سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

ڀاڱو؛ ٻيو

صفحو : 6

باب ٻيون                                          سنڌ جي کري ٻولي

 

اُپڀاشائن جا نالا

97- سنڌي جي الهندي ڏي ڪوهستان يعني جابلو ملڪ آهي، جو سنڌ کي بلوچستان کان ڌار ڪري بيٺو آهي، ۽ اڀرندي ڏي ريگستان يعني وارياسو ملڪ. يا ٿر آهي، انهن ٻن علحدين طبعي صورتن وارين حدن جي وچ وارو پاسو ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جي سِرو، وچولو ۽ لاڙ سڏجن ٿا. انهن هنڌن جون ٻوليون انهن نالن پٺيان سريلي، وچولي ۽ لاڙي ڪوٺجن ٿيون. ٿر جي ٻوليءَ کي ’ٿريلي‘ سڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌيءَ جون چار اُپڀاشائون آهن، پر لسٻيلي واري ’لاسي‘ ۽ ڪڇ واري ’ڪڇڪي‘ به سنڌي ٻوليءَ جي شمار ڪرڻ گهرجن، جنهنڪري چئبو ته سنڌيءَ جون جملي ڇهه اُپڀاشائون آهن.

ڀاشا ۽ اُپڀاشا بابت سمجهاڻي

98- ’ڀاشا‘ معنيٰ ٻولي (Language) ۽ ’اُپڀاشا‘ معنيٰ ٻوليءَ جو ننڍو دفعو (Dilaect). اهو تفاوت اهڙو آهي جهڙو جبل ۽ ٽَڪريءَ جي وچ ۾ تفاوت. چوڻي آهي ته ’ٻارهين ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻِي‘* اهو پهاڪو دنيا جي سڀني ٻولين سان هڪجهڙو لاڳو آهي. مثلاً: رڳو سکر ضلعي ۾ ئي ڏسجي ٿو، ته شڪارپور جي ٻولي هڪڙي، سکر ۽ روهڙيءَ جي ٻي ۽ اُٻاوڙي طرف جي وچائين ٽين. انهيءَ ڪري هيءَ به چوڻي آهي ته’سنڌ ۾ چپي چپي تي ٻولي ٻي.‘ائين ٿوري ٿوري پنڌ تي وڏو فرق اول اچارن ۾ آهي ۽ ٻيوآهي لفظن جو.چوڻي آهي ته

’جهڙو چراخ تهڙو جرڪ، ٻوليءَ ٻوليءَ فرق‘.

هن پهاڪي واري مثال ڏيئي سمجهايو آهي ته ’چراخ‘ ۽ ’جرڪ‘ ساڳيءَ معنيٰ  وارا لفظ آهن؛ پر هڪ هنڌ هڪڙو ۽ ٻئي هنڌ ٻيو لفظ ڪم اچي ٿو، جنهنڪري ٻوليءَ ۾ فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ٺيٺ کري ٻولي (Standard dialecat)

99- سڀني ملڪن ۾ جيڪي اُپڀاشائون ڪم اچن ٿيون، تن مان ڪنهن هڪڙيءَ کي گهڻو شرف ملي ٿو ۽ اها ئي ڪتابن ۾ ڪم اچي ٿي. ڪڇ ۽ لسٻيلو هاڻوڪيءَ سنڌ کان ٻاهر آهن، تنهنڪري ڪڇڪي ۽ لاسيءَ جي ڳالهه ڇڏي، باقي اتر سنڌ جي اپڀاشائن تي ويچار ڪبو، ته معلوم ٿيندو، ته هر ڪا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٺيٺ (اُچي) سنڌي آهي ۽ کري ٻولي (Standard dialect) ٿي ڪم اچڻ جي لائق آهي، مثلاً: سري ۾ شڪارپور طرف جي ٻولي مٺي ۽ رسيلي آهي. ساميءَ جي سلوڪن جي سنڌي، سچل، بيدل ۽ بيڪس جي رسالن جي سنڌي درسي ڪتابن ۾ ڪم آڻبي، ته بيشڪ سونهندي.

لاڙ جي هندن جي ٻولي جيڪي سو ڪَچي آهي، باقي لاڙ جي مسلمانن جي ٻولي گهٽ ڪانهي. شاهه جو رسالو گهڻو ڪري سمورو لاڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ اها ٻولي درسي ڪتابن ۾ ڪم اچڻ جي بيشڪ لائق آهي. ساڳيءَ طرح ساهتي پرڳڻي(نوابشاهه ضلعي)  توڙي سيوهڻ طرف جي ٻولي ٺيٺ آهي، پر هن وقت درسي ڪتابن ۾ رڳو وچولي، خاص ڪري حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ٻولي ڪم اچي ٿي ۽ اها ئي سڀني کان وڌيڪ ٺيٺ ۽ کري ٻولي ليکجي ٿي. هن جو سبب هيءُ آهي، ته سنه 1853ع ۾ جڏهن سنڌ جي تعليم کاتي وارن پهريون گهمرو اسڪولن جي ڪم اچڻ لاءِ درسي ڪتاب جوڙايا، تڏهن هنن اهو ڪم حيدرآباد جي ڪن معزز هندن ۽ مسلمانن تي رکيو ۽ سڀاويڪ طرح ڪتابن لکڻ ۾ هنن اها ٻولي ڪم آندي، جا پاڻ ڳالهائيندا هئا. ائين حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن هنڌن جي ٻوليءَ کي شرف مليو ۽ هن وقت اها ئي ڪتابي ٻولي ٿي ڪم اچي؛ پر انهيءَ تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي، تنهنڪري وچولي جي دفعي ۾ ليکجي ٿي. وچولي ۾ ساهتي پرڳڻو (نوشهرو، ڪنڊيارو وغيره) اچي وڃي ٿو؛ پر انهيءَ پاسي ’چيو اٿس‘ بدران چون ’چيو اٿائين‘. اهو نمونو درسي ڪتابن ۾ ڪونهي، تنهنڪري ئي چئجي ٿو ته رڳو حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ٻولي کري ٻولي (Standard dialect) ٿي ۽ اها ئي ڪتابي سنڌي سڏجي ٿي.

