باب ٻيون آريه
لوڪ ۽ سنسڪرت
آرين جون بيٺڪون
14- رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو، ته آڳاٽا آريه لوڪ
جدا جدا ڪلن يا خاندانن ۾ ورهايل هئا، جن مان پنجن
ڪلن وارا مکيه هئا، جنهنڪري ’پنج جن‘(Five
folks or Five people)
لفظ رگ ويد ۾ گهڻا گهمرا ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري
معنيٰ آهي ’پنج ڄڻا‘. انهن مان هڪڙا پروُ، ٻيا
آنوُ، ٽيان درهيوُ، چوٿان يدوُ ۽ پنجان تروسوُ
هئا. تازين کوجنائن موجب چون ٿا ته سڀ آريه لوڪ
وچ-ايشيا کان ايران واري واٽ وٺي، اتر-هندستان ۾
آيا، باقي دوُ ۽ تروسوُ آرين بابت ته خود رگ ويد ۾
لکيل آهي، ته اهي سمنڊ جي رستي آيا هئا ۽ اِندر
ديوتا کين سلامتيءَ سان آڻي پهچايو هو.
وڌيڪ کوجنائن سان يوروپي لوڪن کي يقين ٿيو آهي،ته
ها هي يدوُ ۽ تروسوُ بابل يا بئبلان کان سمنڊ جي
رستي اچي، اول سنڌ ۾ رهيا هئا، انهن کوجنائن جا
بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ ڏنل آهن،
جن مان ٿورو مضمون سنه 1910ع ۾ سنڌ ڪاليج مسيلني ۾
ڇپجي پڌرو ٿيو هو.
يوروپي عالمن جو چوڻ آهي ته آڳاٽن آرين جي بئبلان
(بابل) سان لهه وچڙ هئڻ ڪري، انهيءَ طرف ڪي لفظ
سنسڪرت ۾ اچي ويا، مثلاً ’مَڻ‘ (سنسڪرت ’من‘-40
سير) بئبلونيا جو لفظ آهي، جو فارسيءَ ۾ به اچي
ويو آهي. اهڙو ٻيو لفظ ’ڪنس‘ آهي جنهن جو اُچار
سنڌيءَ ۾ آهي ’ڪنجهو‘(ساڳيءَ طرح ’هنس‘ جو اُچار
ڦري ٿيو ’هنجهه‘-هنج پکي).ڀانئجي ٿو ته ڪنجهي جي
باسڻ جوڙڻ جو رواج ئي بئبلونيا طرف جي ماڻهن وٽان
سکيا آهيون.
15- رگ ويد ۾ سڀني ڪلن جي آرين بابت ڄاڻايل آهي،ته
اهي ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري
ويٺا هئا، جن مان پنج نديون پنجاب واريون هيون،
ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو، جنهن ۾ سنڌونديءَ جون
ڀرتي ڪندڙ نديون(ڪابل ندي وغيره) به ليکيون وڃن
ٿيون. انهن ستن ئي ندين کي گڏي ’سپت سنڌو‘ يعني ست
درياء سڏيندا هئا، جنهن جو اُچار پارسين جي
زنداويستا ۾’هپت هندو‘ لکيل آهي.
انهيءَ ايراضيءَ ۾ سنڌ، پنجاب ۽ گنڌار (هاڻوڪو
پشاور ۽ ان جو آسپاس وارو ملڪ) اچي ٿي ويا.
هندستان جي ٻين ڀاڱن (بينگال وغيره ۾) اڻ آريه
قومون رهنديون هيون.
سنڌ ۾ پنچالن جي حڪومت
16- رگ ويد جي پهرين ئي پهرين منڊل مان معلوم ٿئي
ٿو، ته انهيءَ قديم زماني ۾ سنڌ جو راجا سونه
ڀاويه (Svanya
Bhavaya)
هو، جنهن جي راڻيءَ جو نالو ”روماسا“ هو. اهو راجا
ڪروي (Krivi)
آرين مان هو، جي پوءِ ”پنچال“ سڏجڻ ۾ آيا. انهن
سان ڪي اسڪني (چناب) نديءَ جي ڪناري تي، ته ڪي
سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا. سندن سؤٽ ’پروُ‘
آريه لوڪ هئا، جن مان ڪي شتدري (ستلج) ته ڪي
سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا. اهي سنڌ ۽
پنجاب وارا آريه لوڪ هئا. جن اڻ آريه لوڪن يعني
دراوڙن وغيره سان جنگيون جوٽي، پنهنجو دڳو ڄمايو ۽
پنهنجي سنسڪرت ٻوليءَ جو ڦهلاءُ ڪيو، جنهن مان
پوءِ سنڌي، هندي وغيره ٻوليون پيدا ٿيون.
ويدڪ سنسڪرت
17- هندن جا چار ويد آهن، جن مان رگ ويد سڀني کان
آڳاٽو آهي، رگ ويد ۾ جيڪي منڊل (باب) آهن، سي جدا
جدا زمانن جا لکيل آهن، تنهنڪري خود رگ ويد جي
ٻوليءَ ۾ ڦير آهي. رگ ويد جون ڪي ڪي (رچنائون
Hymns)
اهڙيءَ ڪنهن قديم سنسڪرت ۾ لکيل آهن، جو جيڪي رشي،
ويدن واري زماني کان سگهو ئي پوءِ ٿي گذريا، سي به
انهن جو مطلب سمجهي نٿي سگهيا، جا حقيقت ڊاڪٽر
ڀنڊارڪر پنهنجي ڪتاب ’ولسن فئلالاجيڪل ليڪچرس‘(علم
لغات بابت تقريرن جي صفحي 16) ۾ ڄاڻائي آهي. ٻين
ٽن ويدن جي ٻوليءَ ۾ به ٿورو ٿورو ڦير آهي، پر
ٿلهي ليکي انهن چئني ويدن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کي
’ويدڪ سنسڪرت‘ يعني ويدن جي زماني واري سنسڪرت
سڏيو اٿن. سر گريئرسن ۽ ڪن ڏيهي عالمن جو چوڻ آهي،
ته آڳاٽا آريه لوڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾، توڙي لکپڙهه
۾ جيڪا ٻولي ڪم آڻيندا هئا، تنهن جو مثال رگ ويد
واري ٻولي سمجهڻ گهرجي.
آرين جو مڌيه ديش ڏي وڃڻ
18- رگ ويد کان پوءِ يجرويد آهي، جنهن ۾ سنڌونديءَ
۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين جو نالو به ڪونهي
آڳاٽن آرين مان جيڪي ’پروُ‘ آريه لوڪ هئا، تن مان
هڪ راجا ’ڪرو‘ ٿي گذريو آهي، تنهن جي نالي پٺيان
ڪي پاڻ کي’ڪرو‘به سڏائيندا هئا، جن جو اولاد پوءِ
ڪورو ٿيا، جي پانڊون جا سؤٽ هئا. اهي ’پروُ‘ يا
’ڪرو‘ آريه لوڪ ۽ سندن ڏورانهان سؤٽ ’پنچال‘، جن
جي سنڌ ۾ حڪومت هئي، تن مان ڪيترا يجرويد واري
زماني ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا وڻ ڇڏي، هاڻوڪن آگري ۽
ائوڌ جي گڏيل پرڳڻن ڏي ويا. اُتي جنهن هنڌ بيٺڪون
وڌائون، سو هنڌ سندن نالن جي پٺيان ڪرو-پنچال ديش
سڏجڻ ۾ آيو. انهيءَ پاسي ٻيا آريه لوڪ به رفتي
رفتي ايتريقدر ٽڙي پکڙي ويا، جو هماليه جبل کان
وٺي ونڌيا جبل تائين سمورو ملڪ سندن ٿيو ۽ اهو
مديه ديش يعني وچولو ملڪ
Midland
سڏجڻ ۾ آيو. اهو ‘آريه ورت‘ يا آرين جو کنڊ به
ڪوٺجي ٿو. انهيءَ پاسي هو ٻين اڻ آريه قومن سان
لڙهه وچڙ ۾ آيا، ته سندين ٻوليءَ ۾ ڪجهه بگاڙو
ٿيو، پر سنڌ جي سنسڪرت اڃا ٺيٺ هئي. اڄ به سنڌي
ٻوليءَ ۾ قديم سنسڪرت جا ڪي اهڙا نشان آهن، جي
مڌيه ديش جي هاڻوڪي هنديءَ يا هندستانيءَ (اردو) ۾
ڪينهن.
سنڌ ۽ پنجاب جي گڏيل حڪومت
19- يجرويد واري زماني ۾ ڪيترا آريه لوڪ سنڌ ۾
پنجاب مان لڏي مڌيه ديش ڏي ويا، ته آنو آريه لوڪن
جو مڪو مچي ويو. اُهي پنهنجي تمام آڳاٽي وڏي ڏاڏي
راجا آنوءَ جي نالي پٺيان ’آنوَ‘ يا ’اَنوُ‘ (Anava)
يعني راجا آنوءَ جو اولاد سڏبا هئا، ۽ ڪي پنهنجي
ويجهي ڏاڏي ’شوي‘ جي نالي پٺيان ’شوي آريه ‘ سڏبا
هئا. رگ ويد واري زماني ۾ اهي پرشني (راوي) نديءَ
جي ڪناري تي رهندا هئا. انهيءَ پاسي هو جنهن هنڌ
ڄاوا نپنا هئا سو هنڌ سندن نالي پٺيان ’شوِپَور‘
(شوي، سبي) سڏبو هو، ۽ هاڻ شارڪوٽ ڪوٺجي ٿو.
انهن شوي آرين جي اولاد مان هڪڙو هو ڪيڪيه ۽ ٻيو
سؤوير. انهن ٻن ڀائرن پنجاب جا ڪي ڀاڱا هٿ ڪيا، جي
سندن نالن پٺيان ڪيڪيه ۽ سؤوير سڏجڻ ۾ آيا. سندن
ٻين ڀائرن پنجاب جا ٻيا پاسا هٿ ڪيا. انهيءَ ريت
شوي آرين سڄوئي پنجاب، بلڪ ايران جو ڪجهه پاسو،
پنهنجي قبضي ڪيو. پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي، ته انهن شوي
آرين سنڌ به فتح ڪئي
.
انهيءَ ريت پنجاب ۽ سنڌ جي گڏيل حڪومت ٿي.
20- آنوُ يا شوي آرين جا ڏورانهان سؤٽ درهيوُ آريه
هئا. انهن مان هڪ راجا گانڌار هو، جنهن هاڻوڪو
پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ پنهنجي قبضي ڪيو هو
۽ اهو سندس نالي پٺيان ’گنڌار‘ سڏبو هو، جنهن جو
اُچار هاڻي قنڌار ڪيو اٿن. انهن درهيوُ آرين مان
ڪيترا پنجاب ۾ هئا، تن کي آنو آرين اتان هڪاليو ته
اهي گنڌار ڏي وڃي رهيا.
ٺيٺ سنسڪرت جو سنڌ تي اثر
21- گنڌار (قنڌار) وارو پاسو توڙي ڪيڪيه پرڳڻو، جو
هاڻوڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان کان وٺي
ملتان جي حدن تائين هو، سي ٺيٺ سنسڪرت جي ڪري
ايتريقدر مشهور هئا، جو خود مڌيه ديش وارا انهيءَ
اتر طرف وديا پرائڻ ويندا هئا. انهيءَ اتر طرف کان
جيڪي علم پرائي ايندا هئا، تن جا اُچار صحيح ۽
چٽا هوندا هئا ۽ ماڻهو کين سَدَ ڪري ليکيندا هئا.
هيءَ ڳالهه خود ويدن جي هڪ برهمڻه ۾ ڄاڻايل آهي.
سڄيءَ سنڌ ۾ اڄ به سنڌ جي وچولي جي سنڌي ٻولي جهڙي
ٺيٺ چئجي، تهڙي ٻي نه آهي. اهو شوي آرين جي سنسڪرت
جو اثر آهي.
سرحد سنڌ جا رهاڪو، خاص ڪري شڪارپوري، قديم زماني
کان وٺي گنڌار(قنڌار) طرف وارن وارا سنسڪار پرائي
رهيا آهن، ته اڄ به ڏسو ته اُچار سندن صفا ۽ چٽا
آهن ۽ شڪارپور جي ٻوليءَ ۾ ميٺاج به اهڙو آهي، جو
سڄيءَ سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن به هنڌ جي ٻوليءَ ۾ ڪونهي.
هنن ڳالهين جي وڌيڪ اپٽار ’وچولي‘ ۽ ’سريلي‘ جي
ذڪر ۾ ڪبي.
سنڌ ۾ مڌيه ديش وارن جي حڪومت
22
–
شوي آرين جي حڪومت سنڌ ۾ پنجاب ۾ شايد ويدن واري
زماني تائين هلي. اتهاسن واري زماني ۾ اهي ٻيئي
هنڌ مڌيه ديش وارن جي تابعي هئا. رامائڻ واري
زماني (تريتا جڳ) ۾ مڌيه ديش طرف ايوڌيا جو راجا
دسرٿ هو. کانئس پوءِ سندس مربي پٽ سري رامچندر
ايوڌيا جي گاديءَ تي ويٺو، جو راڻي ڪوشليا مان
ڄائو هوس.
سنديس ٻي راڻي ڪيڪئي هئي، جا ڪيڪيه پرڳڻي جي
راجڪماري هئي، تنهنڪري انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ ٿي
آئي. راجا دسرٿ کي راڻي ڪيڪئيءَ مان ڀرت نالي پٽ
هو، جنهن کي سندس ناناڻو پرڳڻو ڪيڪيه مليو، پر
رگهووتش(15، 87) ۾ ڄاڻايل آهي ته ڀرت کي سنڌ ديش
مليو
هن حقيقت موجب چئبو، ته آنو يا شوي آرين جو زور
انهن سورج ونسي گهراڻي جي راجائن اڳيئي ڀڃي، سنڌ ۽
ڪيڪيه جا پرڳڻا پنهنجي قبضي ڪيا هئا، جنهنڪري راجا
دسرٿ کان پوءِ سنديس حڪومت جو ورهاڱو مٿينءَ ريت
ٿيو.
23- مهاڀارت واري زماني ۾ سنڌ جو راجا جئدرٿ هو.
