سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

ڀاڱو؛ ٻيو

صفحو : 8

باب ڇهون                                                                  ٿريلي

 

ٿريليءَ جون حدون

135- ٿرپارڪر ضلعي جا طبعي ڀاڱا ٻه آهن: هڪڙو ’ڍٽ‘ يعني ٿر يا وارياسو ڀاڱو؛ ۽ ٻيو ’پٽ‘ يعني ڏاڍيءَ زمين وارو ڀاڱو، جنهن ۾ سڄو نارو ڊويزن اچي وڃي ٿو. اهو ميرپورخاص وارو پاسو  اصل حيدرآباد ضلعي سان لاڳو هو ۽ اتي ٻولي به حيدرآباد طرف جهڙي ڳالهائين ٿا، تنهنڪري ٻوليءَ جي طلب لاءِ سڄي ناري ڊويزن جي ٻولي وچولي جي دفعي ۾ ليکڻ گهرجي. هاڻوڪو ٿر ڊويزن يعني ڏيپلو، مٺي، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر تعلقا ۽ ٿر جو آڳاٽي گاديءَ جو هنڌ اَمرڪوٽ ٿر ۾ سمجهڻ گهرجن. انهن پنجن تعلقن ۾ جيڪا سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، تنهن کي ’ٿريلي‘ يعني ٿر* جي ٻولي سڏجي ٿو.

ٿر جو تاريخي احوال

136- سڄي ٿر ڊويزن ۾ رڳو ننگر پارڪر وارو پاسو قديم زماني ۾ وسيل هو، جو مهراڻ يا هاڪڙي جي شاخ بهاولپور رياست وٽان ڦيرو ڪري، ٿر ڏانهن لوني نديءَ سان اچي گڏبي هئي، جنهنڪري ننگر پارڪر تعلقي ۾ ڳوٺ ويرا واهه جي ويجهو پاري ننگر نالي هڪ وڏو بندر هو، جنهن بابت ڪئپٽن ويڪس پنهنجي ڪتاب ’ٿر جو احوال‘ ۾ ڄاڻايو آهي، ته اهو عيسوي پهرينءَ صدي ۾ ٻَڌو هو. اتي اڄ تائين جين ڌرم وارن جي ڊٺل مندرن جا نشان ظاهر اهن. عيسوي ڇهين صديءَ ۾ جڏهن سنڌ ۾ راءَ گهراڻي جو راڄ هو، تڏهن سوڍن راجپوتن اهو ننگرپارڪر وارو پاسو اچي وسايو. رفتي رفتي اهڙو زور ٿيا، جو سومرن جي صاحبيءَ هوندي به امرڪوٽ جو قلعو پنهنجي قبضي ڪيائون. عمر سومري جي ڏينهن ۾ اَمر ڪوٽ وري سومرن جي هٿ ۾ آيو؛ پر تنهن کان پوءِ وري راجپوت زور ٿيا ۽ سڄو ٿر وسايائون. ٿر جو اتر وارو پاسو ”کائر جو ٿر“ سڏبو هو، ۽ ڏاکڻو ڀاڱو ڪڇ جي رڻ ڏانهن ”ڀائر جو ٿر“ سڏبو هو؛ ۽ انهن ٻنهي ٿرن جي وچ وارو ڀاڱو ”ڍٽ“ ڪوٺبو هو. سڄي ٿر جي گاديءَ جو هنڌ امرڪوٽ جو شهر هو. همايون بادشاهه سنڌ ۾ آيو ته اَمرڪوٽ جي راڻي قلعو خالي ڪري ڏنس، ۽ انهيءَ قلعي ۾ اڪبر بادشاهه ڄائو هو. انهن سوڍن راجپوتن ڏيپلو، مٺي ۽ ڇاڇرو به وسايا. مطلب ته اهي ٽيئي تعلقا ڪلهوڙن جي صاحبيءَ کان اڳي وسيل هئا. هن وقت به ٿر ۾ راجپوت، ڪِراڙ، لهاڻا ۽ ٻيا هندو گهڻا آهن ۽ مسلمان ٿورا آهن.