اُپڀاشائن جي ڀيٽ

100- سنڌيءَ جي هر هڪ اُپڀاشا يا ننڍي دفعي جو ڌار ذڪر ڪبو. هتي رڳو نموني لاءِ اُپڀاشائن جي ٿورن لفظن ۽ جملن جا مثال ڏجن ٿا، ته ڀيٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.

لفظن جي ڀيٽ

وچولي                   لاڙي                      لاسي                     ڪڇڪي

باهه                        با، ڄيرو ڄيرو                       جيرو، لگاڻو

ٻلي                        پُسني                   ڦوسڻي                 مِني

پير                          پير، پڳ               پيرو                        پڳ

پري                        پري، ڏوُر               ڏوُر                          ڇيٽو

جوءِ                         جوءِ،وني، وهوُ زال                               وهؤ، ٻايڙي

ڇا                           ڪڄا، ڪڄاڙو   ڇو                           ڪُرو

ماڻهو                     ماڙو                       ماڙهو                    ماروُ، ماڊوُ

هوُ                           اوُ                             هوُ                           هو، سو

هن جو                   اُن جو                      وَجو،هن جو           تي جو(تنهنجو)

هن کان چڱو       اُن کان چڱو         وڳران کاسو          اُن تي کاسو

جملن جي ڀيٽ

وچولي تنهنجو نالو ڇا آهي؟

لاڙي تو جو نالو ڪڄا آهي؟

ڪڇڪي- اُنءُ جو نانءُ ڪُرو آئي؟

وچولي مون هن جي پٽ کي گهڻا چهبڪ هنيا آهن.

لاڙي مون ان جي پٽ کي گهڻا چاٻڪ هيا آئن.

لاسي-مون وُجي پٽ کي گهاٽو چابڪان سين ڪٽيو آهي.

ڪڇڪي-مون ان جي ڇوڪري ڪي (کي) جهجئين جهياٽين سين ماريو آئي.

وچولي- تو هوُ گهوڙو ڪنهن کان ڳڌو؟

                ڳوٺ جي هڪڙي هٽائيءَ کان.

لاڙي- اوُ گورو ڪين ڪنان ورتيءِ (ورتئه)؟

                ڳوٺ جي هيڪڙي هٽائيءَ ڪنان.

لاسي- تو اوُ گهورو ڪين (ڪنهن) ڳران ڳريو؟

                هيڪڙي ڳوٺ جي هٽ واري ڳران.

ڪڇڪي- اوُگهرو اَن ڪين(ڪنهن) وٽان وڪانڌو

 (وڪامندو) ڳڌو؟

                گام دي(يا گام جي) هڪڙِ هٽ واري وٽان.

هي مول’لنگئسٽڪ سروي‘جلد اٺين، ڀاڱي پهرئين مان ورتل آهن.هر هڪ اُپڀاشا جو وڌيڪ ذڪر جدا جدا بابن ۾ ڪبو.

 


 

 

 

 

باب ٽيون                                                             سِريلي

 

سِريليءَ جون حدون

101- ’سِر‘ معنيٰ ’مٿو‘ ۽ ’سِرو‘ معنيٰ ’مٿ يا مٿيون ڀاڱو‘. سنڌ جو اتر وارو پاسو، سنڌ جو توڙي سنڌونديءَ جي وهڪ جو، مٿيون ڀاڱو آهي. انهن ٻنهي سببن ڪري اهو ’سرو‘ سڏجي ٿو. ٻوليءَ جي مطلب لاءِ ٿُلهي ليکي چئبو، ته خيرپور رياست کان وٺي ويندي اُٻاوڙي تعلقي جي ڇيڙي تائين، ۽ سيوهڻ دادوءَ  کان وٺي سڄو لاڙڪاڻو ضلعو توڙي قنبر، شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد وارو پاسو، ڪشمور تعلقي جي ڇيڙي تائين، ’سِرو‘ آهي ۽ اتي جي ٻولي ’سِريلي‘ سڏجي ٿي.

سريلي جا چٽا اُچار

102- سنڌ جي سڄي اتر واري ڀاڱي جي ٻوليءَ جا اُچار سنڌ جي ڏاکڻي ڀاڱي جي ٻوليءَ کان وڌيڪ چٽا آهن*. ٻنهي هنڌن جي ٻوليءَ ۾ هيءَ هڪ مکيه ڳالهه گهڻو ڌيان ڇڪي ٿي، ته اتر ڏي جن لفظن ۾ ’اَ‘ يا ’آ‘ جو اچار ڪن ٿا، تن ۾ ڏکڻ ڏي ’اِ‘ يا ’اي‘ جو اُچار ڪن ٿا. جهڙوڪ:

اُتر                                                           ڏکڻ

جنهن جو جمع جن- ج مٿان زبر(اَ)             جن- ج هيٺان زير(اِ)

تنهن “     “    تن ت “    “                              تن ت  “      “

ڪنهن “    “    ڪن ڪ “    “       ڪن ڪ “    “

جاتي                                                                     جتي- ج    “    “

ناتي                                                                      تتي ت  “    “

ڪاٿي                                                                   ڪٿي- ڪ “    “

جاڏي                                                                     جيڏي

تاڏي                                                                      تيڏي

ڪاڏي                                                                  ڪيڏي

جنهن، تنهن ۽ ڪنهن لفظن جي منڍ ۾ جڏهن زبر(ــَــ)  يعني ’اَ‘ جو اُچار آهي، تڏهن جمع جن، تن ۽ ڪن ۾ به ساڳيوئي اچار ’اَ‘ جو هئڻ گهرجي، تنهنڪري چئبو، ته اتر وارا صحيح آهن.

