سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

ڀاڱو؛ ٽيون

صفحو : 14

ڀاڱو ٽيون

باب پهريون                              ٻوليءَ جي تبديل ۽ واڌارو

 

تبديل جا سبب

276- سنسڪرت جو ذڪر ڪندي، مٿي اڳيئي چيو ويو آهي ته سنسڪرت اول بگڙجي پالي ۽ پراڪرت ٿي، ۽ جدا جدا هنڌن جون پراڪرت ٻوليون ڦري هاڻوڪيون سنڌي، هندي، گجراتي وغيره ٿيون آهن. هاڻ ويچار ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙن سببن ڪري سنسڪرت ۾ ايڏو ڦيرو پيو، جو اچي نوان نوان ويس ورتائين؟ هڪواريءَ انهن سببن جي سُڌ پوندي، ته پوءِ سمجهڻ سولو ٿيندو، ته ڪيئن سنڌي هينئر  به ڦرندي پيئي وڃي، ۽هن کان پوءِ به ڦرندي رهندي؟ هن باري ۾ علم لغات جي صاحبن جيڪي سبب ڄاڻايا آهن، سي دنيا جي سڀني ٻولين سان هڪجهڙا لاڳو آهن، پر مثال ڪن انگريزي ته ڪن سنسڪرت ڏنا آهن، تنهنڪري اسين پنهنجا سنڌي مثال ڏينداسين.

سبب پهريون- ڪشالي جو سنجم

277- ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو پهريون ۽ مکيه سبب آهي ”ڪَشالي جو سنجم“ (Economy of Effort)- وٺو مثال: ڪنهن ننڍڙي ٻار کي چئبو ته چئو ”ڪِنو“، ته چوندو ”اِنو“! ڇو ٿو ائين چوي؟ دنيا ۾ ڪا به ڳالهه ”سبب“ کان سواءِ ڪانه ٿي ٿئي. هن لاءِ به سبب آهن: ”ڪ“ جي اچار ڪرڻ لاءِ، سڀڪنهن ماڻهوءَ کي نڙيءَ جو منهن ’ Glottis or the opening of the wind-pipe‘چڱيءَ طرح کولڻو پوي ٿو، ته آواز ٻاهر نڪري، ساڳئي وقت ڄڀ جي پاڙ جو زور به لڳائڻو پوي ٿو، ته اکر چٽو ٿئي ته ٻيا پوريءَ طرح سمجهن- هيءُ ڪشالي گاڏڙ ڪم، ويچاري ننڍڙي ٻار کان نٿو پڄي، تنهنڪري هو”ڪ“ جو اچار ماڳهين ڪڍي ڇڏي، باقي ”ڪ“ جي هيٺان جيڪا زير يعني ”اِ“ جو اچار آهي، سو قائم رکي ”اِنو“ چوي ٿو. هو ائين ڪونه ٿو سمجهي، ته مون ڪو ”ڪ“ اکر ڪڍي ڇڏيو، هن جي ليکي ته اڳلي چيوئي ”اِنو“! هيءَ ته ننڍڙن ٻارن جي ڳالهه آهي، پر وقتي ساڱيا واڱيا ماڻهو اکرن تي پوريءَ طرح زور نٿا ڏين، ته لفظن مان اکر نڪريو وڃن- جهڙوڪ، ”ڪنڀڪار“ ۽ ”لوهڪار“ بدران چئون ”ڪنڀار“ ۽ ”لهار“ ”ڪ“ جو اچار وچ منجهان ئي نڪري ويو! هتي به چئبو ته اچار ڪرڻ ۾ گهٽ تڪليف ٿي- اهڙا مثال انگريزيءَ ۾ به گهڻيئي آهن *. هيءُ ته سولا لفظ آهن، پر جڏهن ڪنهن لفظ ۾ ٻه- ٻه بلڪ ٽي- ٽي حرف صحيح گڏي اچارڻا پون ٿا، تڏهن اهو ته هيڪاري ڪشالي گاڏڙ ڪم ٿيو پوي، جو جدا جدا اچارن ڪرڻ لاءِ نڙي، ڄڀ، چپن وغيره کي علحدي علحدي نموني چورڻو پوي ٿو! هوڏانهن انسان، پنهنجي ذاتي سڀاءَ ڪري، ائين چاهي ٿو ته سڀڪنهن ڳالهه ۾ جيترو گهٽ ڪشالو ٿئي، تيترو چڱو. انهيءَ ذاتي سڀاءَ ڪري، هو لفظن جي اچار ڪرڻ مهل به ڪشالي جو سنجم ڪري ٿو، جنهنڪري اچار بگڙيو وڃن. لاڙ جا ماڻهو ڪشالي جو سنجم گهڻو ٿا ڪن، جنهنڪري سندين ٻوليءَ ۾ گهڻو بگاڙو نظر اچي ٿو.

