميان غلام حسين ٺٽي وارو.

هن ڪاميٽيءَ مقرر ٿيڻ کان اڳي، فورٽ وليم (ڪلڪتي) جي ڪن پروفيسرن اردوءَ لاءِ آئيويٽا ٺاهي هئي، جا اڄ تائين پيئي هلي. هاڻوڪي عربي سنڌي آئيويٽا مان ظاهر آهي ته هن ڪاميٽيءَ جي ميمبرن، انهيءَ اردو آئيويٽا مان به ڪجهه مدد ورتي هئي، ۽ ٿورو ڌيان انهيءَ آڳاٽي آئيويٽا: تي به ڏنائون، جنهن ۾ ابوالحسن جي سنڌي،  شاهه جي رسالي جا دستخط، ثابت علي شاهه جا مرثيا، ۽ ٻيا قديم سنڌي ڪتاب لکيل آهن ائين ڪجهه آڳوڻو نمونو ته ڪجهه اردوءَ وارو نمونو اختيار ڪري، ۽ ڪن عربي ۽ فارسي اکرن ۾ ڦير گهير ڪري، عربيءَ جي اٺاويهن اکرن کي وڌائي ايڪونجاهه اکر ڪيائون!“ اها نئين آئيويٽا سنه 1853ع ۾ ٺهي هئي.*

مٿيون احوال گهڻو ڪري سمورو ائٽڪن صاحب واري”سنڌ گزيٽيئر“(صفحو 474) مان ورتل آهي. اها اصلوڪي سموري لکپڙهه حيدرآباد سنڌ جي ٽريننگ ڪاليج جي دفتر تي اڄ تائين رکيل آهي، جا مسٽر ائٽڪن سنڌ گزيٽيئر لکڻ مهل گهرائي هئي.

نئين عربي- سنڌي آئيويٽا(لپي) تي بحث

257- سنه 1853ع ۾، نئين سنڌي صورتخطي مقرر ٿيڻ تي گهڻو بحث هليو. ڪن هندو صاحبن زور ڀريو، ته الف، ۽ ع، ت ۽ ط، ث، س ۽ ص، ز، ذ، ض ۽ ظ، ڪ ۽ ق، ح ۽ هه جهڙن اُچارن لاءِ ڌار ڌار اکر بدران هڪ هڪ اکر مقرر ڪري، اکرن جو تعداد گهٽائجي- سندين اها رٿ هيٺين سبب ڪري رد ٿي:

(1) سنڌي ٻولي اڳي ئي عربي صورتخطيءَ ۾ لکڻ ۾ پيئي اچي، تنهنڪري عربيءَ وارا سڀ اگر قائم ڪجن، باقي رڳو نج سنڌي اکرن لاءِ ڪي صورتون مقرر ڪجن.

(2) جيڪڏهن عربي لفظن جون صورتون مٽائي ڇڏبيون، ته پوءِ لفظن جي صحيح معنيٰ ۽ اصليت بلڪل گم ٿي ويندي. عربي ۽ فارسي حرفن کي اصلوڪي صورت ۾ قائم رکڻ ڪري اهڙو مونجهارو پيدا نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته عربي ۽ فارسيءَ جون عمديون لغتون (ڊڪشنريون) اڳي ئي موجود آهن.

(3) جيڪڏهن عربي اکرن جون صورتون ڦيرائبيون،  ۽ مسلمانن جان الا، جهڙوڪ”محفوظ علي“ بدران ”مهفوزالي“ لکبو، ته ڪوبه مسلمان اها ڳالهه قبول نه ڪندو، ته هڪ بامعنيٰ ۽ درست نالو ڦيرائي هڪ بلڪل بي معنيٰ ۽ غلط صورت وارو نالو ڪم آڻجي.

(4) عيسوي  سورهين صديءَ کان وٺي هن وقت (1853ع) تائين، سڀ سنڌي ڪتاب عربي ۽ فارسي صورتخطيءَ  ۾ لکيل اهن. جيڪڏهن هينئر عربي حرفن جون صورتون ڦيرائبيون، ته اهو چئن صدين جو علم ادب (ساهت) مسلمانن جي آئيندي نسل لاءِ بيڪار ٿي پوندو.

سر بارٽل فريئر، انهيءَ بحث مباحثي ٻڌڻ ۽ فيصلي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ، ايلس صاحب سان ٻيا ٻه- چار يوروپي  عملدار همراهه ڪيا، جن سڀني يڪراءِ ٿي عربي صورتخطي قائم رکي ۽ نج سنڌي آوازن لاءِ نوان حرف مقرر ڪيائون. *

آئيويٽا(لپي) سڌارڻ جي ضرورت

258- نئين عربي- سنڌي آئيويٽا جولاءِ 1853ع کان وٺي جاري ٿي. ان ۾ ڪي اکر آڳاٽي نموني بيهاريائون. يوروپي ۽ ٻيا غير ڏيهي عملدار جن کي سنڌي سکڻي هئي، تن ڏٺو ته اهي اکر مُنجهائيندڙ آهن- ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي گرامر جي منڍ ۾ ڄاڻايو آهي ته ’آئيويٽا سڌارڻ جي ضرورت آهي، پوءِ ته بمبئي جو هڪ سِولين انهيءَ ڪم لاءِ سرڪار مقرر ڪيو، ته به آئيويٽا ۾ ڪيتريون خاميون اڃا رهيل آهن*‘.

هاڻوڪي آئيويٽا(لپيءَ) جون مکيه خاميون

259- سنڌيءَ ۾ ”وسرگ“ يعني ”هه“ جي اچار وارا اکر (Aspirates) ڏهه آهن، جي عربيءَ توڙي فارسي ۾ ڪينهن. اهڙن اکرن جوڙڻ لاءِ ”ب“ ۾ ٽي نقطا ٻيا به هيٺان گڏ ”ڀ“ اکر ٺاهيو اٿن؛ .”د“ جي مٿان فقط ٻه نقطا گڏي ”ڌ“  جوڙيو اٿن؛ ”ڊ“  ۾ وري هڪڙو نقطو هيٺان گڏي ”ڍ“ اکر بڻايو اٿن- ۽”ٽ“ مان پاڻ هڪ نقطو ڪڍي ”ٺ“ اکر ٺاهيو اٿن! هن مان ظاهر آهي ته اکرن جا نقطا ڪنهن به هڪ ترتيب تي نه ڏنا اٿن. هن باري ۾ ٻي به چُڪ ڪئي اٿن: عربيءَ ۾ ”پ“ اکر ڪونهي، تنهنڪري ان کي ماڳهين ڇڏي، ”ف“  اکر مٿان ٽي نقطا گڏي ”ڦ“ اکر ٺاهيو اٿن- هيءَ چُڪ اهڙي آهي، جهڙو ڪو انگريزيءَ ۾ ”ڦٽومل“ (Phatumal) بدران ’Fhatumal‘ لکي‘”ڦ“ جو بنياد ”پ“، اکر آهي. انهيءَ ڪري هندستانيءَ يا اڙدوءَ ۾ اهو عقل جو ڪم ڪندا آهن، جو پ هه گڏي لکندا آهن جهڙوڪ: ”ڦل ڦول“ بدران لکن ”پهل پهول“- ڪٿي ته پاڻ به ائين ڪيو اٿن، جهڙوڪ: ج ۽ گ ۾ ”هه“ اکر بجنسي گڏي، ”جهه ۽گهه“ اکر ٺاهيا اٿن- آڳاٽا ڪي مسلمان مصنف به ائين ڪندا هئا. جنهنڪري چئبو ته بمبئيءَ جي سوِلِين، هن حالت ۾ سڌاري بدران پاڻ بگاڙو ڪيو! اڄ به هيئن ڪرڻ گهرجي ته شاگردن کي اول، ب، ت، پ، ٽ، ج، چ، د، ڊ، ڪ، ۽ گ اهي ڏهه اکر سيکاري، پوءِ ٻڌئجين ته انهن ۾ جيڪڏهن ”هه“ جو اچار گڏبو ته ڀ، ٿ، ڦ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ک، ۽ گهه، اهي ٻيا ڏهه اکر ٺهي پوندا- ائين اکرن سکڻ ۾ گهڻي سهولت ڏيندين.