 

ٿر جا اُچار

137- ڏيپلي تعلقي جا ميمڻ اصل ننگر ٺٽي ۾ رهندا هئا ۽ سوڍن جي صاحبيءَ ۾ هن پاسي اچي رهيا. لاڙ جي ماڻهن وانگر ”هه“ جو اُچار اڪثر ڪو نه ڪن، ”ر“ ۽ ”ڙ“ جي تفاوت جي به گهڻي سڌ ڪا نه پوندي اٿن، تنهنڪري، جهڙو تهڙو ۽ ڪهڙو بدران اڪثر چون جيرو، تيرو ۽ ڪيرو. ٿر جا هندو، ميگهواڙ ۽ ٻيا ”هائو“ بدران اڪثر چون ”هوئي“ (YES) ڏيپلي جي ميمڻن کي ”هه“ جو اُچار اڪثر ڪونه اچي، تنهنڪري ”هائو“ لفظ ڪو نه چون، پر نڙيءَ مان ٿورو ڪنجهڪار جهڙو آواز (آ آن) ڪندا آهن.

(الف) ٿر جا کتري، لهاڻا، مينگهواڙ وغيره منڊي بدران مندي، پُٽ بدران پُتر ۽ کيٽ بدران کيتر چوندا آهن، جنهنڪري چئبو ته سندن اچار سنسڪرت کي گهڻو ويجها آهن. پيءُ بدران ”پيئو“ معنيٰ ابو يا بابو.

(ب) ٿر جا هندو توڙي مسلمان لفظن ۾ نڪ جو اُچار  گهڻو نه ڪندا آهن: جنهن، تنهن ۽ ڪنهن بدران چون جهن، تهن ۽ ڪهن. باقي ٿر جا هندو ’کائڻ‘ بدران چون’کانوڻ‘ جهڙوڪ چون ته ”کاوَڻ“ کان وڌندي  ماني نه ڏي“ يعني جيتري ماني کائي سگهبي تنهن کان وڌيڪ نه ڏي.

ٿريلي جي وياڪرڻ جون ٻيون علحديون ڳالهيون

138- ٿر ملڪ هڪ پاسي ڪڇ ڀڄ ته ٻئي پاسي راجپوتانا جي حدن سان لڳو بيٺو آهي ۽ اتي جي ماڻهن جي پاڻ  ۾ لڙهه وچڙ گهڻي آهي، تنهنڪري ٿر جي ٻوليءَ تي انهن پاسن جي ٻولين جو ڪجهه اثر ٿيو آهي.

زور ڀرائيندڙ حرف (Particle of Emphasis) گجراتيءَ ۾ ’ايڪ‘ معنيٰ هڪ ۽ ايڪج معنيٰ هڪڙو ئي يا رڳو هڪ. ٿر جا هندو بهائين لفظن جي معنيٰ کي زور ڀرائڻ لاءِ اها ساڳي ”ج“ پڇاڙي ڪم آڻيندا آهن. مثلاً: ٿريلي ۾ ”ارگو“ معنيٰ ”اڳڀرو“ ۽ ”ارگوجه“ معنيٰ اڃا اڳڀرو.

اسم خاص- ڪڇي ۽ مارواڙي ”گڻيش“ بدران چون ”گڻيشيو“ ۽ ”جيسو“ بدران چون ”جيسيو“- مطلب ته ماڻهن جي نالن پٺيان ”يو“ پڇاڙي گڏيندا آهن. ٿر ۾ به ڪيترين حالتن ۾ ائين ڪندا آهن مثلاً: هڪ ميگهواڙ جو نالو ”پورو“ تنهن جي بدران چون ”پوريو“ ۽ ”ڏيپو“ بدران جون ’ڏيپو‘* ڪن  مسلمانڪن، نالن پٺيان به اها ”يو“  پڇاڙي گڏين ٿا مثلاً: ”سومار“  بدران چون ”سوماريو“ .