ٻوليءَ سان ٻار وڏا وَيل وهائين ٿا: ٻارن کي جيڪڏهن ڇيڪ ڇڏي ڏجي، ته ٻوليءَ کي جيڪر ڏاڍا هاڃا هڻن؛ پر گهرن ۾ مائٽ، ۽ اسڪولن ۾ ماسترياڻيون ۽ ماستر. کين صحيح اُچار سيکارين ٿا: ٻار جڏهن وڏو ٿئي ٿو، تڏهين پنهنجو به عقل اچيس ٿو ته صحيح اُچار ڪريان، متان ٻيا کلن ۽ چون ته ٻاتن جهڙا اُچار يا غلط اُچار ڪڍي ٿو- پر ٻوليءَ کي بگڙجڻ کان وڏي روڪ تڏهين ٿئي ٿي، جڏهن منجهس ساهت (لٽريچر) لکجڻ ۾ اچي ٿو: ساهت جي نهرن ۽چشمن ۾ ٻوليءَ جون گهڻو ڪري سڀ اوڻايون ڌوپيون وڃن. انهيءَ هوندي به ٻوليءَ ۾ ڪي ڪي غلطيون رهجيون وڃن، ته به اهي غلطيون ڪري نٿيون ليکجن- جهڙوڪ، ڪو ٻار يا وڏو، چاليهه، سٺ ۽ ستر بدران تاليهه، هٺ ۽ هتر چوندو ته مٿانئس کلنداسين، پر ايڪيتاليهه، ٻائيتاليهه، ايڪهٺ، ٻاهٺ ۽ ايڪهتر، ٻاهتر وغيره انگن ۾ اسين پاڻ اهڙا ٻاتن جهڙا اچار ڪريون ٿا، پوءِ پاڻ تان ڇو نٿا کلون؟ ڇاڪاڻ ته هاڻ اهي ئي اُچار رواج ۾ آهن، تنهنڪري اهي صحيح ليکبا. چوڻي به آهي ته ”غلط العوام، صحيح“ يعني جا غلطي، پڙهيل توڙي اڻپڙهيل ڪندا هوندا، تنهن کي غلطي نه سمجهبو، پر صحيح ڪري ليکبو- مطلب ته ٻوليءَ ۾ ”رواج“ وڏي ڳالهه آهي.

سبب ٻيو- ملڪ جي تاريخ ۾ تبديل

278- ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو ٻيو وڏو سبب آهي ”ملڪ جي تاريخ ۾ تبديل“- جهڙوڪ سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت ٿيڻ ڪري عربي، فارسي ۽ ترڪي لفظ سنڌي ۾ اچي ويا. سنڌيءَ ۾ ڌارين لفظ گڏجڻ ڪري، ٻولي گاڏڙ ٿي پيئي. ڌارين لفظن جي اچارن ڪرڻ تي اسان جن ماڻهن جو وات هريل نه هو: جيئن کين سولو لڳو، تيئن انهن جا اُچار ڪيائون، جنهنڪري هاڻ عربي لفظن ”رداءُ“، ”مطرقہ“ وغيره بدران چئون ”رَئو“،”مترڪو“ وغيره. انگريزن آئي انگريزي لفظ چالو ٿيا، ته انهن جا اچار به ماڻهن بگيڙيا، جنهنڪري انگريزي لفظ”سٽيشن“ بدران ڪي چون ”اسٽيشن“ ته ڪي چون ”ٽيشن“؛۽ ڊزن بدران چون ”درجن“- هي ته لفظ آهن، پر وقتي جملا ڦريو وڃن، جهڙوڪ؛ ”هو ڪمس ديئر؟“ پهريدار چون”هڪم در“