260- عربيءَ فارسيءَ ۾ نڪ جو اچار وارا فقط ٻه اکر”م“ ۽ ”ن“ آهن. سنڌيءَ ۾ اهڙا اُچار پنج آهن: ڃ، ڱ، م، ن ۽ ڻ- پهرين ٻن اکرن جوڙڻ لاءِ ”ج“ ۾ هڪ نقطو وڌائي ۽ ”گ“ مٿان ٻه نقطا ڏيئي، ”ڃ“ ۽ ”ڱ“ اکر ٺاهيا اٿن، جا غلطي ڪئي اٿن، ڇاڪاڻ ته انهن اکرن جو بنياد ”ن“ آهي، ۽ نه، ج ۽ گ- مثال وٺو سنسڪرت لفظ ”ڪنيا“ ۽ ”ستنيه“، جن جا اُچار سنڌيءَ ۾ آهن: ”ڪڃا“ ۽”ٿڃ“. هتي ڏسو ته سنسڪرت لفظن ۾ اول ”ن“ آهي، ۽ ”يه“جو اچار مٽجي”ج“ ٿيو آهي،اهي ٻيئي گڏجي”ڃ“جو اچار پيدا ڪن ٿا: انهيءَ سبب چئبو ته آڳاٽا مسلمان مصنف صحيح هئا، جو ڃ ۽ ڱ بدران ”نج“ ۽ ”نگ“ لکندا هئا-هن بمبئيءَ جي سوِلِين سڌاري بدران پاڻ بگاڙو ڪيو!

نئين آئيويٽا (لپيءَ)تي هندون جو اعتراض

261- بيمس صاحب جي گرامر جو جلد پهريون سنه 1872ع جو ڇپيل آهي. ان ۾ هن صاحب هندو-سنڌي اکرن جي ذڪر ڪندي جيڪي لکيو آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته سنڌ جي هندن کي نئين عربي- سنڌي آئيويٽا تي اعتراض هو؛ ۽ جيتوڻيڪ پاڻ ديوناگري اکر ڪم ڪو نه آڻيندا هئا، ته به رٿ ڏني هئائون ته ديوناگري اکرن ۾ ڦير گهير ڪري اُهي ڪم آڻجن. *

آئيويٽا(لپيءَ) بابت مصنف جو شخصي رايو

262- مسلمان حاڪمن ڪڏهن به ڪنهن کي عربي خواهه فارسي سکڻ لاءِ ٻڌل نه رکيو هو. جنهن صورت ۾ خواجا ميمڻ اڄ تائين هندو-سنڌي اکر ٻيا ڪم آڻين، تنهن صورت ۾ انهن ۾ لاڪنائون يا ماترائون گڏي، اُهي چالو ڪرڻ کپندا هئا- جيئن ڪئپٽن جارج سٽئڪ منڍ ۾ ئي صلاح ڏني هين- جيڪڏهن انهن اکرن تان ڪن کي اعتراض هو ته اڙدو آئيويٽا؛ جا اڳي چالو هئي، سا سنڌيءَ لاءِ به اختيار ڪن ها- مطلب ته ”نئين آئيويٽا“ جوڙڻ ئي غلط ڪم هو!سنڌي ٻولي لسٻيلي، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ، توڙي ملتان جي حد تائين، ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، پر اسان جي هاڻوڪي آئيويٽا هو سمجهي نٿا سگهن. جنهنڪري اسان کان ڌار ٿي پيا آهن، سنڌي ساهت سنڌ کان ٻاهر ڦهلجي نٿو سگهي. وري به شڪر جو هندستان جا هندو توڙي مسلمان مدبّر اهائي ڪوشش پيا ڪن، بلڪ ڪي يوروپي به صلاح پيا ڏين*، ته سڄي هندستان لاءِ هڪ يڪي آئيويٽا چالو ڪجي، ته قومي اتفاق وڌي- ڀلي ته هندي يا اُڙدو اکر چالو ڪن، ته اسان سنڌي ماڻهن کي اهو فيصلو اکين تي رکڻ گهرجي: هنديءَ ۾ ساهت اٿاهه لٿو پيو آهي، ۽ اُڙدوءَ جو علمي خزانو به گهٽ ڪونهي؛ ٻنهي مان جيڪا به لپِي چالو ڪن، تنهنجو ساهت اسان جو ٿي پوندو، ۽ سنڌي ساهت جي تڪڙي ترقي ٿي سگهندي، ۽قومي ڀاؤ به وڌندو.

سنڌي ساهت جو واڌارو

263- سنڌي شعر جي شروعات ۽ ترقيءَ جو ذڪر اڳي ڪيو ويو آهي. ميرن جي صاحبيءَ جا نثر۾ جڙيل ٻه ٽي ڪتاب ٻُڌجن پيا، پر اڄ تائين ڇپجي پڌرا ڪونه ٿيا آهن. جيڪي ڪتاب ڇپيل آهن، تن پٽاندر چئجي ٿو، ته سنڌ ۾ اول عيسائن جي ” انجيل“ جا ڪي ڀاڱا، سنه 1825ع کان وٺي پادرين تيار ڪريا، ۽ پوءِ ٻيا به عيسائي مذهب جا ڪتاب ڪڍيائون. جولاءِ 1853ع۾ هاڻوڪي آئيويٽا ٺهي، ته پوءِ سگهوئي فارسي، اڙدو، مراهٽي ۽ گجراتي ڪتابن مان ترجما ڪري، ڊسمبر 1854ع تائين تاريخ، جاگرافي ۽ ليکي  جي پيڙهه سوڌا ڪُل ڏهه ڪتاب سرڪار ڇپائي پڌرا ڪيا (”سنڌ گزيٽيئر“، صفحو 474). ائين اول درسي ڪتاب نڪتا، جي سرڳواسي ديوان پرڀداس انندرام رامچنداڻي، مرحوم خانبهادر مرزا صادق علي بيگ ۽ ٻين صاحبن جوڙيا. انهيءَ وقت کان وٺي ڪي وندر جا ڪتاب به نڪتا. سنه 1853ع ۾، مرحوم ميان غلام حسين محمد قاسم قريشي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ نالي هڪ ننڍڙو، پر عمدو قصو لکيو- ٻولي به ٺيٺ سنڌي اٿس- سنه 1855ع ۾ مٽياري تعلقي هالا جي مرحوم سيد ميران محمد شاهه ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ لکي، 1861ع ۾ ”مفيد الصبيان“ به ڇپائي پڌرو ڪيائين- هن صاحب جي ٻولي به واه جي آهي‘ تن ڏينهن ۾ انگريزي ٻوليءَ جي ڪنهن ورلي کي واقفيت هئي، تنهنڪري ماڻهن رڳو هندي ۽ فارسي ٻوليءَ مان ڪهاڻيون ۽ قصا ترجمو ڪري ٿي لکيا. مٿيان ٽيئي ڪتاب هنديءَ ۾ ترجمو ٿيا هئا. سنه 1857ع ۾ سرڳواسي ديوان ننديرام سيوهاڻيءَ ”باب نامو“ نالي ننڍڙو ڪتاب ٻاراڻي درجي جي شاگردن لاءِ لکيو، ۽ سنه 1861ع ۾ ”تاريخ معصومي“ جو ترجمو فارسيءَ مان ڪيائين. انهيءَ وچ ۾ اسان جا ٿورا سنڌي صاحب انگريزي ٻولي سکي ويا، ۽انهيءَ مان ترجما ڪرڻ لڳا- جهڙوڪ: سنه 1862ع ۾، سرڳواسي راءُ بهادر ديوان ڪوُڙيمل چندنمل ”ڪولمبس جي تاريخ“ جو ترجمو ڪيو. سنه 1870ع ڌاري، سرڳواسي ديوان نولراءَ شوقيرام آڏواڻيءَ ۽ سرڳواسي ديوان اڌا رام ٿانورداس مير چنداڻيءَ، گڏجي، جانسن جي ”راسيلاس“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن لاءِ سرڪار کين چڱو انعام ڏنو هو. ديوان نولراءَ کي جيڪا رقم ملي، سا حيدرآباد جي برهمو مندر  جوڙائڻ بلي خرچيائين. انهيءَ ساڳئي ديوان اڌارام ”ايسپ جون آکاڻيون“ به ترجمو ڪيون. سنه 1864ع ۽ سنه 1870ع جي وچ ۾، ديوان ڪيولرام سلامتراءَ آڏواڻيءَ ٽي عمدا ڪتاب لکيا: ”سوکڙي“،”گل“ ۽ ”گلشڪر“- ديوان صاحب جي ٻولي نهايت سپڪ ۽ سوادي آهي ۽ هنن ڪتابن لکڻ ۾ پنهنجي اصليت ظاهر ڪئي اٿس- انهيءَ اوائل واري زماني ۾ جن صاحبن سنڌي ساهتيه جي خدمت ڪئي، تن مان ديوان ليلارام سنگهه وطن مل لعلواڻيءَ، ديوان بولچند ڪوڏومل جڳتياڻيءَ ۽ ديوان ڏيارام گدومل شهاڻيءَ صدر جاءِ لهڻي. مسلمانن مان مرحوم ميان احمد خان تڳيو خان جلباڻيءَ قصن ۽ افسانن لکڻ ۾ چڱو نالو ڪڍيو، پر اسان جو هردلعزيز دوست، مرحوم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مڙني کي شهه ڏيئي ويو، جو هن صاحب جيترا ڪتاب اڄ تائين ڪنهن به ڪونه لکيا آهن.! ساڌو هيرانند فقط هڪ ڪتاب ”طلسم“ نالي ترجمو ڪيو، جو سندس چالاڻي کان ڳچ وقت پوءِ مصنف پورو ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو- اوائل وارن ڪتابن ۾ سنڌي بنهه ٺيٺ ڪم آيل آهي. ڪن صاحبن وري ”قافيي وارو نثر“ ڪم آندو آهي، جيئن ” گل خندان“ ڪتاب ۾ آهي.

