باب چوٿون سنڌيءَ
جون خوبيون ۽ خاصيتون
اسمن جون پڇاڙيون
331- سنڌي ٻوليءَ جي پهرين مکيه خاصيت يا خاص
ڳالهه هيءَ آهي ته: ”سنڌيءَ جي ڪهڙي به لفظ جو
پهريون توڙي پويون اکر ’ساڪن‘ ڪونهي“: سنڌيءَ ۾
سڀڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ يا ته ڪو حرف علت، يا ته
ڪا اعراب، آهي ئي آهي
.
اهو نمونو، ڪشميري ۽ اُڙيا يعني اڙيسا جي ٻولين
کان سواءِ؛ ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ ته ڪونهي،
پر خود سنسڪرت ۾ به ڪونهي!
جنس سڃاڻڻ جي سهولت
332- سنڌيءَ ۾ جيڪي به ڌاريا لفظ عام ٿي ويا آهن ۽
پڇاڙي وارو اکر ساڪن اٿن، تن ۾ به سندن جنس پٽاندر
هڪ نه ٻي اعراب گڏيون ٿا. ائين ڄڻ ته سنڌي ٻولي
انهن کي اهو ٺپو هڻي، پنهنجو ڪري ڇڏي ٿي، جنهن ڪري
اُنهن جي جنس سڃاڻڻ نهايت سولي ٿئي ٿي
.
عدد سڃاڻڻ جي سهولت
332- سنڌيءَ ۾ ”هَٿُ“ (”اُ“ پڇاڙي) جمع ”هَٿَ“
(”اَ“ پڇاڙي) ائين عدد جي جهٽ سُڌ پوي ٿي.
هندستانيءَ ۾ گهڻن لفظن جي پڇاڙيءَ وارا اکر ساڪن
آهن، تنهنڪري ”هاٿ“ وغيره لفظ، واحد توڙي جمع ۾
ساڳيا آهن.
(الف) سنڌيءَ ۾ ڪهڙي به ڌاريي لفظ جنهن وقت سنڌيءَ
جي مذڪر يا مونث پڇاڙي ورتِي، تنهن وقت ڄڻ ته سنڌي
لفظ ٿي چڪو، ۽ ان جو جمع پوءِ سنڌي نموني جوڙبو-
جهڙوڪ: ”ڪورٽ“ جمع ”ڪورٽون“ (Courts)،
”حرفُ“ جو جمع عربيءَ ۾ ”حرُوف“، پر سنڌيءَ ۾ چئبو
”حرفَ“، ”حرفَ پٽي ڪڍڻ“ بدران ”حروف پٽي ڪڍڻ“ چئبو
ته اهو اصطلاح ئي غلط ليکبو!
(ب) ”تاريخ“ معنيٰ ”تِٿ“ (Date)،
۽ ٻي معنيٰ عربيءَ ۾ ان جو جمع ”تواريخ“، پر ڪي
لکن ”هندستان جي تاريخ“ يا ”انگلينڊ جي تواريخ“!
ڪتاب ۾ احوال رڳو هندستان يا انگلينڊ جو، ته واحد
لفظ ”تاريخ“ ڪم آڻڻ گهرجي.
لفظن جي وزن جو خيال
334- مذڪر ”ڇوڪرو“ مونث ”ڇوڪري“، پر مذڪوره
”ڇوڪرو“ مونث ”ڇوڪر-“ هتي ”ڇوڪرو“ (”او“ پڇاڙي) جو
اچار گهٽائي ”ڇوڪرو“ (”اُ“ پڇاڙي) ڪيو اٿئون، ته
مونث لفظ ”ڇوڪرِ“ (”اِ“ پڇاڙي) ڪيو اٿئون. ساڳيءَ
ريت ”ڇوڪرو“ جمع ”ڇوڪرا“، ”ڇوڪرو“ جمع ”ڇوڪر“ انهي
ريت، جمع جوڙڻ مهل به جمع واري ”آ“ پڇاڙيءَ کي
گهٽائي ”اَ“ ڪريون ٿا. ائين ڄڻ ته لفظ جو وزن پورو
ڪري بيهارجي ٿو. رڳو شعر ۾ وزن جو خيال ڪبو آهي.