پراڻن پٽاندڙ هو پنچالن مان هٿو، جي يجرويد واري
زماني ۾ مڌيه ديش ڏي ويا هئا. مهاڀارت ۾ راجا
جئدرٿ جو ٻيو نالو ’سؤوير‘ ڄاڻايل آهي. البيروني
(سنه 1030ع ڌاري) ڄاڻايو آهي. ته اڳي ملتان ۽
جهارواڙ کي گڏي ’سؤوير‘ سڏيندا هئا. انهيءَ سبب
سمجهڻ سولو ٿيو آهي ته راجا جئدرٿ ملتاني هو. اهو
سؤوير پرڳڻو، شوي آرين ويدن واري زماني ۾ هٿ ڪيو
هو، پر مهاڀارت واري زماني ۾ سندن هٿ ۾ نه هو.
24- سنڌ گزيٽيئر موجب مهاڀارت واري لڙائي عيسوي
سنه کان ٻارهن يا تيرهن صديون اڳي لڳي هئي. انهيءَ
لڙائيءَ ۾ راجا جئدرٿ پنهنجن سالن ڪؤرون جي پاران
لڙيو هو، پر پانڊون هٿان مارجي ويو هو. کانئس پوءِ
سنڌ جو پرڳڻو پانڊون جي تابعي ٿيو.
تعليم جو واڌارو
25- سري رامچندر جي ڀاءُ ڀرت جا تڪش ۽ پشڪر ٻه پٽ
هئا، تن پوءِ گنڌار(قنڌار)
وارو پاسو پنهنجي قبضي ڪيو. اتي سندن گاديءَ جا
هنڌ سندن نالن پٺيان تڪش سلا
۽ پشڪروتي سڏجڻ ۾ آيا. انهيءَ پاسي تعليم جي
واڌاري لاءِ پوءِ هڪ وڏو وشو ودياليه (يونيورسٽي)
عيسوي سنه کان ڇهه صديون کن اڳي، تڪش سلا ۾ برپا
ٿيو، جو سڄي هندستان ۾ برک هو. انهيءَ يونيورسٽيءَ
جو ويرانو اڄ تائين راولپنڊي ضلعي ۾ آهي. انهيءَ
يونيورسٽيءَ جي ويجهو ناميارو پاڻني مني عيسوي سنه
کان پنج صديون کن اڳي ڄائو هو، جنهن جو جوڙيل
سنسڪرت گرامر ’اشٽا ڌيائي‘ اڄ تائين مشهور آهي.
سنسڪرت ۾ ڦيرڦار
26- يجر ويد واري زماني ۾ ڪيترن آرين مڌيه ديش وڃي
وسايو، ته اتي ٻين قومن سان لڙهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري
سندن ٻوليءَ ۾ ڪجهه بگاڙو ٿيو هو. انهن ساڳين آرين
پوءِ موٽي سنڌ، پنجاب ۽ گنڌار پنهنجي قبضي ڪيا، ته
سندين بگڙيل ٻوليءَ جو اثر انهن هنڌن جي ٻوليءَ تي
به ٿيو، جنهنڪري پوءِ اها به گهڻو ڪري مڌيه ديش جي
ٻوليءَ جهڙي ٿي پيئي ۽ رفتي رفتي ان وانگر بگڙجي
اول وچولي ۽ پوءِ آخرين درجي تي آئي- مطلب ته
سنسڪرت جا ٽي قسم آهن: قديم، وچولو ۽ آخرين. قديم
سنسڪرت بابت مٿي اڳيئي چيو ويو آهي، ته اها ’ويدڪ
سنسڪرت‘ سڏجي ٿي؛ تنهنڪري هينئر اول وچولي سنسڪرت
جو ذڪر ڪجي ٿو.
وچولي زماني جي سنسڪرت
27- ويدن ۾ رچائون (Hymns)
آهن، پر ويدن کان پوءِ جي سنسڪرت (
Post- Vedic Sansakrit)
۾ اڪثر ’سوُتر‘ آهن، تنهنڪري اها سوُترن جي زماني
واري سنسڪرت (Sanskrit
of the Sutra Period)
سڏجي ٿي.’سوُتر‘
لفظ اهو ساڳيو آهي، جنهن جو بگڙيل اُچار سنڌيءَ ۾
آهي ’سُٽ‘. وچولي زماني ۾ وڏيون ڳالهيون ٿورڙن
لفظن ۾ ائين آڻيندا هئا، ڄڻ ته سٽ يا ڌاڳي ۾ موتي
پوُئيندا هئا. سوترن جي مکيه خاصيت آهي’ٿور
اکرائي‘ (
Brevity).
سنڌيءَ ۾ جيڪي پهاڪا آهن، سي اڪثر سوترن جي نموني
جڙيل آهن. مثلاً ’جُڙيءَ کي جس‘، ’ڪندو سو
پائيندو‘يا ’جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي‘. هتي ڏسو ته هر
هڪ پهاڪي ۾ سوترن ۾ اڪثر قاعدا ڄاڻايل آهن.’ڌرم
سوترن‘ ۾ ڌرمي ڳالهين بابت ۽ ’گريهه سوترن‘ ۾ گهرو
ڳالهين بابت قاعدا آهن گهر ٻاريءَ يا ڪٽنبي
ماڻهوءَ کي پنهنجي حياتي ڪيئن گذارڻ گهرجي. ائين
’سوتر‘لفظ جي معنيٰ ٿي قاعدو، قول، يا نُڪتو، جو
ٿورڙن پر مائيدار لفطن ۾ ڄاڻايل هجي. سوترن ۾ لفظ
ٿورڙا، معنيٰ وڏي- ويتر منجهن ٻولي به آڳاٽي ڪم
آيل آهي، تنهنڪري سوترن تي وڏيون ٽيڪائون
(تشريحون) لکيل آهن. سوترن واري ٻولي وچولي زماني
جي ڪتابي ٻوليءَ جو نمونو ڄاڻائي ٿي؛ پر عام طرح
جيڪا سنسڪرت ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، تنهن ۾ پوءِ به
ڦير پوندو ويو، جنهنڪري آخرين درجي تي آئي.
آخرين درجي واري سنسڪرت
28- آريه لوڪ مڌيه ديش ڏي ويا، تنهن کان پوءِ به
هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ ٽڙندا پکڙندا ويا. مثلاً
مهاڀارت واري زماني ۾ سري ڪرشن ڪيترا هزار جادوُ
ونسي، مٿرا مان ساڻ وٺي، دوارڪا ڏي وڃي رهيو. ائين
سنسڪرت جو ڦهلاءُ جدا جدا هنڌن جي اڻ آريه قومن ۾
ٿيو، ته انهن جي ٻولي وڌيڪ بگڙي؛ جنهنڪري وچولي
سنسڪرت ڦري آخرين درجي تي آئي. هندن جا اتهاس
(رامائڻ ۽ مهاڀارت)،
سمرتيون، ڪوي ڪاليداس جا ناٽڪ ۽ ٻيا جيڪي به ڪتاب
اڄ تائين سنسڪرت ۾ نڪتا آهن، سي سڀ انهيءَ ۾ لکيل
آهن. هندن جا پراڻ به ان ۾ لکيل آهن، تنهنڪري اها
عام طرح ’پراڻڪ سنسڪرت‘ (Puranic
Sanskrit)
سڏجي ٿي. حقيقتؤن اڄڪلهه سنسڪرت سڏبوئي انهيءَ
آخرين درجي واري سنسڪرت (Classical
Sanskrit)
کي آهي ۽ اها ئي هن وقت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ ۾
اچي ٿي.
سنڌ ۽ پنجاب ۾ پئشاچن جون بيٺڪون
29- مهاڀارت واري لڙائي جنهن وقت لڳي، تنهن وقت
دواپور جُڳ پورو ٿيڻ تي هو، ۽ ڪلجڳ شروع ٿي ٿيو.
انهيءَ وقت ڌاري ڪي پشاچ لوڪ آيا، جن جو ذڪر
اِتهاسن ۽ پراڻن ۾ آهي. اهي ڪير هئا، تنهن ڳالهه
جو ذڪر هندن جي ڪنهن ڌرمي پستڪ ۾ ڪونهي. سرگريئرسن
پنهنجي ٺاهيل لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا ۾ داردڪ ٻولين
جي ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي، ته ٻولين جي کوجنائن مان
ايترو معلوم ٿيو آهي، ته قديم زماني ۾ جيڪي آريه
لوڪ هميشہ
لاءِ ايران ۾ رهيا، تن جي آريه ٻولي جڏهن اڃا پورو
ايراني نمونو اختيار نه ڪيو هو، تڏهن ايران وارن
آرين مان ڪي هندستان ڏي آيا ۽ ڪافرستان کان وٺي
ڪشمير تائين پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا. منجهائن ڪن
پنجاب ۽ سنڌ ۾ اچي بيٺڪون وڌيون. انهن مان ڪي
ايشيا ۽ يورپ ڏي به ويا ۽ اهي ’جپسي‘ (Gipsy)
سڏجڻ ۾ آيا. اهي به آريا هئا؛ پر ايران طرف گهڻو
رهيا هئا، تنهنڪري سندين رهڻي توڙي ڪهڻي (ٻولي)
ٻيءَ طرح جي هئي. اهي ڪَچو گوشت ۽ مڇي ماس کائيندا
هئا. مڌيه ديش وارا آريا لوڪ به اڳي مڇي ماس
کائيندا هئا، پر پوءِ اهڙا پڪا ويشنو ٿيا، جو مڇي
ماس کي ڇهندا به ڪين هئا(ڏسو مهاڀارت جو شانتي
پرو، موکش ڌرم، 255). مڌيه ديش جي آرين هنن ايران
مان آيل ماڻهن کي مڇي ماس کائيندو ڏٺو ته اهڙي
بڇان آين جو کين ’پئشاچ‘ نالو ڏنائون. اهو نفرت يا
ڌڪار جو لفظ آهي ۽ ڀوت جهڙي معنيٰ اٿس. سندين
ٻوليءَ کي به سڏيائون
’ڀوت ڀاشا‘ يعني ڀوتن جي ٻولي. ڪشمير جي پريان
چترال ۽ گلگت طرف اڄ تائين ’درد‘ لوڪ رهن ٿا، جي
انهن ايران کان پوءِ آيل آرين مان آهن.اهو سڄو
پاسو سندن نالي پٺيان ’داردستان، سڏجي ٿو،تنهنڪري
سندين ٻولين کي سرگريئرسن ’داردڪ‘ ٻوليون‘سڏيو
آهي، ۽ هن کان پوءِ اسين به اهو ئي نالو ڪم
آڻينداسون.
30- ڪشمير طرف کان آيل پئشاچ لوڪن جي شايد سنڌ جي
لاڙ واري ڀاڱي ۾ بيٺڪ هئي، جو اڄ به جهٻير ذات
وارا مهاڻا اتي آهن. جي هن وقت ڪشمير ۽ پنجاب ۾ به
گهڻي تعداد ۾ آهن. داردڪ ٻولين ۾ ’گهوڙو‘ بدران
چون ’گورو‘. ڪراچي ضلعي واري لاڙ، خاص ڪري ٺٽي طرف
جا اُچار به اهڙائي بگڙيل آهن. هنن ڳالهين جي وڌيڪ
اُپٽار ’لاڙي‘ ٻوليءَ جي ذڪر ڪندي ڪبي.
سنڌ جو مڌيه ديش سان ناتو ٿيڻ
31- پنجاب ۽ سنڌ ۾ جنهن وقت پئشاچ لوڪن بيٺڪون
وڌيون، تنهن وقت مڌيه ديش وارن آرين ۾ ذات پات جو
ڀيد گهڻو هو. ان وقت مڌيه ديش جي ٻاهرئين پاسي،
يعني پنجاب، سنڌ، گجرات، بهار، بينگال ۽ ٻين هنڌ،
جنهن کي جتان وڻندو هو سو تتان پرڻبو هو.
مڌيه ديش وارن آرين پوءِ قاعدو ڪيو، ته آرين جو سڱ
ٻي ذات وارن ۾ نه ٿئي، ته منجهن نجو آرين جو رت
هجي، ته آرين قوم سدائين ٻلوان رهي ۽ ورڻ شنڪر
پيدا نه ٿين. ٻين هنڌ لنگ جي پوڄا جو به رواج هو،
جيئن قديم قومن ۾ هو. ويدن کي مڃيندڙ آريا انهيءَ
پوڄا جي برخلاف هئا. اهڙن سببن ڪري ٻين هنڌن جي
ماڻهن کي نالو ئي ڏنائون وراٽيه (Vratya)
يعني نيات کان نڪتل يا ڪريا ڪرم کان رهت (Outcasts
or riteless people).
هنن لاءِ هيءُ قاعدو ڪيائون ته کين پنهنجي نيات ۾
تڏهن گڏينداسون، جڏهن هو وراٽيه ستوم(Vratya-stoma)
ڪندا. هي شڌي ڪرڻ لاءِ هڪ يگيه هو. پنجاب ۽ سنڌ،
جتي پئشاچن بيٺڪون وڌيون هيون، تن لاءِ چيائون ته
اهي ’مليڇ‘(جهنگلي يا پليد) ديش آهن ۽ مڌيه ديش
مان جيڪو ايڏاهين
ويندو تنهن کي پراچت ڪرڻو پوندو. ههڙن سخت قاعدن
جاري ٿيڻ ڪري پنجاب ۽ سنڌ جا رهاڪو، آرين جي نيات
منجهان ئي نڪري ويا- هيءُ ڪلجڳ جو پهريون ڇٽو
چئبو.
32- عيسوي سنه کان ڇهه صديون کن اڳي، ٻڌ ڌرم ۽ جين
ڌرم جاري ٿيا، جن ۾ ذات پات جو ڀيد هوئي ڪونه.
جيڪي ماڻهن برهمڻن کان سڙيا ويٺا هئا، تن اهي ڌرم
سڀني کان اڳي اختيار ڪيا- سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم زور ٿيو،
ته به برهمڻ اڃا گهڻيئي هئا.