سنسڪرت پتر ۽ تتر( جاتي- تاتي، جتي- تتي) جي منڍ ۾ ’اَ‘ آهي ۽ ان جي اُچار ڪرڻ لاءِ وات کولڻو پوي ٿو. ’اَ‘ جي اچار ڪرڻ لاءِ وات هيڪاري وڌيڪ کولڻو پوي ٿو، ته آواز وڌيڪ چٽو ٿئي، پر ڏاکڻي طرف وارا وات پوريءَ طرح نٿا کولين، جنهنڪري ’اَ‘ ۽ ’آ‘ بدران ’اِ‘ ۽ ’اي‘ چون ٿا، جن جي اچارن لاءِ وات گهڻو کولڻو نٿو پوي.

شاهه جي رسالي ۾ لاڙي اُچار آهن، ته به هن حالت ۽ کليل اچار اتر وارا آهن. جهروڪ:

’تو جني جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.‘ (شاهه)

هتي ’جٺي‘ ۽ ’تن‘ لفظن جي منڍ ۾ زبر (ــَــ)  يعني ’اَ‘ جو اچار آهي. لاڙ ۾ جيڪي بلڙي شريف ۽ ٽکڙ شريف وارا سيّد ۽ ٻيا مسلمان آهن، سي گهڻو ڪري سڀ اصل وچولي يعني هالا تعلقي ۽ ٻين هنڌن کان آيل آهن، تنهنڪري وچولي ۽ سري جي ماڻهن وانگر هن طرح اچار ڪن ٿا؛  باقي لاڙ جي هندن ۾ اها ’اِ‘ ۽ ’اي‘ جي عادت گهڻي آهي. ڀانئجي ٿو ته لاڙ جي ماڪيل گِهميل هوا سبب لاڙ جي هندن ۾ اهو دم نه آهي، جو اتان جي خشڪ آبهوا وارن ۾ آهي.

103- اُچارن جي باري ۾ ٻيو مکيه تفاوت ٽ، ڊ ۽ ڍ اکرن جي اچارن ۾ آهي. انهن اکرن ۾ ’ر‘ جو ٿورڙو اچار سمايل آهي، پر لاڙ جا ماڻهو اهو ڪو نه ڪن، جيئن: پٽ (پٽر) بدران پٽ، چنڊ (چنڊر) بدران چنڊ ۽ ڏڍ (ڏڍر)بدران ’ڏڊ‘ چون. وچولي وارا انهن اکرن جا اچار بلڪل صحيح طرح ڪندا آهن. سري وارا ته انهن اکرن ۾ ’ر‘ جو اچار هيڪاري وڌيڪ چٽو ڪندا آهن. ڪي ته اهو اچار لکندا به آهن. جيئن: ٽيڪمداس بدران لکن ’ٽريڪمداس‘.  اهڙيءَ طرح باريڪ نموني جاچبو ته معلوم ٿيندو، ته سري جي ماڻهن جا اچار بنهه چٽا ۽ صحيح آهن*.

شڪارپور جي مٺي ٻولي

104- ٻولي ته شڪارپور جي! جهڙي آهي سپڪ ۽ سوادي، تهڙي آهي مٺي ۽ رسيلي. واه جو منجهس ميٺاج آهي! انهيءَ ٻوليءَ سان سنڌ جي ٻئي ڪهڙي به هنڌ جي ٻولي ميٺاج ۾ مٽ پئجي ڪين سگهندي. ٻين هنڌن جي ٻوليءَ کان شڪارپور جي ٻولي جنهن سبب ڪري رس جس ۾ سرس آهي، سو سبب مثال ڏيئي سمجهائجي ٿو: شڪارپوري چون ’ڀايڙا، هتڙي ويهه‘- هتي ’ويهه‘ جي پڇاڙيءَ ۾ پيش (ــُــ)  يعني ’اُ‘ جو اچار آهي- شڪارپوري انهيءَ تي زور ڏيئي ان جو اچار اهڙيءَ طرح ڊگهو ڪن ٿا، جو ڄڻڪ فقط اُچار آهي ’ويهه-اُ‘ ائين اچار کي برابر ڊگهو ڪن ٿا، تنهن لاءِ ٻيو هڪ مثال ڏجي ٿو: ٻين هنڌن چون ’اٿ نه، هل نه‘ پر شڪارپوري چون ’اٿ نِي، هل نِي‘. هتي ته بنهه پڌرو آهي، ته ’نه‘ جي ننڍڙي اچار کي وڌائي ’نِي‘ ڪن ٿا، جنهنڪري اهو اچار بلڪل چٽو ٿيو پوي، پر ساڳئي وقت اُهو سُر سان اچارين ٿا، تنهنڪري سندن ڳالهائڻ مٺو پيو لڳي.