ناٽڪ جا ڪتاب

 264- عيسوي اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري، بمبئيءَ جي مسٽر ڪيخسُرو ڪابرا، ڪن پارسي جوانن جي مدد سان، ”گايڪ اُتيجڪ منڊلي“ بمبئيءَ ۾ برپا ڪئي. اها ئي منڊلي هئي، جنهن جي ڪن ميمبرن هڪ ناٽڪ جي منڊلي ”وڪٽوريا ڪمپني“ نالي سنڌ ۾ موڪلي، سنڌي ماڻهن ۾ ناٽڪ جو خفت پيدا ڪيو. مرحوم مرزا قليچ بيگ جڏهن بمبئي ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن انهيءَ گايڪ ا[تيجڪ منڊليءَ وارن هڪ ناٽڪي ڪتاب ”سونا نا مُول نِي خورشيد“ (سون جي ملهه واري خورشيد)  گجراتيءَ ۾ تيار ڪيو، جو پوءِ هنديءَ ۾ ترجمو ٿيو. مرزا صاحب انهيءَ تان ”خورشيد“ ناٽڪ لکيو. سنه 1888ع ڌاري، سرڳواسي راءُ بهادر ديوان ڪؤڙيمل، سري هرش جي جوڙيل ”رتناولي“ ناٽڪ جو ترجمو ڪيو. انهيءَ وقت ڌاري ڪاساين جا ناٽڪ ۽ ٻيا ناٽڪ حيدرآباد ۾ نڪتا، ته ناٽڪ جو خفت هيڪاري وڌيو. سنه 1893ع ۾، ڪراچي ڪاليج جي شاگردن هاسٽل جي ضرورت محسوس ڪئي. ديوان ميٺارام، جنهن جي نالي پٺيان هينئر هاسٽل سڏجي ٿي، تنهن چڱو چندو ڏنو، پر ساڳئي وقت ”اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي“ برپا ڪيائون. پهريون ناٽڪ ”نل دمينتي“، ماستر ڄيٺانند ڀريائيءَ جو تيار ڪيل، سنه 1894ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪيائون. ٻئي سال کان وٺي مرزا قليچ بيگ، ديوان ليلارام سنگهه ۽ ٻين کان ناٽڪ تيار ڪرايائون، ۽ ائين سنڌي ساهت وڌايائون.

سنڌي ساهت جون منڊليون

265- سنه 1914ع ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ ٺهي، تنهن به ڪيترا سال چڱو ڪم ڪيو. هن وقت ”گُر سنگت“  هيرآباد وارا، ”سک ٽرئڪٽ سوسائٽيءَ“ وارا، سناتن ڌرم وارا، ”ديوان ڪؤڙومل ساهت منڊل“، ”سندر ساهتيه“، ”رتن“، ”مسلم ادبي سوسائٽي“ وارا ۽ ٻيا، پنهنجي پنهنجي پر ۾ ساهت جي وڌائڻ جي هر طرح ڪوشش پيا ڪن. ڪي جوان وري مشاعرا پيا ڪن، ۽ ڪن کي پنهنجون ناٽڪن جون منڊليون آهن. مسٽر هريسنگهه ماستر سکر واري، سنه 1880ع کان وٺي، ۽ مسٽر پوڪرداس شڪارپور واري،سنه 1886ع کان وٺي ڪتابن ڇپائڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. انهن ٻنهي سرڳواسين جا ڇاپخانا اڄ تائين جاري آهن، هن وقت تائين گهڻيئي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا اٿن- اهڙيءَ طرح هندن توڙي مسلمانن جي گڏيل ڪوششن سان، طرح طرح جا ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ نڪتا آهن: ته به نثر جا ڪارائتا ڪتاب، جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ جي ڪم اچن، سي بلڪل ڳاڻ ڳڻيا آهن.

 

ڊڪشنريون ۽ گرامر

266- سنه 1816ع ۾، سنسڪرت جو ناتو يوروپي ٻولين سان ثابت ٿيو، ته ٻولين جي باري ۾ وڌيڪ کوجنائون ڪيائون. سنڌي ٻوليءَ کي به ڪين ڇڏيائون. پهريائين مسٽر واٽن، ميرن جي صاحبيءَ ۾ اچي سنڌي ڊڪشنري ۽ گرامر جوڙيا، ۽ پوءِ ٻين صاحبن به انهيءَ ڏس ۾ چڱا پورهيا ڪيا*. ڊاڪٽر ٽرمپ جو جوڙيل گرامر اڄ تائين مشهور آهي. اهوئي صاحب  هو جنهن سنه 1866ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ هٿ ڪري ڇپايو هو.