سبب ٽيون ڌاري ٻولي جو فخر

279- ٻولي جي بدلجڻ جو ٽيون سبب هيءُ آهي ته ”فاتح قوم جي ماڻهن جي ٻولي سکي، انهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙو ٿيڻ، فتح ٿيل ملڪ جا ماڻهو پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا آهن“. جيڪي، فاتح قوم وارن جي ٻولي نه سکندا آهن، سي به ايترو ڪندا آهن، ته انهن جا ڪي نه ڪي لفظ زور ڪري ڪم آڻيندا آهن!

شاهه، سامي، سچل ۽ آڳاٽن شاعرن ڪيترائي نج سنڌي لفظ ڪم آندا آهن- جهڙوڪ: ”ڪان“ معنيٰ گهوڙو، ”اُميٽ“ معنيٰ پلٽ، ۽ ”آسگهٽي“ معنيٰ سُرڪِي يا چُڪو- اڄڪلهه اهڙا لفظ ڪوبه ڪم ڪونه ٿو آڻي. ٻيا لفظ ته ٺهيا، پر بصر ۽ ٿوم، جي ٻيئي عربي لفظ (بصل ثوم)، سي اسان وٽ عام آهن! هن وقت رڳو ڪراچيءَ ۾ ڪڇي ۽ ٻيا، بصر بدران ”ڏونگري“ ۽ ٿوم بدران ”لسڻ“ لفظ ڪم آڻين ٿا: اُهي چون ”جام“ (ڄام)، پر اسين عام طرح چئون ”زيتون“. ٻهراڙين ۾ چون ”ڀوري“، پر اسين عام طرح چئون ”بلبل“! انهيءَ ريت، آڳاٽا لفظ وڃن متروڪ ٿيندا ۽ نوان ڌاريا لفظ وڃن انهن جي جاءِ وٺندا، جنهنڪري ٻولي وڃي ڦرندي. وقتي، لفظن جي اُچارن ڦرڻ ڪري معنيٰ ۾ ڦير پوي ٿو: جهڙوڪ ”تعويذ“ جو اچار ڦري ”تائيٿ“ ٿيو آهي، ته هاڻ ٻنهي لفظن جي معنائن ۾ ڦير آهي.

سبب چوٿون- لڙهه وچڙ

280- ”وڻج واپار يا ٻئي سبب، ٻين قومن سان لڙهه وچڙ ٿئي ٿي ته انهيءَ ڪري به هڪڙيءَ ٻوليءَ جا لفظ ٻيءَ ٻوليءَ ۾ اچي وڃن“- جهڙوڪ پورچوگيزن، فرينچن وغيره سان لڙهه وچڙ ٿيڻ ڪري، ”پورچوگيز“ وغيره لفظ، سنڌيءَ ۾ اچي ويا آهن. ملبار طرف سان لڙهه وچڙ هئڻ سبب، اسان وٽ اِٽي- ڏڪر راند ۾ دراوڙي انگ چالو ٿيا آهن- ائين به ٻوليءَ تي ٿورو ٿورو اثر ٿئي ٿو.

