ڀاڱو ٻيون
باب پهريون
ٻين
ٻولين سان ناتو
ٻوليءَ جو بنياد ۽ خاندان
80- سنڌي ٻوليءَ بابت هن کان اڳ جيڪي چيو ويو آهي،
تنهن مان معلوم ٿيندو، ته اسان جي پرڳڻي جي ٻوليءَ
جو بنياد سنسڪرت مان آهي. سنسڪرت مان اول پالي ۽
ڪي پراڪرت ٻوليون پيدا ٿيون، جي هندستان جي جدا
جدا ڀاڱن ۾ ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون. سمي پائي اهي
سڀيئي’اپڀرنش‘ ٿيون يعني بگڙيون. اهي بگڙيل پراڪرت
ٻوليون ڦِري، هاڻوڪيون هندي، گجراتي وغيره ٻوليون
ٿيون آهن. سنڌ ۾ جيڪا شوُرسيني پراڪرت جي نموني
ٻولي چالو هئي، سا وڌيڪ بگڙيل هئي، تنهنڪري اها
’وراچڊ اپڀرنش‘ يا گهڻو بڙيل پراڪرت سڏجڻ ۾ آئي ۾
اها ڦِري هاڻوڪي سنڌي ٻولي ٿي، جا اٽڪل سنه 1100ع
کان وٺي ڌار ٻولي ٿي ڪم اچڻ لڳي. سنڌي، هندي
گجراتي وغيره به اٽڪل روءِ ساڳي ئي سال ۾ پيدا
ٿيون. تنهنڪري اهي سڀ پاڻ ۾ جاڙيون ڀينرون چئبيون.
انهن سڀني جي بنياد جي تاريخ اهڙيءَ طرح ڳنڍي ڳُتي
پيئي آهي، جو منجهائن ڪهڙيءَ به هڪڙيءَ جي ذڪر ڪرڻ
لاءِ سڀني جو ذڪر گڏي ڪرڻو پوي ٿو. اهي سڀ سنسڪرت
مان پيدا ٿيون آهن، ۽ سنسڪرت جو ناتو ايراني ۽
ڪيترين يوروپي ٻولين سان آهي. اهي سڀيئي ڳالهيون
ڳڻي چئبو، ته سنڌي ڪا ڇوري ڇني ٻولي ڪانهي، پر
نهايت بُڻائتي آهي. ان جو نسل انهيءَ عالي خاندان
سان وڃي لڳي ٿهو، جنهن جون لامون هندستان، ايران،
وچ ايشيا ۽ يورپ جي ڳچ ڀاڱي ۾ کتل آهن ۽ اهو
’انڊو- يوروپين‘ خاندان سڏجي ٿو.
مکيه دفعو- سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻولي
81- سنڌي ۽ ٻيون ڏيهي آريه ٻوليون، جي سنسڪرت مان
ڦٽي نڪتيون آهن، تن کي عالمن جدا جدا دفعن ۾
ورهايو آهي ۽ جنهن جنهن هنڌ اهي ڳالهائڻ ۾ اچن
ٿيون، تنهن تنهن هنڌ جو نالو هر هڪ دفعي تي رکيو
اٿن. مثلاً ڏاکڻي دفعي ۾ مراهٽي ۽ وچولي دفعي ۾
هندي، پنجابي، راجسٿاني ۽ گجراتي ٻوليون ليکيون
اٿن. هندستان جي بنهه اتر-اولهه طرف جيڪي ٻوليون
مروج آهن، تن کي ’اتر- اولهه دفعو‘ (
The North-western Group)
سڏيو اٿن. انهيءَ دفعي ۾ (1) سنڌي (2)لهندا،
ٻوليون شمار ڪيون اٿن.
82-’لهندو‘لفظ اصل ۾ آهي’اُلهندو‘۽ خاص طرح معنيٰ
اٿس ’پنجاب جو الهندو طرف‘، ۽ اتي جي ٻولي ’لهندا‘
يعني پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي سڏجي ٿي. اها
ملتان ڏي ملتاني، بهاولپور ڏي بهاولپوري، ۽ سنڌ ۾
سرائڪي سڏجي ٿي.