سنسڪرت جو ڦري پراڪت ٿيڻ
33- مڌيه ديش وارن آرين نه رڳو ڌرمي ۽ پنگتي وغيره
ڳالهين بابت سخت قاعدا جاري ڪيا؛ پر پنهنجي ٻوليءَ
جو به اونو ڌاريائون. هيءُ حڪم جاري ڪيائون ته:
شودرن کي ويدن پڙهڻ جو ڪو به اڌڪار (حق) ڪونهي؛
پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جو ڪم رڳو برهمڻ ڪن ته ويدن جا منتر
اهي پوريءَ طرح اُچارين پر چالو ٻولي ڪنهن جي
ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جي ڪا نه هئي. سنسڪرت پوءِ به ڦرندي
رهي. رفتي رفتي اهڙي حالت ٿي، جو جيڪا سنسڪرت عام
طرح ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، سا سموري ڦري بنهه هڪ
نئين قسم جي ٻولي ٿي پيئي، ۽ اها ’پراڪت‘ سڏجڻ ۾
آئي. عام طرح ماڻهو پراڪت ڳالهائڻ لڳا، ته سنسڪرت
ڳالهائڻ جو رواج ئي بند ٿي ويو. هندن جا ويد ۽ ٻيا
ڌرمي پستڪ سنسڪرت ۾ لکيل آهن، تنهنڪري برهمڻن ان
جو درجو پراڪت کان مٿي رکيو ۽ اڄ اها سڄي هندستان
جي پوتر ڀاشا يا پاڪ ٻولي ليکجي ٿي.
سنسڪرت جو سنڌيءَ تي اڄ تائين اثر
34- هن وقت سنسڪرت ٻولي دنيا جي ڪنهن به ڀاڱي ۾
عام طرح ڳالهائڻ ۾ نٿي اچي، ته به ’مئل ٻولي‘ نه
آهي. اڄ تائين سنسڪرت ۾ نوان نوان پستڪ نڪرن پيا.
ڪيترا پنڊت ڌرمي ڳالهين بابت بحث مباحثو ڪندا ئي
سنسڪرت ۾ آهن. برهمڻ، آريه سماجي ۽ ٻيا ڪيترا هندو
روز مره جي پاٺ پوڄا وغيره ۾ اها ئي ٻولي ڪم آڻين
ٿا، ۽ اها اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به پاڙهڻ ۾ اچي ٿي.
انهن ڳالهين جو نتيجو هيءُ ٿيو آهي، ته ڪيترا نج
سنسڪرت لفط وري نئين سر چالو ٿيا آهن. ائين سنسڪرت
جو اثر سنڌي، هندي، بينگالي وغيره تي اڄ تائين پيو
ٿئي، پر خود سنسڪرت ۾ ڪا به ڦير ڦار ڪانه ٿي ٿئي.
ڦير پوندو ئي چالو ٻوليءَ ۾ آهي، هن وقت سنسڪرت
ٻولي عام طرح ڳالهائڻ ۾ نٿي اچي، ته ان ۾ ڦير ڪو
نه ٿو پوي. انهيءَ سبب جيڪا سنسڪرت پاڻني مني،
ڪاتيانيه ۽ پتنجلي رشيءَ جي جوڙيل گرامرن پٽاندر
نه هوندي، سا غلط ليکبي.
”پراڪت“ لفظ جون معنائون
35- پراڪت ٻوليءَ جي معنيٰ پرڪرتيءَ مان پيدا ٿيل
ٻولي. ’پرڪرتي‘ لفظ جي هڪڙي معنيٰ آهي ’قدرت‘ (Nature)،
۽ ٻي معنيٰ اٿس’اصلوڪي صورت‘- جنهن جو ضد آهي
’وڪرتي‘ معنيٰ ’بگڙيل صورت‘. پراڪرت ٻوليءَ جي
پرڪرتي يا اصلوڪي صورت آهي سنسڪرت تنهنڪري پراڪرت
ٻولي معنيٰ اصلوڪي صورت يعني سنسڪرت مان پيدا ٿيل
ٻولي، جا قدرتي طرح يا پاڻمرادو سنسڪرت مان ٺهي
پيئي. اها ٻولي عام طرح ڪم ايندي هئي، تنهنڪري
پراڪرت ٻولي معنيٰ عام يا رواجي ٻولي به آهي. هر
هڪ پرڳڻي جي پراڪرت پنهنجي پنهنجي هئي، تنهنڪري
پراڪرت ٻولي معنيٰ پرڳڻي جي ٻولي به آهي. هن وقت
سنڌ جي پراڪرت هاڻوڪي سنڌي ٻولي آهي.
پالي يا قديم پراڪرت
36- گوتم ٻڌ، جو عيسوي سنه کان ڇهه صديون کن اڳي
ٿي گذريو آهي، تنهن جي وقت ۾ سنسڪرت ٻولي اڪثر رڳو
برهمڻ ڄاڻندا هئا. ٻيا ماڻهو عام طرح هڪ جھوني
پراڪرت ٻولي ڳالهائيندا هئا، جا هاڻ ’پالي‘ سڏجي
ٿي. انهيءَ سبب گوتم ٻڌ پنهنجي ڌرم جو پرچار
انهيءَ قديم پراڪرت ۾ ڪيو، ته سندس متا ماڻهو
پوريءَ طرح سمجهن. هن حقيقت مان انسائڪلوپيڊيا
برٽنيڪا واري اهو بلڪل پورو انومان ڪڍيو آهي ته
عيسوي سن کان اٽڪل هڪ هزار ورهيه اڳي سنسڪرت ڦري
پالي ٿي هئي، جنهنڪري گوتم ٻڌ کي انهيءَ ٻوليءَ ۾
پرچار ڪرڻو پيو هو.
37- ڪي يوروپي عالم چون ٿا، ته ’پالي‘ لفظ اصل ۾
آهي سنسڪرت لفظ ’پرالي‘، معنيٰ سِٽ (ڪتاب جي)،
ڌرمي ليک. ٻڌ ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ ان ۾ لکيل
آهن، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. ٻڌ ڌرم وارا چون
ٿا، ته سنسڪرت ۾ ’پال‘ معنيٰ پالڻ، تنهنڪري ’پالي‘
ٻولي معنيٰ اها ٻولي، جنهن ۾ ٻڌ ڌرم وارن جا ڌرمي
متا پاليل يا سنڀاليل آهن. هن وقت پالي ٻولي برما،
سيام، ۽ سلون (لنڪا) جي ٻڌ ڌرم وارن جي پوتر ڀاشا
يا پاڪ ٻولي آهي.
پالي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ
38- ٻڌ ڌرم وارن ڪتابن ۾ لکيل آهي، ته گوتم ٻڌ
پنهنجا پوتر چرن (پاڪ پير) اسان جي سنڌ پرڳڻي ۾ به
گهمايا هئا، ۽ سنڌي ماڻهن به ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو
هو. هن مان ظاهر آهي، ته ان وقت سنڌ ۾ پالي ٻولي
چالو هئي، جنهنڪري اسان جا ماڻهو گوتم ٻڌ جو پرچار
۽ ٻڌڌرم جا ڌرمي پستڪ سمجهي سگهيا ٿي.
39- گوتم ٻڌ پنهنجي وقت ۾ ٻڌ ڌرم جو ڦهلاءُ پئي
ڪيو، ته مڌيه ديش وارن آرين پنهنجي برهمڻي ڌرم
ڦهلائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي- مثلاً، عيسوي سنه کان ڇهه
صديون کن اڳي، اگست مني، ونڌيا جبل لتاڙي ڏکڻ-
هندستان ڏي ويو ۽ اتي وڃي برهمڻن جون بيٺڪون
وڌائين. ائين مدراس کاتي ڏي برهمڻي ڌرم ۽ سنسڪرت
جو ڦهلاءُ ٿيو، ان وقت اتر-هندستان ۾ ماڻهو عام
طرح پالي ٻولي ڳالهائيندا هئا، تنهنڪري ڏکڻ -
هندستان ڏي پالي جو به ڦهلاءُ ٿيو.
40- عيسوي سنه کان پنج صديون کن اڳي، وجيه نالي هڪ
راجڪمار، ڪيترن ماڻهن سان ’لاٽ‘مان
لڏي لنڪا (سلون) ڏي ويو ته ٻڌ ڌرم ۽ پالي جو
ڦهلاءُ اوڏهين ٿيو ۽ اتي جي پالي ٻولي پوءِ ڦري
سنهالي (سنگهالي) پراڪرت ٿي، جا هندستان جي پراڪرت
ٻولين جي ڏورانهين سؤٽ چئبي.
41- عيسوي نه کان چار صديون کن اڳي مڌيه ديش وارن
آرين، بهار کان وڌي بينگال وارو پاسو وسايو.
انهيءَ پاسي اڳي ڪول، سنٿال ۽ هندستان جا ٻيا
آڳاٽا رهاڪو هئا. انهيءَ وقت جو سنڌ بابت ڪجهه
تاريخي احوال ڏجي ٿو، ته هن جهوني زماني جون
حقيقتون سمجهڻ سوليون ٿين.
سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون
42- ٻڌ ڌرم واري زماني کان ئي اڳي سنڌ جو پرڳڻو
سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ سبب ملڪان ملڪ مشهور هو.
انهيءَ تي ايران جي بادشاهه دارا (پهرئين) جو وات
پاڻي ٿيو، سو عيسوي سنه کان 516 کن ورهيه اڳي
پنجاب، گنڌار (قنڌار) ۽ سنڌ تي ڪاهي آيو. انهن
تنهين هنڌن جا رهاڪو سندن ڏن- ڀروُ ٿيا. ته ٽي سؤ
سٺ(360) ٽڻلينٽ، يعني اتڪل ٻه سؤسٺ (260) مڻ، سون
خالص جا سالياني ڍل طور کين ڏيندا هئا؛ ۽ ايتري ڍل
ٻئي ڪنهن به هنڌان ڪا نه ملندي هيس. انهي ٽنهي
هنڌن جا نالا ايران جي هڪ ڪتبي (اُڪريل نوشتي) ۾
اڄ تائين لکيل آهن. دارا بادشاهه جي پوين به ڪي
سال اهو ڏن پئي اڳاڙيو، ان وقت پنجاب ۽ سنڌ ۾
ايرانين پنهجي آئيويٽا (الف- بي) چالو ڪئي. اسان
جا ماڻهو ديوناگري اکرن تي هريل هئا، ۽ هنن اکرن
جي شڪل بيڊولي ڏٺائون، ته انهيءَ آئيويٽا تي نالو
ئي رکيائون ’کر- وشٺي‘يعني گڏهه جا چپ! سنسڪرت ۾
’کر‘ معنيٰ خر يا گڏهه ۽ اوشٺ معنيٰ چپ. اها
آئيويٽا ڪئين ورهيه ساندهه پئي هلي ۽ هندستان مان
عيسوي ٽينءِ صدي ڌاري غائب ٿي
.
سنه 1922ع ۾، موهن جي دڙي جي کوٽائي ٿيڻ وقت، اتي
هڪ جهونو ٺل بيٺل هو، جنهن جي هڪ ديوار تي ڪي اکر
ڪشن گهراڻي جي حاڪم وسديو پهرئين (158-177ع) جي
وقت جا لکيل هئا. آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ
مسٽر رکلداس بئنرجيءَ اهي اکر سڃاتا، ته کر-وشٺيءَ
۾ لکيل آهن- هن حقيقت موجب چئبو ته عيسوي ٻي صديءَ
۾ به اهي اکر سنڌ ۾ چالو هئا.
43- ايران جي ڪياني بادشاهن جو زور، عيسوي سنه کان
330 ورهيه اڳي سڪندر اعظم ڀڳو. ان وقت پنجاب، سنڌ
۽ گنڌار (قنڌار) ايراني حاڪمن جي تابعي هئا،
تنهنڪري سڪندر اعظم اهي به اچي هٿ ڪيا. ان وقت
الور (روهڙي) ۾ ’ميوسيڪنس‘ (موشڪن جو راجا) هو،
تنهن اول آڻ مڃي ٿي، پر پوءِ پنهنجي برهمڻ وزيرن
جي مت تي لڳي يونانين کي سامهون ٿيو، ته يوناني
لشڪر کي اهڙي باهه وٺي ويئي، جو کيس جهلي ڪُهي
ڇڏيائون، ۽ سڀني برهمڻن جون سسيون لهرائي انهن کي
ڳجهن جو ڳاهه ڪيائون! هيءَ حقيقت ’ڪئمبرج هسٽري آف
انڊيا‘ جي جلد پهرئين ۽ ’سنڌ گزيٽيئر‘ جي صفحي
پنجاسي ۾ به ڄاڻايل آهي. سنڌ جا سوين برهمڻ قتل ٿي
ويا، ته سنسڪرت جو جيڪو ٿورو گهڻو ڦهلاءُ انهن پئي
ڪيو، تنهن کي گويا ٻنجو اچي ويو ۽ پالي ٻوليءَ جو
واهپو وڌندو رهيو-اڄ به سنڌ ۾ برهمڻ تمام ٿورڙا
آهن.
44- سڪندر اعظم، پنهنجي پاران پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪي
گورنر مقرر ڪري، پاڻ بئبلان ڏي موٽيو ۽ عيسوي سنه
کان 323 ورهيه اڳي گذاري ويو. سندس مرڻ جي خبر
ٻڌي، ماڻهن يوناني لشڪر کي تڙي ڪڍيو ۽ پنهنجي
پرڳڻي جا پاڻ والي ٿيا.
45- انهن ڏينهن ۾ مگڌ، يعني بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾،
نند گهراڻي جي حاڪمن راج ٿي ڪيو. سندن لشڪر جو
سپهه سالار چندر گپت نالي هڪ جوڌو جوان هو، جنهن
ڪيترا همراهه ساڻ ڪري پنجاب مان يونانين کي لوڌي
ڪڍيو. انهيءَ ڳالهه ۾ سوڀارو ٿيو، ته سنڌ به
پنهنجي قبضي ڪيائين؛ بلڪ نند-گهراڻي وارن جو به
زور ڀڃي، پاڻ سڄي اتر- هندستان جو والي ٿيو ۽
مؤرين- گهراڻي جو بنياد وڌائين.
46- سڪندر اعظم کان پوءِ سندس بادشاهت جو ڪجهه
ڀاڱو سيليوڪس نڪيٽر کي مليو. پنجاب ۽ سنڌ هٿ ڪرڻ
لاءِ هو عيسوي سنه کان 305 ورهيه اڳي، پنجاب تي
ڪاهي آيو. ان وقت تائين مهاراجا چندر گپت اهڙو زور
ورتو هو، جو سيليوڪس جي ساڻس پڄڻ جي جاءِ نه هئي.