سبب پنجون کوٽي مناسبت ( False Analogy)

281- ٻوليءَ جي بدلجڻ جو پنجون مکيه سبب آهي ”کوٽي مناسبت“. ڊاڪٽر ڀنڊارڪر ان جا جيڪي مثال ڏنا آهن، تن مان ٿورا هي آهن:

سنسڪرت                         پراڪرت                               سنڌي مصدر

شروُ                                        سُڻ                                         سُڻڻ ٻُڌڻ

جڃا                                       ڄاڻ                                        ڄاڻڻ

سنسڪرت ۾ ”شروُ“ معنيٰ ”ٻُڌڻ“، ۽ ”شرڻوتي“ معنيٰ ”هُو ٻُڌي ٿو“. اهڙيءَ طرح ”شروُ“ ڌاتوءَ جي پٺيان ”ن“ (ڻ) رڳو زمان حال ۽ ٻين ٽن زمانن ۾ گڏبو آهي. پراڪرت ڳالهائيندڙن کي اهو پتو ڪونه پيو، ته ڪهڙن زمانن ۾ اهو”ن“ (ڻ) گڏڻ گهرجي. هنن ڇڪي مستقبل، اسم مفعول وغيره ۾ به ائين ڪيو، جنهنڪري هينئر ”سڻڻ“ لفظ جو ڌاتو ڄڻ ته ”سڻ“ آهي، نه ته حقيقت ڪري ”شروُ“ آهي. ائين ڄاڻ- ڄاڻڻ، وڪڻ-وڪڻڻ وغيره جي ڌاتن ۾ بالائي ”ڻ“ کوٽيءَ مناسبت ڪري اچي ويو آهي. هن وقت سنڌيءَ ۾ به ڪي ماڻهو کوٽيءَ مناسبت تي هلن ٿا- ڏسڻ مان ڏسجڻ، ۽ پسڻ مان پسجڻ لفظ جڙيا آهن، ته انهيءَ نموني ڪي ”لڀڻ“مان”لڀجڻ“ٺاهي ڪم آڻين ٿا- جهڙوڪ چون ته ”مون کان ڪتاب لڀجي ئي نٿو“.هيءَ غلط سنڌي آهي، چوڻ کپي ”لڀيئي نٿو“ ”لهڻ“ معروف۽”لڀڻ“ مجهول صورت وارو فعل آهي،تنهن ۾ مجهول جي نشاني ”ج“ گڏڻ،سو ٿيو فعل کي ٻيو ڀيرو مجهول صورت وارو ڪرڻ!

مطلب ته ماڻهن کي جيئن سولو سهنجو لڳي ٿو، تيئن هڪڙن لفظن جي نموني ٻيا آڻين! ڊاڪٽر ڀنڊارڪر انهيءَ کي سڏيو آهي:

 The law of false analogies, or of the generalization of grammatical forms, or formal genralisation.

بگاڙو معنيٰ واڌارو

282- ٻوليءَ جو بگاڙو جنهن کي چئجي ٿو، تنهن ۾ سچ پچ ته ٻوليءَ جو واڌارو آهي: سنسڪرت ۾ جيڪڏهن بگاڙو نه ٿئي ها، ته هيڏو ”ڌيئن جو ڌڻ“ (هندي، سنڌي وغيره) ڪيئن ڄڻي ها؟ هيءَ ته ٻولي آهي، پر رڳو لفظن جي بگڙجڻ ڪري به گهڻو ئي واڌارو ٿئي ٿو- وٺو مثال:

(1) ”تلڪ“ *،لفظ جو هندو ماڻهو پيشانيءَ تي ڏين ٿا، تنهن جا بگڙيل اچار: ”ٽِڪڙو“ (منهن ڏسي ٽڪڙو ڏيڻ)، ”ٽُڪرو“ (کائڻ وغيره جو)، ”ٽِڪَ“ (منڊيءَ جي، يا آرسي جي)، ”ٽِڪي“ مٺاڻ يا پٽاٽي وغيره جي)، ”ٽِڪلي“ (ٽپال وغيره جي)، ”ٽِڪلَ“ (وڏو لغڙ جو ٽڪ ٻڌي بيهي)، ”ٽِڪلي“ (ڪاغذ جي گول چتي)، ”ٽِلوُ“ ۽ ٽلي“ (ٽلو مل ۽ ٽلي ٻائي) آهن- هنن سڀني لفظن ۾ گولائيءَ جو خيال سمايل آهي.