83- ’سرائڪي ٻولي‘ معنيٰ سنڌ توڙي سنڌوندي جي سري
يعني مٿئين ڀاڱي جي ٻولي. سنڌ جو سِرو يا اتر وارو
پاسو (جيڪب آباد طرف) ٻروچڪو ملڪ آهي، تنهنڪري اها
’ٻروچڪي‘ به سڏجي ٿي. سنڌ ۾ جَت اڪثر اها ٻولي
ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري اها جَتڪي به ڪوٺجي ٿي.
84- سرائڪيءَ جو ٻيو نمونو آهي ’اُڀي جي ٻولي‘.
پنجاب جو ڏاکڻون ڀاڱو، بهاولپور جي حد کان وٺي سنڌ
جي اتر واري ڀاڱي (اُٻاوڙي ۽ گهوٽڪيءَ طرف)
تائين.’اُڀو‘ سڏجي ٿو.’اُڀو‘ معنيٰ مٿيون
پاسو(درياءَ جي وهڪ جو). ان جو ضد آهي ’لمو‘ معنيٰ
ڏاکڻو يا هيٺاهون ڀاڱو. اُڀي جي ٻولي اُٻاوڙي،
گهوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلي طرف چالو آهي، جتي اٽڪل ڏهه
هزار ٻروچ ڪن ڪسابن کان بهاولپور کان لڏي اچي رهيا
آهن. (لنگئسٽڪ سروي، جلد 8، ڀاڱو1: صفحو 360). اها
اُڀي جي ٻولي سرائڪيءَ کان ڪجهه قدر ڦريل آهي.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڀاڳناري ۽ جيڪب آباد ۽ شڪارپور
طرف جا ڀاڳي، ناريوال، ڇاٽي، روپاهي ۽ ٻيا ڪيترا
هندو، جي اصل قلات طرفان آيا آهن، سي اڄ تائين
زالين مڙسين، ٻارين ٻچين، سرائڪي ۽ سنڌي ٻيئي
ٻوليون ڳالهائيندا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ جملي هڪ
لک کن ماڻهو سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻولي ڳالهائين ٿا.
(لنگئسٽڪ سروي جلد 8، ڀاڱو 1، صفحو 5).
85-سرائڪيءَ ۽ اُڀي جي ٻوليءَ جو جگري ناتو پنجاب
جي ’لهندا‘ ٻوليءَ سان آهي، اهي سڀ داردڪ بنياد
جون آهن ۽ پئشاچ لوڪن جي پئشاچي پراڪرت مان پيدا
ٿيل آهن، تنهن ڪري اسان جي سنڌي ٻوليءَ سان جگري
ناتو ڪو نه اٿن. پر ’لهندا‘ ۽ ’سنڌي‘ ٻئي هندستان
جي بنهه اتر- اولهه طرف چالو آهن ۽ رڳو انهيءَ سبب
انهن جو هڪ يڪو دفعو ليکيو اٿن.