ٿر جا ڪِرڙا پنهنجن نالن پٺيان اڪثر ”شاهه“ لفظ گڏيندا آهن مثلاً: ڪيول شاهه پُٽ جڳو شاهه اهو نمونو گجرات جي ڪِراڙن کان ورتو اٿن.

ضمير (1) ٿر جا هندو ”مون“بدران’مين‘ چون. مثلاً مين وٽ معنيٰ مون وٽ، ”مين سان گڏ“ معنيٰ مون سان گڏ. تنهنجو بدران ”تين جو“ ۽ پنهنجو بدران ”پانجو“  چون ٿا. هي پويان مثال ڏيکارين ٿا ته ٿر جي ٻوليءَ جي ڪڇ ۽ لاڙ جي ٻولي جي ڪجهه ڇايا پيل آهي، پر سڀڪنهن حالت ۾ ٿري ماڻهو’هه‘ جو اچار ڪڍي نٿا ڇڏين مثلاً ”اها ڌم ڪيهائي؟“ يعني اها ڌام ڌوم (ناچ گاني جي) ڇاجي ڪري آهي؟ ڪيهائي معنيٰ ڪهڙي.

(2) ”اَپاڻ کي کُسِي ڪرڻ“ ”آءٌ راجي ٿيوڻ لائق آهي“، يعني پاڻ کي (اسان کي) خوشي ڪرڻ راضي ٿيڻ جڳائي. اهڙيءَ طرح ’پاڻ‘ بدران ’اَپاڻ‘ لفظ ڪم آڻين ٿا، جو نج پراڪرت لفظ آهي. ٻين هنڌ اڳياڙيءَ وارو ”اَ“ جو اچار ڪڍي ڇڏيو اٿن، پر ٿريلي اهو اڄ تائين قائم رکيو بيٺي آهي.

صفت- ’چڱو‘ بدران عام طرح چون ”ڀلو“. ’مور ڀلو ليئو‘، يعني بنهه چڱو يا اُچو وڳو- ’ليئو‘ معنيٰ وڳو يا پوشاڪ- ’گهڻو‘ بدران عام طرح چون ’گهڻ‘- مثلاً، ”گهڻ ڏينهن نه ٿيا“، يعني ’اڃا ٿورائي ڏينهن ٿيا‘(گهڻا نه).

ڪردنت- ’کائڻ‘ مان اسم حاليه ’کائيندو، پر ٿر جا هندو چون ’کائندو‘. ساڳيءَ طرح ’چاهڻ‘ مان ’چاهيندو‘ پر ٿري چؤن ’چاوندو‘.

فعل-

”ڪين ڌر تتي ماءِ، ڪين ڄر سنڌي سڄڻين،

وَهــــي ۽ واجــــهــــاءِ، ٻــنهــي ڄـــيــرن وچ ۾.“

(شاهه)

”وَهي ۽ واجهاءِ، يعني هلي به پيئي يا پنڌ به پيئي ڪري، ۽ واجهائي به پيئي- ٿر ۾ ’وَهڻ‘ لفظ عام طرح ’هلڻ‘ جي معنيٰ سان ڪم آڻيندا آهن، ٿر ۾ هڪ مسلمان کان پڇيو ويو ته فلاڻو ڪٿي؟ چي، ’ورانڊ تائين هتي ٿيو هو، پوءِ وَهيو ڏيپلي‘. يعني ٽپهري، تائين هتي هو، پوءِ ڏيپلي هليو ويو، ورانڊ معنيٰ ٽپهري ۽ ’وهيو‘ معنيٰ هليو- مٿئين مثال مان هيءُ به ڏسڻ ۾ ايندو ته ”هو“ بدران ”ٿيو هو“. ٿر جا هندو ”ٿيڻ“ بدران چون ”ٿيوڻ“- مثلاً، ’ائين نه ٿيڻ گهرجي‘، يا چون ته ’جيڪي ٿيوڻو آهي، سو ٿيندو‘. ’ٿيوڻو‘ معنيٰ ’ٿيڻو‘ هي ڪڇڪي ۽ مارواڙي نمونو آهي.