(2) سنسڪرت لفظ ”چڪر“ (Chakara) معنيٰ چڪرو يا ڦيٿو- انهيءَ لفظ سنڌيءَ ۾ هيٺيون صورتون ورتيون آهن: چَڪَرِ، چَڪرو، چاڪ ۽ چيِڪلو(ڦيٿو) ، ڍڪرُ (گهمتاري) ، چَڪِ (ڪنڀار جو)، چَڪي (جانڊهه)، چڪلو (مانين ويلڻ لاءِ)، ۽ چيڪِلي (ڦيري پائڻ جي راند)- هنن سڀني لفظن ۾ به گولائيءَ جو خيال سمايل آهي. اهڙا مثال ٻيا به گهڻيئي آهن.

283- سنسڪرت لفظ ”وتسيه“، جا بگڙيل اچار: ”وَڇَ“ (مذڪر- پاڏو)، ”ٻٺڙو“ آهن. فارسيءَ ۾ ”وتسيه“ جو اچار ”بچه“ آهي. اهو فارسي لفظ سنڌيءَ ۾ آيو آهي، ته انهيءَ مان ”ٻَچو“، ”ٻچٽ“، ”ٻچڙو“،”ٻچيلو“ ۽ ”ٻچڙوال“ (ٻارن- ٻچن وارو) لفظ ٺهيا آهن. فارسي لفظ ”بچه“ سنڌيءَ ۾ آيو آهي، ته اسان کي ڪس ڪانه لڳي آهي- ڌاريا لفظ ٻوليءَ ۾ اچن ٿا، ته ٻولي برابر چُوچُو جو مربو ٿي پوي ٿي، پر ساڳئي وقت ٻوليءَ ۾ واڌ ٿئي ٿي. انگريزي ٻولي نهايت وسيع آهي، ته به جنگل، نوٽ، جمخانا (جماعتخانه) ۽ اسان جا ٻيا ڪيترائي ڏيهي لفظ ان ۾ اچي ويا آهن. عربي ۽ سنسڪرت پوتر ڀاشائون يا مقدس ٻوليون آهن، ته به انهن ۾ ڪي يوناني ۽ ٻيا لفظ اچي ويا آهن- مطلب ته سڀ ٻوليون ٻين ٻولين مان ڪي نه ڪي لفظ وٺن ٿيون، ۽ ڪابه ٻولي ڌارين لفظن کان آجي ڪانهي، تنهنڪري عربي ۽ سنسڪرت لفظن کي سنڌيءَ ۾ اچڻ کان روڪ ڪرڻ، پنهنجي تنگدلي ڏيکارڻي آهي. اهو ٿيندو ٻوليءَ جي واڌاري کي روڪڻ! جيڪڏهن ڪو ڳرا ڳرا عربي يا سنسڪرت لفظ سنڌيءَ ۾ گهلي آڻيندو، ۽ جي عام خلق جي ڪَن کي ئي ڪين وڻندا، ته ٻولي انهن کي هرگز چالو ٿيڻ نه ڏيندي!

284- لفظن جي ڳالهه ڇڏي، هاڻ اچو ته ڏسون ته ٻوليءَ ۾ ڪهڙو بگاڙو ۽ واڌارو ٿيو آهي؟ اسان کي رواجي گرامرن وارا قاعدا ڄاڻائڻا ڪينهن، پر رڳو ٻوليءَ جي تاڃي ۽ پيٽو جاچڻا آهن، جن ۾ اکرن ۽ اچارن سان لاڳاپو رکندڙ ڳالهيون (Phonology)، ۽ ٻوليءَ جي نحوي بناوت سان لاڳاپو رکندڙ ڳالهيون (Morphology) ويچارڻيون آهن.


 

*  Godly = Godlike. God-liness= god-like-ness.

*  ”تلڪ“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”ننڍڙو تر“. هندو پنهنجي پيشانيءَ تي سِنڌر وغيره سان ننڍڙو گول چڪرو (تر جيترو) ڪڍندا آهن. (تِل = تِل+ ڪ).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org