سنڌي ٻولي ڪٿي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي
86- سنڌي ٻولي قديم وڏيءَ سنڌ جي ٻولي آهي، جنهن
جون حدون ڪشمير کان وٺي گجرات جي سورت شهر تائين
هيون، جنهنڪري پنجاب جو ڳچ ڀاڱو: راجپوتانا، سڄو
ڪڇ علائقو ۽ ڪاٺياواڙ جو اتر وارو ڀاڱو سنڌ ۾ اچي
ٿي ويا. هوڏانهن افغانستان ۽ بلوچستان جا ڪي پاسا،
لسٻيلي ۽ مڪران سميت، سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا. انهن
سڀني هنڌ اسان جن سنڌي ماڻهن راڄ ٿي ڪيو، جنهنڪري
سنڌي ٻولي انهن پاسن ڏي چالو ٿي، بهاولپور ۽ ملتان
جي حدن تائين هن وقت بهاولپوري ۽ ملتاني ٻوليون
چالو آهن، ته به انهيءَ اتر طرف ڪيترا سنڌي
ڳالهائين ٿا. هوڏانهن بلوچستان طرف لسٻيلي ۾، ته
هيڏانهن ڪَڇ ڀُڄ ۽ ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي
تائين، سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، مطلب ته سنڌي ٻولي
هاڻوڪيءَ سنڌ جي چئني حدن کان گهڻو پري بلوچستان،
پنجاب ۽ گجرات جي حدن ۾ دخل ڪري بيٺي آهي. سنڌي
ٻوليءَ جون اهي حدون اڄ تائين قديم وڏي سنڌ جي حدن
جا اهڃاڻ ڏين ٿيون. مطلب ته ’سنڌي ٻولي‘ جنهن کي
چئجي ٿو، سا قديم وڏيءَ سنڌ جي ٻولي آهي، ۽ نه
هاڻوڪي محدود پرڳڻي جي.
87- سرگريئرسن ڄاڻايو آهي، ته سنڌ مان ڪي سنڌي
هجرت ڪري (لڏ پلاڻي) گنگا نديءَ جي اتر واري دوآبي
ڏي وڃي رهيا آهن، ته اتي جي رهاڪن سان لڙهه وچڙ ۾
اچڻ ڪري سندين ٻولي بگڙجي هڪ نئين قسم جي ٻولي ٿي
پيئي آهي، پر بنياد سنڌي اٿس. وڌيڪ هيئن چيو اٿس،
ته لڏ پلاڻ سبب ٻوليءَ ۾ ڪيئن ڦير پوي ٿو ۽ ڪنهن
فرقي يا قوم جي اُپڀاشا (Tribal
dialect)
ڪيئن ٺهي ٿي، تنهن جو هيءُ عمدو مثال آهي.
مصنف کي پڇائن مان معلوم ٿيو آهي، ته اهي سنڌي اصل
شڪارپور جي انصاري آڪهه وارن جا مائٽ آهن، ته به
اڄ تائين شادي غميءَ ۾ توڙي ٻين وقتن تي هڪٻئي وٽ
ايندا ويندا آهن. اهي جيڪا سنڌي ڳالهائين ٿا، سا
لهندا (سرائڪي) ۽ پنجابي نموني جي آهي، ته به ڪي
سنڌي لفظ ڪم آڻين ٿا، مثلاً: هندي يا پنجابي حرف
’ڪا‘ بدران’جو‘ اضافت ڪتب آڻين ٿا.
سنڌيءَ جو سرائڪي ۽ داردڪ ٻولين سان ناتو
88- صدين کان سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير جا رهاڪو هڪٻئي
سان گهڻو لڙهه وچڙ ۾ آيا آهن، ۽ خود ڪشمير وارو
پاسو، پنجاب سميت، ڪيترو وقت سنڌ جي حڪومت هيٺ ٿو،
تنهنڪري سنڌيءَ جو انهن ٻولين سان ججهو ناتو ٿيو
آهي. اڄ به ڏسو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اتر ڏي
اُٻاوڙي طرف سرائڪي يا اُڀي جي ٻوليءَ جو نمونو
اختيار ڪندي، بهاولپور ڏي به اهو ئي بيک ڌاريندي،