پر هن ريت، مونث ۽ جمع جوڙڻ مهل وزن جو خيال رڳو
سنڌي ٻولي ڪري ٿي.
حالتن ۽ صفتن واريون پڇاڙيون
335- اسمن جي حالتن وارين پڇاڙين ۽ صفتن جي ڀيٽ جي
درجن وارين پڇاڙين جا نشان رڳو سنڌيءَ ٻوليءَ
سانڍيا آهن.
”مجهول“ لفظن جوڙڻ جي سهوليت
336- ”مان ماريان ٿو“- معروف صورت.
”مان مارجان ٿو“
–
مجهول صورت.
هن ريت رڳو ”ج“ (سنسڪرت ”يه“) گڏڻ سان، معروف صورت
واري فعل کي مجهول صورت وارو ڪري سگهجي ٿو. اها
سهولت هندستانيءَ ۾ ڪانهي، تنهنڪري ”مارجان ٿو“
بدران چون ”مين مارا جاتا هون“ يعني ” مان ماريو
وڃان ٿو“! اهڙيءَ طرح، فعل کي مجهول صورت ۾ آڻڻ
لاءِ ”جاتا“ (مصدر
–
جانا) گڏي، مرڪب فعل ٺاهين ٿا. هندستاني جملي جو
انگريزيءَ ۾ اکري ترجمو ڪبو ته چئبو:
I go being beaten i e. I am beaten.
هيءُ ترجمو بڇڙو پيو لڳي. اسان جو سنڌي جملو
نهايت سهڻو ۽ سولو آهي- سرائڪيءَ ۾ به ”ج“ گڏين
ٿا.
مستقبل
337- سنڌيءَ ۾ چئون ”ڪندس“، ته هندستانيءَ ۾ چوَن
”ڪرونگا“. هن جو اکري ترجمو ڪبو ته ٿيندو.
i.e. I shall do
(ڪرون)
that I do
(گا)
I am gone
هن طرح مستقبل جو اکري ترجمو ڪجي ٿو ته بڇڙو پيو
لڳي، جنهنڪري چئبو ته سنڌيءَ ۾ مستقبل سهڻيءَ طرح
جُڙي ٿو. شڪارپوري چَون ”ڪندم“.
”ٻٽو بالواسطہ“
338- سنڌيءَ ۾ متعدي فعل ٽي صورتون (Voices)
وٺن ٿا. معروف، مجهول ۽ بالواسطہ
سنڌيءَ ۾ ٻٽو بالواسطہ
به آهي، جو ٻين ٻولين ۾ ڪونهي.
کوهه کڻ يعني تون کڻ- کوهه کڻاءِ معنيٰ تون ٻئي
کان کڻاءِ. کوهه کڻاراءِ يعني تون ٻئي ڪنهن کي چئو
ته اهو ٻئي ڪنهن کان کوهه کڻارائي. سنڌي ٻوليءَ جي
هيءَ به هڪ وڏي خوبي ليکبي.
ضميري پڇاڙيون
339- ضميري پڇاڙيون رڳو سنڌيءَ، سرائڪيءَ ۽
ڪشميريءَ ۾ آهن. هنديءَ، گجراتيءَ ۽ ٻين ڏيهي آريه
ٻولين اهي وڃائي ڇڏيون آهن، جنهن ڪري چئبو ته اسان
جي سنڌي ٻولي هڪ ڳنڍيندڙ ڪڙو يا وچ وارو ڏاڪو آهي،
جا هندستان جي ٻولين کي ايراني ٻولين سان ڳنڍي ٿي.
سنڌي ٻوليءَ اهي پڇاڙيون سانڍيون آهن ته اها سنديس
هڪ وڏي خاصيت يا خاص ڳالهه ڪري ليکجي ٿي
.