مهاراجا چندر گپت اهڙو ته سوڙهو گهٽيس، جو سيليوڪس
پنجاب ۽ سنڌ تان ته هٿ کنيو، پر پنهنجي ڌيءُ جو سڱ
مهاراجا کي ڏيئي، ساڻس صلح ڪيائين ۽ افغانستان ۽
بلوچستان جا ڪي پاسا کيس ڏاجي ۾ ڏنائين.
سنڌ ۾ مؤرين گهراڻي جي حڪومت
47- مهاراجا چندر گپت جي وقت ۾ ٻڌ ڌرم زور هو. پاڻ
به اهو ڌرم اختيار ڪيائين، ته رعيت مان ڪيترن
سنديس پيروي ڪئي. ان وقت پالي ٻولي چالو هئي سا به
رفتي رفتي هيڪاري اهڙو عام ٿي، جهڙي هينئر
هندستاني ٻولي سڄي هندستان ۾ عام آهي. هن لاءِ
هيءَ ثابتي آهي، ته مهاراجا چندر گپت جو پوٽو
مهاراجا اشوڪ (272-232 ق.م)، جو سنڌ سميت سڄي اتر-
هندستان جو والي هو، تنهن ٻڌ ڌرم کي زور وٺائڻ ۽
اهنساء جي مت ڦهلائڻ لاءِ ڪي شاهي فرمان، اتاهن
جبلن ۽ ٽڪرين تي اُڪرائي ڇڏيا هئا، جن مان چاليهه
فرمان اڄ تائين هندستان جي ڪيترن ڀاڱن ۾ صحيح
سلامت بيٺا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ (1932ع ۾) اهڙا
يارهن وڌيڪ فرمان مدراس طرف ٽڪرين تان لڌا اٿن- هن
مان ظاهر آهي ته ٻڌ ڌرم اتر توڙي ڏکڻ- هندستان ڏي ڦهليو، ته پالي ٻولي به انهن سڀني هنڌ چالو ٿي، جنهنڪري
فرمان سڄي هندستان جا ماڻهو سمجهي سگهيا ٿي. اڳ
لڌل چاليهن ڪتبن (اڪريل نوشتن) جي ذڪر ڪندي جنرل
اي. ڪننگهام ۽ ٻين عالمن ڄاڻايو آهي، ته مهاراجا
اشوڪ جي ڏينهن ۾ پالي ٻوليءَ جا گهٽ ۾ گهٽ ته ٽي
قسم هئا، جن جو واهپو اتر- الهندي هندستان، ٿر،
سنڌ، راجپوتانا، گجرات، ڪاٺياواڙ، مهاراشٽر ۽ وچ
هندستان ۾ هو.
سنڌ جي ٺيٺ ٻولي
48- مهاراجا اشوڪ پاڻ مگڌ يعني بهار جي ڏاکڻي،
ڀاڱي ۾ رهندو هو؛ پر اتي جي پالي ٻوليءَ کان سنڌ
جي پالي ٻولي وڌيڪ ٺيٺ هئي. سنڌ مان ڪي اڪريل
نوشتا ڪونه لڌا آهن، ته به هن ڳالهه لاءِ ثابتيون
آهن. گنڌار (قنڌار) پرڳڻي ۾ شهباز ڳڙهيءَ طرفان
مهاراجا اشوڪ جي وقت جا جيڪي به ڪتبا (اڪريل
نوشتا) لڌا آهن، تن ۾ ڪم آيل ٻولي، قديم سنسڪرت کي
گهڻو ويجهي آهي، پر انهيءَ ساڳئي مهاراجا جا جيڪي
ڪتبا بهار طرفان لڌا آهن. تن جي ٻولي سنسڪرت کان
گهڻو ڦريل آهي. هيءَ حقيقت ڊاڪٽر سنيتي ڪمار
چئٽرجي جي ٺاهيل ’بينگالي ٻوليءَ جي تاريخ‘ (جلد
1، صفحي 44 ۾) ۽ ٻين ڪن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي. سر
گريئرسن پنهنجي جوڙيل ’لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘
(جلد 8، ڀاڱو 1، صفحي 2 ۽ 7) ۾ لکيو آهي، ته
گنڌار(قنڌار) پرڳڻي وارن نوشتن ۾ جيڪا پالي ٻولي
ڪم آيل آهي، تنهن ۾ اُچارن سان لاڳاپو رکندڙ ڪي ڪي
اهڙيون خاص ڳالهيون آهن، جي اڄ تائين داردڪ ٻولين
(ڪشميري وغيره)، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ نظر اچن ٿيون،
مثال ڏنو اٿس، ته سنسڪرت لفظ ’ڀڪت‘ جو اچار پاليءَ
۾ بگڙجي ٿيو ’ڀت‘ (Bhatta)
(’ت‘ اکر ٻَٽو)، پنجابي، لهندا (پنجاب جي الهندي
طرف جي ٻولي، ديري غازي خان واري ۽ سرائڪي)، ۽
سنڌيءَ ۾ به چون ’ڀت‘، باقي هندستاني، گجراتي،
مراهٽي وغيره ۾ چون ’ڀات‘ يعني ٻَٽي ’ت‘جو چار ڪڍي
ڇڏيو اٿن، ۽ انهيءَ کوٽ جي مجرائيءَ لاءِ لفظ جي
منڍ واري ’اَ‘ جي اچار کي وڌائي ’ا‘ ڪيو اٿن- سر
گريئرسن هيئن به چيو آهي ته آءٌ پنهنجي دل ڪري
ائين
سمجهان ٿو ته گنڌار طرف تڪش سلا ۾ جيڪا پالي ٻولي
ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، سا ٻڌ ڌرم وارن پنهنجن ڌرمي
پستڪن ۾ ڪم آندي. اسان به مٿي اڳي ئي چيو آهي، ته
انوُ (شوي) آرين جي جڏهن سنڌ ۾ صاحبي هئي ۽ گنڌار
طرف درهيوُ آرين راڄ ٿي ڪيو، تڏهن انهن ٻنهي هنڌن
جي سنسڪرت مڌيه ديش وارن آرين جي سنسڪرت کان وڌيڪ
ٺيٺ هئي. سنسڪرت پوءِ بگڙجي پالي ٿي، ته سنڌ ۽
گنڌار طرف جي پالي ٻولي به ضرور بهار ۽ ٻين هنڌن
جي ٻوليءَ کان وڌيڪ ٺيٺ ٿيندي. ٻي مکيه ڳالهه هيءَ
به آهي، ٽه پالي ٻوليءَ جا نه رڳو اچار، پر ڪي لفظ
به، جهڙا اسان جي سنڌي ٻوليءَ سانڍيا آهن، تهڙا
ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي آريه ٻولي نه سانڍيا آهن. جيئن
هيٺ ڄاڻائجي ٿو:
پاليءَ جا سنڌي ۾ نشان
49- پالي ٻوليءَ جي اچارن ۾ هڪ مکيه ڳالهه، جا
گهڻو ڌيان ڇڪي ٿي، سا هيءَ آهي، ته جن سنسڪرت لفظن
۾ دتيه يعني ٻٽا اکر يا گڏيل حرف صحيح آهن، تن جا
اچار پاليءَ ۾ ڀَچي يا ملي هڪ روپ (Assimilate)
ٿي ويا آهن.- مثلاً، سنسڪرت ’سپت‘، پالي ’سَت‘،
سنڌي ۾ به چئون ’ست‘(7)؛ پر هندستانيءَ وغيره ۾
چون ’سات‘- ڏسو ته اسان جا اُچار بجنسي پاليءَ
وارا بيٺا آهن! ٻيا مثال:
سنسڪرت پالي سنڌي سنسڪرت پالي سنڌي ڌرم ڌم ڌرم-ڌم
پريم پيم پريم- پيم سنسڪرت لفظ ’ڌرم‘ ۽ ’پريم‘
اسين هاڻ جيئن جو تيئن چئون ٿا، پر ڌمن مل ۽ ڌمي
ٻائي (ڌرمي ٻائي) نالن ۾ نج پالي لفظ ’ڌم‘ ڪم
آڻيون ٿا، جو ٻئي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪم نٿو اچي.
پيوي ٻائي نالي ۾ ’پيوي‘ نج پالي لفظ ’پيمي‘
(پريمي) آهي، جنهن ۾ ’م‘ کي مٽي ’و‘ ڪيو اٿئون.
سنڌ جي ڪن هندو ڇوڪرين ۽ زالن جو نالو ’ميمي‘ آهي
اهو به اصل ۾ ساڳيو پالي لفظ ’پيمي آهي، جنهن ۾
’پ‘ کي مٽي ’م‘ ڪيو اٿئون. ڪٿي آهن ’ڌم‘ ۽ ’پيم‘
لفظ هندستاني ۽ ٻين آريه ٻولين ۾؟ تڏهين چئبو ته
شاباس اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي آهي، جا قديم زماني
جي پاليءَ وارا نشان اڄ تائين سانڍيندي پئي اچي.
50-سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي اصلوڪي
سنسڪرت صورت ايتريقدر مٽجي ويئي آهي، جو اهي سڃاڻڻ
ئي مشڪل؛ پر پاليءَ ۽ پراڪرت جي اُچارن سان انهن
جي ڀيٽ ڪجي، ته پوءِ سڃاڻڻ سولا ٿين ٿا- مثلاً،
سنسڪرت لفظ ’للاٽ‘ جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ’نرڙ‘‘
هن ۾ هڪڙو به ساڳيو اکر ڪونهي، ته پوءِ سڃاڻجي
ڪيئن؟ سنسڪرت جو اُچار پاليءَ ۾ ٿيو ’نلاٽ‘،
پراڪرت ۾ ’نڊال‘ (ڻڊال) سنڌيءَ ۾ نراڙ، نرڙ معنيٰ
پيشاني. ائين پالي ۽ پراڪرت ٻوليون سنڌي لفظن جي
بنيادن ڳولي لهڻ ۾ وڏي واهر ڪن ٿيون.
51- سنسڪرت ۽ پاليءَ جي باريڪ ڀيٽ ڪرڻ سان، عالمن
کي معلوم ٿيو آهي ته ٻنهي ٻولين جي وچ ۾ جيتوڻيڪ
تفاوت آهي، ته به پالي ٻولي سنسڪرت کي بلڪل ويجهي
آهي. ڊاڪٽر ڀنڊارڪر پنهنجن تقريرن ۾ ڄاڻايو آهي،
ته اٽڪل روءِ
پالِيءَ ۾ پنجن مان ٽي پتيون لفظ نج سنسڪرت آهن؛
باقي ٻن پتين ۾ به رڳو ٿوري تبديلي معلوم ٿئي ٿي.
سنسڪرت وياڪرڻ جي، پالي وياڪرڻ سان ڀيٽ ڪرڻ سان
عالمن کي معلوم ٿيو آهي ته پاليءَ مان ’دووچن‘ (Dual)
نڪري ويو آهي، اسمن جي حالتن ۽ فعلن جي گردانن ۾
به ٿورو ڦير آهي. اهڙيءَ طرح ڪن
جزوي ڦير ڦارين کان
سواءِ، ٻنهي ٻولين جو وياڪرڻ به گهڻو ڪري ساڳيو
آهي- مطلب ته سنسڪرت کي جهڙي پالي ٻولي ويجهي آهي،
تهڙي ٻي ڪا به پراڪرت ٻولي ويجهي ڪانهي. حقيقتون
’پراڪرت‘، نالو ئي انهن ٻولين تي پيل آهي، جي
پاليءَ کان وڌيڪ بگڙيل هيون. جنهن صورت ۾ گوتم ٻڌ
پنهنجو پرچار پالي ٻوليءَ ۾ ڪيو هو، ۽ ٻڌ ڌرم وارن
جا ڌرمي پستڪ ان ۾ لکيل آهن، تنهن صورت ۾ پالي
ٻولي ٻڌ ڌرم وارن جي پوتر ڀاشا يا پاڪ ٻولي ٿي ۽
ان جو مرتبو ٻين پراڪرت ٻولين کان مٿي ليکجڻ ۾
آيو.
سنڌ تي بختر جي يونانين جي ڪاهه
52- مهاراجا اشوڪ جي وقت ۾ سنڌ ۾، ڪن هنڌ ”سٽوپ“ (Stupa)
ٺهيا ۽ اهي تيرٿن جا هنڌ ليکجڻ ۾ آيا. ان وقت ٻڌ
ڌرم هيڪاري زور ورتو ۽ پالي ٻوليءَ به ترقي ڪئي.
مهاراجا اشوڪ، عيسوي سنه کان 227 ورهيه اڳي گذاري
ويو. کانئس پوءِ عيسوي سنه کان 180ع کن ورهيه اڳي،
بختر (بئڪٽريا) طرف جا ڪي يوناني لوڪ پنجاب تي
ڪاهي آيا ۽ پوءِ سنڌ جي به فتح ڪيائون. سندن وقت
جي نشاني، بختي، بغدي، ۽ بلغاري لفظ آهن.
بغدي بلوچن جا اَٺ ويهون اُٺن،
ڌاڙي خاطر ڌاريا، مهري ملوڪن.
ٽنگن ڊگها، وڃن سگها، جن جا چيريا چپ چُرن،
ڪنڌن ڪارا، پڇ ٻاهرا، جن جا کر نه کڙڪو ڪن،
نڪ ۾ نوڙي، وڃن ڊوڙي، بختي بلوچن،
منزل مارڻ، پوءِ نهارڻ، اهو عيب اُٺن،
وڃي واءِ چڙهن، ته به ڪنبن ڪين ’ڪبير‘ چوي.
(ڪبير شاهه)
بغدي معنيٰ بلغ (بلغ- بخارا) جو اُٺ؛ بختي معنيٰ
بختر(بئڪٽريا) جو اُٺ
–
اهي ٻيئي يوناني لفظ آهن. بئڪٽريا (بڪتر
–
بختر) جو قديم فارسيءَ ۾ اُچار’باختري‘ ۽ ”باخدي“
هو، ۽ اهو هاڻ ’بلخ‘ (بلغ) سڏجي ٿو.
انهن نالن مان ’بغدي‘ ۽ ”بختي“ لفظ ٺهيا آهن. اهي
اُٺ ٻن ٿُوهن سان هئا ۽ پنڌ جا تکا هئا، تنهنڪري
ٻنهي جي هاڻ معنيٰ آهي ’ڀلو مهري اُٺ‘.