ملتاني ٻوليءَ سان وڃي گڏي آهي، ۽ ملتاني، لاهور ۽
امرتسر طرف، اَڻلَکي طرح ڦرندي وڃي پنجابيءَ سان
گڏي آهي، جنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو، ته سرائڪي
ٻولي ڄڻ ته وچون ڏاڪو يا وچ واري ڪڙي آهي، جا
سنڌيءَ کي پنجابيءَ سان ڳنڍي ٿي، ۽ پنجابي ٻولي
اتر ڏي ڪشميريءَ سان وڃي گڏي آهي. انهيءَ ريت سنڌ
کان وٺي ڪشمير تائين ٻولين جا پاڻ ۾ ڪڙو ڪڙي سان
ڳنڍيو پيو آهي. ٻولين جي انهيءَ ناتي مان اهو به
سمجهي سگهجي ٿو، ته آڳاٽا پئشاچ لوڪ اهائي واٽ وڍي
آيا هئا يعني ڪشمير کان پنجاب ۽ باهولپور ۾ بيٺڪون
وجهندا، ۽ پوءِ سنڌ ۾ پنهنجا ماڳ جوڙي اچي ويٺا
هئا. هن وقت جيتوڻيڪ انهن سڀني هنڌن جون ٻوليون
پنهنجي پنهنجي نموني آهن، ته به اُچارن ۽ نحوي
بناوت (Grammatical
formation)
۾ هڪٻئي سان گهڻيون مشابهت رکن ٿيون. اهي ڳالهيون
مناسب هنڌن تي کولي ٻڌائبيون. انهن جي پڪي يادداشت
ضميمي ٻئي ۾ ڏني ويئي آهي. هتي رڳو چئن مکيه
ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو.
89- سنڌيءَ ۾ ٻه، ڄ، ڏ ۽ ڳ اهي چار نج سنڌي اکر
ليکيا وڃن ٿا. انهن مان ڪو به اکر جنهن لفظ ۾
ايندو آهي سو نج سنڌي ليکيو ويندو آهي. مثلاً: ڄڃ،
ٻڌڻ، ڏيڻ، ڳڱ. اهي چارئي اکر نڪي سنسڪرت ۾ نڪي
ڪنهن پراڪرت ٻوليءَ ۾ آهن. ته پوءِ اسان ڪٿان
آندا؟ پڌرو پيو آهي، ته سرائڪي ڳالهائيندڙن سان
نهايت قديم زماني کان وٺي، ويندي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي
صاحبين تائين، گهڻو لڙهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري کانئن سکيا
آهيون. سرائڪي ۾ چارئي اکر آهن. مثلاً:
دم دم سان ڏي دل تي سڄڻان ديان ڳالهيان،
ڏاڍا فــــراق لــڳــــڙا، بــرهه باهــيــان
ٻــالـيــــان. (بيڪس)
هتي ڏسو ته ’ٻاليان‘ ۾’ٻ‘، سڄڻان‘ ۾ ’ڄ‘ ’اسان ڏي
۽ ڏاڍي‘ لفظن ۾ ’ڏ‘ ۽ ’ڳالهيان‘ ۾ ’ڳ‘ آهي. ٻيا
مثال:
هندي سرائڪي سنڌي
دينا
ڏيوڻ ڏيڻ
دانت
ڏند ڏند
ديکنا
ڏيکڻ ڏسڻ
اهڙا به ڪيترا مثال آهن جن ۾ ’ڙ‘ بدران سنڌي توڙي
سرائڪيءَ ۾’ڏ‘ جو اُچار آهي. مثلاً: هندي لفظن
’گاڙي‘ ۽ ڪؤڙي بدران سرائڪيءَ توڙي سنڌيءَ ۾ چون
’گاڏي‘ ۽ ’ڪوڏي‘. سرائڪي ڳالهائيندڙ انهيءَ ريت
’ر‘ کي به مٽي ’ڏ‘ ڪندا آهن. مثلاً: هندستاني
’ميرا‘ ۽ ’تيرا‘ بدران چون ’ميڏا‘ ۽ ’تيڏا‘. هن
مان ظاهر آهي، ته اها عادت سرائڪيءَ ۾ زور آهي.
ديري اسماعيل خان پاسي به ’د‘ بدران ’ڏ‘ چوندا
آهن. مثلاً: دادا، دال ۽ دو بدران چون ڏاڏا، ڏال ۽
ڏون معنيٰ ٻه. اهو ساڳو نمونو ملتاني، سرائڪي ۽
سنڌيءَ ۾ به آهي:
’ڏينهن مڙيئي ڏون،اُٿي لوچ لطيف چوي‘ (شاهه).