وري ڏسو ته اهي ڪم ڪيئن ٿا آڻيون! ”ماريائين“
معنيٰ ”هن ماريو“. پر ڪنهن کي؟ ”ماريائنم“ معنيٰ
”هن مون کي ماريو“ ، هن ريت هڪڙي ئي فعل ۾ ٻه
پڇاڙيون گڏي فاعل توڙي مفعول جي معنيٰ ظاهر ڪئي
آهي. هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي خوبي چئبي، جو هن
طرح فقط هڪ لفظ ڪم آڻڻ سان سڄي جملي جو مطلب ظاهر
ڪري سگهجي ٿو. هنن پڇاڙين ۾ ٻيون به خوبيون آهن
جهڙوڪ:
(1) ڏنم
=
مون ڏنو
–
”مون“ حالت فاعلي، پر سچ پڇ ته
حالت سببي (
Instrumental Case)
(2) مون رپيا ڏنس
=
مون هن کي ڏنا- ”هن“ حالت امدادي
(
Dative Case)
(3) ويٺو هوندوسانءِ
=
تولاءِ ويٺو هوندس- ”تو“
حالت امدادي.
(4) گڏجي وڃينس
=
هن سان گڏجي وڃ. ”هن“
حالت سببي.
(5) مائٽ آهيانءِ
=
تنهنجو مائٽ آهيان- ”تنهن“
حالت اضافت.
(حقيقتؤن ”تنهنجو“ صفت آهي.)
(6) رپيا وٺي اچجانس
=
هن کان وٺي اچج
–
”هن“
حالت جري.
چور ڀڄيوَ ٿو
=
توهان کان ٿو ڀڄي- ”توهان“
حالت جري.
(7) دير لاتي اٿس، تون وڃينس:
وڃينس
=
هن ڏي وڃ- ”هن“ حالت مڪاني.
ڏيو ٿو وسامي، تيل وجهينس:
وجهينس
=
هن ۾ وجهه- ”هن“ حالت مڪاني.
ڇو ٿو پاڻي وجهينم
=
مون تي وجهين. ”مون“
حالت مڪاني.
(8) پٽم
=
اي منهنجا پٽ ! حالت ندا (Vocative).
هن ريت انهن پڇاڙين مان جدا جدا قسم جي حرف جر جي
معنيٰ پاڻمرادو پيئي نڪري. جنهنڪري اسمن ۽ ضميرن
جي اٺن ئي حالتن جي معنيٰ پاڻمرادو ظاهر ٿئي ٿي.
سنڌيءَ وانگر ڪشميري ۽ سرائڪي گهڻيون خوبيون نٿيون
ڏيکارين، ڇاڪاڻ ته رڳوسنڌي ٻولي آهي جنهن ۾
فارسيءَ ۽ پشتو وانگر اسم، حرف جر ۽ فعل سان اهي
پڇاڙيون گڏبيون آهن.
اڪر ترڪ يا فعل بيفاعل
340- آڳاٽا آريا لوڪ، مڌيه ديش ۾ هماليه جبل جي
حدن تائين پَٽ والاري ويٺا هئا، ته ٿٻيٽ ۽ برما جي
رهاڪن سان لڙهه وچڙ ۾ آيا، ۽ انهن وانگر، مجهول
صورتن وارا جملا جوڙڻ لڳا (”لنگئسٽڪ سروي“ جلد 1).
ڀانئجي ٿو ته ”اڪر ترڪ“ فعل انهيءَ زماني جو
يادگار آهي- جو هن وقت سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن
به يورپي توڙي ڏيهي ٻوليءَ ۾ ڪونهي، جو جملي جوڙڻ
لاءِ فاعل ضرور کپي.
”رستي تي هلبو آهي، باغ ۾ گهمبو آهي“، ”ڊوڙ جي ٿو،
ته پگهر ٿئي ٿو“- ههڙن جملن ۾ رڳو ڪا عام حقيقت
ڄاڻائجي ٿي ۽ ڪنهن خاص ماڻهوءَ يا شئي جي ڳالهه
نٿي ڪجي، تنهنڪري ههڙن جملن کي فاعل ٿيندوئي
ڪونهي. انهيءَ سبب اهڙن جملن جو صحيح ترجمو ڪنهن
به ٻوليءَ ۾ ڪري ڪين سگهبو.