(الف) بولغار جو شهر وولگا نديءَ جي ڪناري تي آهي.
اتي جي نانگ جي ورن وانگر حُقن جا نڙ سنڌ ۾ عام
ٿيا. ته اهي ’بلغاري‘ يعني بولغار جا سڏجڻ ۾ آيا:
انهن نڙن سان ڦوڪ سٺي ڀري سگهجي ٿي، تنهنڪري پوءِ
’بلغاري‘ معنيٰ ٿي سٺي متل چلم يا چڱو متل حقو.
سنڌ تي مصيبت پٺيان مصيبت
53- بئڪٽريا جي يونانين مٿان سنه 70ع ڌاري سٿين
(ساڪ) لوڪ ڪاهي آيا. کانئن اڳي ٻيا جيڪي ڌاريا
ماڻهو آيا، سي ملڪ ڦُري هليا ويا؛ پر هي سٿين لوڪ
هندستان ۾ کوپو کوڙي ويهي رهيا. پوءِ به سٿين لوڪن
جون ٽولين پٺيان ٽوليون هندستان ڏي ڌوڪينديون پئي
آيون. راجپوتن مان راجا ساليواهن انهن سٿين يا ساڪ
لوڪن کي ملتان کان ٽيهه ڪوهه پري ڪاهرور جي نزديڪ
اهڙي سخت شڪست ڏني، جو سندس ماڻهن کيس لقب ڏنو
’ساڪاري‘
–
يعني ساڪ لوڪن جي آري (دشمن). هن وڏي سوڀ جي
يادگيري قائم ڪرڻ لاءِ انهيءَ مهاڀاري لڙائيءَ
واري سال (78ع)کان ساليواهن جو ساڪ يعني سنبت شروع
ڪيائون، جو اڄ تائين هلندو اچي. راجا ساليواهن جي
پوٽي جو نالو ’ڀٽي‘ هو، جنهن جو اولاد جيسلمير جا
ڀٽي راجپوت آهن.
54
–
سنڌ ۾ ڪا اهڙي پهر ڪانه هئي، جا ساڪن کي سامهون
ٿئي، تنهنڪري هنن ڌارين جي ڌم اڪثر سنڌ ڏي هئي.
انهيءَ وقت ڌاري سٿين لوڪن جون ٻيون ٻه ذاتيون
پنجاب ۽ سنڌ ڏي آيون: انهن مان هڪڙا ’جت‘ ۽ ٻيا
’ميد‘ (مير) هئا. سنڌ ۾ جت اڄ تائين آهن-
راجپوتانا ڏي اهي پاڻ کي ’جاٽ(راجپوت)‘ سڏائين ٿا،
سنڌ جي مهاڻن مان اڄ تائين ڪي ’مير‘ سڏبا آهن
–
اهي سٿين لوڪ اصل تاتاري لوڪن مان هئا ۽ سنڌ ۾
اهڙو زور ٿي ويا، جو ان وقت سنڌ تي نالو ئي پيو
”اِنڊو-سٿيا“(ڏسو سنڌ گزيٽيئر صفحو 87). انهن نڪو
ڪو نئون ڌرم آندو، نڪا ڪا اوچي ٻولي آندائون. سندن
وقت ۾ ٻڌ ڌرم زور هو، ته پاڻ به اهو اختيار ڪيائون
۽ ٻولي به اسان واري اختيار ڪيائون، پر پاڻ اُچار
بگيڙيائون. سندين صاحبيءَ ۾ سنڌ جو واپار روم سان
هلندو هو. سنڌي ماڻهو روم مان چڱو ٽَڪو ماري ايندا
هئا، جنهن ڳالهه جي يادگيري اڄ به هڪ پهاڪو ڏياري
ٿو- ”توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوم، لکيو لوح
قلم ۾“. مطلب ته روم ۾ وڃي ماڻهو شاهوڪار ٿئي ٿو،
پر جيڪڏهن ڪنهن جو نصيب کُٽل هوندو، ته اتي به
ڍوڍو ۽ ٿوم (غريباڻو روزگار) حاصل ٿيندس.
55-سٿين جي وقت ۾ پرٿوُ (پهلو) (Parthians)
آيا. ”پيريپلس“ ۾ ڄاڻايل آهي، ته عيسوي پهرئين
صديءَ ۾ اهي سٿين ۽ پرٿوُ سنڌ ۾ پاڻ ۾ پئي لڙيا ۽
هڪٻئي کان زور ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون. پر ’چورن
مٿان مور ٻيا‘- وچائين ڪشن لوڪ آيا، جي زور ٿيا.
56- ڪش گهراڻي جي راجا ڪنشڪَ ٻڌ ڌرم کي گهڻو زور
وٺايو، جنهنڪري سنڌ سميت سڄي اتر- هندستان ۾ اهو
ڌرم هيڪاري وڌيو ۽ ڦهليو، کانئس پوءِ وسديو
پهريون، ۽ وسديو ٻيو، سنڌ جا حاڪم ٿيا- موهن جو
دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو ۽ ٻيا هنڌ جتي ٻڌ ڌرم وارن جا
ٺل ٺهيل آهن، سي ٺل انهيءَ وقت ۾ ٺهيا هئا.
سنڌ پرڳڻو گپت گهراڻي وارن جي تابعي
57- عيسوي سنه کان 184 ورهيه اڳي، جڏهين مورين
گهراڻي جو زور ٽٽو، تنهن کان وٺي اٽڪل 320ع تائين.
يعني ڀريا پنج سؤ ورهيه ساندهه، سنڌ پرڳڻي گهڻا
لاها-چاڙها ڏٺا. انهيءَ کان پوءِ 320ع ڌاري مڌيه
ديش جي پنچالن جي ڪل وارن پنهنجو نالو ڪڍيو.
يجرويد واري زماني کان وٺي اهي پنچال، ڪانيه ڪبج
(ڪنوج) ۾ راڄ ڪندا هئا، هينئر سندن ڪل وارن گپت
گهراڻي جو بنياد وڌو ۽ سنڌ جي سٿين حاڪمن کي
پنهنجو ڏن- ڀروُ ڪيائون؛ پر سنڌ جي حڪومت جون
واڳون وري به سٿين لوڪن جي هٿن ۾ ڇڏيائون.
58- گپت گهراڻي جي راڄ شروع ٿيڻ سان برهمڻن لاءِ
ڄڻ ته سونو سج اڀريو؛ ڇاڪاڻ ته گپت گهراڻي وارا سڀ
ڪريا ڪرم برهمڻن کان ڪرائيندا هئا. ٻڌ ڌرم جاري
ٿيڻ ڪري برهمڻن ٺوڪر کاڌي هئي، سي هينئر چيتي هلڻ
لڳا ڪن لنگ جي پوڄا ٿي ڪئي ۽ ٺاڪردوار ٿي ٺاهيا،
ته انهن ڳالهين تي اعتراض ڪونه اٿاريائون. ائين
ماڻهن جي ڀيت تي هلڻ لڳا ته ٻڌ ڌرم هوندي به،
برهمڻي ڌرم وري پاڻ کڻڻ لڳو. راجا سمدر گپت جو پٽ
راجا چندر گپت (ٻيو)، جو عام طرح وڪرماجيت
(وڪرمادنيه) سڏجي ٿو،
تنهن جي ڪوشش سان وديا جو ڦهلاءُ چڱو ٿيو- سندس
دربار ۾ جيڪي عالم ۽ فاضل هئا، تن مان نوَ ڄڻا
’نوَ رتن‘(Nine
gems)
سڏجڻ ۾ آيا، جن مان هڪڙو ناميارو ڪوي ڪاليداس هو،
جنهن جا سنسڪرت ناٽڪ مشهور آهن. ٻيو وررچي هو،
جنهن جي جوڙيل پراڪرت وياڪرڻ مان هن ڪتاب جوڙڻ ۾
ڪجهه مدد ورتي ويئي آهي.
59- گپت گهراڻي وارن جي صاحبيءَ ۾ ماڻهو سک سانت ۾
گذارڻ لڳا. گهرن ۾ ڪٿائون ٿيڻ لڳيون ۽ ماڻهو
پراڪرت لفظن بدران ڪيترا نج سنسڪرت لفظ ڪم آڻڻ
لڳا.
سنڌ ۾ راءَ گهراڻي جو راڄ
60- گپت گهراڻي وارن جي راڄ شروع ٿيڻ کان پوءِ،
ڏيڍ سؤ کن ورهيه ساندهه، هندستان جي ماڻهن نهايت
امن امان ۾ گذاريو، پر پوءِ’هون‘ لوڪ هندستان تي
ڪاهي آيا، جي ’هُون‘ به سڏبا هئا- انهن مان ڪي
گورجر، ڪي اهير(اڀير) ۽ ٻين ذاتين وارا هئا، پر
سڀني کي گڏي ’هوڻ‘ (Huns)
سڏيو اٿن- سندن مهندار ’مهر گل‘ نالي هو، جو نهايت
ظالم هو: ٻيا ڪن سُڃ مان وسندي، پر هيءُ وسنديءَ
مان سُڃ ڪرڻ وارو هو- گنڌار (قنڌار) طرف تڪش سلا
يونيورسٽي هئي، تتي هن مهرگل جي ماڻهن ڦرلٽ ڪري
ماڻهن جي گهرن کي باهيون ڏنيون. هندن ۾ اهڙو هراس
پيدا ٿيو، جو اهو سمورو پاسو خالي ڪري ويا ۽ هن
وقت انهيءَ پاسي رڳو پٺاڻ رهن ٿا. پنجاب جي الهندي
طرف ڪيڪيه جو پرڳڻو، جو وديا جو وڏو مرڪز هو، سو
به هنن هون لوڪن باهيون ڏيئي جلايو ۽ هتي جي هندن
کي به لڏڻو پيو. اڄ اهو ديري اسماعيل خان ۽ ديري
غازي خان وارو پاسو ٻروچڪو ملڪ آهي. اهي ئي هون
لوڪ هئا، جن گپت گهراڻي جو خاتمو ڪيو ۽ سنڌ ۾ اچي
راءَ گهراڻي جو راڄ برپا ڪيو. اهي ئي لوڪ پهريائين
شودر ليکبا هئا،
پر برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا، ته برهمڻن گهڻي خوشيءَ
سان سندين شڌي ڪري، کين کتري بنايو. ڀانئجي ٿو ته
اگني (باهه) ٻاري، هون هوم ڪري، سندين شڌي ڪيائون،
جنهنڪري سندن اولاد ’اگني ڪل‘ يعني باهه جي خاندان
مان پيدا ٿيل راجپوت (راجا جا پٽ) سڏجڻ ۾ آيو(ڏسو
ڪرنل ٽاڊ جو ’راجستان جو احوال‘)- هندستان جي
تازين جڙيل تاريخن ۾ راجپوتن جو زمانو سنه 650ع
کان وٺي ليکيو وڃي ٿو- انهن ڌارين لوڪن به اچي
هندستان جون پراڪرت ٻوليون اختيار ڪيون.
پراڪرت ٻولين جا قسم
61- پالي ٻولي سڄي هندستان ۾ ڦهليل هئي ۽ پوءِ
بگڙجي پراڪرت ٿي، ته هندستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾
پراڪرت ٻولي پنهنجي پنهنجي نموني واڌارو ڪيو،
جنهنڪري ان جا گهڻا نمونا ٿيا. جين ڌرم وارن جا
ڌرمي پستڪ انهن مان ڪن ۾ لکيل آهن. اسانجن آڳاٽن
ماڻهن انهن جا گرامر به ٺاهيا، جي اڄ تائين موجود
آهن. چنڊ نالي هڪ شخص عيسوي سنه کان ٽي سؤ کن
ورهيه اڳي، يعني مورين گهراڻي جي صاحبيءَ ۾،
پراڪرت ٻولين جو وياڪرڻ ’پراڪرت لڪشڻ‘ نالي جوڙيو
هو، جنهن جو ترجمو ڊاڪٽر هورنل (Dr.
Hoernle)
ڪيو آهي. چنڊ کان پوءِ وررچي، جو مهاراجا وڪرماجيت
جي دربار جي نون رتنن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو، تنهن
’پراڪرت پرڪاش‘ ٺاهيو، جنهن جو ترجمو ڊاڪٽر ڪوويل
(Dr:
Cowell)
ڪيو آهي. جين ڌرم جو نامور اپاسڪ هيمچندر آچاريه،
جو سنه 89- 1088ع ڌاري احمد آباد ۾ ڄائو هو، تنهن
’هيم وياڪرڻ‘ جوڙيو، جنهن جي اٺين باب ۾ پراڪرت
ٻولين جو وياڪرڻ ڏنو اٿس. هيم وياڪرڻ جو ترجمو
ڊاڪٽر پشل (Dr
Pischel)
ڪيو آهي. هيمچندر آچاريه کان پوءِ تروڪرم،
لڪشميڌر، مارڪڻڊيه، (عيسوي سترهين صديءَ ۾) ۽
ٻين، پراڪرت وياڪرڻ ٺاهيا- انهن ڪتابن مان معلوم
ٿئي ٿو، ته پاليءَ واري زماني کان پوءِ، هندستان
جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جيڪي پراڪرت ٻوليون چالو هيون،
تن مان ڇهه مکيه هيون: (1) مها راشٽر (2) ماگڌي
(3) ارڌ ماگڌي (4) شؤر سيني (5) پئشاچي (6)
اپڀرنش. انهن ڇهن نالن مان ظاهر آهي ته پهريون چار
پراڪرت ٻوليون جن هنڌن ۾ ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون،
تن هنڌن جا نالا مٿن رکيل هئا، ۽ پئشاچي پراڪرت،
پشاچ لوڪن جي ٻولي هئي، جن بابت مٿي اڳيئي چيو ويو
آهي ته ڪلجڳ شروع ٿيڻ وقت هنن پنجاب ۽ سنڌ ۾ اچي
بيٺڪون وڌيون هيون.’اپڀرنش‘ معنيٰ بگڙيل ٻولي،
تنهنڪري اها ڪنهن خاص هنڌ جي ٻولي نه هئي؛ پر جيڪا
به ٻين پراڪرتن کان وڌيڪ بگڙيل هئي سا انهيءَ نالي
سان سڏبي هئي. انهن ڇهن پراڪرتن مان مها راشٽريءَ
جو درجو سڀني کان مٿي ڪري ليکيو اٿن. جين ڌرم وارن
جا ڌرمي پستڪ ان ۾ لکيل آهن. اها وڏي ايراضيءَ ۾
چالو هئي ۽ اهڙي ته مکيه هئي، جو هيمچندر آچاريه
جڏهن رڳو ’پراڪرت‘ لفظ ڪم آڻي ٿو، تڏهن مطلب ئي
اٿس ’مهاشٽري پراڪرت‘. پنهنجي گرامر ۾ گهڻو ذڪر
ڪيو ئي ان جو اٿس. ٻين پراڪرت نحوين به قاعدا رڳو
مهاشٽري پراڪرت جا ڏنا آهن: ٻين پراڪرت ٻولين بابت
ڳو ايترو ڄاڻايو اٿن ته اهي فلاڻين فلاڻين ڳالهين
۾ مهاشٽريءَ کان علحديون آهن.