تعليم جو انتظام

267- انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل ۾، انگريزي سيکارڻ لاءِ ماسترن جي درڪار ٿي. انهيءَ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ، آڪٽوبر 1854ع ۾، هڪ ”نارمل اسڪول“ ڪراچيءَ ۾ کليو. ان وقت ڪي مرهٽا عالم، جي بمبئيءَ ۽ پونا ڪاليجن مان تعليم وٺي، سنڌ ۾ اچي سرڪاري نوڪرين ۾ گهڙيا هئا، تن مان ڪي نارمل اسڪول ۾ مقرر ٿيا. اهي سنڌي ڪين ڄاڻندا هئا، تنهنڪري انگريزي لفظ جون معنائون هندستانيءَ ۾ ٻڌائيندا هئا. اهو نارمل اسڪول پوءِ حيدرآباد ۾ پراڻيءَ اسپتال جي ڀرسان، هڪ مسواڙي جاءِ ۾ کوليائون، جنهن ۾ سرڳواسي مسٽر چوهڙمل پنجابي (بي. اي) هيڊ ماستر ڪري رکيائون- مسٽر چوهڙمل سنڌجو پهريون ئي گرئجويٽ هو اهو نارمل اسڪول ڦري هاڻي ”مردانو ٽريننگ ڪاليج“ٿيو آهي. سنه1860ع ڌاري، سنڌ جو تعليم کاتو برپا ٿيو، تنهن کان پوءِ گهڻو سڌارو ۽ واڌارو ٿيو. اسان جن ماڻهن به چڱي مڙسي ڪئي. ڪراچيءَ ۾ ”مدرسو“ ۽حيدرآباد ۾ ” يونين ائڪڊمي“ ۽ ٻين هنڌ ڪي اسڪول کوليائون. 1887ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”ڊي. جي. سنڌ ڪاليج کليو. هن وقت حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ به آرٽس ڪاليج آهن. سرڳواسي پرنسپال شهاڻيءَ جي ڪوشش سان انجنيئرنگ ڪاليج ۽ لاڪاليج کليا. ويجهڙائيءَ ۾ ائگريڪلچرل ڪاليج کليو آهي، ۽ سنڌ کي ڌار يونيورسٽي ملڻ جو به آسرو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ زناني تعليم جو به چاهه وڌيو آهي. هينئر ڀليءَ ڀَت ثابت ٿي چڪو آهي، ته ڇوڪريون ڪنهن به طرح ڇوڪرن کان گهٽ ڪينهن، بلڪ ڪي امتحانن ۾ ڇوڪرن کي به شهه ڏيو وڃن تعليم جي باري ۾ مرهٽن، بنگالين ۽ پارسين اوائل واري وقت ۾ چڱي مدد ڪئي، جنهنڪري سنڌ جا ماڻهو سندن اهو ڳڻ ڪڏهن به ڪين وساريندا!

 

انگريزيءَ جو سنڌي تي اثر

268- سنڌيءَ ۾ ڪيترا انگريزي لفظ اچي ويا آهن، پر اهي گهڻو ڪري سڀ ”اسم“ آهن، ۽ اڄ تائين سنڌيءَ سان گهڻو ڳنڍجي ڳتجي ڪونه ويا آهن. ڪيترا انگريزي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. جنهنڪري سنڌي ساهت کي ڪجهه اوڄ آئي آهي. پر، انگريزيءَ جا ڪي بڇڙا اثر به سنڌيءَ تي ٿيا آهن: اسان جا ڪيترا ماڻهو، سنڌيءَ ڳالهائيندي، ٽپ ٽپ تي انگريزي لفظ ڪتب پيا آڻين؛ جنهنڪري اصليت کي ڌڪ پيو لڳي. ڪي بنهه اکري ترجمو ڪن ٿا جهڙوڪ: هڪ تاريخ ۾ لکيل آهي ته ”محمود غزنويءَ جي سورهين ڪاهه، سنديس پوئينءَ ڪاهه کان هڪڙو سال اڳين هئي! هيءُ لکڻ جو نمونو انگريزي آهي پر، انهيءَ کان وڌيڪ اعتراض جوڳي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪي ”اڻسڌا“ جملا ڪم آڻين ٿا اها ڳالهه سنڌي ٻوليءَ جي ذاتي ڀاؤ (Genius) جي برخلافي آهي، ۽اهو دستور بند ٿيڻ گهرجي!

 


 

باب چوڏهون                             ٻوليءَ جي منزل ۽ آئيندو

 

ٻولين جون منزلون

269- جهڙيءَ ريت ٻالپڻ، جواني، ۽ پيري ماڻهوءَ جي جويت جون منزلون آهن، تهڙيءَ ريت ٻولين کي به ڪن منزلن مان لنگهڻو پوي ٿو. هتي انهن جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو، ته سمجهڻ ۾ سولو ٿئي، ته سنڌي ٻولي هينئر ڪهڙيءَ منزل تي آهي!

(1) ٻولين جي پهرين منزل اها آهي، جنهن ۾ سڀ لفظ ”هڪ پدا“ يعني هڪڙي پد وارا (Mono syllables) هوندا آهن، ۽ ڪي به پڇاڙيون (Suffixes) ساڻن گڏيل نه هونديون آهن، اهي ساڳيا لفظ ڪٿي اسم ته ڪٿي فعل وغيره ٿي ڪم ايندا آهن؛ ۽ اها خبر ڳو جملن مان پوندي آهي ته فلاڻو لفظ جملي ۾ ڪهڙي ڪم آيو آهي. هن کي ”شبد ويچاري“ يا ”نحوي ترتيب“ واري منزل (Syntactical Stage) چئبو آهي. چينائي ٻولي انهيءَ منزل وارين ٻولين جو هڪ مثال آهي.

(2) ٻي منزل اها آهي، جنهن ۾ ڪي لفظ اسم، اسم فاعل وغيره ٿي ڪم اچڻ جي طاقت وڃايو ڇڏين، جنهنڪري اهي لفظن جي پٺيان پڇاڙين (Suffixes) وانگر گڏبا آهن ته اسم جي حالتن ۽ فعلن جي زمانن ۽ ضميرن جي سُڌ انهن مان پوندي آهي.اهڙيءَ ٻوليءَ کي مرڪب منزل(Agglutinative stage) واري ٻولي چئبو آهي، جنهن ۾ پڇاڙين پٺيان پڇاڙيون وَت گڏيندو! سنٿالن جي ٻولي، توڙي تُرڪي، هنگاري ۽ فلش انهيءَ منزل واريون ٻوليون آهن.

(3) ٻولين جي ٽين منزل اها اهي، جنهن ۾ ڪي اسم، اسم فاعل وغيره ڌار لفظ ٿي ڪم اچڻ جي طاقت بنهه وڃايو ڇڏين، جنهنڪري اهي ٻين لفظن سان پڇاڙين وانگر گڏي ڪم آڻبا آهن، جيئن ٻولين جي ٻيءَ منزل ۾ ٿئي ٿو. پر، هن ٽين منزل ۾ هيئن ٿئي ٿو، ته اهي پڇاڙيون سدائين لفظن سان ڳنڍيل رهن ٿيون، جنهنڪري اهي لفظ يڪا ليکڻا پون ٿا- مثال لاءِ وٺو سنسڪرت لفظ ”ڪار“ معنيٰ ڪم ڪندڙ يا جوڙيندڙ. اهو ٻين لفظن سان گڏي ڪم آڻبو آهي، جهڙوڪ: سنسڪرت ”ڪنڀ“ معنيٰ ٿانءُ يا باسڻ ۽ ”ڪنڀڪار“ معنيٰ ٿانءُ  جوڙيندڙ. ساڳيءَ طرح ”لوهڪار“ معنيٰ لوهه جو ڪم ڪندڙ. اهڙيءَ طرح اها ”ڪار“ پڇاڙي اهڙن لفظن سان سدائين ڳنڍيل رهي ٿي، جنهنڪري اهي يڪا لفظ ڪري ليکجن ٿا. هن منزل وارين ٻولين کي ”سنجوڳي“ يا ”مجمل منزل“ (Syntactical stage) واري ٻولي چئبو آهي. ان ۾ اهڙيون پڇاڙين گڏيل لفظن جو گردان يا ڦيرو ٿي سگهندو آهي، تنهنڪري اهي گردان يا ڦيري واريون ٻوليون (Inflectional Languages) به سڏبيون آهن. سنسڪرت، گريڪ (يوناني) ۽ انهيءَ منزل واريون ٻوليون آهن.