هاڻ ته هيڪاري ظاهر آهي، ته هن ڳالهه ۾ سنڌي
ٻوليءَ تي داردڪ ٻولين جو اهو اثر ٿيو آهي. انهيءَ
اثر جي وڌيڪ اُپٽار ’سنڌي صرف جي اصولن‘ جي ذڪر
ڪندي ڪبي.
90- هندي ۽ ٻين ڪيترين ڏيهي ٻولين ۾ هيءُ عام
قاعدو آهي ته ’ت‘ اکر جڏهن ٻن علت حرفن جي وچ ۾
ايندو آهي، تڏهن حذف يا گم ٿيندو آهي يعني لفظن
مان نڪري ويندو آهي. مثلاً: سنسڪرت لفظ ’ڪر‘ (Kri)
معنيٰ ڪرڻ، ’ڪرت‘ معنيٰ ڪيو. سرائڪيءَ ۾ چون
’ڪيتا‘ پر هندستاني ۾ چون ’ڪيئا‘. ساڳيءَ طرح
سرائڪيءَ ۽ پنجابيءَ ۾ چون ’سيتا‘، پر هندستانيءَ
۾ ’سيئا‘- سنڌيءَ ۾ ائين ’ڇُهڻ‘ مان ’ڇُتو‘
(هندستاني ڇوٽا) پيئڻ مان ’پيتو‘ (هندستاني
’پيتا‘)، ڄاڻڻ مان ڄاتو (سنسڪرت ’جڄاتڪ‘) سڃاڻن
مان ’سڃاتو‘ (سنسڪرت ’سمجڃاتڪ‘) چئون ٿا. سرائڪي ۽
پنجابي وانگر ’ت‘ جو اچار ڪيترين حالتن ۾ قائم
رکون ٿا، جنهنڪري سنڌيءَ ۾ بيقاعدي اسم مفعول تمام
گهڻا آهن. هندستاني ۾ بيقاعدي جڙيل اسم مفعول ڏهه
به مشڪل لڀندا، جن مان هيءُ عام آهن:- ڪرنا- ڪيا،
مرنا-مئا، لينا- ليا، دينا- ديا ۽ جانا- گيا. لاڙ
۾ ڪن ظرفن جي وچ مان ’ت‘ اکر ڪڍيو ڇڏين. مثلاً:
’اتان- ائا، تتان- تئان، جتان- جئان بلڪ. ’ڪٿان‘
بدران چون ’ڪئان‘. مثلاً:
’ڪئان سکين سپرين ڪاسائڪي ڪار‘ (شاهه)
91-ضميري پڇاڙيون رڳو ڪشميريءَ،لهندا، سرائڪيءَ ۽
سنڌيءَ ۾ آهن. مثلاً: ڪشميري ’مورم‘، سرائڪي
’ماريم‘(ماري- م) ۽ سنڌي ’مارتم‘ معنيٰ مون ماريو.
اهي پڇاڙيون انهن ٻولين کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به
ٻوليءَ (هندي وغيره) ۾ ڪينهن؛ پر ايراني ٻولين ۾
آهن. انهيءَ سبب چئبو، ته سڄي هندستان ۾ رڳو اسان
جي سنڌي ٻولي هڪ ڳنڍيندڙ ڪڙو يا وچ وارو ڏاڪو آهي،
جا هندستان جي ٻولين کي ايراني ٻولين سان ڳنڍي
بيٺي آهي.