105-حرفن جي پدن تي زورڏيڻ جي ترتيب (system Accent) جو ذڪر ڌار ڪبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو، ته حرفن جي پدن تي زور ڏيڻ (accent) ۽ آواز کي کڻڻ يا سر سان اُچارڻ (Pitch or musical accent) اهي ٻيئي ڳالهيون سڀ ڪنهن ٻوليءَ ۾ آهن؛ پر ڪن جو لاڙو پدن تي زور ڏيڻ تي، ته ڪن جو لاڙو آواز کڻڻ ۽ سُر سان اُچارڻ تي. شڪارپورين جو لاڙو آواز کڻڻ ۽ سُر سان اچارڻ تي آهي- اهو نمونو ويدن واري زماني جو آهي *. سڄيءَ سنڌ مان شڪارپور وارن اهو قديم ۽ سٺو نمونو گنڌار (قنڌار)  طرفان آندو آهي، جيئن مٿي ۾ اڳيئي ڄاڻايو ويو آهي. سڄي هندستان جا هندو آڳاٽن آرين جو اولاد آهن. ڀانئجي ٿو، ته شڪارپور وارا درهيوُ آرين مان آهن، جن مان هڪڙو راجا گانڌار هو، جنهن جي پٺيان پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ ’گنڌار‘سڏجڻ ۾ آيو.جنهن جو اچار پوءِ ’قنڌار‘ ٿيو. هندن جي پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي، ته راجا گانڌار کان پنج پيڙهيون پوءِ جيڪو سندس اولاد ٿيو، سو هندستان ئي ڇڏي اتر طرف هليو ويو. اهي اوڏهين وڃي وڌيا ويجهيا ۽ پنهنجي ڌرم ۽ ٻوليءَ جو ڦهلاءُ اوڏهين وڃي ڪيائون(1). مسٽر پارٽيجر، جنهن جي ڪتاب ۾ درهيوُ آرين بابت هيءَ حقيقت لکيل آهي، تنهن جي خيال موجب آڳاٽا آريا لوڪ هتان ايران ۽ وچ ايشيا ڏي ويا، جتان پوءِ يورپ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. ٻيا عالم اها ڳالهه نٿا قبول ڪن؛ پر ايترو ته ضرور چئبو، ته اهي ئي آريا لوڪ افغانستان ۽ بلوچستان ۾ هئا، جي پوءِ ڦيرو ڪري سنڌ ڏي آيا. هن وقت جيڪي پٺاڻ آهن، سي به اصل آريا هئا ۽ انهن تي نالو ئي ’پڪٿ‘ آرين تان پيل آهي *. وقتي هيئن به هجي، ته سري جي رهاڪن مان ڪي هندو، سري رامچندر جي ڀاءُ، ڀرت جي نسل مان هجن. ڀرت جو پٽ تڪش هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ گنڌار طرف سندس نالي پٺيان ’تڪش سلا‘ سڏبو هو. اتي يونيورسٽي به هئي ۽ ماڻهن جا اچار نهايت صفا ۽ چٽا هئا. اڄ به سڄي سري جي ماڻهن جا اُچار صفا ۽ چٽا آهن، ۽ وڏي ڳالهه ته سندن ڪيترين آڪهين تي نالائي قلات جي شهرن جا رکيل آهن. جيڪب آباد کان اٽڪل پنجويهه ڪوهه پري قلات ۾ ڀاڳ ۽ ناري خِطه آهن ۽ انهن کان ٿورو ئي پرڀرو ڇٽ ۽ روپاهه آهن. انهن هنڌن کان آيل ڀاڳي، ناريوال، ڇاٽي ۽ روپاهي سڏجن ٿا. ڀاڳ ۽ ناريءَ کان آيل ڀاڳناري ڪوٺجن ٿا. اهي اتي ايتري ته تعداد ۾ هئا، جو سندين سنڌيءَ ٻوليءَ جو بلوچي ۽ پشتو ٻولين تي گهڻو اثر ٿيو(ڏسو ضميمو ٽيون ۽ چوٿون). اهو پاسو ٻروچن جو ٿيو، ته اتي اهي هندو ٻروچڪيءَ تي اهڙو هري ويا، جو اڄ به ڀاڳناري، روپاهي وغيره گهرن ۾ به سنڌيءَ سان گڏ ٻروچڪي ايتريقدر ڪم آڻين ٿا، جو هن وقت تائين سندين مادري زبانون ٻه آهن:  هڪ سنڌي، ٻي ٻروچڪي، اهي پوءِ جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي سنڌ ۾ آيا. ڪي احمد شاهه دورانيءَ جي وقت ۾ آيا، ۽ ڪي ته بنهه ويجهڙائيءَ ۾، يعني 1850ع ڌاري آيا. ڀانئجي ٿو ته شڪارپوري سنڌ ۾ تڏهن آيا. جڏهن سنسڪرت زماني وارن مٺن اچارن جو نمونو سندن ابن- ڏاڏن مان اڃا صفا ميٽجي نه ويو هو. ڪي پوءِ آيا ۽ اتي ٻروچڪيءَ جي اثر ڪري اچارن مان ميٺاج گهٽ ٿين. ڀاڳناري ۽ ٻيا، اهو ميٺاج ڀريو نمونو قلات ۾ ٿي وڃائي پوءِ سنڌ ۾ آيا، جنهنڪري شڪارپور جي ٻوليءَ وارو ميٺاج سندن ٻوليءَ ۾ آهي ئي ڪو نه. هينئن به آهي ته خود شڪارپور جا وڪيل، ڪامورا وغيره شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ ۾ گهڻو وقت رهيا آهن ۽ حيدرآبادين سان گهڻي رلمل ڪئي اٿن، تن سُرائتن اچارن جو نمونو ايتري قدر بدلائي ڇڏيو آهي، جو سندن اچارن مان پريان ئي سهي ڪرڻ ڏکيو آهي ته هو اصل شڪارپور جا ويٺل آهن. سندين ٻوليءَ ۾ وري ڪي ٻيون ڳالهيون آهن، جن مان ايترو سهي ڪري سگهبو آهي ته سري جا ويٺل آهن.