اپڀرنش
62- وچولي زماني جون پراڪرت ٻوليون، جي پاليءَ جو
درجو لنگهي وڌيڪ ابتر ٿيون، سي پوءِ وڌيڪ
بگڙيون.اهو سڀاويڪ آهي ته جَت، ڌنار ۽ ٻيا اڻپڙهيل
ماڻهو لفظن جا اچار بگيڙين ٿا. وقتي ساڱيا واڱيا
به ٻوليءَ ۾ چُڪون ڪن ٿا. ائين ٻولين ۾ بگاڙو پوي
ٿو- پرپاليءَ واري زماني کان وٺي هندستان ۾ حالتون
ئي اهڙيون اچي بڻيون، جو هڪٻئي پٺيان ڌاريا لوڪ
ڪاهي پئي آيا ۽ انهن به اهي ئي پراڪرت ٻوليون
اختيار ڪيون، ته پاڻ اچار وڌيڪ بگيڙيائون، جنهنڪري
آڳاٽن نحوين، انهن بگڙيل ٻولين کي ’اپڀرنش‘ سڏيو
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مقرر درجي کان ڪِريل (Falicn
from the normal)
يعني بگڙيل يا کريل ٻولي
.
اپڀرنش جو درجو سڀني پراڪرت ٻولين کان گهٽ ڪري
ليکيو اٿن- هندستان جي جدا جدا ڀاڱن جون اهي
اپڀرنش ٻوليون بگڙجي هاڻوڪيون هندي، سنڌي، گجراتي
وغيره ٿيون آهن- جنهنڪري چئبو ته آڳاٽين پراڪرتن ۽
هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جو وچ وارو ڏاڪو اهي اپڀرنش
پراڪرت ٻوليون آهن.
63- اپڀرنش جو ذڪر پراڪرت گرامر جوڙيندڙن هيمچندر
آچاريه، تروڪرم، ڪرمڌيشور ۽ مارڪڻڊيه ڪيو آهي.
ڊنڊن پنهنجي ’ڪاويه درش‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته اپڀرنش
ٻولي، اميرن (اڀيرن يعني ڳنوارن يا مالدارن) جي
ٻولي هئي ۽ سنڌ جا اهير اپڀرنش ۾ شعر چوندا هئا.
ان وقت جو سنڌ جو شعر ملي نٿو سگهي، باقي گجرات
طرف جي ناگر اپڀرنش جو شعر موجود آهي، جنهن مان
ٿورا ٽڪرا ڊاڪٽر ڀنڊارڪر پنهنجي ڪتاب
“ Wilson Philological Lectures”
۾ ڏنا آهن- سنڌ ۾ اهي ڪوبه سمجهي ڪونه سگهندو،
تنهنڪري هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته ان ۾
’دوهرا‘، يعني ٻن سٽن وارا بيت آهن: سنڌ جو به
قديم شعر ’دوهرو‘آهي.
پراڪرت جا مزيدار مثال
64- پراڪرت ۽ اپڀرنش ۾ ٻه مکيه ڳالهيون گهڻو ڌيان
ڇڪين ٿيون. ڪيترن لفظن جي وچ ۽ پڇاڙيءَ مان، حرف
صحيح ايتريقدر نڪري ويا آهن، جو هن وقت پراڪرتن ۾
سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ نه ٻيو حرف علت يا
’هه‘ جو اچار آهي ۽ ٻيو ڪو به حرف صحيح ڪونهي!
لفظن مان ڄڻ ته هڏا ويا آهي نڪري، باقي رڳو ماس
پيو لڙڪي! مثلاً، سنسڪرت لفظ ’هرديه‘ معنيٰ هردو
يه دل، ۽ ’متر‘ معنيٰ مِٽ(مائٽ). پراڪرت ۾ انهن جا
اچار ٿيا ’هنئه‘ ۽ ’منئه‘! ڪنهن کي جيڪر اعتبار ۾
ئي ڪونه اچي، ته ڪو پراڪرت ڳالهائيندڙ، هن ريت
لفظن مان حرف ڪڍي، رڳو ٻاتن وانگر (ءَ
–
ءَ
–
ءَ
–
يه، يه، يه) پيا ڪندا هئا- پر ڏسون ٿا، ته اهي
ساڳيا لفظ سنڌي ۾ آهي: پراڪرت لفظ ’هنئه‘ بدران
چئون ’هنئون- هنئانءُ‘ معنيٰ دل ۽ ’منئه بدران
چئون ’مِنئون‘(ميان)‘ مثلاً ميان قادر بخش. پراڪرت
ٻوليءَ ۾ خود ’پراڪرت‘ لفظ جو اچار آهي ’پاييه‘،
جنهنڪري ڌنپال آچاريه پنهنجي جوڙيل پراڪرت ڪوش
(ڊڪشنريءَ) جو نالو ئي رکيو آهي ’پاييلڇي‘. جو
اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ’پراڪرت لڪشمي‘. ’لڪشمي‘ جو
اچار بگڙي ’لڇمي‘ ۽ پوءِ ’لڇي‘ ٿيو آهي. اهو اچارن
جو نمونو اڄ تائين ڪجهه قدر لاڙ جي هندن ۾ آهي، جي
’ناريل بدران چون ’ناير‘!
65- پراڪرت ڳالهائيندڙن جا اچار نه رڳو ٻاتن جهڙا
هئا، پر ڪجهه گهُڻن جهڙا به هئا- مثلاً:
سنسڪرت پراڪرت سنڌي
نر
ڻرو نر(مونث؛ ’مادي‘)
نشڪرمڻ ڻمڪڻ نڪرڻ
(ٻاهر وڃڻ)
نيان
ڻياڻ نياڻ(حوض- چشمو)
نگر
ڻئر نير
–
معنيٰ شهر
مثلاً، ’بيڪانير‘ شهر بيکي نالي هڪ راجپوت جي نالي
پٺيان سڏجي ٿو. پراڪرت ڳالهائيندڙ گهُڻن وانگر ’ن‘
بدران ’ڻ‘ ايتريقدر ڪم آڻيندا هئا، جو پراڪرت ۾
اهڙا سڀ لفظ ’ن‘ بدران ’ڻ‘ سان شروع ٿين ٿا. اسان
شايد انهن جي اَڍ ڇڪي آهي، جو لفظن ۾ نڪ جو اُچار
گهڻو گڏيون ٿا- مثلاً ’تهجو‘ ۽ ’مهجو‘ بدران چئون
’تنهنجو‘ ۽ ’منهنجو‘، ۽ ’پري‘ بدران عام طرح چئون
’پرين‘، معنيٰ پيارو. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو،
پراڪرت ڳالهائيندڙن کان اسان جا اچار وڌيڪ مٺا
آهن. هن وقت سنڌيءَ ۾ ڪوبه لفظ ’ڻ‘ سان شروع ڪونه
ٿو ٿئي: رڳو هڪ لفظ ’ڻوڻ‘(جمع ڻوڻيون) آهي، پر ان
جو صحيح اُچار آهي ’روُڻ‘(جمع روڻيون). درياء جو
پاڻي اٿلي، ڪنهن بند کي ويڙهي ويندو، ته بند کي
اول سيڪ ايندو، يعني ڀڄي آلو ٿيندو. پوءِ روڻ
پونديس، جنهن مان پاڻي ’روُن روُن‘ ڪري وهندو ۽
پوءِ بند کي گهارو پوندو- اهو لفظ ’رون رون‘
(آواز) مان ٺهيل آهي.
اپڀرنش پراڪرت جا مثال
66- سنسڪرت لفظن جا اُچار پراڪرت واري زماني ۾
ماڻهن هڪڙيءَ ريت بگيڙيا، ۽ گپت گهراڻي وارن جي
صاحبيءَ ۾ جيڪي سنسڪرت لفظ وري نئين سر چالو ٿيا،
تن جا اچار اپڀرنش واري زماني ۾ ماڻهن ٻيءَ ريت
بگيڙيا- مثلاً، سنسڪرت ’هرديه‘، پراڪرت ’هنئه‘،
سنڌي ’هنئون‘، پر اپڀرنش ۾ اچار ٿيس ’هج‘ (Hijja)،
جنهن مان سنڌي لفظ ’هيج‘ ٺهيو آهي، ۽ معنيٰ اٿس دل
جو چاهه يا خوشي- ’هيج‘ نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر
وينديون.‘(شاهه)، اهڙيءَ طرح ساڳين سنسڪرت لفظن
جون سنڌيءَ ۾ ڪيتريون علحديون علحديون صورتون آهن.
(الف) جيڪي لفظ پراڪرت ۾ ورهين کان چالو هئا، تن
مان ڪيترن جا اچار پوءِ اپڀرنش ٿيا، يعني بگڙيا-
مثلاً، سنسڪرت لفظ ’راجا‘ جو اچار پراڪرت ۾ ٿيو
’راڻا‘، ته اهو اپڀرنش ۾ وڌيڪ بگڙجي ٿيو’راءَ‘ سنڌ
جي شاهي گهراڻي وارا حاڪم پاڻ کي ’راءَ‘(راجا)
سڏيندا هئا. اهو لفظ خود اپڀرنش پراڪرت جو آهي. هن
وقت اسين اهو لفظ ماڻهن جي نالن پٺيان گڏيندا
آهيون- مثلاً: حشمتراءَ، بسنتراءَ، هن طرح چالو
لفظن جا اُچار وڌيڪ بگڙيا، تنهن لاءِ تاريخي سبب
به هئا- جيئن هيٺ ڄاڻائجي ٿو:
برهمڻ گهراڻو ۽ عربن جي ڪاهه
67- راءَ گهراڻي وارن اٽڪل 495 کان وٺي 632ع تائين
حڪومت ڪئي. سندين صاحبيءَ جي اوائل ۾ ايرانين سنڌ
۾ اچي ڦرلٽ ڪئي. هن گهراڻي جي پوئين حاڪم جي وقت ۾
چچ نالي، هڪ برهمڻ حرفت ڪري سنڌ جي حڪومت جون
واڳون پنهنجي هٿ ۾ ڪيون، ۽ برهمڻ گهراڻي جو بنياد
وڌائين. کانئس پوءِ ڀاڻس چندرا ٻڌ ڌرم کي مڃڻ لڳو،
پر ست سال تڳيو. هن کان پوءِ راجا چچ جو پٽ راجا
ڏاهر گاديءَ تي ويٺو، جنهن جي صاحبيءَ ۾ عربن سنڌ
تي ڪاهه ڪئي.
68- سنه 711ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ 13-712ع ڌاري
ملتان به ورتائون. انهيءَ وقت ڪيترا هندو، مسلمان
ٿيا ۽ ڪي مسلمان ٻين هنڌان اچي سنڌ ۾ رهيا. انهيءَ
ريت سنڌ ۽ ملتان ڏي عربي ٻوليءَ جو واهپو ٿيو.
عربي تاريخ نويس اصطخري، پنهنجي ڪتاب ’مسالڪ
الممالڪ‘ ۾ ڄاڻايو آهي، ته منصوره، ملتان ۽ انهن
جي آسپاس وارن شهرن ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون چالون
هيون. اهو ڪتاب هجري سنه 240 يعني 950ع جو لکيل
آهي- منصوره جو شهر هاڻوڪي شهدادپور تعلقي ۾ برهمڻ
آباد جي نزديڪ هو، ۽ ان وقت ملتان جو شهر به سنڌ
جي حڪومت هيٺ هو. انهيءَ سموري اراضيءَ ۾ عيسوي
ڏهين صديءَ ۾ وراچڊ اپڀرنش چالو هئي. اها ئي سنڌ
جي ٻولي هئي: تنهنڪري اصطخري ۽ ٻين عربي تاريخ
توڙي جاگرافي نويسن انهيءَ کي ”سنڌي“ يعني سنڌ جي
ٻولي سڏيو آهي- عربن کان پوءِ غزنوي گهراڻي جي
حڪومت 1025ع کان وٺي هلي؛ پوءِ سگهو ئي سومرن جي
صاحبي ٿي.
69- هون لوڪ، جن سنڌ ۾ راءَ گهراڻي جو بنياد وڌو.
تن جي اچڻ جي وقت کان وٺي عربن جي ڪاهه تائين جيڪي
ٿيو، تنهن جو مختصر ذڪر بيمس صاحب پنهنجي ٺاهيل
ڏيهي آريه ٻولين جي گرامر ۾ هن ريت ڪيو آهي:
The first province of India which was conquered
by foreigners was Sind, the next the Punjab.
These provinces, especially the former, adopted
the Muhammadan religion at an early date.
Brahmans are, and have long been, comparatively
scarce in both places. The Prakrits in use in
both, especially in Sind, were always noted for
their extreme corruptness. A soil, for the most
part sterile, and more suited to a pastoral than
to an agricultural people, was left by the main
stream of the Aryan immigrants to the cattle
tending Abhirs. Or Ahirs, and to the Gujar sand
other rude tribes, to whom supervened the Jats,
a branch of the great Kshatriya or Rajput caste
who had been excluded from fellow-ship for some
reason which has not yet been fathomed. With so
rude a population as this it is not wonderful
that the language became debased, and that the
constant state of warfare and turmoil in which
the people lived for ages, the perpetual sieges
of their towns, pillaging of their humble
dwellings, wholesale slaughter of their cattle,
and other annually recurring horrors with which
they wary visited, should hay left them neither
opportunity. Nor inclination for literary
pursuits, by which alone their language could
have been polished and continually renewed by
resuscitation of pure Sanskrit words.