(الف) ’اَگهڻ‘ معنيٰ ”قبول پوڻ“ تنهن مان ’اَگهيو‘، پر ’اگهاڻو‘به چئبو آهي. ساڳي ريت وڪڻڻ مان وڪيو ۽ وڪاڻو. ٿر ۾ اها ’اَڻو‘ پڇاڙي عام طرح هن ريت ڪم آڻين ٿا:

 (1) هيءُ نئون گهر آڌاڻو آهي يعني اڏايو آهي.

(2) هي ڳوٺ نئون ٻڌاڻو آهي يعني ٻڌو آهي.

(3) اسلام ڪوٽ ڦراڻو آهي يعني ڦريو آهي، (ڌاڙيلن).

’آءٌ ماراڻو آهيان‘ يعني ماريو آهيان. ”ويو“ بدران عام طرح چون ”گيو“ (هندي لفظ).

ظرف  ٿر جا هندو ”ڇو“ بدران چون ”ڪيوُن“

حرف جر ’هن مجماني ڪي؛ هن کان، جو هو سڪرارو ٿيو هو‘ يعني هن مهماني ڪئي، هن کان (هن لاءِ يا هن سبب) جو هو سڪرارو ( چڱو ڀلو) ٿيو هو. ”کان“ حرف جر کي ”لاءِ“، جي معنيٰ سان ڪم آڻين ٿا. ٻيو مثال: ’هن جو پيئو گهر منجهه هو، تنهن کان ٻاهر بيهي رهيو‘ معنيٰ هن جو پيءُ گهر منجهه هو، تنهن کان (تنهن لاءِ يا تنهن سببان) ٻاهر بيهي رهيو (ٻي کان ڊنو ٿي). ”پر“ بدران عام طرح پڻ چوندا آهن.

حرف جملو- ”پڻ“ AISO لفظ ۾ ”پ“ جي هيٺان زير (اِ) بدران زبر يعني ”اَ“ جو اُچار ڪن ٿا.

ٿريليءَ جا علحدا لفظ

139- ٿري ماڻهو هڪٻئي کي کينڪارڻ مهل چون ”چاق، جوڙ، سڪرارو، خير کِين، هوڪاري ۾، روڙا ڀلا“ وغيره. ”خير کين“ معنيٰ سک سلامتي، ۽ روڙا‘ معنيٰ چڱو.

(1) کمندڙن خير کين، چُوندڙ چڱا نا ٿيا. (اهه)

(2) ”مرڪي مر ماتا، روڙي راءَ ڏياچ جي“.

ٿر ۾”کنگهه“بدران چون”دوُنس“۽”اُڃ“کي چون ”تونس“

”تن ۾ تونس پرينءَ جي پيان نه ڍاپان“. (شاهه)

شاهه جي رسالي ۾ سر مارئيءَ ۾ ٿر جا لفظ تمام گهڻا آهن: ساٺيڪو، ڀاروڙي، وراڪو وغيره.

(الف) ٿر ۾ سج اڀرڻ سان ڀِٽ جي جنهن پاسي تي اُس جو تڙڪو پوي‘  تنهن کي چون ’تڙڪول‘. مهڙ وارو پاسو ’ٻُڪڙ‘، مٿيون پاسو، ’مٿاري‘، ڇيڙي وارو ’گوڇار‘ سڏجي ٿو ۽ ڀٽ جي پڇڙيءَ کي’پوڇانڊو‘ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪئين علحدا لفظ اٿن.

ٿر جو شعر

140- چوڻي آهي ته ’راڳ پنجاب ۾ ڄائو، ٿر ۾ مئو‘. ٿر جي هندن ۾ ڪو ڄمي توڙي پرڻجي، ته به سُر اهڙو ڪڍن، جو ڄڻ ته ڪو مئو اٿن. شعر جوڙڻ جو ڍنگ به اهڙوئي اٿن. پر، ڪي ڪي بيت چڱا چيا اٿن- جهڙوڪ:

”واهوندا وريا، تڏهن ڳاڙهي ٿي ڳنوار،
چيٽ اڍائي ڏينهڙا‘ پَڏي ٿي پنهوار،
چَلڻ ۾ چڪ ٿي، تڏهن موڙون ڏيئي مهيار،
جڏهن ڀاڙِ جي ڀيڙئي، تڏهن گهگهلي ٿي گڏهار،
ويچاريءَ اوٺار، ڪڏهن منهن نه سُکيو“.