سري جي گرامر جون علحديون ڳالهيون

106- عدد: سنڌ ۾ ٻين هنڌ ’کارڪ‘ جو جمع چون ’کارڪون‘ ۽ ’زال‘ جو ’زالون‘، پر سري ۾، خاص ڪري شڪارپور طرف، چون ’کارڪان‘ ۽ ’زالان‘. اهي ٻيئي نمونا صحيح آهن؛ پر ٻنهي جي ڀيٽ ۾ سري وارو نمونو وڌيڪ اصلوڪو آهي. پراڪرت ۾ جمع جوڙڻ لاءِ ’آ‘ پڇاڙي آهي، تنهن ۾ نڪ جو اچار (ن) گڏي ’آن‘چون ٿا. سنڌ ۾ ٻين هنڌن ’اُون‘ پڇاڙي گڏين ٿا، سو بگڙيل اچار آهي. شڪارپور وارو نمونو نهايت آڳاٽو آهي ۽ اهو ئي ٻين ٻولين ۾ آهي. جيئن:

’موري اکيان ڦرڪن لاگي.‘ اک جو جمع اکيان- هندي. ’سهس سياڻپان لک هوءِ.‘سياڻپا جو جمع سياڻپان- پنجابي. ’برهه باهيان ٻاليان.‘ باهه جو جمع باهيان- سرائڪي، پير جو جمع پيران ۽ ڏينهن جو ڏينهان- لاسي. زن جو جمع زنان، پسر جو جمع پسران- فارسي. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ٻين ٻولين ۾ ’اُون‘ پڇاڙي آهي ئي ڪا نه.

جنس: ’مان کي گهڻي رت نڪتي آهي‘:’هن کي اولاد ڪانه ٿي‘. سري ۾ رت ۽ اولاد جنس مونث ۽ ٻين هنڌ جنس مذڪر ليکين ٿا. هن جو سبب هيءُ آهي، ته سنڌيءَ مان جنس بيجان گم ٿي ويئي آهي، تنهنڪري اهي ۽ ٻيا اهڙا ڪيترا لفظ آهن، جن جي جنس، ڪو مذڪر ته ڪو مونث پيو ليکي.

ضمير: ’مان ڏهن منجهان سپرين شل اُڪيرون ايند(دلپت). سري ۾ مون، اسين ۽ توهين بدران مان، اسان ۽ توهان چون ٿا. مثلاً: چون ’ماتو‘(مان آتو)، معنيٰ مون چيو. ’اسان ڪراچي گهمي آياسين‘. ’توهان ڀلي وڃو‘.

(الف) سرحد سنڌ ڏي لاڙ جي ماڻهن وانگر ’هوُ‘ بدران ’اُو‘ ڪو نه چوندا آهن. ڪوهه (معنيٰ ڇا)، ڪُڄا ڪڄاڙو ۽ پنڊ (پاڻ) ضمير به رڳو لاڙ ۾ ڪم اچن ٿا.

ضميري پڇاڙيون:سري ۾ چون’آيم‘۽ ’چوندومانس‘ ٻين هنڌ چون ’آيس‘ ۽ ’چوندوسانس‘. ٻيئي نمونا رواج ڪري صحيح آهن، پر گرامر جي قاعدن موجب چئبو، ته وڌيڪ صحيح سرحد سنڌ وارا آهن: جڏهن ڳالهه ڪندڙ پنهنجي اچڻ جي ڳالهه ڪري، تڏهن ’م‘ پڇاڙي ڪم آڻڻ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته اها ضمير متڪلم جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ، ڪٿي ’م‘ ته ڪٿي ’س‘ پڇاڙي ڪم آڻين ٿا، جا ضمير غائب جي معنيٰ ڏيکاري ٿي- مثلاً: چون ’آيس‘ ۽ ’ويس‘، پر ’لکيس‘ بدران چون ’لکيم‘. ’پڙهيم‘ معنيٰ ’مون پڙهيو‘، ۽ پڙهيس‘ معنيٰ ’مان پڙهيس‘. درسي ڪتابن ۾ به ائين لکندا آهن.

فعلن جون پڇاڙيون: سنڌ ۾ ٻين هنڌن چون ’اينداسون‘ يا ’اينداسين‘ (سي)، پر سري ڏي چون ’اينداسين‘ يعني ’اين‘ جو ڊگهو اُچار ڪن ٿا.

مضارع: ’مان ڇا ڪيان‘؟ سري ۾ هن ريت ’ڪريان‘ بدران ’ڪيان‘ چون ٿا يعني وچ واري ’ر‘ ڪڍي ڇڏين ٿا. هيءُ داردڪ ٻولين جو نمونو آهي.

زمان ماضي متعلق: ’هو ويو‘. ’و‘ مٿان زبر (ــَــ) پر ٻين هنڌ زير (ــِـ)ڏين ٿا. حقيقتؤن سري وارا صحيح آهن: ’وڃڻ‘ لفظ جي منڍ ۾ ’و‘ جي مٿان زبر (ــَــ)  يعني ’اَ‘ جو اُچار آهي، ته ’ويو‘ لفظ جي منڍ ۾ به ساڳيو ’اَ‘ جو اُچار هئڻ گهرجي، پر مٿي اڳيئي چيو ويو آهي، ته سنڌ جي ڏاکڻي ڀاڱي جي ماڻهن ’اِ‘ جي عادت گهڻي آهي.

(الف) سنڌيءَ ۾ ’ٺهڻ‘ مان ’ٺهيو‘ ۽ ’چوڻ‘ مان ’چيو‘ لفظ،’يو‘پڇاڙيءَ گڏڻ سان ٺهيا آهن. ساڳيءَ طرح سري ۾ ’هئڻ‘ مان ’هيو‘ (’يو‘ پڇاڙي). ٻين هنڌ ’هئو‘ ۽ ’هو چون ٿا‘ يعني ’ي‘ کي ڦيري ’ءَ‘ ڪيائون ۽ پوءِ اهو اچار صفا نڪري ويو، مگر سري وارن اهو اصلوڪو اچار اڄ تائين قائم رکيو آهي.