(4) ٻولين جي چوٿين منزل اها آهي، جنهن ۾ لفظن جون اهڙيون پڇاڙيون، سمي پائي، گَسي پيسي وڃن ٿيون؛ جنهنڪري پهرينءَ منزل جي ٻولين وانگر اهي لفظ پڇاڙين کان سواءِ ٻيا ڀانئبا آهن، ۽ انهن جي ڦيري ڪرڻ لاءِ ڪي معاون يا مددي لفظ (Ausiliary words) انهن جي پٺيان گڏبا آهن- مثال لاءِ ساڳيا مٿيان سنسڪرت لفظ ”ڪنڀڪار“ ۽ ”لوهڪار“ وٺو، جن جا اچار سنڌيءَ ۾ ڪنڀار- ڪنڀر ۽ لوهار- لهار- لُهر آهن. هتي ڏسو ته وچ مان ”ڪ“ نڪري ويو آهي، ته باقي ”آر“ پڇاڙي بچي آهي، جنهن جو اچار گهٽائي ”آر“ ڪريون ٿا: هاڻ ”ڪار“ لفظ سڃاڻڻ کان پري ٿي پيو آهي، ۽ ”ڪنڀار“ ۽ ”لوهار“  يڪا لفظ پيا ڀانئجن. انهن جو ڦيرو ڪبو ته ڪي حرف جر ڪم آڻبا، جهڙوڪ ”ڪنڀار کان دلو وٺ“- هتي ”کان“  حرف جر ڪم آيو آهي، ۽ اهو ”ڪنڀار“ لفظ کان ڌار ٿيو بيٺو آهي، پر حالت جريءَ جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو-

هنن کي مفصل منزل (Analytical Stage) واريون ٻوليون چئبو آهي. انگريزي ۽ فرينچ انهيءَ منزل واريون ٻوليون آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي منزل

270- سنڌيءَ ۾ اسين اسمن ۽ ضميرن جي پٺيان عام طرح حرف جر ڪم آڻيون ٿا، پر ڪٿي ڪٿي پڇاڙيون به گڏيون ٿا- جهڙوڪ ”هو ڳوٺان آيو“، يعني ڳوٺ کان آيو- اهڙن سببن ڪري چئبو ته سنڌي ٻولي نڪي صفا مجمل، نڪي صفا مفصل منزل واري ٻولي آهي: تنهنڪري هن وقت ان کي ”مجمل-مفصل منزل (Syntho-Analytical Stage) واري ٻولي ڪوٺبو.

 

انگريزيءَ جو سنڌي تي اثر

271- پنهنجي پٺ ڪنهن به ڪانه ورائي ڏٺي آهي. اها به ڪنهن لڌي پاتي ڪانهي، ته هن کان پوءِ اسان جي پرڳڻي جون حالتون ڪهڙيون ٿينديون؟ انهيءَ سبب جيڪر اڳڪٿي ڪري ڪين سگهبي، ته سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو ڪهڙو ٿيندو؟ پر ٻولي پاڻ پيئي ڳالهائي؛ سنه 1100 کان وٺي، جيئن سنڌي ڌار ٻولي ٿي ڪم اچڻ لڳي آهي، تيئن سنسڪرت واريون پيچيديون صورتون گهڻي قدر وڃائي،سادي صورت ورتي اٿس. هن کان پوءِ به جيئن وڌيڪ ترقي ڪندي،تيئن ويندي وڌيڪ سولي۽سهنجي ٿيندي،جنهنڪري ان جو وياڪرڻ (گرامر) هاڻوڪي کان وڌيڪ سليس ۽ سولو ٿيندو ويندو.

272- هن وقت سنڌيءَ ۾ سڀڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪانه ڪا اعراب آهي ئي آهي. انهن پڇاڙيءَ وارين اعرابن هينئر ئي لَڏڻ جو سانباهو ڪيو آهي: لاڙ ۾ انهن جو اچار اڪثر ڪونه ڪن. اهي گهڻو وقت ڪين جٽينديون، جو اکرن جي پدن تي زور ڏيڻ جي ترتيب (AccentSystem) ڦرندي پيئي وڃي. ان جو هڪ نتيجو هي ٿيندو، ته ڪيترا اسم، واحد توڙي جمع ۾ هڪجهڙا رهندا. هينئر به ماڻهوءَ جو جمع ماڻهو، ۽ هاٿيءَ جو جمع هاٿي.

273- هن وقت تائين اسمن جي اٺن حالتن واريون پڇاڙيون سنڌيءَ مان گم ٿي وييون آهن، باقي رڳو حالت جريءَ واري ”اَن’- اون’“ پڇاڙي (جيئن ڳوٺان- ڳوٺؤن) ۽ حالت مڪانيءَ واري ”اَ-اي“ پڇاڙي (جيئن مانيءَ کائڻ ويل يا ويلي) بچيل آهن، پر اهي به سڀڪنهن لفظ جي پٺيان ڪين گڏبيون آهن. اهي به جيڪر ويندي ويرم ڪين ڪن، پر تي، کي، ۾ وغيره حرف جر، اهي پڇاڙيون پاڻ سان ڳنڍي بيٺا آهن. هينئر ٺڻ ته ائين پيا سمجهون ته انهن جو بنياد ت، ک، م وغيره آهي، تنهنڪري حالت جريءَ واري پڇاڙي ”اَن’- اون’“ گڏي چئون: تان- تؤن، کان- کؤ، مان مؤن وغيره ڪڏهن وري حالت مڪانيءَ واري ”اي“ پڇاڙي گڏي، تي، کي، ۾ وغيره چئون ٿا- انهيءَ سبب اڳواٽ چئي سگهجي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ته به ٻه- ٽي صديون اهي پڇاڙيون اڃا قائم رهنديون.

274- ضميري پڇاڙيون هينئر ئي زور ڇڏيون بيٺيون آهن: ”پٽم“ معنيٰ، ”منهنجو پٽ“، پر ”منهنجو گهوڙو“ ”گهوڙم“ نه چئبو. هن مان ظاهر آهي ته سڀڪنهن اسم سان اهي پڇاڙيون لاڳو ڪري نٿيون سگهجن. ”وٽم“ معنيٰ، مون وٽ، ۽ ”وٽهؤن“ معنيٰ اسان وٽان: ”ڀاڻم“، ”پٽم“ ۽ ٻين اهڙن لفظن جو جمع جوڙي نٿو سگهجي- هن مان ظاهر آهي ته اهو پڇاڙيون گهڻي تائين جٽاءُ نه ڪنديون. ائين باريڪ طرح جاچبو ته معلوم ٿيندو ته اهڙيون صورتون ٻوليءَ مان ائين نڪري وينديون،جيئن وڻ پراڻا پن ڇاڻي، نوان پن ڪڍندا آهن.

275- ٻوليءَ جو آئيندو ڳالهائيندڙن تي وڏو مدار رکي ٿو. عربي توڙي سنسڪرت لفظ،جي رس جس ڀريا هجن، سي ڀلي ته ڪم آڻجن. انهن کان ڇرڪڻ ٿيندو پنهنجي تنگدلي ڏيکارڻ. باقي ڳرا عربي يا سنسڪرت لفظ ڪم آڻڻ، سو ٿيندو ٻوليءَ کي هٿ وڍي بگاڙڻ- سائنس جا لفظ به اهڙا ڪم آڻجن،جي سمجهڻ سولا ٿين.انسان جي بدن جي بناوت بابت هڪ ڪتاب ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن مان ٿورو ٽڪرو هتي ڏجي ٿو:

سوال- ٻانهن ورائجي ٿي، ته وري ٿي، سو ڇو؟

جواب- انسان جي مغز ۾ هڪ تنتُو آهي، جنهن کي ”گيان تنتُو پريرڻا“ چئجي ٿو. جڏهن ٻانهن ورائڻ جو خيال ڪجي ٿو، تڏهن ”مڻي ٻنداسٿ“ کان وٺي ”ڪور پراسٿ“ تائين زور اچي ٿو، ۽ جڏهن اهو ”سڪنڌاسٿ“ تائين اچي ٿو، تڏهن ٻانهن وري ٿي!

ههڙا سنسڪرت توڙي عربي لفظ، ٻوليءَ ۾ هرگز چالو ٿي ڪين سگهندا: تنهنڪري ٻوليءَ جي آئيندي جو خيال رکي، پوري ويچارن سان قلم هلائجي.