Fohn Beames Comparative Grammar of the Modern
Aryan Languages of India Vol: 1, pp. 92-30.
هاڻوڪيون ڏيهي آريه ٻوليون
70- هندستان ۾ هن وقت جيڪي سنسڪرت مان پيدا ٿيل
ڏيهي آريه ٻوليون (سنڌي، هندي، گجراتي وغيره) چالو
آهن، سي مٿي ذڪر ڪيل پراڪرت ٻولين جي اپڀرنش يا
بگڙيل صورتن مان هيٺينءَ ريت پيداٿيون آهن:
(1) مهاراشٽري-
مرهٽن جي ملڪ کي ”مهاراشٽر“ يعني وڏو پرڳڻو يا
وڏي حڪومت چئبو آهي، ۽ اتي جي ٻولي مهاراشٽري
پراڪرت سڏبي هئي، جا پوءِ ”اپڀرنش“ ٿي، يعني
بگڙي. اها مهاراشٽري اپڀرنش پراڪرت وڌيڪ بگڙي،
جنهن مان مراهٽي ۽ ڪوڪني ٻوليون پيدا ٿيون.
(2) ماگڌي-
بهار جو ڏاکڻو ڀاڱو آڳاٽي زماني ۾ مگڌ ديش جي
پراڪرت، سڏبي هئي. اها ٻولي وڏي ايراضيءَ ۾ چالو
هئي، تنهنڪري ان جي اپڀرنش يا بگڙيل صورت جا گهڻا
نمونا هئا. انهن علحدن نمونن مان هاڻوڪي بنگ ڀاشا
يعني بينگالي ٻولي، آسامي، اُڙيا، يعني اوڙيسا جي
ٻولي، منٿلي، ڀوڄپوري ۽ ناگپوري ٻوليون پيدا ٿيون
آهن. بينگالي ۽ آڙيا هڪٻئي کي گهڻو ويجهيون آهن.
(3) ارڌ ماگڌي-
مگڌ يعني بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي (بينگال وغيره) کان
وٺي هاڻوڪي الله آباد جي دنگ تائين جيڪا پراڪرت
چالو هئي، سا ”ارڌ ماگڌي“ يعني ”اڌماگڌي“ سڏبي
هئي؛ ڇاڪاڻ ته ان ۾ اڌ جيتري ماگڌي ۽ اڌ جيتري
پنجاب طرف جي شوُرسيني پراڪرت گڏيل هئي. انهيءَ
ارڌماگڏي جي اپڀرنش يا بگڙيل صورت مان ” پوربي
هندي“ پيدا ٿي، جا اَگري ۽ ائوڌ جي گڏيل پرڳڻن (United
provinces)
جا پورپي ڀيّا ڳالهائيندا آهن.’پڇمي هندي‘، جنهن
کي عام طرح ’هندستاني‘(اڙدو) چئجي ٿو، سا هن ’پوري
هندي‘ کان نرالي آهي- مثلاً:
پوربي هندي- ڀيين، ڪا ڪَروَت؟
پڇمي هندي- ڀائي ڪيا ڪرتي هو؟
پوربي هندي- موري اکيان، يعني منهنجون اکيون.
پڇمي هندي- ميري آنکين، يعني منهنجون اکيون.
اهڙيءَ طرح ٻيا منجهن گهڻا تفاوت آهن.
پوربي هنديءَ جون مکيه شاخون ائوڌي يعني ائوڌ
(ايوڌا) جي ٻولي، بنڊيلي يعني بنڊيل کنڊ جي ٻولي ۽
ڪنوجي آهن. تلسي ڪرت رامائڻ، ڪبير ڀڳت جا سلوڪ ۽
ٻيا ڪيترا پستڪ پوربي هنديءَ ۾ لکيل آهن.
(4) شَورسيني-
مهاڀارت جي زماني ۾ راجا ڪنس کان گهڻو اڳي مٿرا جو
راجا شوُرسين هو، تنهنڪري مٿرا ۽ ان جو آسپاس وارو
ملڪ سندس پٺيان شوُرسين سڏبو هو ۽ اتي جي ٻولي
شوُرسيني پراڪرت ڪوٺجڻ ۾ آئي. اها پراڪرت تمام وڏي
ايراضيءَ ۾ ڦهليل هئي. ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجي
پنهنجي ٺاهيل بينگالي ٻولي جي تاريخ صفحي 113 ۾
ڄاڻايو آهي ته شوُرسيني اپڀرنش پنجاب جي الهندي
طرف کان وٺي گجرات ۾ بينگال تائين چالو هئي، ۽
جيئن هينئر هندستاني ٻولي عام آهي، تيئن عام هئي.
ان جي اپڀرنش يا بگڙيل صورت جا گهڻا نمونا هئا.
(الف) مٿرا ۽ ان جي آسپاس واري ملڪ ۾ بلڪ دهليءَ
تائين، شوُرسيني اپڀرنش چالو هئي، جا ڦري هاڻوڪي
پڇمي هندي ٿي، جنهن جي مکيه شاخ ’برج ڀاشا‘، يعني
برج جي ٻولي آهي.
ڀڳت سورداس جي واڻي برج ڀاشا ۾ لکيل آهي.
(ب) مغلن جي صاحبيءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي عدل ۽انصاف
جون ساکون ٻڌي،ڪٿان ڪٿان جامسلمان دهليءَ ۾ آيا ۽
اتي جي هنديءَ ۾ سندن ڪيترا عربي ۽ فارسي وغيره
لفظ گڏجي ويا. اها گاڏڙ ٻولي پوءِ مغلن جي اُڙدَ
يعني لشڪر جي ڇانوڻيءَ ۾ عام طرح ڳالهائڻ ۾ ايندي
هئي، تنهنڪري ’اڙدو‘ يعني لشڪر جي ڇانوڻيءَ جي
بولي نالو پيس- اڙدوءَ ۾ لکيل شعر جي ٻوليءَ کي
عام طرح ’ريختہ‘سڏين
ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي ذرا يا ڪريل ٽُڪر. ان ۾ ڪي
جزا هنديءَ جا ته ڪي عربي ۽ فارسي وغيره جا آهن،
تنهنڪري اهو نالو پيس. مغلن جي لشڪر اها ٻولي پوءِ
هندستان جي ڳچ ڀاڱي ۾ ڦهلائي، تنهنڪري ’هندستاني‘
سڏجڻ ۾ آئي. هاڻ تفاوت هي آهي ته ’هندي‘اها چئجي،
جنهن ۾ سنسڪرت بنياد جا لفظ گهڻا هجن ۽ اڙدو يا
هندستاني اها آهي جنهن ۾ عربي، فارسي لفظ گهڻا
مليل هجن- پر اڙدو به شوُرسيني پراڪرت مان پيدا ٿي
آهي.
(ٻ) سڄي پنجاب ۾ اصل شوُرسيني پراڪرت چالو هئي،
جنهن مان هندي ڌار ته اڙدو ڌار پيدا ٿي، پر الهندي
طرفان پنجاب ڏي ڪشميري، سرائڪي ۽ ٻين داردڪ ٻولين
جي لهر آئي، ۽ اتي جي ’تاڪ‘ لوڪن جي نالي پٺيان
اها ’تاڪ اپڀرنش‘ سڏجڻ ۾ آئي، جا پوءِ ڦري پنجابي
ٻولي ٿي- مطلب ته هنديءَ ۾ ڪشميري ۽ سرائڪي گڏجي
ويئي، ۽ انهن جي ميلاپ مان پنجابي ٻولي ٺهي.
(ڀ) گجرات ۽ راجپوتانا ڏي به پنجاب واري شوُرسيني
پراڪرت چالو
هئي، جو مهاڀارت واري زماني کان وٺي، سري ڪرشن ۽
ڪيترا ٻيا جادوُنسي، دوارڪا طرف اچي رهيا هئا ۽
پوءِ به لڙهه وچڙ جام هئي، پر گجرات ۾ ڏکڻ طرفان
مهاراشٽري، پراڪرت جي به لهر آئي. هيءَ تاريخي
حقيقت آهي ته جيئن مهاراجا اشوڪ پالي ٻولي ڦهلائي،
تيئن 68ع ۾ راجا هالا مهاراشٽري پراڪرت جو ڦهلاءُ
ڪيو. مرهٽن به وارو ڏيئي گجرات تي پئي ڪاهيو.
انهيءَ ريت پنجاب واري شوُرسيني پراڪرت جي ميلاپ
ڪري گجرات ۾ هڪ گاڏڙ ٻولي ٺهي، جنهن تي علحدو نالو
’سؤر شٽري پراڪرت
پيو.‘ ’سؤراشٽر‘ جو اچار بگڙجي ’سورٺ‘ ٿيو
آهي. سؤراشٽري يا سورٺي پراڪرت جو هڪ بگڙيل نمونو
’ناگر اپڀرنش‘ آهي (گجرات جا ’ناگر‘ برهمڻ اڄ
تائين مشهور آهن). ناگر اپڀرنش وڏي ايراضيءَ ۾
چالو هئي، تنهنڪري ان جا ٻه مکيه نمونا هئا: هڪڙو
ناگر ۽ ٻيو اُپناگر. گجرات تي نالو ’گورجر‘قوم تان
پيو آهي ۽ انهن گورجرن جي ٻولي ’گورجر اپڀرنش‘
سڏبي هئي، جا ڦري هاڻوڪي گجراتي ٻولي ٿي آهي. ناگر
اپڀرنش جو ٻيو بگڙيل نمونو، جو اُجين ۽ ان جي
آسپاس وارن هنڌن ۾ چالو هو، تنهن کي ’آونته
اپڀرنش‘ چوندا هئا ۽ انهيءَ مان راجستاني يعني
راجپوتانا طرف جون ٻوليون (مارواڙي ۽ جيسلميري
وغيره) پيدا ٿيون آهن.
(ت) سنڌ ۾ جيڪا اپڀرنش چالو هئي، سا گهڻو بگڙيل
هئي، تنهنڪري اها ’وراچڊ اپڀرنش‘ يعني گهڻو بگڙيل
يا ردي ٻولي سڏبي هئي. اها وراچڊ اپڀرنش وڌيڪ
بگڙجي هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٿي آهي. سنڌ جي ٻولي وڌيڪ
بگڙجڻ جا سبب اڳيئي ڄاڻايا ويا آهن.
وراچڊ اپڀرنش
71- هندي، پنجابي ۽ گجراتيءَ وانگر سنڌي ٻوليءَ جو
سمورو گهاٽ پنجاب واري شوُرسيني پراڪرت تي ٻڌل
آهي؛ پر جيئن گجرات طرف جي ٻوليءَ تي ڌار نالو
سؤراشٽري پراڪرت رکيل هو، تيئن سنڌ جي پراڪرت تي
ڪو ڌار نالو رکيل هو يا نه، سا ڳالهه ڪنهن به ڪتاب
۾ ڄاڻايل ڪانهي. ڊاڪٽر ڀنڊارڪر پنهنجين علم لغات
بابت تقريرن (صفحي 232) ۾ هيئن چيو آهي ته جنهن
صورت ۾ پراڪرت وياڪرت جي باري ۾ آندو آهي، تنهن
صورت ۾ گجراتي، سنڌي، پنجابي ۽ هندي اهي چارئي
قديم شوُرسيني پراڪرت جون عيوضياڻيون ڪري سمجهڻ
گهرجن. هيءَ به تاريخي حقيقت آهي ته پنجاب، گجرات،
راجپوتانا ۽ سنڌ جي حڪومت ايامن کان گڏيل هئي ۽
انهيءَ ڪري انهن سڀني هنڌ شوُرسيني پراڪرت چالو ٿي
هئي. اهي ڳالهيون ڳڻي، سنڌي ٻوليءَ جي هن وقت
جيڪڏهن پيڙهي ڇڪبي، ته چئبو ته وراچڊ اپڀرنش ان جي
سڳي ماءُ ٿئي، پنجاب واري شوُرسيني پراڪرت (يا ان
جو ڪو نمونو جو سنڌ ۾ چالو هو) ان جي ناني ٿئي، ۽
سنسڪرت ٻولي، جا رگ ويد واري زماني کان وٺي سڄي
هندستان ۾ ڳالهائڻ ايندي هئي، سا ان جي پڙ ناني
ٿئي، ۽ سنسڪرت خود انڊو-يوروپين ٻولين جي هڪ شاخ
آهي، جنهنڪري سنڌيءَ جو جگري ناتو ايران ۽ يورپ جي
ڪيترين ٻولين سان آهي.
وراچڊ اپڀرنش جون مکيه خاصيتون
72- وراچڊ اپڀرنش ڦري هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٿي آهي،
سا پڪ اسان کي هن طرح ئي آهي، جو مارڪڻڊيه نالي هڪ
پراڪرت وياڪرڻ جوڙيندڙ پنهنجي ٺاهيل وياڪرڻ ۾
چٽيءَ ريت ڄاڻايو آهي، ته سنڌ ۾ جيڪا اپڀرنش چالو
هئي، سا ’وراچڊ اپڀرنش‘ يعني گهڻو بگڙيل يا ردي
ٻولي سڏبي هئي. مارڪڻڊيه ان جي ڪن مکيه خاصيتن جو
به ٿورو ذڪر ڪيو آهي: پنهنجي وياڪرڻ ۾ چوي ٿو ته
’سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن جي اڳياڙيءَ واري ’ت‘ ۽ ’د‘
جو اچار، وراچڊ ۾ ڦيرائي ’ٽ‘ ۽ ’ڏ‘ ڪندا هئا‘-
هيءُ هڪ چڱو ڏس ڏنو اٿس. اڄ به ڏسون ٿا، ته هنديءَ
۾ چون ’تانيا‘ ته اسين چئون ’ٽامون‘، سنسڪرت ’دان‘
بدران چئون ’ڏاڻ‘- هتي ’د‘ کي ڦيرائي ’ڏ‘ ۽ ’ن‘ کي
ڦيرائي ’ڻ‘ ڪيو اٿئون. سنسڪرت ’دير گهه‘ بدران
چئون ’ڊگهو‘: سنسڪرت لفظ ”سٿان“ جو اچار سنڌيءَ ۾
’آسٿان‘ ۽ ’ٿان‘ آهي، پر ’ٺاڻ‘ به چئون:
’جت ٻجهن گهوڙا گهڻا، انهيءَ کي چون ٺاڻ‘(ديوانِ
گل).