باب پنجون
لفظن
جي بناوت
عربي لفظن جي بناوت
341- عربي ٻوليءَ جو هڪ
–
هڪ لفظ وزن تي بيٺل آهي، تنهنڪري لفظن جوڙڻ، توڙي
لفظن جي بنياد ڳولي لهڻ ۾ گهڻي سهولت ٿئي ٿي.
342- عربي لفظن جو ڌاتو يا بنياد اڪثر ٽن حرفن
وارو ٿئي ٿو، جن مان ”فعل“ (ف،ع،ل) لفظ مکيه آهي.
اهو لفظ خود وزن آهي ۽ ان ۾ ٻين ڪن زائد اکرن گڏڻ
سان ٻيا وزن ٺهن ٿا، جهڙوڪ: ”فعل“ لفظ مان ”فاعل“
۽ ”مفعول“ لفظ ٺهيا آهن. اهي لفظ به وزن آهن، ۽
انهن تي جيڪي لفظ جڙيل آهن تن جا مثال هي آهن:-
فعل فاعل مفعول (سہ
حرفي بنياد”فعل“)
عشق عاشق معشوق ( ”
” ” ”عشق“)
قتل قاتل مقتول (
” ” ” ”قتل“)
حسد حاسد
محسود ( ”
” ” ”حسد“)
343- ”فعل“ لفظ ۾ زائد اکر گڏي ٻيا به ڪي وزن
ٺاهيا اٿن، ۽ انهن تي جيڪي لفظ ٺهيل آهي، تن جا
ٿورا مثال هر هڪ وزن جي سماهون ڏجن ٿا:
اَفعل:
اَشرف، اَڪبر ۽ اَعظم.
سہ
حرفي بنياد جي اڳيان ”اَ“ گڏڻ سان هن وزن جا لفظ
ٺهن ٿا، ۽ اهي صفت تفضيل يا صفت مبالغي جي معنيٰ
ظاهر ڪن ٿا، جهڙوڪ:”اشرف“ معنيٰ ٻين کان يا سڀني
کان شرف يا مان ۾ وڌيڪ.
اَفعال:
فعل جو جمع افعال، خبر- اخبار ۽ سبب اسباب. سہ
حرفي بنياد جي پهرئين اکر جي اڳيان الف، ۽ پوين
اکرن جي وچ ۾ به الف گڏڻ سان هن وزن جا لفظ ٺهن
ٿا- انهيءَ وزن تي جمع لفظ ٺهيل آهن.
مفعل:
مڪتب، مشرق ۽ مغرب.
فعيل:
ڪريم، رحيم، حسين ۽ دليل.
(وزنن جي وڌيڪ قسمن لاءِ ڏسو عربي۽ فارسي گرامر.)
344- سہ
حرفي بنياد وڌائڻ لاءِ جيڪي زائد اکر گڏجن ٿا، سي
جملي ست آهن:
ا-ت-س-م-ن-و-ي (تسمنوا)
مثال لاءِ ”ناظر“”منظور“ ۽ ”منتظر“ لفظ وٺو هنن
مان زائد اکر ڪڍي ڇڏبا، ته سہ
حرفي بنياد ملندو”نظر“.
(الف) ”سجدو“، ”سجادو“ ۽ ”مسجد“ لفظن مان زائد اکر
ڪڍي ڇڏبيا، ته سہ
حرفي بنياد ملندو.”سَجد“ معنيٰ سجدو ڪيو- اهڙي
ريت سہ
حرفي بنياد، سدائين زمان ماضي مطابق ۽ ضمير واحد
غائب جي معنيٰ ڏيکاري ٿو.
سنسڪرت لفظن جي بناوت
345- سنسڪرت لفظن جي بناوت عربيءَ کان بنهه علحدي
آهي. سنسڪرت ۾ رڳو هڪڙو
–
ٻه ڌاتو ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ: ”اِ“ معنيٰ وڃڻ، ”جِي“
معنيٰ جِتڻ يا کَٽڻ. سنسڪرت ۾ سڀ لفظ ڌاتن مان ٺهن
ٿا.