 


 

 

ڀاڱو ٽيون

باب پهريون                                             ٻوليءَ جي تبديل ۽ واڌارو

تبديل جا سبب

276- سنسڪرت جو ذڪر ڪندي، مٿي اڳيئي چيو ويو آهي ته سنسڪرت اول بگڙجي پالي ۽ پراڪرت ٿي، ۽ جدا جدا هنڌن جون پراڪرت ٻوليون ڦري هاڻوڪيون سنڌي، هندي، گجراتي وغيره ٿيون آهن. هاڻ ويچار ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙن سببن ڪري سنسڪرت ۾ ايڏو ڦيرو پيو، جو اچي نوان نوان ويس ورتائين؟ هڪواريءَ انهن سببن جي سُڌ پوندي، ته پوءِ سمجهڻ سولو ٿيندو، ته ڪيئن سنڌي هينئر  به ڦرندي پيئي وڃي، ۽هن کان پوءِ به ڦرندي رهندي؟ هن باري ۾ علم لغات جي صاحبن جيڪي سبب ڄاڻايا آهن، سي دنيا جي سڀني ٻولين سان هڪجهڙا لاڳو آهن، پر مثال ڪن انگريزي ته ڪن سنسڪرت ڏنا آهن، تنهنڪري اسين پنهنجا سنڌي مثال ڏينداسين.

سبب پهريون- ڪشالي جو سنجم

277- ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو پهريون ۽ مکيه سبب آهي ”ڪَشالي جو سنجم“ (Economy of Effort)- وٺو مثال: ڪنهن ننڍڙي ٻار کي چئبو ته چئو ”ڪِنو“، ته چوندو ”اِنو“! ڇو ٿو ائين چوي؟ دنيا ۾ ڪا به ڳالهه ”سبب“ کان سواءِ ڪانه ٿي ٿئي. هن لاءِ به سبب آهن: ”ڪ“ جي اچار ڪرڻ لاءِ، سڀڪنهن ماڻهوءَ کي نڙيءَ جو منهن ’ Glottis or the opening of the wind-pipe‘چڱيءَ طرح کولڻو پوي ٿو، ته آواز ٻاهر نڪري، ساڳئي وقت ڄڀ جي پاڙ جو زور به لڳائڻو پوي ٿو، ته اکر چٽو ٿئي ته ٻيا پوريءَ طرح سمجهن- هيءُ ڪشالي گاڏڙ ڪم، ويچاري ننڍڙي ٻار کان نٿو پڄي، تنهنڪري هو”ڪ“ جو اچار ماڳهين ڪڍي ڇڏي، باقي ”ڪ“ جي هيٺان جيڪا زير يعني ”اِ“ جو اچار آهي، سو قائم رکي ”اِنو“ چوي ٿو. هو ائين ڪونه ٿو سمجهي، ته مون ڪو ”ڪ“ اکر ڪڍي ڇڏيو، هن جي ليکي ته اڳلي چيوئي ”اِنو“! هيءَ ته ننڍڙن ٻارن جي ڳالهه آهي، پر وقتي ساڱيا واڱيا ماڻهو اکرن تي پوريءَ طرح زور نٿا ڏين، ته لفظن مان اکر نڪريو وڃن- جهڙوڪ، ”ڪنڀڪار“ ۽ ”لوهڪار“ بدران چئون ”ڪنڀار“ ۽ ”لهار“ ”ڪ“ جو اچار وچ منجهان ئي نڪري ويو! هتي به چئبو ته اچار ڪرڻ ۾ گهٽ تڪليف ٿي- اهڙا مثال انگريزيءَ ۾ به گهڻيئي آهن *. هيءُ ته سولا لفظ آهن، پر جڏهن ڪنهن لفظ ۾ ٻه- ٻه بلڪ ٽي- ٽي حرف صحيح گڏي اچارڻا پون ٿا، تڏهن اهو ته هيڪاري ڪشالي گاڏڙ ڪم ٿيو پوي، جو جدا جدا اچارن ڪرڻ لاءِ نڙي، ڄڀ، چپن وغيره کي علحدي علحدي نموني چورڻو پوي ٿو! هوڏانهن انسان، پنهنجي ذاتي سڀاءَ ڪري، ائين چاهي ٿو ته سڀڪنهن ڳالهه ۾ جيترو گهٽ ڪشالو ٿئي، تيترو چڱو. انهيءَ ذاتي سڀاءَ ڪري، هو لفظن جي اچار ڪرڻ مهل به ڪشالي جو سنجم ڪري ٿو، جنهنڪري اچار بگڙيو وڃن. لاڙ جا ماڻهو ڪشالي جو سنجم گهڻو ٿا ڪن، جنهنڪري سندين ٻوليءَ ۾ گهڻو بگاڙو نظر اچي ٿو.

ٻوليءَ سان ٻار وڏا وَيل وهائين ٿا: ٻارن کي جيڪڏهن ڇيڪ ڇڏي ڏجي، ته ٻوليءَ کي جيڪر ڏاڍا هاڃا هڻن؛ پر گهرن ۾ مائٽ، ۽ اسڪولن ۾ ماسترياڻيون ۽ ماستر. کين صحيح اُچار سيکارين ٿا: ٻار جڏهن وڏو ٿئي ٿو، تڏهين پنهنجو به عقل اچيس ٿو ته صحيح اُچار ڪريان، متان ٻيا کلن ۽ چون ته ٻاتن جهڙا اُچار يا غلط اُچار ڪڍي ٿو- پر ٻوليءَ کي بگڙجڻ کان وڏي روڪ تڏهين ٿئي ٿي، جڏهن منجهس ساهت (لٽريچر) لکجڻ ۾ اچي ٿو: ساهت جي نهرن ۽چشمن ۾ ٻوليءَ جون گهڻو ڪري سڀ اوڻايون ڌوپيون وڃن. انهيءَ هوندي به ٻوليءَ ۾ ڪي ڪي غلطيون رهجيون وڃن، ته به اهي غلطيون ڪري نٿيون ليکجن- جهڙوڪ، ڪو ٻار يا وڏو، چاليهه، سٺ ۽ ستر بدران تاليهه، هٺ ۽ هتر چوندو ته مٿانئس کلنداسين، پر ايڪيتاليهه، ٻائيتاليهه، ايڪهٺ، ٻاهٺ ۽ ايڪهتر، ٻاهتر وغيره انگن ۾ اسين پاڻ اهڙا ٻاتن جهڙا اچار ڪريون ٿا، پوءِ پاڻ تان ڇو نٿا کلون؟ ڇاڪاڻ ته هاڻ اهي ئي اُچار رواج ۾ آهن، تنهنڪري اهي صحيح ليکبا. چوڻي به آهي ته ”غلط العوام، صحيح“ يعني جا غلطي، پڙهيل توڙي اڻپڙهيل ڪندا هوندا، تنهن کي غلطي نه سمجهبو، پر صحيح ڪري ليکبو- مطلب ته ٻوليءَ ۾ ”رواج“ وڏي ڳالهه آهي.

سبب ٻيو- ملڪ جي تاريخ ۾ تبديل

278- ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو ٻيو وڏو سبب آهي ”ملڪ جي تاريخ ۾ تبديل“- جهڙوڪ سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت ٿيڻ ڪري عربي، فارسي ۽ ترڪي لفظ سنڌي ۾ اچي ويا. سنڌيءَ ۾ ڌارين لفظ گڏجڻ ڪري، ٻولي گاڏڙ ٿي پيئي. ڌارين لفظن جي اچارن ڪرڻ تي اسان جن ماڻهن جو وات هريل نه هو: جيئن کين سولو لڳو، تيئن انهن جا اُچار ڪيائون، جنهنڪري هاڻ عربي لفظن ”رداءُ“، ”مطرقہ“ وغيره بدران چئون ”رَئو“،”مترڪو“ وغيره. انگريزن آئي انگريزي لفظ چالو ٿيا، ته انهن جا اچار به ماڻهن بگيڙيا، جنهنڪري انگريزي لفظ”سٽيشن“ بدران ڪي چون ”اسٽيشن“ ته ڪي چون ”ٽيشن“؛۽ ڊزن بدران چون ”درجن“- هي ته لفظ آهن، پر وقتي جملا ڦريو وڃن، جهڙوڪ؛ ”هو ڪمس ديئر؟“ پهريدار چون”هڪم در“

سبب ٽيون ڌاري ٻولي جو فخر

279- ٻولي جي بدلجڻ جو ٽيون سبب هيءُ آهي ته ”فاتح قوم جي ماڻهن جي ٻولي سکي، انهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙو ٿيڻ، فتح ٿيل ملڪ جا ماڻهو پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا آهن“. جيڪي، فاتح قوم وارن جي ٻولي نه سکندا آهن، سي به ايترو ڪندا آهن، ته انهن جا ڪي نه ڪي لفظ زور ڪري ڪم آڻيندا آهن!