سنڌ جو بلوچي ۽ پشتو تي اثر
92- ويدن واري زماني کان وٺي سنڌ ۽ گنڌار(قنڌار)
جي ماڻهن جي پاڻ ۾ گهڻي لڙهه وچڙ هئي. انهيءَ کان
پوءِ به هندن جي صاحبيءَ ۾ افغانستان ۽ بلوچستان
جا ڪجهه ڀاڱا سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا. انهن سببن ڪري
سنڌيءَ جو بلوچي ۽ پشتو تي گهڻو اثر ٿيو، جو ضميمي
ٽئين ۽ چوٿين ۾ ڄاڻايو ويو آهي.سنڌي ٻولي اڄ تائين
لسٻيلي (بلوچستان) ۾ ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي ۽ اها سنڌي
ٻوليءَ جي هڪ اپڀاشا يا ننڍو دفعو (Dialect)
ليکجي ٿي.
سنڌ جو گجرات ۽ راجسٿان سان ناتو
93- قديم زماني ۾ گجرات ۽ راجسٿان وارا سنڌ حڪومت
هيٺ هئا. ڪڇ جو راءُ جاڙيجن جي نسل مان آهي.
انهيءَ خاندان جو بنياد وجهندڙ جاڙو ولد لاکو ننگر
ٺٽي جو ويٺل هو ۽ ذات جو سمو هو. اڄ تائين ٿر
ڊويزن جي ماڻهن جون مٽيون مائٽيون ڪڇ ۽ گجرات وارن
سان آهن. انهن سببن ڪري سنڌي ٻولي ڪڇ ۾ چالو ٿي،
جا اڄ تائين اتي جا ڪيترا ماڻهو ڳالهائين ٿا.
’ڪڇڪي‘ ٻولي سنڌيءَ جي هڪ اپڀاشا (Dialect)
ليکجي ٿي.
94- سنڌ ۾ راءُ ڏياچ (راءُ دَياس) ۽ سورٺ جو قصو
مشهور آهي. اهو راءُ ڏياچ، جو سنه 1010ع ۾ پنهنجو
سونهارو سر ڏيئي، ڪاٺياواڙ جي تاريخ جا ورق پنهنجي
رت سان رڱي ويو، سو سنڌ جي چوُڙا سما راجپوتن مان
هو. اهڙن لاڳاپن ڪري سنڌي ٻولي ايڏاهين چالو ٿي،
جا اڄ تائين ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ
۾ اچي ٿي ۽ ’ڪڇڪي‘ سنڌيءَ جي هڪ ننڍي شاخ ليکجي
ٿي. انهيءَ پاسي ڪڇڪي سنڌي اَڻلکي طرح ڦرندي ڦرندي
گجراتي ٻوليءَ جي اُپڀاشائن سان وڇي گڏي آهي.
انهيءَ مان سمجهجي ٿو، ته گجرات ۽ سنڌ جي ٻوليءَ
جي وچ ۾ ڪا ٻي ٻولي به چالو هئي، جنهن انهن ٻنهي
کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ٿي.
95- ٿر ڊويزن ڏي سنڌي ٻولي راجسٿاني (مارواڙي
وغيره) سان وڃي گڏي آهي. خود مارواڙ ۾ ڪيترا سنڌي
به ڳالهائين، ته مارواڙي به ڳالهائين. ائين سنڌيءَ
جا ڪيترا لفظ مارواڙيءَ ۾ ۽ مارواڙيءَ جا سنڌي ۾
اچي ويا آهن. انهيءَ هوندي به هن پاسي سنڌي ٻولي
پنهنجو پاڻ جهلي بيٺي آهي ۽ ڦري مارواڙي ڪين ٿي
آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو اسٿان
(Position)
96- مٿي جيڪي چيو ويو آهي، تنهن مان معلوم ٿيندو
ته سنڌي ٻولي اتر ڏي اڻلکي طرح ڦرندي ڦرندي وڃي
ملتانيءَ سان گڏي آهي. ساڳيءَ طرح ڪڇ ڪاٺياواڙ ڏي
گجراتيءَ سان ملي ويئي آهي، پر مارواڙ ۽ لسٻيلي
طرف پنهنجو پاڻ جهلي بيٺي آهي.
|