زمان حال استمراري: ’سيکاريان پيو ٿو‘. هن ريت ’پيو‘۽’ٿو‘ٻيئي گڏي زمان حال استمراري(PresentContinuous Tense) جوڙڻ جو رواج سڄيءَ سنڌ ۾ سري کان سواءِ ٻيو ڪنهن به هنڌ ڪونهي.

اسم مفعول:’هن راڳ ڳاتو‘- ٻين هنڌ ’ڳاتو‘ بدران چون ’ڳايو‘.

’التم سا نه هنئان، جا نه سلتم ساهه کي‘. (شاهه)

الڻ مان التو ۽ سلڻ مان سلتو؛  پر ٻين هنڌ عام طرح چون ’اليو‘ ۽ ’سليو‘. هن طرح وچواري ’ت‘ اکر کي قائم رکڻ جي عادت سري ۾ زور آهي. ڪن ٿورين حالتن ۾ ’ت‘ کي نرم ڪري’د‘ڪيو اٿن. مثلاً، وٺڻ مان وتو، پر ’ورتو‘ به چون. وري’ورتو‘به چون.وري’ورتو‘مان’ر‘ ڪڍي چون ’وتو‘، ۽ پوءِ ان جو اچار ڦيري ’ودو‘به چون، جنهن جو مونث’ودي‘-

’ساڌ سنگت جي اوت، ودي جنهن ويساهه سان‘.(سامي)

ماضي معطوفي:

    ’دريءَ منجهاران دوست ڏٺوسين،
    لالــڻ لـــيئــڙو پايون هــليـــو ويــو.‘      (سچل).

 

ٻين هنڌ چون ’پائي هليو ويو‘، يا ’پايو هليو ويو‘، پر سري ۾ ’پايون‘ چون ٿا. ساڳيءَ طرح چون؛ ته ’هو ٽنگان ٽيڙيون پيو آهي‘- اهڙيءَ طرح ’يو‘بدران ’يوُن‘ پڇاڙي ڪم آڻين ٿا.

’هئِي هٺ ڇڏي ڪري، اَوديا ڀرم نوار‘.(سامي)

هتي ’ڇڏي‘ ماضي معطوفي جي پٺيان ’ڪري‘ لفظ به ڪم آيو آهي.اهو’ڪري‘گڏڻ جو رواج اڪثر سرحد سنڌ جو آهي.

ظرف: ڀايڙا، هتڙي ويهه، اسم تصغير واري ’ڙو‘ پڇاڙي ڪم آڻڻ جو رواج سڄيءَ سنڌ ۾ آهي، پر هن طرح ظرف مڪان ۾ به اها پڇاڙي گڏي، هت- هتڙي، جت- جتڙي، تت- تتڙي ۽ ڪٿ- ڪٿڙي چوڻ جو رواج رڳو سرحد سنڌ ۾، خاص ڪري شڪارپور طرف آهي.

سريليءَ تي سرائڪيءَ جو اثر

107- سنڌ جو سرو، خاص ڪري جيڪب آباد وارو پاسو، ٻروچڪو ملڪ آهي ۽ اتي ٻروچڪي يا سرائڪي ٻولي چالو آهي. جيڪب آباد ۽ شڪارپور جا ڪيترا هندو به گهرن ۾ ٻروچڪي ڳالهائين ٿا، جنهنڪري ٻروچن وانگر ’وهنجڻ‘ بدران ’ڌاوڻ‘(ڌانوڻ)، ۽ ’ڳالهه‘ بدران ’ڳل‘ چون ٿا. جيئن ’منهنجي ڳل ٻنڌ‘، يعني منهنجي ڳالهه ٻڌ. سريلي جي گرامر ۾ جيڪي علحديون ڳالهيون آهن، تن لاءِ به هڪڙو سبب اهو ئي آهي ته اتي جي ٻوليءَ تي ٻروچڪيءَ جو اثر ٿيو آهي- مثلاً سرائڪيءَ ۾’يار‘ جو جمع ’ياران‘۽ ’سڄڻ‘ جو ’سڄڻان‘. شڪارپوري به انهيءَ نموني’کارڪ‘جو جمع’کارڪان‘ چون ٿا.

(الف) سري ۾ ’اسين‘ بدران ’اسان‘۽ ’توهين‘بدران ’توهان‘چون ٿا، سو به سرائڪي نمونو آهي- مثلاً:

’اسان نه ڪنهن دي ڄائي هون،

ڄـــائــي ڪــنـهـن نه نپائي هون.‘ (سچل)

(ب) سري جا رهاڪو’آيس‘بدران چون ’آيم‘، سو به سرائڪي نمونو آهي- سرائڪيءَ ۾ ’م‘ ضمير متڪلم ۽ ’س‘ ضمير غائب جي معنيٰ ڏيکاري ٿي.

’وسر نه ويسم‘، معنيٰ وسري نه ويندم. ’ويندم‘ معنيٰ مون کي ويندو. ’بخار هيس‘ معنيٰ تپ اٿس. ’اٿس‘ معنيٰ هن کي آهي.

(ٻ) مٿي چيو ويو آهي ته ’ٿو‘ ۽ ’پيو‘ ٻيئي گڏي زمان ماضي استمراري جوڙڻ جو رواج سڄيءَ سنڌ ۾ سري کان سواءِ ٻيو ڪنهن به هنڌ ڪونهي؛ اهو دستور به سرائڪيءَ مان ورتو اٿن. ’مان کاوان ٿو پيو‘. هي جملوئي سرائڪي نموني آهي، جنهن ۾ چون ته”مئن کاوندا پيا هان“

(ڀ) ’هن راڳ ڳاتو‘، يعني ’ڳايو‘ بدران ’ڳاتو‘ چون ٿا. هن طرح وچ واري ’ت‘ اکر قائم رکڻ جو دستور سرائڪيءَ ۾ آهي.