346- سنسڪرت جي هر هڪ اسم جا ٽي ڀاڱا آهن، جهڙوڪ:
سنسڪرت لفظ ”نرس- نرهه“ ، جنهن جو اچار سنڌيءَ ۾
آهي ”نر“ معنيٰ مذڪر يا مرد (مونث- ”مادي“). هن ۾
”ن“ آهي ڌاتو ان جي پٺيان ”اَ“ پرنج يا پڇاڙي (Suffix)
گڏبي ته اهو ٺهيو ”اَنگ“
Stem،
۽ انهيءَ سان ”س“ پڇاڙي
Termination
گڏبي ته لفظ ٺهندو ”نرس“ ، پر عام طرح ”س“ مٽجي
”هه“ ٿئي ٿو تنهنڪري سنسڪرت ۾ چون ”نرهه“ معنيٰ
مرد. انهيءَ ريت لفظ ٺهي ٺڪي تيار ٿئي ٿو. ان جي
پٺيان جدا جدا حالتن واريون پڇاڙيون گڏبيون، ته ان
جو ڦيرو آسانيءَ سان ٿي سگهندو.
247- سنسڪرت ۾ ”اَ“ انگ‘ (Stem)
وارن اسمن سان، ”ي“، ”ر“، ”ل“، ”و“ يا ”م“، ”ڪ“،
”اَن“ وغيره پڇاڙيون گڏي اسم ۽ صفت ٺاهين ٿا، جن
مان ”ي“ اڪثر مونث لفظن ۾ ڪم اچي ٿي.
ر:
سمدر- سمنڊ، چندر- چنڊ، ديور- ڏير (مڙس جو ڀاءُ)،
چڪر- چڪرو يا ڦيٿو.
ل:
ڪمل- ڪنول (گل)، ڪنڊل-منڊل، ڪوڪل- ڪوئل، صفتي لفظ
چنچل ۽ شيتل- سيتل، يعني ٿڌو.
و:
پارشُو- پاسو، پورو (Puroa)-
پورب (اڀرندو).
م:
ڌوم- دونهون، ۽ گرام- گام (گانءُ
=
ڳوٺ).
ڪ:
سڙڪ (سڻڪ
=رستو)،
۽ ڪٽڪ. سنسڪرت ۾ ئي ان جو اچار اَڪ، اِڪ، اُڪ ٿئي
ٿو، سنڌيءَ ۾ ان جا اچار اِڪ، اِڪو، اَڪ، اَڪو
وغيره آهن، جهڙوڪ: بيٺڪ، ڪٽڪ، ڦاٽڪ، چيڙاڪ، پياڪ،
اُڊڪو، ڦٽاڪو، پهاڪو، پروڪو، هيلوڪو وغيره. ڪيترن
لفظن ۾ ”اَڪ“ جو اچار ڦري ”او“ ٿيو آهي، جهڙوڪ:
واڍو، چيرو ۽ ٽوٻو (ٽٻي ڏيندڙ)
ڪار:
چمتڪار. سنڌيءَ ۾ به وڻڪار، جهڻڪار، ڀڻڪار.
اِن:
سوامن (سوامي- سوامين سائين- ساءِ)، هستن، هاٿي
ڌنن (ڌني
=
ڌن وارو).
اَن:
هن پڇاڙيءَ مان سنڌيءَ ۾ مصدر ٺهن ٿا، تنهنڪري هن
جو ذڪر ڌار ڪبو.
348- عربيءَ ۽ فارسيءَ وانگر سنسڪرت ۾ ڪي اڳاڙيون
(
Prefixes)
آهن، جي نج سنسڪرت لفظن يا سنسڪرت مان ٺهيل سنڌي
لفظن سان ڳنڍيون ڳُتيون پيون آهن، جهڙوڪ:
پر:
پرڪاش، پرڀُو (ڌڻي).
اُپ:
ٻيٽ- اُپٻيٽ، سمنڊ- اُپسمنڊ.
اَو:
گُڻ- اوگُڻ، تڙ- اوتڙ.
سُ:
(ضد ”ڪ“). لڇڻ- سلڇڻ- ڪلڇڻ.