 

بهار جون فرحتي هوائون الهندي طرف کان لڳڻ شروع ٿين، ته چون واهوندا وريا آهن، يعني بهار جون هوائون موٽي لڳيون آهن. وڻ ٽڻ مورجن ته گاهه پٺو جام. ڏڌ مکڻ کائي، ڳنوارن جون زالون ڳاڙهيون ڳٽڪيون ٿين ٿيون. (’چلڻ‘ معنيٰ گهڻا گاهه، گهگهلو ٿين معنيٰ بود ۾ ڀرجڻ).

اوٺي کير مان مکڻ ڪو نه نڪرندو آهي، تنهنڪري رڳو اوٺار جي زال منهن سڻڀو نٿي ڪي سگهي.

141- ناري ڊويزن ۾ فقط ٻه ناميارا شاعر ٿي گذريا آهن: هڪ صديق، صادق( فقير صوفي، جنهن جي نالي پٺيان ”صوفي فقير جو ڳوٺ“ سڏجي ٿو،۽ ٻيو کپري تعلقي جو منٺار فقير، جو گذريل اوڻويهين صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي.

”حيدرآباد ۾ هل ٿيو، رت وهي ٿي ريل،

ڀورا اچي ڀيل، ساري سنڌ ’صديق‘ چوي“.

انگريزن جي اچڻ ۽ ميرن جي صاحبيءَ  جي خاتمي ٿيڻ بابت هيءَ پيشگوئي صديق فقير ڪئي هئي.

منٺار فقير جون ڪافيون مشهور آهن. سندس جوڙيل ٽن ڪافين جون پهريون تڪون هي آهن:

(1) لوئيءَ جي لڄ رکجانءِ، پوتيءَ جي پت رکجاءِ،

 پرور پاڪ خداءِ؛ قسمت قيد ڪيو.              (مارئي)

(2) لڙ لهرن ۾ لڙهيو وڃانءِ ٿي.                   (سهڻي)

(3) رک نه ميارون، مٽ نه مومل کي،

مٺا تون مينڌرا، موٽي آءٌ مير.                          (مومل)

منٺار جي ٻاڻي نهايت نماڻي آهي ۽ منجهس سڪ ۽ درد جا داستان آهن.

 

ڍاٽڪي

142- ٿر ۾ ڍاٽڪي ٻولي به چالو آهي. هن وقت اتي جيڪي ٺَڪرُ(راجپوت)،ڪَراڙ(واڻيا)،ميگهواڙ،ڀيل وغيره آهن، سي اصل راجپوتانا ۽ گجرات طرف کان آيا آهن. ٿر کي ڪَڇ، راجپوتانا جو ڀاڱو (مارواڙ ۽ جيسلمير)، ۽ ننگر پارڪر کي پالنپور رياست (گجرات جو طرف) ويجها آهن. ٿر جي ڪيترن ماڻهن جي انهن سڀني هنڌن جي رهاڪن سان لڙهه وچڙ گهڻي آهي. انهن سببن ڪري سنڌي، راجسٿاني ۽گجراتي ٻولين جي ميلاپ منجهان ٿر منجهه هڪ بنهه نئين قسم جي ٻولي ٺهي پيئي آهي، جا ”ڍاٽڪي“ يعني ڍٽ يا ٿر جي ٻولي سڏجي ٿي. اها گاڏڙ ٻولي راجسٿاني ٻولين جي دفعي ۾ ليکجي ٿي ۽ خود ”ڍٽ“  لفظ راجسٿاني ٻولين جو آهي. ڍاٽڪي ٻولي گجراتيءَ کي گهڻو ويجهي آهي- مثلاً: گجراتيءَ ۾ چون ”هُون جائُون ڇُون“ يعني آءٌ وڃان ٿو، ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ چون ”هُون جائون تو“. اهو ”تو“ نج سنڌي لفظ ”ڻو“ آهي، جنهن مان ”هه“ جو اچار ڪڍي ڇڏيو اٿن، جنهنڪي ”ئو“ بدران ”تو“  چون ٿا. شاهه جي رسالي جو سر ڍول مارئي، جو راجپوتانا جي ڍول ۽ مارل جي قصي تي ٻڌل آهي، سو ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. انهيءَ سر جو پهريون بيت هيءُ آهي:

”اُتر واءَ کوندي پهلي موسم مينهن،

ٻــالاپــڻ رونيهن، والا جم وساريين“.

”جم وساريين“معنيٰ متان وسارين. اهي ٻيئي لاڙ جا لفظ آهن.اهڙيءَ طرح ڍاٽڪيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي سنڌي لفظ آهن.

سنڌيءَ ۾ ڍاٽڪي لفظ

143- سنڌي ٻوليءَ ۾ ڍاٽڪي لفظ گهڻا ڪينهن، جو ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ، سنڌ ۾ گهڻو ٽڙي پکڙجي نه ويا آهن.  عمار- مارئيءَ جي قصي مشهور هئڻ سبب سنڌيءَ ۾ رڳو ”مارُو“ لفظ عام ٿيو آهي جو ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس ’ٿري مالدار‘، جي مال جي چاري سانگي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي گذارين ٿا. خود ”مارئي“ ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ۽ معنيٰ اٿس ’مارُو لوڪن جي نياڻي‘.

”تون لنگهائين’لطيف‘چئي ٿرن جا ٿوري“. (شاهه)

”ٿوري“ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ اصل معنيٰ اٿس ”شڪاري“؛  پر عام طرح ٿر ۾ ڀيلن کي ”نوري“ سڏيندا آهن ۽ اهي اڇوتن جي دفعي ۾ ليکبا آهن. ”ٿوريءَ“ جو مونث سنڌيءَ ۾ آهي ”نورياڻي“.

”مـــاڙهُـــــو چـــونــــم مـــي، آءٌ هـــيــريــاڻــي آهـيان،

مُون ور سرتيون سي، جي ٿورياڻيون ٿرن جون“.(شاهه)

هيءُ بيت مسڪينيءَ جي باب ۾ آهي. ڄام تماچيءَ جي راڻي نُوري، ذات جي گندري(مهاڻي)، چوي ٿي ته ماڻهو مون کي مهاڻي چون ٿا، پر مان شڪارڻ آهيان ۽ ٿر جون ڀيلڻون مون کان وڌيڪ آهن. ٿر ۾ ”ٽوڀو“ معنيٰ ننڍڙو تلاءُ. اهو ڍاٽڪو لفظ رڳو ٿر ۾ عام آهي.


 

*  سنسڪرت ’سٿل‘ معنيٰ ’بيٺل‘ يا ’نه وهندڙ‘، يعني خشڪ ملڪ (جتي درياءُ ڪونهي). انهيءَ ’سٿل‘ لفظ جو اچار اول ڦري ٿيو ’ٿل‘ معنيٰ ڏاڍي زمين (ضد – ’جل‘ معنيٰ پاڻي)، ۽ ’ٿل‘ جو اچار ڦري ٿيو ’ٿر‘ – ”جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي“.(شاهه)

*  ڏيپلي جي شهر توڙي تعلقي تي ”ڏيپو“ نالي هڪ ميگهواڙ جو نالو پيل آهي، جو اول هن اتي هڪ کوهه کڻائي پنهنجو توڙي ٻين جو سهنج ڪيو هو. هن حالت ۾”يو“ بدران”لو“ پڇاڙي ڪم آيل آهي، جنهنڪري ”ڏيپلو“ چئجي ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org