(ت) سرائڪيءَ ۾ اسم تصغير واري ’ڙو‘ پڇاڙي ڪم آڻڻ جو رواج بلڪل گهڻو آهي- جهڙوڪ فريد نالي هڪ شاعر چيو آهي ته:

”ســـڄـــن رٺــڙا ته ســک مُٺــڙا، خوشــي دا سانگ سڀ ٽٽڙا،

نه جيءُ ڇُٽڙا، نه ڏک کُٽڙا، ايهه ڪُٺڙي مونجهه ول ول دي.“

سري ۾، خاص ڪري شڪارپور ڏي، انهيءَ نموني ظرف مڪان ۾ به اها ئي پڇاڙي گڏي هت- هتڙي ۽ تت- تتڙي چون ٿا. هيءُ به سرائڪي جو اثر چئبو.

اُٻاوڙي طرف جي ٻولي

108- پنو عاقل، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو ۽ اٻاوڙو جيتوڻيڪ سکر ضلعي ۾ آهن، ته به انهن هنڌن جي ٻولي سکر ۽ روهڙيءَ کان ڪجهه قدر علحدي آهي ۽ شڪارپور جي ٻوليءَ وارو ميٺاج منجهس ڪونهي؛ باقي اچار چٽا اٿس.

ٻوليءَ جي نموني لاءِ هڪ مثال ڏجي ٿو: ’هڪڙي جا سمهي مٿي، ٻي جا پوي ٽيڙ، ته نه چڙهندو به چڙهي‘- يعني هڪڙي ڳالهه ته مٿي (کڏ تي يا پيهي تي) سمهي ٿي، ۽ ٻي ڳالهه ته ٽيڙ يعني ماڪ پوي ٿي، تنهنڪري (تپ) جيڪڏهن نه چڙهڻو هوندس، ته به چڙهندس. هيءَ ڪَچي ٻولي چئبي جو جملو ئي اڻپورو آهي. ’تپ‘ لفظ ڪم آيل ڪونهي، تنهنڪري جيڪڏهن جملي جو مطلب نه ڏجي ها، ته گهڻن کي جيڪر سمجهڻ ۾ ئي ڪين اچي ها. ٻي ڳالهه ته مٿئين جملي ۾ ’چڙهندو‘ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته اُڀي جي ٻوليءَ جو اُٻاوڙي طرف جي سنڌيءَ تي اثر ٿيو آهي. اهو اثر اتي جي مسلمانن جي ٻوليءَ تي هيڪاري وڌيڪ ٿيو آهي، جي، ’هلنداسين‘ بدران چون ’ڄُلنداسين‘ ۽ ’هوري هوري‘ بدران چون ’هولي هولي‘ يعني آهستي آهستي، اچار به بگڙيل اٿن- جهڙوڪ: چون ته ’هو ماڻهو ڳڙ پٽندو به وڃي، ته کَئندو به وڃي‘، يعني ڳڙ پٽيندو به وڃي ته کائيندو به وڃي. ’پٽيندو‘ بدران چون ’پٽندو‘. پ ۽ ٽ ٻنهي جي مٿان زبر، ۽ ’کائيندو‘ بدران چون ’کئندو‘(ک جي مٿان زبر ۽ همزي مٿان پيش). ڪيترا مسلمان ساڳي ئي جملي ۾ اڌ سنڌي ته اڌ اُڀي جي ٻولي ڪم آڻين ٿا- جهڙوڪ: چون ته ’آءٌ پيو تو کي ڳوليان‘، تون اِتي کڙوئي‘، يعني مان پيو تو کي ڳوليان، تون اِتي بيٺو آهين. جيئن بهاولپور طرف وڃبو تيئن اُڀي جي ٻوليءَ جو اثر هيڪاري وڌيڪ معلوم ٿيندو.

سريليءَ جا علحدا لفظ

109- سرحد سنڌي ڏي’ڀوتار‘ لفظ گهڻو ڪم اچي ٿو، جهڙوڪ چون ’سچل فقير ڀوتار‘. ٻروچ به کيڪارڻ مهل چون’ڀؤتار، خوش آهين‘، اهو اصل سنسڪرت لفظ ڀٽار آهي، جو اڳلي واسطي عزت ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي. شڪارپور جا هندو توڙي مسلمان ’ماتو‘ لفظ گهڻو ڪم آڻيندا آهن، جو اصل ۾ آهي. ’مان آتو‘ يعني مون چيو (سنسڪرت- اُڪت)اهو ائين ڪم آڻيندا آهن،جيئن انگريزي ۾ چون ’I Say‘ سڄي سري ۾ ’گاڏيءَ‘ بدران چون ’بگي‘. اهو لفظ شڪارپور جي قديم هندو واپارين اهڙو ته ڦهلايو، جو آئرلينڊ ۽ آمريڪا ۾ به عام ٿي ويو آهي.*

سرحد سنڌ ۾ ’کيسو‘ بدران ڪي چون ’گوگهو‘.اَن ماپڻ لاءِ ’پاٽي‘، تنهن جي بدران ڪيترا چون ’پڻڪي‘. ’ٽويو‘ بدران ڪيترا چون ’ٽوڪو‘. ’ڪاڪو‘ جو مونث ’ڪاڪي‘ چون ٿا، جو اڪثر ’ادي‘ يا ’دادي‘جي معنيٰ سان ڪم آڻين ٿا.

’ڪاڪيون رات قيام، جيڏيون جت ڪري ويا‘.