سَ:
(ضد ”اَ“ ، ”نه“ يا ”ڪ“). سدورو- اَدورو- ندورو،
سَڌا تورو- ڪَڌا تورو معنيٰ بڇڙي سڀاءَ وارو.
ڪن اڳياڙين جا اچار بگڙيل آهن، جهڙوڪ سنسڪرت
”دشڪال“ ۽ ”دربل“ بدران چئون ”ڏڪار“ ۽ ”ڏٻل ڏٻرو“.
ائين ”دش“ ۽ ”در“ بدران فقط ”ڏ“ چئون ٿا.
سنسڪرت ”اُتڪنٺ
=
اُڪنڊ“ (”اُت“- ”اد“ بدران ”اُ“).
سنسڪرت ڌاتو ”لپ“ معنيٰ ٻولڻ يا چوڻ، ان جي پٺيان
”اَن“ پڇاڙي گڏي چون ”لپن“، جنهن جو اچار سنڌيءَ ۾
”لئڻ“ (لات لنوڻ). ”لپن“ سان ”سم“ ۽ ”اپ“ گڏي چون
”سملپن“ ۽ اپلپن، جن جا اچار سنڌيءَ ۾ بگڙجي ٿيا
(سلپڻ) سلڻ معنيٰ سچي ڪرڻ ۽ (اَپلڻ) ”اَلڻ“ معنيٰ
سچي نه ڪرڻ، قديم سنڌيءَ ۾ ”اَپلڻ“ به چوندا هئا:
”آيل!ڪريان ڪيئن!منهنجو نينهن اَپليو نه رهي.“
(شاهه)
”اَپليو“ معنيٰ لڪل يا ڳجهو“ ”اَپلڻ“ معنيٰ لڪائڻ.
سنڌي لفظن جو ڌاتو
349- سنسڪرت ۾ ”ڪَٿ“ معنيٰ چوڻ يا تخمينو ڪرڻ اُن
جي پٺيان مونث پڇاڙي ”اِ“ گڏڻ سان ”ڪٿا“ (ڪٿا
ڪيرتن) ۽ ”اَن“ گڏڻ سان ”ڪٿن“ لفظ ٺهيا آهن.
”ڪري ڪير ڪٿن، آگي جي اسرار جو؟“
سنسڪرت جو اهو اسم سنڌيءَ ۾ اسم مصدر (ڪٿڻ) آهي.
ساڳيءَ ريت سنسڪرت ڌاتوُ ”پوجه“ مان ”پُوجا“
(پوڄا) ۽ ”پُوڄڻ“ لفظ ٺهيا آهن. سنڌيءَ ۾ سڀ مصدر
”اَڻ“ يا ”اِڻ“ (سنسڪرت ”اَن“) پڇاڙي وٺن ٿا ۽
سڀني مصدرن جي پڇاڙيءَ ۾ پيش يعني ”اُ“ آهي.
سنڌيءَ ۾ سڀڪنهن امر واحد جي پڇاڙيءَ ۾ ”اُ“ يا
”اِ“ (سنسڪرت ”اَ“) آهي. اها پڇاڙي ڪڍي ڇڏبي ته
باقي بچندو ڌاتو. سنسڪرت ڌاتو ”ڪَٿ“ جو اچار
پراڪرت ۾ ”ڪهه“ آهي، جنهن مان سنڌي لفظ ”ڪهڻ
(چوڻ)، ”ڪَهڻِي“ (چوڻي)، ۽ ”ڪهاڻي“ (آکاڻي) ٺهيا
آهن. هاڻ انهن لفظن جو ڌاتو ”ڪهه“ ليکبو، پوءِ فڪر
نه آهي جيڪڏهن اصل سنسڪرت ڌاتو ”ڪٿ“ آهي. سنڌيءَ
جا گهڻو ڪري سڀ لفظ، اسم توڙي فعل، سنسڪرت ۽
پراڪرت ڌاتن مان ٺهيل آهن. انهن ڌاتن جي پٺيان اسم
ذات، صفت وغيره جوڙڻ لاءِ جيڪي پڇاڙيون گڏيون ٿا،
سي سڀ سنسڪرت بنياد جون آهن.
|