73- مارڪڻڊيه پنهنجي وياڪرڻ ۾ ٻي مکيه ڳالهه هيءَ
ڄاڻائي آهي، ته وراچڊ اپڀرنش ۾ ’س‘ جو چار ڦيرائي
’ش‘ ڪندا هئا. اها عادت به اسان ۾ برابر آهي-
مثلاً، سنسڪرت لفظ سنهه، سيوا ۽ سيوڪ بدران چئون
شينهن، شيوا ۽ شيوڪ. فارسي لفظ ’شيخ‘ بدران ڪيترا
چون ’شيخ‘. اها عادت اڻپڙهيلن ۾ هيڪاري گهڻي آهي،
جي ’خاصو‘ بدران چون ’کاشو‘ ۽ ’سائين‘ بدران چون
’شائين‘.
74- وراچڊ بابت مارڪڻڊيه ٻيو به ڪجهه چيو آهي، پر
هن وقت وراچڊ کان سنڌي ٻولي گهڻو ڦريل آهي،
تنهنڪري اهي ڳالهيون پوريءَ ريت سمجهڻ ۾ نٿيون
اچن. ڀانئجي ٿو ته ٻ، ڄ، ڏ ۽ ڳ اکر، جي سنڌيءَ ۾
آهن ۽ هنديءَ وغيره ۾ ڪينهن تن جو ذڪر ڪيو اٿس.
سنڌيءَ ٻوليءَ جي جنم جي تاريخ
75- سڀني ڏيهي آريه ٻولين ۾ جهوني ۾ جهونو ڪتاب
’پرٿيراج رسن‘ نالي برج ڀاشا (هندي) ۾ لکيل آهي،
جو نامور چارڻ چنڊيردائي جو جوڙيل آهي. هو لاهور
جو ويٺل هو ۽ دهليءَ جي پوئين راجا پرٿيراج چوهاڻ
جي دربار جو ڀَٽ هو. پنهنجي هن ڪتاب ۾ راجا
پرٿيراج چوهاڻ جي اصل نسل، جنم ۽ ڪارنامن جو نهايت
عمديءَ ريت شعر ۾ ذڪر ڪيو اٿس. اهو چارڻ اٽڪل
1200ع ڌاري ٿي گذريو آهي. مراهٽي ٻوليءَ ۾ جهوني ۾
جهونو ڪتاب 1290ع جو لکيل آهي، پر ’ڀاٽن‘ جي شعر ۾
مراهٽيءَ ۾ ڪي اڪريل سٽون سنه 1208ع جون لڌيون
آهن. جنهن صورت ۾ اها پڪ آهي ته اپڀرنش پراڪرت
ٻوليون عيسوي ڏهين صديءَ تائين عام طرح ڳالهائڻ
ٻولهائڻ توڙي لکپڙهه ۾ ڪم اينديون هيون۽
هندي ۽ مراهٽي سنه 1200ع ڌاري ڌار ٻوليون ٿي ڪم
اينديون هيون، تنهن صورت ۾ وولنر صاحب ۽ ٻين عالمن
اهو بلڪل واجبي انومان ڪڍيو آهي، ته سنڌي، هندي ۽
ٻيون ڏيهي آريه ٻوليون سنه 1100ع ڌاري، سومرن جي
صاحبيءَ ۾، پراڪرت مان ڦٽي ڌار ٿيون هونديون.
سنڌيءَ جي سنسڪرت ۽ پراڪرت سان ڀيٽ
76- سنڌي ۽ ٻيون ڏيهي آريه ٻوليون، جي سنسڪرت مان
ڦُٽي نڪتيون آهن، سي بگڙيل پراڪرت ٻوليون آهن؛ پر
انهن کي جيڪڏهن بگڙيل سنسڪرت سڏجي ته به روا آهي،
ڇاڪاڻ ته بنياد وري بهسنسڪرت اٿن. وراچڊ اپڀرنش ۾
هڪڙو به ڪتاب ڪونهي، باقي گجرات جي ناگر اپڀرنش ۾
ڪجهه ساهت آهي، جنهن جي وسيلي ڪجهه روشني پئجي
سگهي ٿي. نموني لاءِ هتي اول هڪ ننڍڙو جملو سنسڪرت
۾ ڏجي ٿو ۽ اهو ساڳيو پراڪرت ۽ ناگر اپڀرنش ۽
سنڌيءَ ۾ به ڏجي ٿو، ته ڀيٽ ڪرڻ ۾ ڪجهه سولائي
ٿئي.
سنسڪرت- هي راجن، ايشهه برهمڻ ڪٿم سڪشي ڀوشيتي؟
پراڪرت- هي راين، ائسو ومڀڻو ڪڌن سهرو ڀوتسڌي؟
اپڀرنش هي راءَ، يهه بمڀڻ ڪم سکڙيئو هوسئي؟
سنڌي- اي راءَ، اهو ٻانڀن ڪيئن سُکي
هوئيندو(ٿيندو).
هن هڪڙي ئي مثال مان ڏسڻ ۾ ايندو، ته سنڌي جملن جي
بناوت سنسڪرت جملن جهڙي آهي ۽ منجهن لفظ به ساڳيا
سنسڪرت وارا ڪم اچن ٿا، رڳو اُچار ٿورو ڦريل اٿس.
سنڌي ۽ ٻين ڏيهي آريه ٻولين جا لفظ
77-سنسڪرت |
سنڌي |
هندي |
گجراتي |
مرهٽي |
بنگالي |
رشمي |
رسي |
رسي |
رسي |
رسي |
رسي |
سڪنڌ |
ڪنڌ |
ڪانڌا |
ڪانڌو |
کانندا |
ڪاندا |
ڪاڻ |
ڪاڻو |
ڪانا |
ڪاڻو |
ڪاڻا |
ڪاڻا |
مستڪ |
مٿو |
ماٿا |
ماٿو |
ماٿا |
ماٿا |
هست |
هٿ |
هاٿ |
هات |
هات |
هات |
هتي ڏسو ته لفظ سڳيا آهن، رڳو اُچار ڦريل اٿن.
هيئن به آهي ته ڪيترا سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظ هڪڙي
ڏيهي ٻوليءَ ۾ عام آهن، پر ٻيءَ ۾ عام نه آهن.
سنڌيءَ بابت عالمن جا رايا
78- سنڌي ٻولي جنهن وقت کان وٺي ڌار ٻولي ٿي ڪم
اچڻ لڳي آهي، تنهن وقت کان وٺي منجهس گهڻيئي ڌاريا
لفظ اچي ويا آهن، پر ٻيءَ طرح گهڻو واڌارو ڪو نه
ڪيو اٿس. انهيءَ سبب ڪيتريون اهڙيون آڳاٽيون
نشانيون اڄ تائين قائم ڪيو بيٺي آهي، جي ٻين ڏيهي
آريه ٻولين ۾ ڪينهن، تنهنڪري سنڌي ٻوليءَ جو درجو
انهن کان مٿي ليکجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوت
جي برٽن صاحب، ڪئپٽن جارج سٽئڪ ۽ ٻين عالمن گهڻي
ساک ڪئي آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ ته جنسي ڍڪ ڀريا آهن.
اجهي هي آهن سندس لفظ:
The Sindhi is a pure
Sanskritical language more free from foreign
elements than any other of the North- Indian
Vernaculars. The old Prakit grammarians may have
had their good reasons to designate the
Apabhrnsha dialect, from which the modern Sindhi
is immediately derived, as the lowest of all the
Prakit dialects; but if we compare now the
Sindhi with its sister-tongues, we must assign
to it, in a grammatical point of view, the first
place among them. It is much more closely
related to the old Prakit than the Marhti,
Hindi, Punjabi and Bengali of our days, and it
has preserved an exuberance of grammatical
forms, for which all its sisters may well envy
it. For, while all the modern Vernaculars of
India are already in a state of complete
decomposition. The old venerable mother-tongue
being hardly recognizable in her degenerate
daughters of Sindhi has, on the contrary
preserved most important fragments of it and
erected for itself a grammatical structure,
which surpasses in beauty of execution and
internal harmony by far the lose and leveling
construction of its sisters. Dr: E. Trump:
بيمس صاحب هيئن چيو آهي:
Looking upon the change from a synthetically to
an analytical state as progress and development,
not as corruption or decay, it may be
interesting not as corruption between the
several languages in this respect. The most
advanced language is the Hindi, which is closely
followed by the Punjabi and Gujrati…..
Sindhi ranks nest in the matter of development.
It is a rough language. Loving thorny paths of
its own, but there hangs about it, to my mind,
some what of the charm of wild flowers in the
hedge whose untamed luxuriance pleases more
than the regular splendor of the parterre. Even
as early as prakrit times the dialect of the
Indus valley shook it self free from trammels,
and earned for itself from the pedantic
followers of rule and line, the contemptuous
epithet of Apabh-ransha or vitiated.
There is a flavour of wheaten flour and a reek
of cottege smoke about Punjabi and Sindhi, which
is infinitely more natural and captivating than
anything which the hidebound Pandit-ridden
languages of the eastern parts of India can show
us, John Beames Comparative Grammar of the
Modern Aryan Languages of
India I, 48 to 51.
ڪئپٽن جارج سٽئڪ پنهنجي ٺاهيل سنڌي گرامر جي منڍ ۾
چوي ٿو ته سندس وقت (45-1847ع) ۾ سنڌي ماڻهن جو
چاهه عربي ۽ فارسيءَ سان هو ۽ سنڌيءَ لاءِ چوندا
هئا ته اها مسخرن جي ٻولي آهي. پاڻ پنهنجي سر
سنڌيءَ جي گهڻي ساک ڪئي اٿس:
“Learned Musalmans read Arabic and Persian.
Hindus the latter, or Punjabi and Hindhi. The
speech they learn at their mother’s breasts weas
thought only fit for clowns. Yet I am confident
the Sindhi will to the philologist prove a more
interesting study than that of many of the other
Indian dialects. The habit of affixing signs to
words in lieu of the Pronouns and the
Prepositions governing them the regular form of
the Passive Voice, the use of Impersonals, the
reduplicated Causal Verbs, and other points
which the learner will mark as he proceeds, give
to it beauties distinct from most Indian
tongues.”
داردڪ ٻولين جو بنياد
79- هندستان ۾ داردڪ ٻولين جو بنياد پئشاچ لوڪن
وڌو، جن ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ ۾ اچي بيٺڪون وڌيون.
پراڪرت گرامر جوڙيندڙ مارڪڻڊيه، جنهن ڄاڻايو آهي
ته سنڌ ۾ ’وراچڊ اپڀرنش‘ چالو هئي (جا ڦري هاڻوڪي
سنڌي ٻولي ٿي آهي)، تنهن هيئن به لکيو آهي، ته سنڌ
۾ ٻي ٻولي ’وراچڊ پئشاچي‘ به چالو هئي ۽ گهڻو زور
هن حقيقت تي ڏنو اٿس، ته وراچڊ پئشاچي جو مکيه
نمونو ’ڪيڪيه پئشاچي‘ هو. هيمچندر آچاريه پنهنجي
ٺاهيل ’هيم وياڪرڻ ‘ ۾ ’چوُلڪا پئشاچي‘ جو به ذڪر
ڪيو آهي. انهيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو، ته پئشاچي جا
جملي ٽي نمونا هئا. اهي ٽيئي ڦري هاڻوڪيون ’داردڪ
ٻوليون‘ ٿيون آهن.
چوُلڪا پئشاچي-
سر گريئرسن جي چوڻ موجب اها ٻولي ڪشمير ۽ ان جي
الهندي طرف چالو هئي، جنهن مان ڪافرستان، چترال،
ڪشمير ۽ داردستان (گلگت، شنا وغيره) جون ٻوليون
پيدا ٿيون، جن سڀني کي گڏي ’داردڪ ٻوليون‘ سڏيو
اٿس.
ڪيڪيه پئشاچي-
ڪيڪيه جو پرڳڻو، جنهن جو ذڪر اڳيئي ڪيوويو آهي،
سو هاڻوڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان کان
وٺي ملتان جي حدن تائين هو. ملتان وارو پاسو
’سؤوير‘ سڏبو هو ڪيڪيه ۽ سؤوير ٻئي ڀائر هئا،
تنهنڪري سندن انهن ٻنهي پرڳڻن جي ٻولي ساڳي هئي.
انهن پرڳڻن ۾ پئشاچن بيٺڪون وڌيون، ته اتي جي
پراڪرت ’ڪيڪيه پئشاچي‘ سڏجڻ ۾ آئي، جنهن مان
هاڻوڪي ’لهندا‘ٻولي يعني پنجاب جي الهندي طرف جي
ٻولي پيدا ٿي آهي، جا پنجاب جي اتر- الهندي ڏي
ديري غازي خان، ديري اسماعيل خان ۽ ميانوالي
تائين، ۽ پنجاب جي اتر- اڀرندي ڏي بهاولپور رياست
جي حدن کان وٺي مانٽگومري (ساهيوال)، پنجاب واري
گجرات ۽ ڪشمير طرف پيرپنجل واري گهاٽ تائين
ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي. اها ملتان ڏي ’ملتاني‘ ۽
بهاولپور ڏي ’بهاولپوري‘ سڏجي ٿي. اهو سڄو ٻروچڪو
ملڪ آهي، پر ايڏهين ڪيترا پنجابي هندو به اها ٻولي
ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري پٺاڻ ۽ ٻيا ’لهندا‘ کي
’هندڪي‘ يعني هندن جي ٻولي به سڏيندا آهن.
وراچڊ پئشاچي-
پئشاچ لوڪن مان جن سنڌ ۾ بيٺڪون وڌيون، تن جي
پراڪرت ٻولي وڌيڪ بگڙيل هئي، تنهنڪري اها ’وراچڊ
پئشاچي‘ پراڪرت سڏجڻ ۾ آئي، جا ڦِري هاڻوڪي
سرائڪي‘ ٻولي ٿي آهي. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌي
۽ سرائڪي ٻيئي اسان جي سنڌ پرڳڻي ۾ سنه 1100ع ڌاري
گڏ ڄايون هيون، جنهنڪري چئبو ته هڪ سَرتيون آهن.
اڄ به ٻنهي ٻولين جي وچ ۾ ڪو گهڻو تفاوت ڪونهي.
انهن جو وڌيڪ ذڪر اڳتي هلي ڪبو.
|