سکر ضلعي ۽ سرحد سنڌ کان وٺي لاڙڪاڻي تائين جاءِ جي کُڏ کي چون ’ڪوٺو‘. ٻماڙ جي کڏ کي چون ’ٽپڙ‘. ماڙيءَ جي ٺٺ کي چون ’وڌاوڙو‘ يعني وڌيل ڀاڱو (Projection). ’هن کي انعام ڍيو‘: ڍيو معنيٰ مليو. ڪي ظرف علحدا اٿن؛ جهڙوڪ چون ’هن هاسڪار جهيڙو ڪيو‘. هاسڪار معنيٰ خواهه مخواهه يا خالي پيلي. دادو ۽ سيوهڻ تعلقن ۾ ڪي اهو لفظ هيئن به ڪم آڻين. ”هاسڪار منهنجو به ڪم ڪندو اچج“. هتي هاسڪار معنيٰ انڌ- پنڌ يا اڳو- پوءِ. ”هو رهِندو ڪم بگاڙي آيو.“ رهندو معنيٰ اٽلندو. اٻاوڙي ۽ ميرپورماٿيلي طرف ڪانگ يا ڪانءُ بدران چون ڪانگڙو، ۽ انگوڇو بدران چون پوتڙو. ٽيڙ معنيٰ ماڪ. خيرپور رياست جي آفيسن ۾ گهڙبو ته معلوم ٿيندو، ته ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين وارا لفظ عهديدارن  لاءِ اڄ تائين ڪم آڻين ٿا. جهڙوڪ:

ناظم                                                     ڊيپوٽي سپرنٽينڊنٽ

خزانه عملدار                                        ترييري آفيسر

متصدي صاحب                                               اڪائونٽنٽ

110-سچل،سامي،بيدل،بيڪس ۽ ٻين سري جي شاعرن، سري جي لفظن جو خوب استعمال ڪيو آهي، جهڙوڪ:

لفظ                       معنيٰ                    لفظ                       معنيٰ

آتر                          پردو                        اٻوهيو                   اڻ ونڌيل

اَلساڻو                    اَلسي                     اُميٽ                     پلٽ

چاٽان                     چوٽون                   موڙان                     رمزون

پوٽ                       پوجو                      پاٽي                      پٽي،فرهي.

الڪون                  (ڇپر،اکين جا)    چيٿڙو                    اڳڙي

ساميءَ جي سلوڪن ۾ ’ڪچجو‘ معنيٰ گندو يا ڪِنو. اهو لفظ سرائڪيءَ ۾ به آهي.

شاهه جي رسالي ۾ به سريليءَ جا لفظ ڪجهه قدر آهن:

(1) ’شڪستي، سيد چوي، چيهان ڪيو چوءِ‘. چيهان

(2) سنديءَ چانگن چس، پير ٺرندءِ پٻ ۾.            چيس

(3) اصل آريءَ ڄام جو پاند نه پڄتوسون.              پڄتو

سريليءَ جا عام اصطلاح

111- بصر کَٽاپائينداسين يعني بصر سنڌينداسين.

تپ جوڙ اٿم                        ” تپ گهٽ اٿم.

مُٺيون ڀرڻ                           ” مڪڙيون هئڻ، زور ڏيڻ.

ول ولڻ                                   ” وجهه ڳولڻ.

منهن وڏو                             ” اڻاسو،نرلڄو،بيشرم.

”مـــوري مــنـهــن وڏا ٿـــيــا وڍيـــا تـــا نــه وڃــن،

اديون اڻاسن، تن ڪوجهن کي ڪوهه ڪريان“(شاهه)

چانڊيا ۽ مگسي ذاتين وارا مسلمان لاڙڪاڻي ۽ قنبر ضلعن ۾ آهن، جو اڳي انهن چانڊين جي نالي پٺيان چانڊڪو پرڳڻو سڏبو هو. چانڊين ۽ مگسين جي پاڻ ۾ اڻبڻت گهڻي هئي. انهيءَ سبب سڄي سنڌ ۾ جڏهن هاڻ ڪو چوي ته ’هو پاڻ ۾ چانڊيا مگسي آهن‘، ته ان جي معنيٰ ته هڪٻئي جا (جاني) دشمن آهن يا پاڻ ۾ ٺاهه نه اٿن.


 

* بار گاوين بولي بدلي، تروُور بدلي شاکا،

بڊاپا مين ڪيس بدلي، لڪشڻ نه بدلي لاکا.             (هلندڙ)

يعني ٻارهين ڪوهين تي ٻولي ائين بدلجي ٿي، جيئن وڻ جون ٽاريون. ٻڍاپڻ ۾ وار ڦريو وڃن، پر لاکن جو لڄڻ نٿو مٽجي. (گجراتي پهاڪو). گجرات ۾ لاکا ذات جا واڻيا پنهنجي نيات جي وهانءَ وڌاڻ جي مجلس ۾ اڻ ڪوٺيا به وڃن. اها عادت اهڙي اٿن جا مٽجڻ جي نه آهي.

* “ The northern or Siraiki (Sireli) dialect has remained far more original and has preserved the purity of pronuniciation with more tenaciousness than the southern one.” Dr. Trumpp Sindhi Grammar, Introduction, p. ii.

* Siraiki (Sireli) Sindhi differs from the Standard Sindhi, having a more clearly articulated pronunciation and slightly different vocabulary:. Linguistic Survey of India vol. viii, part 1, p. 140.

* “ In the oldest from of Indo- Aryan as preserved in the Rigand other Vedas and in the Brahmans, pitch or musical accent was the predominant one”. Dr. S. K. Chatterji: The Origin and Development of the Bengali: pp. 275-76

(1) F. E Portiger: Ancient Indian Historical Tradition, p. 264.

* “ the Sibis or Sivas have given their name to Sibistan, and the Pakhtuns to the Afghan Pakhtun.”

R.D, Banerji: A Junior History of India, p. 15,

*  Rule- Burnell: Glossany of Anglo-Indian Collquial words and Phrases.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org