شاهه، سامي، سچل ۽ آڳاٽن شاعرن ڪيترائي نج سنڌي لفظ ڪم آندا آهن- جهڙوڪ: ”ڪان“ معنيٰ گهوڙو، ”اُميٽ“ معنيٰ پلٽ، ۽ ”آسگهٽي“ معنيٰ سُرڪِي يا چُڪو- اڄڪلهه اهڙا لفظ ڪوبه ڪم ڪونه ٿو آڻي. ٻيا لفظ ته ٺهيا، پر بصر ۽ ٿوم، جي ٻيئي عربي لفظ (بصل ثوم)، سي اسان وٽ عام آهن! هن وقت رڳو ڪراچيءَ ۾ ڪڇي ۽ ٻيا، بصر بدران ”ڏونگري“ ۽ ٿوم بدران ”لسڻ“ لفظ ڪم آڻين ٿا: اُهي چون ”جام“ (ڄام)، پر اسين عام طرح چئون ”زيتون“. ٻهراڙين ۾ چون ”ڀوري“، پر اسين عام طرح چئون ”بلبل“! انهيءَ ريت، آڳاٽا لفظ وڃن متروڪ ٿيندا ۽ نوان ڌاريا لفظ وڃن انهن جي جاءِ وٺندا، جنهنڪري ٻولي وڃي ڦرندي. وقتي، لفظن جي اُچارن ڦرڻ ڪري معنيٰ ۾ ڦير پوي ٿو: جهڙوڪ ”تعويذ“ جو اچار ڦري ”تائيٿ“ ٿيو آهي، ته هاڻ ٻنهي لفظن جي معنائن ۾ ڦير آهي.

سبب چوٿون- لڙهه وچڙ

280- ”وڻج واپار يا ٻئي سبب، ٻين قومن سان لڙهه وچڙ ٿئي ٿي ته انهيءَ ڪري به هڪڙيءَ ٻوليءَ جا لفظ ٻيءَ ٻوليءَ ۾ اچي وڃن“- جهڙوڪ پورچوگيزن، فرينچن وغيره سان لڙهه وچڙ ٿيڻ ڪري، ”پورچوگيز“ وغيره لفظ، سنڌيءَ ۾ اچي ويا آهن. ملبار طرف سان لڙهه وچڙ هئڻ سبب، اسان وٽ اِٽي- ڏڪر راند ۾ دراوڙي انگ چالو ٿيا آهن- ائين به ٻوليءَ تي ٿورو ٿورو اثر ٿئي ٿو.

سبب پنجون کوٽي مناسبت ( False Analogy)

281- ٻوليءَ جي بدلجڻ جو پنجون مکيه سبب آهي ”کوٽي مناسبت“. ڊاڪٽر ڀنڊارڪر ان جا جيڪي مثال ڏنا آهن، تن مان ٿورا هي آهن:

سنسڪرت                         پراڪرت                               سنڌي مصدر

شروُ                                        سُڻ                                         سُڻڻ ٻُڌڻ

جڃا                                       ڄاڻ                                        ڄاڻڻ

سنسڪرت ۾ ”شروُ“ معنيٰ ”ٻُڌڻ“، ۽ ”شرڻوتي“ معنيٰ ”هُو ٻُڌي ٿو“. اهڙيءَ طرح ”شروُ“ ڌاتوءَ جي پٺيان ”ن“ (ڻ) رڳو زمان حال ۽ ٻين ٽن زمانن ۾ گڏبو آهي. پراڪرت ڳالهائيندڙن کي اهو پتو ڪونه پيو، ته ڪهڙن زمانن ۾ اهو”ن“ (ڻ) گڏڻ گهرجي. هنن ڇڪي مستقبل، اسم مفعول وغيره ۾ به ائين ڪيو، جنهنڪري هينئر ”سڻڻ“ لفظ جو ڌاتو ڄڻ ته ”سڻ“ آهي، نه ته حقيقت ڪري ”شروُ“ آهي. ائين ڄاڻ- ڄاڻڻ، وڪڻ-وڪڻڻ وغيره جي ڌاتن ۾ بالائي ”ڻ“ کوٽيءَ مناسبت ڪري اچي ويو آهي. هن وقت سنڌيءَ ۾ به ڪي ماڻهو کوٽيءَ مناسبت تي هلن ٿا- ڏسڻ مان ڏسجڻ، ۽ پسڻ مان پسجڻ لفظ جڙيا آهن، ته انهيءَ نموني ڪي ”لڀڻ“مان”لڀجڻ“ٺاهي ڪم آڻين ٿا- جهڙوڪ چون ته ”مون کان ڪتاب لڀجي ئي نٿو“.هيءَ غلط سنڌي آهي، چوڻ کپي ”لڀيئي نٿو“ ”لهڻ“ معروف۽”لڀڻ“ مجهول صورت وارو فعل آهي،تنهن ۾ مجهول جي نشاني ”ج“ گڏڻ،سو ٿيو فعل کي ٻيو ڀيرو مجهول صورت وارو ڪرڻ!

مطلب ته ماڻهن کي جيئن سولو سهنجو لڳي ٿو، تيئن هڪڙن لفظن جي نموني ٻيا آڻين! ڊاڪٽر ڀنڊارڪر انهيءَ کي سڏيو آهي:

 The law of false analogies, or of the generalization of grammatical forms, or formal genralisation.

بگاڙو معنيٰ واڌارو

282- ٻوليءَ جو بگاڙو جنهن کي چئجي ٿو، تنهن ۾ سچ پچ ته ٻوليءَ جو واڌارو آهي: سنسڪرت ۾ جيڪڏهن بگاڙو نه ٿئي ها، ته هيڏو ”ڌيئن جو ڌڻ“ (هندي، سنڌي وغيره) ڪيئن ڄڻي ها؟ هيءَ ته ٻولي آهي، پر رڳو لفظن جي بگڙجڻ ڪري به گهڻو ئي واڌارو ٿئي ٿو- وٺو مثال:

(1) ”تلڪ“ *،لفظ جو هندو ماڻهو پيشانيءَ تي ڏين ٿا، تنهن جا بگڙيل اچار: ”ٽِڪڙو“ (منهن ڏسي ٽڪڙو ڏيڻ)، ”ٽُڪرو“ (کائڻ وغيره جو)، ”ٽِڪَ“ (منڊيءَ جي، يا آرسي جي)، ”ٽِڪي“ مٺاڻ يا پٽاٽي وغيره جي)، ”ٽِڪلي“ (ٽپال وغيره جي)، ”ٽِڪلَ“ (وڏو لغڙ جو ٽڪ ٻڌي بيهي)، ”ٽِڪلي“ (ڪاغذ جي گول چتي)، ”ٽِلوُ“ ۽ ٽلي“ (ٽلو مل ۽ ٽلي ٻائي) آهن- هنن سڀني لفظن ۾ گولائيءَ جو خيال سمايل آهي.

(2) سنسڪرت لفظ ”چڪر“ (Chakara) معنيٰ چڪرو يا ڦيٿو- انهيءَ لفظ سنڌيءَ ۾ هيٺيون صورتون ورتيون آهن: چَڪَرِ، چَڪرو، چاڪ ۽ چيِڪلو(ڦيٿو) ، ڍڪرُ (گهمتاري) ، چَڪِ (ڪنڀار جو)، چَڪي (جانڊهه)، چڪلو (مانين ويلڻ لاءِ)، ۽ چيڪِلي (ڦيري پائڻ جي راند)- هنن سڀني لفظن ۾ به گولائيءَ جو خيال سمايل آهي. اهڙا مثال ٻيا به گهڻيئي آهن.

283- سنسڪرت لفظ ”وتسيه“، جا بگڙيل اچار: ”وَڇَ“ (مذڪر- پاڏو)، ”ٻٺڙو“ آهن. فارسيءَ ۾ ”وتسيه“ جو اچار ”بچه“ آهي. اهو فارسي لفظ سنڌيءَ ۾ آيو آهي، ته انهيءَ مان ”ٻَچو“، ”ٻچٽ“، ”ٻچڙو“،”ٻچيلو“ ۽ ”ٻچڙوال“ (ٻارن- ٻچن وارو) لفظ ٺهيا آهن. فارسي لفظ ”بچه“ سنڌيءَ ۾ آيو آهي، ته اسان کي ڪس ڪانه لڳي آهي- ڌاريا لفظ ٻوليءَ ۾ اچن ٿا، ته ٻولي برابر چُوچُو جو مربو ٿي پوي ٿي، پر ساڳئي وقت ٻوليءَ ۾ واڌ ٿئي ٿي. انگريزي ٻولي نهايت وسيع آهي، ته به جنگل، نوٽ، جمخانا (جماعتخانه) ۽ اسان جا ٻيا ڪيترائي ڏيهي لفظ ان ۾ اچي ويا آهن. عربي ۽ سنسڪرت پوتر ڀاشائون يا مقدس ٻوليون آهن، ته به انهن ۾ ڪي يوناني ۽ ٻيا لفظ اچي ويا آهن- مطلب ته سڀ ٻوليون ٻين ٻولين مان ڪي نه ڪي لفظ وٺن ٿيون، ۽ ڪابه ٻولي ڌارين لفظن کان آجي ڪانهي، تنهنڪري عربي ۽ سنسڪرت لفظن کي سنڌيءَ ۾ اچڻ کان روڪ ڪرڻ، پنهنجي تنگدلي ڏيکارڻي آهي. اهو ٿيندو ٻوليءَ جي واڌاري کي روڪڻ! جيڪڏهن ڪو ڳرا ڳرا عربي يا سنسڪرت لفظ سنڌيءَ ۾ گهلي آڻيندو، ۽ جي عام خلق جي ڪَن کي ئي ڪين وڻندا، ته ٻولي انهن کي هرگز چالو ٿيڻ نه ڏيندي!

284- لفظن جي ڳالهه ڇڏي، هاڻ اچو ته ڏسون ته ٻوليءَ ۾ ڪهڙو بگاڙو ۽ واڌارو ٿيو آهي؟ اسان کي رواجي گرامرن وارا قاعدا ڄاڻائڻا ڪينهن، پر رڳو ٻوليءَ جي تاڃي ۽ پيٽو جاچڻا آهن، جن ۾ اکرن ۽ اچارن سان لاڳاپو رکندڙ ڳالهيون (Phonology)، ۽ ٻوليءَ جي نحوي بناوت سان لاڳاپو رکندڙ ڳالهيون (Morphology) ويچارڻيون آهن.


 

*  Godly = Godlike. God-liness= god-like-ness.

*  ”تلڪ“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”ننڍڙو تر“. هندو پنهنجي پيشانيءَ تي سِنڌر وغيره سان ننڍڙو گول چڪرو (تر جيترو) ڪڍندا آهن. (تِل = تِل+ ڪ).


*  سنه 1890ع ڌاري سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب صاحب ٿورا هندو- سنڌي اسڪول کولايا، ۽ هندو- سنڌي آئيويٽا ۾ ماترائون گڏايائين- اهو ڪم سرڳواسي راءُ بهادر ديوان ڪؤڙيمل ڪيو هو- انهيءَ نئين آئيويٽا ۾ ڪي هندو- سنڌي ڪتاب به ڇپجي پڌرا ٿيا هئا.

* سنسڪرت ۾ ٽيٽيهه حرف صحيح آهن، ۽ اهي سڀ ساڳيا سنڌيءَ ۾ آهن: ايترو تفاوت آهي، ته سنسڪرت ۾ ”ش“ اکر ٻن قسمن جو آهي، ۽ سنڌيءَ ۾ رڳو هڪڙو ”ش“ اکر آهي. سنسڪرت ۾ ”ڊ“ جي هيٺان ٽپي يا ٻڙي ڏبي ته ”ڙ“  ڪري پڙهبو، سنڌيءَ ۾ ”ڊ“ ۽ ”ڙ“ ڌار اکر آهن. انهيءَ ريت  وري ساڳيا ٽيهه اکر اچي ٿين ٿا. ”ٻ“، ”ڄ“، ”ڏ“ ۽ ”ڳ“ جا اچار پوءِ سرائڪي ڳالهائيندڙن جي سنگ ۾ سکياسين- اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جا جملي ستٽيهه اکر آهن: انهن ۾ تيرهن اکر عربيءَ ۽ فارسيءَ وارا يعني ث، ح، خ، ذ، ز، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق ۽ چوڏهون اکر الف گڏي، ايڪونجاهه اکر ڪيا اٿن – حقيقتؤن،  الف (1) حرف علت ۾ ليکبو آهي، پر عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ا، و، ي، اهي ٽي اکر حرف صحيح توڙي حرف علت ٿي ڪم اچن ٿا. انهن مان جنهن به اکر جي مٿان يا هيٺان ڪابه اعراب ڏبي، ته اهو حرف صحيح ڪري ليکبو.

*  ٿورا ورهيه ٿيا،  ته ڪراچيءَ جي ”ڪيسري“ اخبار ائين صورتخطي ڦيرائي، ته ٻولي سمجهڻ کان ٻاهر ٿي پيئي! پوءِ ته اخبار بند ٿي ويئي. قدرت پنهنجا ڪم پاڻيهي پيئي ڪري. جيئن ”تفحص“، ”صبحاڻي“ وغيره جا اُچار ڦري ”تپاس“ ”سڀاڻي“  وغيره ٿيا آهن، تيئن ٻيا به اچار پاڻيهي پيا ڦرندا: ڄاڻي ٻجهي ڪنهن به ٻوليءَ سان هٿچراند نه ڪرڻ گهرجي.

*  ڪي صاحب چون ته اها آئيويٽا سنه1866ع ۾ ڪئپٽن جارج سٽئڪ سُڌاري، پر اها غلط ڳالهه آهي. ڪئپٽن سٽئڪ سنه 1856ع ڌاري گذاري ويو هو، ۽ آئيويٽا گهڻو پوءِ سڌاري هئائون.

* There are some twelve or thirtreen different (Hindu-Sindhi) alphabets cuarent in sind, some of which differ very widely from the others of late, however, the Arabic character, though ill-adopted to express Sindhi Sounds; has come into common use, and a modification of the Devanagari is proposed for adoption, though I believe it is not actually employed by any class of Sindhians.

Jhon Beames “ Comparative Grammar of the Modern Aryan Languages of India” Vol. I, P. 55. Footnote.

*  “The use of, different scripts for the languages of India is a source of great inconvenience to us and a hindrance to national solidarity”.

Dr. P.J. Thomas” COMMON SCRIPT”- “Sind Observer”, Karachi, 16-1-1941,P.8. column 1.

*  1. Whathen W. H “ A Grammar and Vocabulary of the Sindhi Language’ Bombay 1836

2. Eastwick, E. B: “Vocabulary of the Sindhi Language”, Folio, Bombay, 1843.

3. Leech; R “ Vocabularies of Seven Languages Spoken in the Countries West of the Indus”, Bombay, 1843.

4. Stack, Captain George A Dictionary. English and Sindhi. Bombay, 1819.

5.  Stack, Captain A Grammar of the Sindhi Language, Bombay, 1849.

6.  Stack; Captain; A Dictionary, Sindhi and English, Bombay, 1855:

7.  Lakishman Vishnu Parajpye: English and Sindhi Dictionary, Bombay, 1868.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org